ايوب عمراڻي
قيامت کان
اڳ قيامت کان پوءِ
هن لاءِ قيامت کان اڳ قيامت اچي چڪي هئي!
هن کي محسوس ٿيو ته اسرافيل سُور
ڦوڪي ڇڏي آهي. ڌرتي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪپهه جي پوڻين
وانگر هوا ۾ وکري وئي آهي. تپندڙ سج سوا نيزي کان
به ويجهو آهي. چوطرف تباهي، بربادي ۽ موت جو وحشي
ناچ هلي رهيو آهي ۽ زندگي ڪنهن بي وس جهرڪيءَ جيان
موت جي ظالم چنبن ۾ آخري هڏڪيون ڏئي رهي
آهي........
هو گذريل
پندرهن ڏينهن کان شهر جي سڀ کان وڏي ۽ عاليشان سول
اسپتال ۾ داخل پنهنجي اڪيلي معصوم پٽڙي اميد علي
جي زندگيءَ بچائڻ
لاءِ آيل هئا.
جڏهن هنن اسپتال جو منهن نه ڏٺو هو تڏهن شهر هنن
لاءِ تمام گهڻو پرڪشش ۽ خوبصورت هو؛ پر هاڻي اهو
ساڳيو شهر نهايت ئي بدصورت ۽ گندو هو. شهر جي غليظ
اسپتال ۾ هُو
”اميد“ جي زندگي بچائڻ آيا هئا.
اميد علي جيڪو سندن اڪيلو پٽ هو؛ جنهن جو وجود هنن
لاءِ جياپي جي سگهه پيدا ڪندو هو. اهو اميد علي
صرف ٻن سالن جي عمر ۾ اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾،
گذريل پندرهن ڏينهن کان موت سان جهيڙي رهيو هو.
ماستر خميسي جي زال مائي نيامت
پيرن کان پني ٽن نياڻين کان پوءِ ننڍڙو اميد ڄڻيو
هو. هوءَ پل پل پنهنجي ٻچڙي تان گهور پئي ويندي
هئي. ننڍڙي اميد جي ڳچي دعا جي ڌاڳن سان ڀري ڇڏي
هئائين؛ پر پوءِ به خبر ناهي ڪيئن
ڪنهن ڪارزباني ناظروءَ ننڍڙي اميد کي بدنظر سان
بيحال ڪري ڇڏيو...........
جيتوڻيڪ گهر ۽ پاڙي ۾ سڀ ننڍڙي اميد سان پيار ڪندا
هئا. ٽئي
ڀينرون فاطمه، ساران ۽ سڪينا ته
هن تان گهور پيون وينديون هيون. کيس پينگهي ۾
سمهاري لولي ڏينديون هيون. ڪڇ تي کڻي گهمائينديون
هيون. هن لاءِ ڳيچ ڳائينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته
کيس کڻڻ تان هنن ۾ جهيڙو
ٿي پوندو هو. هر
ڀيڻ چاهيندي هئي ته هوءَ ئي ڀاءُ کي کڻي. ان ڇڪ
ڇڪان ۾ ننڍڙو اميد روئي پوندو هو. تڏهن مائي نيامت
ڊوڙي ٻچڙي کي سيني سان لڳائيندي هئي. ڌيئرن کي
چوندي هئي: ”نڀاڳيون ڏائڻيون ٻچڙي جو ڪجهه خيال ته
ڪريو!“
پاڙي واري ماسي زليخا،
جنهن کي سڀ ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ ۾ جليخان سڏيندا
هئا، ننڍڙي اميد عليءَ کي ماءُ وانگر پيار ڏيندي
هئي ڇو ته هوءَ اولاد جي بنهه سڪايل هئي، هن کي پٽ
ته ڇا،پر
نياڻيءَ جو اولاد به نه ٿيو هو جيتوڻيڪ سندس
شاديءَ کي ڏهه سال ٿي ويا هئا. ماسي
زليخاپيار
مان اميد عليءَ کي
پپو سڏيندي هئي. کيس پنهنجي گهر کڻي ويندي هئي ۽
سيني سان لائي ائين محسوس ڪندي هئي ڄڻ
اميد علي سندس ئي اولاد آهي. اميد علي به هن سان
اهڙو هري ويو جو جڏهن پنڌ ڪرڻ لائق ٿيو تڏهن
پنهنجي ننڍڙن قدمن سان ڦدڦد ڪري وڃي ماسي زليخا وٽ
نڪرندو هو. ماسي کيس پيار ڪرڻ سان گڏ کوڙ ساريون
شيون به کارائيندي هئي.
غربت ۽ مفلسيءَ جي ڪري جيتوڻيڪ ماستر خميسو پنهنجي
اميد جو
جنم ڏينهن ملهائي
نه سگهيو هو، پر
ٻيو
جنم ملهائڻ
لاءِ هن آهستي آهستي ڏوڪڙ
گڏ ڪرڻ
شروع ڪيا. هن سوچيو هو ته اميد علي جي ٻي جنم تي
هو سڄي ڳوٺ کي دعوت ڏيندو ۽ پنهنجي خوشين ۾ شريڪ
ڪندو. ٻه ڏينهن اڳ ماستر خميسي بيڪريءَ
واري کي ڪيڪ ٺاهڻ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو. هن
جي زال نيامت
گهر گهر وڃي عورتن کي دعوت
ڏني. گهر
کي رنگ ڪرائي جهالرون ۽ رنگين ڦوڪڻا ٻڌا ڄڻ گهر ۾
ڪا شادي هجي.
جنم ڏينهن کان
هڪ ڏينهن اڳ، ماستر خميسي شهر
مان اميد عليءَ لاءِ هڪ مهانگو وڳوخريد
ڪيو. ۽
گهر اچي پنهنجي گهر واريءَ ۽ ڌيئرن کي ڏيکاريو،
هُو به قيمتي وڳو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيون، هيڏانهن
هوڏانهن نظر ڦيرائيندي ماستر
چيو ”اميد
ڪٿي آهي؟“ ادي ”زليخا جي
گهر آهي“. هن
جي زال ورندي ڏني، اڃا
انهن ئي ڳالهين ۾ هئا جو زليخا، اميد
عليءَ کي
کڻي گهر ۾ داخل ٿي. اميد علي بيهوش هو ۽ هڏڪيون
ڀري مشڪل
سان ساهه کڻي رهيو هو. اهو منظرسڀني
لاءِ حيران ڪندڙ هو ڄڻ سڀني جي مٿان وِڄ ڪڙڪي
پئي، زليخا خوف
۾ ڏڪي رهي هئي هن ڳالهائڻ چاهيو، پر
لفظ سندس ساٿ ڏيڻ کان نابري
واري ويٺا. نيٺ ايترو چئي سگهي: ”ادا پپوءَ کي
بجليءَ جو ڪرنٽ لڳو آهي.......“
زليخا جي
جملي ماستر خميسي ۽
سندس خاندان کي ڄڻ ته کن پل لاءِ موت جي ننڊ
سمهاري ڇڏيو. ڪجهه
دير لاءِ سڀ
بي جان پٿر جو بت بنجي هڪٻئي
کي ڏسندا
رهيا پوءِ اوچتو نيامت
هڪ اُڀ
ڏار ڪري
زليخا کي
وارن کان جهلي
منهن تي زوردار چماٽ
هڻي ڪڍي.
”نڀاڳي، بي اولاد! تو منهنجو اميد مون کان کسي
ورتو.....“
زليخا پاڻ
سان ٿيل وارتا وساري يڪدم خميسي کي
چيو: ادا هيءُ زندهه
آهي. پپوءَ کي ڪجهه به نه ٿيو آهي. بيهوش آهي. کيس
اسپتال کڻي وڃو خدا ڪندو ٺيڪ ٿي ويندو.......“
ماستر بنا ڪجهه ڪڇڻ
جي زليخا کان
اميد ورتو ۽ کيس کڻي اسپتال ڏانهن ڊوڙيو. ڊاڪٽر
کيس فرسٽ ايڊ ڏئي شهر جي وڏي سول
اسپتال ڏانهن موڪليو.
پنهنجي جنم
ڏينهن واري
ڏينهن اميد علي اسپتال جي ٻارڙن جي وارڊ ۾ انتهائي
نگهداشت واري يونٽ آءِ.سي.يو ۾
زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيهوش پيل هو. ڊاڪٽر جو
چوڻ هو ته ڪرنٽ لڳڻ سبب اميد علي جي جسم جا وائٽ
سيل (رت جا اڇا جزا) ذري گهٽ ختم ٿي ويا آهن. جن
جو بندوبست ڪرڻو پوندو. اميد عليءَ جي
زندگي بچائڻ لاءِ ماستر خميسو سڄي اسپتال ۾ هڪ
وارڊ کان ٻئي وارڊ ڏانهن هڪ ليبارٽري تائين ۽
هڪ بلڊ
بئنڪ کان ٻي بلڊ بئنڪ کان
ٻي ڏانهن ڊوڙي رهيو هو. پر اميد
عليءَ کي بچائڻ لاءِ سندس ڪوششون ۽ اميدون آهستي آهستي دم
ٽوڙي رهيون هيون. کيس محسوس ٿيو ته موت آهستي آهستيسندس
اميد ڏانهن وڌي رهيو آهي. هر ڀيري جڏهن هو
آءِ.سي.يو جي
در تي
شيشي مان ننڍڙي اميد عليءَ کي
ڏسندو هو ته سندس وار ڪا نڊارجي ويندا هئا. ٻارن
جو وارڊ هڪ ننڍڙو مقتل گاهه هو. هر ٻن ٽن ڪلاڪن
کان پوءِ ڪنهن ماءُ جو سڏڪو اڀرندو هو. اهڙو سڏڪو
جيڪو صرف ماءُ پنهنجي اولاد جي وڇوڙي تي ڀريندي
آهي. پوءِ خبر پوندي هئي ته بيڊ نمبر ستين وارو
ٻار مري ويو. ننڍڙي اميد عليءَ کي بيڊ نمبر 12
مليل هو جيڪو وارڊ جو آخري بيڊ هو. ڪجهه ڏينهن
۾ ئي بيڊ نمبر 1، 3، 5، 6، 7، 8، 9، 10 ۽ يارنهن
ٻار مري ويا صرف بيڊ نمبر 2، 4 ۽ 12 جا
ٻار موت سان ويڙهاند ڪندا آيا. اسپتال جو عملو
ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر، نرسون وغيره انهن جي موت تي نه ڏُکي
ٿي ٿيا نه حيران. سندن سامهون ورهين کان موت جو
تماشو
هلندڙ هو انڪري هنن لاءِ ڪنهن جو موت هڪ عام ۽
معمولي
ڳالهه هئي. هڪ بيڊ تي مرندڙ ٻار يڪدم مرده خاني
شفٽ ڪري ان جي جاءِ تي ٻئي ٻار کي ايڊمٽ ڪيو پئي
ويو.
هيترا سارا موت ڏسينيامت
ڄڻ اڌ ٿي پئي هئي. کيس محسوس ٿيو ته سول اسپتال جي
پٿرن سان جڙيل اها عمارت هڪ موت جو ڪارخانو آهي
جتي هر مريض ڄڻ ته مرڻ لاءِ داخل ٿئي ٿو. جيڪڏهن
ڪو بچي
به ٿو تڏهن به اڌ مئو ٿي نڪري ٿو. ڪن جون ڄنگهون
ڪٽيون وڃن ٿيون. ڪن جا هٿ ڪن جون ٻانهون، ڪن جا
ڪن، نڪ ۽ گردا. هر وارڊ
۾ مريض موت جي انتظار ۾ پساهه کڻي رهيا هئا. پل پل
۾ ايمبولينس
جا ساهه نپوڙيندڙ سائرن
ڪنن ۾ چُپي
ٿي ويا. اهي ايمبولينس
خبر ناهي ته ڪٿان ڪٿان رت ۾ رنڱيل لاش ۽ زخمي کڻي
اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ اوڳاڇي هليون ٿي ويون.
لاش جن کي بم ڌماڪن
سان ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو
هو. لاش جن جا ڌڙ هئا سَر
اڏامي ويا هئا، لاش جيڪي سڃاڻپ کان ٻاهر هئا، لاش
جيڪي رڳو رت ۾ ٻڏل ڳاڙهن ٽڪرن تي مشتمل
هئا. لاش جيڪي دهشتگردن جي گولين سان سينا پروڻ
ٿيل هئا. لاش جيڪي باهه ۾ سڙي ڪارا ٿي ويا هئا لاش
جيڪي ٽريفڪ حادثن ۾ ڇپجي ۽ چيڀاٽجي
ويا هئا.........
نيامت
هڪ ڳوٺاڻي عورت ٿي ڪري ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته
کيس هڪ ڏينهن شهر وڃڻو پوندو ۽ اسپتال جي روپ ۾
موت جو ڪارخانو ڏسڻو پوندو. کيس شهر گهمڻ جو ننڍپڻ
کان شوق هو، پر غربت کيس شهر گهمڻ نه ڏنو ۽ جڏهن
هوءَ شهر آئي ته سندس شهر بابت تصور دونهين
وانگر هوا ۾ وکري ويو. هن شهر ۾ رڳو موت جو ماتم
ڏٺو هو. سندس دل چاهيو ته اهڙي شهر مان پکيءَ وانگر پر
هڻي اڏامي وڃان، پر
هن اميد علي جي زندگيءَ جي آس ۾ سڀ ڪجهه سٺو پئي. هوٽل
جو ڪِنو کاڌو،
ڊاڪٽرن ۽ نرسن جا دڙڪا ايستائين جو صفائي ڪرڻ
وارين ڀنگياڻين
جا خرچيءَ ڏيڻ جا مطالبا ۽ شهر جي گهٽيل ۽ دونهين
ڀريل موسم جي تڪليف به برداشت ڪيا. هن پنهنجي
ننڊ ۽ آرام به ننڍڙي اميد لاءِ قربان ڪري ڇڏي هئي.تسبيح
تي بار بار مڻيا ڦيري خداوند کي ٻاڏائيندي ٿي رهي ”ياالله
منهنجي اميد کي صحت ڏي!“
هوڏانهن اسپتال ٻاهران روڊ وٽ فٽ پاٿ تي ماستر
خميسو رِلي وڇائي،
ان اوسيئڙي
۾ ويٺو هو ته ڪڏهن ٿي نيامت
اچي، کيس خوشخبري ڏئي، ته اميد کي هوش اچي ويو
آهي. ماستر خميسي پنهنجي ڳوٺ وارن ۽ دوستن کي نياپا ڪيا
ته سندس ٻچڙي جي زندگيءَ بچائڻ لاءِ دعا گهري وڃي.
هن پاڻ به هر
وقت الله
تعاليٰ کي پئي ٻاڏايو.
اسپتال ٻاهران فٽ پاٿ تي ماستر خميسو اڪيلو نه هو.
سوين اهڙا ٻيا هئا جيڪي پنهنجي ڳوٺ يا ويجهي شهر ۾
علاج جي سهولت نه هئڻ ڪري وڏي شهر جي سول اسپتال ۾
آيا هئا. هُو
اهڙي فٽ پاٿي مخلوق بڻجي
ويا هئا، ڄڻ صدين کان ڄاوا نپنا اتي هجن! ڪڏهن
ڪڏهناوچتو انهن
مان ڪو روئي
سڏڪا ڀري مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي ويل رلي وهاڻي کي ويڙهي
اٿندو هو. خبر پوندي هئي ته جنهن مريض سان هُو
آيو هو اهو مري ويو. ورلي
ڪو ائين ٿيو هجي جو ڪو مريض بلڪل ٺيڪ ٿي نڪتو هجي،
۽ کيس سنڀالڻ وارا مرڪندي اسپتال ڇڏي نڪتا هجن.
گهٽ ۾ گهٽ ماستر خميسي ته اهڙو منظر نه ڏٺو هو. هڪ
ڏينهن ماستر خميسي ڏٺو ته سندس ڀر ۾ ويٺل پوڙهو
چاچو سانول سڏڪي رهيو آهي. هن چاچي سانول کي تسلي
ڏني.”چاچا هر
ماڻهوءَ کي هيءُ جهان
ڇڏڻو آهي. چاچي
سانول ڳوڙها اگهندي چيو: ”ماستر صاحب! منهنجو وحيد
مري وڃي ها ته ايترو ڏک نه ٿئي ها، پر
هو ته زندهه آهي!“
زندهه آهي! پوءِ به روئين ٿو تون ڪهڙي قسم جو پيءُ
آهين!“ چاچي سانول هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ پوءِ چيو:
”ماستر! منهنجو وحيد صرف چوڏهن سالن جو ڳڀرو آهي.
حادثي ۾ سندس ٻئي ٻانهون ضايع ٿي ويون آهي ڊاڪٽرن
فيصلو ڪيو آهي ته اهي ٻانهون ڪلهن وٽان ڪٽيون
وينديون تڏهن ئي وحيد بچي سگهي ٿو.“
”اوهه!“ سندس زبان مان رڳو ايترو ئي نڪري سگهيو.
کيس محسوس ٿيو ته سانول جو پٽ وحيد ۽ سندس پٽ اميد
هڪ ئي انسان آهن ڄڻ ڊاڪٽرن سندس پٽ اميد جون
ٻانهون ڪٽڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن کي لڳو ته دنيا ۾
ڪيترو نه ڏک آهي. آخر دنيا مان هيءُ ڏکَ ڪڏهن
ختم ٿيندا. انسان
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بي پناهه ترقي ڪئي آهي پر؛
پوءِ به انسان جا ڏک دور ڇو نه ٿي سگهيا آهن. هن
پوڙهي سانول کي آٿت ڏيڻ چاهي، پر
لفظ سندس ساٿ نه ڏئي سگهيا. تڏهن پوڙهي سانول
سڏڪندي چيو: ”ماستر صاحب! ڊاڪٽر منهنجي وحيد کي
جيئرو رکڻ لاءِ سندس ٻئي ٻانهون ڪلهن وٽان ڪٽي
رهيا آهن، پر
هُو
ٻانهن کان سواءِ ڪيئن جيئرو رهي سگهندو؟ مان
پنهنجي ڳڀرو پٽ کي ان حالت ۾ ڪيئن ڏي سگهندس پل پل
مرندس پل پل جيئندس. ۽ هُو
به اپاهج واري حالت ۾ پل پل جيئندو ۽ پل پل مرندو.
تڏهن ته چوان ٿو ته جيڪڏهن هو مري وڃي ته بهتر هڪ
سور ته ٿيندو هي روز روز جا سور ڪيئن سهي سگهندس!؟
کيس محسوس ٿيو ته پوڙهو سانول واقعي سچ چئي رهيو
آهي. ٻانهن ڪٽيل انسان ته زندهه لاش هوندو آهي. نه
کائي سگهي نه پائي سگهي. پل
پل جو موت هوندو. اهو
تڏهن کيس اوچتومحسوس
ٿيو ته سندس
اميد علي ڪٽيل ٻانهن سان هن ڏانهن ڊوڙي رهيو آهي ۽
هن کان ذري گهٽ هڪ رڙ نڪري
وئي.... تڏهن هن ڏٺو
ته سندس
گهر واري نيامت
وارڊ کان تڪڙي تڪڙي ۽ پريشان هن ڏانهن اچي
رهي آهي هن جي دل جي ڌڙڪڻ ڪا
بري خبر ٻڌڻ لاءِ تيز ٿي وئي. قيامت جيئن هن جي
ويجهي آئي تڏهن هو پٿر جو بت بنجي هن کي تڪيندو
رهيو.
”ننڍڙي جو آپريشن ٿيندو ان لاءِ رت جو بندوبست
ڪريو.“ نيامت
چيو. نيامت
جو جملو
ٻڌي کيس آٿت ٿي ته اميد اڃا زندهه آهي.
”ڪيترو رت کپي؟“
ٻه بوتلون“
”ٺيڪ آهي مان وٺي ٿو اچان.“
هن نيامت
کان رت جو انجيڪشن ۾ ڀريل سئمپل ۽ پرچي ورتي ۽ بلڊ بئنڪ ڏانهن
روانو ٿي ويو. بلڊ بئنڪ
جيڪا ظاهر ۾ مريضن جي خدمت لاءِ انساني جذبي تحت
قائم ڪئي وئي هئي؛ پر حقيقت ۾ اهو رت جو گودام هو.
رت جي واپارين پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ ماڻهن کان
سستي اگهه تي رت خريد ڪري، رت جي زخيرا اندوزي ڪئي
هئي ۽ ضرورت مند مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن کي وڏي قيمت
تي وڪرو ڪري نوٽ ڪمائي رهيا هئا. کيس بلڊ بئنڪ
انسان جي خدمت جي نالي انسان ۽ انسانيت جي توهين
جو سڀ کان وڏو ادارو محسوس ٿيو. خير هن ان رت جي
گودام مان مهانگي
اگهه تي ٻه بوتلون خريد ڪيون ۽ واپس وريو. آپريشن
شروع ٿيو.
هُو
فٽ پاٿ تي ويٺو خدا کي ٻاڏائڻ لڳو. آپريشن شروع
ٿيڻ کان اڳ هن زال کي
آٿت ڏني. جيڪا هاڻي مايوس ٿي چڪي هئي. هن چاهيو ته
جيڪڏهن خدا وٽ زندگيون بدلائڻ جا سودا ٿيندا هجن
ته هو دير ئي نه ڪري يڪدم پنهنجي زندگي ڏئي ننڍڙي
اميدعلي جي زندگي بچائي وٺي. هن
پڙهيو هو ته جڏهن همايون بيمار ٿيو هو حڪيمن سندس
بچڻ جي اميد نه ڏيکاري هئي ته بابر خدا کان دعا
گهري هئي؛ اي الله منهنجي ٻچڙي کي بچاءِ! منهنجي
زندگي به هن کي عطا ڪر!“ پوءِ سچ پچ همايون ٺيڪ ٿي
ويو ۽ ان جي جاءِ تي بابر موت جي منهن ۾ هليو ويو.
جيڪڏهن ائين ٿئي ته هو پنهنجي زندگي اميد علي کي
ڏيڻ ۾ دير ئي نه ڪري.
هن ڏٺو ته نيامت
هڪ ڀيرو وري هن وٽ آئي نيامت
چيو؛ ”ڊاڪٽر چون ٿا، آپريشن ڪامياب ويو آهي صبح
تائين اميد عليءَ کي هوش اچي ويندو!“
نيامت
جي ڳالهه ٻڌي هن سڪون جو ساهه کنيو. کيس محسوس ٿيو
ته سندس غمگين زندگيءَ ۾ سُک
جي هوا گهُلي
هئي.
تڏهن نيامت چيو:
”آءُ زليخان کي ڪڏهن به معاف نه ڪنديس! هوءَ
منهنجي ٻچڙي کي ماري چڪي آهي. نيامت جي
ڳالهه ٻڌي هو مرڪيو. جڏهن اميد علي ٺيڪ ٿي ويندو
تڏهن نيامتجي
ڪاوڙ ڪافور ٿي ويندي.
نيامت
جيتوڻيڪ زليخا سان
ڀينرن وانگر پيار ڪندي هئي پر؛ پٽ جي معاملي ۾
هوءَ ڄڻ ته سمورا هوش حواس وڃائي ويٺي هئي. جڏهن
به وقت ملندو هوس زليخا کي
پٽون پاراتا ڏيندي دير نه ڪندي هئي.
ماستر سڪون جو ٿڌو ساهه کڻي نيامت کي چيو: ”جڏهن
به اميد کي هوش اچي ته سڀ کان پهرين مون
کي ٻڌائجانءِ!“
نيامت
هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ اسپتال هلي وئي.
هوءَ سڄي رات ان خوشيءَ ۾ نه سُتي ته اجهو ٿو اميد
کي هوش اچي. کيس پڪ هئي ته جيئن ئي اميد علي کي
هوش ايندو. هُو
امان امان پڪاريندو. سندس سوچ صحيح نڪتي. اَسُر ويل
جڏهن مسجد مان اذان آئي ته عين ان وقت ننڍڙي اميد عليءَ
کي هوش اچي ويو. هن ماءُ کي ڏسي ”امان امان“ ڪري پڪاريو. نيامت
کي ڄڻ نئين زندگي ملي. هن
اميد علي کي ٻچڪار ڏيندي چيو: جيءُ امان صدقو وڃان
پنهنجي ٻچڙي تان! ته ماءُ کي مرڪندو ڏسي ننڍڙو
اميد به مرڪي پيو. تڏهن ڊاڪٽر نيامت
کي مبارڪباد ڏني. نيامت
مرڪندي ٻاهر آئي کيس اها مبارڪباد ماستر خميسي کي
ڏيڻي هئي. جيئن ئي هوءَ ڊوڙندي سهڪندي فٽ پاٿ تي
پهتي جتي ماستر خميسو سُتل
هو. هن جيئن ئي نگاهه کڻي ڏٺو ته ماڻهن جي انبوهه
وچ ۾ ماسترخميسو
بي ست پيو هو سندس نرڙ تي ڄميل رت جو ڳنڍو هو. هُو
بي سُت
کليل اکين سان آسمانن ڏانهن
ڏسي رهيو هو. ايتري ۾ ڪنهن شخص ڀڻڪيو:
”دهشتگردن
ظلم ڪري ڇڏيو، هاڻي ته ٻهراڙيءَ کان آيل
بي قصور ماڻهن کي به ماريندي دير نٿا ڪن.“ تڏهن نيامت
کي محسوس ٿيو ته قيامت کان اڳ قيامت اچي چڪي آهي.
هن محسوس ڪيو ته اسرافيل سُور
ڦوڪي ڇڏي آهي. ڌرتي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪپهه جي پوڻين
وانگر هوا ۾ وکري وئي آهي. تپندڙ سورج سوا نيزي
کان به ويجهو آهي، چوطرف تباهي، بربادي ۽ موت جو وحشي
ناچ هلي رهيو آهي. ۽ زندگي ڪنهن بي وس جهرڪيءَ
جيان موت جي ظالم چنبن ۾ آخري هڏڪيون ڏئي رهي
آهي......
طيب صالح
سوڊاني ادب مان چونڊ
ستار پيرزادو
کجور
لَپَ
مان تن ڏينهن ۾ پڪ اڃان ننڍو هوندس. مون کي اهو ته
ياد ناهي ته انهن ڏينهن ۾ منهنجي عمر گهڻي هئي،
تنهن هوندي به ايتري يادگيري اٿم ته مان جڏهن
پنهنجي ڏاڏي سان ٻاهر ويندو هوس ته ڏاڏا سان ملڻ
وارا ماڻهو منهنجي مٿي تي هٿڙو گهمائيندا هئا ۽ ڪي
منهنجي پُٺي ٺپيندا هئا، اها هڪڙي حيرت ۾ وجهندڙ
ڳالهه هئي ته مان عام طور پنهنجي والد سان نه، پر
ڏاڏي سان ٻاهر ويندو هوس. جڏهن به هُو گهر کان
ٻاهر ويندو هو ته مون کي ساڻ وٺيو ويندو هو. بس
صبح ويل مان اڪيلو ويندو هوس، مسجد ۾ قرآن شريف
پڙهڻ. مسجد، درياهه ۽ فصل اسان جي زندگيءَ جو حصو
هئا. مون جيڏا اڪثر مسجد ۾ قرآن شريف پڙهڻ کان
لهرائيندا هئا، پر مون کي وڃڻ ۾ مزو ايندو هو. ان
جو سبب هيءُ به هو ته مولوي مون کي ڀائيندو هو، ڇو
ته منهنجو حافظو سٺو هوندو هو، تنهنڪري مون کي
سورتون جلد ياد ٿي وينديون هيون. وري مسجد ۾ وري
جيڪڏهن ڪو اهم ماڻهو ايندو هو ته مولوي مون کي
چوندو هو ته مان اٿي بيهي سورة فاتحه جي تلاوت
ڪندو هوس. مسجد ۾ ايندڙ ماڻهو منهن جي مٿي تي هٿڙو
گهمائيندا هئا، بلڪل ائين جيئن ڏاڏا سان گڏ هوندي
ماڻهو منهنجي آجيان ڪندا هئا.
اهو به سچ آهي ته مون کي مسجد سان لڳاءُ هو، پر
مون کي درياهه سان به بيحد محبت هئي. سورتون قرآن
شريف جو سبق وٺڻ کان پوءِ مان سڌو گهر ڏانهن
ڊوڙندو ويندو هوس. اتي پهچي ٿيلهو ۽ ڦرهي اڇلائڻ
کان پوءِ مان تڪڙ ۾ نيرن ڪندو هوس ۽ پوءِ هرڻ جيان
ڇال ڏيندو درياهه ڏانهن وهنجڻ لاءِ هليو ويندو
هوس. جڏهن مان تڙڳڻ مان ٿڪجي پوندو هوس ۽ ڪناري تي
ويهي پاڻيءَ کي گُهوريندو رهندو هوس، جيڪو اوڀر
طرف وهندي اڳتي وڻن جي جُهڳٽي ۾ لڪي ويندو هو. اتي
ويهي اڪثر تصوراتي ڳالهيون سوچڻ لڳندو هوس. ڪڏنهن
خيال ايندو هو ته انهن وڻن جي پويان ديون جا قبيلا
رهندا آهن، جنهن جا ماڻهو ڊگهي قد جا آهن، جن جون
ڏاڙهيون سفيد آهن، نڪ چُوپا آهن، بلڪل منهنجي ڏاڏي
جهڙا. منهنجي ڏاڏي جي عادت هئي ته هو ڪنهن به سوال
جو جواب ڏيڻ کان اڳ نڪ کنهندو هو ۽ پوءِ ڏاڙهيءَ ۾
آڱريون وجهندو هو جيڪا برف جيان سفيد ۽ نرم هوندي
هئي. مون سڄي زندگي ڪنهن جي اهڙي سفيد ڏاڙهي نه
ڏٺي آ. منهنجو ڏاڏو به قداور هو، ساڻس مخاطب ٿيڻ
واري کي منهن مٿي ڪرڻو پوندو هو، ائين هُو جڏهن به
ڪنهن دروازي مان داخل ٿيندو هو ته کيس پنهنجو ڪنڌ
ضرور نوڙائڻو پوندو هو. درياهه بلڪل ائين نِوڙي
وڻن جي جهڳٽي پويان ويو ٿي. ان کي ڏسي مون کي ڏاڏا
جو خيال ايندو هو. مان پنهنجي ڏاڏي کي ڏاڍو
ڀائيندو هوس ۽ سوچيندو هوس مان جڏهن وڏو ٿي ويندس
ته بلڪل ڏاڏا جيان ٿي ويندس ۽ ان جيان وڏيون
ٻرانگهون ڀري هلندس.
منهنجو خيال آهي ته مان ڏاڏا جو سڀني کان پيارو
پوٽو هوس، ڇو ته مان ذهين هئس جڏهن ته منهنجا دوست
ڏڏ هئا. مون کي اها ڄاڻ هئي ته ڏاڏا ڪڏهن ماٺ پسند
ڪندو آهي ۽ ڪڏهن هُو چاهيندو آهي ته مان کلان. مان
سندس نماز جا وقت چڱيءَ طرح ياد رکندو هئس ۽ پوري
وقت تي هن لاءِ مصلو آڻي وڇائيندو هئس. جڏهن هُو
واندو هوندو هو ته مون سان ڳالهيون ڪندو هو يا
قرآني سورتون ٻڌائيندو هو ۽ منهنجي آواز ۾ قرآن
شريف ٻڌي هو ڏاڍو خوش ٿيندو هو.
هڪ ڏينهن مون کانئس پنهنجي پاڙيسريءَ جي باري ۾
پڇيو، جنهن جو نالو مسعود هو. مون چيو، ”ڏاڏا لڳي
ٿو توهان کي مسعود نه ٿو وڻي؟“ هن عادت مطابق
ڏاڙهي کنهي ۽ چيائين، ”هُو عياش ماڻهو آهي مون کي
اهڙا عياش وڻندا ناهن.“ ٿوري دير ڏاڏا ڪنڌ نِوڙايو
۽ سوچي چوڻ لڳو، ”تون هيءَ ڊگهائي ۽ ويڪر ۾ پکڙيل
فصل ڏسين ٿو؟“ هن فصلن طرف اشارو ڪندي چيو. ”فصل
جيڪي هڪڙي حد کان وٺي نيل درياهه جي ڪنڌيءَ تائين
پکڙيل آهن؟ ڇا تون کجيءَ جي انهن وڻن کي ڏسي رهيو
آهين؟ ۽ اهي سڀ مسعود کي مليل هئا سندس والد جي
پاران......“
ڏاڏا جي ٿورڙي ماٺ جو فائدو وٺندي مون اوڏانهن ڏٺو
جيڏانهن ڏاڏا اشارو ڪيو هو. مون سوچيو: ”منهن جو
ڇا ته اهي سڀ ڪنهن جا آهن؟ مون کي ته فقط ايتري
خبر ته اهي کجيءَ جا وڻ... ڦڏا سِڌا وڻ... هيءَ
ڦاٽي پيل زمين.... منهنجي خوابن جي دنيا جيان آهن
۽ هتي مان کيڏندو آهيان.
”ها پٽ.“ ڏاڏا وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”چاليهه سال
اڳ هيءُ سڀ مسعود جي ملڪيت هئي، پر هاڻي ان جون ٻه
ٽهايون مون وٽ آهن.“
اها ڳالهه مون لاءِ بنهه نئين هئي. مان ته اهو
سمجهندو هوس ته اهو سڀ ڪجهه منهنجي ڏاڏي وٽ تڏهن
کان هو جڏهن کان هيءَ دنيا وجود ۾ آئي آهي.
”جڏهن مان هن ڳوٺ ۾ داخل ٿيو هئس ته مون وٽ هڪڙو
وال به زمين ڪا نه هئي اها سڄي ملڪيت ان وقت مسعود
وٽ هئي. پر هاڻ ته صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. مان
سمجهان ٿو ته خدا طرفان سڏ اچڻ کان اڳ هن جي باقي
رهيل ملڪيت به شايد مان ئي کانئس خريد ڪري وٺان.“
نه ڄاڻ ڏاڏا جون اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي ڊپ ٿيو هو
۽ پنهنجي پاڙيسريءَ تي رحم به آيو هو. منهنجي دل
چيو پئي ته ”ڪاش ڏاڏا پنهنجي اها خواهش پوري ڪري
نه سگهي“، پوءِ مون کي مسعود جي آواز جو خيال آيو
هو جيڪو جهڻو ۽ مٺڙو هوندو هو ۽ جڏهن هُو کلندو هو
ته محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ڀرسان ڪوئي چشمو
جُهونگاريندو وهي رهيو هجي. جڏهن ته منهنجو ڏاڏو
ڪڏهن به کلندو نه هو. مون ڏاڏا کان پڇيو، ”مسعود
پنهنجي زمين ڇو وڪي؟“
”عورتون.“ منهنجي ڏاڏي وراڻيو.
هن عورتن جو لفظ ائين اُچاريو ڄڻ ڪا خوفائتي شيءِ
هجي.
”هيءُ جيڪو مسعود آهي؟ منهنجا پٽڙا، هن ڪيتريون ئي
شاديون ڪيون آهن. هر شاديءَ لاءِ ڪجهه زمين مون کي
وڪرو ڪندو آهي.“ هو ائين چئي رهيو هو، جيئن مسعود
ڄڻ نوي شاديون ڪيون هجن. مون کي ياد آيو ته هن کي
ٽي زالون آهن. مان انهن خيالن ۾ غلطان هوس ته اسان
کي مسعود پاڻ ڏانهن ايندي نظر آيو. ڏاڏا مون کي ۽
مون ڏاڏا ڏانهن پُرمعنيٰ نظرن سان ڏٺو.
”اڄ اسين وڻن تان ڪتل ٿا لاهيون، اوهان هلڻ
چاهيندا؟“ مون کي نه ڄاڻ اهو ڇو محسوس ٿيو ته هيءُ
اها ڳالهه تڪلف مان چئي رهيو آهي، پر سندس دل نه
ٿي چاهي ته ڏاڏا اوڏنهن هلي، پر ڏاڏا اهو موقعو
ڄاڻي اوڏانهن هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. پر مون محسوس
ڪيو ته هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون هيون. ڏاڏا مون کي
هٿ کان ورتو ۽ اسان مسعود سان گڏ هلڻ لڳاسين.
اتي پهچي هُو ڏاڏا جي ويهڻ لاءِ هڪڙي صندلي کڻي
آيو ۽ مان بيٺو رهيس. اتي ٻيا به ڪيترائي ماڻهو
هئا، مان کين سڃاڻان پيو، پر منهنجو ڌيان مسعود
طرف ئي رهيو. هو سڀني ماڻهن ۾ ائين الڳ ٿلڳ بيٺو
هو ڄڻ ان سڄي صورتحال سان ان جو ڪو لاڳاپو نه هو
جيتوڻيڪ اها سموري ڪَتل جيڪا گڏ ڪئي پئي وئي، هن
جي ئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن وقفي سان جڏهن ڏوڏن جو وڏو
ڇُڳو هيٺ ٿي ڪريو ته هن جو ڌيان ان طرف ٿي پئي
ويو. هڪ ڀيري هن رڙ ڪري ڏوڏا لاهڻ واري ڇوڪري کي
چيو، ”اي ڇوڪرا، خيال سان، ڪٿي ڏوڏن جي دل نه ڀڃي
وجهين.“ ڪنهن به هن جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو کجيءَ
تي چڙهيل نوجوان به بي نياز ئي رهيو ۽ تکائيءَ سان
ڏاٽو هلائي ڏوڏن جا ڇڳا ڪيرائيندو پيئي ويو. ڏوڏا
ائين ڪري رهيا هئا جيئن آسمان مان بوندون ڪرنديون
آهن.
مون مسعود جي ڳالهه طرف ڏانهن ڌيان ڌريو، ڏوڏن جي
دل واري ڳالهه ڏانهن. مون سوچيو ته هيءَ وڻ به روح
وارا آهن. اسان جيان ڪي احساس رکن ٿا. انهن کي به
دل هوندي آهي جيڪا اسان جي دل جيان ڌڙڪندي به آهي.
پوءِ مون کي ياد آيو، ته هڪ ڀيري مان کجيءَ جي
ٽاري گهلي رهيو هوس جو مسعود مون ڏٺو هن مون کي
پيار سان چيو هو، ”پٽ تون شايد نه ٿو ڄاڻين ته
هيءُ وڻ..... انهن کي به احساس هوندا آهن.“ ان
جملي ٻڌڻ سان مان اندر ئي اندر شرمسار ٿيو هوس.
ٻيهر جڏهن مون اوڏانهن اکيون کنيون ته منهنجا هم
عمر ساٿي، وڻ جي پاڙ وٽ مجمعو لڳايو ويٺا ۽ ڏوڏا
ميڙي کائي رهيا هئا. نيٺ اهي ڏوڏا ڍيرن جي شڪل ۾
هڪ هنڌ گڏ ڪيا ويا ۽ ماڻهو اچڻ لڳا. اهي تورجڻ
لڳا. پوءِ ٿيلهن ۾ ڀرجڻ لڳا. ٽيهه کن ٻورا ٺاهيا
ويا. ماڻهو وڃڻ لڳا. هاڻي اتي صرف ٻه ٽي ڄڻا ئي
رهيا هئا. هڪڙو سوداگر حسين هو ۽ ٻيو موسيٰ هو،
جنهن جو فصل ويجهو ئي هو ۽ ٻه ٻيا به ماڻهو هئا جن
کي مون نه ٿي سڃاتو. مون کونگهرا جو آواز ٻڌو ته
ڏٺم ڏاڏا آرام سان ننڊ ۾ هو ۽ کونگهرا هڻي رهيو
هو. پوءِ مون اهو به ڏٺو ته مسعود اڃا اتي ئي بيٺو
آهي. هن فقط هڪ ڏوڏو وات ۾ وڌو هو، پر اهو
چٻاڙيائين به نه پئي ڄڻ سوچي رهيو هجي ته ان سان
ڇا ڪجي؟
اوچتو منهنجو ڏاڏو ڇرڪي اٿيو. پوءِ هُو ٽپ ڏئي اٿي
بيٺو ۽ سڌو ڏوڏن جي ٻورن ڏانهن ويو. ان سان گڏ
سوداگر حسين، موسيٰ ۽ هو ٻئي اجنبي به اڳتي وڌيا.
مون محسوس ڪيو ته مسعود بنهه هوريان اوڏانهن وڌي
رهيو هو جيئن کيس زوريءَ ڪوئي اوڏانهن ڌڪي رهيو
هجي. انهن سڀني ڏوڏن جي ٻورن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو
۽ ڏسڻ لڳا. هڪڙي ڄڻي ڏوڏو کڻي وات ۾ به وڌو.
منهنجي ڏاڏا هڪڙي ٻوريءَ مان ڏوڏن جي مُٺ ڀري
کنئين ۽ مون کي ڏئي ڇڏيائين ۽ ڪجهه پاڻ وٽ رکي
کائڻ لڳو. مسعود هڪڙي ٻوريءَ مان ٻُڪ ڀري ڏوڏا
ڪڍيا، نڪ تائين آڻي سنگهي، واپس ٻوري ۾ وجهي
ڇڏيائين.
مون ڏٺو ته اتي بيٺل ماڻهن اهي ٻورا پاڻ ۾ ورهائڻ
شروع ڪيا. سوداگر حسين ڏهه ٻورا حاصل ڪيا باقي
ماڻهن پنج پنج ٻورا کنيا. ڪجهه نه سمجهندي مون
مسعود ڏانهن ڏٺو. هُو هيڏي هوڏي ائين واجهائي رهيو
هو ڄڻ کيس ڪجهه نه ٿي سمجهيو ته هُو ڇا ڪري.
”توتي منهنجو پنجاهه هزار پائونڊ قرض رهي ٿو.“
منهنجي ڏاڏي مسعود کي چيو. ”ان باري ۾ اسان مسجد ۾
ڳالهائينداسون.“
حسين سوداگر ڪجهه گڏهه گهرايا، اڻ واقفن وٽ اُٺ
هئا، انهن جا ٻورا اُٺن تي رکيا ويا ته اُٺ اٿي
پيا. مون محسوس ڪيو ته مان مسعود ڏانهن وڌي رهيو
آهيان ۽ هنجي ويجهو وڃي هن جي جُبي کي ڇهي رهيو
آهيان. وري مون کي احساس ٿيو ڄڻ نڙيءَ مان ڪو آواز
ڪڍيو هجي. اهو آواز ايترو ئي مڌم هو جيترو
قربانيءَ کان پوءِ ٻڪرو آخري آواز ڪڍندو آهي. بي
سبب ڇو نه ڄاڻ مون پنهنجي اندر اذيتناڪ اُڃ اڀرندي
محسوس ٿي.
مان اُتان ڊڪي ٿورو پرڀرو هليو ويس. مون ڏاڏا جو
سڏ به ٻڌو، پر وراڻي نه ڏني ۽ ويندو ئي رهيس. ان
مهل مون کي ڏاڏا ڏاڍو ڪنو لڳو، مون کي کائنس نفرت
ٿيڻ لڳي. مون ڊڪڻ جي رفتار وڌائي ڇڏي. لڳو ٿي ته
منهنجي اندر ڪوئي راز لڪل آهي، جنهن کان مان
ڇوٽڪارو پيو چاهيان. مان درياهه ڪناري پهچي ويس.
هن موڙ کان مڙي هُو وڻن ڏانهن ويندو هو. پوءِ نه
ڄاڻ ڇو مون پنهنجي ڪاڪڙي ۾ آڱر وجهي الٽي ڪئي ڄڻ
اهي ڏوڏا پنهنجي پيٽ مان ڪڍندو هجان جيڪي ٿوري دير
اڳ مون کاڌا هئا.
نوٽ: (هيءَ ڪهاڻي ٽه ماهي ادبيات اسلام آباد جي
بين الاقوامي ادب نمبر 4 تان ورتل.)
دنيا ۾ ادب ۽ آرٽ جا ٻه نظريا آهن، هڪ ادب براءِ
زندگي ۽ ٻيو ادب براءِ ادب، ادب براءِ زندگيءَ جي
نظريي وارن جو چوڻ آهي ته ادب ۽ آرٽ جي ڪانه ڪا
افاديت، مقصديت ۽ ڪونه ڪو سماجي ڪارج هئڻ گهرجي.
سماج ۾ ماڻهو اڪيلو نه آهي. سماج ۾ بيشڪ ته فرد جي
پنهنجي انفراديت آهي، پر هن جي انفراديت انسانيت
سان ڳنڍيل آهي. سماج ۾ هو ٻين انسانن سان گڏ ٿو
رهي ۽ ائين هو هڪ عظيم سماجي ڪُل جو جُز آهي ۽ هن
تي سماج ۾ سڀني انسانن جون جوابداريون آهن. اديب ۽
فنڪار به انهن جوابدارين کان آجو نه آهي. هن کي به
ادب ۽ فن جي وسيلي سماج ۽ انسانن جون جوابداريون
پوريون ڪرڻيون آهن. هن جي وڏي جوابداري اها آهي،
ته هو پنهنجي تخليق جي معرفت انسانن جي فلاح واري
سماج جي قائم ٿيڻ جي جدوجهد ۾ حصو وٺي. اسٽالن
اديبن ۽ فنڪارن کي ”روحن جا انجنيئر“ سڏيندو هو ۽
ادب براءِ زندگيءَ جي نظريي جا پوئلڳ گهڻي ڀاڱي
مارڪسي هئا.
ادب جي سماجي ڪارج واري سوچ مارڪسيت کان به گهڻي
پراڻي آهي. اوائلي دور ۾ ادب ۽ آرٽ جو ڪارج سماج
کي سڌارڻ هو. ان ڪري ان دور جو ادب ۽ آرٽ ناصحاڻو
هو. شاعر ۽ اديب جانورن ۽ پکين جي تمثيلن سان
نصيحتون ڪندا هئا. ماڻهن کي اعليٰ آدرش ۽ سماج کي
اخلاقي قدر ڏيندا هئا. ساڳئي وقت ادب ۽ آرٽ ماڻهن
جي روحانيت جو اظهار به هئا.
آغا
سليم
ڪتاب ”لات جي لطيف جي“ ص 39 تان کنيل |