ڏکڻ
طرف وارو
دروازو
اتر- اوڀر طرف وارو دروازو
هيءَ آخري دؤر جي ڀت، شهر پناهه جي رڳو اوڀر
واري حصي جي چوڌاري هئي ۽ اُن جا ٻئي رُخ جيڪي
پٿر سان ٺهيل هئا، سي ڪمزور هئا ۽ وچيون حصو
واريءَ يا چيڪي مٽيءَ سان ڀريو ويو هو. اُن جو
بنياد بنهه گهٽ اونهي ۽ سطحي قسم جو هو. ائين
معلوم ٿئي ٿو ته تيرهين صدي ۾ جڏهن هن شهر تي
زوال آيو ۽ سياسي بدنظمي پَرَ پکيڙيا ته تڙ تڪڙ
۾ اُن جي اوساري کنئي وئي ته جيئن اها هڪ فوجي
ناڪي جو ڪم ڏئي. انهيءَ کان اڳ ۾ شايد درياء به
پنهنجو رستو مَٽائي چُڪو هو.
شهر جا دروازا:
کوٽائي ڪندي قلعي جا اڃا صرف ٽي دروازا لڌا آهن.
اوڀر وارو دروازو جتان سڄو ٻاهريون شهر نظر اچي
ٿو ۽ جيڪو قلعي کي ڏاڪڻن جي رستي تلاءَ جي
اُڀرندي پاسي سان ملائي ٿو، سو تلاء مان پاڻي
نيڻ لاءِ ڪم ايندو هو ۽ اهو تلاءُ دروازي جي
بنهه پاسي ۾ آهي. اُن جا ڏاڪا جيڪي هِن وقت خسته
حالت ۾ آهن، سي تمام ويڪرا آهن ۽ جن جي ويڪر مان
سڌ پوي ٿي ته اهي سامان ڍوئيندڙ جانورن جي اچ وڃ
لاءِ ٺاهيا ويا هئا، جن تي پاڻي ڍوئبو هو.
تلاءَ جو هڪ ڏيک
باقي ٻه ٻيا دروازا سٺيءَ حالت ۾ آهن ۽ ڏسڻ ۾
اکين کي وڻن پيا. اُنهن جون ڏاڪڻيون ڏاڍيون عمده
آهن، جيڪي صاف پٿرن مان جُڙيل آهن. اُتر- اوڀر
ڪنڊ وارو دروازو هڪ محل جهڙو ڏيک ڏيڻ واري اڌ
گول جڳهه کي تلاءَ سان ملائي ٿو ۽ شايد ان گھر
وارن جي ذاتي استعمال لاءِ مخصوص هو. اِهو
دروازو ڏهه فوٽ ويڪرو هو، پوءِ اِهو دروازو ڪنهن
اڻڄاتل سبب جي ڪري پٿرن ۽ مٽيءَ سان بند ڪيو ويو
هو. هن دروازي جي اڳين رخ تي سنها ويڪرا پٿر
وڇايا ويا آهن ۽ اُن جي سامهون هيٺئين طرف پٿر
جو بند ڏنل آهي. بند جي اندران ڏاڪڻيون لنگهن
ٿيون، جيڪي صاف ٿيل پٿرن مان ٺهيل آهن ۽ سٺي
حالت ۾ آهن. اِهي ڏاڪڻيون پاڻي جي مٿاڇري تائين
پهچن ٿيون، پر اُنهن ۾ ڀڃ ڊاهه صاف پئي ڏسجي.
شهر پناهه جو هڪ ڏيک
ڏاکڻيون دروازو جتان سمنڊ نظر اچي ٿو، چڱي خاصي
رُعبدار عمارت آهي. ان جي ٻنهي پاسن ۾ اڌ گول ۽
مضبوط ٻه بُرج آهن ۽ اُن جي پويان هڪ ڏيڍي آهي،
جنهن جي عمارت پائدار آهي. دروازو اَٺ فوٽ ويڪرو
آهي ۽ ان جا ويڪرا ڏاڪا جيڪي صاف ٿيل پٿرن جا
ٺهيل آهن، سي تمام سٺي حالت ۾ آهن ۽ گودي تائين
پُهچن ٿا جتي هاڻي سمنڊ آهي ليڪن ڪنهن زماني ۾
اُتي سنڌونديءَ جو پاڻي ايندو هو.
لنگر گاهه:
ڏاکڻي دروازي جي سامهون ڪناري جي مٿان جيڪا
عمارت بيٺل آهي، سا اڌ کن پاڻيءَ هيٺ آيل آهي ۽
ڏاڍي مضبوط پٿرائين بنياد تي قائم آهي. هِن
عمارت ۾ سمنڊ جي طرف هڪ کليل ٿَلهو آهي، جنهن ۾
گهڙيل ۽ گنجدار پٿر اهڙي طرح وڌا ويا آهن جو
گوديءَ جا ٿنڀا پيا ڀانئجن ۽ غالباً سامان سان
ڀريل ٻيڙن يا سامونڊي جهازن جي بيهارڻ جي لاءِ
ڪم ايندا هئا. انهيءَ ڪري اِهو احساس ٿئي ٿو ته
هيءَ عمارت لنگر گاهه جو ڪم ڏيندي هُئي، ليڪن
بدقسمتيءَ سان هي سمنڊ جي لاهين چاڙهين کان سخت
متاثر ٿي آهي ۽ سمنڊ جي انهيءَ ويجهڙائي جي ڪري
وڌيڪ کوٽائي جي ذريعي اُن جي اصل حقيقت معلوم
ڪرڻ ڏاڍي اڻانگي آهي.
ڍنڍ ۽ انهيءَ جا بند:
شهر پناهه جي دامن ۾ يعني اُتر- اوڀر جي طرف هڪ
قديم وڏي ڍنڍ آهي، جنهن ۾ صدين کان آهستي آهستي
مٽي ڪَٺي ٿيندي رهي آهي. هن ۾ نالين جي رستي
مينهن جو پاڻي گڏ ٿيندو هو، جيڪو پوءِ پيئڻ جي
ڪم ايندو هوندو. هن ڍنڍ جي چوڌاري ڪنارن سان بند
ڏنل آهن، جيڪي هاڻي کوٽائيءَ جي ڪري نظر اچڻ لڳا
آهن. اهي بند قلعي جي ڀت جي مضبوطي ۽ ڍنڍ جي
پاڻيءَ ۽ سم جي تباهين کان بچاءَ جو ذريعو هئا.
اِهي بند هيل تائين اٽڪل 450 فوٽ صاف ٿي چُڪا
آهن. اهي بند غالباً ٻاهرين شهر جي عالم پناهه
جو ڪم ڏيندا هئا. انهن ۾ ڦير گهير ۽ نئين
اوساريءَ جا گهڻائي نشان ملن ٿا. اڻ گهڙيل پٿر
جيڪي هيٺ تعمير ۾ ۽ اڌ و گابرا صاف ٿيل ننڍا پٿر
جيڪي مٿئين تعمير ۾ ڪم آيا آهن، سي انهن ڦيرين
گهيرين جي ڄاڻ ڏين ٿا. بند ۾ ڪن جاين تي لهڻ
لاءِ ننڍڙن ننڍڙن ڏاڪن جي پڻ سُڌ پوي ٿي، جيڪي
ممڪن آهي ته وهنجڻ جي گهاٽ طور به ڪم ايندا هجن.
ٻاهريون شهر:
ڀت کان ٻاهر وارو شهر کوهه جي پرپاسي گهڻو پري
تائين پکڙيل آهي ۽ اُن جا نشان اُتر ۽ اوڀر طرف
ڏي هڪ ميل کان وڌيڪ مفاصلي تي ملن ٿا. جيتوڻيڪ
کوٽائيءَ مان آبادي جي اصلي حدن جي سُڌ لهڻ ڏکي
هئي، تنهن هوندي به ڪراچيءَ کي ڪافي پاڻي پهچائڻ
لاءِ جيڪا پائپ لائن وڇائي ويئي آهي، انهيءَ جي
کوٽائي مان انهيءَ ڏس ۾ ڪافي مدد ملي آهي. قلعي
جي ڀت جي ڀَر ۾ اوڀر طرف جا کوٽائي ٿي آهي، اُن
مان هڪ ڊگهي ڀت ۽ ڪجهه گول کوهه لڌا آهن. اهي
کوهه پٿرن سان پختا ٿيل ٽڪري ۾ آهن، جتي شايد
مٺي پاڻيءَ جا چشما آهن. شايد جڏهن ڍنڍ سڪي
ويندي هئي ته شهر وارا اُنهن کوهن جي پاڻيءَ تي
گذر ڪندا هوندا. شهري آبادي جي ڀرپاسي ۾ اهڙا
ڪجهه چشما به لڌا آهن، جن تي پُراڻي تعمير جا
نشان آهن ۽ جيڪي اڄ به ڪتب اچن ٿا. اوڀر وارن
دڙن جي مٿان ۽ اُنهن جي ڀر پاسي ۾ پُراڻيون
قبرون به ملن ٿيون.
دفاع لاءِ دريا ۽ کوهه جو
منظر
صنعتي علائقو:
شهر جي اُتر واري حصي ۾ ۽ قلعي جي ڀت جي ٻاهران
جيڪا مختصر کوٽائي ٿي آهي، اُن مان ڪجهه دلچسپ ۽
معنيٰ خيز عمارتي نشان ظاهر ٿيا آهن. جن مان سُڌ
پوي ٿي ته آباديءَ جو هڪ حصو صنعتي علائقو به
هو، جيڪو پنهنجي بيهڪ جي لحاظ سان بهترين جڳهه
يعني ڍنڍ جي ڪناري ۽ قلعي جي ڀت جي پاسي ۾ آهي،
پر اُن جي پابندين کان ڇٽل هو. هِتي جيڪي نشان
مليا آهن، اُنهن ۾ هڪ ڪارخاني جا اڌورا نشان
باقي آهن. جن ۾ هڪ وڏو هال ۽ هڪ ڪُنڊ ۾ وڏو
ڪَمرو آهي ۽ سامهون واري ٽڪر ۾ ننڍين ڪوٺين جي
قطار آهي. هال ۽ ڪُنڊ واري ڪمري ۾ مٽيءَ جون
وڏيون ناديون اهڙي طرح ڄمائي رکيون ويون آهن جو
اُنهن جا تَر زمين سان مليل آهن. ائين ٿو ڀانئجي
ته، هتي ڪانه ڪا صنعت ضرور هئي. سامهون وارين
ڪوٺين ۾ هڪ ڪوٺيءَ ۾ جنهن جي ڀتين ۽ فرش تي
نهايت سڙيل ڪاري چُنَ سان اَستر ٿيل آهي. ڪجهه
نشان اهڙا موجود آهن، جن مان سڌ پوي ٿي ته هتي
ٿانوَن ۾ تيز تاءُ ڏئي ڪا نرم شيءِ تيار ڪئي
ويندي هئي. اهڙي قسم جا ٽي ٿانوَ جن تي باهه جو
اثر آهي، ڪوٺي جي ٽن ڪنڊن ۾ اڄ به موجود آهن.
انهي ڪارخاني جي ترتيب ڪنهن حد تائين صاف ٿي چڪي
آهي.
مسجد جي سنگ بنياد جو منقش
پٿر
جنهن جي ٻه ڀيرا مرمت ڪئي
وئي.
مٽيءَ جي ٿانوَن جون اهڙيون قطارون قلعي جي ڀت
جي بلڪل ويجهو به مليون آهن ۽ ٻاهر شهر ۾ به
ڪيترن هنڌن تي اهي ٿانوَ وڏي تعداد ۾ مليا آهن.
جن مان سُڌ پوي ٿي ته هِتي اِها صنعت ڏاڍي مقبول
هئي. اهو عجيب اتفاق آهي ته ديبل به پنهنجي رڱڻ
جي ڪارخاني جي ڪري مشهور هو، پر ڇا واقعي اهي
نشان ان صنعت سان تعلق رکن ٿا؟ اڃا پڪ سان ڪجهه
چئي نه ٿو سگهجي. هڪ ٻي عمارت جا اُتر ۽ اوڀر
واري پاسي جي بُرج جي ڀر ۾ آهي ۽ جيڪا اڃا پوري
طرح سان ڪانه کوٽي ويئي آهي، تنهن ۾ بَٺيءَ جون
نشانيون، ڪوٺاريءَ جا ٽڪرا، ڇار ۽ ڪوئلي جا
ٽُڪرا، بٺيءَ جا جُزا، لوهه جا ذرا ۽ ڪاري پٿر
جا روڙا جن ۾ لوهه موجود آهي ۽ ڪيترن ئي قسمن جو
لوهه جو سامان مليو آهي. جن مان معلوم ٿئي ٿي ته
اِهو لوهه جو ڪارخانو هو. انهيءَ کان اڳيان اُتر
جي طرف هڪ ننڍو دڙو آهي، جنهن تي ڇار، بٺيءَ جا
جُزا ۽ شيشي جي ٽڪرن جي گهڻائي آهي. اِنهيءَ
جڳهه تي شايد شيشي جو ڪارخانو هو.
جامع مسجد:
قلعي ۾ مليل سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ دلچسپ عمارت جامع
مسجد آهي، جيڪا شهر جي وچ ۾ واقع آهي. مسجد ۾ ٻن
سنن وارا جيڪي ڪتبا مليا آهن، اُنهن مان ظاهر
ٿئي ٿو ته اها برصغير هند و پاڪستان جي قديم
ترين مسجد آهي. اِها گهٽ ۾ گهٽ هڪ ايڪڙ ۾ آهي ۽
انهيءَ جا ڀاڱا 122 ۽ 120 فوٽ آهن. انهيءَ جي
ٻاهرين ڀت جيڪا ٽي کان چار فوٽ ويڪري آهي، سا
پڪي ۽ پٿرن جي آهي ۽ چڱي حالت ۾ آهي. ڀت جي
اوساريءَ ۾ صاف ٿيل پٿر ڪم آندل آهي. اڱڻ ۾ جيڪو
75 فوٽ ڊگهو ۽ 58 فوٽ ويڪرو آهي، اُن ۾ سِرن جو
فرش لڳل آهي. مسجد جي ٽن طرفن ۾ ڍڪيل پڌر ۽ غلام
گردشون آهن، جن جي ڇت ڪاٺ جي قطاريل ٿنڀن تي
قائم هئي. کوٽائيءَ ۾ جيڪو سامان مليو آهي، انهي
مان سُڌ پوي ٿي ته اِهو پڌر ننڍين ننڍين حجرن ۾
ورهايل هو ۽ هر حجرو لڳ ڀڳ 11 فوٽ يا 9 فوٽ هو.
چوٿين طرف يعني اولهه پاسي هڪ وڏو ايوان آهي،
جنهن جي ڇت 33 ٿنڀن تي قائم هئي، جيڪي ٽن قطارن
۾ بيٺل هئا. اُنهن ٿنڀن جي هيٺان پٿر جا ٺهيل
پاوا پوءِ کڻي اُهي ايوان ۾ هجن يا پڌرن ۾، سڀ
سٺي حالت ۾ آهن. کوٽائيءَ ۾ اُنهن جي ارد گرد
ڳريل ۽ سڙيل ڪاٺ جا ڪجهه ٽُڪر پڻ هٿ آيا هئا ۽
اُنهن کان سواءِ هتي مٽيءَ تي نقش ٿيل ڪاٺ جا
نشان به مليا آهن. انهن تمام شين مان ظاهر ٿئي
ٿو ته، اِهي سڀ ٿنڀا تراشيل ۽ نقش ٿيل ڪاٺ جا
هئا. ڪِن پَاوَن تي سهڻا گُل اُڪريل آهن. ان قسم
جا نقش ٿيل پٿر مسجد جي مختلف ڀتين ۽ عمارت مان
به مليا آهن ۽ ائين ٿو ڀانئجي ته اِهي پٿر اسلام
کان اڳ واري زماني جي ڪِن وڏين عمارتن مان هٿ
ڪيا ويا هئا.
جامع مسجد جو هڪ منظر
مسجد جي ڪيترن دلچسپ شين مان هڪ وضو ڪرڻ جو
چبوترو به آهي، جنهن تي چُنَ جو ٿُلهو پَلَستر
ٿيل آهي. اهو چبوترو اُتر- اوڀر واري ڪنڊ جي
ويجهو آهي. ائين ٿو ڀانئجي ته آخري زماني ۾ اهو
چبوترو گدام جي طور استعمال ٿيندو هو، جنهن تي
مٽيءَ جا ڏيئا رکيا ويندا هئا ۽ فرش تي اهڙن
ڏيئن جو هڪ ڍڳ به مليو آهي. انهيءَ چبوتري جي
ويجهو هڪ پٿرن سان ٻَڌل هڪ پڪي نالي آهي، جنهن
رستي وضو ۽ مينهن جو پاڻي اڱڻ مان نڪري ٻاهر
ويندو هو. نالي جي ڀرسان وضو لاءِ استعمال ٿيندڙ
ڪؤنرن جا ٽڪر پڻ مليا آهن.
مٽي جا ڏيا، جيڪي مسجد ۾ ان
حالت ۾ مليا
مسجد جا ٻه وڏا دروازا هئا، جيڪي اوڀر ۽ اتر طرف
هئا ۽ هڪ ننڍڙو دروازو اولهه ۾ هو، جنهن سان گڏ
ڏاڪڻ به هئي. مکيه وڏو دروازو
ته اوڀر وارو ٿو ڏسجي، پر اهو هن وقت خراب حالت
۾ آهي. اهو ساڍا پنج فوٽ ويڪرو آهي ۽ ان سان گڏ
هڪ ڏيڍي ۽ ٽي ڏاڪا آهن. مسجد جي اندر انهيءَ
دروازي جي ويجهو هڪ وڏي ڪتبي جا ٽڪر به مليا
آهن، جن تي ڪوفي خط ۾ ڪجهه لکتون آهن.
ڪوفي رسم الخطا جا ڪتبا
اُتر وارو دروازو اڃا ڪجهه چڱي حالت ۾ آهي. اهو
اصل ۾ ست فوٽ ويڪرو هو ۽ انهي سان گڏ ڏاڪڻ ٺهيل
هئي. انهي دروازي جي اندرئين حصي ۾ ڪاٺ جي چوڪَٺ
۽ ڏيڍيءَ جا نشان موجود آهن. اهي چوڪٺون جن جو
ڪاٺ ڳري ويو آهي، سي لوهي ڪلين سان لڳايون ويون
هيون، ۽ انهي دروازي جي ٻنهي پاسن کان صاف ٿيل
چٽ وارا توڙي لکيل پٿر گهڻي تعداد ۾ مليا آهن.
ڀانئجي ٿو ته، اهي سامهون واري ڀت کي سينگارڻ
لاءِ استعمال ٿيا هئا. اولهه واري ڀت ۾ جيڪا
تمام خسته حالت ۾ آهي، محراب جو ڪو به نشان نه
ٿو ملي. محراب کان سواءِ مسجد جو پورو نقشو جامع
مسجد ڪوفه ۽ مسجد واسط سان گهڻو ملي جُلي ٿو،
جيڪي ترتيب وار سن 670ع ۽ 702ع ۾ ٺهيون هيون.
گمان غالب آهي ته، انهن مسجدن وانگر هِن مسجد ۾
به محراب نه ٺاهيو ويو هو. مسجد ۾ پهريون ڀيرو
محراب خليفي وليد بن عبدالملڪ جي زماني ۾ ٺهيو.
اهو محراب مسجد نبويؐ جي نئين تعمير (707-709ع)
۾ ٺاهيو ويو.
تراشيل پٿر، جنهن حالت ۾ هٿ
آيا.
مسجد جي ڀر واري گهٽيءَ ۾ جيڪا گهري کوٽائي ٿي
آهي، تنهن مان مسجد جي تعمير جا چار دؤر نظر اچن
ٿا. انهن چئني دؤرن جي خبر مسجد جي اندرئين فرش
۽ ٻاهرين رستن مان ملي ٿي. کوٽائي جي مڃيل
اصولن جي مدد سان اسين اِهو چئي سگهون ٿا ته
هيءَ مسجد اٺين صدي عيسويءَ ۾ تعمير ٿي ۽ تيرهين
صدي عيسويءَ تائين قائم رهي. شروعاتي دؤر جا
نشان ڏاڍا مضبوط آهن.
ڪوفي ڪتبا:
مسجد جي احاطي مان ملڻ وارين سڀني شين ۾ ڪوفي خط
جا ڪتبا جيڪي صاف پٿرن تي اُڪريل آهن، سڀ کان
اهم معلومات وڌائيندڙ آهن. اِهي اڃا تائين چوڏهن
جي تعداد ۾ مليا آهن، جن مان ٻن ڪتبن تي ترتيب
وار 109هه (727ع) ۽ 294هه (907-906ع) جا سال
لکيل آهن. هِتي ان ڳالهه جو اظهار دلچسپيءَ کان
خالي نه آهي ته، ديبل جي سوڀ جو زمانو، مسجد
ٺاهڻ واري زماني کان جيڪو پهرين ڪتبي مان ظاهر
آهي، بنهه ويجهو آهي. افسوس آهي جو ڪتبي جو اهو
حصو جنهن تي سال درج آهي، تمام خراب حالت ۾ آهي،
ان ڪري صحيح طور تي نه ٿو پڙهي سگهجي. ٻيو ڪتبو
جيڪو ٽن پٿرن تي گلن وانگر ڪوفي خط ۾ اُڪريل
آهي، سو خطاطيءَ جي فن جو ڏاڍو سهڻو نمونو آهي.
هِن تي 294هه لکيل آهي، پر انهي کي مسجد جي ٺهڻ
جو آخري سال سمجهڻ صحيح ڪونهي. ڪن ڪتبن تي اُن
وقت جي خليفن ۽ مقامي گورنرن جا نالا به لکيل
آهن. انهن ۾ ڪجهه اهڙا به معلوماتي آهن جي
تاريخي اهميت جا حامل آهن. انهن ڪتبن جو اڃا
اڀياس ٿي رهيو آهي. وڏي ڪتبي جي عبارت هن طرح
آهي:
پهريون ڪتبو:
(1) بسم اللّه الرحمٰن الرحیم
(2) مما امر بہ الامیر
هرون بن (3) محمد مولیامیرالمومنین
اعزه (4) اللّه علی یدی علی بن
عیسیٰ
مولی (5)
امیرالمومنین
اکرمہ اللّه سنہ تسع
و ثلیثن
(6) و (مائتین)
ترجمو: الله جي نالي سان (شروع
ڪريان ٿو) جيڪو
مهربان نهايت رحم وارو آهي. امير هارون پُٽ محمد
مولي اميرالمومنين الله سندس عزت وڌائي، علي بن
عيسيٰ مولي اميرالمومنين اڪرمہ الله جي توسط سان
هن (جي تعمير) جو حُڪم ڏنو هو- 239هه (مطابق
853-854ع)، ٻه سؤ
ٻيو ڪتبو:
(1) بسم اللّه الرحمٰن الرحیم
لا اله الا اللّه (وحده) و ان محمد رسولہ و عبده
(2) انمایعمر
مسا (جد) اللّه من امن باللّه والیوم
الاخر و اقام (الصلوة واتیٰ)
لزکاة ولمیخش
الا اللّه فعسا اولئک (3) ان یکونو
امن المهتدین
هذا مما امر بنصبہ الامير محمد بن عبدالر... (-
فی ذی)
القعده سنہ اربع و تسعین
و مائتین
-
ترجمو: الله جي نالي سان (شروع
ڪريان ٿو) جيڪو
مهربان نهايت رحم وارو آهي. نه
آهي ڪو الله سواءِ هڪ الله جي ۽ محمدؐ ان جو
رسول ۽ ٻانهو آهي. صرف
اُهو ئي شخص الله تعاليٰ جي مسجد آباد ڪري ٿو،
جيڪو الله تعاليٰ تي ايمان آڻي ٿو، نماز پڙهي ٿو
۽ زڪوات ڏئي ٿو ۽ سواءِ الله تعاليٰ جي ڪنهن کان
نه ٿو ڊڄي. اهي ئي ماڻهو حق تي هوندا آهن. هي
آهي جو امير محمد بن عبدالر... جي حُڪم سان
ذيقعد (؟) 294هه (906ع) ۾ نصب ٿيو.
سرڪاري عمارتون:
جامع مسجد جي اُتر طرف هڪ تمام وڏي عمارت آهي،
جنهن لاءِ گمان ٿئي ٿو ته، اِهو يا ته مسجد سان
گڏ مدرسو آهي يا سرڪاري ڪمن ڪارين جي ڪا عمارت
آهي. انهيءَ کي هڪ ڏاڍو شاندار دروازو ۽ ڏيڍي
آهي، جيڪو مسجد جي اُتر دروازي جي سامهون کُلي
ٿو. انهيءَ ۾ ڊگها ۽ ويڪرا غلامن جي حاضر رهڻ
لاءِ صفحا آهن ۽ انهيءَ جي ٻنهي پاسن تي ڪمرن
جو سلسلو آهي. انهي عمارت جون پيڙهيون ڏاڍيون
اونهيون ۽ پٿر جون ٺهيل آهن، جن تي ڪچين سرن جون
ويڪريون ڀتيون آهن ۽ ڀتين تي مٽيءَ جو پلستر
آهي. انهيءَ قسم جي هڪڙي ٻي عمارت مسجد جي اوڀر
طرف ٺهيل آهي. اِها به ڪچين سرن جي ٺهيل آهي ۽
انهيءَ جي شڪل (E) وانگر
آهي. ممڪن آهي ته اهو مسافر خانو واسطيدار سان
هجي. انهن عمارتن ۾ گهريلون شيون تمام گهٽ مليون
آهن.
پڪي سرن جو هڪ گهر
قلعي جي اوڀر اُتر طرف ڪنڊ ۾ هڪ ٻي ڏسڻ جهڙي
عمارت آهي. اِها اڌ گول پٿر جي ٺهيل محل جو ڏيک
ڏيندڙ جڳهه آهي، جنهن جون ڀتيون تمام ويڪريون ۽
مضبوط آهن ۽ فرش تي چُن جو پلستر آهي. ڏاڪڻ وارو
هڪ سهڻو دروازو پڻ آهي ۽ اندر هڪ وڏو گول کوهه
آهي، جنهن سان گڏ هڪ نالي آهي ۽ ٻاهر ڪيترائي
سنڊاس آهن. ڍنڍ تائين وڃڻ لاءِ هڪ عمده دروازو
به آهي. انهيءَ عمارت مان ابتدائي اسلامي زماني
جون ڪيتريون ئي سهڻيون شيون مليون آهن، جن مان
ڪِن تي تاريخ به مقرر ڪري سگهجي ٿي. شهر پناهه
جي اُتر واري ڀاڱي ۾ هڪ ٻي ڪچين سرن جي ٺهيل وڏي
جڳهه آهي، جنهن جون عام رواج کان ٿلهيون ڀتيون ۽
اونهيون پيڙهيون آهن. اِها جڳهه به ابتدائي
اسلامي زماني جي آهي.
جامع مسجد جو هڪ حصو ۽ ان جي
آس پاسي جا رهائشي گهر
پڪين سرن جون جايون تمام گهٽ آهن. اڃا تائين صرف
هڪ وڏي جڳهه جو پتو پيو آهي، جيڪا اُتر واري
ڀاڱي ۾ آهي. اِنهي گَهر جي فرش تي چُن جو پلستر
ڪيل آهي، جنهن مان عباسي خليفي واثق بالله (847-
842ع) جو سون جو سڪو پڻ مليو آهي. انهيءَ جڳهه
جي پويان ان سان گڏ ڪيئي سنڊاس به آهن.
رهائشي جايون:
اسلامي دؤر جي رهائشي جاين جا بيشمار نشان دڙي
جي مختلف حصن مان هٿ آيا آهن. انهن نشانن مان
معلوم ٿئي ٿو ته شهر سٺي سليقي سان آباد ڪيو ويو
هو. سڀ جايون، اڱڻ جي چوڌاري سهڻي نموني ٺاهيون
ويو هيون ۽ رهائشي علائقن کي مختلف بلاڪن ۾
ورهايو ويو هو ۽ انهن بلاڪن جي وچ ۾ سهڻي نموني
سان رستا ۽ گهٽيون ٺاهيون ويون هيون. خوشحال
ماڻهن پنهنجون جايون اڌ و گابرو صاف ٿيل پٿرن
سان تيار ڪيون هيون ۽ ڪٿي ڪٿي چورس سرون پڻ ڪتب
آنديون هيون ۽ ڀتين ۽ فرش تي چُن جو پلستر به
ڪيو ويو هو. معمولي جايون ڪچين سرن سان ٺاهيون
ويون هيون، پر انهن جي پيڙهه ۾ پٿر استعمال ڪيو
ويو هو ۽ ڀتين تي عمده مٽيءَ جو پلستر ٿيل هو.
ڪٿي ڪٿي چُن جو به پلستر ڪيو ويو هو. ڪِن نشانن
مان اِها سڌ پوي ٿي ته ڇتين جي تعمير ۾ سرن جا
وڏا وڏا چؤرسا ۽ ڪاٺ جون ڪامون به استعمال ٿيل
هيون. ڀتين جي ٿولهه ۽ عمارت جي مٽيءَ جي ڍير
مان اِهو اندازو ٿئي ٿو ته جاين جي بلندي گهڻو
ڪري 10 کان 12 فوٽ تائين ٿيندي. انهيءَ ڳالهه
جون شاهديون به موجود آهن ته اسلامي دؤر ۾ اسلام
کان اڳ وارو تعميري سامان خاص ڪري صاف ٿيل ۽
گهڙيل پٿر گهڻي ۾ گهڻو ڪتب آيو آهي.
ڀنڀور جو زوال:
اِئين ٿو ڀانئجي ته، ڀنڀور جو زوال تيرهين صدي
عيسويءَ ۾ ٿيو. انهيءَ جو هڪڙو سبب اهو هو ته
انهيءَ زماني ۾ درياء پنهنجو رُخ بدلايو هو ۽
ٻيو ته انهيءَ زماني ۾ هِتي شديد قسم جو هنگامو
برپا ٿيو هو، جنهن جا نشان مڙني کنڊرن ۾ ملن ٿا.
مختلف حصن ۾ جتي جتي کوٽائيون ٿيون آهن، مُردن
جا بيشمار ڍانچا مليا آهن، جيڪي گهرن ۾ اندر ۽
رستن تي بي ترتيب پيل هئا ۽ ڪن جي مٿن ۾ تير لڳل
هئا. جنهن هنڌ اِهي ڍانچا پيل هئا، اُهو هنڌ رک
۽ ڪوئلن سان ڀريل هو. سڙيل سرون ۽ عمارت مان هيٺ
ڪِريل پٿر سڀ زبردست افراتفري جي نشاندهي ڪن ٿا.
اِئين ٿو ڀاسي ته هِتي ڪا خانه جنگي ٿي هئي يا
پوءِ ڪنهن حملي ڪندڙ هن شهر کي باهه ڏيئي ساڙي
رک ڪري ڇڏيو هو. ورنه اَمن جي زماني ۾ مُردن جو
رهائشي گهرن ۾ دفن ٿيڻ قياس جي بلڪل خلاف آهي.
خاص ڪري جڏهن ته ڀرپاسي ۾ ئي هڪ قبرستان پڻ
موجود آهي. انهيءَ ڏس ۾ هيءَ ڳالهه به دلچسپيءَ
کان خالي ناهي ته، جلال الدين خوارزم شاهه
تيرهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري سنڌ تي حملو ڪري
ڪيترائي ڪنارن وارا آباد ماڳ هٿ ڪيا هئا،
ايستائين جو ديبل جي آخري تباهي به انهي ڏانهن
منسوب ڪئي وڃي ٿي.
مڙدي جو ڍانچو
مٽيءَ جا ٿانوَ:
آخري پنجن سالن دوران ڀنڀور ۾ جيڪي کوٽائيون
ٿيون آهن، انهيءَ مان مٽيءَ جي ٿانوَن جو وڏو
تعداد مليو آهي، جيڪو شاڪائي- پهلوي دؤر جي قبل
مسيح زماني کان وٺي تيرهين صدي عيسويءَ جي
اسلامي دؤر تائين آهي. انهيءَ جو وڏو حصو آخري
يعني اسلامي دؤر سان تعلق رکي ٿو. ٿانوَن جي لڀڻ
مان وڏو فائدو اِهو ٿيو جو هاڻ پهريون ڀيرو هن
ننڍي کنڊ ۾ تيار ٿيڻ وارن اسلامي ڪوزن جي ڇنڊ
ڇاڻ ۽ سال وار ترتيب ممڪن ٿي ويئي. اُنهن ٿانوَن
۾ سادا، رنگين، ٺپيدار، کوٽيل چٽسالي وارا ڪوزا
۽ اسلام کان اڳ واري دؤر جا چمڪايل ٿانوَ به
شامل آهن.
اسلام کان اڳ واري دؤر جا ٿانوَ:
اسلامي مٿاڇري جي هيٺيان چلڪايل ٿانوَ ڪونه مليا
آهن، اسلام کان اڳ واري دور جي ٿانوَن جي خاص
شڪلين ۾ هڪ ته سادا ۽ بيڊولي قسم جا ٿانوَ آهن.
ٻيو ته باريڪ ساخت جا ٿانوَ آهن، جن تي مختلف
رنگن سان گلڪاري ڪئي وئي آهي ۽ ٽيون ته ٽپي وارا
۽ ڍاليل ٿانوَ آهن ۽ چوٿان ڳاڙهي پالش ڪيل ٿانوَ
جيڪي بنهه جهوني مٿاڇري تان لڌا آهن. سنهيءَ
ساخت جي مختلف رنگن سان گلڪاري ڪيل ٿانوَ اسلامي
مٿاڇري تي به مليا آهن. انهن جي ساخت صاف آهي ۽
اُنهن تي وڏي نزاڪت سان جاميٽريءَ يا گلن وارا
نقش ڪڍيا ويا آهن يا وري ڪاري- ڳاڙهي- بادامي ۽
لياري رنگ ۾ پکين ۽ ٻين جانورن جون تصويرون به
آهن، جي کير جهڙي اڇي زمين تي ٺاهيون ويون آهن.
دلچسپ نقشن ۾ سورج مکي، ڪنول نما ڊزائن، سج
اُڀرڻ، ڊگهي پُڇ وارا مور، هرڻ ۽ مَڇين جون
شڪليون وغيره شامل آهن. هندو ٻُڌ مَتي مٿاڇري
تان ٺپيدار ۽ سانچي ۾ وڌل ٿانوَ وڏي تعداد ۾
مليا آهن. ٺپيدار نقش ته صرف انگن وارين شڪلين
تائين محدود آهن، ليڪن سانچي ۾ وڌل ۽ اُڀريل
جاميٽريءَ وارين گلن واريون شڪليون ۽ پڻ انساني
۽ پکين جا خاڪا به شامل آهن.
سانچي ۾ ٺهيل ساساني طرز جو
هڪ ٿانو
اُنهن ٿانوَن کان علاوه ڪوزا ٺاهڻ جا گهڻائي
سانچا به مليا آهن. انهن ۾ سڀني قسمن جا تزئيني
نقش آهن، جن ۾ گهڻائي ول ٻوٽن جي آهي، پر انهن
کان سواءِ ڪجهه ٻيا نمونا به آهن. انهن ٻئي قسم
جي نقشن ۾ هڪ ناچو جوڙو (Couple
Dancer) ۽
هڪڙو فطري انداز ۾ ٺهيل هاٿي خاص طور تي ذڪر
لائق آهن.
سانچن ۾ ٺهيل ٿانون ۾ ساساني قسم جا ٿانوَ شامل
آهن، جن تي نُقطي وارن دائرن جي اندر اُڀريل
جانور ۽ پکين جون ڪيتريون ئي پٽيون آهن، جيڪي
دهرايل حلقن جي شڪل ۾ ڏيکاريون ويون آهن ۽ انهن
جو انداز بلڪل فطري آهي. اِهي ٿانوَ عام طور تي
ڏنڊين وارن ڪوزن جي شڪل ۾ ملن ٿا، جن جا قد
وچولا، تَرا ننڍا ۽ ويڪرا جهڪيل ڪلها آهن، جن تي
گل ۽ چِٽ ڪڍيا ويا آهن.
اموي دؤر جاٿانوَ:
سڀ کان قديم اسلامي زماني جي خاص قسم جا هَلڪا،
نازڪ ۽ چٽساليءَ وارا ٿانوَ لڌا آهن، جِن تي
اُڀريل گلن وارا ۽ جاميٽريءَ جي طرز وارا چِٽ
اُڪريل آهن. ڪوفي خط ۾ لکتون آهن ۽ اڪثر ٿانوَن
تي وڌيڪ چِٽ اُڪريا ويا آهن. خاص قسم جي اڇي
عمدي مٽي مان ٺاهيل اڻ چمڪايل ٿانوَ عربن جي
حملي کان اڳ هِن ملڪ ۾ نه ڏٺا ويا هئا. اُنهن
ٿانوَن جو شام مان ملڻ ظاهر آهي. ڇو جو اهي
ٿانوَ اموي دؤر ۾ شام ۾ تيار ٿيندا هئا. انهن
ٿانون ۾ ڪي ڏاڍا عمدا نمونا به آهن. هڪ ننڍي هٿي
وارو پيالو جنهن تي هڪ عربي شعر ڪوفي رسم الخط ۾
درج آهي، سو ڏسڻ وٽان آهي. انهي قسم جو هڪ پيالو
سوس جي کوٽائيءَ مان، جيڪو ڏکڻ- اولهه ايران ۾
آهي، مليو هو ۽ هاڻي پيرس جي لوور عجائب گهر ۾
محفوظ آهي.
اڇي مٽي جو دسته دار (هٿيي)
وارو پيالو
جنهن تي ڪوفي تحرير آهي
چمڪايل ٿانوَن تي جيڪي جهوني مٿاڇري تان هٿ آيا
آهن، وڏو ايراني اثر ڏسجي ٿو. مٽيءَ جا ٿلها
ٿلها سانڌاڻا جن تي الڪلي جي قلعي ٿيل آهي ۽ جن
تي شيشي نما نيري ۽ سائي چمڪ آهي، اُڀريل ول
ٻوٽي، انگورن جا ڇُڳا، آڏيون ڦِڏيون پٽيون آهن،
سي سڀ ساساني ڪوزه گريءَ جا نمونا آهن. بلڪل
اِنهي نموني جو هڪ قديم اسلامي سانڌاڻو سوس مان
مليو هو ۽ هاڻي پيرس اُهو ۾ آهي. اها خاص صنعت
ڪيترن ئي دؤرن ۾ جاري رهي ۽ انهيءَ جا ڪيترائي
نمونا مٿئين مٿاڇري تان به مليا آهن. پر وقت
گذرڻ سان گڏوگڏ اُنهن جي چمڪ هلڪي ۽ ڦِٽندي ويئي
۽ شيشي نما شفاف خصوصيت به غائب ٿي وئي.
عباسي ۽ پوءِ جي زماني جا ٿانوَ:
عباسي ۽ پوءِ جي زماني ۾ ڀنڀور ۾ ايراني اثر
وڌيڪ غالب ٿي ويو هو، تنهنڪري اها خصوصيت ٿانوَن
ٺاهڻ ۾ خاص طور نمايان آهي. اِنهيءَ زماني جا
چِلڪڻا ٿانوَ نائين کان يارهين صدي عيسويءَ
تائين بلڪل ايراني پيداوار جهڙا آهن. انهن ٿانون
۾ ٺڪر جا، ڇٽڻيدار، رنگارنگي ۽ اهڙا ٿانوَ شامل
آهن، جِن تي شيشي ۽ قلعي جو چلڪو چاڙهيل آهي. ڪن
تي مختلف آرائشي عربي لکتون آهن ۽ اِهي نائين ۽
ڏهين صدي عيسويءَ جي نيشاپوري نموني سان گهڻي
مشابهت رکن ٿيون. پر يارهين ۽ تيرهين صدي
عيسويءَ جي دوران اِنهي چمڪي جي جڳهه هڪ نئين
قسم جي چلڪي ورتي، جنهن
کي ”گرافيٽو“ (Sgraffiato) چون
ٿا. انهيءَ جي آرائش چلڪي جي هيٺان زديل کڙ ٻڙ
وارن چٽن تي مبني آهي. اِهي چٽ ڪوفي حرفن سان لڳ
ڀڳ هڪجهڙائپ رکن ٿا. ايران ۾ اهڙا ٿانوَ وڏي
تعداد ۾ موجود آهن، جن جي مدد سان ڀنڀور جي
انهن ٿانوَن جي تقريباً صحيح تاريخ مقرر ٿي سگهي
ٿي. تنهنڪري آثار جي مطالعي جي لاءِ اُنهن جي
پڪي ۽ مَڃيل اهميت آهي. اهي ٿانوَ عام طور تي
رڪيبن ۽ ننڍن وڏن پيالن جي شڪل ۾ ملن ٿا.
گرافيٽو ۽ قلعي جا سيقل شده
ٿانو
چينيءَ جا ٿانوَ:
چيني سنهن سوراخن وارا (Porcelain) انگوري
رنگ جا (Celadon) ۽
پٿرن کي گهڙي ٺاهيل ٿانوَ(Stoneware) جيڪي
تانگ (T’ang) خاندان
جي زماني جي پيداوار آهن، هِتي
عباسي دؤر ۾ اچڻ شروع ٿيا ۽ اچڻ جو اِهو سلسلو
آخري زماني تائين جاري رهيو. کوٽائين مان جيڪي
نمونا مليا آهن، سي جيتوڻيڪ بنهه ٿورا آهن، پر
خاص حيثيت جا حامل آهن ۽ اُنهن مان انهي صنعت جي
اوسر جو دلچسپ اڀياس ٿي سگهي ٿو. انهن مان هڪ
وڏو پٿرائون سانڌاڻو (Stoneware) جنهن
جي ڪنڌ تي چيني حرف اُڪريل آهن ۽ چند قديم
انگوري ٿانوَن (Porcelain) جا
ٽڪرا ۽ ڪجهه خوبصورت چٽيل پٿر جا ٿانوَ (Stoneware) ذڪر
لائق آهن.
تانگ دور جا چيني ۽ سليڊن جا
ظروف
مٽيءَ جا عام گهريلو ٿانوَ:
انهيءَ دور جا مختلف شڪلين ۽ ٿولهه وارا سادا ۽
اڻ چلڪيل ٿانوَ گهڻي تعداد ۾ مليا آهن، جن مان
ڪجهه سڄا ۽ ڪجهه ڀڳل آهن. انهن ٿانوَن تي به
ايراني اثر صاف نظر اچي ٿو. اڻ چلڪايل رنگين
ٿانوَ ۽ خاص ڪري هلڪن سلڪن ٿانون جن تي مختلف
رنگن سان گلڪاري ٿيل آهي، مان قبل اسلامي فني
روايات جو تسلسل ظاهر ٿئي ٿو. ليڪن اهي ٿانوَ
پنهنجي ساخت ۽ سينگار کان انهيءَ قسم جي قبل
اسلامي ٿانون کان گهٽ درجي جا آهن. جيتريقدر
رنگين نقشن جو تعلق آهي، اُنهن ۾ تمام گهڻيون
شيون شامل آهن. مثلاً: بدڪ نما پکي ۽ ٻيا آبي
پکي، قاز، مَڇيون، نانگ، سهڻي گهاڙيٽي ۽ ڊگهي
پُڇ وارا مور پڻ جاميٽريءَ جي شڪلين جيئن
اُڀرندڙ سج ۽ انهي قسم جون ڪيتريون ئي شڪليون،
سي سڀ ڪاري، ڳاڙهي ۽ ڀوري رنگ ۾ کير جهڙي اڇي
مٽيءَ جي مٿاڇري تي تيار ڪيا ويا آهن. سهڻا پکي
ته عام طور تي نڪته دار پس منظر ۾ پيش ڪيا ويا
آهن ۽ اڪثر رنگين نقشن سان گڏ گهڻو ڪري اُڀريل
شڪليون به گڏيون ويون آهن. اِهي ٿانوَ عام طور
تي نَل نما ڪؤنرن جي شڪل ۾ مِلن ٿا. ڪوزا ٺاهڻ
جي هڪ ٻي طرز جيڪا اسلامي دؤر ۾ نمايان ٿي، سا
سليٽي رنگ جا ٿانوَ آهن، جن جي ساخت ڏاڍي صاف ۽
پختي آهي ۽ اُنهن تي نقش و نگار اُڪريل آهن. ان
قسم جي ٿانون جي اڪثريت کاڌو پچائڻ وارن ديڳڙن
تي مشتمل آهي، پر ان کان سواءِ مُٺ وارا ڍڪڻ،
پياليون ۽ پيالا به ڏسجن ٿا.
اسلامي دور جا منقش ٿانو
سڪا:
ننڍين ننڍين شين ۾ سڀني کان اهم سڪا آهن، جن مان
قابلٖ قدر سن وار معلومات حاصل ٿئي ٿي. انهن سڪن
مان اهڙين شاهدين جي پَڪ ٿئي ٿي، جيڪي ڪَتبن ۽
ٻين ثقافتي شين مان مليون آهن ۽ اِهي انهن
نشانين جي تاريخي اهميت کي ترتيب ڏيڻ ۾ اعتبار
جوڳي بنيادي طور تي ڪم ڏين ٿيون.
اسلامي دور کان اڳ وارا سڪا:
ڀنڀور جي قبل اسلامي مٿاڇري تان رڳو چند سڪا هٿ
آيا آهن. انهن ۾ سڀني کان سٺي حالت ۾ هڪ عرب-
ساساني سِڪو آهي، جنهن جي سُبَتي پاسي تي ساساني
بادشاهه جي مخصوص اَڌ مورت ۽ پارسي ۾ مختصر لکت
آهي ۽ اُبتي پاسي تي آتشڪده- دارالضرب (سڪن ٺهڻ
جي جاءِ) جو نالو ۽ تقويم يزد جرد جو سَن لکيل
آهي. ضرب خاني جو نالو مرو ۽ سن 21 وائي- اي (Yajvist) يعني
32هه پڙهيو وڃي ٿو. انهي سڪي جي باري ۾ هڪ دلچسپ
حقيقت هيءَ آهي ته ان جي سُبتي پاسي تي پارسي
لکت جي مٿان ”بسم الله“ جا ڪوفي حرف لکيل آهن.
اِها هڪ تاريخي حقيقت آهي، ته عبدالملڪ بن مروان
جي عهد کان اڳ پوري اسلامي خلافت ۾ بازنطيني ۽
ساساني سڪا ڪتب ايندا هئا. پر انهن سڪن تي
اسلامي حڪومت جي بالا دستي جي اظهار لاءِ ڪڏهن
”بسم الله“ ۽ ڪڏهن صرف ”الله“ وڌايو ويندو هو.
خليفي عبدالملڪ بن مروان کي انهي ڳالهه جو فخر
حاصل هو ته هُن سنه 696ع ۾ خاص عربي سڪا جاري
ڪرايا. ڀنڀور مان ملڻ وارو هيءُ سِڪو، ابتدائي
سِڪن ٺاهڻ جو عمدو نمونو آهي.
ٻه هندو ساساني چاندي جا سڪا جيڪي اَڌو گابري
حالت ۾ آهن، ڏاڍا دلچسپ آهن. انهن جي موجوده
حالت جي ڪري انهن تي ڪا به لکت نظر نه ٿي اَچي.
سُبتي پاسي انساني چهري جو هڪ رُخ ڏسڻ ۾ اچي ٿو
۽ اُبتي پاسي آتشڪده جي هڪ ڌنڌلي شڪل آهي. انهي
طرز جا مڙئي سڪا گڏهه سڏجن ٿا ۽ غالبًا اِهو
نالو انهي ڪري پئجي ويو آهي، جو چهري جو جيڪو
بگڙيل رخ آهي، اُهو هڪ گڏهه جي صورت ۾ نظر اچي
ٿو. اُنهن سڪن جي شروعات اجين جي والي وڪرماجيت
(441ع) سان منسوب ڪئي وڃي ٿي. انهي قسم جا سِڪا
گجرات ۽ راجپوتانه ۾ غالبًا 750ع کان 1100ع
تائين مروج رهيا.
هڪ ٽامي جو سڪو آهي، جنهن جي هڪ پاسي تي ويٺل
ڍڳو ٺهيل آهي ۽ ٻي پاسي تي ٻه مڇيون آهن، جن جا
منهن مختلف پاسن ڏي آهن. انهيءَ قسم جا سڪا
سيلون جي مشهور شهر ”مونتالي“ جي کنڊرن مان به
مليا آهن. ان سڪي جو سَن معلوم نه ٿيو آهي.
هڪ ڀڳل ۽ ميساريل سڪو به آهي. ان جي سبتي پاسي
اڌ انساني شڪل آهي، جنهن جي چوڌاري هڪ ٻُڙين
وارو حلقو آهي، جن کي ڪشان طرز جو لباس پهريل
آهي ۽ ٻئي پاسي تي بيٺل ماڻهوءَ جي صورت آهي،
جنهن جي پيرن وٽ هڪ ڍڳو ويٺل آهي. لکت صفا گم ٿي
چڪي آهي. اهو آخري زماني جو ڪشان سڪو ڀاسجي ٿو،
جنهن جي هڪ پاسي بادشاهه آهي ۽ ٻئي پاسي شِوِ
ڍڳي سميت موجود آهي. موجوده اڻ آکڻ جوڳي حالت ۾
انهي سڪي جو سن ۽ ابتدا جي باري ۾ قطعي نتيجو
ڪڍي نه ٿوسگهجي.
اسلامي سڪا
خليفه واثق بالله جو سونو سڪو:
کوٽائيءَ مان هيل تائين هزارين سڪا مليا آهن. پر
ڦٽئي ڀاڳ سان انهن مان گهڻا سڪا بنهه خراب حالت
۾ آهن. ڪيميائي عمل سان جيڪي ڪجهه محفوظ سڪا
اڀياس جوڳيا ٿي ويا آهن، انهن مان هڪ سؤ کان
وڌيڪ ٽامي جا سڪا، ٻه درجن چاندي جا سڪا ۽ هڪ
سونو سڪو شامل آهن. اِهو سونو سڪو عباسي خليفي
ابوجعفر هارون الواثق بالله جي عهد جو آهي، جنهن
227هه کان 232هه (842ع کان 847ع) تائين حڪومت
ڪئي. هيءُ سڪو 229هه (843ع) ۾ مصر ۾ مضروب ٿيو
هو. اهو پڪين سرن جي ٺهيل هڪ گهر جي فرش تان لڌو
ويو هو. فرش تي چُن جو پلستر ڪيو ويو آهي ۽ اهو
گهر قلعي جي اُتر واري حصي ۾ آهي.
چاندي ۽ ڏامي جا سڪا
چاندي ۽ ٽامي جا سڪا:
ائين ته ٽامي ۽ چاندي جي سڪن جو هڪ وڏو تعداد هٿ
آيو آهي، پر اُنهن مان صرف ڪي سڪا پڙهجي سگهجن
ٿا ۽ باقي جو اڀياس ٿي رهيو آهي. اُهي سڪا ٻن
قسمن جا آهن، هڪڙا ته صفا سنها آهن، جن تي عربي
اکر لکيل آهن. انهن مان ڪي لکتون دائري جي اندر
ته ڪي اُن جي آسي پاسي تي آهن. اهي سڀئي سڪا
بغداد جي خليفن جا يا اُنهن جي گورنرن جي نالن
سان جاري ٿيا ۽ وقت جي خليفن جي ضرب خانن ۾ وڌا
ويا هئا. اِهي سڪا يا ته واپار جي سلسلي ۾ سنڌ ۾
پهتا يا صوبائي انتظام جي ڪري موڪليا ويا. ٻيو
نمونو اُنهن سڪن جو آهي، جيڪي بنهه ٿلها ۽ بي
ڊولا آهن ۽ ماپ ۾ بنهه ننڍا آهن. اهي مقامي
ناتجربيڪار ڪاريگرن جا ٺاهيل ٿا ڏسجن جيڪي وڏي
تعداد ۾ مضروب ڪيا ويا آهن. اهي ايتري قدر مٽجي
ويا آهن ۽ اُنهن تي اکر اهڙي اڍنگي نموني ۾
اُڪريا ويا آهن ۽ اُهي ايتري قدر نامڪمل آهن، جو
پوري ڪوشش جي باوجود به اڃا تائين پڪ سان پڙهجي
نه سگهيا آهن.
جيڪي سڪا بهتر حالت ۾ مليا آهن، اُنهن جي
شروعاتي تحقيق مان ڏاڍي مفيد معلومات ملي آهي.
اُنهن مان هيٺ درج ڪيل اَهم سڪا ذڪر ڪرڻ جوڳا
آهن.
ٻه چانديءَ جا سڪا ڇهين اموي خليفي وليد بن
عبدالملڪ (715-705ع) جي عهد جا آهن. انهن ٻنهي
سڪن تي ساڳئي تاريخ يعني 95هه (714-713ع) لکيل
آهي، پر ٻنهي تي ڪلمهء طيبه ۽ قرآني آيتن کان
سواءِ ٻن مختلف ضرب خانن يعني تيموريه ۽ اردشير
خره جا نالا آهن. هِتي انهيءَ ڳالهه جو ذڪر
اجايو نه ٿيندو ته محمد بن قاسم 94هه (713-712ع)
يعني سڪي جاري ڪرڻ کان صرف هڪ سال اڳ ديبل فتح
ڪيو هو.
هڪ چانديءَ جو سڪو ڏهين اموي خليفي هشام بن
عبدالملڪ (743-724ع) جي عهد جو آهي. انهيءَ سڪي
جي تاريخ 124هه (742- 741ع) آهي ۽ اهو وچ ڌاري
مضروب ڪيو ويو هو. انهيءَ ۾ ۽ ٻين مٿي ذڪر ڪيل
سڪن ۾ خليفي جو نالو لکيل نه آهي ۽ اِها ڪا عجيب
ڳالهه ڪانهي. حقيقت هيءَ آهي ته حجاج بن يوسف
کان اڳ اسلامي سڪن تي حاڪمن جا نالا ڪو نه لکيا
ويندا هئا. انهيءَ جو عام رواج عباسي خليفن جي
زماني کان وٺي شروع ٿيو ۽ غالباً اهو طريقو
خلافت جي جهڳڙي ۾ حق ڏيکارڻ لاءِ اختيار ڪيو ويو
هو.
ٽي ٽامي جا سڪا جن تي هشام بن عمرو جو نالو لکيل
آهي، جيڪو خليفي منصور عباسي (775-754ع) جي دؤر
۾ 768ع کان 773ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو ۽ ڏاڍو
هر دلعزيز گورنر هو. انهن ۾ تاريخ ۽ ضربخاني جو
نالو واضح ڪونهي، ۽ جنهنڪري هِتي ڪجهه مونجهارو
پيدا ٿي پيو آهي ۽ ڏهين اموي خليفي هشام سان
مماثلت رکي ٿو.
هڪ چانديءَ جو سڪو عباسي ستين خليفي مامون
الرشيد عباسي (833-813ع) جي عهد جو آهي ۽ انهي
تي 196هه (812-811ع) لکيل آهي. اهو سمرقند ۾
مضروب ٿيو هو. خليفي جي نالي جي هيٺان اُن جا ٻه
لقب ”اميرالمومنين“ ۽ ”الفضل“ لکيل آهن. تعجب
آهي ته: 196هه ۾ جڏهن خليفي مامون الرشيد جو وڏو
ڀاءُ محمد الامين (وفات 198هه) جيئرو هو، ته،
انهيءَ کي ڪيئن اميرالمومنين ڪري مڃيو ويو. سڪي
تي انهيءَ لقب جي موجودگي بهرحال بحث ٿي گهري.
باقي رهيو ٻيو لقب، سو انهيءَ مان خليفي مامون
الرشيد جي تلوار ۽ قلم جي ڌڻيءَ جي حيثيت ۾
مشهوري ظاهر ٿئي ٿي.
هڪ چاندي جو سڪو پندرهين عباسي خليفي المعتمد
علي الله (892-870ع) جي عهد جو آهي. انهيءَ سڪي
جو اڳيون رخ جنهن تي سن لکيل آهي، سو بُريءَ طرح
سان ميسارجي ويو آهي. اُن ڪري صرف ٻه انگ 61
پڙهي سگهجن ٿا. جڏهن ته سڪي جي اُبتي پاسي تي
خليفي جو نالو صفا چِٽو آهي، انهيءَ ڪري اُن سن
جي 261هه (875-874ع) پڙهڻي صحيح معلوم ٿئي ٿي.
ضربخاني جو نالو چٽو ڪونهي.
ننڍيون شيون
سڪن ٺاهڻ جا ٺڪري سانچا:
قلعي جي احاطي ۾ زمين جي مٿان ۽ کوٽائيءَ جي
مٿئين تهه مان ٺڪر جا عجيب قسم جا اڌ انچ ٿلها
ٽڪرا مليا آهن، جيڪي ماکيءَ جي ماناري وانگر
آهن. انهن جي مٿئين حصي تي مختلف ويڪر جا پيالي
نما خانا ٺهيل آهن ۽ اهڙا سلسلي وار آهن، جهڙا
ماکيءَ جي ماناري ۾ ٿيندا آهن. پر هيٺيون مٿاڇرو
چڱي طرح سان گرم ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اهو شيشي
جهڙو ٿي ويو آهي. قديم محققن انهي کي اناج صاف
ڪرڻ جون چڪيون، چلهيون يا ٽامي پگهرائڻ جون
ڪوٺاريون قرار ڏنو آهي. پر هاڻي اِها پَڪ ٿي وئي
آهي ته، اهي ٽڪرا اصل ۾ مقامي سڪي سازي جا آهن.
انهن تختين سان گڏ ڪوئلي جي ڇار ڪوٺاري جا ٽڪرا
۽ ٽامي جا سڪا به مليا آهن. انهيءَ جو هڪ ٻيو
دلچسپ رخ هيءُ آهي ته انهيءَ سان ٽامي جون
ننڍيون گوليون به مليون آهن، جيڪي انهي تختين جي
خانن ۾ چڱي طرح سان ماپجيو اچن ٿيون ۽ اڪثر ٽامي
جا ننڍا ٽڪرا به انهيءَ سان چنبڙيل مليا آهن.
ڏسجي ٿو ته اِهو هڪ جهڙي جسم ۽ وزن جون گوليون
ٺاهڻ جو تمام سولو ۽ سستو طريقو هو. انهن گولين
کي ٺپي تي رکي وڏي مترڪي سان ڌڪي ننڍي قسم جا
سڪا ٺاهي سگهجن ٿا. ڀنڀور جا ننڍا چانديءَ جا
سڪا به اهڙي طرح سان تيار ڪيا ويا هئا. انهيءَ
قسم جا سڪا ۽ سڪي سازي جا سانچا ننڍي کنڊ جي
گهڻن ئي همعصر اسلامي کنڊرن ۽ ويجهڙائي وارن
علائقن مان به مليا آهن.
شيشي جي مصنوعات:
ڪوزن ۽ سڪن کان پوءِ ڀنڀور مان ملڻ وارين ننڍين
شين ۾ سڀني کان گهڻي انداز ۾ شيشي جي مصنوعات
آهي. پر اهي شيون ايتري قدر ڀُرڻيون ۽ ڀڳل حالت
۾ آهن، جو اُنهن جا صرف چند نمونا محفوظ ٿي
سگهيا آهن. انهن مان ڪجهه سڄا يا لڳ ڀڳ سڄا آهن.
اُنهن ۾ عطر جون ننڍيون شيشيون، چٽيل نليءَ وارا
نازڪ شمعدان، گلدان، ڊگھي ڳچيءَ واريون شيشيون،
ويڪري منهن وارا مختلف شڪلين ۽ جسم جا پيالا ۽
پياليون وغيره شامل آهن. جن مان ڪجهه گلدانن جي
تَرَ تي ٺپا به آهن، جن تي ڪوفي خط ۾ لکتون آهن.
هڪڙي ڀڳل پيالي کي ڇڏي ڪري جيڪو مندر مان هٿ لڳو
آهي، باقي شيشي جي سموري مصنوعات جو لاڳاپو
اسلامي دؤر سان آهي ۽ اُنهن مان اڪثر شيون مقامي
ڪاريگرن جون ٺاهيل آهن. پر اُنهن مان ڪجهه نمونا
خاص ڪري ڪجهه چِٽ وارن ٿانوَن مان ڏاڍي عمدي
ڪاريگري جي خبر پوي ٿي ۽ اهي غالبًا عربن بحر
روم جي سامونڊي علائقي مان گُهرايا هئا.
عاج ۽ هڏن جون مصنوعات:
عاج ۽ هڏن جو ڪم تمام نفيس ۽ نازڪ آهي. ڏسجي ٿو
ته، انهيءَ صنعت سان گڏ جيڪي اسلام کان اڳ
واريون روايتون لاڳاپيل هيون، سي اسلامي دور ۾
به جاري رهيون ۽ انهن ۾ ڪو به رخنو ڪونه پيو.
جيڪي شيون سٺي حالت ۾ مليون آهن، انهن ۾ گهڻو
ڪري مُٺيا، منڊيون، چوڙيون، ڦڻيون ۽ ڪي نفيس
گهڙيل زيور ۽ گهريلو سينگار واريون شيون شامل
آهن.
عاج ۽ هڏن جون مصنوعات
مڻڪا ۽ واليون جيڪي مختلف ماپن ۽ شڪلين ۾ آهن ۽
جيڪي مٽي، شيشي، عاج ۽ قيمتي پٿر مان ٺهيل آهن،
سي وڏي تعداد ۾ مليا آهن. قيمتي پٿر جي مڻڪن مان
خاص طور تي نفيس صنعت ظاهر ٿئي ٿي. اِهي مڻڪا
عقيق، سنگ سليمان، يشب ۽ بلور جهڙي قسم جي ٻين
قيمتي پٿرن مان گهڙيا ويا آهن.
ٻين شين ۾ مٽيءَ جون ڪوٺاريون، پٿر جون مڱريون،
پٿر جون سرون ۽ سپيءَ جو چوڙيون ذڪر ڪرڻ جوڳيون
آهن.
لوهي شيون:
انهن ۾ گهڻو ڪري ڪليون، ڪنڍيون، ڇلا ۽ ڪانٽا
شامل آهن. مختلف ماپن ۽ شڪلين جون ڪليون ته هر
مٿاڇري تان تمام گهڻي تعداد ۾ مليون آهن ۽ ڪن
حالتن ۾ اهي سڙيل ڪاٺ سان گڏ مليون آهن. جنهن
مان ڏسجي ٿو ته اِهي ڪاٺ جي ساز و سامان ۾ ڪم
اينديون هيون. جنگ جي سامان ۾ لوهه جي تيرن جون
بڻڇيون، ڇُريون، تلوارن جا ڦر ۽ مُٺيا وغيره هٿ
آيا آهن.
ٽامي جون شيون:
انهن ۾ چوڙيون، سُرمي جون سرائيون ۽ منڊيون، جن
مان ڪن تي اڃان تائين قيمتي ننگ لڳل آهن، هٿ
آيون آهن. اِهي لوهه جي شين جي ڀيٽ ۾ بهتر حالت
۾ آهن.
ٺڪر جون شيون:
ٺڪر جون ٺهيل حيواني مورتيون گهڻو ڪري بي ڊوليون
۽ بد شڪل آهن. پر ڪجهه سٺا چِلڪايل نمونا به
مختلف اسلامي مٿاڇري تان مليا آهن. اسلامي دور
کان اڳ واري مٿاڇري تان به ڪي ٺڪر جون ٺهيل
انساني ۽ حيواني مورتيون مليون آهن. ٻن مجسمن جا
ٽڪرا جيڪي سائي تهه واري پٿر مان گهڙيل آهن، سي
مندر جي احاطي مان مليا آهن ۽ چڱا خاصا اهم آهن.
پڄاڻي:
انهن سڀني شين جي اڀياس مان جن ۾ روزمرھ جي
استعمال جون شيون ۽ نوادرات شامل آهن ۽ جن جو
لاڳاپو فنون لطيفه، تعمير جي فن ۽ صنعت و حرفت
سان آهي، تن مان سنڌ جي ابتدائي مسلم ثقافت،
تمدن ۽ تاريخ جي باري ۾ ڀرپور معلومات حاصل ٿي
آهي. سڪن، ڪَتبن ۽ خاص ڪري مٽيءَ جي ٿانوَن مان
بنيادي تاريخ جي وسري ويل پر اهم بابن تي ڏاڍي
گهري روشني پوي ٿي. ان معلومات مان اِهو مسئلو
به گھڻي حد تائين حل ٿي ويو آهي ته، ڀنڀور اصل ۾
ديبل آهي. اڃا تائين جيڪو ڪم ٿيو آهي، اُن جي
بنياد تي هيءَ ڳالهه پوري يقين سان چئي سگهجي
ٿي، ته انهن کنڊرن جو تعلق ان ئي دور سان آهي،
جنهن ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي. ثقافتي شين ۽ ڪتبن جي
تفصيلي مطالعي مان چئي سگهجي ٿو ته ڀنڀور جا
کنڊر ديبل جا ئي آهن.