سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:14 

انيلا ’نيل‘ ميراڻي

 

 

 

سواليءَ کي خالي نه موٽاءِ...!

 

اهو شام جو وقت هو. موسم بدستور ڪاڙهي واري هئي. سڄو ڏينهن گرميءَ کان پوءِ تپش اڃا به برقرار هئي، پر ثناء کي موسمن سان ڇا؟ سخت موسمون ته مسڪينن ۽ غريبن کي پريشان ڪنديون آهيون. پئسي وارن ماڻهن ته اونهاري کي سيارو ۽ سياري کي اونهارو ڪري ڇڏيو آهي!

ثناء سان پنهنجي سهيلي زينت گڏ هئي. ٻئي ڄڻيون اي.سي ڪار مان نڪري ڪجهه فاصلو طئي ڪري سينٽرلي اي.سي شاپنگ مال ۾ داخل ٿي ويون. ڪار کان شاپنگ مال ۾ داخل ٿيڻ جي ڪجهه فاصلي ئي ٻنهي کي پگهرائي ڇڏيو.

شاپنگ مال ۾ داخل ٿي، ثناء وڏو ساهه کنيو ۽ حقارت واري لهجي ۾ زينت کي چوڻ لڳي: ”زيني، هي بيوقوف غريب ماڻهو، اي.سي کان سواءِ ڪيئن ٿا جِين… الا… توبهه!“ زينت، گهڙي سواءِ لاءِ ثناء جي مُنهن ۾ نهاريو، جيڪو گرميءَ سبب ڳاڙهو ٿي ويو هو، هن جي نراڙ تي غرور ۽ گهُمنڊ جون لڪيرون نمايان هيون.

”ثني، ائين نه چئو، آخر ته هو به انسان آهن…“ زينت سمجهائڻ واري لهجي ۾ ثناء سان ڳالهايو. ”اڙي، اهي ماڻهو نه جانور اٿئي… ثناء ’جانور‘ جي لفظ تي زور ڏئي وڏو ٽهڪ ڏنو. ٽهڪ ۾ زينت هن جو ساٿ ته نه ڏنو البت ڦڪائيءَ مان ٿورو مسڪرائي ڏنائين.

ڪافي دير کان پوءِ ٻئي سهيليون شاپنگ مال مان ٻاهر نڪتيون. هاڻي سج گم ٿي چڪو هو. اولهه پاسي آسمان تي شفق نظر اچي رهي هئي. ٻئي طرف شاپنگ مال جون روشنيون هيون، جيڪي سڄي ماحول کي روشن ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيون هيون.ثناء ۽ زينت جي هٿن ۾ ڪيترائي ٿيلها هئا، جن ۾ نت نئين ڊزائين جا ڪپڙا، چپل، سينڊل ۽ ٻيو گهڻو سامان ڀريل هو.

هي اڃا پنهنجي ڪار جي ويجهو ئي مس پهتيون ته سامهون بيٺل پينو فقير”امان الله جي نالي خيرُ ڏي“ جي صدا تي ثناء کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن جي هٿ مان هڪ شاپنگ بيگ هيٺ ڪري پئي.”بيشرم…ڪنهن جاءِ جا…“ ثناء چپن ۾ ڀڻڪي ۽ روڊ تي وکريل سامان ميڙڻ لڳي.

ان جي وچ ۾ فقير ٻي صدا هنئي: ”ڌيءُ، سواليءَ کي خالي نه موٽاءِ…“ ٻي صدا ٻڌندي ئي ثناء جو پارو چڙهي ويو: ”انڌو آهين ڇا…؟ ڏسين ڪونه ٿو، منهنجو سامان هيٺ ڪريو پيو آهي بد اخلاق، تون وري مٿو پيو کائين… عورتن جو شرم به ڪو نه ٿو ٿئي… هل هتان ته ڪيانءِ نه بڇڙو.“ پوڙهو فقير، پنهنجي بيعزتي تي چپ رهيو، اکيون ڀرجي آيس. ڪجهه دير ترسي هڪ پاسي تي هلڻ لڳو.

اهو سڄو لقاءُ ٿوري فاصلي تي بيٺل ثناء جي ڪار جو ڊرائيور رشيد ڏسي رهيو هو، پر اهو سڀ ڪجهه ايترو ته جلدي ۽ غير متوقع ٿيو جو هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪري، ان ڪري پنهنجي جاءِ تي ساڪن بيٺو رهيو. ايترو سو ٿيو جو پنهنجي ڀرسان گذرندڙ پوڙهي فقير جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي ورتائين ۽ رحم کائي ان کي 10 روپين جو نوٽ ڏنائين.

جسماني طور تمام گهڻي ڪمزور ۽ پيرسن فقير پوئتي هڪ نهار ثناء جي چهري ۾ وڌي، جنهن ۾ اڃا به ڪاوڙ جا اُلا ٻري رهيا هئا. ٻئي پاسي ڊرائيور رشيد هو، جنهن جي اکين ۾ پنهنجي لاءِ رحم ۽ همدردي ڏسي سگهيو پئي.

ثناء ۽ زينت ڪار جو دروازو کولي ويهي رهيون. ان دؤران ثناء، رشيد کي سڏ ڪيو. مالڪياڻيءَ جي سڏ تي ”جي بيبي جي… اجهو آيس.“ چئي، ڊوڙي ڪار ۾ اچي ويٺو. ”ڊرائيورَ، تنهنجو دماغ ته ٺيڪ آهي نه…؟ جڏهن مان ان منحوس پينو پوڙهي فقير کي خيرات نه ڏني، ته تُنهنجي ڪيئن جرئت ٿي؟“ ثناء، جيڪا عام طور رشيد کي چاچا رشيد ڪري سڏيندي هئي، اڄ ڪاوڙ ۾ هن کي ’ڊرائيور‘ ڪري سڏي رهي هئي.

ساڳئي وقت هن جي خيرات ڏيڻ تي به تمام گهڻي ڪاوڙيل هئي. ”هنن پينو فقيرن کي توهان جهڙن ماڻهن ئي خراب ڪيو آهي، نه توهان هنن کي پئسا ڏيو نه ئي هِي پنن.“ ثناء، مسلسل ڪاوڙ ۾ ڳالهائي رهي هئي. ”ڪول ڊائون بيبي… ڪول ڊائون…“ چئي زينت، ثناء کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي طرف رشيد به ”جي بيبي، آئينده ائين نه ٿيندو.“ چئي خاموش ٿي ويو. هو ڄاڻي پيو، ثناء سان بحث ڪرڻ مطلب پنهنجي نوڪري وڃائڻ آهي. ٿوري ئي دير ۾ پويان ويٺل ٻئي سهيليون ڪچهريءَ ۾ مصروف ٿي ويون. رشيد به سک جو ساھ کنيو ۽ خاموشيءَ سان گاڏي هلائڻ لڳو.

ثناء، شهر جي مشهور سيٺ ڪامران خان جي اڪيلي ڌيءُ آهي. سيٺ ڪامران جي دولت جو ڪاٿو نه آهي. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڀائرن جي ورهاست ۾ کيس ٻه ڪارخانا مليا، جيڪي هاڻي 10 ٿي ويا هئا. هو اهڙو واپاري آهي، جنهن لاءِ سڄي شهر ۾ مشهور ته ’سيٺ ڪامران وٽ ايتري دولت آهي، جو هن کي به خبر ناهي…‘ هن کي فقط ثناء جي صورت ۾ هڪ نياڻي هئي. جنهن جي پرورش وڏي لاڏ ڪوڏ سان ڪئي هئائين.

ٻار کي دادلو ڪري پالڻ دوران کيس خيال ئي نه رهيو ته ثناء جي تربيت ۾ ڪيتري ڪوتاهي ٿي رهي آهي. گهڻي لاڏ جي ڪري ثناء جي شخصيت ۾ خود سري ۽ خود پسندي ۽ نرگسيت سرائيت ڪري چڪي هئي، پر اهو خيال سيٺ ڪامران يا ان جي گهر واريءَ کي ڪيئن ٿيندو ته ڏينهن رات ملڪيت وڌائڻ جي چڪرن ۾ ڦاٿل هئا!

چوندا آهن ته وقت سدائين هڪ جهڙو ناهي رهندو. گهڙيال جا ڪانٽا ڀلن گهوڙن جي سنبن جيان ’ٽِڪ ٽِڪ‘ ڪندا، هلندا رهيا. مُندون به تيزيءَ سان بدلجڻ لڳيون، سڀ ڪجهه بدليو، پر جي نه بدليون، ته ثناء جون عادتون…

هڪ ڏينهن هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي، جڏهن ٽيليفون تي اطلاع مليس ته هن جا ماءُ پيءُ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. والدين جو ڇا مرڻ هو؟ هن جي دنيا ئي بدلجي وئي. وڏي ملڪيت، جنهن جي هن جي والدين کي به خبر نه هئي سا هن کان به اوجهل ٿي وئي!

والدين جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سال بعد شادي ڪيائين. ٻن سالن بعد طلاق ٿي ويس. مڙس جو چوڻ هو ته هوءَ گڏ رهڻ جي لائق ناهي. اولاد به نه ٿي سگهيس. آهستي آهستي مٽ مائٽ سهيلون به هِڪ هِڪ ڪري ڇڏيندا ويس سچ چيو اٿن: ’بيٺي جو سڀ ڪو آ، ڪِري جو ڪير به ڪونهي ڪو… سکئي جا سالا گهڻا، بکيي جو ڀيڻويو نه ڪو!‘

بس هاڻي حياتيءَ ۾ اڪيلو سهارو ڏاڏي وڃي بچيس، جيڪا به گهڻو ڪري عبادت ۾ مشغول رهندي هئي.ان وچ ۾ ڊرائيور رشيد ساٿ نڀائيندو آيو. اڪثر هن کي اداس ڏسي چوندو هو: ”بيبي، تون منهنجي ڌيءُ مثل آهين…“ پر ڪيسيتائين!؟ هڪ ڏينهن رشيد به اهو چئي موڪلاڻي ڪئي: ”بي بي،منهنجي وڏي پُٽ جي پوسٽنگ لاهور ٿي آهي. هو ضد ڪري رهيو آهي ته مان هن سان گڏ لاهور هلان…سچي ڳالھ ته هي به آهي جو هاڻي مون ۾ به حال ناهي ته وڌيڪ ڪم ڪري سگهان. سو مون کي اجازت ڏيو…“ پنهنجي پراڻي ۽ وفادار ڊرائيور طرفان ائين موڪلائڻ تي ثناء اندر ۾ ٽُٽي پئي. بس ايترو سو چيائين: ”چاچا، تنهنجي نُنهن کي اعتراض ڪونهي جو تون انهن سان گڏ رهندي؟“ 

”نه بي بي، الله سائين معاف ڪري. سدائين حق حلال جو رکو سڪو ٽڪر پنهنجي اولاد کي کارايو آهي. هن به سدائين مانُ ڏنو ۽ اڄ اهڙي منزل تي پهتا آهن جو مان فخر ۾ ڳاٽ اوچو ڪري چئي سگهان ٿو ته سندن تربيت ۾ ڪا ڀُل چُڪ نه ڪئي آهي. اولاد جي تربيت ماءُ پيءُ جو اصل پوک هوندي آهي، جنهن جو لاڀُ پيريءَ ۾ ملندو آهي. مالڪ جو شڪر آهي هن مون کي ڪڏهن خالي نه موٽايو آهي.“

رشيد ڳالهائڻ جي روانيءَ ۾ الائي ڇا ڇا چوندو رهيو، ثناء کيس تڪيندي رهجي وئي. هو ڪڏهن گاڏيءَ جي چاٻي رکي هليو ويو، هن کي خبر ئي نه پئي!

ان رات جي ڪنهن پهر هن جي اک کُلي، هوءَ پگهر ۾ شل هئي. اڪيلائيءَ جو احساس هن کي کائڻ لڳو. ڪمري مان ٻاهر نڪري آئي، سامهون لاؤنج ۾ سندس ڏاڏي تهجد جي نماز پڙهي سلام ورائي رهي هئي.

ثناء ڊوڙندي وڃي هن جي جهوليءَ ۾ ڪِري، ”امان سڀئي هڪ هڪ ڪري مون کي اڪيلو ڪري ويا آهن، توهان ته مون کي نه ڇڏي ويندو؟“ ڏاڏيءَ سندس پيشاني چمي، ”ڌيءَ! سڀني جو پنهنجو پنهجو وقت مقرر آهي.“ نه امان توهان مون کي نه ڇڏي وڃجو، آخر مون ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي جو مون سان هي سڀ ٿي رهيو آهي؟ آخر ڇو؟ ڇا لاءِ؟”منهنجي جاني ڌيءَ! سوره العصر جو مفهوم آهي: ’الله سائين عصر جي وقت، مطلب جڏهن آب و تاب سان چمڪندڙ سج لهڻ جو منظر پيش ڪري ٿو جو قسم کڻي چئي ٿو: بيشڪ انسان خساري ۾ آهي، يعني انسان پنهنجي عمر وڃائي ٿو، سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا.“ ثناءخاموش ٿي ڏاڏيءَ جي ڳالهين کي ڌيان سان ٻُڌندي رهي.

”ڌيءُ، ايمان خدا جي اهڙي نعمت آهي، جيڪو اسان جي دِلين کي نرم رکي ٿو ۽ نرم دل انسان ڪنهن کي ڏک ڏيڻ ته پري  پر ڪنهن جو ڏک برداشت به نه ٿو ڪري سگهي. انسان جو اخلاق اهو آهي ته ان جي هٿ، پير ۽ زبان کان ٻيا ماڻهو محفوظ رهن، درگذر ڪرڻ دنيا جي معاملن ۾ مصلحت ۽ مفاهمت کان ڪم وٺڻ، ڪنهن کي خسيس نه سمجهڻ، وڏن جو ادب، ننڍن سان پيار سان پيش اچڻ. انسان سوچي ٿو ته مون وٽ طاقت، همت ۽ حيثيت حاصل آهي، پر نادان انسان اهو نه ٿو ڄاڻي، ته اهو سڀ الله تعالى جي طرفان عطا ٿيل آهي، جيڪڏهن هو نوازي ٿو ته واپس به وٺي سگهي ٿو. ڇو ته هو هر شيءِ تي قادر آهي. هي سڀ الله جا فيصلا آهن. پنهنجي رب کان استغفار ڪجي. بيشڪ هُو توبھه قبول ڪرڻ وارو آهي.“ اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائڻ وقت ڏاڏيءَ جون آڱريون ثناء جي وارن ۾ هيون، جن ۾ هوءَ آهستي آهستي هٿ ڦيري رهي هئي.

”امان منهنجي دل ڀرجي آئي آهي، مان روئڻ ٿي چاهيان پر ڳوڙها نه ٿا نڪرن.“ ثناء، ڏاڏيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو. هن جي نيڻن مان بي اختيار نير وهڻ لڳا، ڄڻ هن جون اکيون صدين کان اڃايل هيون!

ڏاڏيءَ سان دير تائين ڳالهيون ڪري هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ واپس آئي.غير ارادي طور تي وضوع ڪري مصلو وڇايائين. دل مان آواز اچڻ لڳس: ”منهنجا پالڻهار مون خطاوار کي معاف ڪر… مان ڄاڻان ٿي ته زماني جي چاھت ۾ ايتري مصروف رهيس جو خبر ئي نه پئي، ته ڪڏهن تون مون کان رُسي وئين. دنيا جي طلب جو پردو اکين تي اهڙو چڙهيو جو پنهنجي شھ رڳ کان به ويجهي رب ڪريم کي محسوس نه ڪري سگهيس.

ها مان خطاوار آهيان. منهنجا رب، منهنجي آزمائش کي ختم ڪر… مون کي پنهنجي چاهت ۾ بيخود ڪري ڇڏ ته جيئن ٻئي ڪنهن به شيءِ جي خواهش نه رهي… منهنجا رب! بيشڪ تون سواليءَ کي خالي نه موٽائيندي.“

فجر جي اذان جو آواز هن جي ڪنن تي پيو. نيڻن مان لڙڪ ٻيهر سندن ڳلن تي تري آيا. هوءَ سجدي ۾ ڪِري پئي، اذان پوري ٿي. باک ڦٽڻ لڳي، پاڻ کي ڏاڍو هلڪو محسوس ڪيائين. ڪجهه دير لاءِ اک لڳس ته در تي کڙڪو ٿيو، ڪو فقير هو، جيڪو چئي رهيو هو:”امان، الله جي نالي خيرات ڏي… جيجل، سواليءَ کي خالي نه موٽاءِ…!“ هن پنهنجي ڀرسان پيل پرس مان هڪ سؤ جو نوٽ ڪڍيو، اکين جي آلاڻ جيڪا اڃا به تازي هئي اُگهي ۽ در تي وڃي فقير کي خيرات ڏنائين. خيرات وٺڻ کان پوءِ فقير رمندو رهيو. ٻئي طرف ثناء در تي بيٺي رهي. هوءَ اڄ پاڻ کي تمام گهڻي روحاني سڪون ۾ محسوس ڪري رهي هئي.

 

سنڌ جو اولهه وارو پاسو ڪاڇو جيڪو کيرٿر جبل جي اوچين چوٽين سان ڄڻ سرحدي بارڊر آهي. سنڌ جي سرزمين درياهه بادشاهه جي نالي سان سڏجي ٿي. جنهن سنڌ جو صحيح اچار سنڌو آهي. اولهندي ملڪن ۾ (Indus) جي نالي سان سڏجي ٿي. هي نالو سڪندراعظم جي ساٿين سالارن پنهنجي ڪاهن ۾ تذڪرن ۾ استعمال ڪيو ۽ پوءِ عام استعمال ۾ اچي ويو، جيئن سنڌوءَ جو پاڻي پاڻ سان آندل لٽ سان تهن مٿان تهه جوڙيندو آهي. تيئن ڪاڇي جا درياهه (نيون) پاڻ سان گڏ لٽ آڻي، ڪاڇي جي ڌرتي کي تهن مٿان تهه جيان ڍڪيو آهي، ڏٺو وڃي ته هڪ پاسي سنڌو درياهه سوين هزارين ميلن کان مختلف ڪيميائي ۽ زرخيزي وارو لٽ، سنڌ ۾ آندو آهي، تيئن ڪاڇي جي دريائن سوين هزارن ميلن کان جبلن مان ڪيميائي ۽ زرخيزي وارو لٽ ڪاڇي مٿان وڇايو آهي. اهوئي سبب آهي جو، هيٺين سنڌ ۽ مٿئين سنڌ ڪاڇي وارو علائقو پاڻي سان انتهائي زرخيز ٿئي ٿو، سنڌ جو هيٺيون پاسو سنڌو درياهه ذريعي آباد ٿئي ٿو، ان پاسي جي زمين کي پوکي کان ساهي پٽڻ جو موقعو گهٽ ملي ٿو، حالانڪه ان جي زرخيزي بي مثل آهي، پر ڪاڇي جي زمين هيٺئين کان وڌيڪ زرخيز ۽ طاقتور آهي. شايد اهو به سبب آهي جو ڪاڇي جي زمين کي برسات نه پوڻ سبب دريائن (نين) نه اچڻ سبب ساهي ملي ويندي آهي، اهوئي سبب آهي جو ڪاهي جي زمين جڏهن نين ۽ برساتن جو پاڻي ڍءُ ڪري پيئندي آهي ته ان ريج سان ٻنيءَ مان ٻه فصل پوکي ۽ کڻي سگهجن ٿا.

دريائي لٽ سان ڪچي ۾ به چند وڻن کانسواءِ، ڪاڇي وارا ساڳيا وڻ ٿين ٿا، گاهه ٿين ٿا، پر ڇو ته سنڌو درياهه بادشاهه وهندڙ آهي. تنهنڪري ان جا وڻ ڪنڊا، ٻٻر، لئو قد ۾ وڏا ٿين ٿا ۽ بت ۾ به ڀريل هوندا آهن.

پر ڪاڇي جا وڻ پاڻيءَ جي اڻهوندائي سبب جيئڻ ڄاڻن ٿا، ڀلي ٻه ٽي سال برسات نه پوي، پر پوءِ به، پاڻ سنڀاليون بيٺا هوندا آهن، اهڙيءَ طرح ڪاڇي جي مخلوق به پاڻيءَ جي اڻاٺ، بک ۽ ڏُڪر ۾ به سخت جان ٿي جيئڻ جي قوت ماڻي وٺندي آهي.

 

نور حسين ڪلهوڙو

ڪتاب: ”منهنجو ڪاڇو“

ص 113-114 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org