سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:1

 

مهراڻ 2/ 2014ع

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

سوچ - لوچ

راشد مورائي جو وڇوڙو

سنڌي ٻوليءَ جو سرموڙ شاعر راشد مورائي به اسان کان وڇڙي ويو، راشد مورائي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ هڪ الڳ مقام جو مالڪ هو، سندس فن، شاعري، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ خدمتون هميشه ياد رهنديون. راشد مورائي جو جنم 5- مارچ 1944ع ۾ تعلقي مورو جو ڳوٺ جوڻاءِ ۾ جيڪو سنڌو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي ۾ ٿيو، سندس والد سيد سعيد علي شاهه ”خادم“ جيڪو پڻ شاعر هو. سندس ڏاڏو سيد نورمحمد شاهه پڻ هڪ علمي ادبي شخصيت طور مشهور هئو، راشد مورائي کي شاعريءَ جو فن پنهنجي وڏڙن کان ورثي ۾ مليو. راشد مورائي  بنيادي طور هڪ استاد هئو، هن جو شمار سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. راشد مورائي جي شاعري مقصديت جي شاعري هئي، هن جي شاعري عام ماڻهوءَ جي، ڌرتي جي مسئلن جي لاءِ هئي، سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن. سندس شاعريءَ ۾ سنڌو درياءَ جي موجن واري مستي ۽ شفافيت ملي ٿي، هُو هڪ بامقصد ۽ همدرد انسان هئو، ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته راشد مورائي هڪ انسان دوست هئو. ذاتي طور انتهائي دلير ۽ بهادر شخصيت جو مالڪ ۽ بااصول انسان هئو. هن استاد هئڻ جي ناتي بهترين استاد طور پاڻ مڃايو، سندس خدمتون بحيثيت استاد ۽ شاعر جي سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ڳائبيون رهنديون.

مخدوم نويدالزمان جو وڇوڙو:

مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جو پُٽ ۽ مخدوم محمد امين فهيم جو ننڍو ڀاءُ مخدوم نويدالزمان وفات ڪري ويو، سندس اچانڪ وفات سندس خاندان توڙي سندس مريدن لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي.

ادارو مخدوم نويدالزمان جي ڪُمهلي موت تي هن ڏک ۾ مخدوم خاندان سان برابر جو شريڪ آهي.

 

پڙهندڙن کي گذارش

 

سنڌي ادب، ٻولي ۽ سماجي ۽ سياسي زندگيءَ تي هڪ صديءَ جو سفر مڪمل ڪندڙ شخصيت سائين محمد ابراهيم جويو کي ادارو لک لک مبارڪون پيش ڪري ٿو. سنڌي ادبي بورڊ جنهن جي ترقيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ مهان شخصيت سائين محمد ابراهيم جويو کي شاندار خراج پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ طرفان سندس نانءُ سال ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سندس اڻمين ۽ اڻ ڳڻين خوبين، خدمتن جي مڃتا ۾ اداري طرفان مهراڻ جو ”محمد ابراهيم جويو“ خاص نمبر شايع ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي نامور عالمن، اسڪالرن  کي هن نمبر لاءِ پنهنجون لکڻيون موڪلڻ جي دعوت ڏجي ٿي. اسان کي اميد آهي ته سنڌي ادبي بورڊ پاران مهراڻ جو محمد ابراهيم جويو خاص نمبر اشاعت وارو فيصلو پڙهندڙن کي ضرور وڻندو ۽ سندن لکڻين سان هيءُ هڪ خوبصورت ۽ شاندار نمبر شايع ٿي سگهندو. اسان کي پنهنجي مانوارن لکندڙن کان هن خاص نمبر لاءِ مواد جلد کان جلد موڪلڻ جو اونو رهندو.

 

                                                                  ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر (انچارج) ”مهراڻ“

 

نياز همايوني

 

 

غزل

 

او راڳي! او ويراڳي! اُٿ ڳاءِ، اُهو ڳُڻ وارو راڳ،

جنهن سان جاڳي روح جو راڻو، ڪاڪَ رَسي ڪوهيارو راڳ!

منهنجي ڌرتي منهنجو گلشن، ’ڌرتيءَ جا گُل منهنجا گيت‘،

آءٌ ٿو ڳايان، ڳائيندس پيو جنم جنم هي پيارو راڳ!

جيسين باک بهاري ناهي، جيسين صبح سَوايو ناهه،

تيسين ڪڻڇي ڳائيندي پئي، ڳائيندي ڪيڏارو راڳ!

تنهنجي سُرت سُريلي مون کي نُوريءَ وانگ نهال ڪيو،

ڪينجهر ڪپ تي ڄڻ ته تماچيءَ جهونگاريو ريٻارو راڳ!

منهنجا گيت رُکاڻ ڀَريل هئا، تنهنجي سُور سواد ڏنو،

تنهنجي سار جو آئي ٿي پيو ماکيءَ جو مانارو راڳ!

جوڳيءَ ويس ۾ جندڙي پنهنجي تولئه ٿي سنياس ڪري،

نيٺ ته سمجهي ويندين، سائين، منهنجو هي موچارو راڳ!

آءُ ته چارڻ، چاتر وانگي، اُڀ ۾ اُڏري جهُڙ جهاڳيون،

هيٺانهينءَ ۾ مير مڙيوئي، گدلو ٿيندو سارو راڳ!

اڄ جي آهي آڇّ ته ڇاهي، سُڀان ته ڪَرهي ٿيندي ڪَڇّ،

آخر پنهنجي پاس ورائي، ايندو بخت جو ڍارو راڳ!

هيل ’نياز‘ نه مينهن وَٺا، نڪي پنهنجي پاسي ماڪ پئي،

جيڪس سورن سانت هئي يا ڪين هيو سونهارو راڳ!

محسن ڪڪڙائي

 

چڙهندڙ سج

 

ڀِنڀرڪو ٿيو، اِجهو ٿو سج اُڀري،

ها، هينئر سج ڪَني ڪڍي آهي.

هُن جي ڪِرڻن ڦُٽي ڦُٽي جڳ کي،

روشني جي خبر ڏني آهي.

زندگيءَ جون تمام پوڄائون،

تِرورن جي اڳيان جهُڪيل آهن.

ٿورڙائي ضمير هوندا جي،

تِرورَن جي اڳيان جهُڪيا ناهن.

ٽاڪ منجهند تي سج وڃي پهتو،

مطلبن جو جهان جوان آهي.

آدمّيت جي هر تحرّڪ مان،

بندگيءَ جو جنون عيان آهي.

سج لڙيو شام ٿي وئي آخر،

ساڻيون ٿي پيون تمنّائون.

هڪ نئين سج جون منتظر آهن،

زندگيءَ جون تمام پوڄائون.

اُن جي اُبتڙ اڃا به ڪي آهن،

جيڪي هر سج جي آجيان نه ڪندا.

 

سنڌو، سنڌ جي ڌرتي، تهذيب ۽ تاريخ جي تخليقڪار آهي. سنڌو پنهنجي هر وهڪري ۾ تهذيب ۽ تاريخ کي سانڍي رکيو آهي  سنڌو واحد ذريعو آهي، جنهن جي ذريعي سنڌ جي حقيقي تاريخ تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ مون اهو فيصلو ڪيو ته، سنڌ جي صحيح تاريخ تائين پهچڻ لاءِ سنڌو جي هر وهڪري جو اڀياس ڪرڻ ضروري آهي.

مهان سنڌو جنهن کي تبت واري جابلو حصن ۾ شينهن درياءُ ۽ هيٺين جابلو حصن ۾ اباسين معنيٰ سڀني جو ابو سڏيو وڃي ٿو ۽ ميداني علائقن ۾ سنڌو ساگر معنيٰ سمنڊ چيو وڃي ٿو.

سنڌو پهاڙن مان گذرندي، سوَن جي تعداد ۾ ننڍيون وڏيون نديون پاڻ ۾ سمائي ٿي ۽ ميداني حصن ۾ تمام وڏا درياءَ، جنهن ۾ هاڪڙو درياءُ پاڻ سان گڏ ٻيا ساٿي درياءُ ساڻ ڪري اچي سنڌو سان شامل ٿيندو هو. ان کان سواءِ جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ سَتلج به اچي هن سان ميلاپ ڪند اهئا. ان ميلاپ کي سپت سنڌو چيو ويندو هو. انهن سڀني دريائن تي اسرندڙ تهذيب کي ”سنڌو تهذيب“ سڏيو وڃي ٿو. سنڌو جي مختلف وقتن جي وهڪرن کي مهراڻ، پراڻ، سهڻي ۽ ڦٽو سڏيو ويو آهي.

سنڌو جي تهذيب جي پکيڙ موجوده پاڪستان سميت، افغانستان ۽ انڊيا تائين ڦهليل هئي، جيڪا عربن جي حملي تائين مڪران کان ڪشمير تائين رهي هئي.

 

                                                              محقق: پروفيسر شير خان سيلرو

ڪتاب: ”سنڌوءَ جا قديم وهڪرا“ تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org