نويد سنديلو
يوناني
مذهب، ڏند ڪٿا، ادب ۽
شاعريءَ جو عروج
تعارف:
جڳ مشهور ڏاهي،
ارسطوءَ جو چوڻ آهي، ته ڄاڻڻ، انسان جي جبلت آهي،
هزارين سالن کان انسان ان ڄاڻ جي خواهش کي من اندر
سانڍيندو، پنهنجي سوالن جا حل ڳوليندو رهيو آهي.
گهڻو گهڻو اڳ، جڏهن سائنسي سوچ ۽ فلسفياڻي فڪر
پنهنجا گل ٽڙايا نه هئا، انسان حيرت جي وادين ۾
سير ڪندي، پنهنجي اڪيچار مونجهارن ۽ سوالن جا جواب
مختلف مذهبن، پاڻ کان سگهاري مخلوق، مافوق الفطرت
يا ان سان ملندڙ جلندڙ تصورن، جن کي هن ديوتائن جو
نالو پئي ڏنو انهن ۾ ئي پئي ڳوليو هو. اهو دؤر ديو
مالائي قصن ۽ ڪهاڻين جو دؤر هو، جنهن بعد جي ايندڙ
ادبي ۽ تخليقي فن جو اٽوٽ حصو بڻجڻ ۾ ڪا ڪسر نه
ڇڏي. دنيا جي مڙني مذهبي سوچن ڏندڪٿائن جي آڌار
تي، قصا ۽ ڪهاڻيون گهڙيون ۽ انهن مان پُر لطف
ٿيندي پنهنجي زندگيءَ کي معنيٰ ڏيڻ جي ڪوشش پئي
ڪئي آهي.
اهو مصري ادب، لوڪ ڪٿائون، قصا يا ڪهاڻيون هجن يا
هندستان(سنڌ سميت)، چين، بابل يا يونان جا ديو
وارتائي، لوڪ ڪٿائون يا ڪهاوتون هجن، مڙني ۾
انساني عقيدي ۽ زندگيءَ کي سمجهڻ جو ڏس ملي ٿو ته
اهي ماضيءَ جون قومون ڪهڙيءَ سوچ ۽ فڪر سان
سلهاڙيل رهيون آهن.
ڪنهن به تهذيب ۽ تمدن جي بيهڪ ان جي ادب، شاعري ۽
لوڪ ڏاهپ، قصن، ڪهاڻين جي آڌار تي بيٺل هوندي آهي،
جتان بعد ۾ سائنسي سوچ ۽ فلسفياڻو فڪر جنم وٺندو
آهي. اهڙيءَ طرح ماضيءَ جي علمي، ادبي علامتن ۽
شاهدين جي آڌار تي اسان ان دؤر جي فڪري حالتن جا
نتيجا ڪڍي سگهون ٿا ته اهي ڪهڙين مشڪلاتن ۽ ڪٺن
گهڙين سان ڪيئن منهن مقابل ٿي گذاريندا رهندا هئا.
دنيا جي ادب، ڏند ڪٿائن، شاعري، لوڪ قصن، ناٽڪ
وانگر يوناني فڪر، ڏاهپ، ڏند ڪٿا، مذهبي روايتون ۽
شاعري پڻ وڏي اهميت رکن ٿا. جن ۾ هزارين سالن جي
سوچ ۽ نفسياتي ڄاڻ جو ڀنڊار ملي ٿو. اهوئي سبب آهي
جو اڄ دنيا جون سڌريل قومون يونان جي فڪر جي سحر ۾
رهندي ان کي پنهنجي دلچسپيءَ جو موضوع سمجهي، ان
جو اڀياس ڪنديون رهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته فڪري طرح
انسان هڪ آهي.
يونان جنهن جي ڏاهپ کان سنڌ جو ماڻهن به سيراب
ٿيندو رهيو آهي. اسان اهو به چئي سگهون ٿا، ته سڌي
توڻي اڻ سڌيءَ طرح سنڌي ادب ۽ فڪر تي يوناني ادب ۽
فلسفي جو پڻ اثر رهيو آهي. يوناني، فڪر، اسان جي
نوجوانن جي ذهنن جي آبياري ڪئي آهي. ڏسنداسين ته
اهي ڪهڙين سوچن جا سرچشما هئا جن روءِ زمين جي
ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو پئي ۽ ڪهڙي ريت ماڻهن پنهنجي
علمي اُڃ پئي اُجهائي آهي.
يوناني ڪير هئا؟
”اڻ جاچيل زندگي انسان لاءِ رهڻ جوڳي ناهي“وارو
تصور اولهندي دانشوريءَ جي ڪارنامي جي شروعات هئي
۽ اهي يوناني هئا جن اهڙي کوجنا پئي ڪئي. اهو ڪنهن
نئين زندگي گهارڻ جو اٽل فيصلو هو. فيصلو جيڪو
يونان جي ڀونوچ سمنڊ ڀر اوڀرندي ۽ اولهندي ماڳن جو
حصو هو. ان دؤر جا غير يوناني رسمي ۽ روايتي طرز
واري حياتي گهارڻ تي راضي هئا.
يونانين شڪ رکيو، سوال ڪيا ۽ عقلي دليل چاهيا.
تنهنڪري اندرين توڻي ٻاهرين دنيا ڏانهن هنن سفر
جاري رکيو. ڪنهن شاعر جي نظر ۾ هو هن ريت هئا:
”ساحلن کان ڏور، ڪنبندڙ ماڻهن جي انبوهه کان پري،
جن جا سڙهه سنوان ڪڏهن به آنڌي اُجاڙي نه سگهي.“
يوناني تهذيب تي فونيشيائي تهذيب جو گهڻو اثر رهيو
هو. (سنڌ جو برک اديب ۽ محقق تاج صحرائي هنن کي
موهن جي دڙي مان لڏي ويل لوڪ يعني ”پڻي لوڪ“
سمجهندو هو جن جو ذڪر هُو پنهنجي مختلف لکڻين ۾
ڪري ٿو). ويهين صديءَ جو مڃيل مفڪر ۽ ڏاهو رسل
برٽرانڊ لکي ٿو:
”يوناني، فونيشيائي ٻوليءَ کان اوڌر وٺندي پنهنجي
رسم الخط کي تبديل ڪندي، ٻوليءَ کي لاجواب بڻايو
هو. حرف صحيح (Consonants)
سان گڏوگڏ حرف علت (Vowels)
جو واڌارو ڪندي ان ۾ اهم جدت پيدا ڪئي. ان ۾ ڪوبه
شڪ ناهي، ته انهيءَ لکت جي سولي طريقي جي حاصلات
يوناني تهذيب کي تمام تڪڙو اُڀاريو“.
(رسل، 1984ع، ص 31)
جڏهن به اسين ڪلاسيڪي يونان ۽ ڪلاسيڪي يونانين
بابت ڳالهائينداسين، ته اهو ياد رکيو وڃي، ته سڀ
کان اهم ڳالهه اها ٿيو پوي ته يوناني قوم اصل ان
طرح جي نه هئي جهڙيءَ ريت اڄ اسين انهن بابت
ڳالهايون ٿا. اتي ڪابه مرڪزي حڪومت موجود نه هئي،
۽ يونان ڪيترين ئي ننڍين ننڍين شهري رياستن (City
States)
تي ٻڌل هڪ ملڪ هو، جيڪي ڌار شهري مرڪز تي آڌاريل
الڳ نظام هو. ان شهري رياست لاءِ يونان جو لفظ ”Polis“
ڪتب آندو ويندو هو، جنهن مان لفظ ”سياست“ (Politics)
ڦٽي نڪتو. مسٽر ايماس ۽ لئنگ لکن ٿا ته:
”سڀني يونانين جي ٻوليءَ ۽ مذهب ۾ هڪجهڙائي هئي،
پر انهن ڪيترن ئي بحرانن کي منهن پئي ڏنو هو،
جهڙوڪ 480 صدي ق.م پارس (Persia)
جي بادشاهه جي ڪاهه يا چوٿين صدي ق.م ۾ سڪندراعظم
جو قومي ٻڌي (National
Unity)
پيدا ڪرڻ، اهڙا واقعا ورلي ٿيندا هئا ۽ ڪابه وحدت
عارضي طور ئي هئي.“ (ايماس ۽ لئنگ، 1983ع، ص 4)
يوناني (Greeks)
نانءُ ڪو واحد نه هو جيڪو هو پاڻ کي ڪوٺيندا هئا.
اهو سندن لاءِ لاطيني زبان جو لفظ آهي، جيڪو اصل ۾
ننڍڙي يوناني قبيلي لاءِ ڪتب ايندو هو، جنهن سان،
ڪنهن زماني ۾، اٽليءَ جي ماڻهن جو واسطو رهندو آيو
هو.
آڳاٽي دؤر جا يوناني پاڻ کي هيلينيائي (Helleners)
ڪري سڏيندا هئا ۽ پنهنجي ڏيهه کي هيلاس (Hellas)
(جيئن هو اڄ تائين ايئن ئي ڪن ٿا). پهريان
هيلنيائي، پڻ گمنام يوناني قبيلو هو، جنهن جو
نانءُ تاريخي اتفاق سان، پوريءَ قوم لاءِ لاڳو ٿي
ويو.
قديم (ڪلاسيڪي) دؤر ۾ يوناني، يونان (Greece)
جي صحرا کان وڌيڪ ماڳن تي پکڙيل هئا. يوناني ٻيٽَ
(Islands)،
توڻي جو گهڻا تڻا مکيه يونان جي ڀيٽ ۾ ايشيا جي
وڌيڪ ويجهو آهن، قديم دؤر کان هميشه اتي يوناني
رهندا آيا هئا. صدين تائين مختلف فاتحن جي تسلط
هيٺ رهڻ کان پوءِ به، هو وري يوناني اقتدار هيٺ
آهن. ايشيا ڪوچڪ
(Asia Minor)
جو ساحلي علائقو مڪمل طور تي يوناني شهر سان ڀرجي
ويو. ايجئن (Aegean)
سمنڊ، ڀونوچ سمنڊ (Mediterian
sea)
جو حصو هئڻ ڪري، مڪمل طور يوناني سمنڊ سڏيو وڃي
ٿو. بعد ۾ يوناني ڀونوچ ۽ ڪاري سمنڊ تائين ڦهلجي
ويا ۽ اتي وڃي پنهنجا ٺڪاڻا اڏيائون. هڪ يوناني
رياست جا شهري پاڻ کي ٻڌائيندا ۽ ٻين کي نفرت جي
نگاهه سان ڏسندا هئا. سندن سوچ هئي ته سندن شهر ۽
رهڻي ڪهڻي ٻين کان افضل ۽ اعليٰ آهي.
هيلنيائي شهري رياستن جي سياسي تقدير، مکيه هنڌ تي
۽ بيٺڪن ۾، ڪجهه گڏيل هئڻ جو تاثر ملي ٿو. اسان
هرهنڌ وڏيرڪي بادشاهيءَ منجهان سلطنت کان جمهوريت
جي ارتقا ڏسون ٿا. قديم يونان ڪيترن ئي ننڍن وڏن
شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پکڙيل هئڻ ڪري، جاگرافيائي لحاظ
کان، ان جي هر هڪ ماٿري هڪ شهر ۽ هر جبل يا پوٺو
هڪ شهري آباديءَ تي آڌاريل هو. انهن شهرن منجهه
ڪوبه لڳ لاڳاپو، ڀت برادري ۽ ڪنهن به ڀائيچاري
واري جذبي جي بوءِ نظر نه پئي آئي. هر شهر پنهنجي
منهن هڪڙي الڳ ٿلڳ دنيا ٺاهي هئي ۽ هر شهري پاڻ کي
ڪل ڪائنات سمجهندو هو ۽ ڪنهن ڏانهن به دوستي جو هٿ
نه ڊگهيريو هو. هر شهري پنهنجي خودمختيار حڪومت
هلائيندو هو. جيڪا شهري رياست جي نانءَ سان سڏي
ويندي هئي.
اهڙين حالتن مان اهو پتو پوي ٿو، ته يونان جو گڏيل
سياسي نظام ناممڪن هو، پر قديم يونان جي ميراث هر
ڪنهن مذهبي، سياسي، سماجي، اخلاقي ۽ ٻين قدرن ۾
ڀيٽ رکندا هئا. اڳتي هلي اهي قديم يوناني شهر پاڻ
۾ گڏجي هڪ وحدت جي شڪل اختيار ڪيائون ۽ يونان ٻن
وڏين رياستن، اسپارٽا (Sparta)
۽ اٿينز (Athenes)
جي شڪل وٺندي اُڀري پيا. انهن ٻنهي شهرن هڪٻئي کان
گوءِ کڻڻ شروع ڪئي. ان وقت رُڳو هڪڙو حڪمران طبقو
هو جيڪي فاتح هو ۽ پاڻ کي آزاد شهري سڏائيندو هو،
اتي ٻيو غلامن ۽ محڪومن جو طبقو به موجود هو جن تي
فاتح طبقو حڪومت هلائيندو هو. فاتح ۽ مفتوح
(غلامن) جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هلي پئي ۽ اهو ئي نتيجو
نڪتو، جنهن مان اڳتي هلي يوناني فڪر ڪر موڙي جاڳي
پيو. هومر جي رزميه نظمن (Epics)
۾ ذات پات واري سماج ۽ سرداري سلطنت واري حڪومتي
راڄ جو ذڪر بيان ڪيل آهي. ٿورن ماڻهن جي دولت ۽
ثقافت جي حاصلات کين اشرافيه حڪومت قائم ڪرڻ ڏانهن
نيو ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، ڪن خاص ماڻهن جون
حڪومتون (Oligarchies)
نروار ٿيڻ لڳيون. سماجي حالتن جي ڦيري سبب شهري
طبقو جنهن کي ”Demos“
چيو ويندو آهي، اُڀري پيو ۽ خاص طبقي جي سربراهيءَ
کي للڪارڻ شروع ڪيو. ستين ۽ ڇهين صدي ق.م دوران
اشرافيه کان جمهوريت جي سفر ڪن همٿ ڀرين ۽ وڏ
خيالين جي ڪوشش سبب مڪملتا ماڻي، جن سردارن ۽
حڪمرانن کان طاقت ڇني ورتي ۽ سڄي هيلنيائي دنيا ۾
انڌير قائم ڪيو. آخرڪار ماڻهن حڪومت جون واڳون
پنهنجي هٿن ۾ کڻي جمهوريت لاءِ رستو صاف ڪيو.
يونان ۾ اونداهان دؤر ۽ لڏ پلاڻ:
ميسنيائي دنيا جي اُجڙي وڃڻ کان پوءِ يوناني اتهاس
۾ اونداهون دؤر شروع ٿيو. ڊورينائي، ميسنيائي لوڪن
جي ڀيٽ ۾ ايترو گهڻو سُڌريل نه هئا ۽ نه ئي انهن
هنن جي پايي جا ڪي پٺيان ثبوت ڇڏيا. اهو هڪ شيءِ
جي ڪري ٿيو، ته اتي لکڻ جو فن ناپيد هو. ان جو وڏي
۾ وڏو استعمال اهو هو، ته شاهي رڪارڊن کي محفوظ
رکيو ويندو هو، ۽ جڏهن ميسنيائي جايون تباهه ٿي
ويون، ته انهن سان گڏوگڏ لکت به هلي وئي. صدين کان
پوءِ اها ٻيهر ظاهر ٿي، پر بلڪل هڪ نئين رسم الخط
(الف بي) سان.
ڊورينيائي (Dorians)
واپارين جي ڀيٽ ۾ هاري هئا (يعني هو هارپي جي ڪرت
۾ ڀڙ هئا) تنهنڪري ميسنيائي واپارين جا پٺتي ڇڏيل
ڪي نشان نٿا ملن، نه ئي انهن جون ڪي وڏيون پٿر جون
عمارتون ۽ فن جا نمونا ۽ هنرمندي ئي ملي ٿي. جنهن
مان انهن جي شاهوڪار ۽ عيش و عشرت واري زندگيءَ جي
جهلڪ نظر اچي سگهي، جو اسين اهڙين ڇڏيل شين جي
آڌار تي مِنائي ۽ ميسنيائي لوڪن بابت وڌيڪ ڪجهه
ڄاڻي سگهون.
اونداهن دؤرن جي اهم ترقيءَ بابت اسان کي پتو پوي
ٿو، ته اها بعد ۾ لڏ پلاڻ جي سلسلن جي ڪري ٿي هئي،
جن مڪمل ٿيڻ ۾ ڪيترائي سال ورتا هئا.
ڊورنيائين جو يونان پهچڻ جي لڳاتار رد عمل ۾ ايشيا
پُڇرَ/ ايشيا مائنر جا ڏاکڻيان ساحلي ماڳ ۽ ان جي
ڀر وارا اڪثر ٻيٽ، لاڏائو يونانين جون رهائش گاهون
بڻجي ويا. هن ساحلي ماڳ جو اتريون حصو ۽ ليسباس (Lesbos)
جو ٻيٽ اُتر ۽ وچ يونان جي ماڻهن جون وسنديون،
ويڙها بڻجي ويا. ان بابت ايماس ۽ لئنگ لکن ٿا ته:
”اهي يوناني ڀاشا جي آيولائي(aioli)
اُپ ڀاشا (Dialect)
ڳالهائيندا هئا ۽ اهو علائقو آيولس (Aiolis)
سڏجڻ لڳو. ان جي ڏکڻ ۾ آيونيا (Ionia)
جو مشهور ماڳ هو جتي ٻنهي پيلوپونيز (Peloponese)
۽ وچ يونان جا ماڻهو رهندا هئا. آيونيائي لڏپلاڻ
کي روايتي طور سمجهيو وڃي ٿو، ته اها اصل ۾ اٿينز
کان ٿي هئي جنهن ڊورنيائي حملن کان پاڻ بچايو هو ۽
اهو انهن کان بچڻ لاءِ ٻين لاءِ به هڪڙي پناهه
گاهه/ لِڪَ هو، سندن ٻولي آيونيائي (Ionic)
سڏجي ٿي. هنن آيونيائي ماڻهن مکيه ڀاڱي ۽ ويجهن
ٻيٽن تي حسين بندرگاهن سان خوبصورت شهر ٻڌا هئا.
اهي واپار جي لحاظ کان موزون جايون هيون. ڪياس (Chios)
۽ سيماس (Semos)
اتر کان ڏکڻ تائين ساحلي علائقي جي سامونڊي رستن
کي پنهنجي وَسَ ۾ آڻيندا هئا، ۽ افيسوس (Ephesos)
۽ مليٽوس (Miletos)،
ميناڊروس (Menadros)
۽ ڪيئٽروس (Kaystros)
درياهن جي اندرين هيٺاهين وادين مان ڦُٽندڙ اهم
واپاري رستن جي پڇڙيءَ تي موجود هئا. تنهنڪري اها
حيرت جي ڳالهه ڪانهي، ته آيونيا ڪو وقت يونان جو
سڀ کان وڌيڪ شاهوڪار ۽ تهذيبي پرڳڻو رهيو هو.
ڏکڻ کان اڳڀرو، ڪي ڊورنيائي پاڻ به يونان جي مکيه
ڀاڱي کان ڪريٽ (Crate)،
روڊيز (Rhodes)
۽ ڪوس (Kos)
جي ٻيٽن ڏانهن ويا هئا ۽ ايشيا جي ساحل تي ڪِنداس
(Kindos)
۽ هيلڪِرَنئساس (Halikarnassos)
جهڙيون بستيون ٺاهيون هئائون، انهن هنڌن تي
ڊورنيائي هلچل اچي ڊاٻو هنيو. (ايماس ۽ لئنگ،
1983ع، ص 26).“
آڳاٽي زماني جي انسان وٽ مذهب ۽ خدا جو تصور:
عام طور تي ڪوبه سماج تمام پراڻو مذهب آهي، مذهبي
قدر هر سماج ۾ تمام آڳاٽي تاريخي دؤر کان رائج
آهن. خدا جو تصور منڍ ۾ وڏي طاقت جي تصور جهڙو هو.
ان حالت ۾ هر انهيءَ شيءِ کي خدا سمجهيو ٿي ويو،
جنهن آڏو انسان بيوس ۽ لاچار هوندو هو. مينهن،
کنوڻ، گاج، طوفان، سمنڊ، جبل، روشني، اوندهه، مٽي،
باهه، هوا، نانگ بلا وغيره کي خدائي حيثيت حاصل
هئي، جن جي طاقتن کي ديون يا ديوتائن جي روپ ۾ پيش
ڪيو ويندو هو.
آڳاٽي زماني جو انسان، اهڙي ماحول ۾ جڪڙيل هو،
جنهن کي هو پوريءَ ريت سمجهي نٿي سگهيو. سندس آس
پاس جي هر شيءِ هن لاءِ هڪ اهڙو سوال بڻيل هئي
جنهن جي جواب جي ڳولا ۾ پاڻ سرگردان ۽ حيران هو.
علمي وسيلي جي اڻ هوند سببان ان دؤر جو انسان
پنهنجي مسئلن ۽ مونجهارن جو حل دليلن بدران شڪ ۽
گمان ۾ ڏسندو هو ۽ عقل جي استعمال عيوض وهم سان ئي
سوچيندو هو. ڇاڪاڻ ته وٽس منطق جهڙو چٽو ۽ ڪارائتو
دڳ هٿ آيل نه هئس. ان دؤر جي وهمن مان هڪ وڏو وهم
هيءُ به هو، ته جانورن کي به روح آهن، ايتري تائين
جو وڻن جون آتمائون ٿين ٿيون ۽ ”هر ڪا بيجان شيءِ
ڪانه ڪا شخصيت رکي ٿي.“
تاريخدان هيروڊوٽس ٻڌائي ٿو ته: ”پراڻي دور جا
مصري باهه کي هڪ زندهه جانور سمجهندا هئا. اهڙيءَ
ريت ويدن ۾ اگني باهه جي ديوتا جو نالو آهي. هوا
کي ته پوريءَ دنيا ۾ ماڻهوءَ ۽ ٻارن ٻچن جي ماءُ
سمجهيو ويندو هو.“ (لئنگر، 1954ع، ص 20)
ايندريولئنگ (Andrew
lang)
چوي ٿو ته:
”آڳاٽي زماني جي اڻ سڌريل ماڻهوءَ لاءِ آسمان، سج،
سمنڊ ۽ هوا نه رڳو جاندار، پر اڻ سڌريل جاندار
جهڙا آهن.“
اهڙن وهمن ۽ گمانن سان ان دؤر جو انسان پنهنجي
ماحول کي جاچي جوچي رهيو هو ۽ پنهنجي مسئلن جا حل
ڳولي رهيو هو. ان دؤر جي تلاش جو نتيجو ئي آهي
جنهن کي اسين ڏند ڪٿا (Myth)
سڏيون ٿا. ان دور جي ادب جو مواد به اهي ئي ڏند
ڪٿائون، قصا ۽ ڪهاڻيون هئا. ايليڊ ۽ اوڊيسي، مها
ڀارت، رامائڻ، سڪندر نامو، شاهه نامو، هٿؤن وڃايل
بهشت، خدائي مسخري، ڪنهن نه ڪنهن ريت ادبي لاڙي جا
ڪي روپ آهن.
يوناني ديو مالائي قصا ۽ ڪهاڻيون:
دنيا جي ديو وارتائي قصن ۽ ڪهاڻين وانگر يونان جي
ماڻهن وٽ پڻ ديوتائن ۽ ديوين بابت وڻندڙ ڪٿائون
آهن جيڪي اڳتي هلي سندن ادب ۽ شاعريءَ جو سرچشمو ۽
بنياد بڻجي ويا. جنهن وقت يونان ۾ فلسفي جو وڻ
پنهنجون حسين لامون جهلي رهيو هو، ته ان وقت اتي
به ديو وارتائي سوچون موجود هيون.
يوناني ديوتائن جا قصا ۽ ڪهاڻيون صدين کان هڪ نسل
کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندا رهيا هئا. يونان ۾
ڪثرت ديوتائڻ (Multi
gods)
(گهڻ ديوتائن) جو تصور موجود هو يعني گهڻ ديوتائن
کي پوڄيو ويندو هو ۽ انسان جي تقدير انهن جي هٿ وس
هئي.”انهن ديوتائن ۾ سڀ کان اهم ديوتا زيوس (Zeus)
آهي جيڪو ديوتائن جو ديوتا، آسمان جو مالڪ، مينهن
وسائيندڙ
(Cloud gatherer)،
ڪيترن ئي ديوتائن ۽ سورهيه انسانن جو پڻ پيءُ آهي.
(هند آريائي
Indo Aryans)
هن کي دائوس پتر (Dayus
Pitar)
۽ رومي هن کي جوپيٽر (Jupitar)
”مشتري“ سڏين ٿا. (ناس، 1964، ص75)
زيوس سان هڪجهڙا آواز ۽ معنائون هن طرح آهن:
ديوتا، ديوس (Dius)،
ڊيمن، ڊوائن، دئوس، ڊي (ڏينهن) يونيورس جنهن جي
انسان عبادت ڪري ٿو. ضياءَ روشني آهي جيڪو عربي
ٻوليءَ جو لفظ آهي. ديئا، ڏيئا، ضياءُ (Dea)
Dyo
اپالو (Apollo)
سِجَ، آئيندي جي ڄاڻ ڏيندڙ، راڳ، شاعري ۽ طب جو
ديوتا آهي. اِٿينا
(Athena)
ڏاهپ، ۽ فنون جي ديوي آهي. هيرا (Hera)
زيوس ديوتا جي ڀيڻ ۽ زال آهي. ڊايونيس (Dioynesos)
شراب ۽ شباب جو ديوتا آهي. ياد رهي، ته خوشي ۽
سرمستيءَ وارا لفظ هن ئي ديوتا سان منسلڪ آهن.
ايسڪليپيوس (Asclepios)
اپالو جو پٽ ۽ طب جو ديوتا آهي. هيراڪليس (Heracles)
زيوس جو پٽ ۽ وڏي شڪتيءَ وارو ديوتا ليکيو وڃي ٿو.
هِفائسٽاس وري باهه جو منڊو ديوتا آهي.
ٿور ديوتا (Thor)
(ڳاڙهي ڏاڙهي وارو ديوتا) ۽ سندس هٿوڙي وارو قصو
عيسائيت جي اچڻ کان اڳ ۾ ناروي ۾ آيو هو، جتي
ماڻهن جو عقيدو هو، ته ٿور ديوتا رٿ (Chariot)
۾ ويهي، جنهن کي ٻه ٻڪر ڇڪيندا آهن، آسمان جو سير
ڪندو آهي. جڏهن هو هٿوڙو لوڏيندو هو، ته ڪڪرن ۾ وڄ
۽ گاج پيدا ٿي پوندي هئي. سوڊاني ٻوليءَ ۾
Thunder
”گاج“ لاءِ ”Aska“
لفظ ڪتب ايندو آهي. اصل ۾ ”Asaka“
(آساڪا) جنهن جي معنيٰ آهي- ”god's
Journey“
(اُڀ/ آسمان ۾ ديوتا جو سير سپاٽو/ سفر.)
جڏهن به اُڀ ۾ کِنوڻ کِنوندي آهي ۽ گاج گجندي آهي،
ته مينهن وَسندو آهي، جيڪو وائڪِنگ جي هارين لاءِ
لاڀائتو هو. تنهنڪري ٿور ديوتا کي پوکي راهيءَ جي
ديوتا طور پوڄيو ويندو هو. اهڙيءَ ريت مينهن جي
ديو وارتائي/ ڏند ڪٿائي وضاحت (Mytheological
explanation)
ايئن ڪئي ويندي هئي، ته ٿور ديوتا پنهنجو هٿوڙو
لوڏي رهيو آهي. ساڳيءَ ريت هِند سنڌ ۾ اِندر ديوتا
جو تصور موجود رهيو آهي. جيڪو آسمان ۽ ماحول جو
ديوتا آهي. مينهن وسڻ کان پوءِ آسمان ۾ نروار
ٿيندڙ رنگا رنگي ڪماني پٽيءَ کي اندر جي لٺ/
انڊلٺ/ اندر ڌنُش سڏيو ويندو آهي. مسلمانن وٽ وري
حضرت ميڪائيل مينهن ٿو وسائي ۽ آسمان ۾ وڄ/ کنوڻ
جا چمڪاٽ ۽ تجلا ان جي چهبڪ جا سٽڪا آهن وغيره.
اهڙي طرح جتي جتي جڏهن به مينهن وسندو هو، ته ٻج
ڦٽندا هئا ۽ کيتن ۾ سلا بڻجي جهومندا هئا. اهو
سمجهيو ويندو هو ته کيتن ۾ ٻوٽا ڪيئن ٿا ڦٽن ۽ فصل
ڏين، پر اهو واضح طور مينهن سان منسلڪ ڪيو ويو ۽
جڏهن ته هر ماڻهوءَ جو واسطو ”ٿور ديوتا“ سان ئي
هو. اهو نارس ملڪ جي ديوتائن مان هڪڙو اهم ديوتا (god)
هو.
مشرقي ديوتائن (Eastern
gods)
جي پڻ ڀونوچ سمنڊ (Mediterian
Sea)
جي سمورن ملڪن ۾ پُوڄا ڪئي ويندي هئي. نيون مذهبي
اڏاوتون، جيڪي ديوتائن ۽ ڪيترن ئي قديم قومن جي
عقيدن تي آڌاريل هيون، اُسري پيون.
وائيڪنگ جي ماڻهن جو عقيدو هو، ته آباد دنيا هڪ
ٻيٽ تي آهي جيڪا هميشه ٻاهرين خطرن جي ور چڙهيل
آهي. هو دنيا جي ان خطي کي مڊگارڊ يعني وچين سلطنت
سڏيندا هئا. ان مڊگارڊ جي ٻاهران وري اِنَ گارڊ
يعني راڪاسن جي سلطنت موجود هئي. اهي ديوتا دنيا
کي ناس ڪرڻ ۾ رڌل رهندا هئا ۽ ان لاءِ هر قسم جا
حربا هلائيندا هئا. نه رڳو نارس پٽر جي ديوتائن،
پر سموري دنيا جي ثقافتن ۾ به ماڻهو اهو سوجهي
ورتو، ته نيڪي ۽ بدي جي طاقتن وچ ۾ تمام نازڪ
توازن موجود هو.
جڏهن ڪنهن سال مينهن نه پوڻ ڪري قحط يا ڏڪر پوندو
هو، ته ماڻهو سوچيندا هئا، ته شايد ديون، ٿور
ديوتا جو هٿوڙو چورايو آهي جو هيل مينهن نه پيو
آهي؟ سال ۾ جيئن مندون مٽجن سٽجن ٿيون، اهڙيءَ ريت
ڏند ڪٿا ۾ به ان کي سمجهايو ويو آهي. مثال طور،
سياري جي سرديءَ ۾ فطرت فنا ٿي ويندي آهي، ڇاڪاڻ
ته ٿور ديوتا جو هٿوڙو پهچي چڪو هوندو آهي ۽
جيستائين اهو موٽائي آڻڻ ۾ سوڀارو ٿيندو آهي، ته
ايتري ۾ بهار به اچي وڻن کي ڳرلائيندو آهي. ان ريت
ڏند ڪٿائن ذريعي ماڻهن کي اهي ڳالهيون سمجهايون
وينديون هيون، جيڪي سندن ذهني نابالغي ۽ اڻ ڄاڻائي
ڪري کين سمجهه ۾ نه اينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ائين
به ٿيندو هو، ته مينهن نه پوڻ يا ڏڪر سبب پوک چڱي
نه لهندي هئي، ته ڳوٺ جو ڪو مڙسالو، ڪنوار جا ڪپڙا
پائي ڇاتين جي جاءِ تي پٿر رکي، ديون کي
هِرکائيندو هو، ته جيئن هو کانئس هٿوڙو موٽائي
سگهي. مينهن لاءِ ماڻهو اهڙا کيڏ ۽ ڪرتب ڪندا هئا،
ته جيئن سندن کيتن کي پاڻي ملي سگهي ۽ پوکي راهي
ٿي سگهي.
يونان جي گهڻ ديوتائن واري تصور کي اليڪائي مڪتب
فڪر جي مهندار فلسفي زينوفينس (Xenophenes)
تي چٿر ڪئي، هومر ۽ هيئنڊ جي شخصي خدائن (Anthroworphic)
جي تصور تي تنقيد ڪئي ته هنن فلاسافرن ديوتائن سان
جٺ ڪندي انهن کي انسانن وانگر پيش ڪيو آهي، ته اهي
اسان وانگر ڄمن ٿا، لٽا ڪپڙا پائن ٿا، جسم ۽
زبانون ساڳيون اٿن. فحاش، چور ۽ ڌوڪي باز به آهن.
حبشين (Ethiopians)
جي نظر ۾ سندن ديوتا ڪارا ۽ بينا آهن، ٿريشيائي (Thracians)
ماڻهن جي نظر ۾ ديوتائن جون اکيون نيريون ۽ وار
ڳاڙها اٿن.
”جيڪڏهن ڏاند، گهوڙا ۽ شينهن ديوتائن جي تصوير ڪشي
ڪري سگهن ها، ته هوند اهي به انهن کي (پنهنجي
مجسمن ۽ تصويرن ۾) ڏاندن، گهوڙن ۽ شينهن وانگر
ٺاهي پيش ڪن ها.) (گٿري 1967ع، ص 371)
گهڻ ديوتائن جي هن نظريي مطابق ديوتا هڪ نه بلڪ
گهڻا آهن. اهي ديوتا هڪٻئي کان آزاد، الڳ ٿلڳ ۽
منفرد آهن. آڳاٽي زماني ۾ جڏهن ماڻهو رڳو کاڌ
خوراڪ جي بنيادي مرحلي سان منسلڪ هوندا هئا ته
مذهب، خوف ۽ ڊپ جي جذبن ۾ ويڙهيل هو. اهڙو خوف
جنهن ۾ احترام ۽ پاڻ ارپڻ جا جذبا پنهنجي چؤگرد
موجود شين کي ديوتائن جي صورت ڏيندا هئا. انهن
خدائن کي پنهنجي ڏکن ڏولاوَن، اهنجن ۽ ايذائن کان
ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو وسيلو سمجهندي، انهن کي پوڄيندا
هئا ۽ جيڪڏهن هڪ ڀيرو سندن پوڄا سچي ثابت ٿي پوندي
هئي، ته سڄو قبيلو ان کي پنهنجي ايندڙ وقت/ آئيندي
جي حفاظت لاءِ ضمانت سمجهي مذهب جو درجو ڏئي
ڇڏيندو هو. مختلف نازڪ دؤرن ۾ ڀانت ڀانت جي شين کي
ديوتائن جو درجو ڏنو ويو ۽ انهن کي پوڄڻ جو رواج
پوري سماج ۾ عام جام ٿي ويو. توڻي جو شروعاتي
مذهبن کي گهڻ يا ڪثرت چيو وڃي ٿو.
مصرين، رومين، يونانين ۽ ان سان گڏوگڏ
اسڪينڊنيويائي ۽ هندستاني لوڪن جا مذهب پڻ گهڻ
نوعيت جا چيا ويندا هئا. خود يهودي به پنهنجي
شروعاتي زمانن ۾ ”يهودا“ کي گهڻ خدائن مان هڪڙو
خدا سمجهندا هئا. قديم زماني ۾ مختلف دؤرن ۾ سج،
چنڊ، سمنڊ ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين فطري لقائن کي وڏي
عقيدت سان پوڄيو ويو آهي ۽ هي انهيءَ لاءِ هو، ته
انهن شين جو ان دور جي ماڻهن سان سڌو سنئون تعلق
هو. ڪڏهن ڪڏهن ديوتائن متعلق اهو به سوچيو ويندو
هو، ته هو هڪٻئي کان الڳ ٿلڳ ۽ مختلف آهن جنهن جو
مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. بعد ۾ هڪ خدا جو تصور اچي
ٿو ۽ اهو چيو وڃي ٿو، ته ڪائنات هڪ واحد پاڻ تي
آڌاريل ڪل
(Self consistent whole)
آهي. هي هڪ اهڙي وسيع وحدت آهي جنهن ۾ ڪابه شيءِ
الڳ ٿلڳ ۽ آزاد ناهي، پر اهي سڀ جُز (ڪثرت ۾
هوندي) هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن ۽ هڪ ٻئي جي ڪاڻ ڪڍن
ٿا.
تقديريت، قضا جو نظريو (Fatalism)
Destiny:
عام يوناني تقديريت/ قضا جا تمام گهڻا قائل هئا.
تقدير جي عقيدي موجب ڪنهن به شيءِ يا واقعي جي ٿيڻ
کان اڳ اهو اڳواٽ ئي طئي ٿيل هوندو آهي.
”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙي نه وَهي.“
قديم يونان ۽ دنيا جي ٻين هنڌن ۾ اسان کي اهڙو
طبقو ملي ٿو، ته ماڻهوءَ کي پنهنجي قسمت بابت ڪنهن
پراسرار شڪتي يا غيبي آواز ذريعي ملي سگهي ٿو، ته
هن جي قسمت سٺي آهي يا خراب. يعني ماڻهو پنهنجي
قسمت آزمائڻ لاءِ پيرن فقيرن جي درگاهن يا مزارن
تي وڃي اتي پڙ يا باسون باسن ٿا ۽ سکائون ڏين ٿا.
اڄ به انيڪ ماڻهو تاس جي پتن وسيلي يا هٿن جي
لڪيرن مان آسماني تارن جي چال ڄاڻي، آئيندي بابت
پتو لڳائڻ جي دعويٰ ڪندا آهن. فال ۽ ڍاري تي پڻ
آئيندي جي حالتن جو پتو ڪرايو ويندو آهي وغيره.
ڪڪڙ ڪهي گهر کان ٻاهر اڇلائڻ، واڱڻ در تي ٽنگڻ،
تعويذ، ڌاڳا، ڦيڻا، ڏائڻ پڻو، ڪارو جادو جهڙن
اڪيچار سوين وسون تي ٻڌل عقيدا ۽ روايتون اڄ به
موجود آهن ۽ اهي ماڻهن جي زندگيءَ جو اٽوٽ حصو
آهن. ستارن جي ملڻ سان ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن جي
قسمت سنوربي، ڀاڳ ورندي ڏٺو ويندو آهي. ”علم جوتش“
(Astrology)
ان جو وڏو مثال آهي (جنهن مان اڳتي هلي فلڪيات جو
علم (Astronomy)
نڪتو) جوتش بابا به اڄ ڪلهه عام جام وتن ڦرندا ۽
پنهنجي روزي روٽي ڪمائڻ لاءِ ماڻهن کي ڦاسائيندا
وتن.
انسان جي تاريخ اهڙين سوچن سان ڀري پئي آهي. هڪڙو
علم ۽ فڪر، تدبر جو وڏو جهان آهي، جيڪو سڀني کي
جهاڳڻو آهي.
ڊيلفيءَ جي مندر وٽ غيب جو جواب/ آواز (Oradealt
Delphi):
قديم يوناني جو عقيدو هو، ته هو پنهنجي قسمت
آزمائڻ لاءِ (ڀاڳ جي معاملي ۾) ڊيلفيءَ جي مشهور
غيبي آواز (Oracle)
کان صلاح مشورو وٺي سگهن ٿا. ان غيبي آواز جو
ديوتا (Apollo)
هو جيڪو پائيٿا (Pythia)
نالي پوڄارڻ واتان ڳالهائيندو هو. پائيٿا زميني
ڏرڙ (Fissure)
۾ رکيل اُڀي صندليءَ (Stool)
تي ويٺل هوندي هئي. ان ڏرڙ مان ٻاڦ نڪرندي هئي
جيڪا پائٿيا کي وجد ۾ آڻي ڇڏيندي هئي جنهن کان
پوءِ هوءَ اپالو ديوتا جي لفظن جي وضاحت پيش ڪرڻ
جي اهل بڻجندي هئي.
ماڻهو جڏهن ڊيلفيءَ جي مندر وٽ ايندا هئا، ته هو
غيبي آواز جي پوڄارين کي پنهنجا سوال پيش ڪندا
هئا، جيڪي اهي وري پائيٿا ڏانهن اُماڻيندا هئا. هن
جو جواب ايترو ته اڻ چٽو ۽ مبهم هوندو هو، جو ان
جي وضاحت پاڻ پوڄارين کي ڪرڻي پوندي هئي.
اهڙيءَ ريت ماڻهو اپالو ديوتا جي ڏاهپ مان سيراب
ٿيندا هئا ۽ انهيءَ ۾ وڏو ويساهه رکندا هئا، ته هن
کي، هر شيءِ جي خبر هئي، ايتري تائين جو هو آئيندي
جي حالتن ۽ واقعن بابت به ٻڌائي سگهي ٿو. ڪيترائي
حڪمران ڊيلفيءَ جي هن غيبي آواز کان مشورو ڪرڻ کان
سواءِ ڪنهن به جنگ ۾ حصو نه وٺندا هئا، نه ئي هو
ڪو اهڙو فيصلائتو قدم کڻندا هئا.
ڊيلفيءَ جي مندر جي دروازي جي مهاڙيءَ مٿان ”پاڻ
سڃاڻ“
(Know they self)
وارا اَملهه لفظ لکيل هوندا هئا، جيڪو زيارتين کي
ياد ڏياريندو هو، ته هو ان ڳالهه ۾ پڪو ويساهه
رکن، ته انسان پاڻ کي فانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه
به نه سمجهي ۽ ڪوبه بني بشر پاڻ ئي پنهنجي تقدير
يا قسمت کان پاند پالهو نٿو ڪري سگهي.
يوناني وٽ ڪيترن ئي ماڻهن بابت قصا ۽ ڪهاڻيون
موجود هونديون هيون جن جي تقدير (destiny/
fate)
هنن کان بدلو وٺندي هئي جيئن اسان وٽ ڪرمن جو ڦل،
ڪرڻ ڦل (Law
of karma)
جو تصور موجود آهي. ”جيڪو پوکبو سو ئي لڻبو“ هر ڪو
پنهنجي قسمت جو کٽيو پيو کائي، چئي: ادا قسمت
منهنجي کوٽي، سونهن سِڪي، ڀاڳ کائي، ڀاڳ ۽ نڀاڳ جو
تصور، اسان وٽ هتي پنهنجي سنڌ جي سماج ۾ صدين کان
هلندا پيا اچن. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، ڪيترائي
ناٽڪ، ڊراما، الميائي داستان (tragedies)
انهن الميائي (tragic)
ماڻهن بابت لکيا ويا جن مان گهڻو مشهور قصو
بادشاهه ”اوڊيپس جو الميو“ آهي. هن قصي جو خالق/
ليکڪ يونان جو مشهور ناٽڪ نويس (Dramatist)
سوفوڪليز (Sophocles)
آهي، جنهن ديوتائن پاران انسان ويچاري جي قسمت
ڏيکاريل آهي ته ڪيئن هن سان تقدير نڀائي آخر سر
کڻي ٿي. ماڻهو ڪجهه به ڪري پر قسمت آخر تائين
پنهنجو ڪم ڪري ٿي. اوڊيپس کي يونانيءَ ۾ ” زخميل
ٻيڙي“ چئبو آهي.
يونانين جو عقيدو هو، ته تقدير نه رڳو ماڻهن جي
زندگيءَ تي حڪمراني هلائي ٿي پر ايتري تائين جو
اها دنيا جي سڄي اتهاس تي قابض آهي ۽ جنگ ديوتائن
جي چوڻ سان ختم ٿي سگهي ٿي پر ساڳئي وقت جڏهن
يوناني ڏاها فطرت جي تسلسل لاءِ طبعي/ مادي
وضاحتون ڳولڻ جي جستجوءَ ۾ لڳل هئا، ته پهريان
اتهاسڪار، اتهاس جي کوجنا جي شروعات فطرتي وضاحت
جي آڌار تي ڪري رهيا هئا. جڏهن ملڪن ۾ جنگ ختم
ٿيندي هئي، ته ديوتائن جي بدلي وٺڻ واري خيال کي
ماڻهو نه قبوليندا هئا ۽ هوريان هوريان ديوتائن جي
جنگ وارو اهو عقيدو ماڻهن منجهان الوپ ٿي ويو.
يونان ۾ تمام مشهور اتهاس ڪار هيروڊوٽس (Herodotus)
۽ ٿيوسيڊائيڊس (Thucydidus)
ٿي گذريا آهن. يونانين جو عقيدو هو، ته بيمارين جي
سڃاڻ ديوتائن جي مداخلت سان ٿي سگهي ٿي. ٻئي پاسي
جيڪڏهن ماڻهو قربانيون ڏيندا، ته ديوتا ماڻهن کي
چاق چڱو ڪري سگهن ٿا. اهو تصور يونانين لاءِ ڪنهن
به صورت ۾ آفاقي نه هو. جديد طب جي ترقيءَ کان اڳ
اڻ ڳڻيا ماڻهو انهيءَ ڳالهه ۾ ويساهه رکندا هئا،
ته بيماري يا روڳ مافوق الفطرت جي ڪارڻن ڪري ٿئي
ٿو.
يوناني ادب:
دنيا جي ادب وانگر يوناني ادب به پنهنجي هڪ جدا ۽
الڳ ٿلڳ سڃاڻپ رکي ٿو ۽ ان جي ادبي قد ڪاٺ به دنيا
جي عظيم ادب سان ڪلهو هڻي ٿو. يوناني ادب ۾ جيڪي
مذهبي رجحان هئا. اچو ته انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش
ڪريون! يوناني فلسفي جي تاريخ جي مطالعي لاءِ سندن
مذهبي زندگي خاص اهميت جي حامل آهي. جنهن جا ٻه
اهم پاسا آهن:
1. هڪڙو آهي. اومپس جي ديوتائن جو مذهب، جنهن کي
هومر جي (ايپڪ) رزميه نظمن ذريعي سڃاڻپ ڪرائي وئي،
جنهن ۾ انساني جذبن، انهن جي روزاني زندگيءَ سان
تعلق ڏيکاريل آهي. انهن ديوتائن جي انساني تشبيهه
وارو تصور (Anthropomorphic
concept)
آڳاٽي وقت کان وٺي پنجين ۽ چوٿين صدي ق. م ۾
يوناني تهذيب جي عروج تائين رهيو ۽ ڊگهي مهذب اوسر
ماڻي ورتي، ۽ هيءُ سڌارو، منجهيل نموني سان فلسفي
سان سلهاڙيل رهيو آهي.
2. يوناني مذهب جو ٻيو پاسو، جيڪو ڇهين صدي ق.م جي
مذهبي سجاڳيءَ ۾ اهميت رکي ٿو، ان جون بنيادي
خاصيتون يا وري عام طور ڳُجهن فرقن (mystry
cults)
سان تعلق رکن ٿيون.
هڪ پاسي يوناني مذهب جا هڪٻئي تي باهمي عمل جي ٻن
پاسن، ۽ ٻئي پاسي فلسفي کي سمجهڻ کان اڳ ۾، اسان
کي ان ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ گهرجي، ته مذهب، فن ۽
فلسفو، عيسائين جي ڀيٽ ۾، يوناني تاريخ ۾ وڏي حد
تائين پيهي ويل آهي. ديوتائن جي ديوتا زيوس جي
تصور جي ارتقا جو مثال وٺي سگهجي ٿو. هومر ۾ هي،
ٻين ديوتائن وانگر، تقدير جي وس ۾ آهي، پر ڪن صدين
کان پوءِ، ايسڪليس جي ناٽڪن ۾، خود تقدير کي زيوس
جي عظيم ارادي سان سڃاڻپ ڪرائي وئي. اولمپيائي جبل
جي ديوتائن، فلسفي کي متاثر ڪيو آهي. هڪ مڃيل
ذريعي مان اهو خيال ملي ٿو، ته هومر وارو ديوتائن
جو تقدير جي وَسَ ۾ هئڻ وارو تصور ان ذهني ورتاءَ
تي آڌاريل آهي، جنهن پهريون يوناني فلسفو پيش ڪيو
جنهن کي ڇهين صدي ق.م جو فلسفو سڏيو وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ ماليشائي مفڪرن جو ورتاءُ وڌيڪ مڃيل
سائنسي سوچ وارو هو. يقيني طور ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي،
ته هڪٻئي پٺيان ماليشائي فلسفي جي ترقي ۽ ان سان
گڏوگڏ پٺيان ايندڙ فيثاغورس، پارمينڊس ۽ هيراڪليٽس
جي فلسفن، جيڪي ڇهين صديءَ جي نئين ۽ بنهه مختلف
مذهبيت کان متاثر هئا، شين ۾ وحدت واري لاڙي لاءِ
فڪري پس منظر پيدا ڪيو، جيڪو اسين ايسڪيليئس (Aeschylus)
جي زيوس ۾ ڏسون ٿا.
هي ۽ ٻيا اهڙا مختلف اثر چوٿين صدي ق. م ۾ افلاطون
۽ ارسطوءَ جي فلسفياڻي وحدت پسندي (Monotheism)
۾ گڏيل سڏيل نظر اچن ٿا. ”ٿلي“ لکي ٿو:
”ان ۾ حيران ٿيڻ جهڙي ڳالهه ناهي، ته جڏهن فلسفي
کي يوناني فڪري زندگيءَ جي ٻين پاسن کان ڌار سڃاڻپ
ڏجي ٿي ته آخر ان جي فرقي يا ڏند ڪٿا وانگر ان جي
فلسفي ۾ به گهڻو تڻو مذهبي سوچ جو رنگ چڙهيل آهي.
اها حقيقت آهي، ته يوناني مذهب ڪڏهن به خاص منظم
شڪل ڪونه ورتي هئي. اهو اڪثر فلسفي، فن ۽ شاعريءَ
۾ دينيات کي بيان ڪندو رهيو هو. حقيقت ۾ هومر ڪو
دينياتي سوچ وارو ڪونه هو.“ (ٿلي، ص 10، 9)
يوناني فڪر جي اهڙي تبديلي نيئن سوچ کي جنم ڏنو.
اسين انهن تبديل ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي حالتن کي
يوناني شعور جي سجاڳيءَ جو نتيجو سمجهي سگهون ٿا.
نئين تحريڪ ۾ روشن خيالي (نرواڻ) جو ڪارڻ ۽ علامت
ٻئي هوندا آهن. اهو روايتي سوچ کي وڌندڙ تنقيد ۽
فڪر جي نمايان نشاني آهي. ”ٿلي“ اڳتي لکي ٿو:
”اها پراڻن ادارن جي خلاف احتجاج ٿيڻ ۽ نئين سڌاري
جي گهرج ڪرڻ هوندو آهي. ڇهين صدي ق.م کان اڳ
يوناني ادب جي تاريخ، تنقيد ۽ فڪر جي روح جي ترقي
ظاهر ڪري ٿي. هومر جي سُرهائي ۽ معروضيت ٻاروتڻ جي
ڀورڙائي (Naivete)
جهلڪندي هوريان هوريان الوپ ٿي وڃي ٿي، شاعر پُر
اُميد گهٽ ٿيڻ لڳن ٿا، اهي وڌيڪ تنقيدي ۽ موضوع
بڻجي وڃن ٿا. هومر ۾ ئي اسان ماڻهن جي ورتاءَ،
فاني انسانن جي بيوفائي، زندگيءَ جي بي بقا (transistorizes)
۽ ڏُک ۽ بي انصافي جي بُڇڙائي (Wickedness)
تي ورلي ڪي اخلاقي اولڙا ملن ٿا. هيسائڊ ۾ تنقيد ۽
نااُميديءَ جو آواز وڌيڪ بلند ٿئي ٿو، سندس ڏينهن
۽ ڪم ڪاريون ”Works
and days“
هڪڙو اخلاق تي ٻڌل ڪتاب آهي جيڪو پنهنجي دور جي
عيبن (Foibles)
تي هلان ڪري ٿو ۽ زندگيءَ جي اخلاقي قول ۽ عملي
اصول ٻڌائي ٿو، سادن ڳڻن کي ساراهي ٿو ۽ پُراڻن
چڱن ڏهاڙن جي زوال تي ڳوڙها ڳاڙي ٿو.
دِلسوز ۽ طنز ڀريل تاڻ (Strain)
۾ ستين صدي ق.م جا شاعر القيوس سئفوءَ جو عاشق ۽
همعصر، سِمونيديس، آرچيلوڪس، وڌندڙ انڌير راڄ کي
نندن ٿا ۽ ماڻهن جي هيڻائي تي افسوس (Deplore)
کائن ٿا، تنهن هوندي به کين ان ڳالهه تي زور ڀرين
ٿا، ته هو پنهنجي تقدير کي بهادريءَ سان مُنهن ڏين
۽ ان جو نتيجو ديوتائن تي ڇڏي ڏين.
نااُميدي ۽ نصيحت آميز (didactic)
جو تصور ڇهين صدي ق.م جي شاعريءَ ۾ وڌيڪ ڏيکاريل
آهي. ماڻهن جا سياسي ڀاڳ نڪته چينيءَ جو موضوع
آهن، ۽ شين جي نئين نظام کي اڪثر وڏي سختيءَ سان
ننديو ويو آهي. هن دور ۾ آکاڻيءَ جو ليکڪ ايسپ (Aesop)
۽ ان سان گڏ چوڻين وارا شاعر (gnomic)
سولون، فوسيلائيڊيس، ٿيئوجنس پيدا ٿيا، جن جون
ڏاهپ ڀريل چوڻيون اخلاقي سوچن سان سرشار هيون جنهن
کي ڪچو (embryonic)
اخلاقي فلسفو چئي سگهون ٿا. فرد زندگيءَ تي تنقيد
۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ جي شروعات ڪري رهيو هو. رڳو ان کي
گذاريندو رهڻ کي هن گهڻو ڪجهه ڪافي نه پئي سمجهيو.
هي ان جي معنيٰ تي غور ويچار ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي
قوم جي معيارن ۽ روايتي سوچن کي آواز ڏيڻ لاءِ
وڌيڪ راضي ڪونهي، پنهنجي ذاتي اخلاقي، سياسي ۽
مذهبي سوچن ۽ اُڪير کي نبيرڻ لاءِ تڪڙو آهي. طويل
۽ گهڻو مُنجهيل تجربن جي نتيجي مان نڪرندڙ هي
جاچنا ۽ اَرهائي نيٺ سياسي ۽ اخلاقي نظرين جي روپ
۾ انساني رهڻي ڪهڻي (Conduct)
جي فلسفياڻي اڀياس ۾ اوج تي رسي ٿي.“ (ٿلي، ص 9)
برزبان شاعري (Oral
Poetry):
هومر ۽ هيسائيڊ تهذيب ۽ ٻوليءَ جي اوسر ۾ چولي
دامن جو ساٿ آهي، ته ادبي تخليق جي سڀ کان پُراڻي
۽ عام مڃيل شڪل شاعري ئي آهي. تاريخي اعتبار کان
ان جو سڀ کان پُراڻو نمونو
”گل گامش“ نالي اهو طويل نظم آهي جيڪو اڄ کان اٽڪل
ست هزار سال پهريان بابل ۾ لکيو ويو هو ۽ اهو
محفوظ آهي، نظم جو ڪاتب ٻڌائي ٿو، ته ان جو ڪجهه
حصو ٻه هزار سال پهريان ڪنهن ٻي لکڻيءَ مان ورتو
ويو هو. ٻين لفظن ۾ هيءُ نظم لڳ ڀڳ نو هزار سال اڳ
وجود ۾ آيو هوندو، ان ۾ نوح جي طوفان جو ذڪر تفصيل
سان ڪيو ويو آهي. نظم ۾ بيان ۽ مشاهدي جون خوبيون
جهلڪندي نظر اچن ٿيون. جيڪي ڪنهن به نمايان ادبي
لکڻيءَ جون گهربل صورتون هونديون آهن.
هزارين سالن دوران ماڻهوءَ جي تخليقي صلاحيت جيئن
جيئن چوٽ تي چڙهندي وئي شاعري ۽ ٻين فنن ۾ ڪهڙا
ڪهڙا نه شاهڪار تخليق ڪيا ويا، انهن جو آڌار ڪنهن
حد تائين ماحول جي خارجي اثرن تي ۽ ڪنهن حد تائين
فنڪار جي انفرادي جوهر تي آهي.
تخليق جو عمل تمام پيچيدو آهي ۽ ان کي سولائيءَ
سان ڪنهن مفروضي يا نظريي ۾ سموهي نٿو سگهجي.
عظيم شاعريءَ جي شروعات تهذيب جي انهيءَ گهواري ۾
ٿي، جنهن کي ”يونان“ ٿا چئون.
ٽي هزار سل اڳ ايليڊ ۽ اوڊيسي نالي انهن ايپڪ نظم
جي تخليق ٿي هئي جيڪي هومر جي نانءَ سان جُڙيل
آهن. سنڌيءَ ۾ ايپڪ (Epic)
کي رزميه شاعري چيو ويندو آهي. شاهه لطيفرحه
جو ڪيڏارو، خليفي نبي بخش جو کرڙيءَ جي جنگ تي
لکيل ڪيڏارو، تنوير عباسيءَ جو ڪيڏارو، شيخ اياز
جو دودي سومري جو موت پڻ رزميه نظم يا جنگناماً،
ان جو چٽو مثال آهن، جن کي وقتاً به وقتاً ڀٽن
ڀانن ۽ سنڌ جي چارڻن به ڳايو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جو ”جنگ نامه“ ڪتاب انهن سنڌ ۾ ٿيندڙ
خانه جنگين ۽ ٻاهرين حملي آورن جي حملن ۽ ڪاهن تي
ٻڌل لوڪ شاعري جيڪا سگهڙن پئي ڳائي آهي، هڪ اهم
دستاويز آهي.
”اوڊيسي کان علاوه اطالوي شاعر دانتي جي خدائي
مسخري (Divine
Comedy)
۽ ملٽن جي ”بهشت هٿؤن ويو“ (Paradise
Lost)
جو ڳاڻيٽو ايپڪ
نظمن ۾ ٿئي ٿو، پر هي ڪنهن به حوالي کان رزميه
شاعري جي منظوم ڪهاڻي ڪونهي. سنسڪرت ۾ رامائڻ ۽
مهاڀارت کي انهيءَ صف ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.“ (ٻوهيو،
الهداد ڊاڪٽر (2011ع)، ص 102)
اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اسان افلاطون ۽ ارسطوءَ جي نثر
کي چٽي منطقي انداز تي ڌيان ڌريون ٿا، ته اچرج ۾
پئجيو وڃون ٿا، ته ڪي اڍائي هزار سال اڳ ڪهڙيءَ
ريت يونان ۾ حساس ۽ منجهيل مسئلن کي هن سلاست سان
پيش ڪرڻ جو ڍنگ پيدا ٿي چڪو هو جو هينئر به اسان
وٽ اڻلڀ آهي. فڪر ۽ فن ۾ يونان کي مغرب کان عربن
به تسليم ڪيو آهي.
يوناني ڏند ڪٿائن جو گهڻو تڻو حصو اٽڪل 700 صدي ق.
م. ۾ شاعر هومر ۽ هيسائڊ لکيون جيڪي هيلنيائي دور
جا ٻه اهم دانشور ۽ شاعر هئا. انهي تمام وڏا خيال
آندا ۽ مڪمل طور تي نئون ماحول جوڙي ورتو. هاڻي
ديومالائي قصن ۽ ڪهاڻين کي فقط انسان جي خيالن ۽
سوچن جي پيداوار ڄاتو ۽ انهن تي بحث ڪرڻ سولو ٿي
پيو، ته اهي انساني محدود سوچن جو ئي سبب آهن،
باقي انهن جي ڪا مادي حقيقت ڪانهي. شروعاتي يوناني
ڏاهن، هومر جي ڏندڪٿائن کي گهڻي اهميت نه پئي ڏني
ڇو ته ديوتا، فاني انسانن جي گهڻو ويجهو هئا. انهن
جهڙا حاسد، انا پرست، فحش ۽ ٺڳ هئا. پهريون ڀيرو
ائين چيو ويو، ته ڏند ڪٿائون انساني تصورن کان
وڌيڪ ڪجهه ناهن.
هومر
Homer:
”هزارين سال اونداهون دؤر واقعي مڪمل طور اونداهون
هو، پر هومر جي انهيءَ اوچتو ايندڙ روشنيءَ جي
جهلڪ سان ۽ ان جي پٺيان ايندڙ ڪلاسيڪي دؤر جي
ڪري، جيڪو انهيءَ اونداهين دور
(Dark age)
منجهه اَکُٽ آڳ جيئان ٻَري پيو، ڪنهن معجزي وانگر
يورپ ۾ تهذيب، فن ۽ فڪر جي پهرين ورکا ڪئي. يورپ
جي شاعرن ۾ سڀ کان پهريون ۽ عظيم شاعر، هومر
يوناني فن مان ڦُٽي پيو“. (ڪِيٽو، 1964ع، ص 45)
هومر جو نانءُ شاعريءَ جي ميدان ۾ وڏي حيثيت رکي
ٿو جيڪو پڻ آيونائي هو. سندس شاعريءَ جي جوت، جيءَ
جيءَ کي جاڳايو ۽ يونان ۾ نئين اخلاق جا بنياد
رکيا. يوناني ادب جا شروعاتي ڪارناما آيونيا جي
علائقي ۾ تخليق ڪيا ويا هئا. هومر جا مشهور رزميه
نظم (Epics
poems)
ايليڊ ۽ اوڊيسي (Iliad
& Odyssey)
اونداهين دؤر جي پُڄاڻيءَ تي لکيا ويا هئا. انهن
کي عام طور ڪي صديون اڳ واتين ويڻين ٻڌايل گيتن جو
آخري متن طور مڃيو وڃي ٿو. اهي يوناني جيڪي
ڊورينائي علائقن جي مُهڙ وٽ لڏي آيا هئا. ميسينائي
دور جي سورمن (Heroes)
بابت روايتي گيتن کي زندهه رکيو پئي آيا، جن کي هو
فطري طرح ڏاڍن چڱن آڳاٽن ڏينهن طور ياد ڪندا هئا.
جن کي اتان جا ڀٽ، ڀان (Barels)
يا چارڻ (Ministreb)
سرندي (Lyre)
تي ڳائيندا هئا. اهي گيت ڪنهن مذهبي تهوار (Religious
festival)،
ميلي يا ڏڻ (feat)
جي موقعي تي ڳايا ويندا هئا. اهڙن ڀاٽن (recitals)
جون وضاحتون هومر ڪري ٿو، جتي ڏِڻ جي پڇاڙيءَ تي
ڏورانهين کان ڪهي آيل لطف اندوز ٿيندا هئا.
چارڻ مڪمل طور تي يادگيريءَ تي ڀاڙيندا هئا. لکڻ
جو فن جڏهن وجود ۾ نه آيو هو، ته کين ائين ئي ڪرڻو
پوندو هو. ساڳيا مثال واتين ويڻين (Oral)
شاعريءَ سان به آهن. جيڪا سيني به سيني، نسل در
نسل واتين ويڻين ٻڌائيندي هلندي آئي آهي ۽ ٻين
ملڪن وانگر يونان جا ماڻهو ڪئين ڀيرا اهي ڪهاڻيون
ٻڌندا رهيا هئا، ڇو ته انهن مان کين خوشي ملندي
هئي. اهڙن گيتن کي هومر واحد شاهڪارن جي صورت ۾
پيش ڪيو هو، جن مان انهن جي اصليت جهلڪي ٿي.
ان حوالي کان وڌيڪ ثابتي، انهن مسلسل ورجايا ويندڙ
اصلاحن، ماڻهن، شين ۽ ماڳن مڪانن ۽ واقعن جي وضاحت
بابت آهي جيڪي ڊگهن داستانن (Long
Stories)
۾ ڪيئي ڀيرا واقع ٿيندا آهن.
مثال طور هن سٽ ۾ نئين ڏينهن کي بار بار پيش ڪيو
ويو آهي، ۽ جڏهن ساجهر ڄاول گلاب ٽڙيو، پرهه ڦٽي
پئي...
اوڊيسي کي اڪثر ڪري ”هڪ چالاڪ اوڊيس“ ديوتائن جو
ديوتا آهي ”مينهن وسائيندڙ/گهٽائون گڏ ڪندڙ زيوس“
وغيره اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن. شاعريءَ جي 28000
هزار مصراعن ۾ 25000 هزار ورجايل اصطلاح آهن ۽ هي
انهن شين منجهان آهن جيڪي هنن نظمن کي پهريون ڀيرو
پڙهندڙ ڪاريءَ جي مٽي ۾ لڳن ٿا. انهن چارڻ جي ڪم
کي گهڻو سولو بڻايو پئي. ايليڊ کي بنا ڪنهن لفظ
تي، ساهي پٽڻ جي بر زبان ٻڌائڻ ۾ پنج شامون لڳي
وينديون هيون. خود هومر جي باري ۾ ڪجهه معلوم
ڪونهي. اهڙيءَ طرح ڪن صاحبن جو خيال آهي، ته ايليڊ
۽ اوڊيسي مختلف شاعرن جو گڏيل ڪم آهي. جيتوڻيڪ بعد
۾ ڪيترن ئي شهرن هومر کي پنهنجي هئڻ جي دعويٰ پئي
ڪئي، جنهن ۾ پڪي دعويٰ ڪيئاس (Chios)
ٻيٽ وارن ڪئي هئي. اها روايت هئي، ته هُو انڌو هو،
اهي نظم لڳ ڀڳ اٺين صدي ق. م ۾ لکيا ويا هئا.
هومر جا هي ايپڪ نيم تاريخي نوعيت هوندي به تخليق
جوهر ۽ ادبي اهميت رکن ٿا ۽ منجهن تنقيدي شعور پڻ
پلٽيل آهي. هومر جي نظر ۾ شاعريءَ جو مقصد لطف
اندوز ٿيڻ (Pleasure)
هو ۽ هن شاعراڻي قوت کي الهامي قوت پئي سڏيو جيڪا
کين ڪوتائن لکارائڻ لاءِ ديوتائن وٽان مليل هئي.
هومر جي زماني ۾ يونان ۾ فن کي الهامي سمجهيو
ويندو هو. راڳ ۽ شاعريءَ کي ديوين يا ديوتائن
پاران عطا ڪيل الهامي ۽ انسانن کي خوشي ۽ لطف
ڏيندڙ وقت طور ڄاتو ويندو هو، ان ڪري اهي پاڪ ۽
پوتر هئا. انسان ته نه اجيت آهي نه امر، هنن جي
فطرت ۾ فنائيت ۽ هار جو عنصر به هڪ حقيقت آهي.
هومر ماڻهن کان مٿي ڪنهن ٻي طاقت جو محتاج نه هو.
هومر جا ڪردار ڪٿي اجيت آهن ته ڪٿي اَمر.
هومرائي روايت ۾ جو ڪجهه لکيو ويو، ان جو نتيجو
سامهون هوندو هو. انهيءَ ڪري اهو اندازو موجود دؤر
جي ڪهاڻيءَ، ناٽڪ ۽ ناول کان گهڻو مختلف هو.
اهڙيءَ طرح شيڪسپيئر وٽ ديو، جن ۽ پريون آهن ۽
هوائون به ڳالهائن ٿيون ۽ سمنڊ به لُڏن لمن ٿا.
ايليڊ (The
Illiad)
۽ اوڊيسي (Odyssey):
ايليڊ: ايپڪ اهڙن نظمن کي چيو ويندو آهي جيڪي
(هيروز) سورمن بابت هوندا آهن. ايليڊ ۽ اوڊيسي جا
مکيه ڪردار گهڻو ڪري سورمائي آهن. سڀئي امير
گهراڻي جا آهن ۽ جن مان ڪيترائي بادشاهه ۽ شهزادا
آهن. سڀ کان وڌيڪ ته اهي ويڙهاڪ، جنگي جوڌا آهن
جيڪي جنگي مُهمَ لاءِ برجستا آهن. هڪ شيءِ جنهن جي
هر وڌيڪ قسمت چُڪائين ٿا سو آهي سندن ”ڀرم“، جنهن
لاءِ پوري ريت موت قبولين ٿا. ايليڊ ڀرم جي هن
سوال جي چؤڦير ڦري رهيو آهي.
”يوناني جن کي هومر ايچين (achaian)
سڏيندو هو، تي ميسينائي بادشاهه آگيميمنن (Agamemnon)
۽ ڀاڻس مينيليئوس (Meneloas)
حڪومت ڪندا هئا. ٽراءِ جي بادشاهه پريام (Priam)
جي پٽ پئرس هٿان مينيلوسن جي سُهڻي زال، هيلن کي
چورائڻ جو بدلو وٺڻ لاءِ هوٽراءِ ۾ آيا آهن.
آگيميمنن پڪڙيل ڇوڪريءَ جي ڀُنگ (ransom)
ڏيڻ کان کتو جواب ڏنو، جيڪا ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ کان
پوءِ هن جي هرجاڻي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي.
ڇوڪريءَ جو پيءُ اپالو ديوتا جو پوڄاري آهي،
تنهنڪري اپالو يونانين کي طاعون جي بيماري بَڇي
ٿو. آخرڪار، ٻين جي دٻاءَ ۾ اچي ڪري، خاص طور
اڪليز ديوتا جي چوڻ تي، آگيميمينن ڇوڪري موٽائي
ڏيڻ تي راضي ٿئي ٿو، پراڪليز کي اعزاز ۾ ڏنل برسيز
نالي پڪڙيل ڇوڪري وٺڻ تي ڏي وٺ جو شرط رکي ٿو.
هومر جي لکڻين ۾ ديوتا انساني معاملن کي نبيرڻ
لاءِ مداخلت ڪري ٿو. هومر جي لکڻين ۾ ديوتا اڪثر
ايئن ڪن ٿا ۽ جنگ ۾ ڪيترائي کليءَ طرح سان هڪ نه
ٻئي پاسي ڌُر ٿي بيهن ٿا.“(ايماس، لئنگ، 1983ع، ص
29)
ديوتائن جو ديوتا، زيوس (Zeus)
گهڻو ڪري غير جانبدار (Hentral)
نظر ٿو اچي، جيتوڻيڪ هيءُ آگيميمنن جي مخالفت ۾
اڪليز جي پاسي آهي. ديوتا اخلاقيات جا منصف نٿا
نظر اچن. اهي اڪثر ڪري ماڻهن وانگر بداخلاق
ڏيکاريا ويا آهن. ماڻهو ڊپ ۾ ويڙهيل آهن ۽ پنهنجي
مافوق الفطرتي طاقت جي طابع داري ڪن ٿا.
”ايليڊ ۽ اوڊيسيءَ کي يوناني جو بائبل چيو ويندو
آهي.“ (ڪيٽو، 1962ع، ص 44)
اصل دنيا جنهن ۾ ايليڊ ۽ اوڊيسي لکيا ويا هئا، اها
انهن ۾ اخذ ڪيل دنيا کان گهڻو مختلف هئي. بادشاهه
۽ انهن جا رٿ غائب ٿي ويا هئا؛ انهن جون وسيع
حڪومتون ڀورا ڀورا ٿي چُڪيون هيون. انهن جي جاءِ
تي اونداهين دور دوران شهري رياستن (City
States)
جا ڪيترائي يوناني سياسي ادارا ترقي ماڻي چُڪا
هئا. جنهن لاءِ گهڻو پوءِ، ڏاهي ارسطوءَ چيو، ته
ماڻهو سياسي جانور آهي، جنهن مان هن جي مراد هئي،
ته جيئن هوا ۾ پکي بهتر طريقي سان رهي سگهن ٿا،
مڇي سمنڊ اندر، ساڳيءَ ريت انسانذات پولس (polis)
۾ رهن ٿا. اهڙي ريت هنن شاهڪارن ماڻهن ۾ نئين فڪر
جي جوت جلائي ۽ سوچڻ لاءِ نوان گس گهڙيا. صدين
تائين هي ٻئي ڪتاب يوناني تعليم ۾ بنيادي ڪردار
ادا ڪيو يعني هڪڙي پاسي رسمي تعليم پرائڻ لاءِ ۽
ٻئي پاسي ثقافتي زندگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ، ٻنهي ۾
هن عام ماڻهوءَ جي ذهني آبياري پئي ڪئي.
اوڊيسي (Odyssy):
اوڊيسي هومر جي اڳين شاهڪار ايپڪ ايليڊ جو اضافو (Extention)
آهي جنهن ۾ يونان جي هڪڙي سورمي اوڊيسس (Odyssess)
جو ٽراءِ جي زوال کان پوءِ جنگي مُهمَ کان پنهنجي
وطن اٿيڪا (Ithaka)
واپس ورڻ جو داستان آهي، جنهن ۾ کيس ڏهه سال لڳي
ٿا وڃن. کيس ڪيترائي اڻ وڻندڙ واقعا، خاص ڪري ڪاڻي
راڪاس سائڪلوپس (Cyclops)
جي حوالي کان جيڪو هن جي سمورن ساٿين کي جيئري
ڳڙڪائي ٿو وڃي ۽ ڪِرڪي جيڪو کيت پاتال ۾ کڻي انهن
کي مِرون ۽ پسون ٿو بڻائي. هن بابت ڪيترن ئي قصن ۽
ڳالهين کي هومر تمام خوبصورت ۽ اُتساهيندڙ انداز ۾
بيان ڪري ٿو. مثال طور هن طرح ڏسجي ته، ”هتي
اسڪائلا پنهنجي ڀَوائتي ڀؤنڪ سان رهي ٿي. سندس
آواز ايترو ته اتانهون آهي جهڙو نئون ڄاول گُلر“.
اوڊيسس جڏهن اٿيڪا ۾ اچي ٿو ته گهر ۾ ماڻهن جو
ڳاهٽ لڳو پيو آهي، جيڪي سندس زال پينيلوپ سان شادي
ڪرڻ لاءِ بيٺل آهن. اهي سمجهن ٿا، ته اوڊيسس مري
چڪو آهي ۽ اهي ان اوسيئڙي ۾ بيٺا آهن، ته پينيلوپ
ڪنهن تي ٿي هٿ رکي. ٻئي پاسي هُوءَ ۽ سندس پٽ
ٽيليميڪوس لاچار ۽ بيوس هوندي ڪا کيڏ کيڏڻ جي، ٻيو
چارو نه پئي سُجهيائون. کين ڏٽي ۾ انهن کي اوسيئڙي
۾ رکن ٿا ته هو جيسين هن جو ڪفن دفن جون رسمون ادا
نه ڪندا تيسين ڪو حتمي فيصلو نه ٿا ڪري سگهن. سو
به سندس سهرو لاريٽي ڪفن جو ڪپڙو اُڻي ٿو، هوءَ
فقط ڏينهن جو اُڻي ٿي، اهو رات ويلي نٿي اُڻي ۽
ائين ڪندي ڪندي کيس ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري
وڃي ٿو ۽ اها چالاڪي آخر ظاهر ٿئي ٿي.
اوڊيسس جي قسمت سٺي هئي جو سندس اختيار ۽ دولت
مڪمل ختم ٿيڻ کان اڳ هُو پنهنجي ڏيهه اٿيڪا واپس
وري ٿو. هُو پنهنجي محل اندر هڪ فقير جي ويس ۾
داخل ٿئي ٿو. جتي فقط ٽيليميڪس ۽ وفادار مرن جو
ڌنار يوميئاس کيس سڃاڻي وٺن ٿا، ته ۽ پوءِ اُهي
سڀني شاديءَ جي خواهشمندن کي مارين ٿا ۽ ٻيهر
اٿيڪا جي بادشاهه کي بحال ڪن ٿا. اهڙي ريت هومر جي
هن شاهڪار ۾ سمورا شاعراڻا جوهر ۽ ٻوليءَ جو
خوبصورت بيان ملي ٿو.
هيسئڊ (Hesiod)
8 صدي ق. م:
هيسئڊ پڻ يونان جو قديم شاعر هو جنهن اتان جي زمين
کيڙيندڙ هارين لاءِ هڪ منظوم هدايت نامو لکيو هو.
هن لاءِ اها روايت مشهور هئي، ته کيس هيليڪان (Helican)
جبل تي علمن ۽ فنن جي مقدس دوشيزائن پنهنجو پرتوو
پسائي، سندس هٿ ۾ هڪڙي زيتون جي ٽاري ڏني هئي ۽
سندس سيني ۾ اهڙي ته راڳ جي شڪتي ڀري ڇڏي هئي جيڪا
کانئس آئيندي بابت ٿيندڙ ڳالهين جا گيت ڳارائي
سگهي. هيسئڊ جو ”ڏينهن ۽ ڪم ڪاريون“(Works
and day)
کي وڏي اهميت حاصل آهي. هن ۾ بقا جي اصولن کي روپ
ڏنو ويو آهي. جڏهن ته هومر جي اوڊيسي وري پنهنجي
اپار رولاڪين ۽ اچرج ۾ وجهندڙ ڪايا پلٽ جي ماتحت
دنيا ۽ ايليڊ بي بقا سماجي مفهوم ۽ ڇڪتاڻ ڪري،
انهن ٻنهي مان تبديليءَ جا اصول جهلڪن ٿا. هن ڪتاب
۾ هيسئڊ ماضيءَ جي گذري ويل چڱن ڏهاڙن کي ياد ڪندي
انهن تي ڳوڙها ڳاڙي ٿو. هيسئڊ جي ”Theogeny“
(ديوتائن جو شجرو) ٻيو اهم
ڪتاب آهي، جنهن ۾ ديوتائن بابت ڄاڻ آهي. سماجي
تنقيدي پهلو به هيسئڊ جي شاعريءَ جا موضوع رهيا
آهن.
يونان ۾ ناٽڪ جو رواج:
قديم هندستان ۽ يونان ۾ ناٽڪ تفريح جو هڪڙو عمدو
وسيلو هو. راڳ ۽ ناچ وانگر ناٽڪ به مذهب جي
جهوليءَ ۾ پليو هو. ان ۾ سڀ کان پهريان ديومالائي
قصن ڪهاڻين جي اُپٽار ڪئي ويندي هئي، بعد ۾ هر قسم
جا موضوع ان ۾ اچي ويا. يونان ۾ ايسڪيلس، سوفوڪليز
۽ يوري پيڊيز جا الميائي ناٽڪ وڏي پايي جا هئا
جيڪي ڊايونيسس جي مندر جي ڀرسان ٿئيٽر ۾ ڏيکاريا
ويندا هئا. اداڪار وات ۾ ڌاتوءَ جي هڪڙي پتي وجهي
مڪالما (Dialogues)
چوندا ويندا هئا، جنهنڪري آواز ويٺلن تائين پهچندو
هو. ڀڳت (ڪورس) جي شروعات به هتان ئي ٿي هئي.
الميائي ناٽڪ (Tragedies)
۽ مسخريءَ وارا ناٽڪ (Comedies):
يوناني ناٽڪن ۾ ٻن قسمن جا ناٽڪ لکيا ويا جيڪي
آکاڙي (Theater)
۾ اسٽيج (رنگ منچ) تي ادا ڪيا ويندا هئا. ارسطوءَ
مطابق ”سنجيدن شاعرن جڏهن سنجيدي عمل ۽ اعليٰ
انسانن جي تقليد ڪئي، ته الميائي ناٽڪن جنم ورتو ۽
غير سنجيدن شاعرن جڏهن غير سنجيدن ۽ ادنيٰ ماڻهن
کي موضوع بنايو، ته ”مسخريءَ وارا ناٽڪ“ (Comedies)
وجود ۾ آيا.
”مسخريءَ واري ناٽڪ جي شروعات لئنگ جي گيتن (Phallus
songs)
سان ٿي هئي ۽ وچ وچ ۾ فحش ڪهاڻيون پڻ ٻڌايون
وينديون هيون. ٻئي پاسي الميائي ناٽڪ جي اوسر ۾
ڀڳت (ڪورس) جا گيت ۽ مڪالما شامل هوند اهئا جن
لاءِ ايسڪيلس (Aeskylus)
ٻيو ڪردار وڌو ۽ ڪورس گهٽائي مڪالما وڌائي ڇڏيا ۽
سوفوڪيلز (Sophocles)
ٽيون ڪردار شامل ڪري اسٽيج جو منظر به وڌايو.“
(فهميده 1997ع، ص 46)
اهو ئي سڀ ڪجهه هو جتان تنقيدي فڪر ۽ فلسفو ڪر
موڙي جاڳي پيو ۽ يونان ۾ هڪ نئين سوچ جنم ورتو،
جنهن بعد ۾ ايندڙ فڪرن لاءِ راهون هموار ڪري
ڇڏيون.
حوالا
1. Amos H.D. Lang, A.G.P. (1983) These were the
Greeks, Hulton Educational Publication.
2. Kitto, H.D. F (1964) The Greeks, Penguin
Books.
3. Russell Bertrand, (1984) A History of western
Philosophy, Counterpoint, London unwin
Paperbacks.
4. Langer, Sussane. K (1954) Philosophy in a New
Key, New American Library.
5. Noss, John B. (1964), Man's Religions.
6. Gutherie W.K.C, (1967) A History of Greek
Philosophy, Volume 1- Cambridge University
Press.
7. Thilly, History of Philosophy
8. فهميده حسين، ڊاڪٽر (1997ع)، ادبي تنقيد، فن ۽
تاريخ، سنڌي ادبي اڪيڊمي، ڪراچي.
9. ٻوهيو الهداد، ڊاڪٽر (2011ع)، سنڌي ٻوليءَ جو
سماجي ڪارج، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄام شورو: سنڌ يونيورسٽي.
|