سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:3 

پروفيسر الطاف حسين جوکيو

 

 

 

 

  سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾

نون گُهڻي جو مونجهارو

سنڌي ٻوليءَ ۾ لـﮨـجن جي معياري هجڻ جو ماڻ علم لسان موجب نه هجڻ سبب ٽن صوتياتي گروهن ۾ اختلاف ۽ مونجھارا برقرار رهندا پيا اچن، جن ۾ ’ر‘ جي لار وارا صوتيه (phoneme)، وسرڳ (aspirates) ۽ ’ن‘ گھُڻي (nasal vowel) وارا اختلاف ۽ مونجھارا قابلِ ذڪر آهن؛ ان ۾ /ٽر/ ، /ڊر/ ۽ /ڍر/ وارا مونجھارا ته ’اڀ ۾ لوليٖ‘ جيان ٽنگيا پيا آهن، باقي وسرڳن جو اختلاف ڪنـﮨـن حد تي حل ڪيو ويو آهي، تنـﮨـن هوندي به ان ۾ مونجھارا آهن؛ ان کان علاوه ’ن‘ جو اکر وينجن (consonant) توڙي سُرَ (vowel) لاءِ ڪم  اچڻ سبب مونجھارو برقرار رهندو پيو اچي.

ٻوليءَ تي مخصوص لـــﻫـجي جي مالڪي ۽ وچولي ڏانـﮨـن بي رخيءَ سبب اهڙن مونجهارن بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنـھـنجي راءِ هيئن ظاهر ڪري ٿو ته:

جيتوڻيڪ سنڌ جي ’وچولي واري ٻوليءَ‘ کي معياري تسليم ڪري ان کي ڪتابن ۾ آڻڻ ۽ لکڻ تي رسمي طور اتفاق ڪيو ويو، پر عملي طور گهڻي حد تائين حيدرآباد واري شــﮨـري ٻولي درسي ڪتابن توڻي سرڪاري دفتر جي ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. صورتخطيءَ جي مسلسل سڌاري واڌاري ڏانـھـن گهٽ توجه سببان ڪافي اوڻايون پيدا ٿيون زيرون زبرون (اعرابون) ختم ڪيون ويون، جنــﮨـنڪري نه فقط لفظن جي صحيح آوازن کي سمجهڻ ڏکيو ٿيندو ويو، پر اعرابن نه هئڻ سببان جملن ۾ اسمن جي صحيح نحوي سٽاءَ جي سڃاڻپ ختم ٿي ويئي. اهڙيءَ طرح، سنڌيءَ جي مزاج وارن ’ي‘ سان سميٽيل اچارن توڻي ’ن‘ جي غنائيءَ وارن اچارن کي صورتخطيءَ ۾ صحيح  هِجي سان بيــﮨارڻ طرف ڌيان نه ڏنو ويو. انهيءَ ڪري باوجود انهيءَ جي، جو سنڌي صورتخطي ڪنــﮨـن حد تائين معياري ٿي، مگر ان جي مختلف مسئلن کي سمجهڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت پوري نه ٿي.“    (بلوچ، 1992: 15- 16)

انـﮨـن مونجھارن کي جاچڻ  ۽ انـﮨـن جي حل تلاش ڪرڻ لاءِ عربي- سنڌي رسم الخط ۽ صورتخطيءَ جي مقرريءَ کان وٺي هيل تائين عالمن جي ٿيل تنقيدن ۽ راين جو تنقيدي اڀياس ڪرڻو پوندو، جنـﮨـن بعد ڪا نه ڪا راءِ يا حل ڪڍڻ ۾ آساني ٿيندي.

سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي- سنڌي رسم الخط ۽ صورتخطيءَ جي اهم مونجهارن ۾ ’نون گھُڻي‘ جو مونجھارو به قابلِ ذڪر آهي. اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته لـ هجي جي ليکي موجب هڪ اڌ لـ هجي ۾ ’نون گھُڻي‘ جي آواز جو استعمال گھٽ آهي، ليڪن انـﮨـن آوازن ۾ ڪوبه اختلاف نه رهيو آهي، ليڪن صورتخطيءَ ۾ اهو مونجهارو برقرار رهندو پيو اچي. اصل مونجھارو پرائمريءَ جي ٻار ۽ استاد لاءِ آهي، جيڪي ٻوليءَ توڙي تعليم ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا.

اهو مونجھارو ڪو نئون ڪونهي، جنـﮨـن کي ثابت ڪرڻ لاءِ ويـ هي اجايا دليل ڏجن؛ هن خطي جي ٻولين جي رسم الخطن ۾ ان مسئلي جو ڪي قدر حل ملي ٿو. اردو ٻوليءَ وارن ان مونجھاري کي نظر ۾ رکيو ضرور آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته انـﮨـن وٽ به ڪو مڪمل حل ڪونهي. ديوناگري رسم الخطن ۾ ان مسئلي جو جوڳو حل موجود آهي.

اسان جي بد قسمتي آهي جو اسان عربي- سنڌي رسم الخط ۾ ان مونجھاري جي حل لاءِ ڪونه سوچيو آهي؛ ۽ نه وري ايلس واري ڪميٽيءَ جي مخصوص ميمبرن ان مسئلي کي آڏو رکيو.

 اترادي اُپ- لـﮨـجي ۾ نون گھُڻي جي کوٽ هجڻ سان گڏو گڏ  لاڙي لـ هجي ۾ به ’نون گھُڻي‘ واري گھڻائپ وسرڳن جيان نه کڻي، تڏهن به ڪي قدر ترڪ ڪرڻ نوٽ ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڄاڻائي ٿو ته: ”لاڙي لـ هجي جي ڪيترن لفظن ۾ گُھڻائپ ترڪ ڪيل هوندي آهي، جيئن: ’تنـﮨـن > تِہ، ڪنـﮨـن > ڪِہ، پنـﮨـنجي > پاهجي.“   (ميمڻ، 1995: 51- 52)

’ن‘ اکر اسان جي ٻوليءَ توڙي ٻين ٻولين ۾ وينجن توڙي سُر طور ڪم ايندو آهي. چند عالمن جون اهي به تجويزون شامل حال رهيون آهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سُرن جي صورت ۾ پڙهايون وڃن. مرزا قليچ بيگ سر لاءِ حرف علت لفظ ڪم آڻيندي لکي ٿو ته:

”سنڌيءَ ۾ جيڪي لفظ آهن، تن جي پڇاڙيءَ ۾ حرف علت هوندو يا حرف علت جو ڪو نشان هوندو، جنـﮨـن کي ’حرڪت‘ چون ٿا ۽ جو ڪنـﮨـن حرف صحيح تي ايندو. يعني سنڌيءَ جي هر هڪ لفظ جي پڇاڙي هيٺين اعرابن مان هڪ نه ٻئي ۾ ضرور هوندي:  اَ، آ، اِ، اَي، اُ، اُو، اَو، او، اِيِ، اي. (نون غني جو آواز به انـﮨـن ۾ شامل ٿي سگھي ٿو.)“ 

 مرزا صاحب ٻئي هنڌ  حرف علت کي اعراب ڄاڻائيندي ۽ نون غني کي ان ۾ ڳڻيندي لکي ٿو ته: ”اهي نون غني سان به اچي سگھن ٿا، جيئن: اَن يا ءً، اِن يا ءِ، اِين يا اُن يا ءٌ، اُون، اين، اون، آون.   (قليچ، 1992: 170)

ڊاڪٽر الانا صاحب سنڌي صوتيات جي حوالي سان ڄاڻائي ٿو ته:

”سنڌيءَ جي صوتياتي نظام ۾ جيئن گھُڻا وينجن ٿيندا آهن، تيئن گھُڻا سرَ به ٿيندا آهن.گھُڻن سرَن کي تحريري صورت ڏيڻ لاءِ، سرَ جي پويان ’ن‘ اکر لکيو ويندو آهي، جيڪو ان سرَ جي گھُڻي هئڻ جو اهڃاڻ ڏيندو آهي. هت هيءُ نُڪتو به قابل توجهه آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ گھُڻي وينجن [ن] ۽ ’گھُڻي سر‘ کي لکت ۾ نمايان ڪندڙ اکر ’ن‘ جي لکت ۾ ڪوبه فرق ڏيکاريل نه آهي. اردوءَ ۾ اهڙو فرق بلڪل ظاهر آهي. انهيءَ ڪري ئي سنڌي صورتخطيءَ ۾ مونجھارو ٿئي ٿو، ۽ صورتخطيءَ ۾ گھُڻي سُرَ واري ’ن‘ مٿان جزم ڏيندا آهن، جنـﮨـن جو استعمال بلڪل غلط آهي.“ (الانا، 1967: 85)

چوڻ جو مقصد ته پرائمري استادن جي تربيتي ادارن جي لاپرواهيءَ ۽ لاعلمي سبب اسان جي پڙهائيندڙ استاد کي ’نون غني‘ ۽ ’نون چٽي‘ پڙهائڻ يا سمجھائڻ جو ڍنگ ڪونهي ۽ نه وري مذڪوره آوازن لاءِ ڪو سَنڌو/ فرق متعين ٿيل آهي؛ ان لاءِ پڙهندڙ ٻار به مونجھاري جو شڪار رهي ٿو؛ اڪثر استاد نون گھُڻي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ’جزم‘ جو استعمال ڪندا آهن، سو ڪنـﮨـن حوالي سان به درست ناهي.

ورهاڱي کان اڳ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم، يڪ- طرفو فيصلو ڪندي، صورتخطيءَ جي ڪافي مونجھارن کي اڪيلي سر عربي طرز موجب سلجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي حيثيت ۾ ان ڪيل حل کي عمل ۾ پڻ آندو جيڪو سواءِ هڪ- اڌ تبديليءَ جي، ڪنهن حد تي اڄ سوڌو مستعمَل آهي.

ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگھيو ڄاڻائي ٿو ته:

”1939ع وارو زمانو هجي ۽ مرحوم دائود پوٽي، سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عـﮬـدي جي چارج سنڀالي ورتي هئي … ڊاڪٽر دائود پوٽي درس وتدريس ۾ ڪتب ايندڙ ڪتابن جو جائزو ورتو. هن اهو فيصلو ڪيو ته پرائمري جي ٻاراڻي ڪلاس کان و‎ٺي اٺين ڪلاس تائين انهن ڪتابن جي صحت ۽ افاديت کي بحال ڪيو وڃي، جنـﮨـن لاءِ ڪميشن جي مشوري ڏيڻ، ٺاهڻ ۽ انهن جي حوالي ڪم ڪرڻ جـﮨـڙي رسمي ڪارواين پٺيان وقت وڃائڻ بدران، هن ’اخلاص جي پتلي‘ انسان اهو سڄو ڀاري ڪم پنـﮨـنجي ذمي کڻي ڪيو، جنـﮨـن جو واقعي هو هر لحاظ کان اهل هو. جيڪي هن ڦيرڦاريون ڪيون انهن ۾ مکيه ٻه ڳالهيون هيون، هڪڙي هيءَ ته 1905ع کان اڳ ۾، سنڌ ۾ تعليمي ميدان لاءِ تجويز ڪيل ڪتابن ۾ عربي ڍنگ تي، سنڌي لفظن جون اعرابون (زير، زبر، پيش، جزم، ۽ تشديد) ڏنيون وينديون هيون، انهن کي بحال ڪيائين.“   (عزيز، 1988: 513- 514)

ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪيل ڪم موجب سُرن (Vowels) ۾ ڪم ايندڙ ’و‘ ۽ ’ي‘ تي عربي طرز پٽاندر ’جزم‘ جو استعمال ڪيو ويو؛ ساڳئي طرز موجب ’ن‘ گُھڻي تي پڻ جزم جو  استعمال ٿيل آهي، جيڪو لسانيات موجب درست نه هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا اهڙي دهرائجندڙ غلطيءَ کي علمي انداز ۾ رد ڪيو ۽ سندس ڄاڻايل سفارشن موجب اهڙي ’نون‘ تي جزم کي هٽايو ويو.

’ن‘ تي جزم جو استعمال صرف آواز کي ساڪن ڪرڻ هوندو آهي، جنـﮨـن سان نون جو مخرج اوس ٺهندو، جهڙوڪ ’نَــنۡڍو‘، ’ڪنۡڊو‘، ’ڏنۡڊو‘، ’کَــنۡڊو‘ خاص ڪري اتي جتي نون بعد ان جي قريب مخرج، يعني ڏندوين آواز وارن اکر مان: ’ت، ٿ، د ۽ ڌ‘ يا  مَـﮨـار وارن آوازن مان: ’ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، ڏ، ن، نهه، ل، لهه، ر، رهه، ڦ، ڊ، ز، ڙ، ڙهه‘ مان ڪوبه هڪ ايندو ته ان جڳـ هه تي زبر وارو گھُڻو آواز [اَن]، زير وارو گھُڻو [اِن] ۽ پيش وارو گھُڻو [اُن] نه ٺهندو بلڪ گھُڻي جي بجاءِ ساڪن [اَنۡ، اِنۡ يا اُنۡ] بيـ هندو، ۽ ان جڳـ هه تي ’جزم‘ ئي ڏيڻ گھرجي؛ ڊگھن سرن سان نه ۽ ننڍن سرن جي حالت ۾ اهڙا نون گھُڻي جا آواز ساڪن بيـ هندا، ان جو سبب اهو آهي ته ڊگھا سر گھُٽيل سر هجڻ سبب چپن کي گول ڪبو آهي ۽ ننڍا سر وچٿرا هجڻ سبب چپن کي گھڻو ڪونه کولبو آهي جنـﮨـن ڪري ڪنـﮨـن لفظ ۾ گھُڻو سرُ وات جي گھَڻي نه کولڻ سبب ايندڙ قريب مخرج واري آواز سبب نون جو هلڪو آواز ٺاهيندو آهي، جنـﮨـن سبب ان کي ساڪن سمجھڻ گھرجي.

نون بعد اهڙن آوازن جي نه اچڻ جا اصول عربي ٻوليءَ ۾ به متعين ڪيل آهن، جنـﮨـن لاءِ پروفيسر واءِ. ايس طاهر علي ڄاڻائي ٿو ته: ” نون ساڪن جي پٺيان يڪدم ’ر‘ ڪانه ايندي آهي.“  (طاهر، 1965: 284- 296)

سنڌي ٻوليءَ ۾ [ٽ، ڏ،  ن، نهه، ڻ، ل، لهه، ر، ڙ، ڙهه، ڦ] اهڙا آواز آهن جن کان اڳ نون ساڪن/ گھُڻو نه ٿو اچي.

        هندي ٻولين لاءِ ديوناگري صورتخطيءَ موجب اهڙن لفظن ۾ نون گھُڻو نه پر ساڪن ڪري ڄاڻايو ويندو آهي، ۽ ساڪن اکر کي ڪنـﮨـن اکر جي اڌ شڪل سان ظاهر ڪيو ويندو آهي؛ جيئن:

(ننۡڍو)، (کَنۡڊو)، (پنۡٿ) وغيره.

ان سڄي بحث جو نچوڙ اهو آهي ته مٿي ڄاڻايل آوازن کان اڳ نون گھُڻو بيـ هندو ئي ڪونه، بلڪ ان جي قريب مخرج سبب نون ساڪن جو مخرج ٺـ هندو، جنـﮨـن سبب نون جي اهڙن آوازن مٿان ساڪن جي ئي نشاني لڳائڻ کپي؛ ٻي صورت ۾ گھُڻي تي ساڪن جي نشاني ڪانه لڳندي.

 گهُڻي آواز جو شمار سُرَ ۾ ٿئي ٿو، ان سبب ڊاڪٽر الانا جي درست راءِ موجب، ان تي ساڪن جي نشاني ’جزم‘ لڳائڻ بلڪل غلط آهي. هينئر گھُڻي سر کي نمايان ڪرڻ لاءِ ڪنـﮨـن الڳ نشانيءَ/ علامت جي مقرر ڪرڻ جي گھرج آهي. اردو ٻوليءَ ۾ ’ن‘ اظـ هاري ۽ غنه جي فرق جو تصور واقعي موجود آهي، ليڪن وچ ۾ استعمال سبب ساڳيو مونجهارو سامهون اچي ٿو. اردو وارا خود ’نون وينجن‘ ۽ ’نون گھُڻي‘ جي عام صورتخطيءَ مان مطمئن ناهن، ان حوالي سان پروفيسر سيد محمد سليم ڄاڻائي ٿو ته:

”اردو املا کی اصلاح کے سلسلے میں نون خفی کا مسئلا بھی قابلِ غور ہے،نون خفی جب لفظ کے آخر میں آتا ہے تو غیر منقوطہ لکھا جاتا ہے۔ اس کو لوگ سہولت سے پڑھ لیتے ہیں جیسے مہماں، یہاں وغیرہ۔ لیکن جب یہ لفظ کے درمیان میں آتا ہے تو نون ظاہر میں اور نون خفی میں تمیز کرنے کی کوئی علامت نہیں ہوتی۔ نون ظاہرہی لکھا جاتا ہے اور بعض نون ظاہر ہی پڑھتے ہیں حالانکہ درحقیقت وہ نون خفی ہوتا ہے۔ میں نے بعض لوگوں کو نون ظاہر پڑھتے سُنا ہے۔ بعض کتابوں میں دیکھا ہے کہ نون خفی پر چھوٹا سا نون یا ہلال بنادیتے ہیں۔ یہ بہت اچھی تجویز ہے۔ اس پر عمل ہونا چاہیے جیسے ہنگامہ، گنگا۔“

(سلیم، ۱۹۸۱: ۸۹-  ۹۰)

نون گھُڻي جي صورتخطيءَ جي حوالي سان اردو ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر ابوسلمان شاهجـﻫـانپوريءَ ڄاڻايو آهي ته:

نون غنہ اگر  لفظ کے آخر میں ہو تو اس پر نقطہ نہیں لگاتے، یہی اس کی پہچان ہوتی ہے، جیسے: ماں، کہاں، کہوں وغیرہ۔ اگر لفظ کے درمیان میں ہو تو اس پر الٹے جزم کی علامت  (ں) بنا دیتے ہیں، جیسے: ماند، چاند، رانڈ وغیرہ۔“ (ابوسلمان، 1986: 150)

ساهتيءَ جي گَھڻَ ٻولياتي شاعر استاد غلام رسول ناطق ڪنبوهه صاحب هڪ دفعي ڪچـ هري ڪندي اردوءَ ۾ ’نون گھُڻي‘ جي غلطيءَ جي دهراءَ بابت ڄاڻايو ته: ”غالباً اها سٺ- ستر ڏهاڪي جي ڳالهه آهي، سرينگر ريڊيو اسٽيشن تان اردو ادب جي نامياري افسانه نگار ڪرشن چندر جو هڪ انٽريو پئي ٻڌم، ڪرشن چندر هڪ افساني جو تفصيل ٻڌائيندي ’آنول‘ لفظ اچاريو، تنـﮨـن تي انٽرويو وٺندڙ رضيه فصيح احمد سندس تصحيح ڪندي چيو ته اهو لفظ اردو ۾ ’آنول‘ نون اظـ هاري سان ته ڪونه اچاريو ويندو آهي، بلڪ اهو لفظ ته ’آنْوَل‘ (نئين ڄاول ٻار جو ناڙو) نون گھُڻي سان اچاريو ويندو آهي. ڪرشن چندر چيو ته ’مان ته اهو لفظ آنول نون اظـ هاري سان ئي چوندس، ڇاڪاڻ ته منـ هنجي بنيادي ٻولي پنجابي آهي ۽ مون پڙـهيو به ائين ئي آهي.“

 اردو جي حوالي سان مون(راقم) پاڻ پرائمري تعليم دوران اهڙي نون گھُڻي (غني) واري هلال جي نشانيءَ واري ڄاڻ پنـﮨـنجي پرائمري استاد مريد حسن خاصخيلي مرحوم کان حاصل ڪئي؛ جيڪا پڻ ان وقت جي ’آسان اردو، چوتھی جماعت کے لئے‘ ۾ موجود هئي؛ مثلاً:

 

’س _ یہ سانپ ہے‘  يا  ’سبق پانچواں وغيره.    (واحد، 1966ع: 5 ۽ 6)

ان کان علاوه اردوءَ جي جامع لغت ’فيروز اللغات‘ ۾ پڻ اهڙي نون گھُڻي جون نشانيون رهنمائيءَ لاءِ ڏنل آهن:

    • بانسری (بانس۔ ری)  نے، مرلی، بانسلی۔     ْ

·       منہ اتر جانا۔ چہرہ دبلا اور بے رونق ہو جانا۔        (فيروز الغات)

چوڻ جو مقصد ته اردو ۾ به ان مسئلي جوحل پراڻن ڪتابن ۾ موجود رهيو آهي، ليڪن اڄ جا اردو ڪتاب اهڙي علامت/ نشانيءَ کان خالي آهن، ۽ پڙهندڙن لاءِ يقيناً مونجھارو پيدا ٿئي ٿو. اردو آئيويٽا حقيقت ۾ فارسي جي آئيويٽا تان هوبـ هو ورتل آهي، ليڪن مونجھاري جي امڪان کي رد ڪرڻ لاءِ  ضرورت آهر اردو وارن پنـﮨـنجا اکر به ترتيب ڏنا، جن ۾ وسرڳي ’ـهه‘ ۽ ’نون غنه‘ جي آواز لاءِ اکر جو تعين قابلِ ذڪر آهي. ساڳيو نون گھُڻو جڏهن وچ ۾ اچي، تنـﮨـن لاءِ به اردو جي ماهرن هڪ علامت مقرر ڪئي هئي، جيڪا اڄ جي اردودانن کان اوجھل رهجي وئي آهي. ياد رهي ته فارسي ٻوليءَ ۾ باضابطا طور تي’نون غنه‘ لاءِ ڪو الڳ سان اکر/ علامت مقرر ڪونهي ٿيل! ممڪن آهي ته فارسي جي چند ڪتابتن/ ڪتابن ۾ اهڙو ڪو تصور رکيل هجي، ورنه عام طور تي فارسيءَ جي آئيويٽا ۾ نون غنه‘ به مستعمل سنڌيءَ جيان ٽٻڪي سان لکي/ ڇاپي ويندي آهي؛ عام فارسي پڙهندڙن لاءِ ان ۾ يقيناً مونجھارو ٿئي ٿو.  

هندي ٻولين لاءِ ديوناگري آئيويٽا ۾ ’نون گھُڻي‘ جو مونجھارو حل ڪيل آهي؛ جيئن:

انگ =  ، سانگُ =  وغيره؛ يعني ’نون گھُڻي‘ لاءِ مٿان ٽٻڪي جو نشان آندو ويندو آهي، جيڪو هندي ٻولين لاءِ ديوناگريءَ ۾ سرَ طور ڄاتو وڃي ٿو. ٻي صورت ۾ ’نون اظهاريءَ‘ لاءِ ’‘ وينجن جو اکر لکندا آهن.

عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهو مونجھارو اوس رهيو آهي، ان جا سبب : هڪ ته، اسان جو استاد ٺڙڪو تربيت ڏيندڙماهرن طرفان اوندهه ۾ رکيو ويو آهي، جنـﮨـن سبب گھُڻو نون سرَ طور ڪونه ٿو پڙهايو وڃي، ۽ اسان جا معصوم ابـ هم ٻار وڏن ڪلاسن تائين گھُڻي نون وارا لفظ درست اچاري يا لکي ڪونه ٿا سگھن. ٻيو ته ٻوليءَ جا ماهر يا اختياريءَ وارا ڪنـﮨـن اهڙي تـ هڙي جي ڳالهه کي اهميت ئي ڪونه ڏيندا آهن.  ان لاءِ بـ هتر ٿيندو ته ننڍ- وڏائيءَ وارا تصورسڀ ميٽي، سنڌي استادن ۽ ڄاڻوئن جي راءِ سامهون رکي، اسين به ان مسئلي لاءِ ڪو نشان متعين ڪري سـ هڻي نموني حل ڪڍون؛ ۽ ان کي ’ڪَڪِ واري پٽيءَ‘ ۾ شامل ڪري باقاعده ٻارن کي پڙـهايون! يعني پـ هرين صاف سرن واريون پٽيون پڙـهائي، بعد ۾ گھُڻن سرن واريون پٽيون اوس پڙهائڻ گھرجن؛ جيئن:

        صاف سرَ              گھُڻا سرَ

        اَ، بَ، ٻَ…           اَن، بَن، ٻَن…

        اِ، بِ، ٻِ…           اِن، بِن، ٻِن…

        اُ، بُ، ٻُ…           اُن، بُن، ٻُن…

        آ، با، ٻا…            آن، بان، ٻان…

        اي، بي، ٻي…       ايٖن، بيٖن، ٻيٖن…

        اِي، بِي، ٻِي…       ايِن، بيِن، ٻيِن…

        ايَ، بيَ، ٻيَ…       ايَن، بيَن، ٻيَن…

        او، بو، ٻو…           اون، بون، ٻون…

        اوُ، بوُ، ٻوُ…           اوُن، بوُن، ٻوُن…

        اوَ، بوَ، ٻوَ…           اوَن، بوَن، ٻوَن…

مذڪوره صاف سرن ۽ گھُڻن سرن جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب اٺَ گھُڻا سر ڄاڻايا آهن. شايد سندس خيال موجب اهي ٻه گھُڻا آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪونه ٿا اچن. مثلاً:

      صاف سُر                      گھُڻا سُر        

        آ                       آن     

        اَ                        اَن             

        اِ                        اِن

        اِي                     اِين    

        اي                     ايـٖـن

        اُ                        اُن

        او                       اُون

        او                       اون        (الانا، 1967ع: 86)

ڊاڪٽر الانا صاحب ’ايَن‘ ۽ ’اوَن‘ جنـﮨـن کي  ’ي لِين‘ ۽ ’واو لِين‘ وارا گھُڻا به ڪوٺي ويندو آهي، سي ڪونه ڄاڻايا آهن. ممڪن آهي ته سندس اهو خيال هجي ته اهي ٻه گھُڻا آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪونه ٿا اچن. منهنجي خيال مطابق ’اون‘ ۽ ’اين‘ جنـﮨـن کي ’واو مجهول سان گھُڻو‘ ۽ ’ي مجهول سان گھُڻو‘ چيو ويندو آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم نه ٿا اچن. 

عربي آوازن جي حوالي سان ’تعليم التجويد‘ جي لکندڙ گھُڻي آوازن لاءِ ڄاڻايو آهي ته: ”غنه معنى گھُڻون آواز. صفت غنه ٻن حرفن ’ن‘ ۽ ’م‘ ۾ ٿيندي آهي. ’ن‘ ۽ ’م‘ کي مغنو به چئبو آهي. انـﮨـن جي اچار مهل آواز نڪ جي پاڙ مان ايندو آهي. ’نون‘ ۾ غنائي ’ميم‘ کان وڌيڪ آهي.“   (انور: 23)

عربي ٻوليءَ جي اعرابن ۾ تنوين کي نون گھُڻي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ  ننڍڙو ’م‘ آيل هوندو آهي، خاص ڪري تڏهن، جڏهن ان ’تنوين‘ بعد ’ب‘ جو اکر ايندو آهي؛ ٻي صورت ۾ ’تنوين‘ وارو آواز ايندڙ ’تشديد‘ سبب مشدد اکر جي آواز سان نه رڳو تنوين بلڪ گھُڻي جو آواز پڻ حذف ڪيو ويندو آهي؛ جيئن:

نون گُھڻي وارو آواز:

·       ” لَنَسۡفَعًا بِالنَّاصِيَةِ o“   (سورة العلق – ۱۵ )

·       ” وَ اَنۡتَ حِلٌّ بِـ هٰذَا الۡبَلَدِ o “  (سورة بلد – ۲)

·       ” سَاَلَ سَآئِلٌ بِعَذَابٍ وَّاقِعٍ o “(سورة المعارج – ۱)

·       ” ارۡجِعِيۡٓ اِلى رَبّڪِ رَاضِيَةً مَّرۡضِيَّةً o“  (سورة الفجر – ۲۸)

تنوين توڙي گھُڻي آوازن جو حذف ٿيڻ:

·       ” ذٰلِڪَ الۡڪِتٰبُ لَارَيۡبَ فِيۡہِ هُدًي لِّـلۡمُتَّقِيۡنَ o“  (سورة البقرة – ۲)

·       ” فَذٰلِڪَ يَوۡمَئِذٍ يَّوۡمٌ عَسِيۡرٌ o“   (سورة المدثر – ۹)

عربي ٻوليءَ ۾ گهُڻي آوازن لاءِ محترم استاد عبدالهادي سرهيو صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ” ’يـنـمـو‘ وارن حرفن وقت نون کي غنو ڪري پڙهبو. ان کي ’ادغام مع الغنہ‘ چئبو آهي؛ مثلاً:

 مِنۡ يَّومٍ، مِنۡ نُّورٍ، مِنۡ مَّلَڪٍ، مِنۡ وّالٍ.

ميم ساڪن، نون ساڪن ۽ تنوين کان پوءِ جيڪڏهن ’ب‘ ايندي، ته اتي نون کي ميم سان مٽائي غنو ۽ اخفا ڪري پڙهبو، جيئن ’ب‘ تي شد نه اچي؛ مثلاً:

”مِنۡ بَّعۡدِ، اَلِيمٌ بِّمَا، تَرۡمِيّـ هِمۡ بۡحِجارَةٍ، صُمٌّ بُڪۡمٌ. “

نون ۽ ميم مٿان جيڪڏهن شد آئي ته انـﮨـن کي غنّه يعني نڪ مان آواز ڪڍي پڙهبو؛ مثلاً:  اَنَّ، عَمَّ. (انور، 31)

ميم ساڪن ۽ نون ساڪن بابت تجويد جو استاد جناب امير الدين صاحب تفصيلاً ڄاڻائي ٿو ته: ”ميم ساڪن جا ٽي حڪم آهن:  شفوي ۳، اظهار شفوي.

1.                  اخفا شفوي ان کي چئبو آهي، جو ميم ساڪن کان پوءِ حرف ’با‘ اچي ته ميم ساڪن ۾ غنه ڪري پڙهبو؛ جيئن: اَمۡ بِہٖ.

2.              ادغام مثلين شفوي ان کي چئبو آهي جو ميم ساڪن کان پوءِ ٻيو ميم متحرڪ اچي ته ميم ساڪن کي ميم متحرڪ ۾ داخل ڪري شد ڏيئي غنه ڪري پڙهجي؛ جيئن: عَليۡـﮨمۡ مُّ‍ؤۡصَدَةٌ.

3.              اظـ هار شفوي ان کي چئبو آهي جو ميم ساڪن کان پوءِ ’با‘ ۽ ’ميم‘ کان سواءِ باقي ڇويـ هن حرفن مان ڪوبه حرف اچي ته ميم ساڪن کي چٽو پڙهجي؛ جيئن: اَلَمۡ تَرَ، اَلَمۡ يَجۡعَلۡ.

نون ساڪن ۽ نون تنوين بابت امير الدين صاحب اڳتي ڄاڻائي ٿو ته: ”نون ساڪن ۽ نون تنوين جا چار حڪم آهن:

1.                        اخفا معنى لڪائڻ، يعني اظهار ۽ ادغام جي وچ تي ادا ڪرڻ. اخفا جا پندرهن حرف آهن: تا، ثا، جيم، دال، ذال، زا، سين، شين، صاد، ضاد، طا، ظا، فا، قاف، ڪاف. اخفا حقيقي ان کي چئبو آهي جو نون ساڪن ۽ نون تنوين کان پوءِ اخفا جي حرفن مان ڪوبه حرف اچي ته نون ساڪن ۽ نون تنوين ۾ غنه ڪري پڙهجي؛ جيئن: اَنۡتُمۡ، جَنّٰتٍ تَجۡرِيۡ، مَآءً ثَجَّاجًا.

2.                        ادغام معنيٰ داخل ڪرڻ، يعني حرف ساڪن کي متحرڪ ۾ داخل ڪري اهڙي طرح ادا ڪرڻ جو، دير ٻن حرفن جيتري ٿئي ۽ ٻڌڻ ۾ هڪ حرف اچي؛ ادغام جا ڇهه حرف آهن، جن جو مجموعو ’يـرمـلـون‘ آهي. ادغام جا ٻه قسم آهن:

ادغام ناقص مع الغنه ان کي چئبو آهي جو نون ساڪن ۽ نون تنوين کان پوءِ ’يومن‘ جي چئن حرفن مان ڪوبه حرف اچي ته نون ساڪن ۽ نون تنوين کي ان ۾ داخل ڪري شد ڏيئي غني سان پڙهجي؛ جيئن:

مَنۡ يَّقُوۡلُ، مِنۡ وَّالٍ، بَرۡقٌ يَّجۡعَلُوۡنَ، بُرُوۡجًا وَّ جَعَلَ، مِنۡ نُّطۡفَةٍ، مِنۡ مَّلَڪٍ، يَوۡمَئِذٍ نّاعِمَةٌ، بَشَرٌ مِّثۡلُنَا.

ادغام تام بلا غنه ان کي چئبو آهي جو نون ساڪن ۽ نون تنوين کان پوءِ ’لام‘ ۽ ’را‘ مان ڪوبه حرف اچي ته نون ساڪن ۽ نون تنوين کي ان ۾ داخل ڪري شد ڏيئي بغير غني جي پڙهجي؛ جيئن:

مِنۡ لَّدُنَّا، مِنۡ رَّبِّ، هُدً لِّلۡمُتَّقِيۡنَ، غَفُوۡرٌ رَّحِيۡمٌ.

اقلاب معنى مٽائڻ، يعني غني جي رعايت رکي بغير شد جي هڪ حرف کي ٻئي حرف سان مٽائڻ. اقلاب جو هڪ حرف ’با‘ آهي. اقلاب ان کي چئبو آهي جو نون ساڪن ۽ نون تنوين کان پوءِ حرف ’با‘ اچي ته نون ساڪن ۽ نون تنوين کي ميم سان مٽائي غنو ڪري پڙهجي؛ جيئن: مِنۡ بَعۡدِ، اَلِيمٌ بِما.

اظـهار معنى ظاهر ڪرڻ، يعني حرف کي سواءِ غني جي، پنـﮨـنجي مخرج مان صاف ۽ چٽو ادا ڪرڻ.
اظـ هار جا ڇهه حرف آهن: همزه، ها، عين، حا، غين، خا. اظـ هار حلقي ان کي چئبو آهي جو نون ساڪن ۽ نون تنوين کان پوءِ اظـ هار جي حرفن مان ڪوبه حرف اچي ته نون ساڪن ۽ نون تنوين کي چٽو ڪري پڙهجي؛ جيئن:

مَنۡ اٰمَنَ، سَلٰمٌ هِيَ، وَمَنۡ خَفَّتۡ، فَوزًا عَظِيۡمًا.“    (انور، 44- 48)

جناب امير الدين صاحب عربي جي حوالي سان اڳتي غني(گھُڻي) جا ٻه قسم ڄاڻايا آهن: ”هڪ، ذاتي ٻيو، صفتي. غنو ذاتي ميم ۽ نون ۾ هر وقت هر حال ۾ ٿيندو آهي ۽ غنو صفتي اخفا، ادغام ۽ شد وقت ٿيندو آهي. غنو ذاتي گھٽ ۽ صفتي زياده ٿيندو آهي. ميم ۽ نون غني جا پنج درجا آهن:

1.                  ٻيئي شد وارا هجن.

2.                 ٻيئي اخفا وارا هجن.

3.                 نون ادغام ناقص ۾ هجي.

4.                 ٻيئي ساڪن هجن، ما بعد ۾ حرف اظـ هار جو هجي.

5.                 ٻيئي متحرڪ هجن سواءِ شد جي.

ميم ۽ نون جو غني وقت ادا ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته ميم اخفا وقت ڪجھ خيشوم (نڪ جي اندرين پاڙ) مان ۽ ڪجھ چپن مان نڪرندو آهي ۽ ادغام اظـ هار وقت خالص چپن مان نڪرندو آهي. ’نون‘ اخفا ۽ ’واو‘ ’يا‘ ۾ مدغم هجڻ وقت خيشوم (نڪ جي اندرين پاڙ) مان نڪرندو آهي؛ ۽ ’نون‘ ’ميم‘ ۾ مدغم هجڻ وقت چپن مان نڪرندو آهي ۽ نون، نون ۾ مدغم هجڻ وقت پنـﮨـنجي اصلي مخرج مان  نڪرندو آهي ۽ ’نون‘، ’لام‘ ۽ ’را‘ ۾ مدغم هجڻ وقت انـﮨـن جي مخرج مان نڪرندو آهي.   (انور، 48- 49)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڄاڻائڻ موجب:  سنڌ جي عالمن ’نون گھُڻي‘ کي واضح ڪرڻ لاءِ ’ن‘ کان پوءِ يا ان جي جاءِ تي ’م‘  به ڪم آندو. بلوچ صاحب جي لکڻ موجب: لفظن جي آخر ۾ ’هه‘ ۽ ’ء‘ کان پوءِ ’ن‘ واري گھُڻٖي اچار کي ’م‘ جي آواز ذريعي نروار ڪيو ويو، جيئن:

                           جڏهم = جڏهن.          ماڳـ هم = ماڳـ هين.

                           ڪڏهم = ڪڏهن.         سائينم = سائين.    (بلوچ، 1999ع: 443)

 

 اهو سبب آهي جو پراڻين ڪتابتن موجب شاهه لطيف جي هيءَ ’سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار‘  سٽ به ’سائينم‘ سان لکيل ملي ٿي. جنـﮨـن کي پوءِ ڇاپي ۾ به ڪم آندو ويو، پر عام طور تي ان جي لکڻ جا سبب معلوم ناهن. ڪي ان ’م‘ کي ضميري پڇاڙي  تصور ڪيون ويٺا آهن، ته ڪي وري ماڳـ هين ڪٽيون ويٺا آهن؛ پر حقيقت ۾ عربيءَ موجب اها ’نون غُني‘ جي نشاني آهي، جيڪا اڳلا ڪاتب عربي لکت جي تقليد ۾ استعمال ڪندا هئا.

البته عربيءَ جي اعرابن واري اصول ۾ ڪنـﮨـن اکر مٿان ’ننڍڙي گولڙيءَ‘ جو نشان ڪنـﮨـن اکر جي آواز کي حذف ڪرڻ (ڪيرائڻ) لاءِ ڪم آندو ويندو آهي، جيڪو قرآن شريف ۾ ٽيويـ هن لفظن جي الف مٿان ڪم آندل آهي؛ مثلاً:   

·       اِنَّآ اَعۡتَدنَا لِلڪٰفِرِيۡنَ سَلٰسِلَاْ وَ اَغلٰلاً وَّ سَعِيۡرَاً O   (سورة الدهر _ ۳)

·       وَيُطَافُ عَلَيۡـ هِم بِاٰنِيَةٍ مّن فِضَّةٍ وَّ اَڪۡوَابٍ ڪَانَتۡ قَوَارِيرَاْ O قَوَارِيرَاْ  مِنۡ فِضَّةٍ   قَدَّرُوۡهَا تَقدۡيرًا O  (سورة دهر _ ۱۵، ۱۶)   

مذڪوره آيتن ۾ ”سَلٰسِلَاْ “ ۾ ’لَاْ‘ جي الف تي  ننڍڙي ٻڙي يا گولڙي ڏنل آهي، جنـﮨـن جي مراد ’لام‘ جو ’الف‘ حذف ڪري ’لام زبر لَ‘ پڙهڻو آهي. ٻي ڄاڻايل آيت ۾ پهريون لفظ” قَوَارِيرَاْ “ وقف ۾ پڙهبو آهي، باقي وصل ۾ هرگز نه پڙهڻ گھرجي. ٻيو لفظ قَوَارِيرَاْ “ ۾ الف وصل توڙي وقف ۾ ناهي پڙهبو. لکت موجب ’رَا‘ پڙهڻو آهي، پر اعرابن جي ڏسيل اصول موجب ان کي ’ر زبر رَ‘ تائين پڙهڻو آهي نه ڪي ’ر الف را‘!  ان مان اهو اصول اخذ ٿئي ٿو ته هڪ اکر جو اهو ئي آواز ڪڍڻو آهي، جنـﮨـن جي لکت ۾ هو نمائندگي ڪري ٿو؛ پر لکڻ جي باوجود ٻوليءَ موجب ان جو درست آواز ناهي وٺڻو، ان صورت ۾ ڪنـﮨـن اکر مٿان ’ننڍڙي ٻڙي يا گولڙي‘ ان اکر جي آواز کي ڪيرائڻ لاءِ رکي وئي.

خط نسخ عثماني رسم ۾ لکيل قرآن شريف جا ڇاپا جيڪي عربستان توڙي ايران عراق يا شام وارا ڪم آڻيندا آهن، جنـﮨـن جي اعرابن جو نظام پاڪستاني نسخ ۾ ڇپيل قرآن شريف جي اعرابن کان ڪي قدر نرالو آهي، تنـﮨـن ۾ پڻ ڪنـﮨـن اکر جي آواز کي حذف ڪرڻ لاءِ اکر مٿان عام طور ننڍڙي گولڙي ڪم آندل آهي؛ مثلاً:

وَاِذَا قِيۡلَ لَـ هُمّ لَا تُفسِدُواْ فِي الاَرّضِ قَالُواْ اِنّمَا نَحۡنُ مُصۡلِحُونَ O

عربيءَ جي ڪجھ ڪتابتن ۾ جزم جي نشاني ننڍڙي ٻڙي سان به رکي وئي آهي؛ جيئن:

’وَلا تَعْبُدُ الشۡيْطَانَ وَاللهَ فَاعْبُدَا‘  (بحوالا: قوائد الاملاء)

عربي – سنڌي آئيويٽا ۾ پڻ ننڍڙي ٻڙيءَ جي نشاني جزم طور ڪم آندي وئي آهي، جنـﮨـن جا نشان ڊاڪٽر ٽرمپ جي جرمني مان ڇپايل ’شاهه جي رسالي‘ ۾ ملن ٿا، جيئن:

                قَادِرُ پنـﮨـنجـي قُدْرَتَ سـٖـين قَائِمُ آههِ قَدِيمُ

جزم طور گولڙيءَ جي استعمال جو تصور ٻارهين صدي هجري کان انگريزن جي دؤر تائين جي ڪاتبن جي ڪتابتن ۾ نمايان ملي ٿو.  (بلوچ، 1992ع)  پر جيئن ته موجوده سنڌي صورتخطيءِ ۾ جزم طور گولڙيءَ جو استعمال آهي ئي ڪونه، ان لاءِ ان کان جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪارگر ڪم يعني گھُڻي جي علامت ڪري وٺون ته منهنجي خيال ۾ ڪو حرج ڪونهي.

اسان جيڪڏهن عام قرآني خط نسخ جي اصول پٽاندر ’ن غني‘ واري آواز لاءِ  نون مٿان ’ننڍڙي گولڙي‘ يا اردو جي پراڻن ڪتابن ۾ ڪم آندل نون غني لاءِ ’ابتي جزم‘ واري نشان کي اپنايون، جنـﮨـن جي مراد ’نون چٽي‘ کي ڪيرائي ’نون غنو‘ يعني ’گھُڻو سُر‘ ڪري وٺڻ هجي، ته پڙهڻ يا پڙهائڻ ۾وڌيڪ  سـ هوليت ٿيندي؛ پر بـ هتر ائين ٿيندو ته جيڪڏهن خط نسخ موجب قرآن ۾ ڪم آندل ڪنـﮨـن اکر کي حذف ڪرڻ لاءِ گولڙيءَ جيان استعمال ڪجي، ته وڌيڪ بـ هتر!  نون جي ٽن قسمن (جن ۾ ٻه نون مخرجي ۽ هڪ نون (گھُڻي)  جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

·       نون چِٽو:  نَڪُ، ڪَنُ، آنِيارو، اهنَر، بُنياد، تُنِرو، مَنِڙا، ناٿُ وغيره.

·       نون ساڪن: سنۡدر، بنۡدو، ننۡڍو، نِنۡـڊ، سنۡڌُ،  منۡٿ، ڪنۡٺ وغيره. 

نون غنو:  جنْگ، رنْگ، سينْگار، سونْـ هنْ، نانْگ، اسانْ وغيره. 

اڀياسي حوالا

×         الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، (2005ع)،  سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

×         انور امير الدين ابوالخليل _ تعليم التجويد- گھوٽڪي: الجامعة المدينة تجويد القرآن.

×         بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1992ع)، سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي- حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.

×         الانا، غلام علي خواجه، (1967ع)، سنڌي صوتيات- حيدرآباد: ادبيات پبليڪيشن.

×         بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (1999ع)، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ-  ڄام شورو: پاڪستان اسٽڊي سينٽر يونيورسٽي آف سنڌ.

×         ٻگھيو، عزيز الرحمان، ڊاڪٽر، (1988ع)، سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ- ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

×         جتوئي علي نواز پروفيسر، (1996ع)، علم لسان ۽ سنڌي زبان- ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

×         حامي، عطا محمد، ڊاڪٽر، (1994ع)، خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

×         سرهيو، عبدالهادي، (1976ع)، علمي تحفو- لاڙڪاڻو: هادي پبليڪيشنس.

×          طاهر علي، واءِ. ايس، پروفيسر، (1965ع)، سامي زبانون. ايڊيٽر: گرامي، غلام محمد. مـﻫـراڻ: سہ ماهي علمي ۽ ادبي رسالو. 14 (1 ۽ 2)، 284- 296. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.

×         قليچ بيگ مرزا، (1992ع)، سنڌي وياڪرڻ- ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

×         ميمڻ عبدالمجيد، سنڌي (1995ع)، شاهه ڪريم جو ڪلام-   ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

×         سید محمد سلیم پروفیسر،   (۱۹۸۱ء)، اردو رسم الخط ۔ کراچی مقتدرہ قومی زبان.

×         سندھی عبدالواحد اور مسلم ضیائی، (اپریل  ۱۹۶۶ء )، آسان اردو، چوتھی جماعت کے غیر اردو داں طلبا کے لیے ۔ اردو اکیڈمی سندھ کراچی: لاہور برائے ویسٹ پاکستان ٹیکسٹ بک بورڈ ۔

×         فیروز الدین مولوی الحاج ۔ فیروز اللغات اردو۔ کراچی: فیروز سنز.

  روايت ڪندڙ:

* ڪنبوهه، غلام رسو ل ناطق (رٽائرڊ استاد ۽ شاعر)  حال ساڪن هالاڻي،  ضلع نوشهرو فيروز

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org