سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:11 

بادل جمالي 

 

 

 

اَرڏايون عشق جون

 

پي.ٽي.وي ڪراچي مرڪز جي سڀ کان وڏي اسٽوڊيو D ۾ نون پروڊيوسرن جي چونڊ لاءِ، ٽيسٽ شروع ٿي چڪي هئي. ٽي سؤ کن سيٽن واري هال ۾، اميدوار پنهنجين سيٽن تي ويهي، سواليه پرچي کي غور سان ڏسي رهيا هئا، ڪجهه سيٽون خالي به هيون، جن جا اميدوار نه پهچي سگهيا هئا. ٽيسٽ جي نگراني ڪرڻ لاءِ، ڪنٽرولر ايڊمنسٽريشن وڙائچ صاحب، خصوصي طور اسلام آباد کان آيل هو. وال ڪلاڪ ۾ 10.10 منٽ ٿي رهيا هئا، ٺيڪ ان وقت بلو ورديءَ ۾ ٽي.ويءَ جو سيڪورٽي گارڊ، هڪ سمارٽ ڇوڪريءَ کي وٺي اندر داخل ٿيو. زور سان سليوٽ ڪري چيائين:

”سر، هيءَ محترمه ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ آئي آهي.“

”گڊمارننگ سر.“

سنڌي اَجرڪ واري ڊزائن جي رئي پاتل ڇوڪريءَ سلام ڪيو، پر جواب ڪونه مليس. چهري تي پريشانيءَ جا آثار نمايان هئس. ڪنٽرولر صاحب رجسٽر۾ لکندي، منهن مٿي ڪرڻ کان سواءِ پڇيو:

”جي بيبي؟“

”سر، منهنجو نالو، مس شينا حسين آهي. ڪنڊيڊيٽ آهيان ٽيسٽ لاءِ، ٽريفڪ جي ڪري پهچڻ ۾ ٿوري دير ٿي ويئي. ساري سر!“ هن سلپ ٽيبل تي رکندي چيو. ”ٿوري دير نه، بيبي پورا ڏهه منٽ گذري چڪا آهن.“ هن رجسٽر بند ڪندي چيو. ”هي ٽرين ته اوهان کان مس ٿي ويئي. هاڻي ايندڙ ٽرين جو انتظار ڪريو.“

”سر، مان پري کان آئي آهيان، گارڊن ويسٽ کان. پليز مون کي مايوس نه ڪريو سر.“

”ايڪسڪيوزمي سر!“ اوچتو ٽين قطار مان ڪو نوجوان اٿي بيٺو.

”سر، محترمه کي ٽيسٽ ۾ ويهڻ ڏيو. اڃا ته پندرنهن منٽ به نه گذريا آهن، ايترو مارجن ته ٽيسٽ ۾ ڏنو ٿو وڃي، سر.“

”اي مسٽر، توهان پنهنجو ڪم ڪريو. ٻئي جي وڪالت ڪري پنهنجو وقت برباد نه ڪريو.“

”هن جي ڪيريئر جو سوال آهي سر، ٽرين اڃا اسٽيشن تي موجود آهي.“

”مان چئي چڪو آهيان، توهان پنهنجي ڪم سان ڪم رکو.“

آفيسر خفا ٿيندي چيو.

”سر هيءَ محترمه، ڪراچيءَ جا ٽي ضلعا لتاڙي هتي پهتي آهي. صبح سان شهر ۾ ٽريفڪ جام جي جيڪا حالت هوندي آهي، ان کان ته سر اوهان به واقف هوندؤ. هِن ڄاڻي واڻي ته دير نه ڪئي هوندي....“

”ڏسو مسٽر، توهان تقرير ڪري، ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو. دس از دَ لاسٽ وارننگ ٽو يو، اوڪي؟“

”سر، هن کان رڳو ٻه منٽ اڳ، جينز ۽ ٽِي شرٽ پاتل ڇوڪري آئي هئي، ان کي ته اوهان خوشيءَ سان ويهڻ ڏنو هو. ڪٿي هن کي پاتل ”اَجرڪ“ جو رئو ته اوهان کي ڊسٽرب نه پيو ڪري؟“

”لباس کي اِشو نه بنايو پليز! سوچيو اٿوَ، ته ڇا پيا چئو؟“

اجرڪ واري جملي تي آفيسر تڙپي پيو. اميدوار به ان نُڪتي کي ئي پڪڙيو.

”لباس جوئي ته مسئلو آهي سر، ٿورو سوچيو، هيءُ معاملو جڏهن ميڊيا تي ايندو، ته ”اجرڪ پاتل ڇوڪريءَ کي ٽيسٽ ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو،“ ته ان جو رد عمل ڇا ٿيندو؟ سڄي ذميداري اوهان جي مٿان ايندي سر....!!“

هال مان ڪجهه ٻيا نوجوان به اٿي بيٺا، انهن به اِن مطالبي جي حق ۾ آواز بلند ڪيو. ماحول کي بگڙندي ڏسي، مجبوراً آفيسر کي ضد تان لهڻو پيو.

”اچو محترمه، ويهو پنهنجيءَ سيٽ تي.“

وڏو شوڪارو ڀري، سندس سلپ ڏسي، لسٽ ۾ نالو ٽِڪ ڪري هن کيس پيپر ڏنو. ”ٿئنڪيو سر“ چئي، هُوءَ سيٽ تي وڃي ويٺي...... هڪ بجي وقت ختم ٿيو، ته هوريان هوريان سڀ نڪرڻ لڳا. شينا نظر ڦيرائي، ان نوجوان کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هُو ڪجهه دير اڳ ۾ نڪري چڪو هو. پنهنجي محسن کي ٿورو نه مڃي سگهڻ جو افسوس کڻي، هوءَ گهر پهتي. ماءُ کي سڄي حقيقت تفصيل سان ٻڌايائين، ته اها به نوجوان جي ڪردار کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهي.

”پڪ ئي پڪ اهو نوجوان سنڌي هوندو پٽ، جو اجرڪ تي غيرت کاڌائين، نه ته پرائي ڦڏي ۾ ڪير ٿو پوي. ڪڏهن ڪٿي ملي وڃي ته ٿئنڪيو چئي ڇڏجانس.“

ٽيسٽ کي هفتو گذري ويو، پر نوجوان هن کي نه ملي سگهيو..... هڪ شام هوءَ ماءُ سان گڏ ڪٿي وڃڻ لاءِ نڪتي. گارڊن ايسٽ واري روڊ تان گذرندي هنڊا 125 تي سوار ڪو نوجوان، تيزيءَ سان هِنن جي ڀر مان گذريو، ته شينا کان رڙ نڪري ويئي.

”اهو ئي آهي امي، اهوئي آهي. گاڏي تيز ڪري پڄينس....!“

”ڪير آهي پٽ، ڪنهن کي پڄان، ڇرڪ ڀرائي ڇڏيئي.....“

”اهو ڪاري شرٽ وارو بائيڪ تي وڃي پيو، اهوئي آهي منهنجو ٽيسٽ وارو وڪيل. گاڏي تيز ڪر نه...“

”ڪيتري تيز ڪريان پُٽ، گاڏي گاڏيءَ سان ملي پئي آهي. ايڪسيڊنٽ ڪرائيندينءَ ڇا؟ اڳيان سگنل تي هلي بيهندو، ته پاڻ به پڄي وينداسينس.“

ايم.اي جناح روڊ وارو سگنل کُليل هو. ييلو لائٽ دوران هُو نڪري ويو، ته سنگل بند ٿي ويو. هنن جي گاڏي نڪري نه سگهي. شينا ڪاوڙ مان چپ ڀڪوڙي رهجي ويئي.....

صدر مان گذرندي، هوءَ نظر ڦيرائي کيس ڳوليندي رهي، پر هوا جي گهوڙي تي سوار نوجوان، خبر ناهي ڪهڙي پاسي گم ٿي ويو.

”ڪٿي سِي.وِيو ڏانهن نه ويو هجي.“ هوءَ پنهنجي مُنهن ڀُڻڪي.

”امي ڪلفٽن واري پاسي هل.“

”پٽ، تون ته سچي پچي سيريس پئي لڳين. زندگيءَ ۾ اهڙا واقعا پيش ايندا ٿا رهن. ضروري ڪونهي، ته ماڻهو اٽو ٻڌي ان جي پويان لڳي پوي. ڇڏينس به کڻي.“

”ڇڏيانس ڪيئن امي‘ منهنجي من تي هيڏو سارو بوجهه چڙهيل آهي، جيستائين ملي ”ٿئنڪس“
نٿي چوانس، مون کي سک نه ايندو.“

”تنهنجي مرضي، پر چڱو ڪو نه پئي ڪرين.“

هُوءَ ايڪسپو سينٽر ۾، ”انٽرنيشنل بوڪ فيئر“ ڏسڻ، ماءُ سان گڏ پهتي، دنيا جي وڏن وڏن پبلشرن جي شاندار اسٽالن تي ڪتاب ڏسندي، ورق گرداني ڪندي، رستي جي ٻئي پاسي، ”آڪسفرڊ ڪارنر“ تي ان نوجوان کي بيٺل ڏٺائين، ته اندر مان اڇل اچي ويس. بي قابو ٿي، ماءُ وٽان کِسڪي اتي وڃي نڪتي.

”هيلو سر! مان شينا آهيان. سڃاتو اٿوَ؟“

”اوهه، شينا! ڪيئن آهيو؟“

”سر، پهرئين ٻڌايو، سڃاتو ته اٿوَ نه؟“

”جي جي بلڪل. پي.ٽي.وي واري ٽيسٽ ۾ ملاقات ٿي هئي نه؟“

”جي سر. اوهان جهيڙو ڪري، مون کي اجازت ته ڏياري هئي، پر آئي ايم ساري مان اوهان کي ٿئنڪيو به نه چئي سگهي هيس. توهان جلدي نڪري ويا هئا سر، تڏهن کان لڳاتار مان اوهان کي ڳوليندي ٿي وتان.... سر اچو، مان اوهان کي پنهنجي اميءَ سان ملايان.“

هُو واپس ساڳئي اسٽال تي پهتا، جتي سُرمئي ساڙهي ۽ بلائوز ۾ ملبوس، هڪ باوقار خاتون ڪتاب کنيو بيٺي هئي.

”امي ڏسو، هيءُ آهي منهنجو محسن، منهنجو سر، اڄ نيٺ ملي ويو مون کي.“

”اسلام عليڪم ميڊم.“

”وعليڪم سلام.“

”سر هيءَ آهي منهنجي مڌر، مسز فضيلت حسين. ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.“

”نائيس ٽوميٽ يُو مئڊم.“

”ٿئنڪيو. پٽ، شينا ته اوهان جي تلاش ۾ چري ٿي پئي هئي، اڄ خبر ناهي ڪيئن ملي ويا آهيو هن کي.“

”ان کي اتفاق ئي چئجي، ته غلط نه ٿيندو ميڊم. ورنه مان به هن شهر ۾ ئي هئس.“

”سر، پهرئين پنهنجو نمبر ته ڏيو، ڪٿي ڳالهين ڳالهين ۾ رهجي نه وڃي....“ هوءَ موبائل ڪڍي، نمبر نوٽ ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳي.

”منهنجو خيال آهي، ته ڪٿي هلي ويهجي ٿوري دير لاءِ ٻه ڍڪ چانهه جا به پيجن، ته آرام سان ويهي ڳالهيون به ڪجن.“

”ويري نائيس، امي منهنجو به اِهوئي خيال آهي. ڪيئن سر؟“

”جيڪا اوهان جي مرضي.“

هُو ٿورو اڳتي هلي، ڪافي هائوس ۾ ويٺا. نمبر ايڪسچينج ٿيا، تعارف به ٿيو. ڪافيءَ سان گڏ، گفتگو به ٿيندي رهي.

”سر پاڻ واري ٽيسٽ جي ڪا خبر پئي، ڪڏهن ٿي رزلٽ اچي؟“

”ٻه ڏينهن اڳ، آفيس وارن کان پڇيو هئم. چيائون ته اڃا ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ ٽيسٽ ٿيڻي آهي، ان بعد رزلٽ ٺهندي.“

”پٽ اها ٽيسٽ آخري هئي، يا ان کان پوءِ به ڪو مرحلو هوندو؟“

”ميڊم ٽيسٽ ته آخري هئي، ان ۾ جيڪي پاس ٿيندا، تن کي وري انٽرويو لاءِ اسلام آباد سڏائيندا. ڏکيو مرحلو ته اهو هوندو. مشڪل سان ڏهه ٻارنهن اميد وار ئي ان مان چڙهي سگهندا.“

”ٻڌين پئي شينا؟ روز ٿي چوانءِ ته پنهنجي تياري ڪري وٺ، پر توکي ڪو فڪر ئي ڪونهي.“

”امي، ٽيسٽ ڪليئر ڪيان، ته انٽرويو جي تياري به ڪيان نه. ڪيئن سر؟“

”ڏسو، توهان بار بار ”سر“ چئي مون کي شرمندو ٿيون ڪريو. سر انهن کي چئبو آهي، جيڪي انتهائي قابل ۽ لائق استاد يا عالم ۽ دانشور هوندا آهن. آءٌ هڪ عام نوجوان آهيان. ”سر“ چوائڻ جي لائق نه آهيان.“

”سر، منهنجي لاءِ ته اوهان ”سر“ ئي آهيو. مون کي سر چوڻ ڏيو سر پليز....!“

”مرضي اوهان جي، آهي ته وڏي زوراوري.“

”پٽ، اچو نه ڪيڏي مهل اسان وٽ. شينا کي به ٿورو گائيڊ ڪريو.“

”ضرور اچبو ميڊم، پر اچجي ڪٿي؟“

”گارڊن ويسٽ ۾ پاڪستان ڪوارٽرس آهن، نشتر روڊ تي، اتي پهچي ڪنهن کان به پڇبو، ته پروفيسر اڪبرحسين جوگهر ڪٿي آهي، ته هر ماڻهو اوهان کي ٻڌائيندو. وري به احتياطاً ڪوارٽر نمبر 129- D ياد رکجو.“

”۽ سر، اچڻ کان اڳ، فون ضرور ڪجو.“

***

هفتو سڄو گذري ويو، شينا پنهنجي مهمان جي آجيان لاءِ بيچين رهي، پر هن رابطو نه ڪيو. مجبوراً هن پاڻ ساڻس ڳالهايو.

”سر، مان شينا پئي ڳالهايان.... اڄ اسان وٽ اچي سگهو ٿا سر؟“

”ساري شينا، اڄ ته مشڪل آهي. ڪو ٻيو ٽائيم رکو.... اوهان چؤ سڀاڻي اچي ٿو سگهان؟“

”ڊَن سر! بلڪل ڊَن!!“ هن خوشيءَ مان اڇل کائي، رڙ ڪئي.

”اسان صبح کان ئي اوهان جي انتظار ڪنداسين سر!“

”صبح کان ته نه، شام واري چانهه اوهان سان گڏ پيئندس. ٺيڪ آهي؟“

”ٺيڪ آهي سر، ٿئنڪيو ويري مچ سر....“ هن پرجوش انداز ۾ چيو.

”ڇا چيو آهي تنهنجي سر، ڪجهه اسان کي به ٻڌاءِ مائي.“

”امي، سر اسان جي دعوت قبول ڪئي آهي. سڀاڻي شام واري چانهه، اسان سان گڏ پيئندو“ هن يڪساهيءَ چيو.

”ويري گُڊ. پر لنچ تي اچي ها، ته مزو ٿئي ها نه.“

”ايندو، ايندو، لنچ تي به ضرور ايندو. هڪ دفعو اچي ته سهي!“

”توکي ٽائيم ملي ويو آهي. هينئر کان ئي تياريون شروع ڪري ڇڏ.“

ماءُ ۽ ڌيءُ ان وقت ئي تيارين ۾ لڳي ويون. ڪم واري مائيءَ کي به مدد لاءِ روڪي ورتائون.... شام تائين چڱو ڪم اُڪلائي ورتائون. رات دير تائين پاڻ ۾ صلاحون ۽ رٿائون ڪنديون رهيون. صبح سان ئي رهيل ڪم کي جُنبي ويون. گهر سيٽ ڪري، نڪري ويون صدر ڏانهن. بيوٽي پارلر مان تيار ٿي، بيڪريءَ پهتيون، اتان وري گلن جي دوڪان تي شاپنگ مڪمل ڪري گهر موٽيون، ته مهمان جي اچڻ جو وقت به ٿي ويو. ڊرائينگ روم ۾ فريشنر لڳائي، فون جو انتظار ڪرڻ لڳيون، ته ڪيڏي مهل مهمان اچي در تي بيٺو. فضيلت بيگم سندس آجيان لاءِ ٻاهر نڪتي.

”اسلام عليڪم ميڊم.“

”وعليڪم سلام، اچو پٽ، اچو....“

هن ادب سان جُهڪي کيس هٿ ڏنو. ڊرائينگ روم ۾ پهتا، ته شينا به مستاني چال سان، وارن کي لهرائيندي، ماحول کي حُسن بخشيندي. ”مون ڊراپس“ جي خوشبوءِ وکيريندي پهچي ويئي. مهمان سان گرم جوشيءَ سان هٿ ملائيندي چيائين.

”ويلڪم سر. اوهان ته واقعي ٽائيم جا پابند آهيو.“

”ظاهر آهي مس شينا، چڱن سان، چڱو ٿي هلبو آهي.“

”پٽ، گهر ڳولڻ ۾ تڪليف ته ڪا نه ٿي نه؟“

”بلڪل به نه ميڊم. نمبر ياد هو، سولائيءَ سان پهچي ويس.“

شينا اٿي، اندر ويئي، ڪولڊ ڊرنڪ جي جمبو بوتل ۽ فينسي گلاس کڻي آئي . ٻئي لمحي کائڻ جون شيون پليٽن ۾ سينگاري، ڇري، ڪانٽن ۽ چمچن سميت اچي رکيائين.

”پٽ وٺو نه.“ بيگم صاحبه، مهمان کي کائڻ جي دعوت ڏيندي چيو. ”ٿئنڪيو ميڊم.“ هن فروٽ ڪيڪ مان ننڍڙو پيس ڪٽي کنيو. ”سر. ٿورو گائيڊ ته ڪريو، انٽرويو ۾ ڇا ڇا پڇندا؟“

”مس شينا، ٽي.وي وارن دوستن ٻڌايو ته، انٽرويو ۾ اميدوار جي شخصيت، علمي قابليت، ذهني رجحان ۽ دلچسپيءَ کي ڏٺو ٿو وڃي، ته آيا هُو اداري لاءِ ڪارگر ثابت ٿي به سگهندو، يا نه.“

”پُٽ، پڇن ڇا ٿا، ڪا خبر آهي؟“

”مئڊم، ٽي.ويءَ جي وڏن فنڪارن، ڊائريڪٽرن، ليکڪن، شاعرن، موسيقارن ۽ گلوڪارن جا نالا ٿا پڇن. انهن جي مشهور پروگرامن بابت ٿا پڇن. مقصد آهي، ته اميدوار کي ٽي.وي ۽ ان جي پروگرامن سان ڪيتري دلچسپي آهي.“

”پٽ، اوهان ڪجهه کائيندا به هلو، هي سڀ ڪجهه اوهان لاءِ ئي ته آهي.“

”جي ميڊم، پر کائڻ کان وڌيڪ ضروري ڪم، مس شينا کي سمجهائڻ جو آهي.“

”شينا به سمجهي ويندي. اوهان جهڙو گائيڊ جو مليو اٿس…!

پٽ اوهان پنهنجي باري ۾ به ڪجهه ٻڌايو. جاب ڪهڙي ٿا ڪيو، رهائش ڪٿي اٿوَ، سيلري وغيره ڇا اٿوَ؟“

”جنهن کي باقاعدي جاب چئجي ميڊم، سا في الحال ته آهي ڪونه. باقي پاڪيٽ منيءَ لاءِ، ٽيوشن سينٽر ۾ ڪم ڪيان ٿو. ان کان علاوه، جاب لاءِ مختلف ادارن ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويوز به ڏنل آهن، نتيجي جو انتظار آهي. سي.ايس.ايس جي تياري به لڳي پئي آهي.“

”رهائش ڪٿي اٿوَ؟“

”رهائش گلستانِ جوهر ۾ آهي، پنهنجي ڪزن وٽ رهان پيو.“

”اڇا.... يعني بيروزگار هجڻ سان گڏ، بي گهر به آهيو خير سان!“

”بس، ڇا ڪجي، حالتون ئي ڪجهه اهڙيون رهيون جو......“

فضيلت بيگم جي چهري جي سموري نفاست لمحن ۾ اڏامي ويئي، اتي ڪرختگيءَ ۽ ناگواريءَ جون هلڪيون ريکائون اُڀري آيس. شهزاد اهو سڀ ڪجهه چڱيءَ ريت محسوس ڪري ورتو ۽ وڌيڪ ترسڻ مناسب نه سمجهيائين.

”چڱو ميڊم، آءٌ هاڻي اجازت وٺندس.“

”ٺيڪ آهي پٽ.“ تڪلفاً به کيس ڪجهه ترسڻ لاءِ نه چيو ويو. ماءُ جو بدليل موڊ ڏسي، شينا به مصلحتاً خاموش رهي. مهمان کي رخصت ڪري موٽيون، ته شينا حيرت مان پڇيو:

”امي ڇا ٿيو؟ اوچتو اوهان جو موڊ ڇو بدلجي ويو؟“

”مائي، تنهنجو سَر ته بلڪل بيروزگار ۽ بيڪار آهي، نه پنهنجو ڪو گهر گهاٽ اٿس، نه وري ڪو ڪم ڌنڌو ٿو ڪري. خواه مخواه هُن لاءِ هيڏي تياري ڪري پنهنجو نقصان ڪيوسون.“

”ڇا مطلب؟ هن پنهنجو ڪيريئر داءَ تي لڳائي، آئوٽ آف دي وي منهنجي مدد ڪئي هئي، تڏهن اسان هن کي گهرايو هو. هن جي روزگار ۽ رهائش سان پنهنجو ڇا؟“

”ٻار آهين اڃا. نٿي سمجهين نه؟ مان ماءُ آهيان تنهنجي، توکان اڳتي به گهڻو ڪجهه، سوچيان ٿي....“

”اڇا......تڏهن ته ابو چوندو آهي، ته چڱا واسطا به آخر ۾ رشتي تي ئي پهچي دنگ ڪن ٿا!“

”ان ۾ شڪ به ڪهڙو آهي؟“

ماءُ جي گفتگوءَ کان پوءِ، شينا سخت ٽينشن ۾ اچي ويئي. در دريون بند ڪري، پنهنجي ڪمري مان شهزاد کي فون ڪيائين.

”هيلو مس شينا، ايڏو جلدي فون ڪئي اٿوَ. آهي ته خير نه؟“

”سَر، اهو ضروري ته ڪونهي، ته ماڻهو چوويهه ڪلاڪ گامون سچار ٿيندو وڃي وقت ۽ حالتن کي ڏسي، ماڻهو ڪيڏي مهل ڪو بي ضرر قسم جو ڪوڙ به ڳالهائي ٿو، ته ان ۾ ڪو حرج ته ڪونهي!“

”ساري شينا، آءٌ سمجهي نه سگهيو آهيان. ۽ هيءُ گامون سچار جو حوالو ڪهڙي سينس ۾ ڏنو اٿوَ؟“

”سر. اميءَ سان سڄي ملاقات سهڻي نموني هلي، پڄاڻيءَ تي پهچڻ واري هئي ته آخري گهڙين ۾، اوهان پنهنجي بيروزگاري ۽ بي گهر هجڻ جو ذڪر ڪري، سڄي ماحول تي پاڻي ڦيري ڇڏيو! اميءَ تي ان جو ايڏو ته نيگيٽوِ امپريشن پيو آهي، جو...“

”آئي ايم ساري، آءٌ جو ئي آهيان، سوئي آهيان. مون سڄي زندگي ڪوڙ نه ڳالهايو آهي. اڳتي به مون مان اهڙي توقع نه رکجو!“

”سر، پليز ناراض نه ٿيو. سچوئيشن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. اوهان جي ڪري، گهر ۾ منهنجي پوزيشن خراب پئي ٿئي، ته مان هڪ بي گهر ۽ بيروزگار ماڻهوءَ جي پويان لڳي آهيان.“

”ته نه لڳو نه! ڪير ٿو اوهان کي مجبور ڪري ته لڳو؟“

هُن فون ڪٽي ڇڏي. شينا هيلو هيلو ڪندي رهي...... پروفيسر ٻاهران آيو، ته ڊرائينگ روم ۾ ڦهليل خوشبوءِ ۽ ماحول ڏسي پڇيائين.

”مهمان آيو هو ڇا؟“

”جي سائين.“

”ڪيئن هو؟“

”بلڪل بيڪار، بي گهر، بيروزگار، چؤڪ جو چنڊو....!!“

فضيلت بيگم، مهمان جون خوبيون ڳڻائيندي، جذباتي ٿي ويئي. ”هُو چوندا ڪونه آهن، ’نام بڙا، ديهه ويران‘. ان جو زندهه مثال!“

”اڇا..... ته هاڻي اسان وٽ اهڙا مهمان به اچڻ لڳا آهن؟ اِن سلسلي کي اِتي ئي ختم ڪريو.“

”ختم ئي سمجهو سائين... منهنجي صلاح آهي ته هاڻي ڇوڪريءَ جو مڱڻو ڪرائي ڇڏيو ته جان ڇُٽي پوي.“

”مڱڻو به ڪو مذاق ڪونهي بيگم، ڍنگ جو ڪو رشتو اچي ته سوچجي نه.“

”منهنجي خاندان وارن سان ته اوهان جي لڳي ئي نٿي. پنهنجي خاندان ۾ ئي ڏسو، ڪو مناسب نوجوان هجي ته.....“

”منهنجن ۾ وري ڪهڙا سقراط ۽ بقراط ويٺا آهن، اهي به اهڙا ئي آڱوٺي ڇاپ آهن. البت، سؤٽ عبدالوهاب جو پٽ ڪامران مناسب ڇوڪرو آهي، پر هُو اڃا پڙهي پيو لنڊن ۾، اهو نه هُوند راضي ٿي پوي، ته ٻيو ڇا کپي!“

”اوهان ڊائريڪٽ رابطو ڪري ڏسوس. اهڙو رشتو ٻيو ڪونهي.“

”ڪمال ٿي ڪرين بيگم! مان ڊائريڪٽ فون ڪري چوانس ته منهنجي ڌيءَ سان اچي شادي ڪر!!

”ته پوءِ ڇا ڪجي؟ ڇوڪري ڏينهون ڏينهن وڃي پئي سرڪش ٿيندي، ڪٿي....“

”اهڙي جرئت ئي ڪانه ٿينديس. تون بي فڪر ٿيءُ.“

”ايڏا بي فڪر به نه ٿيو سائين، دور بدلجي ويو آهي. ٻار هاڻي ساڳيا نه رهيا آهن!“

***

”ڇا پئي ڏسين اخبار ۾ پٽ؟“

”جاب ايڊورٽائيزمنٽ پئي ڏسان. ٻڌو اٿم، ته ليڪچررس جون پوسٽون آيون آهن، پر هن ۾ ته نظر ڪونه ٿيون اچن.“

”تنهنجي پي.ٽي.وي واري ٽيسٽ جو ڇا ٿيو؟ هاڻي ته ڪافي ڏينهن ٿيا آهن.“

”ڪا خبر ڪانهي امي، ٽيسٽون وٺي، پوءِ بي فڪر ٿي وساري ٿا ويهن. اميدوار ته نه گهر جو ٿو رهي، نه گهاٽ جو.“

”تنهنجو ابو تنهنجي لاءِ فڪرمند آهي پٽ چئي پيو، ته زماني ۾ رهيو ڪونهي، شريف ماڻهوءَ لاءِ عزت سان وقت گذارڻ مشڪل ٿي پيو آهي. شينا کي چؤ ته بنا ضرورت ٻاهر اچڻ وڃڻ کان پاسو ڪري!“

شينا جا ڪن کڙا ٿي ويا. منهن ڦيرائي، پورو ڌيان ماءُ ڏانهن ڪري پڇيائين:

”اِهو ملڪه عاليه جو حڪم آهي، يا مغلِ اعظم جو فرمان.“

”شرم ڪر ڇوڪري. ڪجهه حياءُ ڪر ماءُ پيءُ تي به طنز ٿي ڪرين! ڇو اچي دماغ خراب ٿيو اٿئي؟ جوان نياڻين جا مائٽ پريشان ٿيندا ئي آهن، اها قدرتي ڳالهه آهي. تنهنجي بابا، تو لاءِ رشتو ڳولي ورتو آهي. ڇوڪرو لنڊن ۾ پڙهي پيو. اهڙي خوش قسمتي هر ڇوڪريءَ جي ڀاڳ ۾ ڪٿي ٿي اچي!“

”اها خوش قسمتي ٽشو پيپر وانگر ويڙهي پاڻ وٽ رکو، ڪڏهن ايمرجنسيءَ ۾ ڪم ايندوَ. خبردار جو منهنجي مٿان، فيصلي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿوَ! نه ته سڄي زندگي پڇتائيندؤ....!!“

”مائينڊ يوئر لينگوئيج شينا! ڇو ٿي اسان لاءِ عذاب پيدا ڪرين؟ ڪيڏي پيار، محبت ۽ نازن سان توکي پاليوسين، ان جو بدلو اِهو پئي ڏئين؟ ماءُ پيءُ جو ادب لحاظ به نِڪري ويو تو مان؟“

”پالڻ اوهان جو فرض هو، جيڪو سهڻي نموني پورو ڪيو اٿوَ. هاڻي مان جوان ٿي چڪي آهيان. پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو پاڻ ڪنديس. اهو منهنجو پيدائشي حق آهي. مغلِ اعظم کي ٻڌائي ڇڏ، ته منهنجي لاءِ پريشان نه ٿئي....“

هوءَ توائيءَ مان ڪمري کان نڪري ويئي. ماءُ حيرت مان کيس ڏسندي رهجي ويئي.

***

”هيلو سر.... ڪٿي آهيو؟“

”گهر ۾ آهيان شينا، جوهر ۾.“

”در کوليو سر.“

”جي ؟“

”سر چوان پئي، گهر جو در کوليو.“

هن در کوليو، سامهون شينا بيٺي هئي. حيرت مان ڦاٽل اکين سان پڇيائين:

”توهان هتي....!!“

”ڇو سر، نه اچڻ گهرجي ها مون کي؟“

”نه نه، منهنجو مطلب آهي.... اچو اچو..... اندر اچو پليز.....“

هُو لائونج مان گذري، ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿيا. شينا جي حالت ڏسي شهزاد فوراً پاڻيءَ جي بوتل آڻي اڳيان رکيس. بوتل چپن تي چاڙهي هن ٻه ٽي وڏا ڍُڪ پي ورتا.

”مس شينا، ڪمال ڪري ڇڏيو اٿوَ. گهر ڪيئن لڌو اٿوَ؟“

”ڳولڻ سان ته خدا به ملي ٿو وڃي سر، انسان ته وري به انسان آهي، زمين تي ئي رهي ٿو.“

”منهنجو مطلب آهي ته اوهان کي سُونهون ڪنهن ڪيو؟“

”ائڊريس ته سر اوهان پاڻ ڏني هئي، سمجهائي به ڇڏي هيوَ. ان کان پوءِ به ڪير منجهي ٿو، ته پوءِ اوڙي پاڙي وارن کان به پڇي ٿو وٺي.“

”ڀلا اچڻ ته خير ۾ ٿيو آهي نه، ڪجهه پريشان ٿيون لڳو؟“

”ها سر، مان واقعي پريشان آهيان. انسان جڏهن پريشان هوندو آهي نه سر، ته هُو مدد لاءِ اعتماد وارن دوستن ڏانهن ڏسندو آهي. اوهان منهنجي ڪا مدد ڪري سگهو ٿا؟“

”حڪم ڪريو، منهنجي وس ۾ جيڪي هوندو، ضرور ڪندس.“

”واعدو ڪريو.“ هن پنهنجو هٿ کولي اڳتي وڌايو.

”پڪو واعدو.“ شهزاد سندس هٿ مٿان هٿ رکي چيو.

”مون سان شادي ڪندو؟“ اکين ۾ اکيون وجهي پڇيائين.

”جي!!!“ اوچتي سوال تي، شهزاد کي لاٽونءَ وارا چڪر اچي ويا.

”مان اوهان کان ڪجهه به نٿي گهران. بس، نڪاح ڪري، گهر وٺي اچو.“

”هي آءٌ ڇا پيو ٻڌان، مس شينا، ڪنن تي اعتبار نه پيو اچي....!“

”اوهان بلڪل صحيح پيا ٻڌو، سر مان اوهان سان شادي ڪرڻ ٿي چاهيان.“

”هيءُ اوچتو شاديءَ جو خيال ڪيئن آيو اٿوَ؟ ان جو به ڪو سبب ته هوندو؟“

”مان ہاڻي گهر وارن تي بار ٿي پئي آهيان سر، رشتو پيا ڳولين منهنجي لاءِ. ان کان اڳ، جو ڪنهن اڻڏٺي انسان جي مُنڊي پارائي، مون کي پابند ڪيو وڃي، مان چاهيان ٿي ته اوهان سان منسوب ٿي وڃان....“

”وڄائي ڇڏيو اٿوَ مس شينا، منهنجو ته ذهن سُن ٿي ويو آهي، ڇا چوان، ڪهڙو جواب ڏيان؟“

”ڪجهه به ٿئي سر، اڄ مون کي منڊي ضرور پارائي ڇڏيو. اُن سان اِهو ٿيندو جو ٻئي ڪنهن جي رستي روڪ ته ٿي پوندي!“

”ڏسو، اوهان جو تعلق هڪ معزز علمي گهراڻي سان آهي، پاڻ به اعليٰ تعليم يافته آهيو. منهنجي صلاح اٿوَ، ته اهڙو ڪچو ڪم هرگز نه ڪريو. ڪجهه وقت لاءِ اِن ڪم کي ٽاري ڇڏيو. آءٌ ڪوشش ڪندس، ته ڪو عزت ڀريو رستو ڪڍي وٺان.“

”ايترو وقت ڪونهي سر. اوهان جي انڪار جي صورت ۾ منهنجي لاءِ صرف ٻه رستا هوندا، يا ته خودڪشي ڪري جان ڏيئي ڇڏيان، يا اکيون پوري ڪيڏانهن نڪري وڃان، پوءِ جيڪي قسمت ڪري....!“

”متان اهڙي حرڪت ڪئي اٿوَ!! اهڙو ڪِريل خيال، اوهان جي ذهن ۾ اچي به ڪيئن ٿو؟ ان جو معاشري ۾ ٻين ڇوڪرين تي ڪهڙو اثر پوندو؟ صبر کان ڪم وٺو، حالتون بدلجي به سگهن ٿيون....“

”مشوري لاءِ مهرباني.“ هوءَ اٿي وڃڻ لڳي.

”ڪيڏانهن ٿيون وڃو؟“

”ملڪِ خدا تنگ نيست، پاءِ گدا لنگ نيست.“

”مس شينا، ان حالت ۾ وڃڻ نه ڏيندو سانوَ. ٿورو ترسو، ذهن کي ٿڌو ڪري ڪجهه کائي پي، پوءِ نڪرو.“ هو سندس رستو جهلي بيٺو.

”کائڻ پيئڻ جي بک ڪانهي سر، بک آهي پنهنجائپ جي، خلوص جي، محبت جي، جيڪا اوهان وٽان ڪا نه ٿي ملي!“

جملي جي شوخيءَ، شهزاد کي ڌوڏي ڇڏيو! حيرت مان هن کي گُهوري ڏسڻ لڳو. شينا، بيشڪ بولڊ سهي، ووڪل سهي، پر محبت جي اهڙي بَرجسته اظهار جي، هن مان توقع ڪانه هئي. شهزاد بنا ارادي اڳتي وڌيو. سندس هٿ جهلي، اکين ۾ اکيون وجهي پڇيائين:

”ڪڏهن محبت گهري به اٿوَ، جو اوهان کي نه ملي هجي؟“

"ڇا، محبت به گهُري وٺبي آهي سر؟ محبت کي ته پنهنجي الڳ لينگوئيج هوندي آهي. اکين جي پُتلين مان، ساهن جي بي ترتيبيءَ مان، بدن جي بي چينيءَ مان ۽ چپن جي چُرپُر مان ان کي پڙهي ٿو سگهجي. بشرطيڪه، ايتري گهرائيءَ ۾ وڃڻ جي ڪنهن ۾ صلاحيت به هجي!“

هن هڪ خاص ادا سان، پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڇڏي ڏنو.

”اڄ اچانڪ محبت جو فلسفو اندر مان ڪيئن پهاڙي ڊڀن جيان ڦٽي نڪتو اٿوَ؟ آءٌ ته حيران آهيان....!“

”چڻنگ ته ان مهل ئي دکي هئي، جڏهن آفيسر اڳيان، منهنجي وڪالت ڪئي هُيوَ. اوهان جي دليريءَ، دل فتح ڪري ورتي هئي، پر ان کان پوءِ اُن جي پوئواري ڪانه ڪيوَ. محبت ته موٽ گهري ٿي نه سر؟“

”موٽ ملندي اوهان کي، ضرور ملندي.“

”مان انتظار ڪنديس سر....“

شهزاد جي هٿ کي، ٻنهي هٿن ۾ جهلي، ان جي پُٺ تي نفيس انداز ۾ ننڍڙي چُمي ڏيئي، ”لَوَ يُو سَر!“ چئي، هوءَ ته نڪري ويئي، پر شهزاد جي پيرن هيٺ ڄڻ ٽانڊا رکي ويئي! ويهڻ وِههُ ٿي ويس، ڇا ڪري ڇا نه ڪري. سمجهه ۾ ڪجهه ڪو نه پيو اچيس. ڪمري ۾ ڦِر ڦِران ڪندي، شوڪارا ڀريندي نيٺ وڃي نڪتو سجاد جي آفيس.

”پاڻي ته گهرائي وٺ يار.“

”پاڻي کوڙ تو لاءِ. خير ته آهي، ڪٿان اُڃ کڻي ڀڳو آهين؟“

”بس يار، نه پڇ اسان جا نصيب. سڄي عمر اُڃارا ئي رهنداسين شايد!“

”اِن جو مطلب، ته ڪا پڇڻ جهڙي ڳالهه آهي ضرور پاڻي پي، ساهه کڻي وٺ، پوءِ تفصيل سان پڇندو سانءِ.“

گلاس مان ٻه ڍُڪ پيئڻ کان پوءِ، هن کان صبر نه ٿيو، پاڻ ئي شروع ٿي ويو:

”اڄ ته يار ڪمال ٿي ويو. ڪمال به اهڙو، جنهن جو ڪو امڪان ئي ڪونه هو.“

”پي.ٽي.وي واري ٽيسٽ ۾ پاس ٿيو هوندين؟“

”نڪو.“

”ته پوءِ پڪ ئي پڪ واپڊا وارو آرڊر مليو هوندئي؟“

”نه سهڻا، اڃا ئي ڪو ٻيو ڪم ٿيو آهي!“

"هاڻي ٻڌاءِ به کڻي، خواهه مخواه پروليون ڇو پيو ڏئين يار.“

”اڄ شينا گهر پهچي ويئي!!“

”نه نه.....!!“

”قسم سان....!! سا به صفا الف اڪيلي....!!!“

”هل.......!!!! پوءِ ته وڏا ٺَٺ ٿيا هوندا بابا. هيرون لڳيون هُونديون، بُوندون پَيون هُونديون، کِنوڻ کلي هُوندي، وَڏ ڦڙا وُٺا هوندا، ڌرتي ٻوڙان ٻوڙ ٿي هوندي....؟“

”نه يار. اهڙو ڪجهه ڪونه ٿيو.“

”ڇو؟ باقي چندو وٺڻ آئي هئي ڇا؟“

”سمجهڻ جي ڪوشش ڪر يار." فراز چيو.

اسے دیکھنا، بس دیکھتے رہنا کافی تھا فراز

لوٹ آیا ہوں، دل میں لیکر دل کی بات"

”واهه ڙي مجنون پٽ.... ڏاڍي ٿو ٻڌائين پيو.“

”تون جيئن به سمجهين..... پاڻ سيريس آهيون بابا، شادي ڪرڻ ٿو چاهيان هُن سان.“

”پوءِ عشق مان فائدو؟“

”عشق جو معراج اِهوئي ته آهي.... هاڻي نڪر ٻاهر ته هلي ڪا صلاح ثباب ڪيون، مون کان صبر نٿو ٿئي. ڪٿي ڦاٽي نه پوان....!“

”دَٻ جهل ٻچا. اڃا ته عشق جو رڳو آسرو مليو اٿئي، ته اهي حال اٿئي. مون کي ڀؤٿو ٿئي، ته اڳيان هلي، ڪپڙا ڦاڙي، ڪٿي شهر ۾ شينا شينا ڪندو نه وتين!“

”سچ ٿو چوين يار، ائين ٿي به سگهي ٿو!“

”جي واقعي سيريس آهين، ته پوءِ ڀلا رشتو کڻي وڃونس؟“

”ڳالهه ڀلي، پر ويندو ڪير؟“

”پاڻ هلنداسين، ٻيو ڪير ويندو.“

”يار هن جو امريشپوريءَ جهڙو پروفيسر پيءُ، پاڻ کي ته چَخي ئي ڪونه ڪندو! هن ڪم لاءِ کپن، ڊگهين ڏاڙهين وارا کڙپيل قسم جا پوڙها، جن کي ڏسي اڳيان به سمجهن ته اسان جا به ڪي وڏا ۽ وارث آهن، هروڀرو ڇورا ڇِنا ڪونه آهيون.“

”ايڏو به پاڻ کي اَنڊر ايسٽيميٽ نه ڪر. شينا کي فون ڪري، داٻي سان چئي ڇڏ، ته سڀاڻي شام اسان اچون پيا، گهر ۾ انتظام ڪري وٺ،“ اسٽيٽ فارورڊ ٿي ڏيکار....“

پروگرام مطابق، ٻئي سؤٽ شينا جي گهر پهچي ويا. ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ پروفيسر صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو.

”اڇا.... رشتو کڻي آيا آهيو مون وٽ....! عمر ڏٺي اٿوَ پنهنجي؟ حُليو ڏٺو اٿوَ پنهنجو؟ ڪنهن عزت واري ماڻهوءَ وٽ رشتو گهرڻ ائين وڃبو آهي.... هان؟“

”سر...سر، دراصل....“ سجاد وضاحت ڪرڻ چاهي، پر....

”خاموش! ڪانهي ضرورت وڌيڪ بَڪ ڪرڻ جي....“

”فضيلا....“

هوءَ تيزيءَ سان اندر آئي.

”هيءُ ڪهڙو تماشو لڳايو اٿوَ؟ ڪير آهن هي؟“

”سائين، هنن بابت مون رات اوهان کي ٻڌايو ته هو، ياد ڪريو. هيءُ رڳو اوهان جي مرضي معلوم ڪرڻ آيا آهن. اوهان رضامندي ڏيکاري، ته پوءِ هنن جا وڏا، باقاعدي رشتو کڻي اوهان وٽ ايندا.“

”ڪا ضرورت ڪانهي ڪنهن جي اچڻ جي، منع ڪري ڇڏ هنن کي.“

صورتحال کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي، بيگم فضيلا رازداريءَ واري انداز ۾ چيو:

”سائين، هي نوجوان، پنهنجي شينا جي مرضيءَ سان آيا آهن، سمجهي وڃو نه.“

”شينا ڪير ٿيندي آهي مرضي هلائڻ واري؟ دماغ خراب ڪري ڇڏيو اٿئي ڇوڪريءَ جو. چڱي ڀلي گهر کي مذاق بنائي ڇڏيو اٿوَ....“ هُو اٿي اندر هليو ويو.

”معاف ڪجو پٽ. صاحب جو BP چڙهيل آهي. هارٽ جو به ٿورو پرابلم اٿس، هينئر هي ڪنهن جي به نه ٻڌندو. موڊ ڏسي، وري به مان ڪوشش ڪنديس ته راضي ٿي پوي.... هينئر اوهان ڀلي وڃو.“

”ٺيڪ آهي مس شينا کي ٻڌائي ڇڏجو، ته واعدي مطابق اسان آيا هئاسين.“ هُو ڪنڌ جُهڪائي نڪري ويا. شينا سڄي رات، پيءَ جي انهيءَ رويي تي ڪڙهندي رهي. صبح ساڻ شهزاد کي فون ڪري، گهر ۾ رهڻ جي تلقين ڪيائين ۽ پاڻ به تيار ٿي پهچي ويئي.

”آئي ايم ساري سر! بابا کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو. جڏهن ته رات اميءَ مون کي خاطري ڪرائي هئي، ته هوءَ بابا کي راضي ڪري وٺندي.“

”پليز شينا، ڇڏيو اهي ڊرامي بازيون. گهر ۾ گهرائي، ذليل ڪرائڻ جو مقصد ڇا هو؟ شاديءَ لاءِ مون اوهان کي مجبور ته نه ڪيو هو. بلڪ اها ته اوهان جي پنهنجي خواهش هئي. شينا دنيا جي آخري ڇوڪري ته ڪانهي، جو ان کان سواءِ آءٌ ڪنوارو رهجي ويندس!“

”سر، توهان جذبات ۾ اچي منهنجي بي عزتي ڪري رهيا آهيو، ڇا توهان سمجهو ٿا، ته اِن ۾ به ڪا منهنجي چال هئي؟ فارگاڊ سيڪ سر مون کي ايڏو ته نه ڪيرايو.....“

”ته پوءِ هن ذِلت کي ڪنهن جي کاتي ۾ شمار ڪيان؟ ڪنهن کي ذميوار سمجهان، ٻڌايو....؟

جڏهن کان اوهان سان واسطو ٿيو آهي، بابا مون کي پاڻ کان ڪافي پري ڪري رکيو آهي، منهنجو ڪو به ڪم پسند نٿو اچيس. هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته مان ڇا ڪريان؟“

”اهو اوهان جو گهرو معاملو آهي آءٌ ان بحث ۾ پوڻ نٿو چاهيان، پر گهر وارن کي راضي ڪرڻ، ته اوهان جو ڪم هو نه؟ اعتبار ڪري اسان کي ذليل ٿيڻو هو، سو ٿياسين. اهي ڳالهيون، اتي ختم نه ٿينديون. اوڙي پاڙي ۾ به ڦهلبيون، اڃا به رسوا ٿينداسين، اڃا به خوار خراب ٿينداسين. شريف ماڻهوءَ وٽ  ڦرڻ جهڙي شيءِ، هن جي عزت ئي ته آهي، سا به ڦرائي ويٺاسين، وڌيڪ اسان کان ڇا ٿيون چاهيو؟“

”پليز شهزاد، مون کي آزمائش ۾ نه وجهو قسم سان، مان جان ڏيندي به دير ڪانه ڪنديس. ڀلي ڪجهه به ڪريو، مان اوهان سان گڏ آهيان حڪم ڪري ڏسو، ڀڄي هلون شائسته عالماڻي ۽ بلخ شير مهر وانگر، ٻڌايو...؟“

”شائسته عالماڻيءَ جو نالو، احترام سان وٺو. هوءَ هن دور جي سسئي ثابت ٿي آهي جيڪا پنهنجي پنهل خاطر، هِن ڪوڙهيل سماج جي ريتن، رسمن، ٿاڻن، ڪورٽن، جرڳن ۽ فيصلن جي بٺيءَ ۾ سڙي پچي ڪُندن ٿي نڪتي، تڏهن مراد ماڻيائين. اڄ جي ڇوڪرين لاءِ هوءَ رول ماڊل ٿي پئي آهي.“

”پاڻ به ان جي واٽ تي هلي، امر ٿي وينداسين.“

”امر ٿيڻ، ايڏو سَوَلو به ڪونهي، جو گهران نڪتل هر ڇوڪري ٿي وڃي. خوش قسمتيءَ سان، هُنن جو معاملو، خواتين جي هڪ اين.جي.او وسيلي، ملڪي سرحدن مان نڪري يورپ ۽ آمريڪا جي ميڊيا تائين پهتو هو. انڪري، دنيا جي ڪيترن ملڪن، انساني همدرديءَ جي بنياد تي، هنن کي پناهه ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي هئي. هينئر هو ”ناروي“ ۾ معزز شهرين وانگر، ٻارن ٻچن سميت، پُر سڪون ۽ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.“

”ڪوشش ڪرڻ سان، اهڙي شهريت پاڻ کي به ملي سگهي ٿي، سر!“

”هڪڙي ڳالهه ته ٻڌايو، اوهان کي منهنجي ضرورت آهي، يا يورپ جي شهريت جي؟“

”سهڻا سائين، يورپ ۾ به، اوهان سان ئي ته رهنديس نه!“

”بهتر ٿيندو، ته پنهنجي ماءُ پيءُ کي، ڪنهن به طريقي سان راضي ڪري وٺو، پنهنجي لاءِ هيءُ ملڪ به يورپ کان گهٽ ناهي. رڳو عزت ۽ سڪون سان رهڻ ڏنو وڃي.“

هوءَ هڪ نئون عزم ۽ نئون ٽاسڪ کڻي گهر پهتي، پنهنجي روزمره جو سڄو نظام بدلائي ڇڏيائين. کائڻ پيئڻ بند، ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند، گهمڻ ڦرڻ بند.

ڏينهن رات ڪمري ۾ بند، گويا مرڻ گهڙيءَ تائين هر قسم جي هڙتال ڪري ويٺي.

”راڻي ڌيءَ، ڇو اچي ضد تي چڙهي آهين. ڇو ٿي اسان کي پريشان ڪرين. اسان کي کڻي ڇڏ، پاڻ پنهنجي حالت ڏس، ته ڇا مان، ڇا ٿي ويئي آهين!“

هوءَ خاموش رهي.

”ماءُ سان ڪجهه ته ڳالهاءِ مٺي، ٽوڙ کڻي چُپ جي روزي کي.....“

”اوهان اهوئي ٿا چاهيو نه، ته مان هن گهر ۾، نه هجان، نه اوهان کي تنگ ڪيان؟ ان جو بهترين ريقو اهوئي آهي، ته مان بک هڙتال ۾ ئي مري کپي ٿي وڃان، خودڪشيءَ جو الزام مون تي لڳي، اوهان جي جان به ڇٽي پوي....“

”خير گهر مٺي، ڪير ٿو ائين چاهي؟ خبر ناهي ڪٿان اهي منحوس خيال تنهنجي ذهن ۾ ٿا اچن، اسان ته سدائين دعائون ٿا گهرون ته شال عزت واري گهر ۾ هجين ۽ سکي ستابي هجين، ڪنهن سُڃي ۽ بيڪار ماڻهوءَ وٽ ڪهڙا سک ڏسندينءَ پٽ؟“

”سڃو آهي بيڪار آهي يا بي گهر آهي، پر مان پنهنجي زندگي ان سان گذارڻ ٿي چاهيان، ته اوهان کي ڪهڙو اعتراض آهي؟“

”پٽ خبر ناهي ڪهڙو جادو ڪيو آهي، ان منحوس توتي، جو صفا چري ٿي پئي آهين. اسين ته حيران آهيون! اچي صاحب ته اڄ هن سان کُلي ڳالهائينديس. تيسين تون ڪجهه کائي ته وٺ. هي صوف ۽ ڪيلا اٿئي. جوس جا پئڪٽ اٿئي. ڀلا چانهه ٺاهي ڏيانءِ،  سٺي کير پتيءَ واري؟“

”منهنجي روزي کي وچ ۾ ٽوڙڻ جي ڪوشش نه ڪر امي پليز..... مون مقصد ماڻڻ تائين، کائڻ پيئڻ پاڻ تي حرام ڪري رکيو آهي. گهڙي گهڙي تنگ نه ڪر مون کي.“

رات واري مانيءَ تي، فضيلت بيگم، لڙڪن ۽ سڏڪن سان، مڙس اڳيان ڌيءُ جو قصو بيان ڪيو. هٿ جوڙي، ايلاز منٿ به ڪيائين، پر پيءُ تي بظاهر ڪو اثر نه ٿيو. هن پنهنجي انڪار جي جواز ۾، دليلن جا دريا وهائي ڇڏيا. ماءُ به مست درياء اڳيان، مامتا جا مضبوط بند ٻڌي بيٺي. آخرڪار پيءُ کي لاڏلي ڌيءَ خاطر دل تي رکي، پنهنجي موقف ۾، لچڪ پيدا ڪرڻي پئي. چند معمولي شرطن تي نيٺ هُو راضي ٿي پيو.

1- شاديءَ لاءِ ڪا به روايتي خوشي ڪانه ملهائبي، ڄڃ ڪانه ايندي.

2- گهوٽ سان گڏ، نڪاح لاءِ فقط مولوي ۽ ٽي شاهد ايندا.

3- نڪاح، رات يارهين کان پوءِ لوڊشيڊنگ دوران ٿيندو، ڪا به روشني نه ٿيندي.“

فضيلت بيگم، شرط قبول ڪري، فوراً ڌيءُ کي خوشخبري پهچائي. شهزاد کي به فون تي اطلاع ڏنو ويو.

مقرر وقت تي گهوٽ پنهنجن ساٿين سميت پهچي ويو. کين خاموشيءَ سان ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو ويو. ماءُ ڀاڪر جو سهارو ڏيئي، شينا کي وٺي آئي. ميڻ بتيءَ جي مڌم روشنيءَ ۾، هن جي حالت ڏسي سڀ حيران ٿي ويا. يرقان جي مريض جهڙو پيلو، نٻل چهرو، ڏرا ڏنل اکيون، هڙٻاٺيون نڪتل، ڏڪندڙ، ضعيف جسم، گلاب جي گل جيان ٻهڪندڙ ڇوڪري، ٻن ڏينهن ۾ ڇا مان ڇا ٿي ويئي، پر سندس حالت تي ڳالهائڻ جي ڪنهن کي همت ئي ڪانه ٿي. هر شخص، پنهنجو ڏک اندر ۾ سانڍي، خاموش رهيو.... نڪاح نامي جي سڀ خانه پُري، ڌرين کان صحيحون ورتيون ويو. شينا به ڏڪندڙ هٿن سان صحيحون ڪري آڱوٺا هنيا. سجاد مٺائيءَ جو پئڪٽ کڻي اُٿيو، ته پروفيسر منع ڪري ڇڏيس:

”رهڻ ڏي نوجوان، پنهنجي گهر وڃي اهو ڪم ڪجو.“

”سر هيءُ ته رسم آهي.“

”پر هيءُ ڪا رسمي شادي ته ڪانهي!“

بحث جي گنجائش ڪانه هئي، انڪري سڀ خاموش رهيا.

”فضيلا بيگم، ڪم لٿو، ته هِنن کي روانو ڪر.“ هن رُکي انداز ۾ چيو.

سائين نياڻيءَ جا وارث اوهان آهيو، دعائون ڏيئي گهر مان رخصت ڪيوس، سنوڻ آهي“ هُو ڪجهه ڳالهائي، ان کان اڳ، شينا سندس پيرن ۾ ڪِري پيئي.

”بابا جاني، مون کي معاف ڪريو، مون نادانيءَ ۾ اَنگل اَرڏايون ڪري اوهان جي دل ڏکائي آهي. رخصتيءَ ويل چؤ، ته اوهان مون کي معاف ڪيو آهي، ته مون کي سڪون ملي ويندو.“ هن ڳالهائڻ جي خواهش ڪئي، پر دل ڀَرجي آيس، ڪجهه چئي نه سگهيو.

”چؤ بابا جاني،.... چؤ، ته اوهان مون کي معاف ڪيو آهي....“

”پٽ، تون مون کي..... سِر ساهه کان به پياري آهين ننڍي هوندي کان ئي ماءُ کان وڌ.... مان تنهنجو خيال رکندو هئس.... کٽمٺا ۽ ٽافيون چٻاڙي چُورو ڪري تنهنجي وات ۾ ڏيندو هئس.... ته متان تنهنجي ڪَچڙن ڏندن کي ڪا تڪليف نه پهچي......“

هُو لُڙڪ روڪي نه سگهيو. آواز گلي ۾ رَهڙجي ويس. منهن تي پگهر جا ڦڙا اُڀري آيس. هٿ ڏڪڻ لڳس. فضيلت بيگم، ڪلهي تي هٿ رکي کيس آٿت ڏنو:

”ٽينشن نه وٺو سائين، آرام آرام سان ڳالهايو.“ هوءَ پاڻ به ڏک ۾ ڀريل هئي.

”مون چاهيو هو، ته تنهنجي تربيت.... اهڙي ڪيان.... جو تون ڪنهن منزل تي پهچي سگهين.... پر افسوس.... ائين نه ٿي سگهيو..... مون کان تربيت ۾ شايد ڪا ڪوتاهي رهجي ويئي..... اڄ ته تو اڳيان پويان  سڀ ٿورا لاهي ڇڏيا پٽ.... اڄ کان تون اسان لاءِ.... اسين تنهنجي لاءِ..... مري چڪا آهيون....!!! وري ڪڏهن به.... هڪ ٻئي جو منهن.....“

هن جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي ويئي. سيني تي هٿ رکي، ڪرسيءَ تي ڍُرڪي پيو ته سندس ساهه جو پکيئڙو اُڏامي ويو......!!!

شينا ۽ فضيلت بيگم رڙ ڪري مٿس ڪري پيون. مهمان جو کيس ڦري بيٺا. مولوي صاحب نبض چيڪ ڪري، ”اِنالله“ پڙهي، ته ماحول تي ڄڻ وڄ ڪڙڪي پيئي......... شينا ۽ سندس ماءُ جا ماتمي رانڀاٽ، اُڀ ڏاريندا رهيا....!!! سڄي ڪالوني اچي ڪَٺي ٿي.....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org