امام راشدي
روحل جي رمز
سمجهي ڪير!
سنڌ جي سر زمين جو چَپو چَپو بزرگن، اوليائن ۽
صوفي شاعرن جي درگاهن، خانقاهن ۽ اوتارن سان ڀريو
پيو آهي. ڇو ته سنڌ الله وارن جو ديس آهي. سنڌ جي
مِٽي مقدس ۽ پاڻي پوَتر آهي. هِن عظيم ڌرتيءَ جي
محبت هر ڪنهن کي موهيو آهي، جنهن سبب لاتعداد صوفي
سالڪن ۽ درويشن سنڌ کي پنهنجو وطن بڻايو ۽ سنڌ جي
ئي روح جون ڳالهيون عوام تائين پهچايون.
سنڌ کي پنهنجو فڪر ۽ فلسفو آهي جيڪو دنيا ۾ امن ۽
آشتيءَ جو سبق ڏئي ٿو. سنڌ پنهنجي تشخص سبب دنيا ۾
منفرد مقام رکي ٿي. هيءَ اها سرزمين آهي جنهن جو
فلسفو انساني محبت سان گڏ ڌرتيءَ سان محبت جو
پيغام ڏئي ٿو. ظاهر آهي اهڙي فڪر ۽ فلسفي جا داعي،
اڳواڻ، رهبر يا رهنما اهي ٿي سگهن ٿا، جن پنهنجي
ڌيان ۽ گيان سان گڏ علم ۽ عمل ۾ به هڪجهڙائي رکي.
هنن پاڻ حق ۽ صداقت جي واٽ وٺي دنيا کي ٻڌايو ته
حق ڇاهي!
دل جي صفائي، اخلاق جي بلندي ۽ محبت جي پالوٽ
صوفين جا عالمي اصول رهيا آهن. جڏهن اسان اهڙن
صوفي بزرگن ۽ شاعرن جو بيان کڻنداسين ته رُوحل
فقير به انهن ۾ اهم پَد تي نظر ايندو.
روحل فقير 1734ع ۾ ڄائو ۽ زندگيءَ جون سَتر بهارون
هن ڀُونءِ تي گذاري، کائي پي، گهُمي ڦري دنيا جي
لاهَن چاڙهن کان واقف ٿي، فقيري رنگ جا جلوا
ڏيکاري 1804ع ۾ مڪان کان لامڪان ڏي راهي ٿي ويو.
ڪنڊڙيءَ ۾ روحل فقير جي درگاهه آهي. جتي هر سال
ميلو مچندو آهي. اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته جوڌپور جي
قلعي ۾ روحل فقير جي سَماڌي ٺهيل آهي.
روحل فقير صوفي شاعر هو. فقيري سندس مزاج ۾ سمايل
هئي. پاڻ فقير واري اهميت کان چڱيءَ طرح واقف هو.
فقير لفظ جي وَصف صوفي سالڪن پنهنجي پنهنجي خيال
آهر بيان ڪئي آهي:
ف: سان فڪر ۾ رهڻ،
ق: سان قرب الاهي حاصل ڪرڻ،
ي: سان الله جي ياريءَ جو طلبگار ٿيڻ ۽
ر: سان رياضت ڪرڻ! روحل فقير انهيءَ فلسفي جو
پيروڪار رهيو.
روحل فقير جي ابن، ڏاڏن جو اصل وطن ته پنجاب آهي،
پر سنڌ جي سِڪ کين عمرڪوٽ کڻي آئي. سندس وڏڙا
ساهيوال جي علائقي سان تعلق رکندڙ هئا ۽ سرائيڪي
ڳالهائيندڙ هئا. روحل فقير جو پيءُ شاهو فقير
ڪلهوڙن جي زماني ۾ عمرڪوٽ ۾ ”مومل جي ڪاڪ“ جي
نزديڪ پدمات جي هڪ ڀِٽ تي آستانو اَڏي ويهي رهيو.
اِنهيءَ ڀِٽ کي ”روحل جي ڀِٽ“ جي نالي سان سڏيو
ويندو آهي. اهڙيءَ طرح روحل فقير جي ڄمڻ کان سَت
سال پوءِ شاهه عبداللطيف رحه به (1741ع) ڀِٽ اچي
وسائي ۽ اهائي ئي ڀِٽ هينئر ”ڀِٽ شاهه“ سڏجي ٿي.
”جو کيڙي سو کائي“ تحريڪ جي اڳواڻ شاهه عنايت جي
شهادت (1130هه) کان سترنهن، ارڙهن سالن کان پوءِ
روحل فقير ڄائو هو. ذات جو زنگيجو هو. سندس پيءُ
ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ملازم هو. خود روحل فقير
کي به ميان نورمحمد جي نوڪريءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
شاهو فقير کي سلطان، روحل ۽ ميوو نالي تي پُٽ هئا.
روحل، شاهو فقير، جو پُٽ هو ۽ روحل جو پٽ مراد
فقير هو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر هو. انهن
مان روحل فقير بلند مقام حاصل ڪيو. کيس سنڌي، عربي
۽ فارسيءَ جي تعليم ڏياري وئي. اهوئي سبب آهي جو
اڄ روحل فقير جو ڪلام سنڌي، فارسي، سرائيڪي ۽
مارواڙي ٻولين ۾ ملي ٿو. هر صنف ۾ سندس ڪلام بلند
پايي جو آهي. عالمن هن جي ڪلام کي ”توحيد جو جوهر“
قرار ڏنو آهي. روحل جو گهڻو ڪلام هنديءَ ۾ دستياب
آهي. سنڌ ۾ هن جي ٽن تصنيفن جو ذڪر ملي ٿو، پر
هندستان مان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي تحقيق موجب
فقير صاحب جي هندي تصنيفات جو تعداد سَت آهي. سندس
هندي ڪلام تي ڀڳت ڪبير جو اثر گهڻو آهي. ”هندي
ڪلام خاص طور ڀڳتيءَ وارو آهي. زبان توڙي بيان مان
ائين اصل نٿو لڳي ته ڪنهن مسلمان ڪويءَ جو ڪلام
آهي.“ (سنڌي ادب جي تاريخ، جلد ٻيو، ص 20)
موضوع ۽ هيئيت جي لحاظ کان به سندس ڪلام اعليٰ
معيار جو آهي. هندي ڪلام بابت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
جي راءِ وڏي اهميت واري آهي ته، ”سنڌي شعر جي
تاريخ ۾ مون کي اڄ تائين ٻيو ڪوبه سنڌي شاعر نظر
نه آيو آهي، جنهن هنديءَ ۾ انهيءَ قسم جي شاعري
لکي هجي. ان لحاظ کان روحل فقير جو درجو سنڌيءَ جي
مڙني شاعرن کان نرالو ۽ يگانو آهي.“ (ڪنڊڙيءَ جو
ڪلتار، ص 28)
شاعر جنهن خطي يا علائقي ۾ رهي ٿو ته اتان جي
ماحول جو ڀرپور اثر وٺي ٿو. جيئن ته روحل فقير جو
گهڻو واسطو ٿر واري علائقي سان رهيو آهي، جيڪو
راجستان سان مليل آهي. تنهنڪري انهيءَ ماحول ۾ پاڻ
کي رنگي ڇڏيائين. اڄ هندي شاعريءَ ۾ روحل فقير جو
مقام نهايت مٿانهون آهي. چون ٿا ته روحل فقير کي
هندو ڀڳت ”ڏونگرسين مهراج“ کان فيض مليو هو،
تنهنڪري ان جي ۾ هندي شاعري ڪيائين.
روحل فقير پنهنجي حياتيءَ ۾ تمام گهڻو سير سفر
ڪيو. راجستان، جوڌپور، بيڪانير ۽ ٻين ماڳن مڪانن
تي گهميو ڦريو، اتان جي اهم ماڻهن سان ملاقاتون پڻ
ڪيائين. جوڌپور جي راجا ”بجير سنگهه“ سان به مليو.
جنهن لاءِ روحل فقير ”آگم وارتا، نالي هڪ ڪتاب
لکيو هو، جيڪو سوال جواب جي صورت ۾ جُڙيل آهي.
راجا جي درٻاري پنڊت ”ايسر سنگهه“ راجا جي آڏو
روحل فقير کان سوال ڪيا جن جا جواب هُو ڏيندو ويو.
پدمات جي ڀِٽ تي ڪجهه وقت گوشهء نشينيءَ ۾ گذاري
روحل فقير جهوڪ شريف راهي ٿيو. ڪجهه عرصو رهي اتان
جي سجاده نشين ۽ شاهه عنايت شهيد جي فرزند شاهه
عزت الله جي معتقدن ۾ شامل ٿي ويو.
تاريخي روايتن ۾ اچي ٿو ته روحل فقير ڪلهوڙن جي
درٻار سان وابسته هو ۽ ميان نورمحمد، ميان غلام
شاهه ۽ ميان سرفراز جي دؤر ۾ هن کي ڪنهن اهم
سرڪاري منصب تي ڏيکاريو ويو آهي. مشهور تاريخدان
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پنهنجي ڪتاب، ”مشهور سنڌي
ماڻهو“ ۾ لکي ٿو ته: ”روحل فقير جوان ٿيو ته ميان
نورمحمد جي درٻار ۾ نوڪري ورتائين. ان بعد پاڻ
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ پوءِ ميان سرفراز جي
ملازمت ۾ به رهيو. پاڻ ترقي ڪندي آخر ۾ اهم رتبي
تي وڃي پهتو. ليڪن ڪنهن ڳالهه تان وقت جي حاڪم
ميان سرفراز سان اختلاف ٿي پيو. انڪري نوڪري ڦِٽي
ڪري درٻار کي ڇڏي ويو. ان کان پوءِ روحل فقير آزاد
زندگي گذاري.“
هن سلسلي ۾ تاريخون خاموش آهن. ”خود ”تاريخِ
ڪلهوڙا“ ۾ به ڪلهوڙن سان وابسته اميرن، وزيرن،
مشيرن توڙي ٻين ننڍن ۽ وڏن عملدارن جو ذڪر ته ملي
ٿو، پر روحل فقير جو ذڪر ڪٿي به ڪونه ٿو ملي. ان
کي تاريخ نويسن جي ڪوتاهي ته نٿو چئي سگهجي، پر
هڪڙي صوفي منش شاعر ۽ فقيري رمز واري شخص جو
ڪلهوڙا حڪمرانن جي درٻار سان منسلڪ هجڻ وارو پهلو
غور طلب ضرور آهي. ڇاڪاڻ ته هو درٻار ۾ شاعر طور
نامزد ٿيل ڪونه هو، پر هُن کي توشاخاني (يعني: گهر
۾ سامان رکڻ واري ڪوٺي يا بادشاهي سامان رکڻ جي
جاءِ) جو ناظم ڏيکاريو ويو آهي. تاريخ جي ڪتابن جي
شاهدي روحل فقير جو ڪلهوڙا درٻار سان وابسته هجڻ
مشڪوڪ ڏيکاري ٿي. جيڪڏهن ميان غلام شاهه سندس
خصلتن کان واقف ٿي سِيڌي سامان جو انچارج بنايو
ته، اها به عجب ڳالهه چئبي جو هڪ صوفي شاعر ۽ الله
لوڪ ماڻهوءَ کي جيڪو ڪم يا رتبو ڏيڻ کپي، ان بجاءِ
کيس ڪم ئي نرالي تي رکيو ويو. اها قدرداني ته
چئبي. اهڙي اهم رتبي واري شاعر جو ذڪر ان دؤر جي
تاريخدانن به نه ڪيو آهي.
ڪلهوڙا دؤر تي جيڪا جديد تحقيق ٿي آهي ۽ جيڪي نوان
پهلو سامهون آيا آهن، انهن ۾ روحل فقير کي شامل
ناهي ڪيو ويو. روحل جي شاعرانه پهلوئن کي پرکڻ
لاءِ سنڌي ڪلام گهٽ ملي ٿو ۽ هندي ڪلام جهجهي
تعداد ۾ موجود آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ سبب جي
ڪري هن شاعر کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. سنڌ جي
اڪثر صوفي شاعرن سان اهڙي رَوش روا رکي وئي آهي.
ميان غلام شاهه ڪيترن ئي عالمن، اديبن، شاعرن ۽
تاريخ نويسن کي پنهنجي درٻار سان وابسته ڪري رکيو
هو. مير علي شير قانع ان جو مثال آهي. تاريخن ۾
ميان غلام شاهه جي تمام گهڻي ساراهه ڪيل آهي. روحل
فقير ڪلهوڙن جي درٻار سان منسلڪ رهيو ۽ خود ٽالپرن
به هن جو قدر ڪيو. ڪلهوڙن جي درٻار ۾ هُو پنهنجي
ماسات راڄو ليکي جي معرفت پهتو. پاڻ ميان غلام
شاهه ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي درٻار ۾ رهيو. ميان
سرفراز جي زماني ۾ ئي دنيا ترڪ ڪري سفر تي نڪتو.
درٻار مان نڪرڻ جو ڪارڻ، درٻاري ڪارندن جون سازشون
ٻڌايو وڃي ٿو. مير بهرام خلاف ٿيندڙ سازشن سندس
وجود کي جهنجهوڙي رکيو. ٻيو سبب هي به بيان ڪيو
وڃي ٿو ته: ”ميان غلام شاهه حرمين شريفين مان هڪ
ڪفن آندو هو ۽ ان کي زم زم جي پاڻيءَ ۾ ترَ ڪري
متبرڪ سمجهي پنهنجي لاءِ رکيو هئائين. مگر سندس
وفات وقت ان جي پٽ ميان سرفراز خان اهو ڪفن پنهنجي
پيءُ کي ڏيڻ جي عيوض پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيو.“
(ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار، ص 8)
سرڪار کان پري ٿيڻ بعد روحل فقير جي زندگيءَ ۾ وڏو
انقلاب اچي ويو. اها لوڙَ ۽ پِيڙا فقير کي ننڍي
لاڪون لڳل هئي. هُو درٻار ۾ حڪومتي سڌارن جو
خواهان هو. پنهنجي استعيفا پيش ڪرڻ وقت کيس راضي
ڪرڻ لاءِ زور به رکيو ويو، پر هن جي اندر ۾ دکيل
چڻنگ ڀڙڪو ڏئي ٻَري پئي هئي ۽ هن جي من جو خيال
اتي وڃي بيٺو ته، ”دنيا ڍونڍ تي طالب ڪتي“.
اهڙو اظهار پاڻ ئي هن طرح ڪيو اٿس:
دنيا ڍونڍ تي طالب ڪتي، سڀنا مل ڪر تاڻي،
هَڏي اتي هوڏ تِنهان دي، وڙهندي عمر وهاڻي،
انڌيان عشق اَلٰہ دا ڇوڙيا، پئي ولوڙن پاڻي،
روُحل راهه رباني ٻاجهون، ٻي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي.
سير سفر ڪرڻ سان فقير جي مشاهدي ۽ مطالعي ۾ واڌارو
ٿيو. طرح طرح جي ماڻهن، درويشن، ساڌن، سَنتن،
اميرن ۽ نوابن سان مليو. ميرن جي حڪمراني قائم ٿيڻ
تي خيرپور جي والي مير سهراب خان ٽالپر روحل فقير
کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو. ڪلهوڙن جي حڪومت ۾
ادا ڪيل سندس ڪردار ڪنهن کان ڳُجهو نه هو. مير
صاحب رياست ۾ رهڻ ۽ جاگير ڏيڻ جي آڇَ ڪَيس. رُوحل
فقير رهائش واري آڇ قبول ڪئي، پر جاگير نه
قبوليائين. هن جي اندر ۾ عشق جي آتش ڀڙڪا ڏئي رهي
هئي. هُو پدمات جي ڀِٽ تي ٿورو وقت ترسيو ۽ پوءِ
جهوڪ شريف راهي ٿيو ۽ اتي شاهه عنايت جي مزار تي
معتڪف ٿي رهيو. بعد ۾ اتان جي سجاده نشين عزت الله
شاهه کان اجازت وٺي راهي ٿيو ۽ مرشد جو چوَڻ هُيس
ته، فقير توکي پاڻهي روڪ ٿيندي. سندس ڪنڊڙيءَ واري
علائقي ۾ هن جو چولو ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪي پيو ته
فقير اتي ئي ديرو دمايو:
نه ڪو ذڪر نه فڪر ڪو، نه ڪو سڏ تنوار
نه ڪا رات نه ڏينهن ڪو، نه ڪا جيت نه هار
لڳو رنگ روُحل چوي، اُت آديسين اَپار
جنهن جو آرُ نه پار، وڃي تِت ڪيائون تڪيو.
”پورا پنجويهه سال مَٽيون ڀريائين ۽ چِلا ڪڍيائين.
مرشد مٿس مهربان ٿيو. سندس مَن جون مرادون پوريون
ٿيون ۽ سندس دل کي سُڪون مليو. پوءِ مرشد کيس وڃڻ
جي اجازت ڏني ۽ چيائينس ته، ”فقير تنهنجي رهڻ جي
جا اها آهي، جتي توکي خود بخود روڪ ٿئي.“ روحل
فقير مرشد جي حڪم موجب هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ،
هڪ شهرکان ٻئي شهر هلندو رهيو. آخر هلندي هلندي هڪ
جاءِ تي سندس پهريان هڪ ڪنڊيءَ جي لامَ ۾ چولو
اٽڪي پيو. پوءِ فقير انهيءَ هنڌ لَڏو لاهي ويهي
رهيو. ٿوري وقت اندر اتي هڪ ڳوٺ ٻَڌجي ويو ۽ اهو
ڳوٺ ”ڪَنڊڙي“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو، جتي
ڪيترائي عشق جا اُڃايل اچي پنهنجي اُڃ لاهڻ لڳا.“
(ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار، ص 8)
الله کي ريجهائڻ وارن جا درگاهه ۽ اوتارا هميشه
آباد رهندا آهن. روُحل فقير جي ڪنڊڙي آباد آهي.
عشق وارا اچي سلام پيش ڪن ٿا. هِن خانقاهه جا مراد
فقير، دريا خان، شاهُو فقير ۽ ٻيا صوفي شاعر به
مشهور ٿيا. سڀني جو ڪلام دستياب ۽ ڇپيل آهي، پر
روُحل فقير جو فڪر ۽ ڪلام سڀني کان مٿي آهي.
مددي ڪتاب:
1. ڪنڊڙيءَ
جو ڪلتار، صوفي روحل فقير، مرتب: ڊاڪٽر نواز علي
شوق.
2. ڪنڊڙيءَ
وارن جو ڪلام، مرتب: لطف الله بدوي.
3. سنڌي
ادب جي تاريخ (ٽي جلد)، ليکڪ: ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو.
4. تاريخِ
ڪلهوڙا (ٻه جلد، مصنف: مولانا غلام رسول مهر.
5. ڪلهوڙا
دورِ حڪومت، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو.
6. مشهور
سنڌي ماڻهو، غلام محمد لاکو. |