ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
ڀارت ۾ شاهه تي تحقيق ۽ تنقيد
شاهه عبداللطيفرحه، جنهن کي ”ڀٽ ڌڻي“
به سڏيو وڃي ٿو، دنيا جي هر زبان جي اعليٰ شاعرن ۾
شمارجي ٿو. شاهه جي شعريه عظمت، ان بلنديءَ تي
ترسيل آهي، جتي دنيا جا چند شاعر ئي اهڙي معيار تي
رسي سگهيا آهن. شاعريءَ جون سموريون صفتون، جي سخن
جي سونهن آهن، شاهه پنهنجي شعريه اظهار ۾ بخوبي ۽
ڪماليت سان استعمال ڪيون آهن. شيرين سخني، بلند
خيالي، الفاظ جي سادگي ۽ طبع جي فراوانيءَ سان
سندس شعر سينگاريل آهي. ”شاهه جو رسالو“ سراپا سون
آهي. ڪٿان به کول، ڪهڙو به سر کڻ، لافاني سٽون.
اعليٰ شاعر ان کي سڏي سگهجي ٿو، جنهن جو ڪلام،
زمان ۽ مڪان جي قيد ۽ واءُ- تاءُ کان آجو هجي، هر
دور ۽ صورتحال سان ٺهڪندڙ هجي. شاهه صاحب کي شعر
چئي ٽي صديون ٿي ويون آهن، مگر هيڏي ساري عرصي
گذرڻ بعد به نه ان جي ڪشش ۾ ڪمي آئي آهي ۽ نه وري
لطف ۾ رتي ماتر به فرق پيو آهي. شاهه جو ڪلام
انهيءَ بهاري باغ جو گل آهي، جنهن ۾ خزان جو دخل
ئي ڪونهي؛ جنهن ڪري ان جو هڳاءُ پيو هلي ۽ هشام
پيا معطر ٿين. اڄ به سندس ڪلام، اسان لاءِ ساڳي
موزونيت ۽ مناسبت رکي ٿو... اڄ به ادب ۾ سندس
نانءُ وڏي احترام ۽ محبت سان ورتو وڃي ٿو.
اڄ دنيا کي امن جي ضرورت آهي. ڪل ڪائنات جي سک ۽
شانتيءَ جو دارومدار، انسانيت سان وابسته آهي.
شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾، اهڙين ئي وصفن جي
اپٽار ڪئي آهي، جو هر دور، هر زمان ۾، دنيا جي
ڪنهن به خطي ۾، وسيل انسان لاءِ نيڪيءَ جو سرمايو
آهن. شاهه، سچو صوفي هو. هن پوري ڌرتيءَ جي
رهواسين کي پريم جو پيغام ڏنو. هُو رنگ، مذهب،
فرقي ۽ جاتيءَ جي تفاوتن کان مٿي هو. هو انسانذات
جو عملبردار هو. شاهه سائين انسان ذات جي بهتري ۽
بهبوديءَ لاءِ، ڀارت جي رشين، منين جيان، سموري
ڪائنات لاءِ رب پاڪ کان دعا گهري:
سائين! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
شاهه سائين جي ڪلام جو مطالعو ڪندي، مان ان ويچار
۾ غلطان ٿي رهجي ويندو آهيان ته ڪهڙو ڪارڻ آهي جو
شاهه جي ڪلام جي گونج، ان جي رسائي، ٻين هم فڪر
سخنورن کان ججهي آهي. هم خيال هوندي به شاهه جو
ڪلام، پنهنجو الڳ وجود رکي ٿو. ڪهڙي سبب ڪري، سندس
ڪلام ۾ دلڪشيءَ جو مقناطيسي اثر، دل تي هڪ ديرپا
نقش تراشي ٿو ڇڏي. ڪهڙي باعث هن جا بيت، هڪ چوڻيءَ
جي صورت اختيار ڪن ٿا، ڪهڙي سبب، سندس ڪلام جو
جادو چڙهي جبل چوٽ تي ٻولي رهيو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي باري ۾ برابر
گهڻو لکيو ويو آهي، پر اهو گهڻو به تمام ٿورو آهي،
منهنجو اهو ذاتي خيال آهي ته شاهه لطيفرحه
جيترو بلند پايي جو شاعر آهي، اوترو شاهه تي
سنڌيءَ ۾ تحقيقي ڪم ٿيل ڪونهي، اڃا ڪيترا شاهه جي
ڪلام جي فڪر جا نامعلوم سرچشما ڳولهڻ باقي آهن. هن
عارف جو ڪلام اونهو عميق آهي، جنهن ۾ بي شمار، بي
بها موتي موجود آهن، فقط عميق ۾ ٽٻي هڻي، حاصل ڪرڻ
جي دير آهي:
اي گت غواصن، جيئن سمنڊ سوجهيائون،
پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن ۾.
(سر سري راڳ)
شاهه سائين جي ڪلام، موضوعن ۽ زبان تي لکڻ لاءِ
ڪافي ڪجهه آهي، جنهن مان شاهه لطيفرحه
جي صحيح مقام جي پروڙ پوي.
هر گهڙيءَ شاعر جي شعر جو باريڪبينيءَ سان مطالعو
ڪرڻ سان، ڪا نه ڪا اڻ ڇهيل شاعرانه وصف اجاگر ٿيڻ
لڳندي آهي، جنهن کان اسان هيلتائين غير واقف رهجي
ويا هوندا آهيون.
سنڌ ۾ شاهه جي ڪلام تي ڪافي ڪم ٿيو آهي، پر سنڌي
هندن به ڀارت ۾ شاههرحه
کي دل سان ساريو آهي. 15- آگسٽ 1947ع ۾ ڀارت جو
ورهاڱو ٿيو. سنڌي هندو، پنهنجي جنم ڀوميءَ کي
الوداع ڪري ڀارت ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. پنهنجي جنم
ڀوميءَ کان وڇڙڻ ڪا خسيس واردات ڪانهي. اها هڪ
اهڙي درگهٽنا آهي، جا جيءَ جي اندرين تهن سان جڙيل
آهي ۽ ڪڏهن ميسارجي نٿي سگهي. شاهه صاحب به سُر
مارئيءَ ۾ حب الوطنيءَ جي پاڪيزه ۽ اعليٰ جذبي جو
ڪيڏيءَ نه صداقت سان اظهار ڪيو آهي:
واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساههُ
هيءُ سِرُ ساڻيهه سامهون، منهنجو نج ميان!
مَقا مياڻي مارئي، وڃي ٿر ٿيان!
مُيائي جيان، جي وڃي مَڙهه ملير ڏي.
(سُر مارئي)
سنڌي هندن به سنڌ کي ڪين وساريو، شاهه سائينءَ کي
ڪين وساريو. هند سنڌ جي ورهاڱي کان پوءِ سن 1951ع
۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي، جيڪو ڪتاب شايع ٿيو،
سو آهي ڪلياڻ آڏواڻيءَ (1994ع- 1911ع) جو
”شاهه(1)“ تشريحي تنقيد جو اسان وٽ شايع ٿيل
پهريون ڪتاب آهي جيڪو شاهه جي شاعريءَ تي اڄ به
يگانو آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي علميت جو دائرو بيحد
ئي وسيع آهي، هن جي دلچسپي ڪلاسيڪل ادب سان وڌيڪ
ڳنڍيل هئي. سنڌ ۾ ئي هن اساسي شاعرن تي تنقيدي ۽
تحقيقاتي مضمون لکيا هئا. هند سنڌ جي ورهاڱي کان
پوءِ هند ۾ به هن سنڌيءَ جي ڪلاسيڪل يا اساسي
شاعرن تي تمام تفصيلن سان لکيو آهي. ڪلياڻ
آڏواڻيءَ”شاهه“ ۾ شاهه عبداللطيفرحه
جي شاعريءَ جا ڪيترائي اڻ ڇهيل پهلو پڌرا ڪيا آهن.
هن ڪتاب ۾ شاهه جي موضوعن، ٻولي، عبارت، خيالن، فن
۽ فڪر تي سلسليوار تنقيد ڪئي آهي، جيڪا ڪلياڻ
آڏواڻيءَ کان اڳ ڀارت ۾ سنڌي ادب جي تاريخ جي صفحن
تي ظاهر ڪانهي.
ڪلياڻ آڏواڻيءَ هڪ ٻيو به وڏو ڪارنامو ڪري
ڏيکاريو، سو آهي سندس ترتيب ٿيل شاهه جو رسالو
(2) مُجمَلُ صورت ۾ مهاڳ، معنيٰ ۽ شرحَ وغيره
سميت، جنهن تي سن 1968ع ۾ ڀارت جي مرڪزي ساهتيه
اڪادمي طرفان کيس انعام عطا ٿيو. ان بعد کيس ڀارت
۾ مهاراشٽر سرڪار جو لک رپين جو گورو پرسڪار ۽ ٻيا
ڪيترائي انعام اڪرام ۽ مان مرتبا حاصل ٿيا. ڪلياڻ
آڏواڻيءَ جو پهريون مرتب ڪيل رسالو سنه 1958ع ۾
هندستان ڪتاب گهر، بمبئيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو هو.
اهو به هندستان ڪتاب گهر، بمبئيءَ طرفان 1966ع ۾
شايع ٿيو. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي سنڌ ۾،
شاهه جي رسالي جي عمدي عالماڻي شروعات ڪري چڪو هو،
جنهن جي تاريخي اهميت آهي. ڊاڪٽر هوتچند
گربخشاڻيءَ شاهه لطيفرحه
جي ٻولي، عبارت ۽ فيلسوفيءَ تي تفصيلوار لکيو آهي.
ڪلياڻ آڏواڻيءَ وري شاهه جي رسالي کي نئون سِٽاءُ
عطا ڪيو. سڀ کان پهرئين ته هن شاهه جي سڀني سُرن
کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي شاهه جي
رسالي جي ٽنهي جلدن (1923ع، 1924ع، 1931ع) ۾ ڪل
ارڙهن سُرَ آيل آهن. حياتيءَ هن سان وفا نه ڪئي،
تنهنڪري سندس شروع ٿيل ڪم اڌورو ئي رهجي ويو.
ڪلياڻ آڏواڻيءَ گويا اهو اڌورو ڪم پورو ڪيو. هن
ارڙهن سرن سان گڏ، رهجي ويل يارنهن سر کڻي، مڪمل
شاهه جو رسالو (1966ع) تيار ڪيو. ڪلياڻ آڏواڻيءَ
ان جو سٽاءُ ٻي طرح جو رکيو. هن هر سُرَ کي
داستانن ۾ ورهايو آهي، هر داستان پٺيان ان جو
اختصار نهايت ئي سليس ۽ سپڪ زبان ۾ بيان ڪيو آهي.
ان مان فيض اهو رسيو جو عام پڙهندڙن کي شاهه جي
ڪلام جي مفهوم کي سمجهڻ ۾ آساني ٿِي. ڪلياڻ
آڏواڻيءَ جي ان نئين ترتيب جو ٻيو پهلو اهو به آهي
جو بيتن جي لفظن جون معنائون، هر صفحي جي آخر ۾
ڏنل آهن. پڙهندڙ بيت جو مطلب آسانيءَ سان جهٽيندو
وڃي ٿو. محقق ڪلياڻ آڏواڻيءَ رسالي جا تلفظ لاڙيءَ
بدران هاڻوڪا يعني معياري بڻائي، شاهه جي ڪلام کي
عام پڙهندڙن تائين پهچايو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي هينئر
شاهه جو وڏو پارکو ۽ اختياريءَ وارو بڻجي ويو. سنڌ
۾ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جا
ايترا ڇاپا نڪري چڪا آهن جو اسان ڳڻڻ ئي ڇڏي ڏنا
آهن. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي قابليت بدولت ڀارت جي
مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ کانئس
"Makers of Indian Literature"
جي رٿا تحت انگريزيءَ ۾
"Shah Latif"
مونوگراف لکارائي سندس شاهه تي اٿارٽيءَ کي تسليم
ڪيو. ”شاهه لطيف“ ساهتيه اڪادمي، دهليءَ طرفان سن
1970ع ۾ شايع ٿيل آهي.
شاهه سائينءَ جي عقيدتمنديءَ ڪلياڻ آڏواڻيءَ کان
شاههرحه جي شائقن لاءِ هڪ ٻيو به
ڪارائتو عمل ڪرايو، سو هو عالماڻي مهاڳ سان شاهه
جي واين جو انتخاب ڪرڻ(5). ان ۾ ڪلياڻ آڏواڻيءَ
شاهه جي رسالي (1958ع) مان سموريون وايون کنيون
آهن.
فتحچند منگترام واسواڻي هڪ وڏو عالم هو. هن سنڌي
ادب جي اوسر ۾ هڪ اڻ وسرندڙ رول ادا ڪيو آهي. تصوف
۽ ويدانت جي فيلسوفيءَ جو به ڳوڙهو اڀياس ڪيو
هئائين. ڪلاسيڪل ادب ۾ هن جي چڱي خاصي دلچسپي هئي.
هن سن 1972ع ۾ اجمير مان شاهه جو رسالو (چونڊ) (هڪ
جلد ۾ ٻه ڀاڱا) ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ هن ٻوليءَ
جو(6) اصلوڪو لاڙي تلفظ قائم رکيو آهي. هن شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي شاعرانه وصفن ۽
روحاني رمزن تي به چڱي خاصي روشني وڌي آهي. بيتن
جي شرح به ڏني اٿائين، جنهن ڪري پڙهندڙن کي سمجهڻ
۾ دقت درپيش نٿي اچي.
جهمٽمل ڀاوناڻيءَ ”ڪامل جو ڪلام“ (1954ع) ۾ شاهه
جي ڪلام جو باريڪيءَ سان جائزو ورتو آهي، جنهن مان
سندس ڳوڙهو اڀياس جهلڪا پيو ڏئي. ڀاوناڻيءَ، شاهه
جو چونڊيل بيت، چئن دفعن ۾ ورهايا آهن: ڌڻيءَ جا
دور، دنيا جو دور، درد جو دور ۽ چوٿون دل جو دور.
ڪتاب جي پڇاريءَ ۾ هن الف بي وار سونيون سٽون جي
عنوان تحت شاهه جو ڪلام چونڊ سٽون ڏنيون آهن.
گدو مل هرجاڻي انگريزي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو وڏو
عالم هو. مان جڏهن سن 1958ع ۾ ماستريءَ سان
زندگيءَ جي شروعات ڪئي ته گدومل هرجاڻي اڳ ۾ ئي
اُتي سنڌي ۽ فارسيءَ جو اُستاد مقرر ٿيل هو. هو
درويش صفت اِنسان هو. اساسي ادب ۾ گهري دلچسپي
هئس. سن 1949ع ۾ ”شاهه جون ڪافيون“ عنوان تحت ڪتاب
ميدان ادب ۾ آڻي چڪو هو. هن جي هڪ ننڍڙي ڪتابڙي
آبيات عبداللطيفرحه (7) جي سري سان به
شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ هن شاهه جا ڪجهه بيت
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن.
لاکيڻي لطيفرحه، سچل سرمسترحه
۽ ساميءَ جي سرهي سر زمين تي ڄاول، ڊاڪٽر هرومل
سدارنگاڻيءَ (1913ع-1992ع) جو نانءُ ادبي عمل ۽
علميت سبب هند سنڌ ۾ پکڙيل آهي. هن جي ڪلاسيڪل ادب
۾ بيحد دلچسپي هئي. شاهه لطيفرحه سان
هن جي خاص رغبت هئي. ”ڪنور پاڙون پاتار ۾“ ان جي
ثابتي آهي. هن جو چوڻ آهي ته: شاهه عارف ڪامل هو،
جنهن کي قلبي يا لدني علم ته عطا ٿيل هو، پر گڏوگڏ
ظاهري علم به حاصل ٿيل هوس. سنه 1961ع ۾ ساهتيه
اڪادمي، دهليءَ طرفان، هرومل سدارنگاڻيءَ جي ترتيب
”شاهه جو چونڊ شعر“(8) شايع ٿيل آهي. ان ۾ هرومل
سدارنگاڻي شاهه جي شعر، فن ۽ فڪر جي تشريحي اوک
ڊوک ڪئي آهي. هو چوي ٿو:
”قرآن پاڪ جون آيتون تلميح يا تضمين طور ڪم آڻڻ،
اڪيچار حديثن جو سڌي طرح استعمال ڪرڻ يا اُلٿو ۽
تڪن جي وچ ۾ کين نزاڪتدار ڪري بيهارڻ، مادري
ٻوليءَ کي مالا مال ڪرڻ ۽ هم وطنين کي پارسي، هندي
۽ پنجابي وغيره زبانن جي هم خيال شعرن، سلوڪن ۽
دوهن جو لطف وٺائڻ لاءِ انهن کي اهڙي اڳ ۽ پنهنجي
وقت جي سنڌي شاعريءَ جي طرز ۽ خيال تي يا سندن
جواب ۾ بهتر بي بها ۽ بي ساخته نموني پيش ڪرڻ جو
اصليت جو دوکو کارائين، سندس عالم هجڻ جي ساک ڀرين
ٿا (ص 2).“
هرومل سدارنگاڻيءَ ”ڪنور پاڙون پاتار ۾“(9) جي
گذارش ۾ لکي ٿو:
”هونءَ به ڏٺو وڃي ته ڪلهوڙن جي ايامڪاري (1700ع
کان 1783ع) ۾، پارسي نه فقط درٻاري يا سرڪاري
لکپڙهه جي ٻولي هئي، پر گهرن ۾ پڻ عام جام ڳالهائي
۽ لکي ويندي هئي. گهڻيئي شاعر پارسي ۽ سنڌي، يعني
ٻنهي ٻولين ۾ شعر چوندا هئا.“
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي خادم ”ڪنور پاڙون پاتار ۾“
ڪتاب شاهه کي پڙهيل ڳڙهيل ثابت ڪري، ان تي پيل ٻين
ٻولين: عربي، پارسي، هندي، پنجابي ۽ سنڌي وغيره جو
اثر ڏيکارڻ جي مراد سان تخليق ڪيو آهي، پر ان جو
اهو مطلب هرگز نه ڪڍڻ کپي ته شاهه جي رسالي ۾ ٻين
ٻولين مان ويچار، بيت يا مصرعا ترجمو يا نقل ڪري
پيش ڪيا ويا آهن. هرومل سدارنگاڻي چواڻي:
”انساني سڀاءَ انوسار، پڙهندي پڙهندي، ڳالهائيندي
يا سرود سماع جي محفلن ۽ صوفين جوڳين جي صحبت ۾
ٻڌندي، پنهنجي من ٻڌيءَ، فڪر ۽ فلسفي سان ٺهڪندڙ
ڪي خيال، هن جي ذهن اندر گهڙي، هن جي طبيعت جو
اٽوٽ جزو بڻجي، جدا جدا موقعن تي، مختلف سرن ۽
علحدگي طور، سندس روشن ڪلڪ جي نوڪ سان، اجاگر ٿي
نڪتا، ته انهيءَ ۾ عيب ئي ڪهڙو؟“
هرومل سدارنگاڻيءَ شاهه جي رسالي ۾ نظر ايندڙ مٿي
بيان ڪيل مختلف ٻولين جي ادب جا اثر خواهه
مشابهتون به پيش ڪيون آهن. هن ۾ رچناڪار جي جذبن ۽
احساسن جي گهرائي به پسجي ٿي. مقالانگار پنهنجي
وسيع اڀياس، تجربي، ويچار ۽ احساس جو صحيح عڪس،
پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي وجهي کين پاڻ سان گڏ وٺي
هلندو.
موتي لال جوتواڻي (1936ع-2008ع) سنڌيءَ جو هڪ سٺو
ڪٿاڪار، محقق ۽ مضمون نگار مڃيو وڃي ٿو. هو گهڻ
پاسائون فنڪار هو. شاهه سائين جي شاعريءَ جو وڏو
پارکو هو. شاهه لطيفرحه جي حياتيءَ ۽
شاعريءَ تي
"Shah Abdul Latif his life and work"
تحقيقي ڪتاب لکي، دهلي يونيورسٽيءَ مان سن 1973ع ۾
ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي هئائين. موتي لال جي
اها ٿيسز دهلي يونيورسٽيءَ طرفان 1975ع ۾ شايع ٿيل
آهي. هن ٿيسز جو ايڊيشن سنڌ گورنمينٽ جي ڪلچر
ڊپارٽمينٽ به سن 2006ع ۾ شايع ڪرايو آهي. موتي لال
جوتواڻي سنڌ جي صوفي شاعرن ۽ گيان مارگي شاعرن جو
خاصو مطالعو ڪيو ٿو ڏسجي. هن مقالي ۾ مقالا نگار
شاهه جي شعر ۽ شاهه لطيفرحه جي
فلاسافيءَ کي تصوف ۽ ڀارتي سنت شاعري جي پس منظر ۾
پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ويدانت ۽ تصوف جي هڪجهڙاين
کان به ليکڪ پڙهندڙن کي روشناس ڪرايو آهي. ان کان
علاوه قلمڪار شاهه جي سورمين، شاهه جي رسالي ۾ رس،
النڪار ۽ ڇندن کي به ذڪر هيٺ آندو آهي.
ڀارت جي دهلي يونيورسٽي پهريون تعليمي ادارو آهي،
جنهن ۾ شاهه تي تحقيقي ڪم جي شروعات ٿي. ڊاڪٽر
موتي لال جوتواڻيءَ کان پوءِ موهن لال شرما ”سنڌي
ڪوتا ۾ صوفي مت“ عنوان سان تحقيقي مقالو سنڌيءَ ۾
لکي، سن 1973ع ۾ پي ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان ۾
شاهه عبداللطيفرحه جي شاعريءَ کي خاص
ذڪر هيٺ آندو ويو آهي. سنت داس جهانگياڻيءَ به
"Shah Latif and his time"
موضوع تي تحقيقي ڪم ڪري سن 1976ع ۾ پي ايڇ.ڊي جي
ڊگري حاصل ڪئي. جهانگياڻيءَ جو هيءُ مقالو
انگريزيءَ ۾ لکيل آهي ۽ ان ۾ شاههرحه
جي دور جي صورتحال جو عڪس پسجي ٿو. ڊيڪن ڪاليج جي
ڀاشا وگيانيءَ پرسي گداواڻيءَ به ساگر يونيورسٽيءَ
مان سنڌي ۽ هندي صوفي شاعرن تي تحقيقي ڪم ڪري،
ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سشيلا موٽواڻيءَ جايسي
۽ شاهه جي پريم جي عناصر موضوع تي مقالو لکي
راجسٿان يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ.ڊي ڪئي.
ويجهڙائيءَ ۾ ٻلديو مٽواڻيءَ به شاهه ۽ سچل جو
تقابلي اڀياس نالي مقالو لکي، يونيورسٽي آف
ممبئيءَ مان
Ph.D
جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.
سنڌي صوفي شاعرن تي سنڌ جي مسلمان عالمن سان گڏ
سنڌي هندو عالمن به ڪافي لکيو آهي، سنڌ خواهه هند
۾ شاهه جي ڪلام تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ اڃا
تائين شاهه تي لکجي پيو. شاهه جي شاعريءَ جي مختلف
پهلوئن تي سيمينار به پئي ٿيا آهن. سنڌي هندن لاءِ
شاهه جو رسالو هڪ مقدس، پاڪ پستڪ آهي. ڇو ته ڀارت
۾ شاههرحه کي هڪ رشي، هڪ فيلسوف ۽ هڪ
عظيم شاعر جي روپ ۾ تسليم ڪيو ويو آهي. شاهه جو
رسالو اڄ به سنڌي هندن تي گهرو اثر ڇڏي رهيو آهي.
سنڌي ادب جي تخيلقي دنيا ۾ گهڻين ئي اديبائن پاڻ
موکيو آهي، پر پوپٽي هيراننداڻيءَ جو نانءُ، انهن
سڀني ۾ اڳرو آهي. پوپٽيءَ (2005ع-1924ع) شاهه
سائينءَ تي الڳ الڳ ڪتابن ۾ گهڻو ئي لکيو آهي.
”چُرن چڻڪن چت ۾“(10) مضمون ۾ شاهه جي ڪلام تي
لکندي، پوپٽيءَ هن لافاني شاعر جي شعر ۾ سمايل
فيلسوفيءَ کي سمجهائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. اِن
سري وارن مضمون ۾ هن رامايڻ، مها ڀارت، ويدڪ
ويچارن خواهه فريد ۽ بيدل جهڙن صوفي شاعرن جي
نڪتهء نظر ۽ ڪبير، ميرا، ٽيگور ۽ ٻين مقبول شاعرن
جي تحريرن سان شاههرحه کي پيش ڪندي، ان
جي عظمت کي چمڪايو آهي. اهڙي نموني جي گوناگون
مطالعي مان ليکڪا جي وسيع اڀياس ۽ سوچ جي قوت جو
اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان مان اها به خبر پوي ٿي
ته پوپٽي شاعريءَ جي فن جي نزاڪتن ۽ باريڪ بينين
جي به سٺي شناس رکندي هئي. سن 1983ع ۾ شايع ٿيل
سندس هڪ ٻئي مضمونن جي مجموعي ”شاهه: سنڌي تهذيب
جو روح“(11) ۾ به ليکڪا شاهه جي شعر، شاهه جي
فلاسافي، شاهه جي سورمن ۽ سورمين ۽ رسالي جي ڪن
سُرن تي عالماڻا تنقيدي نگاهه ورائي آهي. سن 2000ع
۾ پوپٽيءَ جو ”شاهه لطيف جو شعر ۽ سندس سورما ۽
سورميون“ (12) شايع ٿيو، جيڪو شاهه بنسبت ڏهن
مضمونن جو انتخاب آهي. ڪتاب جي شروعات تهذيب جي
تشريح سان شروع ٿئي ٿي ۽ تهذيب جي تشريح تي هڪ الڳ
ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پوءِ به موضوع جي وضاحت ڪجهه
نه ڪجهه رهجي ويندي. پر جيڪا به مڃيل، سلجهيل
تشريح آهي، ان جي دائري ۾، ان جي مد نظر، ان جي
روشنيءَ ۾ پوپٽي هيراننداڻيءَ شاهه سورمن ۽ سورسين
جي سمجهه، شعور کي پرکيو آهي، ۽ مون کي ان سان
شامل راءِ نه ٿيڻ جو ڪو سبب ڪونهي، ڇاڪاڻ جو اُنهن
سورمن، سورمين کان اسين هر لحاظ کان آشنا آهيون.
عالمن شاهه جي سورمين تي ڪافي ڪجهه لکيو آهي، پر
پوپٽيءَ شاهه جي سورمين جو به قدر ڪري، انهن جي
چرتر جون وصفون بيان ڪيون آهن:
”شاهه جون سورميون سهڻيون آهن، ته سندس سورما به
ڪي گهٽ ڪين آهن... مومل، راڻي جي خاموشيءَ مان سبق
ٿي سکي کيس خبر آهي ته ٻيو ڪو رواجي مرد هجي ها ته
لڪڻ ڀر ۾ رکڻ بدران کيس ان سان سٽي جاڳائي ها. پر
راڻي جي صبر سندس ڍڪ ڍڪي ڇڏيو. هو پاڻ غم پِي ٿو
وڃي، پر مومل کي اگهاڙو نٿو ڪري.“
بهرحال، پوپٽي هيراننداڻيءَ شاهه جي شعر جي گهڻين
ئي خوبين زبان، عبارت، فڪر، فيلسوفيءَ تي روشني
وڌي آهي. ڪتاب شاهه کي سمجهڻ/ ماڻڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽
پڙهندڙن کي پنهنجي ٻوليءَ جي نزديڪ آڻي ٿو.
ڪمل پياسيءَ (جنم 1929ع) ”شاهه ۽ سندس پسون
سنسار“(13) نالي سان ڪتاب لکيو. ليکڪ جي هيءَ هڪ
علحدگي تخليق آهي. سن 1962ع ۾ سنڌو ڌارا ۾ قسطن ۾
شايع ٿيل ليک، سن 1986ع ۾ ليکڪ، ڪتابي صورت ۾ پڌرا
ڪيا آهن؛ جن مان پروڙ ٿي پوي ته شاهه سائين علم
حيوانيات (Zoology)
جو به علم رکندڙ هو. ليکڪ شاهه جي رسالي ۾ آيل
پاڻيءَ ۽ ڌرتيءَ واري پسون سنسار کي دلچسپ نموني
هن ڪتاب ۾ ذڪر هيٺ آندو آهي. هيءُ ڀارت ۾ ڇپيل
شاهه عبداللطيفرحه تي پنهنجي ڍنگ جو
اڪيلو ڪتاب آهي، هتي موتي رام رامواڻيءَ
(1910ع-1997ع) جي ”شاهاڻو شاهه“ ۽ سنتداس
جهانگياڻيءَ (1926ع-1988ع) جي ”جن سپون سوڌي
ڪڍيون“
(1985ع) کي به ذڪر هيٺ آڻي سگهجي ٿو. اِهي ٻئي
ڪتاب شاهه سائين جي ڪلام تي تحقيقي ۽ تنقيدي نظر
وجهن ٿا.
ٻنهي اسان لاءِ شاهه بابت چڱو ئي معلوماتي ذخيرو
مهيا ڪيو آهي. رامواڻيءَ، شاهه جي ڪلام مان ڪجهه
بيتن کي کڻي، اُنهن ۾ سمايل روحاني رمزن جي وضاحت
ڪئي آهي، ته جهانگياڻيءَ پنهنجن تحقيقي ۽ تنقيدي
مضمونن ۾ ڪيترا اڇوتا موضوع اسان جي اڳيان آندا
آهن: سوامي پراڻناٿ ۽ شاهه عبداللطيف، شاهه ۽ عيد،
شاهه جي زماني ۾ سنڌ جو واپار وغيره.
ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ، رام پنجواڻي (1987ع-
1911ع) پهريون شخص هو، جنهن ڀارت ۾ سنڌين جي
ثقافتي تحريڪ کي ڦهلايو. رام جون ادبي ۽ ڪلچرل
خدمتون وسارڻ جون ناهن. هن جي گهر ۾ چونڪي ٿيندي
هئي، جنهن ۾ اساسي شاعرن جا ڪلام، ماڻهن جي سنگيت
جي پياس ٻُجهائيندا هئا. صوفي شاعرن جو ڪلام ڳائڻ
۾ ايندو هو. هونئن به ادب، موسيقي، ناچ ۽ ناٽڪ
ڪلائون پنهنجي آغاز کان ئي ڪنهن نه ڪنهن طرح
ناظرين ۽ قارئين تائين پهچي، انهن لاءِ نه فقط
دلچسپيءَ جو باعث رهيون آهن. پر سندن ذهن کي
جهنجهوڙي، سوچ ۽ فڪر ۾ اضافو آڻي، کين زندگيءَ
بابت سوچڻ لاءِ آماده ڪنديون آهن. رام پنجواڻي
عوام جي ان فطرت کان بخوبي واقف هو. انڪري هن سنڌ
جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه
جي ستن ڪهاڻين کي، شاهه جي بيتن سان گڏ، سن 1951ع
۾ ميدانِ ادب تي آندو. پوءِ انهن ڪهاڻين کي ناٽڪي
طرز ۾ پيش ڪيو. ڪتاب ٻيهر ”سنڌ جا ست ناٽڪ“(14) جي
سري سان 1977ع ۾ شايع ٿيو. شاهه جي لوڪ ڪهاڻين تي
رچيل رام پنجواڻيءَ جا ناٽڪ پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽
اسٽيج تي به ڪاميابيءَ سان پيش ٿي، ڏسندڙن جو داد
حاصل ڪري چڪا آهن.
ڪتاب جي مهڙ ۾ لال سنگهه اجواڻيءَ (1976ع-1899ع)
شاهه جي لوڪ گيت ۽ لوڪ ڪهاڻين جي جائزي تي عالمانه
روشني وڌي آهي. لال سنگهه اجواڻيءَ
"History of Sindhi Literature"(15)
۾ به شاهه تي سڄا سارا ٻه باب لکيا آهن:
"Shah Abdul Latif of Bhit"
۽
"The Risalo of Shah"
جن ۾ هن شاهه جي ڪلام، تصوف ۽ فيلسوفيءَ تي ته
لکيو آهي، پر شاهه تي ٿيل الڳ الڳ عالمن جي تحقيق
۽ تنقيد کان به پڙهندڙن کي واقف ڪيو آهي.
ارجن ميرچنداڻي (2006ع-1924ع) شاد اول آخر شاعر
آهي پر هن ڪيترائي عالماڻه مضمون ۽ مقالا به
قلمبند ڪيا آهن. سن 2001ع ۾ سندس ”ادبي خوشبو“(16)
شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ اديب مختلف موضوعن تي، ادبي
سيمينارن ۾ مختلف موقعن تي پڙهيل مقالا/ ريڊيو
ٽاڪ/ تبصرا مهيا ڪيا آهن. عالمي ادب جي روايتن کان
باشناس هئڻ ڪري، ليکڪ جي موضوعن تي مضبوط پڪڙ آهي،
ارجن شاد شاهه جي ڪلام جو گهرو مطالعو ڪيو ٿو
ڏسجي. ”ادبي خوشبو“ ۾ ارجن شاد جا شاهه متعلق
هيٺيان مقالا شامل آهن:
1. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تيار ڪيل ”شاهه جو رسالو“
جي اهميت
2. پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ۽ شاهه جو رسالو
3. شاهه جي شعر ۾ تصوير ڪشي ۽ تمثيل
4. شاهه جي شعر ۾ ريتيون رسمون
5. مجاز ۽ روحانيت
6. شاهه ۽ دور حاضر
ڪتاب جو اڌ کان وڌيڪ مواد شاهه بنسبت ئي آهي، ان
قسم جا مقالا/ مضمون شاهه سائينءَ جي ڪلام، پيغام،
فڪر ۽ فهم کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.
ارجن شاد جا مٿيان مقالا/ مضمون ادبي حلقن ۾ بيحد
مقبول بڻيا آهن. هر ڳالهه جي تهه ۾ وڃي مقالانگار
موضوع جي پرک ڪري ٿو. شاهه جي ڪلام جي تڪ تور جي
سلسلي ۾، ارجن شاد جا مقالا ڪافي اهميت رکن ٿا ۽
ڪافي تخليقي ۽ تحقيقي معياري مواد ميسر ڪن ٿا.
ليکڪ شاهه جي ڪلام جي پرک، ادبي اصولن جي مد نظر
تمام صداقت سان ڪري ٿو. هو شاهه جي شاعريءَ جون ڀن
ڀن خصوصيتون، مثالن سان بيان ڪندو هلي ٿو. هيءُ
اهڙو محقق آهي، جنهن احوال ۾ بلڪل خارجي نظريو
اختيار ڪيو آهي، جذباتي ڇهاءُ مٿس حاوي ڪونهي.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي (جنم: 1930ع) هند سنڌ جو هڪ
ماهر اديب، گهرو اڀياس ۽ وسيع معلومات رکندڙ محقق
آهي. هن جي نگهبانيءَ هيٺ ڪيترائي شخص
Ph.D
جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪري چڪا آهن. هن کي سنڌي،
هندي، انگريزي، سنسڪرت زبانن جو علم آهي. ”شاهه جو
رسالو“ (هڪ اڀياس)(17) شاهه عبداللطيفرحه
۽ سندس ڪلام تي مختلف وقتن تي ادبي سيمينارن ۾
پڙهيل تحقيقي ۽ تنقيدي مضمونن جو مجموعو آهي. شاهه
سائينءَ تي هند ۽ سنڌ ۾ جيڪو تحقيقي ڪم ٿيو آهي،
تنهن جي مختصر معلومات ڪتاب ڏنل آهي. ان کان علاوه
شاهه جي ڪلام سان واسطو رکندڙ ڪيترن ٻين پهلوئن کي
به ويچار هيٺ آندو آهي. مضمونن ۾ دهراءُ به ملي
ٿو.
ڪتاب ۾ هيٺيان مضمون شامل آهن:
1. ڀارت ۾ شاهه لطيف جي ڪلام جو مطالعو
2. سنڌ ۾ شاهه لطيفرحه جي ڪلام جو
مطالعو
3. شاهه جي ڪلام جا قلمي نسخا ۽ ڇاپا
4. ڀارت ۾ شاهه لطيف جي ڪلا بابت کوج جو دائرو
5. شاهه جي رسالي جي ٻولي
6. شاهه جي رسالي ۾ ”ڪيڪاڻ“ لفظ جي پڙهڻي ۽ معنيٰ
7. هنگلاج تيرٿ جي ياترا
8. شاهه، سچل ۽ سامي
(ڀارتي ڀڳتي ڪاويه ڌارا جي سلسلي ۾)
9. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(شاهه لطيفرحه جي ڪلام جو اڀياس)
مٿين مضمونن جي فهرست تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم
ٿيندو ته قلمڪار شاهه سائينءَ جي ڪلام جي ڪيترن ئي
پهلوئن تي جيڪو تحقيقي ڪم ٿيو آهي؛ تنهن ۾
يونيورسٽي تحقيقي به شامل آهي. ان حوالي سان ليکڪ
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ايم. فل ۽ پي ايڇ.ڊي ڊگريءَ
لاءِ لکيل مقالن جو به تذڪرو ڪيو آهي. جيٽليءَ
هنگلاج ياترا کي به پنهنجي مضمون ۾ ويچار هيٺ آندو
آهي. هنگلاج ياترا جو مفصل احوال هن کان اڳ ڪاڪي
ڀيرو مل ”لطيفي سر“ ۾ ڪيو آهي.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لسانيات ۾ تربيت حاصل ڪيل آهي.
هن ڀاشا وگيان ۾ ئي پي ايڇ.ڊي حاصل ڪئي آهي. هن جي
تحقيقي مقالي جو عنوان آهي ”سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي
بناوٽ“ ٻوليءَ ڏانهن هن جي رغبت سڀاويڪ آهي.
جيٽلي، شاهه جي رسالي جي ٻوليءَ بابت لکي ٿو:
”شاهه جي رسالي جي ٻولي، مکيه طرح سنڌيءَ جي لاڙي
اُپڀاشا جو اهو روپ آهي جيڪو ارڙهين عيسوي صديءَ ۾
مروج هو. انهيءَ جون ڪيتريون خاصيتون موجوده دور ۾
به لاڙيءَ جي ٻول چال واري لهجي ۾ قائم آهن. ممڪن
آهي ته ارڙهين- اوڻويهين صديءَ ۾ لکيل شاهه جي
ڪلام جا جيڪي قلمي نسخا مليل آهن، انهن ۾ ڪاتبن
پنهنجي پنهنجي لهجي مطابق به ٻوليءَ ۾ ڪي قدر
تبديلي آندي هوندي. (ص 68)“
ان بعد ليکڪ شاهه جي ڪلام جي شبد ڀنڊار بابت ڪافي
وستار سان لکيو آهي ۽ عبارت جي لحاظ کان شاهه جي
ٻوليءَ جون خاصيتون بيان ڪيون آهن.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي شاهه جي رسالي ۾ ”ڪيڪاڻ“ لفظ
جي پڙهڻي ۽ معنيٰ ۾ لکي ٿو:
”شاهه جي رسالي ۾ ”ڪيڪاڻ“ لفظ سر کنڀات ۾ ڪتب آيو
آهي. انهيءَ جي معنيٰ آهي- گهوڙو. گهوڙي تي
”ڪيڪاڻ“ نالو ڪيئن پيو، انهيءَ بابت ڪن لغت نويسن
اِها سمجهاڻي ڏني آهي ته اهو اصل ۾ هڪ ديش يا
علائقي جو نالو آهي، انهيءَ ڪري ان ديش جي مشهور
گهوڙن کي به ”ڪيڪاڻ“ سڏيو ويو آهي، چارڻن جي روايت
موجب پڻ اِها ئي سمجهاڻي صحيح آهي.“(ص 97)
جيٽليءَ ڪيڪاڻ لفظ جي پڙهڻيءَ، معنيٰ ۽ تاريخي
ارتقا تي به مختصر بحث ڪيو آهي. ڊاڪٽر مرليڌر
جيٽلي ڀاشا وگيان جو ڄاڻو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ماهر
آهي.
شاهه جي ڪلام ۾ ٻيا به ڪيترائي ٺيٺ سنڌي لفظ ۽
محاورا آهن، جيڪي رفته رفته اسان جي ٻوليءَ مان
غائب ٿيندا پيا وڃن. اديب اهڙن لفظن جو به ٿوري ۾
ذڪر ڪيو آهي. هن جي ڏنل احوالن جي صداقت معتبر ٿي
ڀاسي. هن جيڪي به لکيو آهي، سو پڙهندڙن ۾ شاهه جي
ٻوجهه ضرور پيدا ڪندو. اهڙا ڪتاب سنڌي زبان جي
سونهن آهن.
ڀارت ۾ ٻين اديبن به پنهنجن تحقيقي ۽ تنقيدي
مضمونن ۾ شاهه جي شعر بابت چڱو ئي معلوماتي ذخيرو
مهيا ڪيو آهي. اهڙن ڪتاب ۾ اُمت (1923ع) جو شاهه،
سچل، سامي (نئين نظر)، قيمت هريسنگهاڻيءَ
(1935ع-1997ع) شاهه، سچل سامي (18) (مقالا)، ممبئي
يونيورسٽيءَ جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي(20)، هيري
شيوڪاڻيءَ (جنم 1935ع) جو لوڪ لهر وارو وهي
وغيره.(21)
اُتم جي مرتب ٿيل ”شاهه، سچل، ساميءَ“ ۾ شاهه بابت
هيٺيان مضمون شامل آهن.
1. شاهه، سچل ۽ سامي: اي جي اُتم
2. شاهه ۽ سنڌي: ڪلياڻ آڏواڻي
3. شاهه جي ٻولي ۽ ڀاشا وگيان: ليلو رچنداڻي
4. شاهه ۽ سنڌيت: منگهارام ملڪاڻي
قيمت هريسنگهاڻيءَ جي مرتب ڪيل شاهه سچل ساميءَ ۾
هند ۽ سرحد جي هن پار سنڌ جي ناميارن اديبن سنڌيءَ
جي ٽن ڪلاسيڪي شاعرن جي جدا جدا وصفن تي لکيو آهي.
اِن جي وضاحت منهنجي وشيه کان ٻاهر آهي. ڪتاب جي
پهرئين ڀاڱي ۾ قيمت هريسنگهاڻيءَ اساسي شاعرن تي
لکيو آهي. سندس شاهه تي لکيل مضمون جو سرو آهي.
”آفاقي شاعر شاهه“ هن شاهه جي ڪلام تي لکندي
ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ جي پس منظر ۾ سٺي ڄاڻ ڏني
آهي. شاهه جي حوالي ۾ هن هيٺين ڳالهين تي روشني
وڌي آهي:
1. شاعري خوشبوءِ
2. اصطلاحي گفتا ۽ لوڪ چوڻيون
3. سوچ، فڪر جي تقاضا
4. وحدت الوجودگيءَ جي رهبري
پڇاڙيءَ ۾ شاهه کي آفاقي شاعر ڪوٺيندي لکيو اٿائين
ته شاهه اهو وکر وهايو آهي، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
ممبئي يونيورسٽيءَ طرفان 2001ع ۾ شايع ٿيل شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ ۾ ڀارت جي ٻن عالمن: ڊاڪٽر
مرليڌر جيٽلي ۽ هيري ٺڪر جا شاهه بنسبت معياري
مقالا شامل آهن. مرليڌر جيٽلي شاهه جي ڪلام ۾ مرڪب
لفظن تي لکيو آهي ته هيري ٺڪر شاهه لطيفرحه
۽ جوڳي موضوع کي ويچار هيٺ آندو آهي. جيٽلي پنهنجي
مقالي ۾ سنڌي زبان جي گرامري سٽاءَ جو تاريخي
ارتقا واري پس منظر ۾ شاهه جي رسالي جي جدا جدا
قلمي نسخن ۽ جهونن ڇاپن جي حوالي ۾ جائزو ورتو
آهي. هن شاهه جي ڪلام ۾ ڪم آندل مرڪب لفظن جي
تشريح به ڪئي آهي. هو چوي ٿو ته هتي چند لفظ ئي
مثال طور پيش ڪيا ويا آهن. مقالي ۾ ڊاڪٽر وڌيڪ لکي
ٿو ته:
”انهن لفظن جي گهاڙيٽي خواهه اندروني جوڙجڪ جو
جيڪڏهن تفصيلوار مطالعو ڪبو ته لفظن جا ٻيا به
ڪيترائي قسم نڪري نروار ٿيندا، مقالا نگار جديد
ڀاشا و گيان جي مد نظر شاهه جي رسالي ٻوليءَ جو
ڇيد ڪيو آهي. هن جي شاهه جي ڪلام جي سنڌي ٻوليءَ
جي بيهڪ/ سٽاءَ تي به عمدي روشني وڌي آهي. شاهه جي
ٻولي ۽ ان جي وصف کي اڄ به باريڪيءَ سان سمجهڻ جي
ضرورت آهي.
هيرو ٺڪر (جنم: 1943ع) هند سنڌ جو هڪ ناميارو اديب
آهي. قاضي قادن جي بيتن تي ڪيل هيري ٺڪر جي تحقيقي
عمل، هن کي هند سنڌ ۾ بيحد شهرت ۽ مقبوليت عطا
ڪئي. هيري ٺڪر پنهنجي تحقيقي مقالي ”شاهه لطيف ۽
جوڳي“ جي شروعات ۾ ئي چوي ٿو:
”جوڳين جو ذڪر سنڌي شاعريءَ ۾ ايترو قديم آهي،
جيترو هيل تائين دستياب ٿيل خود قديم شاعري آهي.
آڳاٽي سنڌي شاعريءَ جا ۽ سنڌيءَ جي پهرين شاعر
قاضي قادن جا جڏهن ست بيت روشنيءَ هيٺ آيل هئا ته،
انهن مان به هڪ بيت ”جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هئس ننڊ
۾ هو“.
هو پنهنجي مقالي ۾ وڌيڪ لکي ٿو:
”جوڳين سان تعلق رکندڙ شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ جيڪا
نمايان حيثيت ملي آهي، ان جو سبب شاهه جو رسالو ئي
آهي. رسالي جي سر رامڪلي، سر پورب ۽ سر کاهوڙيءَ ۾
اهو موضوع مڪمل آب تاب سان اجاگر ٿي بيٺو آهي.“
هيري ٺڪر شاهه جي ڪلام مان مثال به پيش ڪيا آهن.
هيري ٺڪر ”جوڳي“ لفظ جي وضاحت به ڪري ٿو. هن جوڳي
لفظ جي وضاحت ڪندي ٻين عالمن جهڙوڪ تنوير عباسي،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مرزا قليچ بيگ، مولانا
دين محمد وفائي، ڪلياڻ آڏواڻي، لال سنگهه اجواڻي،
ڪاڪي ڀيرومل مهرچند جا رايا به پيش ڪيا آهن،
جنهنڪري سندس ڏنل احوالن جي صداقت وڌيڪ معتبر لڳي
ٿي.
”لوڪ لهوارو وهي، تون اوچو وهه اوڀار“ ۾ پروفيسر
هيري شيوڪاڻيءَ جا شاهه متعلق ٻه تنقيدي مضمون
شامل آهن:
1. شاهه لطيفرحه ۽ ڀڳتي هلچل
2. شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي هڪ
نئين نظر
انهن ٻنهي مضمونن ۾ ليکڪ جو پنهنجو اڀياس ۽
جاچنائون آهن، جن ادبي حلقن جو ڌيان ڇڪايو آهي.
شاهه ۽ ڀڳتي هلچل موضوع تي سنڌيءَ ۾ ڪافي سرمايو
ميسر آهي؛ ان موضوع تي سنڌيءَ ۾ گهڻن ئي ڀارتي
عالمن قلم هلايو آهي، پر هيري شيوڪاڻيءَ عالمگير
شاعر شاهه سائينءَ جي ڪلام تي ڀڳتي هلچل جي پس
منظر ۾، پنهنجي نڪتهء نظر کان سنجيدگيءَ ۽
گهرائيءَ سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري شاهه کي هڪ منفرد اعليٰ
مقام ڏنو آهي. هيري ٻئي مضمون ۾ شاهه کي ڪلاسيڪل
شاعريءَ جي حوالي ۾ جديديت جي طرز تي نئين روشني
وڌي آهي. ليکڪ ٻين ڪيترن عالمن جا حوالا به ڏئي
ٿو. ليکڪ شاهه ۾ ڪافي گهرو ويو آهي، جنهن مان نقاد
جي ذهن ۽ ڳوڙهي مطالعي جي ساک ملي ٿي. مقالي جي
ٻولي سنڌي سنواٽي، عام فهم، سپڪ ۽ پرڪشش آهي.
شاهه، سنڌ آهي ۽ سنڌ شاهه، انهيءَ نُڪتي کان ڪوبه
عالم انڪاري نه ٿيندو ۽ نه ٿيو آهي. شاهه سائينءَ
تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، پوءِ به ٿورو آهي.
شاهه جي ڪلام جون اڃا گهڻيون ڪنڊون اجاگر ٿيڻ باقي
آهن، اڃا مطالعي جا ڪافي تاڪ کلڻا آهن. شاهه دنيا
جي مشهور ۽ معروف شاعرن ۾ هڪ ممتاز هستيءَ جو مالڪ
آهي. هن کي شاعراڻي قوت اعليٰ پيماني تي عطا ٿيل
هئي، جنهن کيس هر طرح ڪامِلُ ۽ هر دلعزيز شاعر
بڻائي ڇڏيو. شاهه جو شعر انيڪ جوهرن سان معمور
آهي، جنهن تي سنڌ ۽ هند جي سنڌين کي ناز آهي. شاهه
جي ڪلام جو اثر بيحد ئي وسيع آهي، ان وسعت جي پس
منظر ۾ سندس ڪلام جو مڪمل جائزو وٺڻ ڪو آسان مرحلو
ڪونهي. مان گذارش ڪري چڪو آهيان ته شاهه سنڌ آهي.
هن سنڌ جي عوام، مقام ۽ ماحول جي تصوير چٽي آهي ۽
ٻيو گفتو سنڌ شاهه آهي، ان سان منهنجو مطلب شاهه
جي ٻولي ۽ طرز بيان سان آهي، جنهن جي بنياد تي،
پختي بنياد تي، شاهه کي عظيم سڏيندي، اسان کي ڪابه
هٻڪ نه پر فخر جو احساس ٿئي ٿو.
(حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 270 هين عُرس
مبارڪ تي سڏايل شاهه لطيف عالمي ادبي ڪانفرنس ۾ 19
ڊسمبر 2013ع تي پڙهيل)
حوالا
1.
ڪلياڻ آڏواڻي (1951ع)، شاهه، ڇپائيندڙ، بمبئي:
چيتن ليکراج ماڙيوالا.
2.
ڪلياڻ آڏواڻي (1966ع)، شاهه جو رسالو، رسالو شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جو، بمبئي: هندستان ڪتاب گهر.
3.
ڪلياڻ آڏواڻي (1958ع)، شاهه جو رسالو، بمبئي:
هندستان ڪتاب گهر.
4.
ڪلياڻ آڏواڻي (1979ع)، شاهه لطيف (انگريزيءَ ۾)
نيو دهلي: ساهتيه اڪادمي.
5.
ڪلياڻ آڏواڻي (1988ع)، شاهه جون وايون، پبلشر
بمبئي: سرسوتي.
6.
فتح چند واسواڻي (1962ع)، شاهه جو رسالو (چونڊ)
اجمير: سندر ساهتيه پبلشنگ هائوس.
7.
هرجاڻي گدو مل کٽڻ مل: اَبيات عبداللطيف عرف شاهه
جو رسالو، ڇپائيندڙ: رميش هرجاڻي.
8.
هرومل سدارنگاڻي، خادم (1962ع): شاهه جو چونڊ شعر
(انتخاب)، نيو دهلي: ساهتيه اڪادمي.
9.
هرومل سدارنگاڻي، خادم (1984ع): ڪنور پاڙون پاتار
۾، نيو دهلي: پبلشر اندر ڪمار.
10.
پوپٽي هيراننداڻي (1970ع): چُرَنِ چِڻِڪن چت ۾،
بمبئي: ڪونج پبليڪيشن.
11.
پوپٽي هيراننداڻي (1983ع) شاهه، سنڌي تهذيب جو
روح، بمبئي: عامل پئنچات.
12.
پوپٽي: هيراننداڻي (2000ع)، شاهه جو شعر ۽ سندس
سورما ۽ سورميون، بمبئي: ديپشکا پبليڪيشن.
13.
ڪمل پياسي (1986ع)، شاهه ۽ پسون سنسار، ويراول:
ڇپائيندڙ، انيتا ڪمل پياسي.
14.
پروفيسر رام پنجواڻي (1977ع)، سنڌ جا ست ناٽڪ،
الهاس نگر: سنڌي ٽائمس.
15.
L.H. Ajwani (1970) History of Sindhi Literature,
New Dehli: Sahitya Academi, Pages 65 to 89.
16.
ڊاڪٽر ارجن مير چنداڻي، شاد (2001ع)، ممبئي:
پبلشر: ليکڪ پاڻ.
17.
مرليڌر جيٽلي (1992ع)، شاهه جو رسالو (هڪ اڀياس)
پرڪاشڪ، اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه ودوت پريشد پُڻي.
18.
اي.جي اُتم (1982ع)، شاهه سچل سامي، بمبئي: نئين
دنيا پبليڪيشنس.
19.
قيمت هريسنگهاڻي (1990ع)، شاهه سچل سامي، ڀوپال:
پرڪاشڪ: سنڌي هندي پرڪاشن سدن.
20.
ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي (مرتب) (2001ع)، ممبئي: شاهه
عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي.
21.
پروفيسر هيرو شيوڪاڻي: 2003ع، لوڪ لهوارو وهي، تون
اوچو وهه اوڀار، احمد آباد، سنت ڪنور فائونڊيشن.
• هڪ جڳ مشهور ڏاهي جو چوڻ آهي ته انسان جي دنيا،
بنيادي طرح سمجهه، ڏاهپ، پيار ۽ علم جي دنيا آهي،
پر خبر ناهي ڇو ڪي انسان، انسانيت کي ان عظيم
خوبين کان پري رکڻ لاءِ ويڙهه ۽ نفرتون پکيڙڻ
جنگيون ۽ قتل ڪرڻ، علم جي روشني بجاءِ سڄي جهان کي
جهالت جي اونڌهه ۾ غرق ڪرڻ کي اهميت ڏين ٿا. (نوم
چومڪسي)
• هڪ ٻي ڏاهي جو چوڻ آهي ماڻهو جوان ٿيڻ ۾ ڪئين
سال وٺي ٿو، پر ڏاهن جي صحبت ۾ سٺن ڪتابن جي چند
ساعتن جي دوستي، هن کي ٿورڙي ئي وقت ۾ ذهني طرح
تمام وڏو ڪريو ڇڏين. (ڦيٿا عورث)
يوناني ڏاهي ارسطو جو چوڻ آهي انسانن جا گهڻا
مسئلا سياست ۽ حڪومت حل ڪري سگهن ٿيون. اگر انسانن
جي مجموعي ۾ ڪي سڀ کان وڌيڪ باشعور ۽ حساس ماڻهو
چونڊڻا هجن ته اهي صرف شاعر آهن. شاعرن جي
پارليامينٽ ٺاهجي ته دنيا مان سموريون جنگيون،
نفرتون، ڏک، انسان جون انسان سان ڏاڍايون سڀ ختم
ٿي وڃن، ڄڻ ته انساني سماج جا گهڻا مسئلا ئي حل ٿي
وڃن.
هڪ ٻي يورپي دانشور رابرٽ پين وارن جو چوڻ آهي ته
شاعري اهڙي شيءِ ناهي، جيڪا ڏسڻ ۾ اچي“ البته اها
روشن آهي، جنهن سان اسان ڏسون پيا، ۽ جيڪا شيءِ
شاعري سان اسان چٽي طرح ڏسي سگهون ٿا، اها آهي
زندگي! سرويسٽر جو چوڻ آهي ته اڪثر شاعر غريب
هوندا آهن، ان جو اهو سبب آهي ته غريبن مان ئي
اڪثر سٺا شاعر پيدا ٿيندا آهن.
خادم ٽالپر
ڪتاب: ”لکا ڪي ۾ چنڊ“ تان کنيل چونڊ سٽون
نوان ڪتاب
نوان ڪتاب
|