سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:22 

رپورٽ: ضمير لاشاري

 

 

 

ٽماهي پوپٽ پاران ”اياز گل نمبر“ جي مهورتي تقريب

 

معياري ۽ صحتمند ادب جي واڌاري ۾ پوپٽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار نامياري شاعر ادل سومري پوپٽ پبلشنگ  هائوس خيرپور پاران شايع ٿيل ٽماهي پوپٽ جي ”اياز گل نمبر“ جي مهورتي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اياز گل پنهنجي ڄمار جا چار ڏهاڪا سنڌي شاعريءَ کي ارپي پنهنجو الڳ مقام حاصل ڪيو آهي ۽  پوپٽ ميگزين پاران خاص شماري جي صورت ۾ سندس فن ۽ شخصيت کي منفرد ڀيٽا ڏني وئي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري رسالن جي کوٽ واري صورتحال ۾ پوپٽ پنهنجي معيار جي ذريعي اهم حيثيت حاصل ڪئي آهي جنهن لاءِ پوپٽ جي سموري سٿ کي داد ڏجي ٿو. تقريب جي خاص مهمان نامياري شاعر اياز گل چيو ته مون سڄي ڄمار شاعريءَ ذريعي محبت جو سفر ڪيو آهي ۽ موٽ ۾ سنڌ واسين پاران انيڪ محبتون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته ڪنهن به تخليقڪار جو ڪم ئي سندس سڀ کان وڏي سڃاڻ هوندو آهي. پوپٽ مئگزين منهنجي پيار واري سفر کي تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ڪري هڪ شانائتو ڪم ڪيو آهي، جنهن لاءِ آئون سموري سٿ جو ٿورائتو آهيان. تقريب جي خاص مهمان نامياري ڪالم نگار ڊاڪٽر مجيد چانڊيو چيو ته اياز گل جي شاعري ۽ سندس دوستيءَ تي فخر ئي ڪري سگهجي ٿو. پوپٽ مئگزين جو هيءُ خاص شمارو مستقبل ۾ اياز گل جي شاعري ۽ شخصيت جي باري ۾ تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ اهم حوالو ثابت ٿيندو.  نامياري ليکڪ ۽ مترجم احرار يوسف چيو ته اياز گل جي شاعري سنڌ جي نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن آهي مون به انهيءَ شاعري جي خوشبوءَ سان پنهنجي سوچن کي واسيو آهي. نامياري شاعر ۽ نقاد منير سولنگيءَ چيو ته اياز گل پنهنجي منفرد ڏات وسيلي مختلف ٽهين تي اثر ڇڏيا آهن. هُو نفيس شاعر ۽ نفيس ماڻهو آهي. سندس شاعريءَ جي حوالي سان اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر نامياري مصور سعيد منگيءَ چيو ته اياز جي شاعري اسان لاءِ ننڍپڻ کان وٺي اُتساهه جو سبب رهي آهي. اياز گل جي حوالي سان پوپٽ جو خاص شُمارو ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو شمارو آهي جنهن جو ٽائيٽل ڊيزائين ڪندي مون دلي اطمينان محسوس ڪيو. نامياري شاعر ۽ محقق اختر درگاهيءَ چيو ته اياز گل جي شاعري هر دور جي جدت کي اپنايو آهي. اهڙي شاعري ئي مستقبل ۾ ڪلاسڪ جو درجو حاصل ڪندي آهي.

پوپٽ جو هيءُ خاص شمارو سنڌ جي ادبي تاريخ جو هڪ اهم دستاويز آهي. ٽماهي پوپٽ جي چيف ايڊيٽر قربان منگيءَ چيو ته اياز گل پنهنجي شاعريءَ جي آڌار جي جيڪو مانُ لهڻي ٿو اسان انهي مانَ جو ٿورڙو حصو هن مخزن ذريعي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پوپٽ پاران معياري ڪتابن ڇاپڻ جو سلسلو پڻ جذبي ۽ گرم جوشي سان جاري آهي. پوپٽ جي اعزازي ايڊيٽر امر اقبال چيو ته پوپٽ جديد سنڌي ادب جي هر منفرد آواز کي پنهنجي صفحن ۾ جاءِ ڏني آهي. پوپٽ ڪنهن جو اجايو قد وڌائڻ يا گهٽائڻ جي مهم ۾ مصروف ناهي رهيو، پر صرف ۽ صرف معيار جي آڌار صحتمند ادب ۽ شاعريءَ کي ڇاپڻ جي جُستجو ۾ مصروف آهي. هن موقعي تي آڪاش عامر، حفيظ باغي، ضمير لاشاري، امداد سولنگي ۽ ٻين پوپٽ مئگزين جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو. هن موقعي تي اياز گل جي صدارت ۾ غزل مشاعرو پڻ ٿيو جنهن ۾ رفيق سيال، مهر خادم، شاهن سمنگ، خادم بالادي، مئڪش سومرو، امداد سولنگي، سجاد ميراڻي، حفيظ باغي، رحيم داد جوڳي، روشن شيخ، آڪاش عامر، خادم منگي، پريم پتافي سجاد مهر، ضياء شاهه، مير صوبدار سعيد،  جميل سومرو، ملزم سومرو سميت ڪيترن ئي شاعرن پنهنجا نڪور غزل پيش ڪري داد حاصل ڪيو. هن موقعي تي ليکڪ امان شيخ جي وڇوڙي تي ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، جڏهن ته ڪلاسيڪل راڳي استاد عبدالغفور سومري کان خيرپور انتظاميا پاران کسيل سرڪاري گهر کي واپس ڪرڻ ۽ کيس بي گهر نه ڪرڻ جي مطالبي واري قرارداد گڏيل راءِ سان منظور ڪئي وئي.

 

 

نصير مرزا

 

 

 

 

60 ساله پوڙهي جي پهرئين سنڌ ياترا

 

 

 اصل ۾ ان ديار ۾ بُلبل جي آواز مون کي بيحد بي چين ڪري وڌو ۽ نيشنل هاءِ وي تان لهي واٽر شاخ سان ذاڪري خاندان جي آستاني ڏانهن ويندي، مُڙندڙ روڊ ڀرسان وڻن ۾ هن پکيءَ کي مون پوري دلچسپيءَ سان ڳولڻ شروع ڪري ڏنو، پر بابا! هي جو بلبل جو دل لڀائيندڙ آواز مون ٻڌو! ته آخر اُهو ڪيئن؟ جو ايئرڪنڊيشن ڪار جا شيشا ته چڙهيل هئا. اوهه نو بابا... هي هر ڳالهه ۾ اوهان کي ايڏي تشويش الائي ڇو؟ خير، اصل ۾ ذاڪري پِير سائين شير محمد شاهه جي ذاڪري خانوادي جو ڏس پتو پڇڻ لاءِ عزيزم انعام شيخ ان ديار ۾ ڊرائيونگ سيٽ وٽان جيئن ئي شيشو ٿورو هيٺ لاٿو، ته پريان کان ايندڙ بلبل جي ٽڪلو ٽڪلو... تي هيڏانهن وري منهنجا ٻئي ڪن کڙا ٿي ويا... ۽ مون کي ياد پيو بُلبل کي فارسي ۾، عندليب سڏيندا آهن انڪري قرة العين حيدر جي ناول جو سرو، يعني غالب صاحب جو هي شعر ته بابا جهڙو منهنجي رڳ رڳ تي اڄ به لکيل آهي:

 

گردشِ رنگِ چمن هي ماه و سال عندليب

پوءِ آءٌ دل ۾ ان عندليب کي ساريندي مسلسل چوندو رهيس، تون ڪٿي آهين، ڪٿي آهين تون اي بلبلِ هزار داستان... ۽ سڪرنڊ جي لنڪ روڊ سان ان ننڍڙي ذاڪري پيرن واري ڳوٺڙي جي وڻ وڻ ۾ منهنجيون اکيون ٽارچ وانگر ڦرڻ شروع ٿي ويون. جن منجهان الائي ڪهڙي وڻ جي شاخ تي هوءَ مسلسل وچئين جي ويلا وارو ’پيلُو راڳ‘ الاپي رهي هئي... ٽڪلو... ٽڪلو... ٽڪلو... نديا ڌيري بَهو نا... بَهو نا.

۽ يارو! ها 15هين آگسٽ 2015 جي شام جو هيءَ ادبي سٽنگ مون حقير فقير نصير سان ان ديار ۾، ذاڪري پِيرن جي اوطاق-لان تي يارن پاران رٿيل هئي. اڙي جاني بابا... هي آءٌ ڇا ۽ ڇا منهنجو لکڻ پڙهڻ؟ ۽ هاڻي هي به ڇا عرض ڪريان، ته سهڻي لياقت رضويءَ، ڪنڍي ڪلُين ۾ وڌي ۽ جيئن ڏُٻري ڍور کي ڌڪا ڏيئي ڪوس گهر ڏانهن ڌڪي وٺي وڃبو آهي، ايئن مون کي وري منهنجي يارن... پيارن انعام شيخ ۽ ڀائو ناز سهتي چوکنڀو ٻڌو... ته بس هل هل... ۽ ائين هي اسين سڀ وندر جي واٽ پڇائيندا پڇائيندا، نيٺ ان ڳوٺ ۾ اچي پهتاسين. ۽ يا منهنجا موليٰ؟. هاڻي ذاڪري ساداتن جي آباد ڪيل ان برپٽ بيابان ۾ اک کڻي جو ڏسان ته هر طرف...تاج محل... تاج محل  نما عمارتون ۽ ۽ هڪ هڪ کي ڏسندي، هي آءٌ ته جهڙو وائڙو... وائڙو. ۽ ياالله هي ڇا ته آرٽسٽڪ جهان... تڏهن ذاڪري ساداتن جي هڪ هڪ عمارت مون کي ڪيڏو نه هانٽ ٿي ڪري. دور دور تائين صاف سٿرا، وڻن سان ڇايادار رستا... ۽ انهن جي انت تي هي ذاڪري سڏجندڙ ساداتن مان حضرات سڳوري شير محمد شاهه جي پونئرن مان روضي ڌڻي محمد شاهه جيلاني ۽ سيد احمد شاهه عرف سهڻي سائين جي ڪاشيءَ جي گنبذن سان فلڪ آثار مزارون... انهن جي ڀرسان پرشڪوهه الله جو گهر... مسجد پاڪ... جنهن جو چبوتري نما زبردست عاليشان وضو خانو... جتي ٽائيل واريءَ صندليءَ تي ويٺس ته آذان جو آواز ٻڌم، الله اڪبر الله اڪبر... تڏهن مون به چپن ۾ دهرايو. سامهون زبردست ڪتب خانو هو، جنهن ۾ 16، 17 ڪٻٽ ڪتابن سان ڪناتار ڀريا پيا هئا. يڪدم لڳم ڪائنات اتان ئي ته شروع ٿي ۽ اتي ئي ته ختم ٿي ٿئي. اجهو انهن متبرڪ مزارن جي سامهون موجوده سجاده نشين، ادب دوست ۽ بي حد دل وڻندڙ انسان سيد محمد منير شاهه ذاڪري جي بيٺڪ... اوطاق.... آستانو. ۽ هي منير شاهه به ڇا ته اعليٰ ذوق ذاڪري پير، نيڪ سيرت، نيڪ صورت، قرة العين حيدر ۽ مظهرالسلام جي ناولن ۽ ڪهاڻين جو شديد مداح. خبر پئي هن وقت تائين دنيا جي ڪيترين ئي انٽرنيشنل صوفي ڪانفرنسن ۾ هُو شريڪ ٿي چڪو آهي. ۽ دهليءَ ۾ قرة العين حيدر سان ته سندس ذاڪر باغ واري فليٽ ۾ ڊنر به نوش ڪري چڪو آهي. سندس ان بيٺڪ جي ٻاهرين پاسي اوپن ايئر ۾ خوبصورت لان... ڄڻ ڪنهن مني سئنيما جو بنا ڇت وارو آڊينس هال، جنهن جي وچ ۾ پپر ڇڻ ڇڻ پتن وارو ڇايادار وڻ. (هاڻي اوچتو ان وڻ ۾ منهنجي دلچسپي وڌي وئي) لان جي مهڙ تي بيڪ ڊراپ طور پينافليڪس ۽ ان تي مون ناچيز جي هڪ اجاڙ اجاڙ تصوير  ۽ ڪنهن وقت آل انڊيا ريڊيو جي فرمائشي پروگرامن ۾ ٻن ڳوٺن جا نالا، ڪيڏو نه مون کي هانٽ ڪندا هئا... رنڀاڙي گاؤن... ۽ ڪُپ واڙه... ۽ هن عمر ۾ ... يا الله... هي آءٌ به صفا جهڙو ”رنڀاڙي گاؤن... جهڙو ڪپ واڙو“ يا جهڙو اجاڙ اجاڙ چاڪي واڙو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

سيد محمد منير شاهه

 

ڀرسان چؤنري نما، هڪڙو گيسٽ هائوس، فرشي نشست سان پڻ موجود. جنهن جو ڪچهري هال به واهه وا... گولائيءَ ۾ آرامده غاليچو وڇيل. چؤطرف آرٽسٽڪ دريون. ٽيڪ لاءِ طول ويهاڻا ۽ پوءِ جي اهڙي محفل ۾ شمعدان مشاعرو ٿئي يا غزل نائيٽ پروگرام... ته: ’ڪيا هي بات...‘

۽ يا الله هي Over all .. ٻاهر مسجد، مزارن تي رنگا رنگ ڪاشئي جي گلڪاري، جن ۾ هلڪو آسماني، نيرو، ڳاڙهو ۽ سائو رنگ استعمال ٿيل. ۽ هي سڀ رنگَ به ڪيڏو نه مون کي موهين ٿا. مخدوم نوح، ڀٽائي سرڪار، شاهه ڪريم، شاهه عنات رضوي، نواب ولي محمد جي مزار... ۽ سياري جي اُس ۾ انهن آستانن مٿان اڀرندڙ سج جا تجلا... جن کي اتي ڏسي اڪثر دل ۾ چوندو رهندو آهيان: يا الله... هي مون کي صرف هڪ نه ٻه ٽي زندگين جيتري حياتي ڏي نه، ته انهن رنگ رنگ جي آستانن جو وتان آءٌ سير سپاٽ ڪندو ۽ گهمندو ڦرندو.

هاڻي اندر سائين منير شاهه جي بيٺڪ. اڙي واهه ۽ اُها ڀي ڇا ته عاليشان، اسٽائلش، شاندار ۽ جديد تعميرات جو اعليٰ نمونو. ٻئي پاسي واري ديوار تي پينڊوليم سان اينٽڪ گهڙيال. هن ڪمري جي ڇت، ٿر جي چؤنري نما ۽ زبردست. جنهن تي ٽِڪ جي ٽوپيءَ وانگر آرسين سان جڙاءُ جو ڪم ٿيل. چوڌاري جنڊيءَ جي پاون واريون منجيون... ۽ هي سامهون ٽئبل جنهن تي ڪو شوپيس، ڪتاب، ايش ٽري. ۽ ان جي اڳيان آرامي ڪرسي، جنهن تي سجاده نشين منير شاه ڪنهن شهزادي وانگر براجمان. ڀرسان ساڄي هٿ تي ديوار تي خوبصورت تجريدي رنگن ۾، فريمڊ علي سرڪار جي نالي وارو ڪئليگرافڪ... آرٽ پيس آويزان. هيڏانهن منهنجي ان علي نالي ۾ اک ۽ هوڏانهن دوستن مان ناز سهتي ۽ انعام شيخ جي وري دلچسپيءَ سان مون تي نگاهه... خبر پئم هي ذاڪري خاندان حسب نسب طور حسني به ته حُسيني به... يعني نجيب الطرفين هاشمي سادات... يعني اولادِ علي و فاطمه سلام الله عليها. واهه! سوچيم... جي هي هاشمي سادات خاندان... ته پڪ سان ياحسين ڪربلا... ۽ منير شاهه منهنجي تجسس ڀريل مولائي نگاهن ۾ منهنجو اهو سوال پڙهي وضاحت ٿو ڪري... باوجود حَسني حُسيني سادات هجڻ جي اسين، بخاري قادري جيلاني ۽ سه... (پر شيعه لفظ جي ته معنيٰ ئي آهي... عليءَ جي گروهه وارو....) مون دل ۾ دهرايو... ۽ چپن ۾ چيو ته ڇا؟ علي و فاطمه جو حسني ۽ حسيني اولاد ۽ اهو...؟ تڏهن مون اتان اٿي سٽنگ روم جي ڪنڊ سان رکيل بوڪ شيلف کي وڃي ڏٺو. جتي ڇا ڇا ته ڪتاب... سليقي سان رکيل، جن ۾ فلسفي.. تصوف، فڪشن، بايو گرافيز، سفرنامن جا ڪيئي ڪتاب، ۽ سڀ پستڪ هڪ کان هڪ اعليٰ... پوءِ مون منير سائين ۽ ناز سهتي جي پاڻ ۾ فرينڊلي چٽ چيٽ به ٻڌي، ته اندازو ٿئم... پاڻ ۾ هو ٻيئي ڪيڏا نه فرينڪ ۽ هجائتا. هاڻي ٻڌم، انعام چيو پئي: ”هي سڀ اوهان جو طلسمي سيٽ اپ ڏسي، پڇتايان پيو، هتي آءٌ اڳي الائي ڇو نه آيس؟“ ۽ ان ساري سيناريو ۾ مان وري خاموش خاموش. ڇو؟ جو  سائين منير شاهه  ۽ سندن ننڍي ڀاءُ حنيف شاهه سان ڪنهن وقت منهنجا برابر ته بيحد عقيدت ڀريا قدم هئا... پر ساڻن تعلقات ۽ اُهي بس مُرڪ... Wish ۽ وضعداري سان هيلو هاءِ کان وڌيڪ وڌيا ئي ڪونه.

هاڻي مون چانهه چانهه جي ڪوپ تي، ان خاندان جو کير کنڊ جو چکيو ته، اڻ تڻ ٿئم، هي سادات خاندان آخر ڪٿان ۽ ڪهڙي ديار جو؟... ۽ سنڌ ۾ سندن آمد ڇو ۽ ڪڏهن ۽ وڏڙن جي اصل ٻولي ڪهڙي؟... ۽ انهن سڀني جي جواب معلوم ڪرڻ لاءِ منير سائين مون کي پنهنجي خاندان جي تذڪري تي آڌارڪ ڪتاب ملاحظه لاءِ گفٽ ڪيو.. ”ماڻڪ موتي لال“ سوانح حيات سائين حاضرات سڳورا (شير محمد شاهه ذاڪري) سائين روضي ڌڻي (محمد شاهه ذاڪري) ۽ سائين سهڻو(احمد شاهه ذاڪري) ۽ بيڪ ٽائيٽل تي سائين منير شاهه جا انهن بزرگن لاءِ لکيل هي ڇا ته اکر: ”هي ڪشمير مان اوڻهين صدي ڌاري سنڌ ۾ آيل اُهي سادات هئا... جن پنهنجي پوري زندگي ۾ ڪتاب لکڻ ۽ تقريرون ڪرڻ بجاءِ، نيڪ عملن سان اهڙي ته زندگي گذاري جو جهڙي زندگي گذاري... گويا عين عبادت“. ڪتاب جي فليپ تي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيندڙ سرڪار سيد محمد شير شاهه ذاڪري جي ملفوظات جا هي به، ڇا ته جملا... ”اي انسانو! اوهين سڀ پاڻ ۾ صحبت ڪريو. جيئن چانورن کي مُهري ڪا نه ڇَڙيندي آهي. چانور پاڻ گسي ڇڙبا آهن. ايئن اوهان فقير به (ذڪر فڪر ۽ صحبت سان) گسجي صاف ٿيو“، پوءِ پاڻ فرمايائون.. ”اسان فيض واٽن ۽ رستن تي هاريو ته من ماڻهو انهيءَ خوشبو تي اچن“. سائين سڳوري سيد محمد شير شاهه جي مزار جي خبر پئي ته اُها تلهار، ضلعي بدين ۾ آهي. جتي منير سائين جا ننڍا ڀاءُ سيد محمد حنيف شاهه... درگاهه ذاڪري ڪنڊڙي شريف جا پاسبان آهن. سنڌ جا سارا صوفي ماڻهو اوليا ڪرام جو ته هونئن به بي پناهه احترام ڪندا آهن ۽ صحيح بخاري جي هن حديث قدسي (سچي حديث) کي گهڻو مڃندا آهن. جنهن ۾ پاڻ سڳورن فرمايو... رب پاڪ جو فرمان آهي ته جنهن منهنجي ڪنهن وليءَ سان دشمني ڪئي، ان سان آءٌ جنگ جو اعلان ٿو ڪريان. هوڏانهن اسان جي ڀٽائي صاحب  جو به ايمان هو ته :

ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو!

اڇا! مولانا روميءَ به ته فرمايو هو. رب پاڪ جو قرب ۽ ويجهڙائي گهرو ته اوليا الله سڳورن جي ڀر وڃي وٺو“  هاڻي صوفي سڳورن جا هند-سنڌ ۾ مکيه سلسلا ڀلا ڪهڙا ڪهڙا. قادري، نقشبندي، سهروردي ۽ چشتي. اجهو ننڍي کنڊ جي فضا ۾ طريقت جا اهي سڀ صوفياڻا سلسلا برابر ته متبرڪ مدبرڪ، پر سنڌ ۾ خلق تي گهڻا حاوي سلسلا يا قادري يا چشتي. هي ذاڪري خاندان به دراصل قادري و چشتيه.

          تڏهن چانهه جي ڪوپ تي، منير شاهه جي ان رومينٽڪ پِيراڻي بيٺڪ ۾ آءٌ کيس آگاهه ٿو ڪريان ”آءٌ ڀٽائي صاحب جهڙو صوفي ٿيڻ پسند ڪندو آهيان. ۽ حضرت نظام الدين اوليا وانگر... وحدانيت جو  قائل چشتيه سلسلي ڏي مائل، پر گڏوگڏ حضرت علي کي ولي سمجهڻ جي باوجود ”ديا پرڀو ديا“ ۽ پرڀو آن بسو موري من ۾“ ۽ ڀڄن ستيم شوم سندرم  نعري جو به شائق، ته ٻئي پاسي يا حسين ڪربلا ڏي به گهڻو ئي لاڙو... ڏٺم منير شاهه جي اکين ۾ مون لاءِ هاڻي هڪڙو حيرت جهڙو سوال پئي اڀريو... نصير صاحب اهو سڀ ڪجهه ته، الائي ڇا پيا چئو؟ تڏهن مون به چپن ئي چپن ۾ چيو... هي آءٌ واقعي به خدا ڄاڻي الائي ڇا؟... الائي ڇا ؟ الائي ئي ڇا؟... پوءِ ٻاهرلان ۾ پاڻ سان Sitting  جي رومانوي ماحول ۾ وڃي ويٺس ته ان شام کي، منير شاهه پاڻ ئي ڪنڊڪٽ ڪيو. ۽ هاڻي سامهون ڏٺم... ڀانت ڀانت جا چهرا.... هي اجهو اعليٰ گيت ڪار شاعر سائين مير محمد پيرزادو، نمڪين ساروپن وارو شاعر ستار سندر، سانورو بانورو بخشل باغي، پيارو ادريس جتوئي، نورچشم احمد سولنگي، آهو چشم، اظهار سومرو، پوءِ منهنجو جاني دوست لياقت رضوي ۽ سندس عمر خيام نما ڀاءُ مختيار رضوي. جيڪو روز رات جو مون سان فون تي ڪچهريءَ جو شائق رهندو آهي ۽ ٻيا به ڪيئي ڄاتل سڃاتل دوست...  ۽ سڀ هڪ کان هڪ وڌيڪ نالي وارا... تڏهن هنن سڀني چهرن ڏانهن ڏسندي ۽ اغڙم بغڙم ڳالهيون ڪندي سوچيندو رهيس. اجهو هيءَ شام، نهايت جلد رات ۾ ۽ رات آڌي رات ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ هي اسين سڀ عارضي ڪاغذي چهرن جهڙا ماڻهو ٿوري دير ۾ اونداهي ۾ الوپ ٿي وينداسين  ۽ ان کان پوءِ  ڪير ڪيڏانهن ۽ ڪو وري الائي ڪيڏانهن... تڏهن دوران محفل مون اهو به پڪو پهه پئي ڪيو ته تازو شروع ڪيل پنهنجي سوانحي دستاويزي ناول ۾ سنڌ جي صوفين، درگاهن ۽ نوجوان سجاده نشينن بابت به ته مون هڪڙو چيپٽر پلان ڪيو آهي ۽ هن سال شروع سياري ۾ آءٌ اهو منير شاهه جي هن درگاهه ذاڪري ڀرسان ٺهرايل ريسٽ هائوس ۽ ڀٽ شاهه واري تازو تعمير ٿيندڙ مدن فقير resort ۾ دنيا کان دور اڪيلائي ۾ وڃي لکندس.. انشاءالله. هونئن هن وقت منهنجا هي به ڪيڏا نه وڏا ڀاڳ جو درگاهه شاهه لطيف جو سجاده نشين، سائين وقار حسين شاهه، درگاهه شاهه عنات رضوي جو ولي عهد، سيد ضيا شاهه رضوي، مخدوم نوح جي گادي جو سجادو ولي عهد مخدوم جميل الزمان، ۽ کاروڙ شريف درگاهه وارو سائين سردار شاهه ۽ مڻيادار مهانڊي وارو هي سائين منير احمد شاهه، جنهن سان هاڻي 15 آگسٽ 2015 تي منهنجو بي حد قلبي رشتو جڙي چڪو آهي. ۽ ان نئين جڙندڙ رشتي لاءِ سبب، بظاهر ته مون سان ملهائجندڙ هيءَ ادبي شام ئي آهي. پر ان لاءِ وسيلو بڻيو، ڪرشن رنگ، لياقت رضوي. يعني ”نعراءِ حيدري يا علي“. ته بس منير شاهه ذاڪري سان جڙندڙ ان نئين ساٿ ۽ سهڪار ۽ سنگت آڌار... هتي شري نارائڻ شيام جي هن شعر تي ’سڪرنڊ ياترا‘ کي پڄاڻيءَ تي پهچائيندي، دعا ٿو گهران!ته اي منير سائين:

الائي ڪهڙي بهاني اسان جو ساٿ بڻيو

اِهو  بڻيو ئي رهي شل، ٽُٽي نه ساٿ اِهو

[16 هين آگسٽ 2015]

 فقير محمد ڍول

 

 

 

 

”سنڌ ٽاڪيز“ جو سفر اکين ڏٺو احوال

 

اِهو جمعة المبارڪ جو هڪڙو مبارڪ ڏينهن هو. تاريخ آگسٽ مهيني جي 28 هُئي ۽ سال هو 2015ع وارو... جو آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ڏي پنڌ پياسين. پنڌ جو سبب هڪڙي مهورتي تقريب هُئي، جيڪا هڪ نه پر  ٻن سببن جي ڪري اسان لاءِ اهم هُئي. هڪ ته اهو ڪتاب جنهن جي مهورت هُئي سو هو ’سنڌ ٽاڪيز‘ سو اسان جي پسنديده موضوع فلمن تي ٻڌل هو ۽ فلمون به وري ڪهڙيون؟ اسان جي ماءُ ٻولي سنڌيءَ ۾ ٺهيل ”سنڌي فلمون“ جن جي ابتدا کان انتها تائين جي تاريخ سهيڙي هُئي ڀاءُ محمود مغل... ۽ ٻيو سبب اهوئي ڀاءُ محمود مغل جي محبت ئي هُئي جنهن جي سِڪَ واري سڳي ۾ سلهاڙجي اسان سڀ نڪري پياسين ڪراچيءَ جي آرٽس ڪائونسل ڏي... انهيءَ سفر جي ساٿين ۾ اُڏيري لال مان حاجي غلام حيدر، احساس مير سهتو، حيدر امان جسڪاڻي... ته سائين مصري شاهه جي شهر مان وري ريحان ابڙو، رياض عالم، ڍول گراڻو.... ۽ هيڏانهن ميرالهيار خان ٽالپر واري ٽنڊي الهيار مان وري مير ڪاروان سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر فقير محمد انڙ جي اڳواڻيءَ ۾ عنايت لغاري، فرهاد جروار، محمد علي ميرجت، بشير سولنگي، غلام رسول نهڙيو جڏهن ته ڀاءُ حنيف لغاري ۽ سائين برڪت خواجا الڳ گاڏين ۾ آيا. حيدرآباد مان وفا مولا بخش به شامل هُو ۽ انهيءَ سفر جي ساٿين ۾ ٽنڊي ڄام مان سائين مٺل جسڪاڻي ۽ ميراعظم ٽالپر سان گڏ هيءُ فقير به شاملِ حال هو.

جڏهن ايڏي تعداد ۾ سنگت سفر ۾ ساڻ هوندي آهي ته سفر لاءِ سڻائو ٿيڻ ازخود ضروري ٿي پوندو آهي سو ائين ئي ٿيو، ڏاڍن راڳن رُوپن ۽ ڀوڳن ٺڪائن سان هيءُ قافلو پنهنجي منزل تي اچي پهتو.

جتي آڌرڀاءُ ۾ محبتون پلئه پيون ۽ سڀئي منظر اڪبر هال ۾ وڃي سيٽن تي براجمان ٿياسين. هال ۾ ٿڌي مشين هلندڙ هُئي جنهنڪري ملڪ مڙيوئي ملير لڳو پيو هو.

هال جي گيٽ کان ساڄي ۽ کاٻي پاسي پروگرام جي پانڌيئڙن لاءِ چانهه پارٽي يعني هاءِ ٽي جو بندوبست ٿيل هو ته ٻئي پاسي وري اسان پاران ڪتاب جي شوقينن لاءِ رعايتي ”سنڌ ٽاڪيز سيل“ قائم ڪيل هو.

هال ۾ اندر جتي آڌرڀاءُ لاءِ ڪتاب جو سهيڙيندڙ سائين محمود مغل حاضر هو، اُتي ايوب شيخ، عبيدالرحمان مغل، شاهنواز ڀُرٽ ۽ حافظ احمد الدين انڍڙ ”شاد“ حڪيا حاضر هُئا ۽ خواتين و حضرات کي رسيوَ ته ڪري رهيا هُئا ته سندن سيٽن تائين رسائيءَ ۾ به مدد ڪري رهيا هُئا. اهو انڪري جو ماڻهو هال جي ڪيپيسٽيءَ کان مٿي پهتل هئا جنهن لاءِ پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي هال وارا ۽ پروگرام رٿڻ وارا انڊومينٽ ٽرسٽ وارا به حيران نظر آيا ته هي هيترا ماڻهو هڪڙي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ ڪيئن اچي ڳاهٽ ٿيا آهن.

سندن تجربو ٿورو نه پر گهڻو پريشان ئي نظر آيو، جو اڳوڻي تجربي هيٺ وڏين وڏين وي.وي.آءِ پي شخصيت جي موجودگيءَ ۾ به ايڏا ماڻهو ڪڏهن به ڪونه پهتا هُئا.

اِهو سڀ محمود مغل جي محبت ۽ ملنساريءَ جو نتيجو هو جيڪو ڪنهن Up Set کان گهٽ ڪونه هو.

پروگرام جي ابتدا ايوب شيخ ڊائيس تي پهچي ٻه اکر ڳالهائيندي ڪئي. هُن پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽريءَ جا سرانجام ڏيندڙ مهربان ياسر قاضيءَ کي سڏيو ۽ هُن اچي اسٽيج سنڀالي. ان مهل جڏهن مون پنهنجي پويان ڪنڌ ڦيرائي نهاريو ته مار...!

مُنهنجي نگاهه به حيرتن جي ڀرتيءَ سان ڀرجي وئي جو نه نه ڪندي به ۽ ڊڄي ڊڄي اندازو هڻان ته ڪي پنجاهيءَ جي قريب ماڻهو پويان بيٺا هُئا، جو سِيٽون فل هيون ۽ لنگهه واري وچين رستي ۾ سيٽون لڳرائڻ انتظاميا کي چڱو نٿي لڳو، پر ماڻهن کي ائين موج مستيءَ سان بيهي هيءُ پروگرام ڏسڻ چڱو ٿي لڳو.

پروگرام جي شروعات ۾ مهمانن کي روايتي طرح اجرڪ پارايا ويا ۽ ان بعد غير روايتي طرح پي ٽي ويءَ جي نوجوان پروڊيوسر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ پاران سنڌي فلمن بابت سندس ٺاهيل دستاويزي رپورٽ ڏيکاري وئي جيڪا ايتري ته شاندار هُئي جو انهيءَ ته ويتر پروگرام ۾ نوان رنگ ڀري ڇڏيا.

انهيءَ رپورٽ کان پوءِ اسٽيج تي ويٺل مهمانن جن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي صاحب، ڪتاب جو جوڙيندڙ محمد مغل صاحب، ڪتاب جي فائننس ڪندڙ اداري انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جو سربراهه حميد هارون صاحب، پي ايڇ ڊي هولڊر صحافي قاسم راڄپر ۽ پي.ٽي.وي جو اڳوڻو جنرل مئنيجر اطهر وقار عظيم کي ڪتاب جي لائونچنگ لاءِ ياسر قاضيءَ ڪوٺ ڏني ته هُو سڀئي هن قيمتي ڪتاب کي پنهنجن قيمتي هٿن مبارڪن ۾ جهلي عام آڏو اُٿي بيٺا، جن ڪتاب جي پذيرائيءَ ۾ پنهنجن هٿن جون تاڙيون ارپي ڇڏيون. هال ڪي گهڙيون تاڙين جي ڇماڇم ۽ ڪئميراز جي ڪڙڪ ٺڙڪ ۽ فليش لائيٽن سان جهرمر جرڪندو رهيو.

بعد ان جي ’ڪي نوٽ‘ تقرير لاءِ سائين حميد هارون صاحب کي سڏيو ويو، جنهن پهرين ته پنهنجي ماءُ ٻولي سنڌي ۾ نه ڳالهائي سگهڻ تي معذرت طلبي ۽ بعد ازين هُن پنهنجي انگريزي تقرير ۾ سنڌي فلمن جي سموري تاريخ کي سهيڙي ورتو ۽ ڪتاب توڙي ان جي ليکڪ ۽ محقق بابت به پنهنجي راءِ ۽ خوشدليءَ جو اظهار ڪيو. سندس محبتن جي اهڙي اظهار کان پوءِ صحافي قاسم راڄپر کي سڏيو ويو جنهن سنڌي فلمن بابت پنهنجو پيپر پڙهيو ۽ اُن کان پوءِ سڏ ٿيو ان شخصيت کي جنهن جي ڪم کي مانُ ڏيڻ لاءِ هيءَ سڄي مانڊاڻ مچايو ويو هو.

محمود مغل صاحب پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي انهيءَ ڪتاب متعلق ڪيل سالن جي پورهئي جو تذڪرو ڪيو ۽ اُهي سڀ ڪيفيتون بيان ڪيون جيڪي هُن ڪم دوران کيس پلئه پيون. هُن  هن ڪتاب جي سلسلي ۾ ٻن اهم شخصيتن ڀاءُ نصير مرزا ۽ سائين محمد عثمان منگيءَ جو تهه دل سان شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته جي مرزا صاحب ڪم ڪرڻ لاءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ايم بي انصاري اسٽوڊيو اسان جي حوالي نه ڪري ها ته ڪم پورو ڪيئن ٿئي ها ۽ جي عثمان منگي صاحب ڪم جي اوائل ۾ فائننس ڪري اندر ۾ ڪم لاءِ اتساهه ۽ جُنون پيدا نه ڪري ها ته به شايد ڪم ڪمپليٽ نه ٿي سگهي ها. ساڳئي وقت هن انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي حميد آخوند ضاحب جي به مهرباني مڃي ۽ چيو ته جي آخوند صاحب هن ڪم ۾ هٿ همراهي نه ڪرائي ها ته يقينن هيءَ جيڪو اڄ اوهان جي آڏو شايان شان ڇپيل ”سنڌ ٽاڪيز“ موجود آهي سو ايترو شاندار قطعي ڪونه هُجي ها.

صدارتي خطبي ۾ مظهرالحق صديقي صاحب، محمود مغل جي شخصيت تي خود ڳالهايو ۽ هُن جي شخصيت جي انهن نماڻن نهٺن ۽ سادن سُودن سادگي پسند خوبين ۽ اصولن کي بيان ڪيو، جن تي هال ۾ موجود ماڻهن جي دلين ۾ محمود صاحب جي عزت ۽ تڪريم ۾ اضافو ٿيو.

انهيءَ خطاب سان تقريب پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندي نئون روپ ڌاريندي چانهه پارٽيءَ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ماڻهو چانهه بسڪوٽن ۽ ٻين لوازمات مان  محظوظ به ٿيندا رهيا ته ڪتاب ۽ هِن تقريب بابت پنهنجن خيالن جي کُلي ڪچهري ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا.

آصف نظاماڻي

 

 

 

 

سنڌ جي يگاني صوفي راڳي سهراب فقير

جي ڇهين ورسي تقريب جو اکين ڏٺو احوال

 

سهراب فقير سنڌ جي صوفي راڳ جو البيلو آواز آهي جيڪو سموري دنيا ۾ گونجيو. سهراب فقير جي ڏات جا رنگ سڄي دنيا ۾ جرڪيا ۽ هو پنهجي فن جي ذريعي نه کٽندڙ ڄمار ماڻي ويو. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي يگاني صوفي راڳي سهراب فقير جي ڇهين ورسي جو موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي علم، ادب ۽ موسيقي جي دنيا سان لاڳاپيل گهڻ گهرن ڪيو. سهراب فقير اڪيڊمي خيرپور پاران ٽالپر وڏا ۾ سهراب فقير جي آخري آرام گاهه جي آڳنڌ ۾ منعقد ٿيل ورسي تقريب کي خطاب ڪندي نامياري شاعر ادل سومري  چيو ته سهراب فقير سچل سائين ۽ خوش خير محمد فقير جي ڪلام کي پنهنجي منفرد انداز سان ڳائي بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي. نامياري شاعر اياز گل چيو ته سنڌ ۾ صوفي راڳ جو هڪ طويل سلسلو آهي، پر سهراب فقير پنهنجي انوکي آواز ۽ انداز سبب سڀني کان منفرد مڃتا حاصل ڪئي. ڪلاسيڪل راڳي استاد عبدالغفور سومري چيو ته سهراب فقير راڳ داري واري خاندان ۾ جنم ورتو ۽ مسلسل محنت سان سنڌ جي صوفياڻي ۽ لوڪ راڳ ۾ اهم حيثيت حاصل ڪئي. نامياري ليکڪ قربان منگيءَ چيو ته سهراب فقير هڪ ويڪري دل وارو وڏو انسان ۽ وڏو فنڪار هو جنهن سموري عمر ونڊڻ ۽ ورهائڻ جو ڪم ڪيو. سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر نامياري مصور سعيد منگيءَ چيو ته سچل سائينءَ جي عرس مبارڪ جي موقعي تي هر سال سهراب فقير سان ملاقات ٿيندي هئي هُو ٻاجهاري طبيعت وارو سچو صوفي هو. سندس تصويرن جي حوالي سان ڪافي سارو ڪم ڪيو آهي ۽ سنڌالاجي ۾ سندس ڪارنر پڻ قائم ڪيو آهي. صوفي راڳي جمال فقير چيوته سهراب فقير پنهنجي فن کي ورهائڻ ۾ ڪڏهن به ڪنجوسي نه ڪئي هو هڪ بادشاهه دل شخص هئو جنهن مال ۽ ملڪيت ٺاهڻ بدران ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون. ثقافت کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر خالق ڏنو نوناريءَ چيو ته اسانجي اداري سنڌ جي موتين جهڙي راڳيءَ کي سموري دنيا ۾ متعارف ڪرايو اسان جي ڪوشش آهي ته ٽالپر وڏا ۾ سهراب فقير جي نالي سان يادگار قائم ڪيون. نامياري شاعر ۽ محقق اختر درگاهي چيو ته سهراب فقير جي خاندان سان اسان جا خانداني تعلقات رهيا جنهن جو سبب راڳ وارو رستو ئي آهي سندس حياتي ۽ فن جي حوالي سان اڃا به وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. درگاهه خوش خير محمد فقير جي سجاده نشين فقير ذاڪر حسين چيو ته سهراب فقير سموري دنيا ۾ سنڌ جي صوفي راڳ جي سڃاڻ هو، جنهن تي اسان کي فخر آهي. ورسي تقريب ۾ ساليانه سهراب فقير ايوارڊ جمال الدين فقير ۽ مير اختر حسين ٽالپر کي ڏنا ويا. تقريب کي سجاد ميراڻي، امر اقبال، منور وساڻ، منظور لاڙڪ، مقصود مهيسر، هادي بخش ڦل، حسين بخش رڏ، رجب سهراب فقير، فقير سلامت عليءَ پڻ خطاب ڪيو. موسيقيءَ جي محفل ۾ استاد عبدالغفور سومرو، جنسار سمون، حسين ڏنو فقير، سهراب جي سنگ ۽ ٻين فنڪارن سموري رات صوفياڻا ڪلام ڳائي هزارين ماڻهن تي مشتمل محفل کي منڊي ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org