سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:19 

سليم چنا

 

 

 

الحاج خليفو فقير محمد اسماعيل المعروف ” قاسم پلي“

عمرڪوٽ ضلعو پراڻي ٿرپارڪر هاڻوڪي ۽ پراڻي ٿَرَ ۾ هڪ تاريخي اهميت وارو شهر رهندو آيو آهي. ”وٺو ته ٿر، نه ته آهي بَرُ ئي بَرُ“ انهيءَ ريگستاني ٿر ۾ محب وطن مارئي جي ڀالوا واري کوهه کان وٺي عمر بادشاهه جي ارڏائي ۽ عاجزيءَ کان وٺي مارئي جي همت، بردباري، بهادري ۽ حب الوطنيءَ جا اعليٰ مثال هِن خطي ۽ علائقي سان وابسته رهيا آهن.

پاٽ شريف جي اهل علم خاندان جي حميده بيگم ۽ همايون بادشاهه جي شهزادي پٽ جو جنم به عمرڪوٽ ۾ هڪ وڻ جي هيٺيان ٿيو هو ۽ اهو ٿري شهزادو پوءِ وڏي لاڏ ڪوڏ سان هندستان ۾ بادشاهي ٻار ٿي پلجي، نپجي شهنشاهه هند جلال الدين محمد اڪبر (اڪبر اعظم) جي نالي سان مغل سلطنت جو هڪ جاهه و جلال وارو بادشاهه ٿي گذري ٿو.

انهيءَ تاريخي عمرڪوٽ جي هنج ۾ تاريخي ڳوٺ عطائي پلي ۾ سنه 1891ع ڌاري سنڌ تي انگريز راڄ ۾ پراڻي ناري جي پَٽ تي فقير محمد سلطان جي گهر ۾ پُٽَ جنم ورتو، جنهن جو نالو محمد اسماعيل رکيو ويو جيڪو ٻالڪپڻي کان وڏو ٿي ۽ عمر دراز تائين پنهنجي جسماني وجود سان گڏ پنهنجا ڪيترائي ساڃاهه وند، سوچ ڀَريا، سِڪ ڀريا، سَچَ، سُونهن، سَاهت، ۽ سِيرت ڀريا ساهه کڻندو، راهه عدم جو مسافر بنجي ويو پر سڄي سنڌ ۾ پنهنجو نالو الحاج خليفو فقير ميان محمد اسماعيل قاسم پلي ڇڏي ويو، جنهن کي هڪ عالم فاضل، عابد، زاهد ۽ شاعر طور اسان سنڌ واسي ڄاڻون ۽ سڃاڻون ٿا. هن الله لوڪ ٻالڪپڻ ۾ حافظ سعدي چنا کان ٻلهاري تعلقي ننگرپارڪر ضلعي ٿرپارڪر جي پنهنجي ئي ڳوٺ عطا محمد پلي ۾ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي، جنهن ۾ ابوالحسن جي سنڌي ۽ ديني تعليم شامل هئي.

…پر هُو وڏو ٿي ذاتي مطالعي ۽ مشاهدي سميت پنهنجي خداداد صلاحيتن کي اجاگر ڪيو، سندس قلب روشن ٿيو ۽ هن هڪ جيد عالم کان وٺي محبت الاهي جي منزل ماڻي، پاڻ کي خدا شناسي، خود شناسي، انساني ڀائپي، محبت عقيدت، عشق رسول ۽ آلِ رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي ذڪر تي آڻي بيهاريو.

ڇوڪراڻي وَهي کيس ڪُتن جي شوق ۾ مصروف ڪرايو، پر پيءُ جي مخالفت سبب پنهنجو اهو شوق ڇڏي ڏنائون ۽ فقيراڻو مزاج ماڻيائون ۽ پنهنجي حلقهء اَحباب ۽ اَسباب ۾ جيڪي درويش دوست شامل ڪيائون، انهن ۾ فقير حاجي محمد صوفي، صوفي فقير قلندر بخش، فقير منٺار راڄڙ ۽ ٻيا همعصر الله لوڪ بزرگ شامل هئا، جن جي ڪري پاڻ وحدت ڪثرت ڪُل واري واٽ ورتائون ۽ الاهي عشق جي پالوٽ سندن اندر مان بي اختيار شاعري ڪرائي ڇڏي. پاڻ اُن کان پوءِ پنهنجي مرشد مخدوم حسن بخش قريشي سجاده نشين درگاهه غوث بهاؤ الدين زڪريا ملتاني کي پاڻ وٽ وٺي آيا. هن ڪامل مرشد گهر ويهي وصال حَق حاصل ڪرڻ جي کين هدايت فرمائي ۽ سندن حق ۾ دعا ڪئي. فقير قاسم پلي مرشد جي حڪم موجب گهر ويهي، محبوب حقيقي جي عبادت ۾ زندگي گذاري. پاڻ حڪم خداوندي تحت ئي حج ڪري الحاج ٿيڻ جو شرف به حاصل ڪيائون، جنهن مان پتو پوي ٿو ته پاڻ هڪ ديندار ۽ ڪامل انسان واريون خصلتون رکندڙ انسان هُئا. سندن شاعري جو اڻ ڇپيل مواد ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ وٽ پيل آهي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن تصوف، وحدانيت، صوفي خيالن سان سينگاريل، سنواريل حق ۽ سچ جي واٽ واري شاعري منظر عام تي اچي ويندي ۽ خلق خدا لاءِ هڪ ناياب تحرير ثابت ٿيندي. (انشاءَ الله).

پاڻ سندس پاليل پٽ (ڇو ته کين فقط هڪ نياڻي هئي) محمد جمن پلي تي پنهنجي نظر عنايت وڌي، جنهن جي نتيجي ۽ برڪت سان وري اسان جي آڏو ساڃاهه وند، شاهه جو پارکو، ڳوٺاڻي ڪچهريءَ کي ريڊيو تي مچائيندڙ ۽ بزم روح رهاڻ ۾ هر هفتي اچي لطيف جي فڪر ۽ پيغام کي پنهنجي سهڻي مَن مهڻي انداز سان پيش ڪندڙ علي نواز ولد محمد جمن پلي سامهون آيو. انهيءَ کان سواءِ فقير قاسم پلي جي صحت مان رچي، ريٽو ٿي نڪرندڙ انسان سائين عبدالرحمان جمالي، استاد محمد عرس مڱريو، حاجي قائم مڱريو وغيره انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهن ته الحاج ميان محمد اسماعيل قاسم پلي پنهنجو علمي، ادبي، ورثو پنهنجن ويجهن عزيزن سان گڏ ٻين لاءِ به وڏي سخاوت سان ڇڏيو آهي.

سندن ويجهن عزيزن مان شاعر راڄ محمد جمال پلي به علمي گوهر ۽ علم جو ڀنڊار ثابت ٿيو. ڳوٺ عطا محمد پليءَ ۾ بند جا آباد ماڇي، سون پور جو عبدالمجيد ماڇي، جَتو پلي، سونهارو پلي، صديق هاليپوٽو، محمد هاشم ساند، محمد صديق پلي به فقير قاسم پليءَ جي حق ۽ سچ واري واٽ جا پانڌيئڙا ثابت ٿيا ۽ اهي حضرت غوث پاڪ جي روحاني فيض مان فيضياب ٿيا. فقير قاسم پليءَ کي اِهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڻ پنهنجي مرشد مخدوم حسن بخش قريشي ملتاني جي رحلت بعد کين غسل ڏيڻ لاءِ ريل ۾ چڙهي ملتان پهتا هئا ۽ اِها سعادت حاصل ڪئي هئائون.

شاعر قاسم پلي ڪجهه وقت سير و سفر به ڪيو جيڪو گهڻي ڀاڱي سندس شڪار ۽ شوق جو حصو رهيو ۽ پوءِ جڏهن فقيري رنگ ۾ رچيو ته فاقا، چِلا ۽ مراقبا سندس مَن کي منور ڪرڻ لڳا. شاعري جي شهسواري ڪندي، سنڌي، اردو ۽ پارسي ٻولين بابت ڄاڻ حاصل ڪيائين. پنهنجي روح کي ريجهائڻ لاءِ نالي وارن مشائخن، عالمن، شاعرن ۽ الله لوڪ فقيرن جي صحبت مان سرشاري حاصل ڪيائون ۽ پوءِ عمر جي آخري حصي ۾ گوشه نشين ٿي، اِلاهي عبادت ڪندي قلب کي قرار ڏنائون.

پاڻ پنهنجي وقت ۾ غوثيه جماعت ملتان شريف جا قابل اعتماد ۽ بزرگ خليفا ليکيا ويندا هئا. سندن شاعري سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڳچ تعداد ۾ موجود آهي. پاڻ شاعريءَ جي جن صنفن تي طبع آزمائي ڪيائون. انهن ۾ بيت، ڪافي، وائي، مرثيا، مناقبا ۽ مولود وغيره شامل آهن. سندن ٻولي، سادي، سهڻي ۽ فڪر انگيز آهي. مثال طور سندس شاعريءَ جا ڪجهه اسم هِن ريت آهن:

ويا وِيرَ وِيرام لکين لُوڏ وارا

نه نشان تِن جا نه نوبت نقارا

ادا ٿيا اَچي هاڻ پويان پَسارا

اُٿي ڪر ڪا اڳ جي قاسم ڪَمائي.

سندس مولود مان ڪجهه سٽون هِن ريت آهن:

”ڪيو چنڊ چَمڪو چُوڏهين چَٽائي،

اُڀريو آفتاب ڪئي سُورج سُهائي،

قطرو قرب مان صريحا سَوايو!“

سندن ڪافيءَ مان هڪ مثال:

”قاسم ڪئين هِت خان هُئا،

وهوا وڏا جن شان هُئا،

ڇڏي ماڳ هليا مهمان هئا،

خالي رهيا محلات ميان!

سندن وائي آهي:

هائي ڪريان ڪيئن اَلا

ڏير چڙهي ويا ڏونگرين!

يا ٻي وائي آهي:

کڻي نيڻ نظر،

ڪج مون تي مهر منجهان،

طلب تنهنجي تن ۾ ٻاريو مچ مگر.

سومرن جي دؤر کان وٺي، اسان کي عمرڪوٽ جي شاعرن جا پنڌ ۽ پيچرا ملن ٿا. جيڪو دؤر سنه 1050ع کان شروع ٿئي ٿو. پوءِ 1351ع کان سمن جو دؤر شروع ٿئي ٿو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو دور 1521ع کان شروع ٿئي ٿو. ڪلهوڙن جو دؤر 1700ع کان آهي، ته ٽالپرن جو دؤر 1783ع کان آهي. عمرڪوٽ جي پلي ذات مان انگريزن جي دؤر 1843ع کان پوءِ اسان کي خليفي قاسم پلي جهڙو درويش ۽ الله لوڪ شاعر جو جنم سنه 1891ع ۾ ملي ٿو. کانئس ٿورو اڳ سندس ئي ذات ڀائي شاعر مل محمود پليءَ 1875ع ڌاري جنم وٺي چڪو هو ۽ پنهنجي مثنوي ”ليليٰ مجنون“ جي ڪري مشهور ٿي چڪو هو. سندس شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪي رنگ وڌيڪ آهي. هِن ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ به شاعري ڪئي هئي، سنه 1925ع ڌاري وفات ڪيائين. انهن ٻن شاعرن کان اڳ، پلي ذات مان ڪلهوڙن جي دؤر ۾ اويڙ فقير پلي، ٽالپرن جي دؤر ۾ عبدالحڪيم پلي، جنهن جي ٽيهه اکري ڏاڍي مشهور ٿي. هي پنهنجي دور جا وڏا شاعر هئا. خليفي قاسم پلي کان پوءِ، سنه 1940ع  ڌاري خان صاحب عطا محمد پلي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شاعر ڪريم پلي، ڪافي، بيت، ۽ چؤسٽا چئي شاعري ڪئي. سرائڪي ڪلام به چيائين، ”ڪيا سانگ سانوڻ“ ۽ ”چنڊ جهڙا پرين“ سندس شاعريءَ جا مجموعا ڇپيل آهن. وفا پلي، شاعر ڪريم پليءَ جو ڀاءُ آهي. وفا پلي کي سنڌي غزل جو بادشاهه شاعر چيو ويندو آهي. اُن کان پوءِ اشرف پلي تمام سُٺا نظم لکي پذيرائي حاصل ڪئي آهي. وفا پلي، ڪريم پلي ۽ راڄ جمال پلي ٽئي ڀائر، شاعريءَ جا خوبصورت ۽ ويجهي ماضيءَ جا برجستا شاعر ثابت ٿيا آهن.

يقيناً عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ناري جي پَٽ ۾ پلي ذات مان ٻيا به ڪي شاعر موجود هوندا يا هاڻي نڪري نروار ٿيندا پر پوءِ به پاڻ الحاج خليفي قاسم پليءَ کي وساري نه سگهنداسين ڇو ته هو چوي ٿو ته:

ويئي عمر گذري عاجز اَجائي،

سمجهي نه ساعت ڪيڙئي سجائي،

حرص و هوَس ۾ وتين ٿو ويڳاڻو،

مسافر سفر ۾ ڪيئي ٿاڪ ٿاڻو،

اڳيون ياد نه آيئي سفر جو سيٽاڻو،

ادا اي عجب آ تنهنجي اک انداهي،

سدا باغ سبزو ۽ بيهندو بهارا،

نه هوندو هميشه هي رنگ هزارا،

نه نسرين نه نرگس نه سورج سينگارا،

پکي پريت ڇا سان اک اٽڪائي،

ويا وير ويرام لکين لوڏ وارا،

نه نشان تن جا نه نوبت نقارا،

ادا ٿيا اچي هاڻ پويان پسارا،

اُٿي ڪر ڪا اڳ جي تون قاسم ڪمائي.

هن اهلِ دل عاشق الله، شاعر قاسم پليءَ 90 سالن جي ڄمار ۾ سنه 1973ع ۾ وفات ڪئي. کيس تاريخي مقام رام جاڳي ۾ پنهنجي هٿن سان جوڙايل روضي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جتي پاڻ ابدي آرام ۾ آهن.

ثمينه ميمڻ

 

 

 

 

مُلڪ جي سياسي صورتحال باعث سنڌ ۾

سماجي ثقافتي تبديلي ۽ سنڌي ادب

سنڌي ادب جي اُڀ تي چمڪندڙ ستارن ۾ هڪ جرڪندڙ نانءُ تنوير جوڻيجو ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. پروفيسر ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو پنهنجي لکڻين جي شروعات شاگرديءَ واري دور کان ڪئي آهي، ۽ ڪهاڻيڪاره جي حيثيت ۾ مڃتا ماڻي ۽ ان کان پوءِ سندس لاڙو تحقيق ڏانهن وڌيو.

ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو جا ڪهاڻين جا مجموعا ۽ سماجيات جي مختلف موضوعن تي تحقيقي ڪتاب ۽ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ پاڻ بهترين اُستاد، بهترين ليکڪا سان گڏ مختلف رسالن جي اعزازي ايڊيٽر ۽ ريڊيو اسٽيشن جي بهترين پروگرام ”سگهڙين سٿ“ جي ڪمپيئر پڻ رهي آهي.

ميڊم تنوير جوڻيجو 2004ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ سندس مقالي جو عنوان ”سياسي صورتحال باعث پاڪستان جي بدلجندڙ ثقافت ۽ سنڌي ادب ۾ ان جو عڪس“ جنهن کي 2014ع ۾ ڪتابي صورت ۾ عنوان نالي ”ملڪ جي سياسي صورتحال باعث سنڌ ۾ سماجي ثقافتي تبديلي ۽ سنڌي ادب“ ۾ آندو ويو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا ميڊم تنوير جوڻيجو پنهنجي ماسيءَ ڊاڪٽر سنجيده مغل ۽ ادا مقبول احمد مغل (ماسيءَ جي گهرواري) ۽ سؤٽ ڊاڪٽر نزهت ستار بارڪرزئي نالي ڪئي آهي.

هن ڪتاب جي شروعات ۾ هن ڪتاب بابت ”ٻه اکر“ پروفيسر الهه وسايو راڄڙ لکيا آهن ۽ بئڪ ٽائيٽل تي ناليواري اديبه محترمه امر سنڌو، تنوير جوڻيجو جي زندگيءَ ۽ ادبي خدمتن تي مختصر، پر جامع نوٽ لکيو آهي.

هن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، پهريون ڀاڱو سماجي ثقافتي تبديلي، ٻيو ڀاڱو ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ سماجي ثقافتي تبديلي، برطانوي دور، ٽيون ڀاڱو ملڪ جي سياسي صورتحال باعث سنڌ ۾ سماجي ثقافتي تبديلي ۽ سنڌي ادب.

پهرئين ڀاڱي ۾ سماجي ثقافتي تبديلي بابت اهم ڄاڻ ۽ تجزيو پيش ڪيو ويو آهي، ۽ اها نشاندهي ڪئي وئي آهي ته هيءَ تبديلي فطري طور نه پر دنيا جي وڏين طاقتن جي حاوي ٿيڻ سبب عمل ۾ اچي رهي آهي، جنهن ۾ پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ڪردار کي اهم ڄاڻايو ويو آهي ۽ گڏوگڏ فورسز ادارا پڻ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن هٿرادو طاقتور ڌرين ڪري سماجن ۾ بدامني، انتشار ۽ ناڪاري عنصرن جو رجحان وڌيڪ وڌندو پيو وڃي ۽ ان سان سماج ۾ ٽوڙ ڦوڙ وڌڻ جا آثار پڻ رونما ٿي رهيا آهن ۽ اخلاقي قدرن جي پڻ پائمالي ٿي رهي آهي.

هن ڀاڱي ۾ ثقافت جي باري ۾ ذڪر ڪيل آهي ته ثقافت صرف سنڌي ٽوپي، اجرڪ، ڪهاڻي يا رِليءَ جو نالو نه آهي، پر مڪمل ثقافت پنهنجي اندر ۾ وڏي معنيٰ رکي ٿي. ثقافت انساني گروهن جي ڪارنامن جو مجموعو آهي. جنهن ۾ نه رڳو ٻولي، صنعت، فن، سائنس، قانون، مذهب، حڪمت ۽ اخلاقيات شامل آهي، پر اُهي مادي شيون ۽ مادي اوزار شامل آهن جيڪي ثقافتي ڪارنامن سبب جنم وٺن ٿيون، ۽ انهن عمل سبب ذهني سوچ ۽ ويچار مادي شڪل جي روپ ۾ ظاهر ٿين ٿا، ان کان علاوه رسم و رواج ۽ ادارا پڻ ثقافت جي زمري ۾ اچي وڃن ٿا، ثقافت کي مڪمل زندگي ڪوٺيو آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته سکيا وار عمل ٻولي ذريعي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين وڌي ويجهي ٿو.

هن ڀاڱي کي مختلف عنوان ڏئي سمجهايو ويو آهي، ۽ اڳئين دؤر کي جديد دؤر سان ڀيٽا ڪئي وئي آهي ته اڳئين دؤر ۾ بيماري لاءِ تعويذ ڦيڻا سڳا ساٺ ڪيا ويندا هئا، پر جديد دؤر ۾ ڊاڪٽرن ۽ سائنسي علاج کان ڪم ورتو وڃي ٿو، اڳ ۾ مذهبي ڏڻ ملهايا ويندا هئا، پر جديد دؤر ۾ بسنت ملهائي وڃي ٿي، سالگراهون ۽ ويلنٽائن ڊي پڻ ملهايا وڃن ٿا.

اڳ ۾ هڪ ڊاڪٽر سڀني مرضن جو علاج ڪندو هو، پر جديد دؤر ۾ هر مرض جو الڳ خاص ڊاڪٽر آهي. اڳئين دؤر ۾ ڌنڌي جي ڪِرت، وندر جي سادگي ۽ سرگرميون هڪجهڙيون هونديون هيون، اڏاوت، لباس، فرنيچر پڻ هڪجهڙو هوندو هو، پر سماجي ثقافتي تبديلي ڪري نواڻ نظر اچي ٿي، تفريحن ۾ رنگارنگي فيشن جا ڊزائن، زيورن جا ڊيزائن، فرنيچر جي نمونن ۾ پڻ نواڻ نظر اچي ٿي، گڏيل ڪٽنب جي ڪري روزگار به گڏ هوندا هئا، ۽ هڪٻئي جي ڏک سک ۾ شامل رهبو هو، پر هاڻي هر ماڻهو انفراديت ۽ پرائيوسي ۾ يقين رکي ٿو، ڪٽنب الڳ رهڻ جو خواهه آهي هر ڪم پنهنجي مرضي ۽ طريقي سان ڪري ٿو، ڪير به ڪنهن کان پڇڻ جي همت نٿو ڪري ۽ نه ئي مداخلت ڪري سگهي ٿو، اڳئين دور ۽ اڄوڪي دور کي ڀيٽائجي ته اڳ ۾ رسمن و رواجن جي پورائي نه ڪرڻ سبب ڏنڊ مقرر هوندو هو، يا برادريءَ مان ئي اُن کي نيڪالي ڏني ويندي هئي، قانون تي هلڻ ۽ اُن جي پوئواري هر ماڻهوءَ تي لازم هئي، پر هاڻي قدرن جي تبديليءَ سبب رسم و رواج ختم ٿي رهيا آهن، حڪومتن جي دلچسپي نه هئڻ سبب نوان قانون روز ٻيا ٻيا جنم وٺي رهيا آهن. انهي سبب اسان جو سماج هر وقت مونجهاري جو شڪار آهي، ادارو چاهي تعليمي هجي، اسپتال هجي يا سياسي ادارا ڪنهن کي خبر نه ٿي پوي ته آخر دانهجي ڪنهن آڏو.

اڳيئن دؤر ۾ نيڪ پرهيزگار ايماندار يا اعليٰ ذات واري کي احترام جي لائق سمجهبو هُئو، پر هينئر جيتري وڏي ڪرسي اوتري ڏاڍ مڙسي، ايمانداري جي جاءِ پاور والاري آهي انهن سبب ڪري اسان جا ثقافتي قدر پڻ تبديل ٿي رهيا آهن. اڳ ۾ شاديون پنهنجي ذات برادريءَ ۾ ڪيون وينديون هيون، اُٿ ويهه شادي مرادي سنگت ساٿ سبب پنهنجي برادري ۾ طئه ڪبيون هيون، پر هينئر جڏهن ڳوٺن مان شهرن ڏانهن زور ٿيو آهي ته ماڻهن پنهنجي حيثيت رُتبي جي آڌار تي مٽيون مائٽيون طئه ڪن ٿا، اڳ ۾ خاندان جا وڏا بزرگ وهانئن جا معاملا طئه ڪندا هئا، پر هاڻ انهن جي جاءِ تي پيشه ور ماڻهن کان مدد ورتي وڃي ٿي.

اڳ ۾ مذهب الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ هو ۽ رب پاڪ کي ٻاڏائي دعا گهربي هئي، پر هاڻي مذهبي روين جي فرق ڪري مذهب کي سياست طور استعمال ڪيو پيو وڃي، نوان منشور ٺاهيا پيا وڃن ۽ هر ڌر پنهنجي پاڻ کي سچو مسلمان ثابت ڪري تبليغ جي آڙ ۾ سياست ڪري ملڪ ۾ انتشار وڌائي رهيا آهن، مذهبي مدرسن کي مذهب جي نالي ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. چاليهه سالن جي عمر کان اڳ واري دور بابت ڄاڻايو ويو آهي ته ماڻهن کي هوا لاءِ، پينگها، وڃڻا، منگهه ۽ پاڻيءَ لاءِ کوهه يا نلڪا هٿ سان هلائڻ وارا هوندا هئا، رڌپچاءُ لاءِ ڪاٺيون، ڪوئلا ٻاربا هئا، سواري لاءِ بيل گاڏيون، ٽانگا، کاڌي پيتي لاءِ پنهنجون پوکون، پنهنجون ڀاڄيون جنڊ ۽ چڪيون پڻ هونديون هيون، انڪري ڪنهن جي محتاجي نه هوندي هئي، پر اڄ جي معاشري ۾ لائيٽ، پيٽرول، گئس سڄي زندگي محتاجي واري گذري ٿي ۽ ان ڪري انهن جو اختيار ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ.ايم.ايف جهڙن ادارن وٽ آهن.

…۽ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اڳ جا معاشرا سادا هئا، ماڻهن ۾ قرب محبت سچائي هئي، پر هاڻ هن مشيني دؤر ۾ هر ماڻهو ٻئي کان پري ٿي ويو آهي، منافقتون وڌي ويون آهن، گهر جا ماڻهو هڪٻئي کان پري رهڻ ڪري ٽيليفون ۽ نيٽ ذريعي ڳنڍيل آهن، ماءُ پيءُ جون محبتون هڪ ڏينهن جو محتاج وڃي رهيون آهن.

ڏانهن لڏپلاڻ سبب زندگي مسئلن جو شڪار رهندي رهي آهي سنڌ ۾ آبادي جي وڌندڙ دٻاءَ سبب ڏينهون ڏينهن ڪوڙن پاسپورٽن ذريعي شهريت حاصل ڪري هتان جي ماڻهن جي حقن کي ڦٻائي رهيا آهن، عورتن جي حيثيت ۾ پڻ تبديليءَ جو ذڪر بحث هيٺ آندو ويو آهي، عورتن جي تعليم اين.جي.اوز ۽ انساني حقن وارين تنظيمن جي ڪوشش جي نتيجن ۾ اج جي عورت گهر کان ٻاهر نڪري مختلف عهدن تي پهتي آهي اقتصادي طور پاڻ ڀري ٿي آهي، هوءَ پنهنجا فيصلا پڻ خود ڪرڻ جو حق وٺي رهيون آهن، اُتي ڪي ڌريون عورت جي اڳڀرائي ڪري پريشان ڪري رهيون آهن ۽ انهن جي قدم کي روڪڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا کڻي رهيون آهن جڏهن ته عورت ٻٽيون ذميواريون نڀاهي رهي آهي.

انهن سببن جي ڪري اسان جي ملڪ ۾ سماجي ثقافتي تبديلي سبب ڪٿي ڪي چڱايون ٿين ٿيون ته ڪٿي مونجهارا پڻ وڌي رهيا آهن، انهن مسئلن جو تجزيو پڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ٻيو ڀاڱو پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي تاريخ آهي جيڪا پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پرويز مشرف جي دؤر تائين ذڪر هيٺ آهي. پاڪستان ۾ پيش ٿيندڙ واقعن، اشوز جو ذڪر آهي، ملڪ ۾ معاشي ثقافتي صورتحال جو تجزيو چٽيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻاهرين قوتن جي مداخلت سبب اندروني چئلينجز ڪيئن منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ نسلي تصادم واري صورتحال جو جنم، حڪمران طبقي جي هڪ هٽي قانون جي بالادستي جو نه هجڻ ميڊيا جو حد کان وڌيڪ عمل دخل ملڪ جي صورتحال ڏينهون ڏينهن انتشار ڏانهن وڌندڙ ڏيکاريل آهي.

ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو سنڌي ادب تي مشتمل آهي هن ڀاڱي کي وري ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، ترتيبوار شاعريءَ وارو باب جنهن ۾ پڻ پاڪستان ۾ ٿيندڙ اهم واقعن سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ظلم بربريت خلاف آواز اُٿاريل آهي، انهي صورتحال کي چٽو پٽو شاعريءَ جي صورت ۾ شاعرن پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ عڪس چٽيو آهي.

ٻيون ۽ ٽيون حصو وري سنڌي ناول ۽ ڪهاڻيءَ جي باري ۾ آهي جنهن ۾ ميڊم تنوير جوڻيجو پاڻ ڪهاڻين ۽ ناولن جي چونڊ ڪئي آهي ۽ مواد ذريعي سياسي سماجي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، ملڪ ۾ ٿيندڙ اهم واقعن سماج ۾ ايندڙ روين، قدرن ٻوليءَ ۾ ايندڙ تبديلي جي پڻ نشاندهي ڪئي وئي آهي، جيئن برک ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل جي تحقيقي ۽ تخليقي ڪتاب ناول ”اوڙاهه“ جنهن ۾ سنڌ جي ساڍن چئن سون سالن جي سماجي سياسي تبديلي بيان ڪئي وئي آهي.

ماڻڪ ملاح جي تحرير ”لڙهندڙ نسل“، اڪبر سومرو جي ڪهاڻي ”شهر جي ڳالهه“، ماهتاب محبوب جي ناول ”خواب خوشبو ڇوڪري“، انيس انصاري جي ڪهاڻي ”مٽي“، رشيده حجاب جي ڪهاڻي ”رک رهي نه باقي“، ميڊم تنوير جوڻيجو جي پنهنجي ڪهاڻي ”پروموشن“، شبير لغاري ”سرءُ جي شام ۽ آءٌ“، اشتياق انصاري جي ڪهاڻي ”فخر“، امير ابڙو جي ڪهاڻي ”ڳاڙهو سج ڪارو دونهون“، شبنم گل جي ڪهاڻي ”خوشبوءَ جو موت“ ۽ امر جليل جي تحرير ”اشرف جي وردي“ کي پنهنجي تخليقي تجزيي طور پيش ڪيو آهي ۽ آخر ۾ ڪهاڻيءَ جو نتيجو پڻ اخذ ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ مجموعي طور تي ملڪ ۾ ٿيندڙ سياسي، سماجي ثقافتي تبديلين سبب سنڌ تي پوندڙ اثرن بابت تجزيو ڪيو ويو آهي، هيءُ ضخيم ڪتاب تحقيقي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. جنهن کي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ جي هر باشعور ماڻهوءَ کي پڙهڻ گهرجي ۽ استادن توڙي شاگردن جي معلومات ۾ انهن جو مددگار طور ثابت ٿيندو، اُميد ڪجي ٿي ته پروفيسر ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو جو هيءُ قلمي پورهيو تاريخ ۾ اهم جاءِ والاريندو.

نظر حسين چانڊيو

 

 

 

 

       تصوف ۽ صوفيءَ جي اهميت

            (مفتي محمد صاحبداد خان سڪندريءَ جي نظر ۾)

        ’تصوف‘ ۽ ’صوفي‘ جي تحقيق جي باري ۾ مختلف علماء جا ڪيترائي قول آهن. اهل علم تصوف جا هيٺيان ڪجھ ماده  اشتقاق بيان ڪيا آهن.

پهريون قول “الصفا” :

        تصوف  جو مادو ”الصفا“ کان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ ”صفائي ۽ پاڪيزگي“  آهي . هن مادي جي روشنيءَ ۾ ڪنهن شيء کي ظاهري توڙي باطني طرح سان پاڪ ۽ صاف ڪري اڇو ۽ اجرو ڪرڻ جو نالو ”تصوف“ آهي (1).

        شيخ ابوالفتح بستي تصوف جي معنيٰ بيان ڪندي فرمائي ٿو ته :

        ”ان التصوف کلمة اشتقت من الصفا (2).“

        تصوف اهو ڪلمون آهي جيڪو صفا کان مشتق آهي . (جنهن جي معنيٰ آهي صفائي).

        لغت جي مشهور ڪتاب المنجد ۾ لفظ تصوف جي تشريح هن طرح بيان ڪئي وئي آهي :

        ”صفي اي تصفية الشئي و جعلہ صافيا (3).“

صفي مان مراد ڪنهن شيء کي صاف ۽ اجرو ڪرڻ آهي .

        حضرت داتا گنج بخش عثمان علي هجويري رحمة الله عليہ ’ڪشف المحجوب‘ ۾ شيخ خضريءَ جو قول نقل فرمايو آهي ته:

”التصوف صفاء السر من کدورة المخالفة(4).“

        باطن کي مخالفت حق جي ڪدورت ۽ سياهي کان پاڪ ڪري ڇڏڻ جو نالو تصوف آهي.

        تصوف جو مادو ”الصفا“ مان ئي ورتل آهي پر لغت جي اعتبار سان هي اشتقاق  پنهنجي اندر ڪيترين ئي معنائن ۽ احتمالات کي سمائي ٿو.

ٻيو قول “الصفو” :

        تصوف جو ٻيو مادہ اشتقاق ”الصفو“ آهي جنهن جي لغوي معنيٰ  ”محبت ۽ دوستي ۾ اخلاص“ آهي.

        لغت جي مشهور ڪتاب المنجد ۾ هن مادي جي نسبت فرمائي ٿو ته

        ”الصفو هو الاخلاص في المودة الصفي هو الصديق المخلص (5).“

        الصفو جي معنيٰ اخلاص آهي ۽ صفي مان  مراد مخلص دوست آهي.

        هن مادي جي اعتبار سان صوفي ان شخص کي چئبو آهي، جنهن دنيا ۽ آخرت جي اجر و جزا کان بي نياز ٿي پنهنجي محبوب حقيقي سان بي لوث محبت ۽ دوستي جو رشتو استوار ڪيو هجي،  جنهن جو هر ڪم صرف ۽ صرف رضائي الاهي جي لاء هجي .

ٽيون قول “ الصوف” :

        تصوف جو ٽيون مادہ اشتقاق ”الصوف“ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”اُن“ باب تفعل جي وزن تي تصوف جي معنيٰ آهي” ان جو لباس پائڻ“ آهي.

        امام ابو القاسم قشيري رحمة الله عليہ فرمائن ٿا ته :

        ”تصوف اذا لبس الصوف کما يقال تقمص اذا لبس القميص (6).“

        تصوف (ان وقت چيو وڃي) جڏهن صوف جو لباس پاتو هجي جيئن ڪنهن جي قميص پائڻ کي تقمص سڏيو وڃي .

        ڪجھ الله جي ٻانهن عاجزي ، انڪساري ۽ مجاهدات جي ڪري اُن جو لباس پاتو، انهيءَ نسبت جي ڪري انهن کي ”صوفي“ جو لقب مليو .

        علامہ ابن خلدون انهيءَ موقف جي طرفداري هن لفظن سان ڪئي آهي:

        ”ان التصوف مشتقة من الصوف لاختصاص اصحابها بلبس الصوف و قيل ان النسبة للصوف علي اعتبار ان لباسہ کان يغلب علي المتقدمين من السلف لانہ اقرب الي لتواضع والزهد ولکونہ لباس الانبياء(7) .“

        تصوف، ”صوف“ کان مشتق آهي ڇو ته اُن جو لباس اهلِ تصوف جي لاء مختص آهي . چيو وڃي ٿو ان جي طرف نسبت ان اعتبار سان آهي ڇو ته هي لباس اڳين بزرگن جو پسنديده لباس هو ڇو ته هي زهد ، تواضع جي قريب تر آهي ڇو جو انبياء جو لباس به اهو ئي رهيو آهي .

چوٿون قول “الصُوف” :

        تصوف، ”الصُوف“ کان ورتل  آهي، جنهن جي معنيٰ ”يکسو شدن“ آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن جي طرف پوري يڪسوئي سان متوجھ ٿيڻ . ان اعتبار سان تصوف جو مقصد ذات الاهي جي ذڪر ۽ محبت ۾ اهڙي طرح يڪسوئي ۽ محويت  ڪرڻ آهي جو سواءِ محبوب حقيقي جي، باقي هر شيء کان طلب و ڌيان هٽي وڃي . 

پنجون قول “الصفھ”:

        تصوف، ”الصفہ “ کان ورتل آهي، جنهن جو اشارو اصحاب صفہ وارن ڏانهن آهي . هن قول جي تائيد ڪندي علامہ شيخ ابوبڪر بن اسحاق بخاري فرمائين ٿا ته:

        ”قال قوم انما سواء صوفية لقرب اوضافهم من اوصاف اهل الصفة الذين کانوا في عهد رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم (8).“

        هڪ جماعت جو چوڻ آهي ته صوفيہ کي صوفي چوڻ ان اعتبار سان آهي ته  انهن جا اوصاف اصحاب صفہ جي قريب تر آهن جيڪي رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي عهد مبارڪ ۾ موجود هئا .

        انهيءَ قول جي تائيد ۾ الشيخ احمد الحسيني عليہ رحمة فرمائين ٿا ته:

        ”انہ من الصفة اذ جملة اتصاف بالمحامد و ترک الاوصاف المذمومة (9) .“

        هي ”صفہ“ کان ورتل آهي ڇو ته تصوف سڀني خوبين سان متصف ٿيڻ ۽ اوصاف مذمومہ کي ترڪ ڪري ڇڏڻ تي مبني آهي .

ڇهون قول “الصف”:

        ڪجھ علماء تصوف کي ”الصف“ مان نڪتل سمجهن ٿا. ان سلسلي ۾ امام ابو القاسم القشيري عليہ الرحمة فرمائي ٿو ته:

        ”انہ مشتق من الصف فڪانها في الصف الاول بقلوبهم من حيث المحاضرة من الله تعالى(10) .“

        تصوف، ”صف“ کان مشتق آهي يعني صوفيہ جا قلوب باري تعالى جي حضوري جي اعتبار سان صف اول ۾ هوندا آهن .

تصوف جي لغوي اعتبار کان گڏيل نڪتن تي بحث:

        لغوي اعتبار کان تصوف جا جيترا به نڪتا مٿي بيان ڪيا ويا آهن، انهن سڀني ۾ هڪ ڳالھ مشترڪ نظر اچي ٿي ته تصوف الله رب العزت سان اهڙي بي لوث ۽ بي غرض دوستيءَ ۽ محبت جو نالو آهي ، جيڪا نه صرف دنياوي لالچ پر اخروي طمع کان به پاڪ هجي، هن راھ جي سالڪ جو قلب تعلق بالله جي ڪري  هر وقت دنيوي   توڙي اخروي منفعتن ، مصلحتن ۽ هر قسم جي انديشن ۽ خطرن کان پاڪ هجي، جنهن جي نتيجي ۾ اخلاص بالنية والعمل (نيت ۽ عمل جو اخلاص) جو جذبو ظاهر ۽ باطن ۾ اهڙي طرح سمائجي وڃي جو انسان جي بندگي خالص الله تعالى جي لاءِ هجي، نه وري دنيا ۽ آخرت ۾ انعام ۽ جزا ٻانهي جي عبادت جو محرڪ هجي .  الغرض تعلق بالله جي لذت ۽ حلاوت ۽ محبت الاهي جي چاشنيءَ کي اهڙي طرح ساھ جو حصو ٺاهيو جو بارگاهه صمديت ۾ حاضري جي وقت غير جو وهم جيترو به خيال ٻانهي جي دل جي ڪنهن به گوشي مان رستو وٺي نه سگهي،  يعني غيرجي هر تصور يا خيال کان ٻانهي جي دل پاڪ ٿي وڃي، بس اها ئي حقيقيت ”تصوف“ آهي.

مختلف مادن جي اشتقاق مان حقيقت تصوف :

1. الصفا:

        جيڪڏهن تصوف کي ”صفا“ کان ورتو  وڃي ته ان مان زندگي گذارڻ جو اهو طريقو مراد ورتو ويندو جنهن کي اپنائي قلب انساني  معصيت جي سياهي ۽ گناھن جي گدلاڻ کا پاڪ ۽ صاف ٿي ويندو آهي . دل جو آئينو صاف ۽ شفاف ٿي ويندو آهي ۽  فسق و فجور جي ڪٽ دور ٿي ويندي آهي. قلب انساني کي باطن جي غفلتن ۽ نافرمانين جي ظلمتن کان آزاد ڪري ڇڏجي . نتيجو اهو نڪرندو آهي جو قلب انساني صيقل ٿي محبت انوار الاهي ٿي ويندو آهي.

        دل جي سياهي ۽ آلودگي جو ذڪر قرآن ڪريم هيئن فرمايو آهي:

        ”کلا بل ران على قلوبهم ما کانوا يکسبون(11).“

        ”هرگز ائين نه آهي (پر اصل سبب ان جي تڪذيب جو اهو آهي جو) انهن جي دلين تي انهن جي بري عملن جي ڪري زنگ لڳي ويندو آهي.“

        علامہ قاضي ثناء الله (پاڻي پتي) ان جي وضاحت ڪندي فرمائين ٿا ته:

        ”والرين الغلبة يقال ران الخمر على قلبہ و اذا غلب عليہ سکره والمعنى غلب على قلوبهم ظلمت ما کانوا يکسبون من المعاصي حتى عمي قلوبهم عن التميز بين الحق والباطل(12).“

        ”رين“ جي معنيٰ آهي ”غلبو“ جيئن چيو ويندو آهي شراب ان جي دل تي غالب ٿي وڃي ۽ نشي ۾ غرق ڪري ڇڏي ته معنى اها ٿيندي ته افعال بد جي ڪري انهن جي دلين تي ڪاراڻ ڇانئجي وڃي، ايسيتائين جو انهن جون دليون حق ۽ باطل جي درميان تميز نه ڪري سگهن .

        پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ارشاد فرمايو ته:

        ”المؤمن اذا اذنب کانت نکتة سوداء في قلبہ فان تاب و خزع واستغفر صقل قلبہ منها و ان زادت حتى تعلو قلبہ فذالک الران الذي ذکر الله في ڪتابہ کلا بل ران على قلوبهم ما کانوا يکسبون (13).“

        ”جڏهن ڪو مؤمن گناهه ٿو ڪري ته ان جي دل تي هڪ ڪارو نڪتو  لڳي وڃي ٿو، پوءِ جيڪڏهن اهو مؤمن توبه ڪري ۽ معافي گهري، ته ان جي دل ان سياهي کان صيقل ٿي ويندي آهي پر جيڪڏهن هو گناهن ۾ زيادتي ڪري ته ان جي دل تي ان ڪارائپ جو اضافو ٿيندو رهندو آهي. اها ئي اها سياهي ۽ زنگ آهي جنهن جو ذڪر الله تعالى قرآن پاڪ ۾ بيان فرمايو آهي. هرگز نه پر (اصل سبب انهن جي تڪذيب جو اهو آهي جو) انهن جي دلين تي  اعمال (بد) جو زنگ لڳي ويندو آهي .

        مٿي بيان ڪيل حديث پاڪ جو مفهوم اهو آهي ته مسلسل گناهن جي ڪري انسان جي دل تي هڪ ڪارو نڪتو لڳي وڃي ٿو جيڪڏهن اهو انسان گناهن ۾ زيادتي ڪري ٿو ته ان جي لوح قلب تي سياهي وڌندي وڌندي مڪمل طرح سان محيط ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري ان جي دل ظلمت ڪده ٿي ويندي آهي. اهڙي طرح سان فسق و فجور ۾ مبتلا انسان پنهنجن خطائن ۽ سياھ ڪارين جي ڪري احساس ندامت کان به محروم ٿي ويندو آهي. ان جي قلب ۽ ضمير تي موت طاري ٿي ويندو آهي . ان جي برعڪس جيڪڏهن ڪو شخص نيڪي ۽ ڀلائي جو ڪم ڪندو  آهي ته ان جي دل تي نور جو هڪ نڪتو نقش ڪيو ويندو آهي ۽ مسلسل نيڪين ۽ ڀلاين جا ڪم ڪندي ڪندي اهو نور ايستائين ڦهلجندو آهي جو ان انسان جي دل مصدر انوار بنجي ويندي آهي جيڪو نه صرف اقليم بدن کي منور ڪندو آهي پر جيڪو به قلب جي صفائيءَ سان ان جي صحبت ۽ معيت ۾ ايندو آهي، اهو به منور ٿيڻ کان خالي نه رهندو آهي . خوش نصيب آهن اهي انسان جيڪي خود پاڻ شعوري جي دولت سان ڀرپور آهن جن کي دل جي ظلمت ۽ باطن جي سياهي جي آگاهي ميسر آهي ۽ هر وقت توبہ جي نور سان لوح دل جي اونداهين کي روشنائيءَ  ۾ بدليندا رهن ٿا ۽ اهو سڀ ڪجھ الله جو فضل و ڪرم شامل حال ٿيڻ  کان بغير نا ممڪن آهي .

        بس صوفي اهو شخص آهي جنهن پنهنجي قلب و باطن کي گناهن جي گدلاڻ کان پاڪ و صاف رکيو ۽ نفس کي رذائل اخلاق جي تاريڪين کان پاڪ ڪري ڇڏيو هجي ۽ ان جي دل جي آئيني تي معصيت جا نشان باقي نه رهيا هجن . تزڪيہ و تصفيہ جي راهن کي تصوف جي نالي سان موسوم ڪيو ويندو آهي، جڏهن صفا جو اهو معيار نصيب ٿي وڃي ته انسان جو قلب و باطن انهن جي لذتن سان سيراب ٿي ويندو آهي.

        حضرت داتا علي هجويري رحمة الله عليہ  فرمائين ٿا ته:

        ”ان الصفا صفة الصديق ان اردت صوفيا علي التحقيق(14).“

        ”ياد رک ته! صفا در حقيقت حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعالى عنہ جي صفت آهي جيڪڏهن تون حقيقت ۾ صوفي بنجڻ چاهين ٿو ته هن مفهوم کي پيش نظر رکي صاحبان صدق جي اتباع ڪر، اهو ئي عشق  جو رستو آهي جنهن تي هلي محبوب حقيقي سان سچي محبت ۽  دوستي جو لازوال رشتو استوار ٿيندو آهي جنهن کان پوء دل محبوب جي رضا ۽ خوشنودي کان سواءِ ڪنهن غير جي طلب، مادي منفعت، يا خواهش نفس جي خيالن سان آلوده نه ٿيندي آهي ۽ نتيجو اهو نڪرندو آهي جو الله ۽ ٻانهي جي وچ ۾ ڪو به پردو نه رهندو آهي .

الصفو:

        هن مادي جي اعتبار سان تصوف مان مراد تعلق بالله ۾ ڪمال درجي جو اخلاص جو حاصل ڪرڻ آهي  ۽ صوفي مان مراد اهو شخص آهي جنهن دنيا ۽ آخرت جي اجر ۽ جزا کان بي نياز ٿي محبوب حقيقي سان بي لوث محبت ۽ دوستي جي رشتي کي استوار ڪري ڇڏيو هجي، جنهن جي تمام تر ڪوششن ، محنتن ۽ مشقتن جو محرڪ صرف ۽ صرف رضاء الاهي هجي ۽ ان کي اخلاص تامہ جو اهو مقام حاصل هجي جو دنيوي ۽ اخروي نعمتن کان بلڪل بي نياز هجي .

الصوف :

        جيڪڏهن تصوف مادو ”صوف“ مان ورتو وڃي ته ان جو مطلب ٿيندو ”اُنَ جو لباس پائڻ“، صوفيءَ جو ڪردار، لباس پائڻ،  دنيا جي لذتن ۽ جسماني راحتن کان ڪناره ڪشي ڪرڻ جي علامت آهي ۽ الله تعالى جي بارگاھ ۾ اعلى درجي جي تواضع، انڪساري، خشوع ۽ خضوع ، عجز و نيازمنديءَ جو دليل آهي. ان جو لباس پائڻ سنت انبياء آهي جيڪو خود نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کان پڻ ثابت آهي . حديث مبارڪہ آهي ته:

        عن انس ابن مالک قال کان رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم يجيب دعوة العبد ويرکب الحمار و يلبس الصوف (15).“

        حضرت انس بن مالڪ رضي الله تعالى عنہ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن غلام جي دعوت قبول فرمائيندا هئا، گڏھ تي سواري فرمائيندا هئا ۽ ”صوف“ زيب تن فرمائيندا هئا. اڪثر انبياء ڪرام صوف جو لباس پهريندا هئا جن جو ذڪر مختلف روايتن ۾ اچي ٿو، حضرت عيسى عليہ السلام به صوف جو لباس پهريندا هئا،  حضرت عيسى عليہ السلام جي باري ۾ منقول آهي ته:

        ”لباسي الصوف و شعاري الخوف (16).“

        منهنجو لباس صوف آهي ۽ منهنجو شعار خوف آهي. نبين سڳورن عليهم السلام جي ان جي لباس پائڻ جي باري ۾ نبي اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کان روايت آهي ته:

        ”مر بالصخرة من الروحاء سبعون نبيا حفاة عليهم العباء يؤمون البيت الحرام (17).“

        ”روحاء“ ميدان وٽان ستر نبي سڳورا گذريا جن جي مٿان ”اُن“ جون چادرون هيون اهي پنهنجا پير اگهاڙا ڪري  بيت الحرام ڏانهن وڃي رهيا هئا.

        ’عوارف معارف‘ ۾ نبي اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو هي قول مبارڪ به مذڪور آهي ته موسى عليہ السلام الله تعالى سان هم ڪلام ٿيندا هئا ته ”اُن“ جو لباس پهريندا هئا.

        ”قال رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم يوم کلم الله تعالى موسى عليہ السلام کان عليہ جبة صوف و کمة من صوف و نعلاه من جلد حمار غير مزکي (18).“

        رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته جنهن ڏينهن موسى عليہ السلام الله تعالى سان هم ڪلام ٿيا ته سندن جسم تي اُن جو لباس پهريل هو . اُن جي چادر ۽ اُن جي آستين هئي، سندن نعلين مبارڪ، گڏھ جي اڻ رنگيل کل جي هئي.“

        حضرت حسن بصري رحمة الله عليہ جو فرمان آهي ته:

        ”لقد ادرکت سبعين بدريا کان لباسهم الصوف (19).“

        ”مون ستر بدري صحابن کي ڏٺو ته انهن جو لباس اُن جو هو (صوف لباس پهريل هئا).“

        حضرت سالم بن عبد الله بن عمر رضي الله تعالى عنه جي باري ۾ نقل آهي ته:

        ”ياکل الخبز والزيتون و يلبس الصوف(20).“

        ”زيتون جي تيل سان ماني کائيندا هئا ۽ اُن جو لباس پهريندا هئا.“

        ”اهو ”صوف“ لباس آهي جنهن کي تابعين يا تبع تابعين جي نامور بزرگن سڳورن سنت انبياء و صحابہ سمجهي اپنايو۽ انهيءَ لباس جي نسبت جي ڪري  انهن کي صوفياء سڏيو ٿو وڃي. زندگي گذارڻ جي اهڙي طريقي کي جنهن ۾ محبوب حقيقي سان سچي لئون لڳائي ڪري فنا ٿي وڃڻ واري صورت بنائڻ  کي تصوف جو نالو ڏنو وڃي ٿو . بس لذت جسماني کان ڪناره ڪش ٿي دنيوي راحتن کان دستبردار ٿي، محبوب حقيقي سان ظاهري توڙي باطني عجز و انڪساري  جي عبارت طرز زندگي جو نالو تصوف آهي .

الصوف :

تصوف جو چوٿون مادو جيڪڏهن”الصوف“
مان مشتق مڃيو وڃي، ته ان جو مطلب محبوب حقيقي سان اهڙي يڪسوئي جو غير جو خيال ذهن ۾ نه اچي . هن مادي جي اعتبار سان صوفياء اهي خوشنصيب شخص آهن جن کي حضور حق سان يڪسوئي جي اها دولت عطا ڪئي ويندي آهي جو هو هر وقت پنهنجي رب سان عشق  جي انهن ڪيفيتن ۾ مخمور ٿي ويندا آهن جو سندن لوح قلب تان غير جو نقش ئي مٽجي ويندو آهي  ۽ انهن جي دل جي تهخاني ۾ سواء محبوب حقيقي جي غير جو خيال تائين نه ٿو گذري.

الصفھ:

        تصوف جيڪڏهن ”صفہ “ مان ورتو وڃي ته ان مان مراد اصحاب صفہ آهن جيئن شيخ شهاب الدين سهروردي ۽ ٻين مؤرخن بيان ڪيو آهي.  هي اها جماعت آهي جن ڪائنات جي مربي رحمت عالم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کان براه راست تربيت ورتي. جن جو تعداد  تقريباً چار سو (400) آهي. هي اهي ماڻهو هئا جيڪي گهر، ٻار، مٽن، مائٽن جي جهنجٽ کان آزاد هئا ۽ هر وقت مسجد ۾ موجود هوندا هئا. بارگاه مصطفوي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کان روحاني تربيت وٺڻ جي لاء مسجد نبوي جي ويجهو هڪ چبوتري ۾ رهندا هئا ۽ چبوتري کي عربي ۾ ”صفہ“ چيو وڃي ٿو، انهيء چبوتري ۾ رهڻ جي ڪري هي جماعت ”اصحاب صفہ “ جي نالي سان مشهور ٿي وئي.

        اصحاب صفہ اهل و عيال، گهر، ٻار، حصول معاش جهڙين ذميدارين کان آزاد هئا پر اهي تارڪ الدنيا هرگز نه هئا، اهي صحابي سڳورا پاڻ ڪريمن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي حڪم تي  مختلف ذميداريون سڀاليندا هئا، محنت ۽ مشقت جا ڪم ڪندا هئا، جنگين ۾ شريڪ ٿيندا هئا، غزوات ۽ جهاد ۾ آقا عليہ الصلواة والسلام جي ٻين صحابن سڳورن وانگر برابر جا شريڪ هوندا هئا پر فراغت جو وقت مسجد نبوي ۾ گذاريندا هئا ۽  سرڪار عليہ الصلواة والسلام جن کان ظاهري تربيت ۽ روحاني فيض ۽ توجهات جو مرڪز ٿي تزڪيہ نفس ۽ تصفيہ باطن جو سامان حاصل ڪندا هئا. حضور عليہ الصلواة والسلام جي نگاھ ڪرامت جي اثر ۽ باطني توجهات  انهيء جماعت کي رفيع الشان منزلن تي فائز فرمائي ڇڏيو هو .  انهن جي فقر و فاقہ ۽ مجاهده نفس جو اهو عالم هو جو مسلسل روزا رکندا هئا ۽ ڪيترا ڪيترا ڏينهن صرف کجور کائي پنهنجو پيٽ ڀريندا هئا . بکن ۽ اڃن جي ڪري جسماني طرح نهايت ئي ڪمزور ٿي ويندا هئا. پر روحاني طرح جوان هوندا هئا ۽ ڪڏهن به حرف شڪايت زبان تي نه آڻيندا هئا  آقا عليہ الصلواة والسلام جي حيات طيبہ جي مٿان جيڪو اختياري فقر و فاقہ جو رنگ غالب هو اصحاب صفہ به انهي رنگ ۾ رڱيل هئا .

       

        اصحاب صفہ کي فقر و فاقہ جي ڪري بارگاهه الاهي ۾ جيڪو مقام حاصل ٿيو، انهيء تي حضرت سيدنا ابن عباس رضي الله تعالى عنہ جي هيءَ روايت دلالت ڪري ٿي .

 

        ”وقف رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم يوما على اهل الصفة فراي فقرهم و جهدهم طيب قلوبهم فقال ابشروا يا اصحاب الصفہ فمن بقي منکم على النعت الذي انتم عليہ اليوم راضيا بما هو فيہ فانہ من رفقائي يوم القيامة(21) .“

        ”هڪ ڏينهن رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن اصحاب صفہ جي وچ ۾ بيهي رهيا ۽ انهن جي فقر و فاقہ ، جهد ۽ سرور قلب کي ڏسي  فرمايائون اي اصحاب صفہ! خوش ٿي وڃو ته جيڪو توهان مان موجوده صفتن تي قائم رهيو ۽ انهي حال تي راضي رهيو، اهو قيامت جي ڏينهن منهنجي رفيقن مان هوندو .“

        قرآن پاڪ انهن نفوس قدسيہ جي باري ۾ هيئن ارشاد فرمايو آهي ته:

        ”للفقراء الذين احصروا في سبيل الله لا يستطيعون ضربا في الارض (22).“

        ”(۽ جيڪو خرچ ڪري ٿو ) انهن فقيرن تي جيڪي الله جي راھ ۾ ايترا ته مصروف آهن جو انهن کي زمين ۾ معاشي جدوجهد جي فرصت به نه آهي . “

          هي اهي اصحاب صفہ هئا جن جا قلب و باطن ”ويزکيهم“ جا مصداق بنجي مشاغل حيات ۽ علائق دنيوي کان ڪٽجي ڪمال درجي جي اخلاص سان الله جي محبت ۾ مستغرق هوندا هئا، بس جيڪي بندگان خدا انهن نفوس قدسيہ جي نقش قدم تي هلي لذات دنيوي کان ڪناره ڪش ٿي محبوب حقيقي جي رضا کي پنهنجو مقصود و مطلوب بنائي انهيء جي ديدار جا طالب ٿي ويا، ۽ ”صوفياء“ سڏائين ٿا، انهن جي زندگي گذارڻ جي طريقي کي ”تصوف“
جو نالو ڏنو وڃي ٿو .

الصف :

          تصوف کي جيڪڏهن ”الصف“ مان مشتق قرار ڏنو وڃي ته تصوف جي راھ جا سالڪ اهي صوفي سڳورا ۽ سعادت مند نفوس قدسيہ هوندا جن جا قلوب بارگاھ ايزدي ۾ صف اول ۾ شامل هوندا . هي اهي پاڪ ۽ روشن ضمير ماڻهو آهن جن جا دل دنيا و ما فيها جي محبت کان خالي آهن ۽ انهن جو رشتو ايستائين علائق دنيوي کان منقطع هوندو آهي جو اهي هر وقت پنهنجي محبوب حقيقي جي ديدار جا طالب رهندا آهن، اهڙي طرح جڏهن ٻانهو روحاني ترقيون ڪندو،  هوا و هوس و مخلوق دنيوي جون صفون چيريندو حضور صمديت ۾ پهرين صف ۾ حاضر ٿئي ٿو، ته ان حاضر ٿيڻ جو نالو ”تصوف“ آهي .

نتيجو:

مٿي بيان ڪيل سڀني تعريفن جي روشنيءَ ۾ نتيجو اهو نڪتو ته جيسيتائين  انسان پنهنجي وجود مان اوچ، نيچ، ڪوڙ، گلا/غيبت، نفرت، عداوت، هٺ، غرور، تڪبر، ساڙ  ۽ بغض جهڙين بيمارين کان پاڻ کي آجو نه ٿو ڪري تصوف جي رستي تي نه  ٿو هلي سگهي. زندگي جي هر پهلوءَ ۾ مقصد صرف ۽ صرف محبوب حقيقي جي رضا جي طلب رکڻ واري کي صوفي سڏيو وڃي ٿو . صوفي سڳورا هن آيت سڳوري جا مصداق هوندا آهن

”ان صلاتي و نسکي و محياي و مماتي لله رب العلمين “

        ”بيشڪ منهنجي نماز ، منهنجي قرباني، منهنجي زندگي ۽ منهنجو موت الله تعالى جي لاء آهي جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.“

 باطن جي ڪدورت کان پاڪ، محبوب حقيقي سان سچي ۽ اخلاص واري محبت رکڻ وارا،  جزا ۽ سزا کان بي نياز،  الله جي ٻانهن ۾ الله جي محبت جا درس ڏيندڙ،  ذڪر و اذڪار ۾ يڪسوئي يعني دنيا و آخرت جي هر نعمت کان ڌيان هٽائي صرف ۽ صرف پنهنجي محبت جو محور ۽ مرڪز محبوب حقيقي کي بنائڻ وارن کي صوفي سڏيو وڃي ٿو. اصحاب صفہ جيڪي رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم  جا اصحابي سڳورا هئا، انهن جي زندگي تصوف وارن لاء مشعل راھ آهي .

 

ڪتابيات

1.      شيخ ابو الفتح بستي، الشيخ ارسلان الدمشقي : 93

2.     صاحب المنجد ، المنجد تحت مادة صفا

3.     حضرت داتا گنج بخش مخدوم علي هجويري رحمة الله عليہ ڪشف المحجوب

4.     صاحب المنجد، المنجد تحت مادة صفو

5.     امام ابو القاسم قشيري رحمة الله، الرسالة القشيرية : 126

6.     شيخ ابو الفتح بستي، الشيخ ارسلان الدمشقي : 40

7.     علامہ شيخ ابوبڪر بن اسحاق بخاري، ايقاظ الهم في شرح الحکم ج: 1 ، ص: 2

8.     الشيخ احمد الحسيني عليہ رحمة، شرح التصرف لمذاهب التصوف : 21

9.     امام ابو القاسم القشيري عليہ الرحمة، الرسالة القشيرية : 126

10. سورة المطففين

11.  علامہ قاضي ثناء الله پاڻي پتي، تفسير مظهري ج : 10 ص: 222

12. علامہ قاضي ثناء الله پاڻي پتي، تفسير مظهري ج : 10 ص: 222

13. حضرت داتا گنج بخش مخدوم علي هجويري رحمة الله عليہ، ڪشف المحجوب

14. عوارف المعارف : 200

15. نشاة التصوف الاسلامي

16. عوارف المعارف : 200

17. عوارف المعارف :202

18. نشاة التصوف الاسلامي  ، ص : 11  و عوارف المعارف :200

19. نشاة التصوف الاسلامي 

20.            عوارف المعارف :204

21. سورة البقرة  س : 2، اية 273

 

نئين نسل جي شعور ۾ محمد ابراهيم جويي جو ڪردار

 

 

 

 

مير محمد پيرزادو

 

ساڃهه، سرت، سمجهه، ڄاڻ ۽ (Knowledge) هڪ ئي حقيقت جا مختلف نالا آهن. ان ساڃهه جي فرق سبب انسان، جيڪو حيوان ناطق آهي، سو ٻين حيوانن کان الڳ ليکيو ويندو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن انسان ۾ انهيءَ ساڃهه جي کوٽ آهي ته پوءِ سمجهبو ته ان انسان، باوجود پنهنجي احسن مقام جي، پاڻ کي زوال پذير ڪندي، ادنيٰ حيواني درجي تي پهچائي ڇڏيو آهي: ڇو ته انسان فقط ٻن اکين، ٻن ٻانهن، ٻن ڄنگهن سان گڏ ماس جي لوٿڙي جو نالو نه آهي: پر اهي ڪي خاص خصلتون آهن، جن جي ڪري هو انهن سڀني بيان ڪيل وصفن وارو ساهوارو، اعليٰ ۽ احسن تخليق آهي، جنهن جهڙو هن سموري ڪائنات ۾ ٻيو ڪو به اعليٰ مقام وارو جيءُ ڪونهي. انسانُ، مڙني خصلتن مان ساڃهه، ڄاڻ، سمجهه ۽ سُرت واري خصلت جو صدر مقام آهي ۽ جنهن کان سواءِ ٻيون سڀ خصلتون بيڪار ٿين ٿيون.

سوال ٿو اُٿي ته اها ساڃهه، ڄاڻ، سمجهه، سُرت ۽ شعور ڪٿان ايندو، ته ان لاءِ چيو ويو آهي ته

پاڻهي ايندو هوت، آنءُ به ڪجهه اڳڀري ٿيان. (شاهه)

يا

پهريان تون پاريج، پارڻ پوءِ پنهونءَ تي،

ٻول نه وساريج، هو جو ڪُيئه هوت سان،

(شاهه)

يعني اهو پهريون شرط آهي لگن، چاهت، تمنا يا ضرورت جو احساس، جيڪو پيدا ڪرڻو آهي. ان کان پوءِ مڪمل حواسن کي ان جي حصول لاءِ هڪيو تڪيو رکڻو آهي: جنهن مان اها بصيرت پيدا ٿيندي، جنهن ذريعي اهليت ڪائنات جي ذري ذري مان ساڃهه، ڄاڻ، سرت، سمجهه ۽ شعور حاصل ڪري سگهبو.

واٽ وندر جي، وڻ پيا ڏسيندا!

--

ڏونگر منجهان ڏس، پوندئي هوت پنهون جو!

(شاهه)

پوءِ ئي صحيح معنيٰ ۾ دنيا درسگاهه ٿي پوندي ۽ روزمره جا واقعا استاد ٿي پوندا، ۽ انسان انهن منجهان اها بيمثال ميراث يعني ساڃهه، سمجهه، ڄاڻ يا شعور پرائي سگهندو، جيڪو کيس ٻيءَ سموريءَ تقويم کان احسن بنائيندو.

انسان کي پهريون اهم سبق ئي اهو مليل آهي ته ’علم حاصل ڪر پينگهي کان قبر تائين.‘
يا ’ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪر‘ توڙي توکي ان جي حصول لاءِ چين ولايت ڇو نه وڃڻو پوي.‘ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ، ان سان لنءُ لڳائي محبت ڪرڻي ۽ عشق ڪرڻو ٿو پوي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ اها مومل جي ماڙيءَ واري اهڙي ناتر آهي، جيڪا اڌ واٽ تان پاڻ ڇڏائي، اوڏانهن ويندڙ کي بتال ڪري، ڀنڀلائي ۽ اوائي توائي ڪري هلي ويندي آهي. فقط ان ساڃهه سان ڪيل عشق کي ئي اها سورن جي سگهه آهي، جيڪا ساڃهه کي چاهيندڙ ڪردار جي شڪتي بنجي، هر ناتر جي چوٽي پڪڙي، ساڃهه جي مومل جي ماڙيءَ جي حصول لاءِ (انسان بنجڻ لاءِ) عشق جي واردات برپا ٿي ويندي آهي، ته پوءِ ان سان ڪَسِيُنِ
(Channels) ۾ وهندڙ پاڻي به ڳالهائيندو آهي، هوا به حال اوريندي آهي ۽ وڻن جو پن پن به پچارون ڪندو آهي- جن ذريعي ساڃهه سان عشق ڪندڙ، ساڃهه جي منزل جي حصول واريءَ واٽ تي ڇُلانگ ڏيندو، ٻرانگهون ڀريندو، اڳتي ئي اڳتي روان دوان رهندو آهي.

سور هليا هئس ساڻ، تڏهن ڪشالا ڪوهه ڪري وئي!

(زمان شاهه)

ان عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.

(شاهه)

هونئن ته اها ساڃهه، قدرت جي نظارن، موسمن جي مٽاسٽا، پيچرن جي علحدگين ۽ زندگيءَ جي حادثن مان ڪڏهن به حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر ان جي حصول جو نه ڪو آهي سنڌو نه ڪو سيڙهو، نه ڪو انت نه ڪو ڇيهه، نه ڪا شروعات نه ڪا پڄاڻي:

عدد ناهه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.

--

نڪا ابتدا عبد جي، نه ڪا انتها.

--

نابوديءَ نيئي عبد کي اعليٰ ڪيو.

                        (شاهه)

ٻيو ته ڇا، پر هڪ ادنيٰ تخليق ’سُئي‘ آهي، جنهن سان ڳنڍ ٽوپو ڏنو ۽ ڪپڙا سبيا ويندا آهن، ان جون انيڪ خوبيون هڪ طرف، پر پوءِ به اها خود هزارين ڪپڙا سبي سدائين اگهاڙي رهندي آهي- يعني اها پنهنجي بيجان وجود کي ايتري اهميت نه ڏيندي، ساهوارن انسانن جي اوگهڙ ڍڪڻ کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي: يا ائين چئجي ته ٻين جي اوگهڙ ڍڪڻ جو باعث بنجندڙ سُئي، ان عظيم عمل ۾ بي لوث رڌل هئڻ ۾ جيڪا خاصيت رکي ٿي، دنيا جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي فقط سُئيءَ جي ان هڪڙيءَ وصف جي ساڃهه حاصل ڪرڻ ۽ شعور پرائڻ لاءِ هيءَ هڪ حياتي ناڪافي ٿو سمجهي ۽ ان وصف جي ڀيٽ ۾ بادشاهيءَ کي به هيچ ۽ نيچ ٿو سمجهي:

پاڇا هي نه پاڙيان، سرتيون سُئيءَ ساڻ،

ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،

ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، اِبرَ جي اوصاف کي.

(شاهه)

ان ڄاڻ، علم ۽ شعور جي سکيا جو ڪم الله تعاليٰ روز اول کان پنهنجي باصلاحيت خوبين جي ڀنڊارن ۽ شعور جي منبعن يعني پيغمبرن کان پئي ورتو آهي: جنهن کي ئي فقط تخليقي ڪم، اعليٰ ۽ افضل عمل ڪوٺيو ويو آهي- ته چئبو ته انساني خدمت ۽ تخليقي عمل جي ڪسوٽي به اها ئي وڃي ٿي بيهي ته ڪنهن بي لوث حيثيت سان ڪيترو ساڃاهه، ڄاڻ، علم ۽ شعور جو ڦهلاءُ ڪيو ته ان جي حيثيت آهر ان ڪردار جي حيثيت بيهي، طئه ٿئي ۽ اعلان جي ۽ ان شخص جي ان تخليقي پورهئي کي پيغمبراڻي پيشي طور ڳڻي سگهجي.

زندگيءَ جا رستا ڀلي ڪيترا به پُر پيچ ۽ اونداها هجن، پر اها زندگي گهاريندڙ انسان اندر پيدائشي طور هڪ نور جو ڪرڻو ۽ موتي موجود آهي. هو جيڪڏهن ان نور جي ڪرڻي کي اجاگر ڪري ٿو، ته ان تان وهمن، وسوسن، شڪن ۽ گمانن جي دز ڌوئي صاف ڪري ٿو ۽ اندر جي آرسي چٽي رکي ٿو. منجهس ان موتيءَ جو قدر، ماڻ ۽ ماپو ڄاڻي ٿو، جنهن کي ’عرفان‘ چئبو آهي- ۽ پوءِ ان زندگيءَ جي پرپيچ پيچرن جا ور وڪڙ منور ٿيو ٿا پون، اونداهيون مٽجي روشني ٿيو پون، ڪو به ڳجهه، ڳجهه نه ٿو رهي. ڪائنات جون رمزون هٿ تريءَ جيان چٽيون ٿي وڃن ٿيون:

موتي منجهه انسان، عالم ڪنان اڳرو،

اتاهون عرفان، جن ورتو سي وترا.

(سلطان الاولياءُ محمد زمان رح)

اُسِرُ اُڀن ڏانهه، مڇڻ رهين رُڃَ ۾،

جُزي جائز ناهه، ڪُل ريءَ ڪٽڻ ڏينهڙا.

(سلطان الاولياءُ محمد زمان رح)

ان عرفان (سمجهه، ڄاڻ، علم ۽ شعور) کان پوءِ ڄڻ ته هٿ تريءَ تي ڏيئو رکجي ويو هجي، جنهن کي تيز ۽ تند طوفان به وسائي نٿا سگهن ۽ جنهن سان زندگيءَ جي پر پيچ اونداهن رستن جو منجهيل سُٽُ به سلجهي پوي ٿو:

ڏور مَ ڏيئان ڌار، ڏورج ڏيئو هٿ ڪري،

ان اوندهه انڌوڪار، لکن کي لوڙهي نيو.

(شاهه)

اسان جي هن وسيع ڪائنات جي ڦهليل ڪئنواس تي ’سنڌ‘ نالي به هڪ ديس آهي، جنهن جي سينڌ، سنڌو درياهه، ڀنڀا ڪَڪا وار ڀڳي ٽوڙهي جا جبل ۽ وُٺي ۾ موريل ٿر جا ولهار، ان جي پير جي پايل جا گهنگهرو لڳندا آهن:

وُٺي جيئن مورن، اوڀر ولهارن ۾

(شاهه)

جتي پوريءَ ڪائنات جي مذهبي اوتارن ڪجهه وقت لاءِ پنهنجا تڪيا پئي ڪيا آهن ۽ عظيم فيلسوفن سندن فلسفن کي پئي سراڻيو آهي؛ جنهن ۾ جين ڌرم کان اسلام تائين ۽ زردشٽ کان گوتم ٻُڌ تائين پنهنجي مؤقف جا مير مٽايا آهن ۽ پنهنجي فلسفن کي واضح ۽ شفاف بڻايو آهي؛ جتان جي معصوم انسانن جا مزاج وحدت الوجودي ڪيفيت ماڻي ويل آهن. جن پنهنجيءَ پوري تاريخ ۾ ٻين قومن کان ڌوڪا ته پئي کاڌا آهن، پر اها سندن وصف آهي ته هنن پنهنجيءَ سموري تاريخ ۾ ٻيءَ ڪنهن به قوم کي ڌوڪو نه ڏنو آهي. ان ملڪ، ان قوم ۽ ان احساساتي وايو منڊل تي اڄ ڏينهن تائين ڇا ڇا نه وهيو واپريو آهي. جيڪڏهن ان جو تجزيو ڪبو ته نوان ويد جڙي پوندا، پر اُن جي اِن سموريءَ ڪٿا مان هڪ اهڙي سنهڙي سيپڪڙي ڪردار محمد ابراهيم جويي کي مڃتا ڏيڻ، ڀيٽا ڏيڻ، عقيدتون نڇاور ڪرڻ لاءِ چونڊي کڻجي ٿو، جيڪو هاڙهه جي راتين ۾ ڏکڻ جي هير جي هلڪن جهوٽن سان هندوري جيان جهُلي پوندو، پر سندس دَين (Contribution)، تخليقي پورهئي ۽ ساڃهه جي ورهاست واريءَ ڇپ کي سنڌ اندر ايندڙ ماضي ۽ حال جو ڪوبه طوفان نه چوري سگهيو آهي ۽ سالن تائين سنڌ اندر ايندڙ انيڪ طوفان به ان سان ٽڪرائجي ذرا ذرا ٿي ويندا ۽ بيسُود جک ماري نستا ٿي پوندا:

ور ۾ ڪونهي ورُ،، ڏيرن ور وڏو ڪيو،

نهارينديس نڪري، بوتن ڪارڻ بَرُ،

آڏو ٽڪر ٽَرُ، متان روهه رتيون ٿئين.

--

جبل ماري جک، آڏو عجيبن کي،

توڙي لڪن لک، سڀ لنگهنديس سڪ سان.

--

سهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ،

وَههَ وڃايو پاڻُ، هڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.

(شاهه)

محترم محمد ابراهيم جويو، 1915ع ۾ پيدا ٿي، جيئن ئي جوانيءَ جي ڳُريءَ کي رسيو ته هن پنهنجي مادرِ وطن سنڌ تي انگريز سامراجي قوم جو مِڪارانه راڄ ڏٺو؛ جيڪا قوم سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ ڪلچر جي بنهه ابتڙ تهذيب، ثقافت ۽ ڪلچر رکندڙ هئي. ان ثقافتي، تهذيبي، ڪلچري ٽڪراءِ ۾ فوقيت فاتح جي تهذيب، ثقافت ۽ ڪلچر کي ملڻي هئي ۽ ڌڪُ مفتوح (سنڌ) جي ثقافت، تهذيب ۽ ڪلچر کي رسڻو هئو- جيڪو ڪم انگريز سامراج پنهنجي غليظ ۽ ڪريل ذهنن ذريعي ائين ڪري رهيو هو ته هو ننڍي کنڊ جي عظيم ويدانتي ۽ وحدت الوجودي فلسفي جي ڪيل انساني ڀائيچاري ۽ امن- عالم واري پيغام تي پاڻي ڦيري مسلم هندو فساد برپا ڪري، ’ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو‘ واري غليظ نظريي ۽ ڪريل عمل رستي ننڍي کنڊ جي امر ۽ عظيم ثقافتي ۽ تهذيبي ورثي کي تباهه ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ۾ مصروف عمل هو. هن جي ملڪي ۽ رياستي وسيلن جي خرچ سان ۽ سرڪاري ڪارندن جي چالن سان هتي جي ڀائرن جيان رهندڙ ماڻهن کي هڪٻئي جو جاني دشمن ۽ رت جو پياسو بنائي ڇڏيو، جنهن لاءِ محترم حاجي غلام حيدر جروار پنهنجي ڪتاب ’انساني زندگيءَ جو مقصد‘
 (سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد، طرفان جنوري 2000ع ۾ ڇپيل جي صفحي 69 تي) لکيو آهي ته ’پر جيئن ته ننڍي کنڊ جا ماڻهو شعور ۽ سمجهه ۾ انگريزن جي برابر نه هئا، ان ڪري ئي انگريزن هنن کي چالاڪيءَ سان هندو مسلم ذهنيت جو شڪار بنائي، هڪٻئي جي خلاف استعمال ڪيو ۽ پاڻ ۾ ويڙهائي کين تباهه ڪيائون، جيڪي صدين کان وٺي هڪٻئي سان ٺهي ويا هئا ۽ ڀائر بنجي رهيا هئا، تن ۾ نئين سر وير وجهڻ ۽ وڌائڻ ۾ هو ڪامياب ٿي ويا  ۽ هندو ۽ مسلمانن کي اها سمڪ ئي ڪانه پئي ته هو ڪا پنهنجي ٻيڙي پاڻ ٻوڙي رهيا آهن- ڇو ته هنن کي انساني شعور کان وانجهيل رکيو ويو هو ۽ سندن غلام ذهنيت سندن شعوري صلاحيتون ختم ئي ڪري ڇڏيون هيون. صحتمند شعور ۽ بيمار ذهنيت ۾ فرق ته ٿيندو آهي. اها بيمار ذهنيت ئي هئي، جنهنڪري منجهن ويڇو پيو ۽ سڳا ڀائر جدا ٿي ويا.

ان صورتحال جو ٽوڙ اهو ئي مذهب اسلام هو، جنهن کي ڪجهه مفاد پرست سياستدان پنهنجي ذاتي فائدن لاءِ استعمال ڪري رهيا هئا ۽ اهڙي انسان دوست فلسفي جون ڇسيون تشريحون ۽ تاويلون ڪري، ويساهه وسوڙل اٻوجهه عوام کي ڌوڪو ڏئي رهيا هئا. ان ڪري اسلام ڇا آهي، ان جو بين الاقوامي تصرف ۽ اهميت سليس مثالن ۽ مصدق شهادتن سان عوام اڳيان آڻڻي هئي ته جيئن اهي عقيدي جي رَوَ ۾ لڙهي، غلط استعمال نه ٿي وڃن- ان ڪري اسلام جي روح جي صحيح ساڃاهه ڏئي، غلط روين ۽ لاڙن جو ٽوڙ ڪڍڻو هو: انڪري هن مرد مجاهد 29 ورهين جي عمر يعني ڦوهه جوانيءَ ۾ هڪ اهڙو ڪتاب ترجمو ڪيو، جيڪو انهن سمورين حقيقتن کي کولي سمجهائڻ لاءِ ڪافي هو. ڪتاب جو نالو هو"Historical role of Islam: by M.N. Roy" (اسلام جو تاريخي ڪارنامو: مصنف: ايم. اين. راءِ)

ان ڪتاب کي مطالعي هيٺ آڻجي ۽ ان مان فائدو حاصل ڪجي ها، پر ماحول اهڙو برپا ڪيو ويو هو، جو ماڻهن کي هندو- مسلم فسادن مان واندڪائي ئي ڪانه ٿي ملي، جو ڪو ماڻهو اهو ڪتاب پڙهن ۽ پنهنجا ذهن ٺڪاڻي تي آڻين ته اسين هي ڇا ڪري رهيا آهيون. ٻين لفظن ۾ ته ’پاڻي سِرَ کان مٿي چڙهي چڪو هو‘ ۽ مٿي ڏنل حوالي وانگر اهو سڀ ڪجهه آخرڪار ٿي چڪو، جيڪو انگريز سرڪار چاهيو پئي.

محمد ابراهيم جويي صاحب جي نيڪ نيت تخليقي صلاحيتن کي انسانن جي ان بي سُرت عمل ۽ هڪٻئي ڏانهن دشمنيءَ واري رويي ۽ لاڙي تي رحم اچي رهيو هو ۽ هن ٻي تخليقي ڪاوش طور 1947ع ۾ ’سنڌ بچايو، ننڍو کنڊ بچايو‘ (Save Sindh Save the Continen) ڪتاب منظر تي آندو: جنهن جو مقصد هو ته اوهان انسانن جيڪو به عمل جنون رستي ڪرڻ چاهيو ۽ ڪري ڏيکاريو، ان کي ته صحيح سمت ۾ ڪم ۾ آڻيو ۽ هلايو ۽ ماضيءَ جي ڪيل غلطين جو رويي جي درستيءَ سان ازالو ڪريو! هاڻ ته هن خطي ۾ ’بنياد پرستيءَ‘ جي باهه وڌيڪ وقت سهڻ جي طاقت ناهي. جيڪڏهن هن ايشيا کنڊ جي ڏاکڻي حصي جو بچاءُ ۽ بقاءُ ڪرڻو آهي ته ان جو سارو دارومدار سنڌ جي بچاءَ ۽ بقاءَ ۾ مضمر آهي، ڇو ته ايشيا جي هن حصي ۾ سنڌ جي اهميت واري صورتحال (Strategic Position) ئي اهڙي آهي. ان وقت جويي صاحب محسوس ڪيو هو ته هن نئين صورتحال ۾ فقط سنڌ جي ئي ڇوري ٻار واري حالت ٿيندي ۽ هتان جو مَنَ موجي جاگيردار هن ملڪ سنڌ کي ’بخالِ هندوشِ بخشم سمرقند وبخارا را‘ وانگر ڪنهن جي ڳل جي تَرِ تي به قربان ڪرڻ کان نه مُڙندو.

سائين محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجي پيشي (Profession) جي حساب سان تعليم سان واڳيل استاد هو ۽ ساڃهه وند هئڻ جي ناتي به تعليم ۽ ان جي اهميت کان آگاهه هو. ان ڪري هن پنهنجي انيڪ مضمونن، مهاڳن، تقريرن ۽ پيپرن لکڻ سان تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ تعليم تي ٽي ڪتاب (1) ’ايميلي عرف تعليم‘ (ترجمو) 1950ع، (2) ’ٻارن جي تعليم‘ (ترجمو) 1972ع، ۽ (3) ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘ (ترجمو) 1999ع ڇپائي پڌرا ڪيا ته جيئن سنڌ جو نئون نسل تعليم جي اهميت، جديد تقاضائن ۽ علم مان فائدي حاصل ڪرڻ جا گُر چڱيءَ ريت سمجهي سگهي.

ايتري محنت جي باوجود جڏهن جويي صاحب ڏٺو ته ماڻهن مان مذهبي بنياد پرستي، غلط ۽ انڌن عقيدن ۽ بي عمليءَ جا بنياد اڃا ختم نه ٿي سگهيا آهن، ته هن ان جو ڪارڻ صدين جي وهمن، وسوسن ۽ توهم پرستيءَ واري ماحول کي سمجهندي طئه ڪيو ته اهڙا ڪتاب، مضمون ۽ ليڪچر پيش ڪجن، جن سان ماڻهن جي وهمي ۽ عقيدتي سوچ تبديل ٿئي ۽ سائنسي سوچ پيدا ٿئي. ان لاءِ هن ’وحشي جيوت جا نشان‘ (ترجمو: 1976ع ۽ ’گيليلو‘ (ترجمو 1977ع) ڪتاب ڏنا ته جيئن ماڻهو عقيدتمنديءَ جي اوڙاهه مان نڪري علمي دليلن رستي سمجهه حاصل ڪن ۽ سندن سوچ جا زاويا جديد تقاضائن آهر ترتيب وٺن: ڇو ته جنوني سوچ سان عقل جا دروازا بند ٿيندا آهن ۽ جذباتي فيصلا ٿيندا آهن، جيڪي جلد غلط ثابت ٿي ويندا آهن. اهڙن فيصلن سبب سنڌي ماڻهن پنهنجا وڃايل حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجا ساٿي بنائڻ ۽ وڌائڻ بجاءِ وڃايا آهن، جنهنڪري انهن جي حقن جي حصول لاءِ ٿيندڙ پر امن جدوجهد کي ڪچليو ويو آهي ۽ ان مان ڪو کڙ تيل به ڪونه نڪتو آهي. ائين سنڌي ماڻهن جي خوداعتمادي ختم ٿيڻ ۽ منجهن پنهنجي قوت جو غلط ڪاٿي ڪرڻ جا رجحان وڌيا آهن، ۽ جيئن پوءِ تيئن سنڌي ماڻهو پنهنجي حقن جي حصول لاءِ هلندڙ جدوجهد مان دلچسپي وڃائيندو رهيو آهي. ان اعتماد کي ٽيڪ ۽ سهاري ڏيڻ لاءِ جويي صاحب ’عورتازاد‘
 (1983ع)، ’ٻارڙن جو مسيح‘ (ترجمو: 1980ع)، ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (1996)، ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم‘ (1996) ۽ ’ٻولي ادب ۽ تعليم‘ (1998ع) ڪتاب ميدان ۾ آندا ۽ سنڌ جي مردن ۽ عورتن کي احساس ڪمتريءَ مان ٻاهر ڪڍڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ طرح هي ڪتاب سنڌي قوم جي هر فرد لاءِ هڪ رهنما ۽ قطب نما ڪتاب ثابت ٿيا آهن.

اسان وٽ 1971ع کان 1999ع تائين مختلف نظرين تي بحث مباحثا عام ٿيندا هئا ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ انقلاب سياست ۽ ترقي پسند ادب جي تربيت ٿيندي هئي. ان دوران سنڌي ماڻهو پنهنجيءَ بي سمجهيءَ وچان ڪن اهڙن نظرين جي ور چڙهي ويا، جن سنڌي قومي وجود جو چٽو انڪار ٿي ڪيو ته ڪن نظرين جي خوبصورت نعرن جي جادوءَ ۾ سنڌي ماڻهن پنهنجي وطن ’سنڌ‘ تهذيب ۽ ڪلچر تان به هٿ ٿي کنيو. انڪري انهيءَ نظرياتي مونجهاري، مختلف نظرين جي غلط تشريح ۽ وطن دشمن نظرياتي يلغار کي منهن ڏيڻ ۽ سنڌين جي ان ڌٻڻ مان جان ڇڏائڻ لاءِ سنڌ جي نوجوانن کي صحيح ۽ اصل تصوير ڏيکارڻي هئي ته جيئن سنڌي ماڻهو پنهنجي قومي تهذيب ۽ ڪلچر وڃائي نه ويهن:

پرت ڇڏ پرڏيهه جي، ساڻيهه ڪج سنڀال،

لکن جهڙي لال، مڃڻ مفت وڃائين.

(سلطان الاولياءُ خواجه محمد الزمانرح)

ان لاڙي ۽ رجحان کي منهن ڏيڻ لاءِ محمد ابراهيم جويي جا ٽي ڪتاب ڏاڍا ڪارائتا ثابت ٿيا: ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘ (ترجمو: 1983ع)،
’فرينچ انقلاب‘ (ترجمو 1990ع) ۽ ’مُٺ مُٺ موتين جي‘ (1997ع).

وري جڏهن پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي مرحوم کي موت جي سزا ٻڌائي ڦاسي ڏني وئي ۽ سوچن تي پهرا بيهاريا ويا ته اهڙي گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ جويي صاحب جو ڪتاب ’فڪر جي آزادي‘ (ترجمو: 1977ع) ڇپجي آيو ۽ سنڌ جي سڄي علمي ماحول تي ڇائنجي ويو. هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿيا ۽ ڏاڍو پڙهيو ويو. هن ڪتاب ۾ پنهنجي فڪر ۽ ان جي اظهار لاءِ تڪليفون سهڻ ۽ وس ڪرڻ جي واٽ ڏسيل هئي ۽ ٻُڌايل هو ته سچ آخرڪار سوڀارو ٿيندو، ان ڪري دلشڪستو ۽ مايوس نه ٿيڻ گهرجي.

محمد ابراهيم جويي صاحب آڏو نظرين جي حيثيت، ديس جي ڪلچر، تهذيب ۽ روايتن کان مٿڀري نه هئي، پر هن نظرين کي ديس جي محبت جي تابع سمجهيو ٿي، ان ڪري جڏهن به ڪو نظرياتي بحث ڇڙيو آهي ته هن ان کي ديس جي محبت جي مطيع ڏيکاريو آهي ۽ انهن جي مقابلي ۾ ديس جي اهميت مسلم ۽ مڃيل ڏيکاري آهي. هن حقيقت کي هن ڪيترن مضمونن، بحثن مباحثن، تقريرن ۽ ليڪچرن ۾ واضح پئي ڪيو آهي؛ ۽ نيٺ هن مقصد لاءِ به هن اسان کي ٽي ڪتاب ’شاهه، سچل، سامي‘، ’هڪ مطالعو‘ (1978ع)، ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘ (1980ع) ۽ ’محڪريءَ جا مضمون‘ (ترجمو: 1985ع) ڏنا، جن مان اسان کي خبر پئي ته هڪ قوم لاءِ جديد نقطه نگاهه ڇا آهي؛ قوم کي پنهنجي تهذيب، ڪلچر، ٻولي، جاگرافيائي حدن سان گڏوگڏ هڪ جاندار تاريخي پس منظر به ٿيندو آهي، جنهن جي آڌار تي اها بين الاقوامي تهذيبي ڪردار جي معيار تي پوري لهي، ان جو هڪ جاندار حصو بنجي ٿي: جتي قوم هڪ بين الاقواميت جي زنجير ۾ پوئجي وڃي ٿي، ته ساڳئي وقت پنهنجي قومي حيثيت به بحال رکيو اچي ٿي ۽ ان کي به ترقي وٺائيندي رهي ٿي ۽ اها ’لکن جهڙي لال‘ به مفت وڃائجي نٿي وڃي.

اسين جڏهن محمد ابراهيم جويي صاحب جي مٿئين ادبي ۽ تخليقي پورهئي تي مختصر نظر وجهنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته هر مونجهاري واري وقت ۾ ۽ هر ڏکئي مرحلي تي جويي صاحب جي ذهن اڇل کاڌي آهي ۽ سندس قلم جنبش ۾ آيو آهي ۽ هُن وقت جي تقاضائن آهر ادب سِرجي، سنڌ جي نوجوان ماڻهن جي رهنمائي پئي ڪئي آهي. ان مسلسل رهنمائيءَ جي ڪري اهو ٿيو آهي ته اڄ سنڌ جا فرد وڏي تعداد ۾ سلجهيل سياسي ڪارڪنن، بهترين اديبن ۽ سماجي سڌارڪن جي صورت ۾ موجود آهن، جن جهڙا ملڪ گير سطح تي باشعور ماڻهو گهٽ ملندا.

ملڪ ۾ جڏهن ڪميونزم جي سوچ وڌندڙ هئي، تڏهن روسي ادب اردوءَ ۾ ترجمو ٿي سنڌ ۾ ڌڙا ڌڙ ايندو هو. ان عرصي جي رپورٽ آهي ته اهو ادب جيترو سنڌ ۾ وڪرو ٿيو ۽ پڙهيو ويو، اوترو شايد ئي پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ وڪرو ٿيو ۽ پڙهيو ويو هجي. ترقي پسند ادب جي تحريڪ ۾ به جيترو سنڌ اڳڀري رهي، اوترو شايد ئي پاڪستان جو ڪو ٻيو ڀاڱو رهيو هجي. اڄ سوڌو سنڌي نوجوانن ۾ جيڪو ترقي پسند شعور موجود آهي، ان ۾ آئون سمجهان ٿو، بلڪ يقيني طرح چوان ٿو ته جيترو ڪردار محمد ابراهيم جويي جي تخليقي پورهئي جو حصو ۽ اثر موجود آهي، اوترو شايد ئي ڪنهن  ٻئي جي ادبي پورهئي جو هجي. مون کي تعجب تڏهن ٿيو، جڏهن مون پڙهيو ته ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي صاحب هڪ هنڌ لکيو ته ’مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ. ڊيءَ جو شوق رکي، جڏهن محمد ابراهيم جويي صاحب سان مليس ته هن مون کي ان ڳالهه لاءِ اتساهيو ته سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ڪارج‘ تي ڪو بنيادي ڪم اڄ تائين نه ٿيو آهي، انڪري جيڪڏهن تون همت ڪندين ۽ ان موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندين ته هڪ بنيادي موضوع عيان ٿي، لکت جي صورت ۾ اچي ويندو ۽ تنهنجي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به ٿي ويندي‘. سندس همٿائڻ جهڙو بنيادي نوعيت جو عظيم شاهڪار ڪتاب ملي ويو ۽ اسان کي ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جهڙو ماهر اسڪالر به مليو. ان مان واضح آهي ته سنڌ جي نوجوانن ۾ پيدا ٿيل ساڃهه ۽ شعور جي تاڃي پيٽي ۾ اڪثر تندون هن ڪاپڙي تخليقڪار جون آهن. جيئن شيخ اياز پنهنجي نظم جي هڪ بند ۾ چيو آهي ته:

چنڊ ستارؤ ساکي ٿيو،

هن لال لهوءَ جي ڇوليءَ ۾،

ڪجهه منهنجون رت ڦڙيون آهن،

جي گيت لڳن ٿا، ٻوليءَ ۾.

(شيخ اياز)

بلڪل اهڙيءَ طرح محمد ابراهيم جويي صاحب جون تخليقي ڪاوشون، سنڌي نوجوانن جي موجوده شعور ۾ پنهنجا پرتوا ۽ جلوا يا تجليون چٽيءَ طرح پسائي رهيون آهن. واقعي هن شخص جي لکيل ڪا به سٽ ۽ ڪو به لفظ اجايو نه آهي، پر ان آزاديءَ جي رستي تي هڪ ڊگهو پنڌ ڪيو آهي.

اي چنڊ ستارؤ ساکي ٿيو،

مون جيڪو گيت چيو آهي،

تنهن آزاديءَ جي رستي تي،

هڪ لمبو پنڌ ڪيو آهي.

(شيخ اياز)

اسين جيڪڏهن سنڌ جي اهڙي جوڳيءَ، کاهوڙيءَ ۽ ڪاپڙي جويي صاحب جي تخليقي پورهئي کي خراج تحسين ڏيڻ چاهيون ته اسان کيس اڳيان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي هيٺين بيتن ۾ ڏئي سگهون ٿا:

ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،

جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،

انهن جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

----

کاهوڙي کرا، سُوڌي خبر پَکيا،

سوجهي جن ڪيا، مٿي اکڻ آهرا.

----

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،

ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ذياءُ،

سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي اُبهين.

(شاهه)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org