ڊاڪٽر نور احمد سنڌي
سنڌ جي تعليم
ڪنهن به قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان
کان تعليم کسي وٺو. ڪنهن ڏاهي جو اهو قول سؤ سيڪڙو
سچ آهي. جڏهن سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو ته ان وقت
هتان جي ذريعه تعليم فارسي هئي ۽ اها به صرف مدرسن
۾ پڙهائي ويندي هئي. عربي زبان، ادب ۽ ٻيا علم
مذهبي عقيدت جي ڪري پڙهايا ويندا هئا. ڪٿي ڪٿي
سنڌي ۾ لکيل هڪ ٻه ڪتاب جيئن نورنامون، مقدمة
الصلواة يا ابوالحسن سنڌي جهڙا ڪتاب انهن شاگردن
کي پڙهايا ويندا هئا جيڪي وڏيءَ عمر جا هوندا هئا
ته جيئن ٿورو گھڻو سکي پون(1). باقاعده عالم ٿيڻ
لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ڏھ سال لڳندا هئا. جنهن ۾ ”درس
نظامي“ پورو ڪرايو ويندو هو. باقي ٿيو خير!
انگريزن جي اچڻ کانپوءِ سنڌي الف ب کي جديد طرز
تي مرتب ڪيو ويو. جنهن ۾ به هڪ وڏي ويساھ گهاتي
اها ڪئي وئي، جو سنڌي ٻوليءَ کي عربي طرز تحرير
ڏنو ويو، حالانڪ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ اکر عربي
الفابيٽ کان وڌيڪ هئا(2). ان لاءِ سهولت خاطر نقطن
(ٽٻڪن) ۾ واڌارو ڪري ڪم هلايو ويو، پر ان ۾ وڏي
مشڪل اها پيش آئي ته سنڌي الفابيٽ کان اڻ واقف
ماڻهو سنڌي پڙهي ۽ سمجهي نٿو سگھي. ان جي ڀيٽ ۾
اردوءَ کي فارسي طرز تحرير جوڙي ان کي پوري ريت
وڌڻ ويجهڻ جا موقعا ميسر ڪيا ويا. جيئن ته سندن
الفابيٽ جو تعداد تقريباً هڪ جيترو آهي. ضرورت آهر
(ھ) جو واڌارو ڪري اکر جوڙي ڪم هلايو ويو، هينئر
هڪ فارسي دان اردو ته آسانيءَ سان پڙهي لکي سگھي
ٿو، پر ڪو به عربي دان سنڌي بالڪل به نه پڙهي
سگھندو، ان لاءِ باقاعدي کيس سکيا وٺڻي پوندي.
ڪمپيوٽر جي جديد دور ۾ به اسان کي ساڳيون
ڏکيائون ڏسڻيون پون ٿيون، ڇو ته ڪوبه ڪي بورڊ
اوهانکي سنڌي لکڻ ۾ مدد نه ڪري سگھندو، ان لاءِ
اسان کي ڌار (ڪمپوزر) لکندڙ ۽ الڳ سوفٽ ويئر جي
ضرورت پوندي. جڏهن ته ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اها
تڪليف ڏسڻي نه ٿي پوي. هر شيءِ مارڪيٽ ۾ ملي وڃي
ٿي. نتيجاً سنڌي لکائي (ڪمپوزنگ) هر ٻوليءَ کان
مهانگي پوي ٿي. ان لاءِ ڪتاب به مهانگو ٿي وڃي ٿو.
جيڪو پڙهندڙ جي پهچ کان مٿي ٿئي ٿو. اڳ ۾ ئي سنڌي
ادب جي مارڪيٽ محدود آهي. انڪري ڪتاب به گھٽ تعداد
۾ ڇاپڻو پوي ٿو ۽ اهو به سنڌي ادب جي مهانگي هئڻ
جو هڪ سبب آهي.
موبائل فونن ۾ به سنڌي سافٽ ويئر نه هجڻ جي ڪري
سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي وڏو نقصان رسيو آهي، سنڌي
پڙهيا لکيا ماڻهو به يا ته انگريزي استعمال ڪن ٿا
يا وري اردو. ايتريقدر جو ٿورو لکيل پڙهيل ماڻهو
به اردوءَ ۾ ميسيج ڪري ٿو. اها ڳالهه هينئر ته گھٽ
محسوس ٿئي ٿي، پر ساڃاهه وند ماڻهو ڄاڻين ٿا، ته
اهو اڳتي هلي پنهنجي ٻوليءَ کان ڪيتري دوريءَ جو
سبب بڻجندو. هاڻي ئي اڪثر ماڻهن جي ذهن ۾ اها
ڳالهه ويهجي ويئي آهي ته ميسيج ته اردو ۾ لکبو
آهي، حالانڪ انگلش الفابيٽ استعمال ڪري جهڙو اردو
۾ لکبو، اهڙو ئي سنڌيءَ ۾، پر پوءِ به اهو ٽرينڊ
بڻجي ويو آهي.
اسان جا سنڌي علماء (عربي دان طبقو)
پنهنجا ڪتاب، مضمون، آرٽيڪل وغيره سنڌيءَ بجاءِ
اردو ۾ لکڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هڪ ته انهن جو ڪتاب
سستو وڪامي ٿو ۽ کين وڏي مارڪيٽ ملي وڃي ٿي.
انڪري ڏسجي ٿو ته هر موضوع تي اردو ۾ ڪتاب سستو ۽
آسانيءَ سان ملي ويندو ، پر سنڌي ۾ جي ملندو ته
ٻولي غير معياري هوندي ۽ ڪتاب انتهائي مهانگو
هوندو.
مدرسن ۾ ته ذريعه تعليم تقريباً اردو ٿي
آهي. چاهي اهو مدرسو ڪنهن ٻهراڙيءَ ۾ ئي ڇو نه هجي
پر، سرڪاري اسڪولن کي ڇڏي تقريباً خانگي اسڪولن ۾
به ذريعه تعليم يا ته انگلش هوندي يا وري اردو ۽
هڪ سبجيڪٽ طور اڻپوري سنڌي نالي ماتر پڙهائي ويندي
جنهن جو ڪو به کڙ تيل نه ٿو نڪري. نتيجو اهو ٿو
نڪري جو سنڌي ٻار ٻين ٻارن کان هر ميدان ۾ پوئتي
رهجي ٿو وڃي. حالانڪه هُو خداداد صلاحيت ۾ ڪنهن
کان به گھٽ ناهي. انگلش ذريعه تعليم نافذ ڪرڻ
لاءِ حڪومت وڏو زور ڏئي رهي آهي ۽ ڪوششون ورتيون
پيون وڃن، پر اهي سڀ بي سود ۽ بي فائدي آهي
جيستائين ٻار کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ لکڻ پڙهڻ
نه ايندو. اهو ڪڏهن به سوچ ۽ فڪر جو مالڪ ۽ عالم
بڻجي نه سگھندو. هن جي سوچ ته مادريءَ ٻولي ۾
هوندي جيڪو سوچيندو اهو سنڌيءَ ۾ هوندو، پر ان کي
ترجمي طور اهو اردو يا انگريزيءَ ۾ پيش ڪرڻو
پوندو ۽ هُو پنهنجو مافي الضمير صحيح طرح سان پيش
نه ڪري سگهندو ۽ نتيجتاً ان تي مايوسي ڇانئجي
ويندي ۽ هُو هميشه مايوس رهندو.
خانگي اسڪولن مان ڪجهه کي ڇڏي باقي جو
حال گورنمينٽ اسڪولن کان به بدتر آهي، اتي مختص
نصاب به ڪونه ٿو پڙهايو وڃي. ڪورس ايترو ته ڏکيو
رکيل آهي جيڪو اتان جي استادن کي به ڪونه ٿو اچي.
اهو ٻارن تائين ڪيئن منتقل ٿيندو جيڪو ٽيچر ٻه
هزار يا ٽي هزار روپيا ماهوار تي مقرر ٿيندو، ان
جو پڙهائيءَ جو معيار به اهوئي هوندو، نالي ۾
خانگي اسڪول ۾ پڙهن ٿا، ڳرا ڳرا ٿيلها کڻي ٽائيم
تي اسڪول پهچن ٿا، پر علم فقط سندن ٿيلهن ۾ ئي بند
رهجي ٿو وڃي، نه ڪو استاد تائين ٿو پهچي نه ئي
شاگردن تائين. فقط ڪجهه سوال رٽائي امتحان ڏياري
ٻارن کي پاس ڪيو وڃي ٿو ۽ ڳريون ڳريون فيون وصول
ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ڪجهه والدين فيون ڀري تنگ ٿين
ٿا ته وري گورنمينٽ اسڪولن جو رخ ڪن ٿا. نتيجتاً
ٻار نه هتان جو رهيو نه هتان جو. ڪورس تبديل،
طريقه تعليم تبديل، استادن جو رويو تبديل، ان ۾
ٻار بلڪل ايڊجسٽ نه ٿي سگھندو آهي. ائين ان جو
ڪيريئر بالڪل تباهه ٿي وڃي ٿو. جيڪي سٺا ادارا آهن
انهن جون وري فيون ايتريون ڳريون آهن، جو غريب ته
ٺهيو، پر وچولو ۽ پگھاردار طبقو به اتي پنهنجا ٻار
داخل ڪرائڻ لاءِ ڏھ دفعا سوچيندو. غريب جو ٻار اتي
داخل ٿي به ويو ته وري ان جو اهو اسٽينڊرڊ نه
رهندو. اميرن جا ٻار وڏين وڏين گاڏين ۾ اچن. قسمين
قسمين لنچ باڪس، ڪولڊ ڊرنڪس کڻي اچن ۽ هيءَ ويچارو
پنڌ اچي يا وڌ ۾ وڌ رڪشا ۾. خرچيءَ لاءِ کيس ايترا
پئسا به نه هجن جو ڪا شيءِ خريد ڪري سگھي ته هُو
احساس ڪمتريءَ سان گڏ احساس محروميءَ جو به شڪار
ٿي وڃي ٿو ۽ انهن ٻارن سان گڏ اڳتي نه ٿو وڌي
سگھي، پر جيڪڏهن والدين کي اڃا وڌيڪ ٻار هجن ته
انهن لاءِ خرچ برداشت کان بلڪل ٻاهر ٿي وڃي ٿو ۽
هُو پنهنجا ٻار سٺن اسڪولن ۾ پڙهائڻ جو سوچي به
نٿا سگھن.
هر طرح سان تعليمي نظام تباهه ٿيندو پيو
وڃي. خانگي اسڪولن جا ته مالڪ ڪجهه نه ڪجهه چيڪ
اينڊ بيلنس به رکن ٿا، پر اهو به ڊسيپلين جي حد
تائين، اسٽينڊرڊ ايجوڪيشن ڏانهن سندن توجهه گھٽ
رهي ٿو. انهن جو ان ڳالهه سان واسطو به نه آهي.
اهي ڪي تعليمي ماهر يا همدرد نه هوندا آهن، پر هُو
فقط سيڙپ ڪري نفعو حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن.
سرڪاري اسڪولن جو ته بلڪل ٻيڙو ٻڏل آهي.
انهن مان اڪثريت پڙهائڻ لاءِ تيار ناهي. فقط انهن
جو ڪم پگھار سان آهي جيڪو ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم تحت
کين هر مهيني بنا تڪليف جي گھر ويٺي ملي وڃي ٿو.
ايڊمنسٽريشن سائيڊ تي به ڪيترائي ڇرڪائيندڙ انڪشاف
ٿين ٿا، ڪي اهڙا گوسڙو ٽيچر ڏٺا ويا جن پنهنجي
سروس دوران ڪڏهن پنهنجي پوسٽنگ پليس به نه ڏٺي
آهي. ڪڏهن اسڪول جو مُنهن به ناهي ڏٺو جڏهن ته
سروس ختم ٿيڻ واري آهي ۽ هُو رٽائرمينٽ وٺڻ وارا
آهن. ڪجهه ڪيس اهڙا به ڏٺا ويا ته استاد پنهنجي
پوري سروس هڪ ئي اسڪول ۾ پوري ڪئي يعني جتي کيس
پهرئين پوسٽنگ ملي، اتان ڪڏهن به هُو ٽرانسفر نه
ٿيو ۽ اتان ئي سروس پوري ڪري رٽائر ٿي ويو.
ڪيترائي اهڙا استاد به آهن جيڪي ڊيوٽي ته
نالي ماتر ڪن ٿا . اسڪول روز وڃن ٿا، اُهي ڪڏهن به
پيرڊ وٺي پڙهائن ڪونه ٿا، فقط اسڪولن ۾ ويهي ويهي
واپس هليا ٿا وڃن. ڪجهه اهڙا به استاد آهن جيڪي
ڪلاس ۾ ته وڃن ٿا، پر کين پڙهائڻ بلڪل نٿو اچي،
پيرڊ پورو ڪري جهڙا آيا تهڙا ويا ائين ته تعليم ڪو
نه هلندي. آفيسن جو به اهو حال آهي جو ڪو به پنو
پئسن کان سواءِ هڪ ٽيبل کان ٻي ٽيبل تي نه ٿو
پهچي، ڀلي ڪنهن جو جائز ڪم هجي، پر سالن جا سال
رلندو رهي، ڪجهه نه ورندس.
اهڙو دور اچي ويو آهي جو ايمانداريءَ سان
ڪم ڪرڻ ۽ ڊيوٽي ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن ڪو
به آفيسر يا استاد ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿو
ته کيس رجعت پسند، دقيانوس ۽ بيوقوف هجڻ جا طعنا
ملن ٿا، ڪوبه آفيسر ڪنهن زيردست تي قدم نٿو کڻي
سگھي جيڪڏهن ڪا اصلاح جي ڪوشش ٿو ڪري ته سوين
رڪاوٽون آڏو اچيو وڃن. سياست ۽ ذاتي مفاد گڏجي ان
جي رستا روڪ ڪن ٿا.
امتحاني سسٽم به مدي خارج ۽ ناڪاره بڻجي
چڪو آهي. اٺين ڪلاس تائين جيڪي بنيادي ڪلاس آهن
انهن ۾ امتحان نالي جي ڪا به شيءِ ناهي، صرف هڪ
رسم جي پورائي ڪئي وڃي ٿي، ڪٿي ڪٿي ته اها به ختم
ٿي چڪي آهي، ٻار ڪجهه لکي نه لکي رزلٽ ۾ سڀ پاس.
ايتري قدر جو امتحان ۾ غير حاضر ٻار به پاس ٿيو
وڃن ۽ گھر ويٺي رزلٽ ٺهي وڃي ٿي، مطلب ته امتحان
جو ڪو به مقصد نه رهيو آهي. بورڊ جي امتحان ۾ وري
ڪاپي جي ڌم. ڊيوٽي ڪندڙ عملو صرف فزيڪلي موجود
هوندو آهي، باقي ان جو ڪو به ڪردار نٿو نظر اچي،
فقط ڪجهه ڪرڻ چاهي ته اها به انهن اميد وارن جي
ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مدد ڪري سگھي ٿو، باقي سڀ
خير.
ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو حال به ساڳيو آهي.
اتي وري ٻن سالن جو ڪورس چار يا پنجن سالن ۾ ڪرايو
وڃي ٿو. ڪو به ڪم وقت سر نه ٿيندو . وري مٿان اهو
ناحق ته اوهان جو ٽائيم پيرڊ ختم ٿي ويو، وري
وڌرايو. اهو پراسز ڪندي وري وڌايل ٽائيم ختم ٿيو
وڃي .
مطلب ته ڪو به ماڻهو پنهنجي ذميواري نه ٿو
سمجهي. سڀني کي حقوق ته ياد آهن، پر فرائض ڪنهن کي
به ياد نه آهن .
نيٺ ڇا ڪجي؟
هاڻي به جيڪڏهن اسان اک نه پٽي سجاڳ نه
ٿياسين ته نارائڻ شيام جون سٽون ڪٿي سچ نه ثابت ٿي
وڃن. ”الا ائين م هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي هئي سنڌ ۽
سنڌ وارن جي ٻولي(3).“
ان لاءِ هر ساڃاھه وند فردن کي پنهنجو
پنهنجو فرض ڀرپور نموني سان ادا ڪرڻو پوندو ۽
ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. هڪ ننڍڙي ملازم کان
وٺي وڏي ۾ وڏي آفيسر تائين هر ڪنهن کي الله تعالي
جو خوف سمجهي نباهڻو پوندو. عملي قدم کڻڻا پوندا،
جهاد ڪرڻو پوندو.
شاگرد پنهنجو ڀرپور توجهه تعليم ڏانهن ڏين
جيڪو استاد نٿو پڙهائي ان جي خلاف اعليٰ اختيارين
تائين پاڻ يا والدين جي توسط سان ڳالهه پهچائن ڇو
ته تبديلي ۽ انقلاب هميشه هيٺين سطح کان ايندو
آهي.
1. سياست کي تعليم کان بالڪل الڳ ٿلڳ هئڻ گھرجي.
پرائمري ٽيچر کان وٺي پروفيسر تائين سڀ ڪميشن
ذريعي ڀرتي ڪيا وڃن، ان تي ڪا به سوديبازي يا
ڪمپرومائيز نه ڪيو وڃي.
2. مرحليوار استادن جا اسڪيل وڌائي ابتدا 17 گريڊ
کان ڪئي وڃي پرائمري استاد به ڪميشن پاس هئڻ
گھرجن.
3. خانگي ادارا ختم ڪري يڪسان نظام تعليم رائج ڪيو
وڃي. معياري تعليم تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو وڃي.
4. هر استاد يا آفيسر کي ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي
لاءِ ساڳي جاءِ تي نه رکيو وڃي، ان جي لازمي بدلي
ٿيڻ گھرجي.
5. ڪوتاهي ڪندڙ استاد جي جنهن جي ڪلاس يا سبجيڪٽ
جي رزلٽ 50 سيڪڙو کان گھٽ اچي، ان جي هڪ سال جي
انڪريمينٽ ختم ڪئي وڃي. ٽن سالن تائين لڳاتار جنهن
جي رزلٽ 100 سيڪڙو اچي ان کي هڪ اضافي انڪريمينٽ
ڏني وڃي.
6. هر ٽن سالن ۾ استادن کي نون تعليمي طريقن سان
متعارف ڪرائڻ لاءِ ريفريشر ڪورسز ڪرايا وڃن جيڪي
سڀني سبجيڪٽن لاءِ الڳ الڳ هجن.
7. تعليمي ماهرن جا ليڪچر ۽ سيمينار منعقد ڪرايا
وڃن، جيڪي يوسي يا تعلقي سطح تي هجن.
8. ٽن سالن تائين رزلٽ نه ڏئي سگھندڙ استاد کي
تعليم کاتي کان فارغ ڪيو وڃي.
9. مدي خارج تعليمي نصاب تبديل ڪيو وڃي، غير ضروري
ڳالهيون نصاب مان خارج ڪري مختصر ۽ ٻار جي استعداد
مطابق نصاب تيار ڪيو وڃي جيڪو علائقي پٽاندر هجي.
10. غير ضروري ٻولين جو بوجهه ٻارن تان گھٽايو
وڃي.
تعليمي رزلٽ تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم
ٿيندو ته تقريباً هر اسڪول ۾ عربي ٽيچر هجڻ جي
باوجود ڪو به ٻار اڄ تائين اسڪول مان عربي جو لفظ
به سکي نه ٿو نڪري. جڏهن ته عربي ٽيچرس کي ٻين
استادن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عزت ملندي آهي، انهن جا
پروموشن به تڪڙا تڪڙا ٿين ٿا. جلد ئي 19 گريڊ جي
پگھار کڻڻ لڳن ٿا، پر نتيجو بلڪل 0 آهي. ميٽرڪ پاس
ڪرڻ کان پوءِ ٻار ڪجهه نه ڪجهه انگريزي پڙهي لکي
سگھي ٿو، حساب ڪري سگھي ٿو. سائنس جي معلومات ڏئي
سگھي ٿو، سنڌي يا اردو پڙهي لکي ڳالهائي سگھي ٿو،
پر عربي جي عين کان به واقف نه هوندو. اهڙي ئي
نموني ٻيا ٽيڪنيڪل استاد جيئن ڊرائينگ، زراعت،
بجلي جو ڪم، يا ڪاٺ جو ڪم سيکاريندڙ استاد به
اسڪولن ۾ موجود ته آهن، پر ٻار جڏهن اسڪول مان
فارغ ٿي نڪري ٿو ته ان کي انهن ڪمن جي ڄاڻ بلڪل 0
جي برابر هوندي آهي. هن مان مراد ڪنهن کي هروڀرو
تنقيد جو نشانو بڻائڻ ناهي، پر حقيقتن ۽ المين تان
پردو کڻڻ آهي، ان جو مان وڏو سبب انهن ڪمن جي جانچ
پڙتال نه ٿيڻ آهي چيڪ اينڊ بيلنس ناهي، گهڻو ڪري
آفيسر عربي دان نه هوندو آهي، ان ڪري ڪڏهن به ڪو
عربي مان سوال يا ان بابت پڇا ڳاڇا ناهي ڪندو، پر
عربي ٽيچر علماء ڪرام کي سوچڻ گھرجي ته انهن کي به
الله تعالي آڏو جواب ڏيڻو آهي. ديني تعليم ڏيڻ
ائين به ثواب جو ڪم ۽ ديني فريضو آهي، پر جڏهن
معاوضو وٺي به تعليم نه ڏني وڃي ته ان کي ڇا
چئجي؟
امتحاني سسٽم:
امتحاني سسٽم به بلڪل مدي خارج ٿي چڪو
آهي، ان جي تبديليءَ جي في الحال ته ڪابه اميد نظر
نه ٿي اچي، پرائمريءَ ۾ سپروائيزر پنهنجي ٽيم سان
گڏ وڃي ٿو، صرف ۽ صرف رسمي سوال جواب ڪري مانيون
کائي موٽي ٿو اچي، ڪنهن ٻار ٻڌايو ڪنهن نه ٻڌايو،
سڀ برابر. اندازي تي مارڪون ڏيئي رزلٽ ٺاهي وڃي
ٿي. ڪٿي ته اها رسم به پوري ڪا نه ٿي ٿئي. اسڪول
بند ئي رهي ٿو، گھر ويٺي رزلٽ ٺهي ٿي، مڊل اسڪولن
۽ هاءِ اسڪولن جو به ساڳيو حال آهي، رسمي طور پيپر
ٺاهيا وڃن ٿا جيڪي بلڪل غير معياري ٿين ٿا، وري
انهن جون ڪاپيون بلڪل چيڪ نٿيون ڪيون وڃن، اندازي
تي رزلٽ شيٽون ٺهي وڃن ٿيون. پڙهندڙ، گسائيندڙ، نه
ايندڙ سڀ برابر. پر جيڪي امتحانن ۾ به ٻار غير
حاضر رهن ٿا. اهي به پاس ٿي وڃن ٿا.
بورڊ جي امتحانن ۾ وري ريٽ لڳل هوندا،
آهن رسمي طور امتحان ٿين ٿا، اتي به ڪاپي جي ڌم،
پر گريڊ وٺڻ لاءِ به اوهان کي پئسا ڀرڻا پوندا نه
ته کٽن ڀاڳ. چيڪنگ صرف رسمي طور ٿيڻي آهي اڻ
لاڳاپيل ماڻهو جن جو ان سبجيڪٽ سان واسطو به نه
ٿو ٿئي، صرف بورڊ ۾ ڄاڻ سڃاڻ هجي اهو ڪاپيون چيڪ
ڪري ٿو. صرف پنا ورائي مارڪون لکي ٿو، وري انهيءَ
امتحاني سسٽم جو پڙهندڙ ۽ محنت ڪندڙ ٻار يا استاد
تي ابتو اثر ٿئي ٿو. جڏهن کين محنت جو ڦل ڪٿي به
نظر نه ٿو اچي، ته هو ڇو محنت ڪن!
ان لاءِ بتدريج هيٺيان اقدام ڪرڻا پوندا:
1. پهريون فوڪس پرائمري تعليم هئڻ گهرجي،
انهن جو نصاب بهتر ڪري مضمونن جو بوجهه گهٽائي
ٿورو ئي ٿورو، پر معياري نصاب ٺاهي ۽ امتحاني سسٽم
کي بهتر بنايو وڃي، ڪوتاهي ڪندڙ هر ذميوار کي سزا
ملڻ گھرجي محنت ڪندڙ کي انعام ملڻ
گھرجي.
2. مڊل اسڪولن جو امتحاني نظام سڌاريو
وڃي. پيپر پوري ڪورس مان ٺاهيو وڃي، جنهن جو بنياد
تخليقي هجي، پيپر اهڙو هجي جيڪو محنت سان حل ٿئي
نه ڪي رٽو لڳائڻ يا ڪاپي ڪرڻ سان. ان لاءِ به
مضمونن جو بوجهه گھٽ ڪيو وڃي، سماجي اڀياس،
اسلاميات ۽ عربي کي گڏائي هڪ مضمون طور پڙهائي
سگھجي ٿو، ڪورس ۾ ٿوري گھڻي ردوبدل ڪرڻ سان هر
استاد کي سندس تعليمي سندن ۽ دلچسپيءَ مطابق مضمون
پڙهائڻ لاءِ ڏنا وڃن ۽ پوءِ به رزلٽ نه ڏئي سگھندڙ
استاد کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي. ڪاپيون چيڪ ڪرڻ لاءِ
اسڪولن جي انٽرچينج ڪئي وڃي يا تعلقي آفيس يا
ڊسٽرڪٽ آفيس ۾ سينٽر ٺاهي مختلف اسڪولن مان استاد
گھرائي، پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڪاپيون چيڪ ڪرايون وڃن،
چيڪ اينڊ بيلنس سسٽم ضروري هجڻ گھرجي، ٻيءَ صورت ۾
هر قدم ۽ هر محنت رائيگان ويندي. ائين ڪرڻ سان
عوام جو به اعتماد بحال ٿيندو. جڏهن سرڪاري
اسڪولن ۾ معياري تعليم ميسر هوندي ته خانگي
اسڪولن ڏي وڃڻ جو رجحان ازخود گھٽجي ويندو ۽
گورنمينٽ اسڪول وري آباد ٿي ويندا.
بورڊ جا امتحان به اهڙي طرز تي ورتا وڃن
ته جيئن ڪاپيءَ جي گنجائش نه رهي، مختلف پيپر
ٺهرائي هر شاگرد کي ٻئي کان مختلف پيپر حل ڪرڻ
لاءِ ڏجي. ٿوري گھڻي ردوبدل ڪرڻ سان به وڏو فرق
پئجي سگھجي ٿو.
اهڙا عملي قدم کڻڻ سان اميد آهي ته نظام ڪجهه بهتر
ٿي سگهي ٿو.
حوالا
1.
جوڻيجو عبد الجبار ڊاڪٽر، 2004ع، سنڌي ادب جي
مختصر تاريخ ص 28، لاڙڪاڻو: گلشن پبليڪيشن.
2.
ايضاً.
پروفيسر محمد شريف ”شاد“ سومرو
ڪلهوڙا دور ۾ ٺٽي جا نامور عالم
سنڌ، صدين کان سکيو ستابو ساڻيهه رهيو آهي. جنهن
جي پنهنجي هڪ الڳ، دنيا کان نرالي تاريخ ۽ تهذيب
رهي آهي. انهيءَ تهذيب ۽ تمدن تي ڪيترائي ڪتاب
لکيا ويا آهن. ڌارين به هت اچي هن ملڪ جي تعريف
ڪئي ۽ ان جي تاريخ تي ڪتاب جوڙيا.
سنڌ جي نرالي تاريخ ۽ تهذيب ۽ خوشحال هئڻ سبب
سدائين ڌارين جي بري نظر هيٺ رهيو آهي. انهيءَ ڪري
هيءُ ملڪ سدائين انقلابن ۽ مختلف قومن جي هٿ هيٺ
رهيو آهي. سنڌ سدائين امن جو گهوارو رهيو آهي پر
ڌارين جي يلغار سبب پيسجندو ۽ لُٽجندو رهيو آهي.
تاريخ شاهد آهي ته هن وقت تائين هن ملڪ تي ڪيترين
ئي قومن حملا ڪيا آهن. عربن کان وٺي ويندي ارغون،
ترخان ۽ مغلن تائين، سڀني پئي سنڌ کي لُٽيو ۽ ڦريو
آهي.
مغل جڏهن ڪمزور ٿيا ته ڪلهوڙن زور ورتو ڪلهوڙا
مقامي ماڻهو هئا، جن جي مادري زبان سنڌي هئي. جنهن
ڪري عوام انهن جو ساٿ ڏنو. ڪلهوڙن جي حڪومت ته
قائم ٿي وئي ليڪن سياسي طور ڏچي ۾ رهيا. ميان يار
محمد ڪلهوڙو حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي آزاديءَ جو
علمبردار هو.
هن ئي دور ۾ شاهه عنايت شهيد لانگاهه جي شهادت جو
درد ناڪ واقعو رونما ٿيو. ٿر جي سوڍن شورشون ڪيون.
نادر شاهه حملو ڪيو ۽ شڪارپور واري پرڳڻي کي قنڌار
سان ملائي ڇڏيو. ان کان پوءِ احمد شاهه ابدالي به
سنڌ جي لٽ ڦر ڪئي. جنهن کان پوءِ سنڌ افغانن جي ڏن
ڀرو ٿي. آخري ڏينهن ۾ مدد خان پٺاڻ به چڙهائي ڪئي.
وڏي ڦر لٽ ۽ خونريزي ڪئي. نتيجي ۾ سنڌ جو سڪون
تباهه ٿيو.
”ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ تي ڌارين جيڪي ڪاهون ڪيون تن
مان نادر قلي (نادر شاهه- 1739ع) احمد شاهه ابدالي
(1754ع) ۽ مدد خان پٺاڻ- (1780ع) بدنامي جي روپ ۾
مشهور آهن. نادر قلي، ازبڪن جو ڀڳل قيدي، هڪ
ايراني امير جو نوڪر هو، جنهن کي هن وجهه وٺي قتل
ڪري سندس ڌيءُ ڀڄائي ويو، پوءِ ڌاڙيلن جي وڏي ٽولي
ٺاهي سڄي ملڪ ۾ ڌاڙا هڻڻ لڳو(1).“
اهڙي صورتحال ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت مختلف بحرانن ۾
رهي، پر تنهن هوندي به سنڌ جي خوشحالي لاءِ هنن
زرعي سڌارا آندا. پنهنجي دور حڪومت ۾ خدا آباد
(دادو) کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. پوءِ به ٺٽي جو
اوج ۽ حيثيت برقرار رهي. مير علي شير قانع ”مڪلي
نامه“ ۾ ٺٽي جي علمي حالتن جو ذڪر ڪيو آهي ته ان
جي علمي حيثيت ڪلهوڙا دور ۾ به قائم رهي. ”خدا يار
سنڌ، ٺٽي ۽ بکر کان پري خدا آباد جو نئون شهر
ٻڌرائي ان کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو(2).“
”سنڌ جو مشهور تاريخي شهر ٺٽو اڄ هڪ ننڍو شهر آهي،
پر ڪو وقت هو، جو سنڌ جو اهو عظيم شهر، علم ۽ فضل،
تجارت ۽ حڪمت جو مرڪز هو ۽ عظيم اسلامي شهرن قرطبه
۽ بغداد سان ٿي ڪلهو هنيائين. ڪيترو وقت هيءُ شهر
سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ ڌارين جي نظرن ۾ هميشه
رهندو آيو(3).“
تحفة الڪرام جي مصنف ٺٽي بابت مختصر ڄاڻ ڏني آهي،
هو لکي ٿو ته:
”ٺٽو ٻن معنائن سان آباد آهي. ڪي چون ٿا ته ”تهه
تهه“ يعني ”هيٺاهين هيٺاهين“ ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته:
ٺٽه يعني ٺٽ جيڪو سنڌي اصطلاح مطابق ’ماڻهن جي گڏ
ٿيڻ هو هنڌ‘، جي معنيٰ رکي ٿيو. هيءَ سر زمين
پراڻي زماني ۾ ٺٽي جي نالي سان سڏبي هئي. سنڌ جي
مٿئين طرف کي عام ماڻهو سرو چوندا آهن ۽ هيٺين طرف
کي لاڙ سڏيو ويندو آهي. اهو ٺٽه جي وجهه تسميه جو
کُليو ثبوت آهي(4).“
مرزا قليچ بيگ به ساڳئي ڳالهه ڪئي آهي: ”لفظ ’ٺٽو‘
’تهه تهه‘ مان ٺهيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي،
هيٺاهين. ٺٽ چون: ماڻهن جي گوڙ کي، ۽ ٺٺ چون: خشڪ
ميدان کي. شايد انهن مان نالو نڪتو هجي(5).“
اصل ۾ ’ٺٺو‘ لفظ ’ٺٺ‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ
آهي- ٺٺ وارو شهر يعني اهو شهر جتي ٺٺ يعني
آسودائپ هجي. اها ئي معنيٰ صحيح آهي، ڇو ته ٺٺو
سدائين خشحال رهيو آهي، ۽ اتان جا باشندا به
خوشحال هئا ۽ عيش واري زندگي گذاريندا هئا. فارسي
۽ عربي دانن هن شهر کي ’تته‘ ڪري لکيو آهي، ڇاڪاڻ
ته فارسي ۽ عربي ٻوليءَ ۾ (ٺ) جو آواز آهي ئي
ڪونه، تنهنڪري انهن ٻولين ۾ هن شهر کي (ٺ) جي
بجاءِ (ت) ڪري لکيو ويو آهي، ٺٺوي کي تتوي ڪري
لکيو ويو آهي. لفظ ’ٺٺو‘ آهي جنهن مان ڦري ’ٺٽو‘
ٿيو آهي.
ٺٽي کي بغداد سان به تشبيهه ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ ته
بغداد به تاريخ ۾ تاراج ڪيو ويو هو ۽ ڦريو لٽيو
ويو آهي، اهڙي ريت هن شهر سان به اهائي ساڳئي ويڌن
رهي. شاهه بيگ ارغون به ٺٽي کي لٽيو ۽ تاراج ڪيو.
”ٺٽي ۽ سنڌ جي سٻاجهي سرزمين تي ڪئين ويل وهايا
ويا آهن ۽ اٻوجهه عوام سان ڪيئي عقوبتون ٿينديون
رهيون. شاهه بيگ ارغون جي ٺٽي ۾ ڦرلٽ، قتل عام ڪرڻ
۽ باهه ڏيڻ کان پوءِ گوا جي عيسائين ٺٽي ۾ اچي قتل
عام ڪيو، باهه ڏني ۽ ڦرلٽ ڪئي ايڏي ته ملڪيت ڦري
وئي جو سڄي ايشيا ۾ اهڙي ڦرلٽ ڪا ورلي ٿي هوندي(6).“
”ٺٽي کي ٽين باهه مرزا جاني بيگ ڏني جڏهن هو اڪبر
بادشاهه جي سپہ سالار خان خانان سان وڙهيو ٿئي.
تڏهن هارائڻ کان اڳ ٺٽي کي باهه ڏنائين. خانِ
خانان 1000هه ۾ ٺٽو فتح ڪيو ۽ سنڌ مغلن جي قبضي ۾
آئي. ان کان پوءِ مغلن طرفان گورنر اچڻ لڳا. زماني
جي ايڏي گردش کان پوءِ به ٺٽي پنهنجو اوج نه وڃايو(7).“
مذڪوره حوالن مان ثابت ٿئي ٿو ته ٺٽو سدائين
خوشحال رهيو آهي. ڪوهه مڪليءَ جي دامن ۾ هيءُ
بدنصيب شهر جنهن پنهنجي سيني ۾ هزارين سالن جي
تاريخ سانڍي رکي آهي. هيءُ شهر، ڪلهوڙن جي زماني ۾
به اوج تي رهيو، جنهن جو ذڪر مير علي شير قانع
ٺٽوي به ڪيو آهي.
”1739ع ۾ نادر شاهه جڏهن هن شهر تي حملو ڪيو هو ته
ان وقت شهر ۾ چار سؤ مدرسا هئا. جن کي اڄ جي
ڪاليجن جي حيثيت حاصل هئي. ان مان اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته اسڪول ۽ پرائمري اسڪول ڪيترا هوندا(8).“
ٺٽي جي خوشحاليءَ جو ذڪر مغربي خواهه مشرقي عالمن
۽ سياحن به ڪيو آهي. فريد بکري ته ٺٽي کي ڌرتيءَ
جي جنت سڏي ٿو. فريد بکري بخاري جنهن جو ڪتاب
”ذخيرة الخوانين“ لکيل آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو ته:
”ٺٽي جي رهواسين ڪڏهن به ڏکي گهٽيءَ ۾ پير نه رکيو
آهي. هنن جي دلين تي خوشي ۽ راحت جو راڄ آهي. ٿوري
۾ ائين کڻي چئجي ته ٺٽو عراق ثاني آهي(9).“
انهن کان علاوه ڪيترائي سياح هت آيا ۽ هن شهر جي
تعريف جا ڍڪ ڀريا آهن، ٺٽي جي خوشحالي علم، هنر،
صنعت ۽ واپار سبب سڃاتي وڃي ٿي. ٺٽو ان وقت
هندستان جي شهرن کان به وڌيڪ آمدني وارو مرڪز هو.
اليگزينڊر هئملٽن سنڌ ۾ 1699ع ۾ هڪ وڏي جهاز سان
آيو هو. هو ٺٽي لاءِ لکي ٿو ته:
”هيءُ شهر ملڪ جي مارڪيٽ آهي ۽ تمام وڏو ۽ آسودو
شهر آهي. اٽڪل ٽي ميل ڊگهو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو آهي.
ٺٽي جو شهر مذهبيات، علم لغت، ۽ علم سياسيات جي
ڪري مشهور آهي. منجهس چار سؤ کان به مٿي ڪاليج
آهن. جن ۾ نوجوانن کي انهن علمن جي تعليم ۽ تربيت
ڏني وڃي ٿي(10).“
مذڪوره حوالن مان ثابت ٿئي ٿو ته ٺٽو نالو: ’ٺٺو‘
مان نڪتل آهي. هن لفظ جو ٺٽ سان واسطو ئي ناهي،
گنجان آبادي واري ۽ اچ وڃ واري شهر کي ٺٺ ڪونه
سڏبو آهي، اهڙيءَ ريت ڪيتريون غلط روايتون سنڌ جي
تاريخ ۾ درج ڪيون ويون آهن، تنهنڪري تاريخ جي
ڇنڊڇاڻ سائنسي ۽ علمي بنيادن تي ڪئي وڃي. ٺٽو قديم
تاريخ رکندڙ شهر آهي. جنهن جو واسطو عرب دور حڪومت
کان به اڳ سان آهي.
ٺٽو، ڪلهوڙا دور حڪومت کان پوءِ ٽالپر دور ۾ تباهه
ٿيو. جنهن جو سبب سنڌو درياء جو رخ تبديل ٿيڻ
ٻڌايو ويو آهي ۽ سمنڊ گهڻو پري هليو ويو. جنهن سبب
بندرگاهه به ڦٽي ويو ۽ واپارين جي اچ وڃ ۽ مٽا سٽا
متاثر ٿي، جنهن ڪري هيءُ شهر ڏينهون ڏينهن ويو
پوئتي پوندو. جنهن جي تباهيءَ لاءِ اليگزينڊر برنس
لکي ٿو ته:
”شهر سنڌو نديءَ کان ٽي ميل پري آهي. اوڀر جي
تاريخ مطابق ڪيترن شاندار روايتن سان لاڳاپيل
مشهور شهر آهي. سندس تجارتي خوشحالي دهليءَ جي مغل
شهنشاهي دور سان گڏ ختم ٿي ويئي. هيءُ شهر موجوده
ٽالپر گهراڻي جي حڪمرانيءَ دوران تباهه ٿيو. هن
وقت سندس آدم شماري
15,000
کان مٿي ڪا نه ٿيندي. سندس گهر هن ڦٽل شهر جي
کنڊرن ۾ وچوواڙي تي پکڙيا پيا آهن. ڪل آدم شماريءَ
جي اڌ ماڻهن وٽ ته رهڻ لاءِ گهر به ڪونه آهن(11).“
”ٺٽي جي قدامت سان ڪنهن جو به اختلاف ڪونهي،
يونانين جي تاريخ ۾ بيان ڪيل پٽالا جو شهر ٺٽي جي
ماڳن وٽ موجود هو(12).“
مذڪوره حوالن مان ٺٽي جي تاريخي قدامت، تهذيب ۽
علمي مقام معلوم ٿئي ٿو. ٺٽي شهر ۾ صرف ان وقت چار
سو مدرسا هئا جيڪي ڪاليج جو درجو رکندا هئا. باقي
سڄي سنڌ ڇا هوندي، سنڌ جو علمي مقام گهڻو مٿانهون
هو، ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا ۾ قرآن شريف جو ترجمو
پهريون ڀيرو سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو.
ڪلهوڙن جو دور علمي ۽ ادبي لحاظ کان، ٻين دورن کان
گهڻو مٿانهون رهيو. جنهن ڪري هن دور کي سونهري دور
ڪري ليکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ علمي، ادبي
۽ مذهبي طور ڪتاب لکيا ويا ۽ سنڌي صورتخطي تيار
ڪئي ويئي، ان کي هڪ مستقل شڪل ڏني ويئي. ان حوالي
سان به هيءُ دور اهم ليکيو وڃي ٿو جو ان وقت جي
مدرسن جي نصاب ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪيو ويو. هن
دور ۾ ايترا ته عالم ٿي گذريا آهن جو ڪاٿو لڳائڻ
مشڪل آهي.
انهيءَ ڪري مقالي کي ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺٽي جا عالم
تائين محدود ڪيو ويو آهي، جيئن گهڻي طوالت کان بچي
سگهجي. صرف ٺٽي جا عالم ئي ايترا آهن جو انهن جو
صحيح انگ معلوم ئي نه ٿي سگهيو آهي. باقي جن عالمن
جو ذڪر تذڪرن ۽ تاريخن ۾ آيو آهي، انهن کي هت شامل
ڪريون ٿا. ان سلسلي ۾ ’تاريخ ڪلهوڙا‘ جو مصنف لکي
ٿو ته:
”ڪلهوڙن جي دور ۾ جيترا به عالم ۽ فاضل ٿي گذريا
آهن انهن سڀني جا نالا ۽ حالات معلوم ٿي نه سگهيا.
مير علي شير قانع، ”تحفة الڪرام“ ۽ ”مقالاة
الشعراء“ ۾ فقط انهن ممتاز عالمن ۽ اديبن جو ذڪر
ڪيو آهي، جن جا نالا معلوم ٿي سگهيا(13).“
”ارغونن جي ڏينهن کان فارسيءَ کي اهميت ملي چڪي
هئي. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ به فارسيءَ جي اها حيثيت
قائم رهي، جنهن ڪري ”پارسي گهوڙي چاڙهسي“ محاورو
مروج ٿيو. ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي عالمن، عام ماڻهن
کي مذهبي مسئلا سيکارڻ لاءِ سنڌي زبان ۾ الف اشباع
جي قافي ۾ مذهبي ڪتابن لکڻ جي روايت قائم ڪئي.
اهڙا ڪتاب مدرسن ۽ مڪتبن ۾ پڙهڻ لڳا، اهو رواج اڃا
تائين هليو اچي(14).“
”ڪلهوڙن جو دور علميت جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي.
هيءُ نه فقط سنڌ جي خوشحاليءَ جو دور هو، پر علم ۽
فضل جي لحاظ کان پڻ درخشان زمانو هو. ڪلهوڙا
خاندان جا بيروني ۽ ٻين اسلامي ملڪن سان سٺا
لاڳاپا هئا. دنيا جي عالمن جي اچ وڃ تمام گهڻي
هئي. کنڀات ۽ سورت جا بندر مقدس مقامات ڏانهن وڌيڪ
ويجها هئا. مڪي شريف ۽ مديني منوره جون درسگاهون
سنڌ جي عالمن لاءِ هميشه کليل هيون. فقہ، تفسير،
منطق، شاعري، حڪمت، تاريخ، مصوري، هيئت ۽ ٻين ڪافي
علمن ترقي ڪئي(15).“
”ٺٽي جي علم و ادب جو ناماچار ڏينهان ڏينهن مشهور
هو. هيءُ شهر علم و ادب جي زيور سان سينگاريل هو.
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان علم جا اڃارا ڪهي اچي ننگر
ٺٽي ۾ سهڙيا، جتي علم جا دريا موجزن هئا. ٺٽي شهر
۾ ڪنهن وقت چار سؤ جي قريب مڪتب ۽ درسگاهه هئا. جن
۾ زماني جا قابل ترين استاد درس و تدريس جي عمل ۾
رڌل هئا. اهڙن ڏاهن، اڪابرن ۽ عالمن جي قطار به
تمام ڊگهي آهي(16).“
”ٻارهين صدي هجري جو زمانو اسلام ۾ هڪ زبردست مردم
خيز زمانو ٿي گذريو آهي. هڪ طرف اسلامي بادشاهن جي
زوال جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا، ته ٻئي طرف هر هڪ
اسلامي ملڪ ۾ هزارن جي تعداد ۾ عالم، عارف ۽ شاعر
پيدا ٿي رهيا هئا. سنڌ جو مرڪزي شهر ٺٽو ان سمي
وڏن وڏن عالمن ۽ چوٽيءَ جي شاعرن، عارفن ۽ ڪاملن
سان ڀرپور هو. ايشيا کنڊ ۾ ٺٽو علمي مرڪز هو. جنهن
جي علم جو پڙاڏو شيراز، اصفهان، بخارا، حرمين
شريفين، دکن، دهلي تائين ٻڌجڻ ۾ آيو.... سنڌ ۾
غزني دور کان وٺي ويندي 1852ع تائين دفتري زبان
پارسي هئي(17).“
سنڌ جا عالم نه رڳو عربي ۽ فارسي ٻوليون پڙهائيندا
هئا، مگر پنهنجو عالمي امتياز قائم رکڻ لاءِ،
پنهنجي ٻوليءَ کي به قائم ۽ دائم رکيو.
”ميان نور محمد خان ڪلهوڙو علم ادب جو به شوقين
هو. سندس زماني ۾ عالم ۽ شاعر اطمينان واري زندگي
گذاريندا رهيا هئا. پاڻ عبادت جو پابند هو ۽
پنهنجي ٻارن کي به تلقين ڪندو هو(18).“
ڪلهوڙا دور کي اسان سونهري دور چئون يا روشن دور،
ڳالهه ساڳي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪلهوڙا علم و ادب سان
گهڻو لڳاءُ رکندا هئا. ۽ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو
گهڻو احترام ڪندا هئا هن دور ۾ ٺٽي جي عالمن جو
علم و ادب جي دنيا ۾ نالو مشهور ٿي چڪو هو. هيٺ
انهن مشهور عالمن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي پنهنجي وقت
جا جيد عالم ۽ فاضل هئا. مدرسن ۾ عربي ٻولي پڙهائي
ويندي هئي پر سرڪاري ٻولي فارسي هئي ۽ عام ٻولي
سنڌي ڳالهائي ويندي هئي. تنهن ڪري وقت جي عالمن
انهن ٽنهي ٻولين ۾ تعليم ڏني.
مخدوم ابوالحسن سنڌي (1751ع-1661ع):
”مشهور محدث، فقيہ ۽ سنڌي علم ادب جو ابو مخدوم
ابوالحسن ولد مولوي محمد مبين صديقي 1661ع ڌاري
ٺٽي ۾ ڄائو. وڏو فاضل ۽ ڪامل شخص هو. ننڍپڻ کان ئي
ذڪي طبعيت هئس، جنهن ڪري استاد به سندس حافظي ۽
حوصلي جا معترف هئا. فارغ التحصيل ٿي، فقہ ۽ حديث
۾ مقام پيدا ڪيائين. درس و تدريس ورثي ۾ مليس(19).“
”سنڌي علم و ادب جو بنياد وجهندڙ، عربي ۽ فارسيءَ
۾ ڪافي ڪتاب قلم بند ڪيائين. نماز ۽ وضوءَ بابت
سنڌي زبان ۾ 1700ع ۾ ”مقدمة الصلوات“ نالي الف
اشباع ۾ پڻ ڪتاب لکيائين، جيڪو ابوالحسن جي سنڌي
نالي سان مشهور آهي(20).“
مخدوم ابوالحسن سنڌي الفابيٽ جي ترتيب ڏيندڙ
پهريون عالم هو، جنهن کان پوءِ سنڌي الفابيٽ کي هڪ
مستقل شڪل ملي ۽ ڪتاب لکجڻ شروع ٿي ويا. هيءُ
ڪلهوڙا دور جو وڏو عالم ۽ ڪامل انسان هو.
”ميون ابوالحسن فقهي مسائل جو وڏو ڄاڻو هو ۽ طريقت
جو پڻ مالڪ هو. علامه محدث محمد قائم سنڌي مدنيءَ
جهڙو عالم به ڪن هڻندو هو. سو ميين ابوالحسن جو
مريد هو ۽ کيس شيخ امام قدوت، همام جهڙن لقبن سان
ذڪر ڪري ٿو.“ (21)
ابوالحسن ڪبير ٺٽوي (1718ع-1630ع):
”ابوالحسن ڪبير محدث سنڌي مدني. هن جو اصل نالو
محمد بن عبدالهادي آهي، ۽ لقب نورالدين ۽ ڪنيت
ابوالحسن اٿس. ٺٽي ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي علم
پرايائين علم ۾ سڀني ابوالحسن کان فائق هو. مخدوم
محمد هاشم ٺٽويءَ هن کي ٺٽي جي عالمن جو اڳواڻ
سڏيو آهي. ٺٽي کان مديني منوره ڏانهن هجرت ڪري ويو
۽ اتي شيخ محمد بن عبدالرسول بزنجي، شيخ ابراهيم
بن حسن، نوراني مدني ۽ شيخ عبدالله بن سالم بصري ۽
ٻين مشائخن کان حديث جي سند هٿ ڪيائين. حرم بلوي ۾
درس ڏيڻ شروع ڪيائين. ٿوري ئي وقت ۾ سندس درس جي
شهرت اطراف عالم ۾ پکڙجي ويئي. عرب ۽ عجم جي سوين
عالمن کانئس علم حديث پڙهيو.“ (22)
ابوالحسن صغير (1773ع-1732ع):
سندس اصل نالو غلام حسن بن مخدوم ميان محمد صادق
نقشبندي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. جنهن جي ڪنيت ابوالحسن
صغير آهي. علامه صاحب محمد حيات سنڌيءَ کان علم
پرايو.
”مخدوم محمد صادق، شاهه ڀٽائيؒ جو وڏو معتقد هو.
محمد حيات سنڌيءَ کان علم پرايائين. هيءُ اصل ٺٽي
جو رهاڪو هو، اتان هجرت ڪري مديني منوره هليو ويو.
محدث محمد حيات سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ ان جي
جاءِ تي حديث جو درس ڏيندو رهيو ۽ ڪيترن ئي
برگزيده عالمن جو استاد آهي. ڪيترا علمي ڪتاب پڻ
تصنيف فرمايا اٿس، جيئن: 1- شرح نخبة الفڪر 2-
حواشي درمختيار 3- مختيار الاطوار في اطوار
المختيار 4- رجال مسند احمد بن حنبل وغيره. هن
بزرگ محدث جي وفات مدينه منوره اندر ٿي ۽ جنت
البقيع ۾ مدفون ٿيو(23).“
چوٿون ابوالحسن ڏاهري نوابشاهه تعلقي جو رهاڪو هو.
مخدوم محمد معين ٺٽوي (1741ع- 1680ع):
”محمد معين بن محمد امين دل، ٺٽي جي قديم مولوين
جي خاندان مان هڪ چمڪندڙ ستارو آهي. علامه معين جو
والد بزرگوار به هڪ وڏو عالم ۽ درويش صفت بزرگ هو.
شاهه ولي الله جو شاگرد ۽ سندس علومن مان فيض
يافته آهي. مخدوم محمد معين ٺٺوي کي مخدوم ٺارو به
سڏيندا آهن. هن بزرگ جو مختصر ذڪر حضرت مولانا
عبيدالله صاحب به پنهنجي ڪتاب ”شاهه ولي الله ڪي
سياسي تحريڪ“ ۾ ڪيو آهي(24).“
هن بزرگ جا ڪافي ڪتاب تحرير ٿيل آهن. جن مان 19
ڪتابن جا نالا، تذڪرن ۾ ملن ٿا.
”مخدوم محمد معين مخدوم عنايت الله جو شاگرد هو.
هيترين علمي ڪماليتن هوندي به سلوڪ جي رستي جو
واقف هو. ڪيترن دين جي بزرگن سان صحبتون ڪيون
هئائين. ميان ابو القاسم نقشبندي سان ڏاڍو عقيدو
هوس. پوين ڏينهن ۾ جناب ڪرامت نصاب سيد عبداللطيف
”تارڪ“ لقب واري سان ڏاڍو ياراڻو ۽ عقيدتمنداڻو
رستو رکيائين(25).“
سنڌي، عربي، فارسي ۽ هندي ٻوليون ڄاڻيندو هو ۽
انهن ۾ شعر و شاعري به ڪئي. قانع لکي ٿو ته: سماع
پسند ۽ علم موسيقيءَ جو ڄاڻو هو.
”هو شروع ۾ مخدوم محمد هاشم جو شاگرد هو، مگر پوءِ
پاڻ ۾ سخت مناظرا به رهينِ(26).“
مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي (1751ع- 1671ع):
”مخدوم ضياءُ الدين مخدوم ابراهيم بن مخدوم هارون
بن عجائب بن الياس الصديقي پاڻ شيخ شهاب الدين عمر
السهروردي (المتوفي 632هه) جي پوٽاڻ مان آهي(27).“
”مخدوم ضياءُ الدين مخدوم عنايت الله جي شاگرديءَ
جي بدولت فضيلت ۽ ڪماليت وارن جي هڪ وڏي گروهه جو
استاد بڻيو. هو سن 1091هه ۾ ڄائو ۽ باوجود وڏي
علميت جي فقيريءَ جي راهه جي سالڪ ۽ نهايت نوڙت
وارو هو. پنهنجي همعصرن ۾ وڏي هدايت ۽ ڪافي فيض
سان زندگي گذاري، سن 1171هه ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾
گذاري ڪري ويو(28).“
”مخدوم ضياءُ الدين ٺٽي جي وڏي عالم مخدوم عنايت
الله کان علوم حاصل ڪيا ۽ انهيءَ ساڳئي بزرگ وٽان
علامه محمد معين ٺٽوي به ظاهري علمن جو فيض پرايو
هو ۽ آخري ڄمار ۾ مخدوم محمد هاشم وٽانئس پڙهيو.
ايڏي وڏي عالم جو شاگرد مخدوم ضياءُ الدين هڪ وڏو
نامور عالم ۽ فاضل پيدا ٿيو، جنهن علمي تحصيل کان
پوءِ پنهنجو جدا مدرسو قائم ڪيو. جنهن مان سوين
ماڻهو فيضياب ٿيا جنهن مان مخدوم نعمت الله ولد
عبدالجليل سندس ڏوهٽو، مخدوم محمد هاشم ۽ ميان
محمد ولد مخدوم احمد ٺٽوي آهن(29).“
مخدوم صاحب جي تصنيفن ۾ فقهي مسئلن تي لکيل ڪتاب
مشهور آهن جنهن کي عام طور تي مخدوم ضياءُ الدين
جي سنڌي سڏيو وڃي ٿو. جيڪي سنڌي نظم ۾ آهن ۽ الف
اشباع تي قافيي تي آڌاريل آهن.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1761ع- 1692ع):
”مخدوم صاحب جو نالو محمد هاشم، والد جو نالو
عبدالغفور ۽ ذات جو پنهور هو: پنهورن جو نسب حارث
بن عبدالمطلب سان وڃي ملي ٿو. مخدوم محمد هاشم
تاريخ 10 ربيع الاول 1106هه/19 نومبر 1692ع تي
خميس جي رات بٺوري ۾ ڄائو. مخدوم ضياءُ الدين وٽ
علم حديث جي تحصيل ۽ باقي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين.
يعني 9 سالن جي عرصي ۾ فارسي ۽ عربي علوم جي تڪميل
ڪري فارغ ٿيو. اڃا به علم حديث ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ جو
شوق هو، جيڪا سعادت کيس سن 1135هه/1722ع ۾ حرمين
شريفين جي سفر دوران حجاز مقدس جي عالمن کان حاصل
ٿي(30).“
ٺٽي جي عالمن ۾ مخدوم صاحب آفتاب جي حيثيت رکي ٿو.
ڊاڪٽر قادري سندس 30 همعصرن جو ذڪر ڪيو آهي. 9
سنڌي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان علاوه 51 عربي
ڪتابن جو تفصيل ڏنو آهي. 22 کن فارسي ڪتابن جو
وچور ڏنو آهي. سندس مشهور سنڌي ڪتاب: زاد الفقير،
قوةالعاشقين، راحت المومنين، سال نامه، بناءُ
الاسلام، تفسير هاشمي، اصلاح مقدمة الصلواة ۽
تنبيهه نامو قابلِ ذڪر آهن.
ڊاڪٽر عبدالرسول قادري مخدوم صاحب جي حيات ۽ علمي
خدمتن تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري پڻ
حاصل ڪئي آهي.
مخدوم عنايت الله ٺٽوي (ولادت: ؟ وفات: 1702ع):
”مخدوم عنايت الله بيمثال ڪرامت سان موصوف هو.
نابين هوندي به حافظو بيحد گهڻو هوس. ننڍپڻ جي
ڏينهن کان اکين کان سَڄو ٿيو هو، فوت ٿيڻ تائين،
هو پوري طرح ڪٻو ٿيو ۽ وڏي عمر کي پهچي چڪو هو،
سڄو عرصو عام ماڻهن کي فائدو رسائڻ ۾ گذاريائين.
سندس واعظ جي مجلس پُراثر هوندي هئي. وٽانئس ڪيترا
فيضياب ٿيا(31).“
مخدوم عنايت الله ميان احمد ڪتابيءَ جو شاگرد هو.
ٺٽي سان تعلق رکندڙ هن وڏي ۾ وڏي عالم ۽ ڀلي ۾ ڀلي
متقي، سڄي زندگي درس جو شغل جاري رکيو. علم جا ٻه
روشن جهنڊا ۽ علامه: مخدوم ضياءُ الدين ۽ مخدوم
محمد معين سندن جا شاگرد آهن(32).“
اصل ۾ ”تحفة الڪرام“ جي مصنف هڪ ئي نالي سان ٻن
هنڌن ذڪر ڪيو آهي. هڪ هنڌ سندس وفات جو سن 114هه
ڄاڻايو آهي جنهن مطابق 1694ع سن بيهي ٿو. جيڪو
ڪلهوڙا دؤر حڪومت کان اڳ ئي وفات ڪري ويو. جنهن
مان اندازو ٿئي ٿو ته هڪ ئي نالي سان ٻه عالم ٿي
گذريا آهن. اهڙي قسم جا تاريخن ۾ تضاد کوڙ سارا
ايندا.
مير قانع ”هن جا ٻه فرزند ٻڌائي ٿو:“ 1- محمد سعيد
واعظ 2- مولوي محمد صادق (جيڪو مخدوم محمد معين جي
شاگردن مان هو) وقت جو علامه لياقت ڀريو استاد
پيدا ٿيو(33).“
مخدوم عبدالخالق ٺٽوي (1785ع- 1702ع):
هيءُ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو شاگرد هو. سندس
زندگي بابت جو جوڳو مستند احوال ڪونه ٿو ملي.
”مولانا فارغ التحصل ٿيڻ کان پوءِ مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي جي درسگاهه ۾ نائب معلم هو. سال 1157هه/1744ع
۾ سنڌي ”مطلوب المؤمنين“ نالي ڪتاب لکيائين جيڪو
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي درست ڪري مڪتبن لاءِ منظور
ڪيو(34).“
مولانا عربي فارسي ۽ سنڌي ٻولين جو عالم هو.
مخدوم رحمت الله (ولادت: ؟ وفات: 1724ع):
”هن جو خاندان، پيڙهين کان ٺٽي ۾ علمي طور سرگرم
هو. شرعي حڪمن جي تعميل ۾ مصروف رهندو هو. سالن جا
سال درسگاهه هلايائين. هن جي شاگردن مان مخدوم
ضياءُ الدين ۽ ميان ابوالقاسم وڏي اهميت رکن ٿا.
1137هه/ 1724ع) ۾ وفات ڪيائين(35).“
”مخدوم رحمت الله جي والد جو نالو مخدوم علي احمد
هو. سندس پٽ مخدوم عبدالجميل به وڏن ڳڻن وارو عالم
ٿيو. هو مخدوم ضياءُ الدين جو نياڻو ٿيو.
عبدالجميل 1154هه/1741ع) ۾ گذاري ويو(36).“
ملا ابوالبقا ٺٽوي (ولادت: ؟ وفات: 1726ع):
”پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ استاد ٿي گذريو آهي.
فارسي زبان تي وڏو عبور حاصل هئس.“
”فارسي جو عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. شاعري ۾ ڏاڍي
ڪمال جو مالڪ هو. شيخ سعدي جي گلستان کي، بحر ۾
نظم ڪيائين. سال 1146هه/1726ع ۾ وفات ڪيائين(37).“
مخدوم احمد ڪتابي ٺٽوي (ولادت: ؟ وفات: ؟):
”احمد بن مخدوم اڪرم اگهمي محمد اڪرم ٺٽي ۾ اچي
رهيو ۽ علمي ڪماليت ۾ وڏي شهرت جو مالڪ هو. سندس
فرزند ميان احمد حال ۽ قال جو صاحب هو. شروع زماني
۾ درس تدريس جو شغل جاري رکيائين ۽ سندس وڏن ۽
مشهور شاگردن مان مخدوم عنايت الله ٺٽوي آهي. جنهن
جي فيض مان هزارين ماڻهون فائديمند ٿيا. آخرين عمر
۾ دنيا کان ترڪ تعلقات ڪري گوشه گزين ٿي رهيو.
حضور رسول ڪريم ﷺ جي دربار مان ڪتابي جو لقب عطا
ٿيل هوس. هي بزرگ ٻارهين صدي هجريءَ ۾ ٿي گذريو
آهي(38).“
ميان عنايت الله ٺٽوي (ولادت: ؟ وفات: ؟):
”مخدوم محمد معين جي مدرسي ۾ نائب هو. مخدوم صاحب
جي وفات کان پوءِ به درس ۽ تدريس ۾ مشغول رهيو(39).“
مخدوم محمد سعيد ٺٽوي (ولادت: ؟ وفات: ؟):
”ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريو پڻ هڪ باصفا
عالم ۽ بزرگيءَ ۽ برڪت ۾ ملڪين مشهور هو. پنهنجا
برڪت ڀريا وقت هميشه واعظ ڪرڻ ۾ مصروف رکندو هو(40).“
”سندس اولاد مان ميان عبدالقادر حرمين شريفين جي
زيارت کان پوءِ پيءُ جي جاءِ تي واعظ جي مجلس
سينگاري ۽ سن 1186هه ۾ گذاري ويو(41).“
”ميان عبدالله ولد ميان محمد حفيظ، مخدوم ابوالحسن
سنڌي واري جو ڀائيٽو/ڀاڻيجو هو. سندس ئي شاگرد ۽
مريد پڻ هو. ميان موري جي نالي سان مشهور هو. وڏو
پرهيزگار، صاحب علم، عمل ۽ خدائي توفيق ۽ ڏات جو
مالڪ هو.. تمام وڏي ڄمار کي رسي 1167هه ۾ هن دنيا
فانيءَ مان لاڏاڻو ڪري ويو (42).“
مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي (1761ع- 1711ع):
مخدوم عبدالرحمان بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ٺٽي ۾
پيدا ٿيو.
”هيءُ ڀلارو، عالم، فاضل، والد جو صالح فرزند،
قرآن جو حافظ، وڏو عالم ۽ صوفي هو. سندس ولادت 16
شوال المڪرم 1131هه تي ٿي. پنهنجي والد کان پوءِ
سجاده نشينيءَ جو کيس ئي شرف حاصل ٿيو. سندس والد
جا مريد سنڌ کان ٻاهر ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ ۾ به پکڙيل
هئا. جنهن ڪري هيءُ بزرگ سنڌ کان ٻاهر مريدن ڏانهن
هدايت ۽ تلقين لاءِ به ويندو هو(43).“
”هڪ دفعي ڪاٺياواڙ جي علائقي جي ڪوتياڻي ڳوٺ ۾
پنهنجي معتقدن وٽ مقيم هو ته اتي 51 سالن جي ڄمار
۾ اجل جو قاصد اچي پهتو.
5 ربيع الاول 1182هه ۾ هن دنيا فاني مان رحلت
فرمائي ويو(44).“
مخدوم عبداللطيف ٺٽوي (ولادت: 1769ع- 1724ع):
”عالم، فاضل، محدث، فقيہ مخدوم عبداللطيف ولد حضرت
مولانا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ولادت 14 شعبان
1144هه. پنهنجي والد بزرگ جي آغوش شفقت ۾ پرورش
حاصل ڪئي. قرآن مجيد جو حافظ، حديث جو وڏو عالم
هو، فقہ ۾ يڪتاءِ روزگار هو. پنهنجي والد بزرگوار
جي وفات کان پوءِ مدرسو سنڀالي ورتائين. مخدوم
عبداللطيف بدعات جي رد ۽ حنفي مذهب جي نصرت ۾ ڏاڍو
مشدد هو. هن علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي جي ڪتاب
’دراسات اللبيب‘ جي رد ۾ هڪ وڏو عالمانه ڪتاب
”الذب الذباب“ لکي پنهنجي علمي فضيلت جو ڌاڪو
ويهاريو. پنهنجي والد جي عربي ڪتابن جو ترجمو به
ڪيو. مخدوم عبداللطيف 55 سالن جي ڄمار ۾ 17 ذي
القعد 1189هه ٺٽي ۾ وفات ڪري ويو (45).“
محمد احسن ٺٽوي (ولادت: ؟ وفات: 1771ع):
”ٺٽي جو رهاڪو ۽ محمد عاقل جو پٽ هو. احسن جي ڪري
سندس مامو محمد حسن دهليءَ ۾ رهندو هو. احسن کي
شاهي منصب حاصل هو. پيءُ ۽ پٽ، قرآن مجيد جا حافظ
هئا. کين عربيءَ تي وڏي مهارت حاصل هئي. ٺٽي ۾ درس
۽ تدريس جو ڪم ڪيائون. احسن 1185هه/1771ع ۾ فوت
ٿيو (46).“
ميان محمد ٺٽوي (ولادت: ؟ وفات: ؟):
”ميان احمد ڪتابي جو پٽ هو. ميان احمد خود به وقت
جو وڏو عالم ۽ استاد هو. ميان محمد والد وانگر
علمي مدرسو سينگاريو. پاڻ نهايت فضليت وارو انسان
هو. بعد ۾ ان جو پٽ ميان احمد سندس جاءِ نشين بڻيو
جو مخدوم ضياءُ الدين جي شاگردن مان هو
(47).“
مخدوم نعمت الله ٺٽوي (ولادت:؟ وفات: 1759ع):
”مخدوم عبدالجميل جو پٽ ۽ مخدوم رحمت الله جو پوٽو
هو. علم منقول ناني مخدوم ضياءُ الدين ۽ علم معقول
مولوي محمد صادق وٽ پڙهيو. ويهن سالن جي عمر ۾
علمي مدرسو کولي اڪثر شاگردن کي درس ڏنائين
(48).“
هن بزرگ جي ولادت ۽ وفات جون تاريخون نه ٿيون ملن،
انهن بزرگ هستين ۽ نامور عالمن کان علاوه ٻيا به
عالم سڳورا ملن ٿا، ليڪن انهن جو احوال اعتبار
جوڳو نٿو ملي. هتي صرف انهن نامور عالمن جو ذڪر
ڪيو آهي. جن جو سڄيءَ سنڌ ۽ هند ۾ چرچو هو ۽ هو
ڪلهوڙا دور ۾ ٺٽي کان علاوه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
موجود هئا. ليڪن هن مقالي ۾ صرف ٺٽي شهر تائين
محدود ڪيو ويو آهي.
حوالا
مددي ڪتاب
1. انصاري محمد ابراهيم- سنڌ جي تاريخ- ڇاپو
پهريون- 1976ع مطبوعه: عجائب اسٽور سکر.
برنس اليگزينڊر- سنڌوءَ جو سفر (سنڌي ترجمو) ڇاپو
ٻيو 1998ع مطبوعه: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
تتوي ”قانع“ مير علي شير، مقالات الشعراء (فارسي)
ڇاپو پهريون 1957ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي.
تميمي رسول بخش- ٺٽو صدين کان (تاريخ) ڇاپو پهريون
2003ع مطبوعه: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
ٽالپور محمد جمن- سنڌ جا اسلامي درسگاهه- ڇاپو
پهريون- جون 1982ع.
مطبوعه: سنڌ ڪلاسڪس صوبائي هجره ڪاميٽي ۽ سنڌ
ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.
ٺٽوي مير علي شير ”قانع“ تحفة الڪرام (سنڌي ترجمو)
ڇاپو ٻيو 1976ع، مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
ڇٻلاڻي ايس. پي. ڊاڪٽر- سنڌ جي اقتصادي تاريخ-
ڇاپو ٻيو- 1968ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
روزانو ”الوحيد سنڌ آزاد نمبر“ 1936ع سنڌ گزيٽيئر
عمرالدين بيدار (مرتب) اڳوڻا ناميارا سنڌي- ڇاپو
پهريون سال؟- مطبوعه: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
قادري عبدالرسول ڊاڪٽر- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
(سوانح) ڇاپو ٻيو 2006ع، مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو.
قاسمي غلام مصطفيٰ علامه- مقالات قاسمي- مرتب:
پروفيسر ڊاڪٽر مظهر الدين- سومرو ڇاپو پهريون-
آڪٽوبر 2000ع مطبوعه: نظير قاسمي
لاکو غلام محمد- ڪلهوڙا دور حڪومت- ڇاپو پهريون
2004ع، مطبوعه: انجمن اتحاد عباسيه پاڪستان ڪراچي.
مولائي شيدائي رحيم داد خان- جنت السنڌ- ڇاپو
پهريون- 1958ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
مولائي شيدائي رحيم داد خان- تاريخ تمدن سنڌ- ڇاپو
پهريون 1959ع مطبوعه: سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.
مڱريو رفيق احمد ڊاڪٽر- شيخ محمد حيات سنڌي- ڇاپو
پهريون جولاءِ 2009ع، مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو.
مرزا قليچ بيگ- قديم سنڌ سنڌ جا شهر ۽ ماڻهو- ڇاپو
ٽيون 1921ع
مگسي عبدالله پروفيسر- سنڌ جي تاريخ جو جديد
مطالعو- ڇاپو پهريون 1994ع مطبوعه: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪراچي.
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر- سنڌ جي تاريخ (مقالا
۽ مضمون) ڇاپو ٽيون اپريل 2003ع، مطبوعه: مهراڻ
اڪيڊمي شڪارپور
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر- سنڌي ثقافت تي اسلامي
اثرات- ڇاپو پهريون جولاءِ 1989ع، مطبوعه: عجائب
اسٽور سکر
ميمڻ عبدالغفور سنڌي ڊاڪٽر- سنڌي انسان- ڇاپو ٽيون
1976ع، مطبوعه: ماڊرن بوڪ اسٽور لاڙڪاڻو.
مهر غلام رسول- تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور- (حصو ڇهون)
(جلد ٻيو) ڇاپو پهريون 1964ع، مطبوعه: سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو.
وفائي دين محمد مولانا- تذڪره مشاهير سنڌ (جلد
پهريون) ڇاپو ٻيو 1985ع، مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو.
وفائي دين محمد مولانا- تذڪره مشاهير سنڌ (جلد
ٻيو) ڇاپو پهريون 1985ع، مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو.
وفائي دين محمد مولانا- تذڪره مشاهير سنڌ (جلد
ٽيون) ڇاپو پهريون 1986ع، مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو.
همايوني نياز حسن حڪيم- سنڌ جي طبي تاريخ- جلد
ٻيو- ڇاپو پهريون 1976ع، مطبوعه: سنڌ سائنس
سوسائٽي ڄام شورو.
|