سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:14 

ايوب عمراڻي

 

 

 

ڪراچي

پوڙهي لعل خاتونءَ سڄي عمر ڏک ڏٺا هئا. سندس مٿي جو هڪ هڪ اڇو وار ۽ چهري جا گهنج ڄڻ ته انهن ڏکن جا ساکي هئا. جوانيءَ ۾ مڙس جو موت، ٻوڏ ۾ گهر لڙهي وڃڻ، ڪالرا جهڙي موذي مرض ۾ ٽن ٻارن جو موت، بک، بيماري، بيروزگاري، اڪيلائپ صدما... اهي ڪهڙا ڏک نه هئا جيڪي پوڙهي لعل خاتون نه سَٺا هئا، پر انهن ڏکن هوندي به سندس چهري تي مرڪ هئي! ڇو ته هن ڏکن جو ڊگهو دور گذاري هاڻي مس مس سک جو ساهه کنيو هو، کيس زندگيءَ ۾ پهريون ۽ اڪيلو سک مليو هو. انڪري سمورا ڏک وسري ويا هئس.

پوڙهيءَ لعل خاتونءَ جو اهو اڪيلو سک سندس پٽ جان محمد هو. جنهن کي هوءَ پيار مان جانب سڏيندي هئي. جانب بکون ڪاٽي پڙهي پيو ۽ پنهنجي محنت سان شهر ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو هو. جانب سڄي ڳوٺ جي نوجوانن لاءِ هڪ مثال بڻجي پيو هو. جهڙو هو سهڻو ۽ سيبتو تهڙوئي وري ذهين ۽ بااخلاق. ڪنهن ڳوٺاڻي لاءِ محنت ڪري، پڙهي، شهر ۾ نوڪري وٺڻ ڪو آسان ڪم نه هو. پر جانب اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. تنهنڪري پوڙهي لعل خاتون هن تان گهور پئي وئي. سندس زندگيءَ جا سمورا ڏک کانئس وسري ويا، اهي پوڙهيون اکيون جيڪي غمن کان مجبور ٿي هميشه هنجون هارينديون هيون. انهن هاڻي خوشيءَ مان ڦڙڪڻ شروع ڪيو هو. غمگين ۽ گنڀير چهري تي مرڪ پکڙجي ويئي هئي. هوءَ جڏهن پاڻ جهڙين پوڙهين سان ويهندي هئي ته ذڪر جانب جو ئي ڪندي هئي. سدائين ان جملي سان شروعات ڪندي هئي: ”ادي منهنجو جانب غريب ۽ ڇورو ڇنو هوندي به پڙهي پيو...“

خوشيءَ ۾ ٽمٽار پوڙهي لعل خاتون هاڻي صرف هڪ ڳالهه لاءِ سوچي رهي هئي، اها هئي جانب جي شادي.

جيئن هر ماءُ اولاد جوان ٿيڻ وقت صرف ان جي شاديءَ لاءِ ئي سوچيندي آهي، اهڙيءَ طرح پوڙهي لعل خاتون به هاڻي صرف جانب جي شاديءَ لاءِ ئي سوچي رهي هئي. هن ڳوٺ جي ڪيترين ئي الهڙ جوان نارين بابت سوچيو هو جيڪي جانب سان گڏ جوان ٿيون هيون. گهڻيون ته اهڙيون به هيون جن ٻاروتڻ جانب سان گذاريو هو، جانب سان گڏ رانديون کيڏيون هيون، گڏ پڙهيون هيون ۽ ڪيترائي ڀيرا اهي پاڻ ۾ وڙهي وري پرچي پيا هئا. هر جوان ناريءَ کي ڏسندي پوڙهي لعل خاتون تصور ئي تصور ۾ کيس ڳاڙهو جوڙو پاتل ڏسندي هئي. هوءَ اهو به ڏسندي هئي ته جانب گهوٽ جي روپ ۾ ان ڳاڙهي جوڙي واري نازنين کي پاڻ سان وٺي گهر اچي رهيو آهي. هِن ڪيترائي ڀيرا جانب کي شاديءَ لاءِ چيو هو، پر جانب هر ڀيري اها ڳالهه لنوائي ويندو هو. تر جو مڱڻهار پنجو فقير هر ڀيري پوڙهيءَ لعل خاتونءَ کي چوندو هو: ”جيجان! جانب کان ننڍا ڇوڪرا به شاديون ڪري اولادي ٿي ويا آهن. تون جانب جي شادي ڇو نٿي ڪرائين؟ تر جو فقير آهيان! شاديون وڄائي پيٽ پاليندو آهيان، مون وٽ ته ٻني به ڪانهي، منهنجي ته ٻني به راڄ، ته روزگار به راڄ!“

اهو ٻڌي پوڙهي لعل خاتون ڪجهه پريشان ۽ اداس ٿي چوندي هئي:

”پنجو فقيرَ! جانب شادي ضرور ڪندو. ايتري گهور ملندئي جو پورا ست مهينا ويٺو کائجان!“

ان تي پنجو فقير ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چوندو هو: ”امڙ! ڳالهه ته اندر ٺارڻ واري ٿي ڪرين پر، مون کي شڪ آهي ته جانب ڪٿي شهر ۾ ڪنهن منڊم سان اک اڙائي شادي ڪري ڇڏي آهي، تڏهن ته شادي نٿو ڪري!“

پنجو مڱڻهار جي ان ڳالهه تي پهرين ته پوڙهي لعل خاتونءَ پريشان ٿي ويندي هئي پر پوءِ پاڻ سنڀالي چوندي هئي: ”مڱڻهار سوئي مڱڻهار! اڙي نڀاڳا وائي ته چڱي کڻ! منهنجو جانب اهڙو ٿوروئي آهي جو مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ شادي ڪري. ان کي ته آءٌ پنهنجي هٿن سان ميندي هڻنديس، موڙ ٻڌنديس!“

”خدا ڪري ائين ٿئي!“ ائين چوندي پنجو مڱڻهار هليو ويندو هو.

هن ڀيري جڏهن جانب شهر مان موٽيو ته پوڙهيءَ لعل خاتونءَ هڪ هڪاڻي ڪَيس. اچڻ شرط چيائينس: ”جانب! آخر تون مون کي ڇو ٿو ستائين! خبر نه اٿئي، مائرن کي جڏهن پٽ ڄمندا آهن ته اهي سندن ڄمڻ واري ڏينهن کان وٺي سندن شاديءَ جو سپنو ڏسنديون آهن. آءٌ به اهو سپنو تنهنجي ڄمڻ واري ڏينهن کان وٺي ڏسندي پئي اچان، پر تون آهين جو، منهنجو سپنو ساڀيان ئي ٿيڻ نٿو ڏين!“

ان تي جانب مرڪندي سندس پير ڇُهيا.

پوڙهيءَ ان تي پيار ۾ مامتا ڀرئي غصي مان چيو: ”هاڻي ته ماڻهو مون کي مهڻا ڏيڻ لڳا آهن ته جانب شهر ۾ ڪنهن منڊم سان شادي ڪري ڇڏي آهي!“

ان تي جانب کان ٽهڪ نڪري ويو. چيائين: ”امان! شهر جون ڇوڪريون چريون ٿيون آهن جو مون جهڙي غريب سان شادي ڪنديون. مون وٽ آخر آهي ڇا؟ هڪ ننڍڙي نوڪري جنهن مان پيٽ گذر مس ٿو ٿئي.“

”ته پوءِ تون ڪنهن ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ سان شادي ڇو نٿو ڪرين؟“

لعل خاتونءَ غصي مان سوال ڪيو.

”امان! پاڻ غريب آهيون!“

”بس بس هاڻي بهانا نه هلندا، توکان وڌيڪ غريب شاديون ڪريو ويٺا آهن! تون رڳو ها ڪر، تولاءِ ڇوڪريون کوڙ!“

ان تي نيٺ جانب هٿيار ڦٽا ڪيا. چيائين: ”امان ٺيڪ آ جيئن تون چاهين ٿي، ائين ئي ٿيندو!“

تڏهن پوڙهيءَ لعل خاتونءَ جي منهن تي مرڪ ڇانئجي وئي، اهڙي ڀرپور مرڪ جيڪا زندگيءَ ۾ کيس پهريون ڀيرو نصيب ٿي هئي، هن محسوس ڪيو ته جانب گهوٽ جي روپ ۾ لائون لهي رهيو آهي. پس منظر ۾ دهل ۽ شرنايون وڄي رهيون آهن ۽ چؤطرف مبارڪون مبارڪون جا لفظ گونجي رهيا آهن!

پوڙهيءَ پنهنجي پٽ کي مٺي ڏيندي دعائون ڪيون ۽ پوءِ چيائين: ”آءٌ اڄ ئي اديءَ سڪينه وٽ وينديس. سندس ڌيءَ لالي سڄي ڳوٺ جو نڪ آهي!“

لاليءَ جو نالو ٻڌندي ئي جانب کان ڇرڪ نڪري ويو چيائين: ”امان! آءٌ لاليءَ سان شادي ڪونه ڪندس!“

”ڇو؟ ڇا ٿيو آهي لاليءَ کي!؟“

”امان لالي ڏاڍي چيڙاڪ آهي ننڍي هوندي راند ڪندي مون کي مٿي ۾ ڀينڊ هنيو هئائين!“

ان تي پوڙهيءَ کان ٽهڪ نڪري ويو. چيائين: ”ته پوءِ زيبو ڪيئن رهندي؟“

”ڪهڙي زيبو!؟“

”اهائي مولوي عبدالرحمان جي ڌيءُ!“

”مولوي عبدالرحمان! نه نه امان، هُو ته مون کي ڪافر سمجهندو آهي. ڌيءُ جو سڱ ڪونه ڏيندو.“

”ته پوءِ رخسانه حاجي علي محمد جي ڌيءُ!؟“

”امان اهي پئسي وارا ماڻهوءَ پاڻ غريب هن جي شاهه خرچين کي نه پڄي سگهنداسين!“

”ته پوءِ رسولي واري ڌيءُ حُسنه پاڻ لاءِ ٺيڪ آهي، غريب به آهن ۽ ڇوڪري به سلڇڻي آهي!“

ان تي جانب ٻيهر انڪار ڪندي چيو: ”امان رسولو غريب ضرور آهي، پر سندس پرڪار ٺيڪ ناهن ياد نه اٿئي وڏي ڌيءُ به پئسن تي پرڻائي هئائين!“

ان تي لعل خاتونءَ غصي مان چيو: ”جانب تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“ توکي ڳوٺ جي ڪابه ڇوڪري پسند نٿي اچي، لڳي ٿو سڄي عمر ڪنوارو رهندين! توکي ڪهڙي خبر ماءُ جي آس ۽ اميد جي!“

ائين چوندي لعل خاتونءَ جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. جانب امڙ جي اکين ۾ لڙڪ ڏسي پريشان ٿي ويو. هن ماءُ جا پير ڇهيا، سندس لڙڪ اگهيا، پوءِ هٿ ٻڌي کانئس معافي ورتي، ۽ چيائين: ”امان مون کي معاف ڪر! غلطي ٿي وئي. جيڪا به ڇوڪري توکي سڀ کان وڌيڪ پسند هجي، ان جو سڱ گهر. آئنده جڏهن شهر کان موٽندس ته شادي ڪندس!“

اهو ٻڌي لعل خاتونءَ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا، پر هيءُ ڳوڙها غم جا نه خوشيءَ جا هئا.

شام جو ئي پوڙهي لعل خاتون سڪينه وٽ سندس ڌيءَ لاليءَ جو سڱ وٺڻ وئي. سڪينه به پوڙهي لعل خاتون جيان بيوهه هئي. جڏهن کان ڌيءُ جوان ٿي هيس، سندس ننڊ ڦٽي وئي هئي. هن پوڙهي لعل خاتونءَ کي ڪئين دفعا اشارن ئي اشارن ۾ لاليءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيو هو. پوڙهي لعل خاتون سندس اشارن کي سمجهي چڪي هئي، پر کيس رڳو جانب جي منظوريءَ جو انتظار هو. ۽ اڄ جڏهن جانب ها ڪري ڇڏي هئي ته لعل خاتونءَ مرڪندي فاتحانه انداز سان سڪينه جي گهر پهتي. هن سڪينه سان مرڪندي پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪئي ۽ سڪينه مرڪندي ها ڪري ڇڏي.

سڪينه کي اهڙيءَ سُٺي ۽ سيبتي ناٺيءَ جي ضرورت هئي جيڪو عمر جي آخري حصي ۾ کيس سنڀالي سگهي، اهو ڪم صرف جانب ئي ڪري سگهيو ٿي، ان ڪري جانب جو نالو ٻڌندي ئي هن ”ها“ ڪئي. ٻنهي مائرن خوش ٿيندي هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو. انهيءَ ئي ٽائيم تي لالي کوهه تان پاڻي ڀري مٽن جو ٻيلهڙو کڻي گهر پهتي. گهڙامنجيءَ تي مٽ رکي جيئن ئي هوءَ پوڙهي لعل خاتون کي کيڪارڻ آئي، ته پوڙهيءَ کيس ڀاڪر پائي دعا ڏيندي هڪ هزار روپين جو نوٽ خرچيءَ طور ڏنو.

لاليءَ لاءِ اهو سڀ ڪجهه حيران ڪن هو. هوءَ حيرانيءَ مان هزار جي نوٽ ۽ پوڙهيءَ لال خاتونءَ کي ڏسندي رهي. تڏهن ماڻس مرڪندي چيس: ”وٺ امان! اديءَ لعل خاتونءَ توکي ننهن بنايو آهي، تنهنجو سڱ جانب لاءِ گهريو اٿس!“

لاليءَ جڏهن جانب جو نالو ٻڌو تڏهن، خوشيءَ وچان سندس رت جو دورو تيز ٿي ويو. کيس ياد آيو ته هن هميشه پنهنجي جيون ساٿي طور جانب جا ئي خواب ڏٺا آهن. سڄي ڳوٺ جي نوجوانن ۾ کيس جانب ئي وڻندو آهي.

هنن ننڍي هوندي رانديون کيڏيون هيون، پر جڏهن ٻئي ڄڻا جوان ٿيا هئا تڏهن ڳوٺ جي ريتن ۽ رسمن جا سماجي ٻنڌڻ هنن جي وچ ۾ ديوار بڻجي آيا هئا. گهڻو ڪجهه چاهڻ جي باوجود هوءَ جانب سان ڳالهائي نه سگهي هئي. هڪ ٻه ڀيرو ته کيس موقعو به خوب مليو. کيس کوهه واري رستي تي جانب اڪيلو ملي ويو هو. هوءَ انتظار ڪندي بيهي رهي ته جانب ساڻس ضرور ڳالهائيندو پر، هُو نه بيٺو، هليو ويو. ان تي کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو هو. هن ائين پئي سمجهيو ته جانب کي ننڍپڻ واري دوستي ياد هوندي، پر... لالي ٿڌو ساهه کڻي مُرڪي ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ چيائين: ”نيٺ ته منهنجو ٿي وئين نه جانب! منهنجي پيار جي سچائيءَ توکي منهنجو بڻائي ورتو، آءٌ ڪامياب ٿي وئي آهيان!“

هن ڊوڙ ڪري پنهنجي ٿيڻ واري سس لاءِ چانهه ٺاهي. پوڙهي لعل خاتون چانهه پيئندي لاليءَ کي دعائون ڏيندي گهر ڏانهن موٽي. هوءَ گهٽيءَ مان گهر ڏانهن اچي رهي هئي جو اتي پنجو مڱڻهار ملي ويس. پنجوءَ هن ڀيري به لعل خاتونءَ تي وار ڪيو: ”امڙ لڳي ٿو جانب شهر ۾ ڪنهن منڊم سان شادي ڪري ڇڏي آهي!“

ان تي لعل خاتونءَ غصي مان چيو: ”چڱي وائي کڻ نڀاڳا! جانب جي شادي هن مهيني ئي ٿيندي، لاليءَ سان!“

اهو ٻڌندي پنجو مڱڻهار هڪو ٻڪو ٿي ويو. حيرانيءَ مان دوڏا ڦوٽاريندي چيائين: ”ڇا ٿي چئين پوڙهي اهو سچ آهي!؟“

لعل خاتونءَ فاتحانه انداز ۾ مرڪندي چيو: ”سورنهن آنا سچ آهي، سڀاڻي کان در تي دس وڄائڻ شروع ڪر. ڀلي ته ڳوٺ وارن کي خبر پوي ته ڪنهن شهزادي جي شادي ٿي رهي آهي!“

پنجو مڱڻهار مرڪندي ها ڪئي. خوشيءَ مان سندس وات مان گگ وهي وئي. هن لعل خاتونءَ کي ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو پر هوءَ اڳ ئي سندس مطلب سمجهي وئي، هن رئي جي پلئه مان ٻه سؤ رپيا ڇوڙي پنجوءَ جي هٿ تي رکيا. پنجو هٿ جوڙي هليو ويو.

ٻئي ڏينهن ڳوٺ واري کوهه تي وڏو غوغاءُ متل هو. ڳوٺ وارو کوهه جيڪو ڳوٺ جي نارين لاءِ ڪانفرنس هال وارو ڪم ڏيندو هو. اڄ اتي لاليءَ جو سڱ جانب کي ملڻ تي ڳوٺ جون ناريون مايوسيءَ وچان تبصرو ڪري رهيون هيون.

زيبوءَ چيو: ”ماسي لعل خاتونءَ کي به اها نڀاڳي لالي پسند اچي وئي. ڪنهن ٻيءَ تي اک ئي ڪانه ٻڏيس!“

رخسانه چيو: ”پوڙهپڻ ۾ چوٽي پٽائيندي!“

حُسنه چيو: ”پوڙهيءَ کي چوٽي آهي ڪٿي جو پٽجي!“

ان تي وري زيبوءَ چيو: ”چوٽي نه اٿس ته ڇا ٿي پيو، نُنهن جي هٿان روز مار ته کائيندي!“

ان تي سڀني کان ٽهڪ نڪري ويو، پر ان ٽهڪ ۾ ناڪامي ۽ شڪست جو عنصر وڌيڪ هو. سڀني نارين شدت سان محسوس ڪيو ته سندن ٽهڪ ۾ شڪست ۽ ناڪاميءَ جي ”آهه!“ هئي. جانب سان شاديءَ لاءِ سڀني نارين سپنا ڏٺا هئا، پر اڄ هنن جي سپنن کي لاليءَ ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو هو. لاليءَ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي هئي، انڪري سڀ ناريون لاليءَ تي ملامت ڪري رهيون هيون. ائين چوندي ڄڻ هو پنهنجو انتقام وٺي رهيون هجن. انهيءَ ئي وقت لالي به پنهنجي خالي مٽن جو ٻيلهڙو مٿي تي رکي اچي کوهه تي پهتي. لاليءَ کي ڏسي سڀني کڻي ماٺ ڪئي. هن سان ڪنهن به ڪونه ڳالهايو. لالي سمجهي وئي ته اتي سندس باري ۾ ئي ڳالهيون هلي رهيون هيون. تڏهن سندس منهن تي وڌيڪ فاتحانه مرڪ ڇانئجي وئي! ڄڻ هنن تي واضح ڪندي هجي: ”توهان ڇا به چاهيو منهنجي ڀاڳ سان ريس نٿيون ڪري سگهو، جانب ته بس منهنجو ئي آهي ۽ منهنجو ئي رهندو. توهان ان جي قابل آهيو ڪٿي!؟“

ٻئي طرف پوڙهي لعل خاتون جانب جي شاديءَ جي تيارين ۾ لڳي وئي. هن پنهنجي ڪچي گهر جي لنب ڪرائي ان کي چن جي پوچي ڪرائي. گهر جي مهڙ ۾ مينديءَ سان لکرايائين- ”شادي مبارڪ“.

جنهن ڏينهن جانب شهر مان اچڻو هو. ان ڏينهن ئي کيس شاديءَ جي تاريخ طئي ڪري ٻيو بندوبست ڪرڻو هو. پوڙهي لعل خاتون پل پل ڳڻي جانب جو انتظار ڪري رهي هئي.

منجهند جو در تي ٺڪ ٺڪ ٿي ته لعل خاتونءَ کي پڪ ٿي وئي. هن چپن ۾ ڀڻڪيو: ”منهنجو جانب اچي ويو!“ پوءِ وري وڏي واڪي چيائين: ”ابا جانب! در کليل آهي، هليو اچ!“ پر جانب ڪونه آيو. تڏهن لعل خاتونءَ پاڻ در تي وئي. در کولي ڏٺائين ته جانب ڪونه هو. جانب جي بدران ڪجهه اوپرا ماڻهو گهٽيءَ ۾ اڇي رنگ جي گاڏيءَ سان بيٺا هئا. لعل خاتونءَ کين سواليه نظرن سان ڏسڻ لڳي، تڏهن انهن مان هڪ چيو:

”جانب جي امڙ اوهين آهيو!؟“

ان تي پوڙهيءَ لعل خاتون چيو: ”ها ها آءٌ ئي آهيان جانب جي امڙ! پر توهان ڪير آهيو؟ منهنجو جانب ڪٿي آهي؟“ ان تي ساڳئي شخص چيو: ”امڙ تنهنجي پٽ کي شهر ۾ دهشتگردن گولي هڻي ماري ڇڏيو آهي. اسان سندس لاش هن ايمبولينس ۾ کڻائي آيا آهيون!“

پوڙهي لعل خاتون اهي لفظ ٻڌي چڪرائجي وئي، هن کي محسوس ٿيو ته زمين کان آسمان تائين باهه جا شعلا ٻري رهيا آهن ۽ هوءَ انهن شعلن ۾ سڙي خاڪ ٿي رهي آهي. پر پوءِ هڪ ڀيرو هن وري همت ڪئي گُهٽجي گُهٽجي ڳالهائڻ لڳي:

”نه نه ائين نٿو ٿي سگهي، توهان ڪوڙ ٿا ڳالهايو، منهنجي جانب کي ڪير ڇو ماريندو؟ هن جي ته ڪنهن سان دشمني به ڪونه هئي، هُو ته بلڪل بي گناهه هو.“

تڏهن اوپرن ماڻهن مان هڪ چيو: ”امان ڪراچيءَ ۾ بيگناهن کي ئي ته قتل ڪيو ويندو آهي!“

لعل خاتونءَ پوءِ به اعتبار نه ڪيو پر، پوءِ جڏهن هنن جانب جو لاش گاڏيءَ مان لاهي گهر ۾ آندو تڏهن کيس يقين آيو، هوءَ روئندي پٽ جي لاش سان چنبڙي پئي ۽ پوءِ بيهوش ٿي وئي. ڏسندي ڏسندي پوڙهي لعل خاتون جي گهر ۾ ڳوٺاڻن جو ميڙ جمع ٿي ويو. ڪن ڪفن ۽ تڙ ڏيارڻ جو بندوبست ڪيو، ته ڪي قبرستان ڏانهن قبر کوٽڻ لاءِ ڀڳا.

قبرستان ۾ ڳوٺ جي چند سگهن ڀلن نوجوانن قبر کوٽي تيار ڪئي. هو وڻ جي هيٺ ويهي ساهي پٽڻ لڳا، ته انهيءَ وقت ئي چاچو ولي محمد ڊوڙندو آيو. پهچڻ شرط سهڪندي چيائين: ”ابا رڳو هڪ قبر نه، پر ٻه قبرون ٻيون به کوٽيو، جانب جي ماءُ ۽ مڱ ٻنهي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو آهي!“

منشي پريم چند/ شگفته شاهه

 

 

 

 

 

قــــــدر

( 1 )

جڏهن لوڻ جو محڪمو جوڙيو ويو ۽ خدا جي ان عام جام نعمت مان فائدي کڻڻ جي پابندي لاڳو ڪئي وئي، ته ماڻهو ان جو عام وڏو دروازو بند ڏسي دريون ۽ ڏرڙ ٺاهڻ جي فڪر ۾ پئجي ويا.

هر پاسي خيانت، غبن ۽ حرص جو ڪاروبار هو. ماڻهو منافعو ڏيندڙ ٻيا ڌنڌا ڇڏي، لوڻ سان لاڳاپيل عهدن ڏانهن اچڻ لڳا ۽ هن محڪمي جو داروغو ته وڪيلن لاءِ به رشڪ جو سبب بنجي ويو… هي اهو دؤر هو جڏهن انگريزي تعليم ۽ عيسائيت مترادف لفظ هئا. فارسي جي تعليم ڄڻ افتخار جي سَنَدَ هئي، ماڻهو حُسن ۽ عشق جون ڪهاڻيون پڙهي زندگيءَ جا اعليٰ ترين درجا ماڻيندا هئا. منشي بنسي ڌر به زليخا جو داستان ختم ڪيو ۽ مجنون ۽ فرهاد جي قصي کي آمريڪا جي دريافت يا نيل جي جنگ کان به عظيم تر واقعا سمجهندي روزگار جي تلاش ۾ نڪتو. سندس پيءُ دنيا جو سمجهه رکندڙ بزرگ هو، هو کيس سمجهائڻ لڳو:

”پٽ: گهر جي حالت ڏسي رهيو آهين، قرضن ۾ ڪارا ٿيل آهيون، ڇوڪريون آهن جو گنگا جمنا جيان وڌنديون پيون وڃن، آءٌ کوکلو وڻ ٿي چڪو آهيان، سو خبر ناهي ته ڪڏهن پٽ پئجي وڃان. هاڻي تون ئي هن گهر جو مالڪ ۽ مختيار آهين، ڪنهن وڏي عهدي جو خيال هرگز دل ۾ نه آڻجانءِ. هي سماج ته پير جو مزار آهي، نگاهون فقط انهن تي چاڙهيل پَڙن ۽ سکائن تي رکڻ گهرجن، اِنڪري ڪو اهڙو ڪم ڳولهه جنهن ۾ مٿئين ڪمائي هجي، مهيني جو پگهار ته ڄڻ ته چوڏهينءَ جي چنڊ جيان هوندو آهي جيڪو فقط هڪ ڏينهن ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ گهٽجندي گهٽجندي غائب ٿيو وڃي، جڏهن ته مٿئين ڪمائي ڄڻ وهندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو هوندي آهي، جنهن سان ئي سدائين اُڃ اُجهامندي آهي. پگهار انسان ڏيندو آهي، انڪري ان ۾ برڪت نه هوندي آهي، تون ته پاڻ عالم فاضل آهين سو توکي وڌيڪ ڇا سمجهايان، هي معاملو ڪجهه ضمير ۽ سمجهه تي مدار رکي ٿو. انسان کي ڏس ۽ ان جي ضرورت کي ڏس، موقعو ڏس ۽ پوءِ تمام گهڻي سمجهه کان ڪم وٺ، غرض وارن سان سدائين بي رحمي ۽ بي رُخي ڪري ٿو سگهين، پر بي غرض سان معاملو ڪرڻ ڪجهه ڏکيو هوندو آهي، انهن ڳالهين کي ڳنڍ ٻڌي ڇڏ جو جو اهي منهنجي سڄي زندگيءَ جي ڪمائي آهن.“

انهن بزرگانه نصيحتن کان پوءِ ڪجهه دعائن جي ڪلمن جي واري آئي، بنسي ڌر سعادتمند پٽ جيان اهي سڀ ڳالهيون تمام ڌيان سان ٻڌيون ۽ پوءِ گهران نڪتو ۽ هليو ان وسيع دنيا ۾، جتي پنهنجو استقلال، پنهنجو رفيق، پنهنجي همٿ، پنهنجي مددگار ۽ پنهنجي ڪوشش پنهنجو مربي آهي، سُٺي سنؤڻ سان نڪتو هو، خوش نصيبي به ساڻ هئس، کيس لوڻ جي کاڻ جو داروغو مقرر ڪيو ويو، پگهار مناسب هئس ۽ مٿئين ڪمائيءَ جو ته حساب ئي نه هو، پيرسن منشيءَ کي جڏهن خط مليو ته ٺري پيو. پاڙي وارن کي حسد ٿيو ۽ وياج خورن جي سختي نرميءَ ۾ بدلجي وئي.

( 2 )

سياري جا ڏينهن هئا، رات جو وقت هو، لوڻ جا ڦڙت چوڪيدار، شراب خاني جا دربان بڻيل هئا. بنسي ڌر کي هتي ايندي ڇهن مهينن کان وڌيڪ وقت نه ٿيو هو، پر ان عرصي ۾ سندس فرض شناسي ۽ ديانت آفيسرن جو اعتبار ۽ پبلڪ جي بي اعتباري حاصل ڪري ورتي هئي. لوڻ جي دفتر کان پورب جي طرف هڪ ميل تائين جمنا ندي وهندي هئي ۽ ان تي ٻيڙين جي هڪ گذرگاهه ٺهيل هئي. داروغو صاحب ڪمرو بند ڪري مِٺي ننڊ ۾ هو جو اوچتو اک کُلي ويس جو نديءَ جي مٺڙي سهڻي راڳ بدران گاڏين جو گوڙ گهمسان ۽ ملاحن جا وڏي واڪي وارا آواز ڪنن ۾ پيس، ته اُٿي ويٺو، ايڏيءَ رات ۾ گاڏيون درياهه جي پار ڇو ٿيون وڃن؟ جيڪڏهن ان ڳالهه ۾ ڪا دغا ڪونهي ته پوءِ رات جي اونداهين پردي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ان دليل سندس شڪ کي اڃا وڌايو ته وردي پاتائين، پستول کيسي ۾ رکيائين ۽ هڪدم گهوڙي کي ڊوڙائيندو درياهه جي ڪناري تي اچي پهتو، ڏٺائين ته محبوب جي زلفن کان به ڊگهي گاڏين جي هڪ قطار وڃي رهي هئي اتان، هن حاڪماڻي انداز ۾ پڇيو:

”هي ڪنهن جون گاڏيون آهن؟“

ٿوري دير ته ماٺ رهي ۽ ماڻهن هڪٻئي سان سرٻاٽ ڪيا، تڏهن اڳئين گاڏي ڪاهيندڙ جواب ڏنو:

”پنڊت الوپي دين جون.“

”ڪير پنڊت الوپي دين؟“

”داتا گنج وارو.“

بنسي ڌر چيو، الوپي دين هن علائقي جو سڀني کان مٿانهون ۽ وڏو زميندار هو.

۽ اَنَ جو ڪاروبار الڳ هو، هو وڏو اثر رکندڙ ۽ پهچ وارو هو، وڏا وڏا انگريز آفيسر سندس علائقي ۾ شڪار ڪرڻ ايندا هئا ۽ سندس مهمان بنجندا هئا، ٻارنهن مهينا وٽس ميلو لڳو پيو هوندو هو، هن پڇيو:

”ڪيڏانهن ٿيون وڃن؟“

جواب مليو: ”ڪانپور.“

پر… ان سوال تي ته ’انهن ۾ ڇا آهي؟‘ هڪ گهري خاموشي داروغي جي شڪ کي يقين جي درجي تائين پهچائي ڇڏيو. دير تائين جواب نه مليس ته زور سان چيائين:

”ڇا اوهين سڀ گونگا آهيو؟ آءٌ پڇان ٿو ته هنن ۾ ڇا ڀريل آهي؟“

اڃا به جواب نه مليس ته هن گهوڙي کي هڪ گاڏيءَ ويجهو آندو ۽ هڪ ٻوريءَ کي جاچيو ته سندس شڪ يقين ۾ بدلجي ويو ڇو ته انهن ۾ لوڻ جا ٽڪر هئا.

پنڊت الوپي دين پنهنجي سينگاريل رَٿَ تي ڪجهه ننڊاکڙو ۽ ڪجهه جاڳيل ڊوڙندو آيو ڇو ته کيس گاڏين کي ڪاهيندڙن گهٻراهٽ ۾ اچي جاڳايو هو ۽ چيائون:

”مهاراج! داروغي گاڏين کي روڪي ڇڏيو آهي، ۽ درياهه ڪناري تي بيٺل آهي ۽ توهان کي سڏيو اٿس.“

پنڊت الوپي سنگهه کي ڏوڪڙن جي طاقت جو پورو ۽ عملي تجربو هو، هو چوندو هو ته دنيا جو ڪهڙو ذڪر، دولت جو سڪو ته بهشت ۾ به هلندو آهي ۽ شايد سندس اهو قول صحيح هوندو، جو قانون ۽ انصاف سڀ دولت جا رانديڪا آهن، جن سان اها پنهنجو پاڻ کي وندرائيندي آهي پنهنجي ضرورت آهر، هن ليٽيل ئي اميراڻي بي پرواهيءَ سان چيو:

”چڱو توهين هلو، آءٌ پهچان ٿو.“

اهو چوندي پنڊت جي اطمينان سان پان کاڌا ۽ کٿو اوڍي، داروغي وٽ آيو ۽ بي تڪلفي واري انداز ۾ چيائين:

”بابو جي! آشيرواد! اسان کان اهڙي ڪهڙي خطا ٿي آهي جو گاڏيون روڪي ڇڏيون اَٿو؟ اسان برهمڻن تي ته توهان جي عنايت جي نظر هئڻ گهرجي.“

بنسي ڌر الوپي دين کي سڃاتو ۽ پوءِ بي پرواهيءَ سان چيائين:

”سرڪاري حڪم آهي.“

”سرڪار ته اوهان ئي آهيو، اسان جو ۽ اوهان جو ته اهو گهرو معاملو آهي، ڪڏهن اوهان کان پري ٿينداسين. توهان ته اجائي تڪليف کنئي. اهو ته ٿي ئي نٿو سگهي ته هتان وڃون ۽ درياهه ڪناري جي ديوتا تي ڀيٽا نه ڏيون، آءٌ پاڻ توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿي وڃان ها.“

بنسي ڌر تي دولت جي انهن مٺڙين ڳالهين جو ڪوبه اثر نه ٿيو جو ديانتداريءَ جو تازو جوش هو سو ڪڙڪو ڪري چيائين:

”آءٌ انهن نمڪ حرامن مان ڪونه آهيان، جيڪي پنهنجو ايمان ٽڪن تي وڪڻندا آهن، توهان هن وقت حراست ۾ آهيو، صبح جو توهان جو باقاعدي چالان ٿيندو. مون وٽ گهڻي ڳالهائڻ جي فرصت ڪونهي. جمعدار بدلو سنگهه! تون هن کي حراست ۾ وٺي ڇڏ، آءٌ حڪم ٿو ڏيان.“

پنڊت الوپي دين ۽ سندس ڇاڙتن ۽ گاڏيون ڪاهيندڙن ۾ ڄڻ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. زندگيءَ ۾ شايد اهو پهريون موقعو هو جو پنڊت جي کي اهڙيون اڻ وڻندڙ ڳالهيون ٻُڌڻيون پيون هيون، بدلو سنگهه اڳتي وڌيو، پر الوپي دين جو رعب مٿس حاوي ٿي ويو، سندس همٿ نه ٿي ته هُو سندس هٿ پڪڙي سگهي. الوپي دين ٻين کي دولت کان ايڏو بي نياز ۽ بي غرض نه ڏٺو هو سو ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويو. سوچيائين ته اڃا سکندڙ ٻار جيان آهي سو اڃا دولت جي ناز ۽ انداز کان واقف ڪونهي. اڻڄاڻ آهي سو شايد گهٻرائجي ٿو، انڪري گهڻي ناز برداريءَ جي ضرورت آهي، سو عاجزيءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳو:

”بابوجي! اهو ظلم نه ڪجو، آءٌ پورو ٿي ويندس، عزت مٽي ۾ ملي ويندي ۽ ان سان آخر توهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ گهڻو ٿيو ته ڪو ٿورو انعام ملي ويندوَ. آءٌ توهان جي چوڻ کان ٻاهر ته ڪونه آهيان.“

بنسي ڌر سخت لهجي ۾ چيو: ”آءٌ اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ نٿو چاهيان.“

الوپي دين جنهن ٽيڪ کي جبل سمجهي رهيو هو، ان تي ته پير رکڻ سان ئي پير کي هيٺ کسڪندي محسوس ڪيائين. نفس جي اعتماد ۽ دولت جي غرور کي سخت صدمو رسيو، پر اڃا به کيس دولت جي طاقت تي پورو ڀروسو هو سو پنهنجي مختيار کي چيائين:

”لالا جي! هڪ هزار جو نوٽ بابو صاحب جي نذر ڪر، هي هن وقت بکايل شير بنيو بيٺو آهي.“

بنسي ڌر هيڪاري گرم ٿي ويو ۽ چيائين:

”هزار ته ڇا مون کي ته هڪ لک به پنهنجي فرض جي رستي کان ٿيڙي نٿو سگهي.“

دولت، فرض جي ان خاڪساري واري جرئت ۽ نفس ڪشي تي جزبز ٿي ۽ هاڻي ٻنهي طاقتن وچ ۾ وڏي معرڪي جي ڪشمڪش شروع ٿي وئي. دولت ور وڪڙ ڏئي مايوسيءَ واري جوش سان حملا ڪندي رهي. هڪ کان پنجن هزارن تائين… پنجن کان ڏهن هزارن تائين… ڏهن کان پندرهن… پندرهن کان ويهه تائين ڳالهه پهتي، پر فرض مرداڻي همٿ سان هن وڏي فوج جي مقابلي ۾ اڪيلو ۽ تنها جبل جيان اٽل بيٺو رهيو. نيٺ الوپي دين مايوسيءَ واري انداز ۾ چيو:

”ان کان وڌيڪ منهنجي وٿ ڪانهي، اڳتي اوهان کي اختيار آهي.“

بنسي ڌر پنهنجي جمعدار کي للڪاريو، بدلو سنگهه دل ۾ داروغي کي گاريون ڏيندو، الوپي دين ڏانهن وڌيو، پنڊت جي گهٻرائجي ٻه ٽي قدم پٺتي ويو ۽ پوءِ بيوسيءَ سان منٿ ڪندي چيائين:

”بابو صاحب! ايشور جي نانءُ تي مون تي رحم ڪريو، آءٌ پنجويهن هزارن تي معاملو طئي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“

”ناممڪن.“

”ٽيهه هزار.“

”ناممڪن.“

”ڇا چاليهه هزار به ممڪن ڪونهن؟“

”چاليهه هزار ته ڇا چاليهه لک به ناممڪن.“

”بدلو سنگهه! هن ماڻهوءَ کي يڪدم تحويل ۾ وٺي ڇڏ، آءٌ هاڻي هڪ لفظ به نه ٻڌندس.“

فرض، دولت کي پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيو، الوپي دين هڪ جانٺي جوان کي هٿڪڙيون کڻي ايندي ڏٺو ۽ چئني پاسي مايوسيءَ سان ڏٺو ۽ پوءِ غش کائي زمين تي ڦهڪو ڪيائين.

( 3 )

دنيا سُتل هئي پر دنيا جي زبان جاڳي پئي. صبح ٿيو ته ٻچي ٻچي جي زبان تي ان واقعي جو ذڪر هو ۽ هر گهٽيءَ ۽ گام مان ملامت ۽ ڌڪار جون صدائون پئي آيون، ڄڻ دنيا ۾ هاڻي گناهه جو وجود ئي نه رهيو هو. پاڻيءَ کي کير جي نالي تي وڪڻندڙ سرڪار جا حاڪم، بنا ٽڪيٽ ريل ۾ سفر ڪرڻ وارا بابو صاحب ۽ جعلي دستاويز ٺاهڻ وارا سيٺ… سڀ پارسائن جيان ڪنڌ لوڏيندا هئا ۽ جڏهن ٻئي ڏينهن تي پنڊت الوپي دين جي شنوائي ٿي ۽ هو ڪانسٽيبلن سان گڏ ڪنڌ جهڪائي عدالت طرف هليو. هٿن ۾ هٿ ڪڙيون ۽ دل ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ سان سڄي شهر ۾ ڄڻ هلچل مچي وئي، ڪوهن تائين ان نظاري کي ڏسڻ وارا جمع ٿي ويا هئا.

پر فقط عدالت پهچڻ جي دير هئي، پنڊت الوپي دين ته هن بي ڪنار سمنڊ جو ڄاڻو هو جو حاڪم سندس قدرشناس هئا، عملو سندس نيازمند، وڪيل ۽ مختيار سندس ناز بردار، اردلي ۽ پٽيوالا ۽ چوڪيدار ته سندس زرخريد غلام هئا، کيس ڏسندي ئي چئني پاسن کان ماڻهو ڊوڙندا آيا، هر ماڻهوءَ جون حيرت وچان ڏندين آڱريون هيون، انڪري نه ته هن اهڙو ڪم ڇو ڪيو، پر انڪري جو هو قانون جي چنبي ۾ ڪيئن ڦاٿو. هڪ اهڙو ماڻهو جنهن وٽ بي انداز دولت ۽ ديوتائن تي پڻ جادو ڪندڙ زبان هجي سو آخر ڪيئن قانون جو شڪار بڻيو! حيرت کان پوءِ همدرديءَ جا اظهار ٿيڻ لڳا. ان حملي کي روڪڻ لاءِ يڪدم وڪيلن جو هڪ جٿو تيار ڪيو ويو ۽ انصاف جي ميدان ۾ فرض ۽ دولت وچ ۾ باقاعده جنگ شروع ٿي وئي. بنسي ڌر خاموش بيٺو رهيو، ڇو ته تنها ۽ اڪيلو بيٺل هو، وٽس سچائيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه هو، صاف بياني کان سواءِ وٽس ٻيو ڪو هٿيار نه هو، استغاثي جون شاهديون ضرور هيون، پر اهي ترغيبن سبب ڊانواڊول هيون، ايستائين جو انصاف به هن کان پرڀرو نظر ٿي آيو.

اها حقيقت آهي ته انصاف دولت کان بي نياز هوندو آهي، پر ان جي پردي پويان جيڪو شوق آهي سو نظر نه ايندو آهي، دعوتن ۽ سوکڙين جي پردي ۾ ويهي دولت فريب بنجي ويندي آهي. اها عدالت جي دربار هئي، پر ان جي ارڪانن تي دولت جو نشو ڇانيل هو. مقدمي جو فيصلو جلدي ٿي ويندو. ڊپٽي مئجسٽريٽ تجويز لکي: ”پنڊت الوپي  دين خلاف شهادت تمام ڪمزور ۽ غير واضح هئي، صاحبِ ثروت رئيس هو سو اهو ممڪن ئي نه هو ته هُو فقط ڪجهه هزارن جي فائدي خاطر اهڙي نيچ حرڪت ڪندو. لوڻ جي داروغه صاحب منشي بنسي ڌر تي جيڪڏهن گهڻو سنگين نه ته هڪ افسوسناڪ غلطيءَ ۽ اجائي سرگرمين جو الزام ضرور عائد ٿئي ٿو.

”اسين خوش آهيون ته هُو هڪ فرض شناس نوجوان آهي پر لوڻ جي کاڻ جي حد کان ورتل ’نمڪ حلالي‘ سندس امتياز ۽ درڪ کي مغلوب ڪري ڇڏيو آهي، کيس اڳتي خبردار رهڻ گهرجي.“

وڪيلن اها تجويز ٻڌي ته ٽپ ڏنائون، پنڊت الوپي دين مُرڪندو ٻاهر نڪتو، حوالين روپين جو مينهن وسايو، سخاوت ۽ حوصلي جو سيلاب آيو ۽ ان جي لهرن عدالت جا بنياد پڻ لوڏي ڇڏيا. جڏهن بنسي ڌر عدالت کان ٻاهر نڪتو ته نگاهن ۾ غرور ڀريل هوس ته چئني پاسن کان مسخري ۽ ٺٺولين ڀريا آواز اچڻ لڳا. پٽيوالن ۽ برقندازن نمي سلام ڪيو، پر هڪ اشارو ان وقت غرور جي نشي تي ٿڌي هوا جيان لڳو… شايد مقدمي ۾ ڪامياب ٿي هو شخص ان ريت آڪڙ ۾ هلي ها، دنيا کيس پهريون سبق ڏئي ڇڏيو هو. انصاف، علم ۽ پنج حرفي خطاب ۽ ڊگهيون ڏاڙهيون ۽ ڍِلا ڍالا چوغا… هڪ به حقيقت ۾ عزت جو مستحق نه هو.

( 4 )

پر… پوءِ بنسي ڌر ڄڻ ثروت ۽ اثر رسوخ سان دشمني پرائي ورتي، سو ان جي قيمت ته ادا ڪرڻي ئي پيس. اڃا هفتو مَس گذريو هو جو سندس معطليءَ جو حڪمنامو پهچي ويو، کيس فرض شناسيءَ جي سزا ملي ۽ ويچارو دل شڪستو ۽ پريشان ٿي پنهنجي وطن ڏانهن روانو ٿيو. پيرسن منشي جي اڳ ۾ ئي کانئس بدظن ٿيو ويٺو هو ته ويندي وقت کيس ڪيڏو سمجهايو هئائين، پر هن ڇوڪري هڪ به نه ٻڌي، اسين ته هتي ٻڍاپي ۾ ڏکيو وقت ڏسون جو فقط رُکي پگهار پيو کڻي. آخر اسان به ته نوڪري ڪئي ۽ ڪو وڏو عهدو نه هو پر جيڪو ڪم به ڪيو دل کولي ڪيو ۽ هي بڻيو آهي ديانتدار. گهر ۾ اهڙي سمجهه کي حيف هجي، ايڏو پڙهايو لکايو، پر ڄڻ سڀ اجايو ويو.

جڏهن بنسي ڌر بڇڙن حالن ۾ گهر پهتو ۽ ’منشي جي‘ سڄي ڪهاڻي ٻُڌي ته مٿو کڻي پِٽيندي چيائين:

”دل ته چوي ٿي ته پنهنجو ۽ تنهنجو مٿو ڦاڙي رکان.“

پوءِ گهڻي دير ڏک ڪندو ۽ پڇتائيندو رهيو ۽ ڪاوڙ ۾ گهٽ وڌ به ڳالهايائينس، جيڪڏهن بنسي ڌر اُتان کسڪي نه وڃي ها ته عجب نه هو ته اها ڪاوڙ عملي صورت به اختيار ڪري ها، پوڙهي ماءُ ۽ راميشور جون تمنائون ڄڻ مِٽيءَ ۾ ملي ويون ۽ زال ته ڪيترائي ڏينهن سنئين منهن سان ڳالهايس به نه.

اهڙي ريت پنهنجن پراون جا تلخ رويا ۽ ڪڏهن ڌارين جون دل سوز همدرديون سهندي سهندي، هڪ هفتو گذري ويو. شام جو پهر هو، پوڙهو منشي جي، رام نام جي مالا ڦيرائي رهيو هو جو سندن دروازي تي هڪ سينگاريل رَٿُ اچي بيٺو. سائي ۽ گلابي رنگ جا پردا، پڇائين نسل جا ڍڳا ۽ اُنهن جي ڳچين ۾ نيرا سَڳا، سڱ پتل ۾ مڙهيل هئا، منشي جي پيشوائيءَ لاءِ ڀڳو ته ڏٺائين ته پنڊت الوپ دين هو، جهڪي سلام ڪيائين ۽ مدبرانه ڳالهيون شروع ڪيائين:

”ڪهڙو منهن ڏيکاريون توهان کي جو منهن ته ڪارو ٿيل آهي، پر ڇا ڪجي ڇوڪرو ئي نالائق آهي، ناخلف آهي، نه ته ائين منهن ڇو لڪايون ها. تنهن کان ايشور ڏيئي بنا رکي، پر اهڙو اولاد نه ڏي.“

بنسي ڌر، الوپي دين کي ڏٺو ته کيڪاريائين، پر خوداريءَ واريءَ شان سان. يڪدم گمان ٿيس ته هي حضرت مون کي ڏسڻ آيو آهي، پر زبان تي معذرت نه آيس ۽ سندس والد بزرگوار جو هن سان جاري خلوص سخت ناگوار لڳس جو اوچتوئي پنڊت جي هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو: ”نه ادا! ائين نه چئو.“

پوڙهي منشي جي قيافه شناسي فوراً جواب ڏئي ڇڏيو ۽ هن اچرج مان چيو:

”اهڙي اولاد کي ٻيو ڇا چوان؟“

الوپي دين ڪي قدر جوش سان چيو:

”خاندان لاءِ فخر ۽ وڏڙن جو نالو روشن ڪرڻ وارو اهڙو سدورو پٽ پائي، توهان کي ته پرماتما جو شڪرگذار ٿيڻ کپي، دنيا ۾ اهڙا ڪيترا انسان آهن جيڪي ديانت لاءِ پنهنجو سڀڪجهه نثار ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن؟ داروغه جي! ان کي زمانو سازي نه سمجهجو، زماني کي ڏيکارڻ لاءِ مون کي هتي اچڻ جي تڪليف ڪرڻ جي ضرورت ئي نه هئي، ان رات توهان مون کي حڪومت جي زور تي حراست ۾ ورتو هو، اڄ آءٌ پنهنجو پاڻ اوهان جي حراست ۾ آيو آهيان، مون هزارين رئيس ۽ امير زادا ڏٺا آهن، زير ڪيو ته فقط توهان ڪيو، مون سڀني کي پنهنجو ۽ پنهنجي دولت جو غلام بنائي ڇڏيو، مون کي هاڻي اجازت آهي، ته توهان کان ڪو سوال پڇان؟“

بنسي ڌر کي انهن ڳالهين مان ڪجهه خلوص جي بوءِ آئي ۽ هن سندس چهري ڏانهن هڪ نظر وڌي ته اُتي گهاٽي صداقت جي جهلڪ نظر آيس، غرور ندامت کي رستو ڏنو ۽ هن شرمندو ٿي چيو:

”اها ته اوهان جي مهرباني آهي، منهنجي فرض مون کي اوهان جي بي ادبي ڪرڻ تي مجبور ڪيو، نه ته آءٌ ته اوهان جي قدمن جي خاڪ آهيان، توهان جيڪو به فرمائيندا، آءٌ ڪوشش ڪندس ته ان حڪم جي بجا آڻڻ ۾ عذر نه ڪريان.“

الوپي دين جي التجا سان ڀريل نگاهن کيس ڏسي چيو:

”درياهه جي ڪناري تي توهان منهنجي سوال کي رد ڪيو هو، پر اڄ اهو سوال (التجا) پورو ڪرڻو پوندوَ.“

بنسي ڌر جواب ڏنو:

”آءٌ ڪهڙي قابل آهيان پر مون ناچيز کان جيڪا خدمت پڄندي ان کان دريغ نه ڪندس.“

الوپي دين هڪ قانوني تحرير ڪڍي ۽ ان کي بنسي ڌر جي سامهون رکندي چيو:

”هن مختيارنامي کي پڙهو ۽ ان تي صحي ڪريو، آءٌ برهمڻ آهيان، جيستائين منهنجو اهو سوال پورو نه ڪندا، تيستائين هن در تان نه هٽندس.“

بنسي ڌر مختيارنامي کي پڙهيو ته شڪر گذاريءَ جا لُڙڪ اکين ۾ ڀرجي آيس، پنڊت الوپي دين کيس پنهنجي سڄي ملڪيت جو عام مختار قرار ڏنو هو، سالياني پگهار ڇهه هزار، خرچيءَ لاءِ روزانه الڳ خرچ، سواريءَ لاءِ گهوڙا ۽ اختيار غير محدود! هن ڏڪندڙ آواز ۾ چيو:

”پنڊت جي! ڪهڙي زبان سان ٿورا مڃان اوهان جا جو توهان مون کي ايڏين عنايتن جي قابل سمجهيو، پر يقين ڪريو ته آءٌ سچ ٿو چوان ته آءٌ ايڏي اعليٰ رتبي جي قابل ناهيان.“ الوپي دين چيو.

”پنهنجي واتان پنهنجي واکاڻ نه ڪريو.“ بنسي ڌر چيو:

”آءٌ اوهان جو غلام آهيان، اوهان جهڙي نوراني اوصافن واري بزرگ جي خدمت ڪرڻ مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، پر مون کي نه ته ايڏو علم، سمجهه ۽ تجربو آهي، جو انهن خامين تي پردو وجهن. ايڏي معزز خدمتن لاءِ هڪ بيحد معامله فهم ۽ تجربي ڪار منشيءَ جي ضرورت آهي.“

الوپي دين قلمدان مان قلم ڪڍيو ۽ بنسي ڌر جي هٿ ۾ ڏيندي چيو:

”مون کي نه ته علم جي ضرورت آهي، نه فراست جي، نه ڪارڪردگيءَ جي ۽ نه ئي معاملا فهميءَ جي، انهن پٿرين جا جوهر آءٌ بار بار پرکي چڪو آهيان، هاڻي تقدير جي مهربانيءَ سان مون کي اهو بي بها موتي ملي ويو آهي، جنهن جي آب تاب اڳيان علم ۽ فراست جي چمڪ ڪجهه به نه آهي، هي قلم حاضر آهي، وڌيڪ تاخير نه ڪريو ۽ هن تي هوريان صحي ڪري ڇڏيو. منهنجي پرماتما کان اهائي التجا آهي ته هو سدائين توهان کي نديءَ جي ڪناري وارو بي مروت، سخت زبان ۽ ڪٺور، پر فرض شناس داروغو بنائي رکي.“

بنسي ڌر جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، دل جي سوڙهي ٿانوَ ۾ ايڏو احساس سمائجي نه سگهيو، هن پنڊت الوپي دين ڏانهن هڪ ڀيرو وري عقيدت ۽ پرستش جي نگاهن سان ڏٺو ۽ ڏڪندڙ هٿن سان صحي ڪري ڇڏي.

الوپي دين خوشيءَ مان اُٿيو ۽ کيس ڀاڪر پاتو.

(”نمک کا داروغه“ تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org