سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:5 

“وفا” منظور چوهاڻ

مير علي نواز علوي جي تتبع ۽ طرحي شاعري

سنڌ سونهاري هر دؤر ۾ ڪيترائي عالم، اديب، شاعر، حڪيم، سياستدان ۽ سماج سڌارڪ انسان پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان خطي جي خوب خدمت ڪئي آهي، هونئن ته سنڌ پرڳڻي جا سڀئي شهر، ڳوٺ، واهڻ وستي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿا، پر نمايان حيثيت جيڪا شهر شڪارپور جي حصي ۾ آئي، انهيءَ تي دنيا وارا حيران آهن ۽ اهي شڪارپورين جي قسمت تي رشڪ ڪري سگهن ٿا.

شڪارپورين جي نظر هميشه ماضي، حال ۽ مستقبل تي رهي آهي ۽ رهندي. ساڳئي سلسلي ۾ ماضيءَ جي هڪڙي باب جو روشن پهلو، علم و ادب جو روشن ستارو، طب، حڪمت، ماهر نبض شناس ۽ ٻين الائي ڪيترن خوبين جي مالڪ باصلاحيت شخصيتن ۾ هڪڙو نالو مير علي نواز علوي جو به ڳڻائي سگهجي ٿو.

مير علي نواز علوي هڪ قادرالڪلام شاعر، مصنف، عالم، اديب، حڪيم، سماج سڌارڪ حيثيت جا مالڪ ۽ تاريخ جا اهڃاڻ به هئا. سندن جي هر هڪ پهلوءَ تي لکجي ته جيڪر هو موضوع تي الڳ ڪتاب لکجي وڃي، پر هتي مان مير علي نواز علوي جي تتبع ۽ طرحي شاعريءَ جي هڪڙي پهلو کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

مير علي نواز علوي صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي پڙڏاڏي حاجي شاهه فقيرالله علوي جو تسلسل هو، جيڪي خوبيون حاجي شاهه فقيرالله علوي ۾ هيون، اهي خوبيون مير علي نواز علوي ۾ موجود هيون. هو پنهنجي پڙڏاڏي وانگر عالم به هو ته مصنف، شاعر به هو ته شڪارپور جو خدمتگار به هو. ڏٺو وڃي ته هو حقيقي معنيٰ ۾ حضرت شاهه فقيرالله علوي جو گادي نشين هو. مير علي نواز علوي توڙي حاجي شاهه فقيرالله علوي جا ان وقت جي وڏين وڏين شخصيتن ۽ حڪمرانن سان ويجهڙائي وارا تعلقات ۽ مراسم هئا. حضرت شاهه فقيرالله علوي جو واسطو احمد شاهه ابدالي والي افغانستان، مير نصير خان بروهي رياست قلات، محبت خان رياست مڪران سان سڌو هو. احمد شاهه ابدالي حاجي شاهه فقيرالله علويءَ جو عقيدتمند ۽ مريد هو. ان حاجي شاهه فقيرالله علوي لاءِ ڪيتريون زمينون ۽ ديهون سندن گذر سفر لاءِ حوالي ڪري ڇڏيون هيون. اهڙيءَ ريت مير علي نواز علوي جا به واسطا چڱا هئا. رياست خيرپور جي ميرن مير فيض محمد ٽالپر ۽ سندس پٽ مير امام بخش ٽالپر ۽ خاص ڪري انگريزن سان سندن سٺا تعلقات هئا. هارڊنج وائسراءِ هندستان ۾ بيمار ٿي پيو ته، هن حڪيم محمد اجمل دهلوي ۽ مير علي نواز علوي کي شڪارپور مان علاج لاءِ گهرايو ۽ سندن علاج سان هارڊنج چڱو ڀلو ٿي ويو. مير علي نواز علوي انگريز وائسرائن ۽ شخصيتن لاءِ قصيده گوئي به ڪئي آهي. انگريز کانئس ڏاڍا خوش هوندا هئا، اهوئي پهلو سندس شخصيت تي اثرانداز به ٿئي ٿو ۽ کيس درٻار قصيده گوئي جي فهرست ۾ آڻي بيهاري ٿو.

حضرت شاهه فقيرالله علوي هڪ شاندار لائبريري به قائم ڪئي، جنهن ۾ هزارين ناياب ڪتاب ۽ مسودا هوندا هئا، جنهن کي وري مير علي نواز علوي عروج تي پهچايو. ڏورانهين ڏورانهين علائقن کان عالم اچي ”علويه لائبريري“ مان استفادو حاصل ڪندا هئا. اهي ڪجهه هڪجهڙائيءَ واريون ڳالهيون حاجي شاهه فقيرالله علوي ۽ مير علي نواز علويءَ جون ظاهر ڪيون ويون آهن، جنهن مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهندا ته حاجي شاهه فقيرالله علوي جو صحيح سجاده نشين مير علي نواز علوي ئي هو. سندن وفات کان پوءِ گاديءَ تي ويهڻ جي مسئلي ڪَر کنيو. جنهن معاملي کي برادريءَ جي پٽيل مڙسن حل ڪندي، مير جمال الدين علوي ۽ مير احمد علوي کي گڏيل متولي مقرر ڪري ڇڏيو. بعد ۾ مير صاحب جهڙي علميت ۽ حيثيت رکندڙ شخصيت پيدا نه ٿي سگهي آهي، پر گهڻي وقت کان پوءِ موجوده دؤر ۾ پروفيسر اسرار احمد علوي، پروفيسر امين الله علوي ۽ ميان نصير احمد علوي جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جن جي خدمت نمايان آهي.

حاجي شاهه فقيرالله علوي کي سترهن پٽ ۽ چار نياڻيون هيون، حاجي شاهه فقيرالله علوي جي پنجين نمبر پٽ مولانا مير حفظ الله علوي کي چار پٽ ڄاوا. ٽئين نمبر پٽ مير فخرالدين علوي مان مير شاهنواز علوي ۽ مير حفظ الله عرف مير علي نواز علوي ڄائو. مير علي نواز علوي جي شاعري جي ڇپيل ”ڪلياتِ علوي“ جي سهيڙيندڙن ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومري ۽ ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ جا سن پيدائش بابت اختلاف موجود آهن.

ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو پنهنجي سهيڙيل ”ڪلياتِ علوي“ صفحي 36 ۾ 1270هه مطابق 1853ع پيدائش ڄاڻائي ٿو(1). جڏهن ته ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ مرتب ڪيل ”ڪلياتِ علوي“ ۾ پيدائش 1270هه مطابق 1854ع صفحي 14 تي لکي آهي(2).

هڪڙي ڳالهه جيڪا نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي، سا اها آهي ته ٻنهي ليکڪن هجري سن پيدائش تي اتفاق ڪيو آهي، باقي عيسوي سن ڊاڪٽر راز سومرو 1853ع لکيو آهي ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق وري 1854ع ڄاڻايو آهي. ابجد جي حساب سان هجري سن، 1270هه کي ڏسجي ٿو ته عيسوي سن 1853ع ٿئي ٿو. جڏهن ته وفات جي ٽوٽل سالن ۾ ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو 68 سال لکي ٿو ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق 69 سال ڄاڻائي ٿو. باقي اکرين وفات جي تاريخن ۾ ٻئي محقق متفق نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪلياتِ علوي جي صفحي 32 ۾ لکي ٿو ته: ”آخر جمادي الاول سنه 1338هه مطابق 2- فيبروري 1920ع ۾ وفات ڪئي.“ جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو ”ڪلياتِ علوي“ جي صفحي 46 ۾ هيئن رقم طراز آهي ته: ”خانداني روايت مطابق مير علي نواز علوي 23 جمادي الاول 1338هه مطابق 1920ع ۾ 68 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، جنهن جي تصحيح ڪندي، ڊاڪٽر نواز علي شوق فوٽ نوٽ ۾ 23 بجاءِ جمادي الاول صفحي 33 تي ۽ صفحي 34 تي 1- فيبروري بجاءِ 2- فيبروري 1920ع درست تاريخ ڄاڻائي آهي.

مير علي نواز علوي اعليٰ پايي جا قادرالڪلام شاعر، مبلغ، جيّد عالم ۽ وڏي بصيرت جا مالڪ هئا، ڪيترن ٻولين تي کين دسترس حاصل هئي، جنهن ۾ سنڌي، عربي، فارسي، اردو، سرائڪي، انگريزي، هندي، پشتو، گجراتي، ڍاٽڪي ۽ بلوچي اچي وڃن ٿيون. هن چئن ٻولين سنڌي، فارسي، سرائڪي ۽ اردو ۾ شاعري ڪئي آهي. شروع ۾ هن ”مجرم“ جي تخلص سان شاعري ڪئي آهي، بعد ۾ هن ”علوي“ جي تخلص سان شاعري ڪئي.

مير علي نواز علوي جي شاعري سنڌي ۽ فارسي جو سنگم آهي، هي اهو دؤر هو ۽ سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿي چڪو هو. ٽالپرن جو دؤر ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“ پنهنجو آخري ساهه کڻي رهي هئي. انگريز سنڌي ٻوليءَ کي هٿي وٺرائي رهيا هئا. سنڌي صورتخطيءَ جو بنياد پوڻ سان ڌڙا ڌڙ سنڌي ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا. سنڌي علم و ادب ۽ شعر ۽ شاعري جي واڌاري لاءِ ڪوشش ٿيڻ لڳي، ٻئي طرف فارسي گو شاعر فارسي ٻوليءَ کي زندهه رکڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ لڳا. انهيءَ سلسلي ۾ فارسي ادب کي هٿي وٺرائڻ ۾ فارسي اخبار ”مفرح القلوب“ کي دنيا جي پهرين فارسي اخبار چيو وڃي ٿو. خود ايران ۾ به ڇپائيءَ ۽ اخبار جو بندوبست پوءِ ٿيو. مرحوم شمس العلماء مرزا مخلص علي اسان جي ملڪ ۾ فارسي ۽ سنڌي صحافت جو اَبو ۽ باني آهي(3). فارسي اخبار ”مفرح القلوب“ 1854ع ۾ شايع ٿي، مرزا مخلص علي فارسي اخبار مفرح القلوب جاري ڪرڻ کان پوءِ 1860ع ۾ هڪ ٻي اخبار ”مطلع خورشيد“ ڪڍي. هي فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ گڏيل اخبار هئي. شمس العلماء مرزا مخلص علي علوي، 1877ع ۾ شڪارپور ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه به هِتي آهي.

ساڳيءَ طرح سنڌي ادب کي سنڌ سڌار، مجمع محمدي ۽ معاون الاسلام اخبارن سنڌي ادب جا پير پختا ڪيا، جيئن ته هن دؤر ۾ فارسيءَ جا ڄاڻو به اڃا ڪافي هئا. تنهنڪري فارسي گو شاعرن به سنڌيءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن سان ادب ۾ هڪ نئون ماحول ٺهڻ لڳو.

علي نواز علوي سنڌيءَ ۾ غزل به لکيا آهن ته نظم به. ان سان گڏ ڏوهيڙا، قصيدا، مخمس، ڪافيون ۽ رباعيون به لکيو آهن. سنڌي غزل کي هن فارسي غزل جي انداز ۾ ئي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سندس انهي طرز تي ٻين فارسي گو شاعرن به سنڌي شاعري ڪئي آهي. مير علي نواز علوي جي شاعريءَ ۾ فارسي استعارن، تشبيهن، اصطلاحن جي عام استعمال سان گڏ سندس شاعريءَ ۾ درد فراق، عشق، واردات، اُميد ۽ آٿت، نياز ۽ نوڙت، سوزگداز نمايان آهي.

مير علي نواز علوي فارسي شاعرن جي تائيد ڪندي، انهن جي شاعريءَ تي تتبع ڪلام به لکيو آهي. تتبع ڪلام اهو هوندو آهي، جنهن مشهور ڪلام تي هم قافيه شاعري لکي وڃي. مير علي نواز علوي جي شاعريءَ تي فارسي رنگ نمايان چڙهيل آهي، انڪري مير علي نواز علوي به روانيءَ سان اهڙو ڪلام لکڻ جي سگهه رکندو هو. تتبع ڪلام لکڻ جو رواج عربي ۽ فارسي ادب ۾ ملي ٿو، پر ان کي تقويت ۽ پروان فارسي شاعرن ڏياري. شيخ سعدي جي اها مشهور نعت ”بلغ العليٰ بڪمالہ“ جي تتبع ڪلام تي هر ٻوليءَ ۾ ايترو ته لکيو ويو آهي، جو اها سٽ سندن ٻوليءَ جي لڳي ٿي. مير علي نواز علوي به انهيءَ تتبع تي سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ لکيو آهي.

سنڌيءَ ۾:

معراج ماڻيو مصطفيٰ، ڳل وصل جي پائي قَبَا،

واصل وڃي ٿيو رهنما، بلغ العليٰ بڪمالہٖ،

احمد احد ٿيا دوبدو، مطلوب مظهر خدا جو هوبهو،

 

طالب روبرو، ڪشف الدجيٰ بجمالہٖ،

ڇا وصف ڪيان دلدار جي، ڪونين جي سردار جي،

 

محبوب جي نيڪ اطوار جي، حسنت جميع خصالہٖ،

علوي آهه واصف شاهه جو، خيرالوريٰ دلخواهه جو،

هــــــــي امــــــــر آهــــــه الله  جـــــــو،  صلوّ  عليہ وآلہ

فارسيءَ ۾:

ديشپ شہ، هردو سريٰ تشريف برده برّمرا،

درشوق وصل ڪبريا، بلغ العليٰ بڪمالہٖ،

حق را به چشمَ نازنين، ديد آن شہ دنيا و دين،

از عرش تاهفتم زمين، ڪشف الدجيٰ بجمالہٖ،

 

اوشد زنور حق عيان پيد نور او جهان،

خُلقش نکوتر، از بيان، حسنت جميع خصالہٖ

شيدايء او ”علوي“ بجان، قربان ازوجان جهان

از شـــــــوق دل اي مومنـــــــان، صلوّ عليہ وآلہٖ

اردو ۾:

کیا پیار تھا اس شاہ سے،

کل رات بیحد چاہ سے،

مرسل ملے اللہ سے، بلغ العلیٰ بکمالہٖ،

اللہ کا منظور تہا، منظور حق مشہور تھا،

خالص خدا کا نور تھا، کشف الدجیٰ بجمالہٖ،

طالب تھا اور مطلوب تھا، اللہ اور محبوب تھا،

کیا خُلق ان کا خوب تھا، حسنت جمیع خصالہٖ،

خالق کا علوی شکر ہے، دل میں نبی کا فکر ہے،
ان کا زبان پر ذکر ہے، صلو  علیہ  وَآلہ

مير علي نواز علوي کي شاعري ورثي مان ملي آهي. سندس پڙڏاڏو حاجي شاهه فقيرالله علوي به شاعر هو. سندس پيءُ مير فخرالدين علوي به شاعري ڪندو هو. والد صاحب جي ڪلام تي سندس تتبع طبع آزمائي هيٺين طرح ٿيل آهي:

نيست کس را با جمال تو محال همسري

شد خجل از حسن رويت ماهتاب انوري،

اين غزل علوي جواب قبلہ من آنگه بگفت،

اي منور از جمالت مــــاه مهرو مُشتري.

 

ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو جي ڪلياتِ علوي ۾ پهرئين سٽ ۾ تومجال نه ڏنل آهي. شروعاتي دؤر ۾ تتبع تي ڪلام لکڻ چئلينج سمجهي ويندي هئي. ڪنهن به شاعر جي ڪا شاعري وڻي ويندي هئي ته ان شاعريءَ تي تتبع ڪئي ويندي هئي. اها تتبع شاعري، فردن فردن هڪ ٻئي کان پاس ڪندي به ٿيندي هئي ته گڏيل نموني به لکي ويندي هئي.

”سنڌي غزل جي اوسر“ ڪتاب ۾ اياز حسين قادري صفحي 161 تي لکي ٿو ته:

”سنڌي غزل جي شروعاتي دؤر ۾ اڪثر ائين ٿيندو هو ته ڪو شاعر غزل چئي پنهنجي ڪنهن همعصر دوست يا حريف شاعر کي ساڳئي غزل تي غزل چوڻ جي دعوت ڏيندو هو. حريف شاعر وري ساڳيءَ زمين ۾ پنهنجي خيالن جي گهوڙي کي ڊوڙائي پهرئين غزل چوندڙ شاعر کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

ان تتبع شاعري لکڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته ڪنهن شاعر جي غزل جي ڪنهن مصرع کي ڪنهن ٻئي شاعر پسند ڪيو ۽ ان تي غزل چيائين، ان تي ٻئي لکيو، وري ٽئين لکيو، چوٿين… پوءِ اهڙي طرح اها دعوت عام هم غزل يا هم طرح مشاعرو ٿي ويندو هو(2).“ مير علي نواز علوي جي هن تتبع ڪلام مان اسان کي اها ڄاڻ ملي ٿي ته هن تتبع تي سعدي ۽ صائب به تتبع لکي چڪا آهن.

رسيد موسم گل، ترک بايد کرد،

نظارهء، گل رويء نگار بايد کرد

غم و نشاط جهان را چون اعتباري نيست

بعيش عشقِ بتان اختصار بايد کرد

به شعر گفتن علوي زبان فهم ترا،

مثــــــال سعدي و صائب شمار بـــــايـــــد کرد

مير علي نواز علوي فارسي غزل کي انهيءَ رنگ ۾ نڀائڻ جي خوب ڪوشش ڪئي آهي. هن فارسي شاعريءَ کان لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس جهجو ڪلام فارسيءَ ۾ موجود آهي. جنهن ۾ تتبع ڪلام به موجود آهي. سعدي، فخرالدين جي ڏنل تتبع مثال کان علاوه حافظ ۽ بلبل جا مثال حاضر آهن، حافظ جي تتبع تي ڪلام:

از ابر زلف برمہ رويت نقاب چيست

بکشاز رخ نقاب ز عاشق حجاب چيست

”علوي“ چو از الست سگ آستان تست

بس باسگان خويش حساب و عذاب چيست

ان دؤر جا فارسي شاعر تتبع ڪلام لکڻ سعادت سمجهندي، خوشيءَ سان ان کي دل سان قبول ڪيو. حافظ ۽ بلبل جي پوئواريءَ ۾ هيٺ سندس ڪلام جو نمونو حاضر آهي، انهي غزل ۾ سندس تخلص ”مجرم“ استعمال ٿيل آهي.

تاتو، اي جانانِ من بر رخ نقاب انداختي

اين دل شوريده را در اضطراب انداختي

”مجرما“ خوش گفت”حافظ“ و ”بلبل“ شيراز پاک،

اي کہ برماهه از خطِ مشکي نقاب انداختي(5).

 

مير علي نواز علوي ايراني شاعرن جي پوئواري ڪندي، قصيدا به لکيا آهن ته مثنوي منظوم خط جي صورت ۾، ۽ قطعات تاريخ  ماده ڪڍڻ به شاعري ۾ موجود آهي. مير علي نواز علوي جا پنهنجي همعصر شاعرن سان شعر و شاعري ذريعي هڪ ٻئي کي جواب ڏنل به موجود آهن. ان سلسلي ۾ مير علي نواز علوي ۽ احمد علي خان احمد قلاتي، مير علي نواز علوي ۽ رسول بخش رهي مغل قلاتي، مير علوي ۽ خواجه عبدالباقي سرهندي باقي، محمد ابراهيم خليل مسڪين ٺٽوي ۽ سيد صابر ٺٽوي تتبع شاعريءَ ۾ هڪٻئي کي جواب ڏيندا رهندا هئا ۽ اهڙن ڪيترن شاعرن جو تتبع ڪلام ڪلياتِ علوي ۾ موجود آهي(1).

تتبع ٿيل ڪلام کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته، ان وقت شايد مصرع طرح لکڻ جو رواج شروع ڪونه ٿيو هو ۽ اهو تتبع ڪلام لکڻ جو دؤر هو. ان ڪري قافيه، رديف ۽ وزن کي سامهون رکندي تتبع ڪلام سرجيو ويندو هو. اوائلي فارسي گو شاعر انهي تتبع کي خوب هٿي وٺرائي. هاڻي سوال اهو ٿو اٿي ته پوءِ مصرع طرح ڏئي طرحي مشاعرن جو رواج ڪڏهن شروع ٿيو. سنڌي صورتخطي جي قائم ٿيڻ سان سنڌي اخبارن ۽ رسالن جو نڪرڻ شروع ٿي ويو. ”مطلع خورشيد“ فارسي ۽ سنڌي ۾ اخبار نڪرندي هئي. جنهن ۾ سرڪاري ڪارگذاري جو احوال شامل هوندو هو، بعضي بعضي قصيده گوئي شاعري به ڏني ويندي هئي. 1866ع ۾ سنڌ سڌار جي نالي سان مرزا صادق علي جي ايڊيٽري ۾ هڪ اخبار جاري ٿي، جنهن جو خاص مقصد ماڻهن کي ملڪي خبرن ۽ تعليم جو چاهه پيدا ڪرڻ هو(2). پر اڳتي هلي هن طرحي مشاعرن کي وڏي هٿي ملي. طرحي مشاعرن جي شروعات 1870ع کان پوءِ شروع ٿيندي نظر اچي ٿي، ”سنڌ سڌار اخبار سنڌي مشاعرن جي بنياد رکڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو، هن اخبار ۾ ڪي ڪي غزل اهڙا شايع ٿيندا هئا، جن جي جواب ۾ ٻيا شاعر غزل لکندا هئا، ڪيترا اهڙا غزل پڻ شايع ٿيندا هئا، جن ۾ ٻين شاعرن کي جوابي غزل لکڻ جي دعوت ڏني ويندي هئي، اهڙي طرح ساڳي رديف، قافيي سان چيل غزلن جو مشاعرو ٿي ويندو هو(3). ان کان پوءِ ٻين اخبارن ۽ رسالن معين الاسلام 1880ع، هفتيوار اخبار معاون الاسلام 1885ع، تحفهء احباب 1904ع ۽ بهارِ اخلاق 1906ع جون طرحي مشاعرن کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڏو حصو رهيو آهي.

”تحفهء احباب“ ماهوار رسالو هو، جنهن کي محمد هاشم ”مخلص“ باقاعده سان طرحي سٽ ڏئي طرحي مشاعرا شروع ڪيا، ”هي پهريون رسالو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ باقاعده مشاعري لاءِ طرحون ڏنيون وينديون هيون، جنهن تي شاعر پنهنجا غزل لکي موڪليندا هئا، جي تحفهء احباب جي ”بزمِ مشاعرا“ جو سينگار ٿيندا هئا. مخلص محمد هاشم پهريون شاعر صحافي هو, جنهن باقاعده طرحي اخباري مشاعري جو بنياد وڌو(4).

تحفهء احباب جي ڪن مشاعرن جون طرحون هي هيون:

  1. عجب احوال ٿيو گل بيرهن جي ياد ۾ دل جو  (آگسٽ 1904ع)

  2. ٿي ڏسي مدت کان تنهنجو عارض پُرنور  شمع. (سيپٽمبر 1904ع)

  3. گوش دل جي ساڻ ٻڌ تون داستان اهل درد.  (آڪٽوبر 1904ع)

”بهارِ اخلاق“ رسالو جيڪو اسدالله شاهه گدا ٽکڙائي جي نگرانيءَ ۾ شايع ٿيندو هو. ان رسالي ۾ به طرحي مشاعرن کي هٿي وٺرائي، سندس هر شماري ۾ مصرع طرح مشاعرو شايع ڪيو ويندو هو. مير علي نواز علوي به اهڙن طرحي مشاعرن ۾ ڀرپور حصو ورتو. رسالو ”بهارِ اخلاق“ جي هڪڙي شماري ۾ هڪ مصرع طرح: ”هجر تنهنجي يا نبي مون کي پريشان آهه ڪيو.“ ۾ مير علي نواز علوي سان گڏ شڪارپور جي هڪٻئي شاعر امام بخش خادم بدوي جي مصرع طرح تي طبع آزمائي ٿيل آهي. هت مير علي نواز علوي جي مصرع طرح مان نمونو ڏجي ٿو:

”هجر تنهنجي يا نبي مون کي پريشان آهه ڪيو،

درد دوري جي نهايت سخت حيران آهه ڪيو،

وصف تنهنجي خلق جي، هي خلق عاجز ڇا ڪندي،

شان ۾ نازل تنهنجي، الله قرآن آهه ڪيو،

ڇا ڪريان تعريف تنهنجي سلطنت جي سرورا،

رب اوهان جي در سندو جبريل دربان آهه ڪيو

”هن دؤر ۾ مير علي نواز علوي سان اڪثر اهي شاعر گڏ هئا، جن فارسي شاعريءَ ۾ ساڻس حصو ورتو هو. هن دؤر ۾ سنڌ سڌار، معاون الاسلام ۽ مجمع محمدي اخبارن سنڌي شاعريءَ کي جديد فني طرز ۽ اطوار سان عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ٻئي طرف سنڌي رسالن به ان ڏس ۾ اهم ڪوششون ڪيون. هن دؤر جا شاعر هڪ ٻئي جي ڪلام جو ”تتبع“ ڪندا هئا يا ڪنهن ”مصرع طرح“ کي خوشيءَ سان قبول ڪري ان تي طبع آزمائي ڪندا هئا

مير علي نواز علوي توڙي امام بخش خادم بدوي جي مصرع طرح تي لکيل ڪلام کي ڏسندي، ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائجي ٿو ته هتي ٻنهي شاعرن مصرع طرح سٽ کي شروع ۾ ئي استعمال ڪيو آهي. حالانڪه اڳتي هلي انهيءَ طريقه استعمال کي ڪلام جي پهرئين بند کي ڇڏي، وچ ۾ يا هيٺ رکڻ موزون سمجهيو آهي.

مير علي نواز علوي جو اڪثر ڪلام نعتيه آهي. سندس غزلن ۾، نعتيه رنگ موجود آهي. حالانڪه غزل جو اهو فارسي دؤر گل و بلبل جو دؤر هو. ڪافيون هجن، ڏوهيڙا، بيت، نظم، مخمس، مسدس، مثنوي سڀ ۾ نعتون مليون آهن. شبِ معراج واقعي بابت مير علي نواز علوي ۽ مرزا قليچ بيگ جو تتبع ڪلام مليو آهي. هتي مان هڪ ڳالهه ياد ڏيارڻ ضروري ٿو سمجهان ته تتبع ڪلام ۽ مصرع طرح ۾ اهو فرق آهي ته تتبع ڪلام قافيه، رديف ۽ وزن کي سامهون رکي لکيو ويندو آهي، ۽ جڏهن ته مصرع طرح ۾ مٿين ڳالهين کان علاوه ڏنل سٽ کي شاعري ۾ پهرئين بند کي ڇڏي ڪٿي به مناسب جڳهه تي استعمال ڪري سگهجي ٿو. مرزا قليچ بيگ توڙي مير علي نواز علوي معراج واقعي بابت ڪيل نعت ۾ تتبع طبع آزمائي ڪئي آهي، مير علي نواز علوي جي تتبع ڪلام مان نمونو حاضر آهي:

مرحبا مرسل سندي معراج واري رات اڄ،

آهي پنهنجي ربّ ڏي رهبر جي تياري رات اڄ،

عرش کان هن فرش تائين آهه روشن سڀ جهان

ٿي وسي رحمت سندي برسات ساري رات اڄ،

مسجد الاقصيٰ ۾ گڏ ٿي انبيا سڀ ٿا چون،

ٿي اچي سرور اسان جي، جي سواري رات اڄ

شيخ سعدي جي شهرت يافته لکيل نعت

”بلغ العليٰ بڪمالہ“ کان پوءِ هڪ ٻئي بزرگ شاعر، مصنف، وقت جي جيّد عالم مولوي عبدالغفور”مفتون“همايوني جي نعت ”مان نه رڳو“ کي به وڏي پذيرائي ملي. سندن ان نعت تي سوين تتبع ڪلام لکجي چڪو آهي. ”سنڌي ۾ نعتيه شاعري“ ڪتاب جي مصنف ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڪيترو تتبع ڪلام مولانا همايوني جي نعت تي لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، ويجهڙائيءَ ۾ عبدالجبار عبد سومري جو مرتب ڪيل ڪتاب ”حيران هزارين“ ۾ اٺاويهه شاعرن جو تتبع ڪلام سندن تعارف سان شايع ٿيو آهي. مير علي نواز علوي به ساڳئي ڪلام تي تتبع شاعري ڪئي آهي. سندن تتبع ڪلام جو نمونو ملاحظه ڪيو:

تنهنجي حُسن سڄڻ حيران ڪيا،

انسان هزارين مان نه رڳو،

تنهنجي شان برابر شاهه نه ڪو،

تنهنجي سونهن سندو مٽ ماهه نه ڪو،

تنهنجي خيال کان خالي ساهه نه ڪو،

خواهــــــــان هــــــزارين  مـــــــان  نه  رڳو

مير علي نواز علوي جو تتبع ڪلام به مولانا مفتون همايوني جي طرز تي هو. مير علي نواز علوي، مولانا همايوني جي سڄي نعت مان، هن آخر ۾ سندن سٽ ”قربان هزارين مان نه رڳو“ ملائي آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته مير علي نواز علوي ان تتبع نعت کي مصرع طرح جي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا هڪ گڏيل ڪوشش آهي. مير علي نواز علوي جي تتبع ڪلام جو آخري بند ملاحظه ڪيو:

ناهي علوي هڪ مفتونُ تنهنجو

آهي عالم سڀ ممنُون تنهنجو

ٿيو جاني جڳ مَرهُون تنهنجو،

قربـــــــان هزاريــــــــن مان نه رڳو

اياز حسين قادري ”سنڌي غزل جي اوسر“ صفحي 209 تي لکي ٿو ته:

”سري جي شاعرن مولوي عبدالغفور مفتون همايوني ۽ مير علي نواز علوي شڪارپور جا غزل جن جو قافيو زباني،رواني، جواني ۽ رديف جاني هو، سڄي سنڌ ۾ نهايت مقبول ٿيا، جنهن تي استاد شاعرن قليچ، سانگي، گدا، مرتضائي ۽ ٻين شاعرن جوابي غزل لکيا.

مير علي نواز علوي جي اها تتبع شاعري ملاحظه ڪيو، جنهن ۾ نعتيه رنگ موجود آهي. مير علي نواز علوي جو ساڳي تتبع تي ٻه نعتون ملن ٿيون، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون:

ڪونهي ڪونين ۾ تنهنجو ٻيو ثاني جاني

نور تنهنجي ۾ پرين نور خُدا جو روشن

شان تنهنجي ۾ عيان شان رباني جاني

سارو عالم تنهنجو مفلوڪ تون مالڪ ڪل جو،

سر تـــــــي ســــــــالار تنهنجي ڇتر شهاني جاني

ٻي تتبع نعت جو مثال ڏجي ٿو:

حسن تنهنجي جي عجب آهي ڪهاني جاني،

تون آهين مظهر انوار حقاني جاني،

حسن تنهنجي جو مٺا محب نه مٽ ٿي مهتاب،

سونهن تنهنجي سڄڻ شمس نه ثانـــــــي جانــــــي

مير علي نوا زعلوي هڪ عالم شاعر هو، جنهن جي شاعري ۾ زماني جي رنگيني مات کاڌي ۽ سندن شاعريءَ ۾ عشق رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو جذبو نروار آهي، جنهن جو سندن ذاتي زندگيءَ تي گهرو اثر موجود آهي.

مير علي نواز علوي گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. هُو اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار رکندڙ، سندن ڳالهائڻ ۾ نرمي ۽ ميٺاج، خوش مزاجي، ملنساري ۽ جذبه ايثار جو نمونو هو. سندن خوبين ۽ خاصيتن جو هرڪو پرستار هو.

ذاتي رهڻي ڪهڻي ۾ شاهاڻو مزاج موجود هو، پر سادگيءَ ۾ ئي پنهنجي سچائي ۽ فوقيت سمجهندو هو. جنهنڪري سندن ذاتي زندگيءَ ۾ مشرقي تهذيب جي جهلڪ نمايان هئي. هو شڪارپور جي ترقي$ لاءِ هميشه ڪوشان رهيو، سندن ڪهڙين ڪهڙين خوبين جو ذڪر ڪجي، هو مثالي شخصيت هو. اهڙا شخص صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، دعا آهي ته الله تعاليٰ کين جنت ۾ جڳهه نصيب ڪري آمين.


(1) ڪليات علوي- ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو، سال ڇاپو پهريون 1993ع سنڌي ادبي بورڊ.

(2) ڪليات علوي- ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڇاپو ٻيون، جون 1982ع، ڪافي پبليڪيشن، ڪراچي.

(3) ڊاڪٽر عزيزالرحمٰن ٻگهيو، سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ، مئي 1984ع صفحو 71، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org