سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:13 

شبنم گل

 

 

 

 

ڪاش مان الباٽراس هجان!

سمنڊ جي لهرن تي سج جا ڪرڻا ڄڻ ستارن جيان جرڪي رهيا هئا. ڊيڪ تي مسافر ڪچهريءَ ۾ رڌل آهن. پاڻيءَ جو هيءُ جهاز مسافرن کي هڪ خوبصورت جزيري ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. اڪثر ماڻهو پنهنجي خاندان سان اونهاري جون موڪلون گذارڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. انهن ۾ ڪي فوجي به شامل آهن. ٽورسٽ گائيڊ اليڪس، دوربين سان آسمان جو نظارو ڪري رهيو آهي. ٻاهٺ سالن جو اليڪس زنده دل انسان آهي. جهاز تي موجود هر ماڻهو هن جي ڪمپنيءَ ۾ پاڻ کي خوش ۽ پرسڪون محسوس ڪري ٿو. مٿي آسمان تي ٻه الباٽراس پکي اڏامي رهيا آهن. اليڪس کي سمنڊ سان عشق آهي.

دوربين ۾ ڏسي ٿو ته الباٽراس جا سفيد پکي ڪپهه جي پوڻين جيان لڳن ٿا. انگلينڊ جا اهي جزيره پوري دنيا جي سياحن جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهن. وائلڊ لائف سان پيار ڪندڙ ماڻهو سيگل ۽ الباٽراس جهڙن پَکين جي خوبصورت اڏام سان محظوظ ٿين ٿا. انهن ساحلي علائقن ۾ زندگي خوبصورت نظارن جي حسن ۾ وڃائجي وڌيڪ بامعنيٰ لڳي ٿي.

پر انهن پکين مان اليڪس کي الباٽراس پسند آهي. هن جي دل ۾ الباٽراس وانگر اڏام جي خواهش آهي. الباٽراس کي ڇهي ڏسڻ جي تمنا... نيري آسمان جي پس منظر ۾ الباٽراس جو جوڙو اڏامي رهيو آهي. پنهنجي اڻپوري تمنا تي دل ئي دل ۾ کلي پوي ٿو، ڪٿي الباٽراس ۽ ڪٿي هو.

الباٽراس آسمانن جو شهزادو آهي. آسمان جي پنهنجي هڪ لامحدود دنيا آهي. سمنڊ جيان آسمان به اليڪس جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. سمنڊ جي اها خوبي آهي ته هُو آسمان جي مختلف رنگن کي پنهنجي اندر جذب ڪري ٿو. سمنڊ آسمان جي مختلف منظرن ۾ کيس سدائين پُرڪشش لڳي ٿو.

سمنڊ آسمان جو هڪ سهڻو عڪس آهي. عڪس حقيقت کان وڌيڪ دلفريب ٿئي ٿو. اليڪس کي حقيقتن کان وڌيڪ خواب وڻن ٿا. خواب کيس لکڻ لاءِ اُتساهين ٿا. سفر ڏانهن ڇڪن ٿا. ۽ هُو اڻ ڏٺل دنيائون دريافت ڪندو رهي ٿو. هن ڌرتي تي جيترا انسان وسن ٿا، اوتريون ئي دنيائون آهن. هر انسان ۾ هڪ مختلف دنيا وسي ٿي.

”تون آسمان ۾ ڇا ڏسي رهيو آهين؟“

مرڪ هن جي ويجهو اچي چوي ٿي.

”تون پاڻ ڏس.“ اليڪس کيس دوربين ڏئي ٿو.

دوربين وٺي هُو آسمان ڏانهن ڏسي ٿي.

”فقط آسمان نظر اچي ٿو.“

”آسمان ۾ گهڻو ڪجهه آهي.“ اليڪس آسمان ڏانهن ڏسي فخر سان چوي ٿو ته:

”هوڏانهن ڏس اُتر طرف الباٽراس اڏامن ٿا.“

ان پاسي آڱر سان اشارو ڪندي اليڪس چيو.

”ها هُو ٻه پکي“، مرڪ دوربين جو رخ بدلائي ڏسي ٿي.

”ها هُو ٻه پکي جيڪي آسمان ۾ اڏامندي ڪيترا نه سهڻا لڳن ٿا!“

”ها تمام گهڻا خوبصورت آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته بلڪل برابر اڏامي رهيا آهن. ڄڻ هڪٻئي سان جڙيل هجن.“

مرڪ حيرت مان چوي ٿي.

ڪي پل دوربين ۾ آسمان ڏانهن ڏسندي رهي ٿي پوءِ اليڪس کي دوربين ڏيندي چوي ٿي. ”هيءُ ڪهڙو پکي آهي؟“

”الباٽراس“ اليڪس پيار سان چوي ٿو:

”الباٽراس!“

”هي پيار جي علامت آهي.“

”مون اڳي ان پکيءَ جو نالو نه ٻڌو آهي.“

مرڪ، اليڪس جي ڀرسان ويهندي چيو.

”هيءُ منهنجو پسنديده پکي آهي.“

”هن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟“

”هن جا پَر يارنهن فوٽ ويڪرا ٿين ٿا.“

”واقعي!“

”هيءَ سمنڊ تي اڏامندو آهي، ڪيترا هزار ميل هيءُ پکي بنان پرن چورڻ جي سمنڊ مٿان اُڏامندو رهي ٿو.“

”تعجب جي ڳالهه آهي.“ مرڪ حيرت مان چوي ٿي. "Albatross is a miracle of nature" اليڪس آسمانن ڏانهن ڏسي وراڻيو، جتي الباٽراس اڏامي رهيا آهن، مرڪ مٿي ڏسي ٿي. نيرو آسمان هن جي اکين ۾ سڪون ڀري ٿو ڇڏي. وسعت کي روح ۾ لهندي محسوس ڪري ٿي.

”مان الباٽراس کي ويجهو کان ڏسڻ چاهيان ٿي.“ ننڊاکڙي لهجي ۾ مرڪ چوي ٿي.

”هيءُ پکي ڪڏهن جهاز تي اچي پسار ڪندو آهي. پوءِ ويجهو کان ڏسجانءِ.“

اليڪس اُٿي ڪيبن ڏانهن وڃڻ لڳو.

سُونهن ۽ سارس هن جي ڀرسان اچي ويٺا. سونهن تيرهن سالن جي آهي ۽ سارس پندرهن سالن جو. هن ڀيري جنيد ملائيشيا ۾ پنهنجي ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ مصروف هئڻ سبب هنن سان نه آيو. هن ڀيري هوءَ ٻارن سان اڪيلو سفر ڪري رهي هئي.

هن دفعي هوءَ ذهني طور منتشر هئي. هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ جنيد کان الڳ ٿي ويندي.

تعلق بوجهه بڻجي وڃي ته ان کي ٽوڙي ڇڏجي. هوءَ هر مصلحت جي ڪن مان ٻاهر نڪرڻ ٿي چاهي.

ٻنهي زال مڙسن جو تعلق سنڌ سان آهي، پر سنڌ کان موڪلائي يارنهن سال ٿيا اٿن. مرڪ سڄي دنيا گهمي، ڪيترا ملڪ ڏٺائين، پر سنڌ جهڙو مزو ۽ ماحول ڪٿي به نظر نه آيس.

ملائيشيا ۾ به اڪثر اداس رهندي هئي. ان ڳالهه تي جنيد وڙهندو هيس.

”ماڻهو جنهن مستقبل جي تمنا ڪندا آهن. جنهن منزل تي پڄڻ جا خواب ڏسن ٿا. اهي سموريون آسائشون توکي مليون آهن. اڃان توکي ٻيو ڇا کپي مرڪ.“

پر مرڪ قائل نه ٿي سگهندي هئي. هن جي زندگي مڪمل احساس کان وانجهيل هئي. جنيد هڪ عام مرد هو. هن کي هڪ سٺي زندگي ڏني هئائين. دنيا جي هر سهولت کيس ميسر هئي، پر هُو هڪ ورهايل مرد هو. رنگين مزاج، عورتن جي ڪمپني ۾ رهڻ وارو. مرڪ چوندي هيس ٻاهر جيڪو وڻيئي ڪر، پر پنهنجي گرل فرينڊس کي گهر ۾ نه آڻ. گهر جو پنهنجو تقدس ٿئي ٿو، پر هُو ڪجهه ڏينهن باز اچڻ کان پوءِ وري ساڳيون اڻ وڻندڙ حرڪتون ڪرڻ لڳندو هو. مرڪ مغربي تهذيب جي اثر کان ٻارن کي بچائي رکيو هو، پر جنيد جي معاملي ۾ بي وس هئي، سونهن ۽ سارس او ليولز ڪري رهيا هئا. ٻار وڏا ۽ ميچور هئا. جنهنڪري ماءُ کي سمجهائيندا هئا. الاءِ ڇو مرڪ کي اهو گهر پنهنجو نه لڳو. بسترن تان عورتن جا سونهري وار کڻندي يا ڪڏهن سندن وساريل شين کي ڏسي اندر وڍجي پوندو هيس.

کيس گُم سُم ڏسي اليڪس ڏانهنس ڏٺو ۽ ڏسندو ئي رهيو پنجاهه سالن جي سنڌي عورت جي نقشن ۾ پراڻي سنڌ ساهه کڻي رهي هئي. توڙي کيس مغربي لباس پهريل هو. وار پرم ٿيل هيس گولڊن ڪلر جا... هن پاڻ کي پنهنجي مڙس جي پسند مطابق بدلائي ڇڏيو هو.

”ڇا پئي سوچين؟“ اليڪس هن جي اکين ۾ نهاريندي چيو جتي هڪ گهري اداسي لڪل هئي.

”مڙس جي باري ۾ سوچي رهي آهيان.“

”مشرقي عورت جو الميو سندس گهر جي چؤڌاري ڦري ٿو.“

اليڪس ٽهڪ ڏيندي چيو:

”تون ان کي الميو سڏين ٿو.“

”ها ڇو ته مشرقي عورت جي پنهنجي ڪابه زندگي نه ٿي ٿئي.“

”تون مون کي فيمينسٽ ٿو لڳين.“

”چئي سگهين ٿي، ڇو ته مان عورت کي محض عورت نه پر هڪ انسان ٿو سمجهان.“

سندس ڳالهه ٻڌي مرڪ ٿڌو ساهه ڀري ٿي. هو کيس پنهنجو سالن جو وڇڙيل دوست لڳي ٿو. اهڙو دوست جيڪو بنان لفظن جي احساس سمجهي وٺندو آهي.

”تنهنجي سوچ به ته فقط مڙس جي چؤڌاري گهمندي هوندي ته هُو ٻاهر ڇا ٿو ڪري، ڪٿي وقت گذاري ٿو وغيره وغيره...“

اليڪس کلي چيو:

”ائين ته آهي.“ قائل ٿيندي مرڪ وراڻيو:

”پوءِ تون پنهنجي زندگي جيئڻ بدران ٻئي جي منفي اثر هيٺ وقت گذاري رهي آهين.“

”منفي اثر ڇا مطلب؟“ هوءَ حيران ٿي پڇي ٿي. ان وقت سندس اکيون وڌيڪ خوبصورت ٿي وڃن ٿيون. گهريون ۽ بامعنيٰ.

”بي يقيني هڪ منفي رويو آهي.“

اليڪس ٿڌو ساهه ڀري چيو:

”شايد تون ٺيڪ ٿو چوين. منهنجي ذهن ۾ هن حقيقي دنيا کان هٽي ڪري الڳ دنيا آهي. جنهن ۾ مون پناهه ورتي آهي. اڻ وڻندڙ روين کان...“

”يورپ جي عورت جي زندگي سنڌي عورت کان مختلف نه آهي. ايشيا جي هر ملڪ ۾ مون عورت کي تڪليف ۾ ڏٺو آهي. يورپ جي عورتن جي خوشنما چهرن جي پٺيان محرومين ۽ تنهاين جون بيشمار ڪهاڻيون لڪل آهن.“

اليڪس، مرڪ جي خوبصورت اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو، جتي محرومين جون ريکائون هيون. هڪ گهري اداسي، جيڪا اليڪس کي دل ۾ لهندي محسوس ٿي، ”اليڪس تون اهي ڳالهيون مرد جي حيثيت ۾ ڪري رهيو آهين. پاڻ کي عورت جي جڳهه تي رکي مون کي ٻڌاءِ ته ڇا تون پاڻ تي زوري مڙهيل زندگي گذاري سگهين ٿو!“

”ها گذاري سگهان ٿو.“ اليڪس مرڪي چيو:

”اهو ڪيئن ممڪن آهي.“ مرڪ بي يقينيءَ سان کيس ڏٺو.

”زوري مڙهيل زندگي مڪمل ته نه هوندي مثال ٽيهه سيڪڙو فيصلا مرد جي اختيار ۾ هوندا يا پنجاهه سيڪڙو کيس اختيار جو حق هوندو. باقي بچيل حصو ته عورت جو پنهنجو هوندو. جتي هوءَ بااختيار آهي. ان حصي کي به مرد جي محدود محڪوميت جي اثر هيٺ تباهه ڪري ڇڏي ٿي.“

مرڪ کي محسوس ٿئي ٿو ته هن جي ذات مان منفي لهرون فضا ۾ وکرڻ لڳيون آهن. بي يقينيءَ ۾ هڪ يقين جو احساس شامل ٿي ويو آهي.

”ها زندگي جا انيڪ پهلو آهن، سوچ جا بيشمار زاويا آهن. اسان فقط ذهن جي مخصوص نظرين جي قيدخانن ۾ پاڻ کي بند ڪري ويٺا هوندا آهيون.“ مرڪ سندس اکين ۾ ڏسڻ کان لنوائيندي چيو: ڄڻ هر سندس من جو ڳجهه پرکي وٺندو. اڃا هُو ڳالهائي رهيا هئا ته اوچتو سامهون ٽيبل تي ويٺل ماڻهن ۾ گوڙ پئجي ويو. نشي ۾ ٻڏل هڪ مسافر هوائي فائر ڪيا. چؤپاسي خاموشي ڇائنجي وئي.

هڪ گولي جهاز جي ڀرسان اڏامندڙ الباٽراس کي وڃي لڳي ۽ هُو قلابازيون کائيندي اچي ڊيڪ تي ڪريو. اليڪس ڊوڙندو ويو.

”اوهه منهنجا خدا! هي ڇا ٿي ويو.“ ڦٿڪندڙ پکيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري وڌائين. سندس ڪپڙا رت ۾ تر ٿي ويا.

مرڪ خوف وچان چهرو هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو. الباٽراس، اليڪس جي ٻانهن ۾ دم ڏنو.

الباٽراس جو ٻيو ساٿي جهاز تي ڦيرا پائيندي رڙيون واڪا ڪري رهيو هو.

اليڪس ڊوڙي وڃي ان ماڻهوءَ کي گريبان کان جهليو.

”ظالم انسان هيءَ تو ڇا ڪري ڇڏيو. هن معصوم پکي تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو.“

اليڪس ماڻهوءَ مٿان اُلرون ڪرڻ لڳو، جهاز جي سيڪيورٽيءَ جو عملو پهچي ويو.

ان ماڻهوءَ کي کنڀي اندر کڻي ويا.

باقي ماڻهو پنهنجي ٽيبلن تي ويهي رهيا.

اليڪس جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. مرڪ سندس ڪلهي تي هٿ رکيو کيس آٿت ڏيڻ لاءِ.

 لڙڪ ڳاڙيندي هُو ڪيبن ڏانهن وڃڻ لڳو، ۽ ڪمري ۾ هليو ويو. مرڪ آسمان ڏانهن ڏٺو جتي مري ويل الباٽراس جو ساٿي لامارا هڻي رهيو هو.

هوءَ اداس ٿي سمنڊ جي لهرن ڏانهن ڏسڻ لڳي. جن ۾ آسمان جو نيرو رنگ سرشاري سان تري رهيو هو. لهرن تي سج انيڪ ڏيئا ٻاري ڇڏيا هئا. هن تصور ڪيو ته هوءَ هڪ مڇي آهي ۽ سمنڊ جي لهرن ۾ تري رهي هجي.

کيس محسوس ٿيو ته سندس دل غم جي بوجهه کان آزاد ٿي وئي آهي.

الباٽراس کي گولي لڳڻ بعد جهاز ۾ موجود هر ماڻهو ساڳيو هو سواءِ اليڪس جي. هاڻ هُو خاموش ويٺو هوندو هو. دوربين ڀرسان پئي هوندي هيس، پر آسمانن ڏانهن نه نهاريندو هو. سمنڊ ساڳيو ئي هو، پر اهو به هن لاءِ بي معنيٰ ٿي ويو هجي. مرڪ بور ٿيندي هئي. اليڪس کانسواءِ ڪو ٻيو هن جي ويجهو نه هو. الباٽراس کي گولي هڻڻ وارو ماڻهو ڊيوڊ فوج سان تعلق رکندو هو. ٻي ڳالهه ته هن وٽ جواز هو ته هن ڄاڻي واڻي! لباٽراس کي گولي نه هنئي هئي.

ٿوري دير ۾ ماحول ئي بدلجي ويو. تيز هوا هلڻ لڳي. آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ تيز هوائون هلڻ لڳيون. سمورن ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي ته هُو پنهنجي ڪيبن ڏانهن وڃن. مرڪ ٻار ڪيبن ۾ موڪلي ڇڏيا پاڻ ٻاهر ويهي رهي.

’تون اندر وڃي ويهه‘ اليڪس چيس:

’نه مان طوفان کي ڏسنديس‘. مرڪ چيو: ڊيڪ تي ماڻهو ويٺا هئا. هُو ڪچهري ڪرڻ ۾ مگن هئا.

’منهنجي خيال ۾ طوفان ڪو ايترو تيز نه آهي مان فطرت جي ڪاوڙ کي محسوس ڪرڻ ٿي چاهيان‘.

هڪ ڪراڙو ماڻهو سامهون دعا ڪرڻ ۾ مشغول هو. ٿورو ذهني طور تي کسڪيل ٿي لڳو. فرانسيسي هو. اڪثر پاڻ سان ڳالهائيندو رهندو هو.

”هي فطرت جو انتقام آهي.‘ طوفان ايندو ۽ هيءَ جهاز لڙهي ويندو. ها...ها...ها..

معصوم پکيءَ جو خدا توهان سڀني کان بدلو وٺندو.... هاهاها... خدائي قهر نازل ٿيڻ وارو آهي.“ رڙيون ڪندي فوجين ڏانهن وڌي ٿو.

’توهان تي خدا جي مار پوي توهان هيءُ عذاب آندو آهي.‘

هو نشي ۾ هو ٿاٻڙجي وڃي ٽيبل تي ڪريو. هڪ فوجي کيس بغلن کان جهليو ته ٻئي ٽنگن کان ۽ کيس هيٺ لاهي زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا. هوا جو وهڪرو تيز کان تيز تر ئي رهيو هو. لهرن جو چاڙهه وڌي رهيو هو. هو به هوا کان خوفزده لڳي رهيون هيون. جهاز لهرن تي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. هڪ عجيب صورتحال هئي.

’مرڪ تون اندر هل مان به اچان ٿو‘. ائين چئي اليڪس مرڪ ڏانهن ڏٺو جنهن جي چهري تي هاڻ وحشت جا آثار نظر اچڻ لڳا هئا. مرڪ اٿي پنهنجي ڪيبن ۾ آئي. سونهن ۽ سارس پڻ پريشان هئا. هوءَ ٻنهي جي وچ ۾ سُمهي رهي. ٻنهي کي ٻانهن تي سمهاري.

’مون کي ڊپ ٿو ٿئي مما‘. سونهن کيس ڏسندي ڀاڪر پائي چيو:

’طوفان به ته زندگي جي حقيقت آهي‘. مرڪ کي پنهنجا لفظ اوپرا لڳن ٿا.

’سمنڊ ناقابل يقين آهي‘، سارس چيو:

’ها پر گڏوگڏ سمنڊ خوبصورت به ته آهي‘.

مرڪ لهجي ۾ خوش مزاجي پيدا ڪندي چيو: هئو سندن خوف ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ ساڻن ڳالهائيندي رهي.

ٿوري دير ۾ سونهن ۽ سارس گهري ننڊ ۾ سمهي رهيا.

’الباٽراس هن طوفان ۾ ڪٿي هوندو؟‘

هوءَ الباٽراس جي باري ۾ سوچڻ لڳي. هُو آسمان ۾ اڏامندو هوندو طوفان کان بي نياز پنهنجي انجام کان بي خبر. اهو فقط انسان آهي، جيڪو وهمن ۽ وسوسن ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. جهاز لهرن تي ڇُلي رهيو هو. هڪ وحشي چاڙهه ۾ ڪيتري
بي يقيني آهي. انساني زندگي وانگر...

طوفان ۾ سمنڊ ڪيڏو نه ڀوائتو لڳي ٿو. سمنڊ جي سطح ڏسي ڇا ڪير اندازو ڪري سگهي ٿو ته ان جي اندر ڪيتري دهشت لڪل آهي. هوءَ مسلسل سوچي رهي هئي. کيس طوفان جي شدت کان وحشت ٿيڻ لڳي. ٻاهر نڪتي ته اليڪس ۽ ماڻهو دعا ۾ مصروف هئا. هوءَ به دعا ۾ شامل ٿي وئي.

مسافرن ۾ هڪ پوڙهو پادري به هو. هُو دعا ڪري رهيو هو. ’اي معصوم پکي اسان کي معاف ڪر. اسان تنهنجا گنهگار آهيون. تنهنجي موت کان پوءِ آسمان قهر آلود ٿيو آهي ۽ سمنڊ ۾ زلزلي واري ڪيفيت محسوس ٿئي ٿي. گناهه چاهي ڪنهن جو به هجي، پر سزا گهڻن کي ملي ٿي. گناهه جو منفي اثر زمين به محسوس ڪري ٿي ۽ آسمان جا تاثرات به بدلجي وڃن ٿا، پر اسان دل جي گهرائيءَ سان پنهنجي ان عظيم گناهه جي معافي گهرون ٿا. اسان کي معاف ڪر.“

جيڪڏهن انسانن تي مصيبتون نه اچن ته جيڪر هُو هر شيءِ کان غافل ٿي وڃي!

پوءِ هن محسوس ڪيو هوائن جي ڪاوڙ ۾ ڪمي واقع ٿي آهي ۽ سمنڊ جي لهرن جي بي چيني جهڪي ٿيڻ لڳي آهي.

ان کان پوءِ سڀ ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿي ويا. مرڪ جڏهن ڊيڪ تي پهتي ته اتي هر شيءِ وکريل هئي. جهاز جي عملي جا ماڻهو ان بي ترتيبي کي ٻيهر سهيڙي رهيا هئا. هن مٿي آسمان ڏانهن نهاريو، جتي بادل ڇڙوڇڙ ٿي چڪا هئا. ٿڌي هوا هلي رهي هئي. نيري آسمان جو عڪس لهرن تي ڇلي رهيو هو. اليڪس به ماڻهن سان ڪم ۾ رڌل هو. مرڪ ٻيهر سمنڊ ڏانهن ڏٺو. سمنڊ پرسڪون هو.

ان کان اڳ پنهنجي اندر اهڙي ڪيفيت محسوس نه ڪئي هئي. هر سفر انسان کي ڪجهه نه ڪجهه سيکاري ٿو. هن سفر دوران کيس زندگيءَ جي اهميت جو اندازو ٿيو هو. هوءَ ڪجهه ڏينهن تنها رهي هئي. سمنڊ جي ڀرسان رهي هن تي زندگيءَ جا انيڪ اسرار کليا هئا. انسان زندگيءَ جي معمولي مسئلن کي منهن نه ٿو ڏيئي سگهي. جذباتي حادثن کان خوف کائي ٿو، پر دنيا ۾ ان کان به وڏيون تباهيون ٿين ٿيون. جن کي منهن ڏيئي وٺي ٿو.

انسان گهڻين شين تي قادر آهي. هُو گهڻو ڪجهه تبديل ڪري سگهي ٿو، پر تبديل ٿيڻ لاءِ هن کي حادثن ۽ تباهين جي ضرورت آهي. هر سڪون واري حالت ۾ تبديل نه ٿو ٿئي. مرڪ اندر ڪيبن ۾ هلي آئي ۽ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.

ٻئي ڏينهن جڏهن ڊيڪ تي وئي ته هڪ روشن ۽ خوشگوار ڏينهن سمنڊ جي سموري سونهن سميت هن جو منتظر هو.

”ڏاڍو خوفناڪ طوفان هو، اليڪس هن جي ڀرسان ويهندي هيو.“

”ها تمام گهڻو ڊيڄاريندڙ به“. مرڪ طوفان ياد ڪري ٻيهر وحشت ۾ ويڙهجي وئي.

’طوفان جي ڪابه اڳڪٿي نه هئي. هي اوچتو آيو ۽ سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيائين‘.

’ڇا طوفان الباٽراس جي ڪري آيو هو‘. مرڪ پڇيو

’ممڪن آهي ته ائين هجي‘ اليڪس چيو

’پر هتي هر ماڻهو اهو ٿو سوچي‘.

’ها ڇو ته سمورا ذهن ندامت ۽ شرمندگي محسوس ڪري رهيا آهن. انڪري کين ائين لڳي ٿو‘. اليڪس وراڻيو

”زمين جي هر ظلم ۽ ڏاڍ تي آسمان صدين کان پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندو آيو آهي.“ مرڪ چيو

’هتي انسان جڏهن ٻئي انسان جي ڏک کان غافل ٿي وڃي ٿو ته پوءِ آسمان رد عمل ڏيکاري ٿو. يا زمين جو قهر اُٿلي پوي ٿو‘ اليڪس جي ڳالهه ٻڌي مرڪ وراڻيو

”ڇا ٿي سوچين“

”سمنڊ جي باري ۾ ٿي سوچان.“

”سمنڊ هڪ انوکو موضوع آهي.“ اليڪس سمنڊ ڏانهن ڏسندي چيو

پري آسمان تي اڪيلو الباٽراس اڏامي رهيو هو.

مرڪ دل ۾ اُداسي کي لهندي محسوس ڪيو.

”مٿي ڇا ٿي ڏسين؟“

”الباٽراس اڪيلو رهجي ويو.“ مرڪ اداسي مان چيو

”هُو آسمانن ۾ تنها آهي ۽ تون زمين تي“ اليڪس جي لهجي ۾ درد هو.

”ها واقعي جيئن عمر گذرندي پئي وڃي، اڪيلائي جو احساس وڌي رهيو آهي.“

”اڪيلائي هڪ ڪيفيت آهي حقيقت نه.“ اليڪس مرڪ ڏانهن ڏسي چيو

”ڇا مطلب اڪيلائي فقط انسان جي تصور ۾ رهي ٿي.“

”ها جيڪو پاڻ کي تنها سمجهندو اهو اڪيلو آهي.“

”اهو ڀلا ڪيئن؟“

”ڏس تنهنجا ٻار آهن، گهر آهي، پوءِ به تون پاڻ کي اڪيلو ٿي سمجهين.“ مرڪ ڪنڌ ورائي ڏٺو سونهن ۽ سارس سمنڊ ڏانهن ڏسي رهيا هئا.

”هون“ مرڪ گهري سوچ ۾ پئجي وئي.

”هن وقت اڪيلو فقط الباٽراس آهي. هن جي اڪيلائي حقيقت آهي.“

”شايد تون ٺيڪ ٿو چوين اڪيلائي فقط اسان جي ذهن جي پيدا وار آهي.“

مرڪ قائل ٿيندي چيو

”انسان جي ذهن ۾ هڪ مڪمل دنيا وسي ٿي پوءِ هُو تنها ڪيئن ٿو ٿي سگهي!“

”بشرطيڪه انسان ان دنيا سان رابطي ۾ هجي.“

مرڪ اداس ٿي چوي ٿي.

”رابطن کي محسوس نه ڪرڻ بدقسمتي آهي.“

”ها اڄ جو انسان بدقسمت آهي اليڪس.“

”شايد ائين هجي.“

اليڪس ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويو.

”رات جو الباٽراس ان ساڳي جڳهه تي اچي ويهندو آهي جتي سندس ساٿيءَ دم ڏنو هو.“

اليڪس اداس ٿي چيو

”واقعي!“ مرڪ کي حيرت ٿي.

”ها ۽ پرهه ڦٽيءَ سمي هُو واپس آسمانن ڏانهن اُڏامي وڃي ٿو.“

”مان ته سمجهندي هيس ته پکي وڇوڙي کي محسوس نه ڪري سگهندا هوندا!

مرڪ حيران ٿي چيو

”پکين وٽ اظهار جو ڏانءُ ناهي شايد انڪري هُو انسانن کي لاتعلق لڳن ٿا، پر حقيقت ۾ پکين وٽ انسان کان وڌيڪ خوبصورت دل ٿئي ٿي.“

”شايد ان ڪري ته پکي نفرت نه ڪندا آهن يا هنن ۾ حسد يا انتقام جو جذبو نه هوندو.“

مرڪ سوچي چوي ٿي.

”مان جڏهن چائنا ويو هيس ته مون ڏٺو هو ته هُو پکين، ٻارن ۽ فطرت جي گهڻو ويجهو هئا.“

مون هڪ ڏينهن پنهنجي چيني دوست کان ان جو سبب پڇيو ته چوڻ لڳو اهو ٽڪنڊو فطري توانائي جو سرچشمو آهي. اسان کي هنن مان تحرڪ ملي ٿو. خاص ڪري پکين مان.

مون کي به پکي وڻندا آهن. مون کي ياد آهي ته ڳوٺ ۾ اسان اڱڻ ۾ سمهندا هئاسين. ڀرسان ئي وڻ هئا. صبح جو پکين جي ٻولين تي اک کلندي هئي.

اوچتو آسمان تي ڪڪر ڪارونڀار ڪري آيا ۽ برسات پوڻ لڳي. سمورا ماڻهو پنهنجي ڪيبنز ۾ هليا ويا.

ڪي ڊائنگ هال ۾ ويهي تاش کيڏڻ ۾ مصروف ٿي ويا. مرڪ به اٿي پنهنجي ڪمري ۾ هلي آئي، پر کيس ننڊ نه آئي. کيس عجيب خوف اندر ۾ محسوس ٿي رهيو هو. جنيد ياد اچي ويس. ٻارن جا چهرا نظرن آڏو ڦرڻ لڳا. اليڪس صحيح چوي ٿو.

مان انا جي ڪوٽ ۾ بند آهيان. خاميون ته هر انسان ۾ هونديون آهن. ڀلا ڪنهن کي مڪمل زندگي ملي آهي! پوءِ سمنڊ جي باري ۾ سوچڻ لڳي. هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته سمنڊ جي زندگي ايتري خوبصورت ٿي سگهي ٿو.

ٻئي ڏينهن هوءَ ڊيڪ تي ويٺي هئي ۽ اليڪس دوربين سان آسمان ۾ نهاري رهيو هو جتي تنها الباٽراس اڏري رهيو هو.

”هيءَ سدائين تنها رهندو.“

”ڪير“ مرڪ سوچن مان ڇرڪي اليڪس ڏانهن نهاريو.

”الباٽراس“ اليڪس اداسيءَ سان چيو

”هن کي ڪو ٻيو ساٿي نه ملندو؟“ مرڪ پڇي ٿي.

هن کي ڪيترا ساٿي ملي سگهن ٿا، پر الباٽراس زندگي ۾ فقط هڪ ڀيرو محبت ڪندو آهي. جيڪڏهن جوڙي مان ڪو هڪ مري وڃي ته پوءِ الباٽراس سدائين اڪيلو رهندو آهي.“

مُرڪ حيرت سان مٿي آسمان ڏانهن ڏسي ٿي، جتي الباٽراس وڇوڙي جو ڏک ساهه ۾ سانڍي سمنڊ مٿان اڏامي رهيو آهي.

”ڪاش مان به الباٽراس هجان ها! ۽ مون کي اهڙي محبت جي محبت نصيب ٿئي ها.“

مرڪ جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. جيڪي سندس ڳلن تي وهندا رهيا.

”عورت هڪ دفعو محبت ڪري ٿي الباٽراس وانگر...

عورت الباٽراس آهي.

مون کي سڄي زندگي اهڙي محبت جي ڳولا رهي آهي. شايد هر عورت ڪامل محبت جي تمنا ڪري ٿي. هڪ اهڙو احساس چاهي ٿي جيڪو کيس ذات ۾ مڪمل ڪري سگهي.“

”محبت ۾ ڪامليت نه هوندي آهي. محبت هڪ اڻپورو لفظ آهي زندگي جي ڊڪشنريءَ لاءِ.“ اليڪس چوي ٿو.

”مون کي انساني محبت هڪ ڀنور وانگر لڳي ٿي. ڪڏهن مون کي ان ڀنور کان وحشت ٿيندي آهي.“ مرڪ اهو چئي سمنڊ ڏانهن ڏسي ٿي جتي لهرون پرسڪون آهن. جن ۾ نيري آسمان جو عڪس آهي.

آسمان، زمين کان پري نه آهي، پر لهرن جو اڻمٽ حصو آهي.

آسمان سچ آهي يا لهرن ۾ آسمان جو عڪس حقيقت آهي، سوچي ٿڌو ساهه ڀري ٿي.

جڏهن منهنجي زندگي ۾ محبت نه هئي ته مان پرسڪون هيس، پر جڏهن محبت ڪرڻ لڳس ته وهمن ۽ وسوسن ۾ ويڙهجي ويس. هڪ مرد جي بدلجندڙ روين جو ڳجهه پرکڻ جي چاهنا مون کي پنهنجي وجود کان ڌار ڪري ڇڏيو.

”تون ان مرد سان مشروط محبت ڪرين ٿي. انڪري بي سڪون آهين.“

اليڪس جي ڳالهه ٻڌي هوءَ سوچن ۾ ٻڏي وئي.

”ڇا ٿي سوچين؟“ اليڪس مرڪي کيس ڏٺو.

”اهوئي ته ڪمي منهنجي محبت ۾ آهي.“

”نه ڪمي تنهنجي ذات ۾ آهي. جيڪا هڪ عورت جي حيثيت ۾ توکي ماحول ڏني آهي. پوئتي پيل سماج ۾ جڏهن عورت سان تفريق ڪئي وڃي ٿي ته هوءَ اڃايل رهجي وڃي ٿي. پوءِ جڏهن هڪ مرد هن جي زندگيءَ ۾ اچي ٿو ته هوءَ هن کان گهري ۽ سچي محبت چاهي ٿي.“

”ڇا عورت غلط آهي پنهنجي گهرج ۾“ مرڪ حيرت سان کيس ڏسي ٿي.

ها ڇو ته مرد گهري ۽ سچي محبت ڪري ئي نه ٿو سگهي. هُو فقط محبت ڪري ٿو. گهڻي ڀاڱي عورت جي جسم سان.....

اهو سچ آهي زندگيءَ جو. ان کي قبول ڪري وٺ ۽ ان سچ کي قبول نه ڪري وقت نه وڃاءِ.“

ائين چئي اليڪس اٿي ڊيڪ تي ويٺل هڪ گروپ کي ايٽلانٽڪ سمنڊ جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳي ٿو.

سمنڊ تي لهندڙ سج جا رنگ وکريل آهن.

جهاز پنهنجي منزل تي پهچڻ وارو آهي. سورهن ڪلاڪن جو اهو سفر مرڪ لاءِ اهميت رکي ٿو. زندگيءَ ۾ ڪو ته ماڻهو اهڙو مليو جيڪو هن کي سمجهي ٿو. ڪجهه گهڙين لاءِ ئي سهي!

محبت ڪجي، پر ان کي ڪنهن پيماني تي نه پرکجي، پر انسان جي گهرج وسيع آهي. کيس دريا ملي يا سمنڊ، پر هُو اُڃايل ئي رهندو.

منهنجي سوچ فقط هڪ شخص جي چؤڌاري ڦري ٿي. اها زندگيءَ سان زيادتي آهي.

مان به هڪ محور جي چؤڌاري ڦران پئي، پر مان چاهيان ٿي ته اهو محور مون سان گهري محبت ڪري الباٽراس وانگر...

پر اهو ممڪن نه آهي.

هوءَ مٿي ڏسي ٿي.

آسمان تي تنها الباٽراس اڏامي رهيو آهي.

بهادر ٽالپر

 

 

 

 

نيڻن جو رستو

منهنجي منزل هن جا نيڻ… ۽ هن جي منزل…! اهو ڪجهه سوچي ائين هٻڪيس ڄڻ اڳيان ڪو اسپيڊ بريڪر اچي ويو هجي… ڄڻ ڪو تارو ٽُٽي اچي ڌرتيءَ تي ڪِريو هجي… ڌرتيءَ جو سينو زخمن ۾ چُور چُور ٿي ويو هجي ڄڻ…!

هن پاڻ چيو هو: ”آءٌ زخم ڌوئيندس… زخمن تي محبت جي مرهم رکندس…!“ اها ڳالهه هاڻ ئي پڙاڏو بڻجي ائين ڪنن ۾ گونجي رهي آهي ڄڻ ڪو پکي، پيار جي مٺڙي ٻولي ٻوليندو هجي… ڄڻ ڪا ٿڌي هير بهار جو سنديسو بڻجي روح سان ٽڪرائيندي هجي…! ۽ روح اُن بهار کي موٽ ۾ سوين ميارون ڏيندو هجي ڄڻ!!

هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن سندءِ گفتن ۾ گرمائش ۽ اکين ۾ اُلفت جي اجنبي آلاڻ هجي، جيتوڻيڪ اها موسم سرد ۽ خشڪ هئي… پر پوءِ به…! هُن جا نيڻ الاءِ ڇو اُداس هئا…؟ گفتن جي گرمي ۽ اُلفت جي آلاڻ وچ ۾ آءٌ ان اُداسيءَ جو ناڪام ڇيد ڪندي ڄڻ ائين ٿڪو هوس، جيئن ڪا ڳوٺاڻي عورت کوهه مان پاڻيءَ لاءِ وري وري ڏول ڇڪيندي ٿڪندي آهي…!

سندءِ چپن سان چُهٽيل سُرخيءَ کي ڏسي شفق جي لالاڻ ۽ ڪارن ڊگهن گهنڊيدار وارن کي ڏسي رات جي تصور ۾ رلمل ٿيڻ… ۽ سندءِ نڪ جي ڦلڙيءَ کي ڏسي ستارن جو ذهن جي اُفق تي اُڀرڻ…! بس هڪ تصور مان ٻئين ۽ ٻئين مان ٽئين ۾ هليو وڃڻ…!! هن ۽ فطرت جي سراپا وچ ۾ تعلق ڳولڻ…!! ”هن جي مسڪرائڻ ۽ وڄ جي چمڪڻ ۾ ڀلا ڪو تفاوت هو؟ نه… هن جي اکين جي آگم ۽ سانوڻ، مند ۾ ڪو فرق؟ ڪوبه نه…!“

اڙي! هي ڀلا ڪهڙا سوال پنهنجو پاڻ پڇي پيو، جواب ڏيان…؟ آءٌ به ڪو چريو آهيان يا چرين جي ڪنهن پاڙي جو رهواسي…!! چريائپ کي سڱ ٿيندا آهن… چريائپ ائين ٿي ٽڪر هڻي جيئن ڏاهپ ماڻهو کي ڏنگي ٿي…!

ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ عبادت لاءِ چيو… مون چيو: ”هائو!“ ۽ مون کي هوءَ ياد آئي…! کيس چيو هوم: ”عبادت ته عبادت هوندي آهي… ڪو ڪيئن ڪري… ڪو ڪيئن…؟ مون ته هڪ ست رنگي انڊلٺ ڏٺي… پر منهنجي تصور جي تاڪيءَ تي ڪيترائي رنگ وکري ويا… تون ئي ٻڌاءِ: آءٌ ڪهڙي رنگ کي اهميت ڏيان ها…!“

ايڪ قصر

در لک

سهسين ڪڻس ڳڙکيون

جيڏانهن ڪريان پرک…!

نيڻن لاءِ هزارين رستا… جيڏانهن ڏسن… اوڏانهن پائين…!

منهنجي اکين جو پنڌ اکٽ صحرا مان هن جي نيڻن ڏانهن هو… هڪ اهڙو صحرا، جنهن ۾ چؤطرف تمنا ئي تمنا جا گل، ٻوٽا هئا… جنهن جي امبر کي ستارن جي سيج هئي… ۽ جنهن جي چنڊ جي نيڻن ۾ ڪوبه زخم نه هوندي هزارين زخم هئا… هزارين گرهڻ هئا…!! اي ڪاش! ڪو اُهي زخم… ۽ اهي گرهڻ ڏسي سگهي ها…!

”کنيائون کِلي نيڻ گهرا گلابي.“

ڪو ڪيئن به چوي… زندگيءَ جي سخت پهاڙ تي بيٺي، ماڻهو ڪنهن جي نرم نازڪ جذبن ۽ احساسن سان آشنائي نٿو حاصل ڪري سگهي…! آءٌ هڪ ڀيري ڪنهن ڏاڪڻ تان چڙهندي اوچتو ٿِڙيو هئس… ته محسوس ٿيو هو: ساري زندگي ائين ئي ٿڙندو رهيو آهيان…!! ۽ هوءَ هڪ ڀيري گلستان ۾ گهمندي لاشعوري طور ڪو گل پَٽي ويٺي هئي…!! شعوري يا لاشعوري طور ڪوبه عمل ٿيڻو هوندو آهي ته ٿي ويندو آهي… ۽ پوءِ ڪيترائي ڏينهن بلڪ مهينا، سال هوءَ پنهنجي ان هٿ کي ڏسندي رهندي هئي…!! اهي ئي هٿ جيڪر ڪنهن مٿي تي رکجن… ته شفقت ۽ ٻاجهه ڀريا… جيڪڏهن اُلارجن ته ڪروڌ وارا…!! اُن هٿ تي پوپٽ جي پرن جهڙو رنگ ته ڄڻ کيس ڪيترائي ڏينهن نقش ٿيل پئي محسوسيو…!

هر شيءِ

پويان پنهنجي ياد لاءِ

ڪونه ڪو اهڃاڻ ڇڏي ويندي آهي…

انسان هلندو ويندو آهي… ته پوئتان پيرن جا نقش ٺهندا ويندا آهن…

وائُن تان نه لَٽيو

آيل! تازو پير پنهونءَ جو…

ڪوبه تارو کڙندو آهي… ته پويان ڪجهه دير لاءِ روشنيءَ جي ريکا ڇڏي ويندو آهي… ڪاش! سڀ تارا کِڙن ۽ روشنين جي ريکائن جو عارضي ئي سهي، جهان ٺهي پئي…! ڌنڌلڪن ستارن مان ٻي ڀلا ڪهڙي اُميد رکجي…؟

آءٌ انهن ريکائن مان

هُن جا ڪجرارا نيڻ

پسڻ ٿو گهران…!

ممڪن آهي ته انهن ۾ گل کي پٽڻ جو پڇتاءُ ۽ اعترافي پاڇو هجي… ممڪن آهي هوءَ چوي: گل ته پنهنجي ٻوٽي سان ئي سونهين… ۽ دل ته دل سان ئي…!

پر شايد آءٌ خواب ٿو ڏسان… هڪ اهڙو ريشمي خواب- جنهن جي ريشم پڻي ۾ سراب جي بُوءِ ڀريل آهي… ۽…۽…۽…!! آءٌ جن کي منزل ٺاهي ويٺو هوس… انهن نيڻن جو رستو… هاءِ! انهن نيڻن جو رستو… سچ ٻڌايان… ڪو ٻيو، مون پاڻ کان سواءِ ٻڌي ته نه ٿو… ”چوڦير نيڻ نهار…“ پڪ ته ڪوبه نه ٿو ٻڌي…؟ پر آءٌ پنهنجي پَرِ ۾…پنهنجو پاڻ کي…!! نه… نه… نه…! نه ٿو ٻڌائڻ چاهيان، پنهنجو پاڻ کي ته انهن نيڻن جو رستو ڪيڏانهن ٿي ويو…؟ نيڻ ته ڪائنات مثل هوندا آهن… نين مان اُٿندڙ هر ڇولي پويان به هڪ اجنبي ڪائنات هوندي آهي… چريا! نيڻن جي ڊيفينيشن ۽… ۽ … تون… نيڻن جي ڊيفينيشن سائنس ۽ سائنسدان به نه ٿا ڪري سگهن…!! نيڻ ڪيئن روئن ٿا…؟ نيڻ ڪيئن ٿا کِلن ٿا…؟ نيڻ خاموش هجن… ته به معنيٰ خيز… نيڻ ننڊاکا هجن… ته به معنيٰ وارا…

چريائپ کي سِڱ ٿيندا آهن… چريائپ ائين ٿي ٽڪر هڻي… جيئن ڏاهپ ماڻهو کي ڏنگي ٿي…! ڏاهپ ۽ ڏنگ… چريائپ ۽ سِڱ…!

هونئن ڏاهپ ۽ چريائپ جي وچ وارو رستو جيڪڏهن ڳولجي ته ڪيئن ڳولجي…؟ باقي اهي رستا ته ڄڻ سڀني جا لتاڙيل آهن… سڀني وڻن ۽ ٻوٽن کي شايد اهائي هوا لوڏي چڪي هجي… ٿورو ٿورو ڏاهپ ۽ ٿورو ٿورو چريائپ جي…!

موت جي پوئتان زندگي نئين ڳنهجي…؟

يا زندگي جي پويان نئون موت…!

انسان به ڄڻ ڪو ستارو هو… جيڪو امبر مان ٽُٽي اچي پَٽ پيو هو… ۽ جڏهن ڪپڙا ڇنڊي اُٿيو ٿي ته کيس ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ ساڻس ڪنهن ڪا لڪ- لڪوٽي اجهو هاڻ ئي پئي کيڏي…! ۽…۽…۽… ”منهنجي منزل. هُن جا نيڻ… ۽ هُن جي منزل…“ جملو دهرائيندي آءٌ پاڻ سان کيڏي لڪ- لڪوٽيءَ تي ويچارڻ لڳان ٿو… ۽ پنهنجي ئي سيني تي رکيل هٿ، مسلسل اتي ئي رهجي وڃي ٿو…!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org