آفتاب ابڙو
قاضي علي محمد
ڏيپلائي
ميمڻ جي سماجي ۽ تعليمي ترقيءَ جو بانيڪار
صدي عيسوي جي شروعات، سنڌ لاءِ سڀاڳي ثابت ٿي. ان
جي پهرين ڏهاڪي ۾، سنڌ ۾ وڏا وڏا عالم، اڪابر،
مدبر، سماج سُڌارڪ ۽ سياستدان پيدا ٿيا. جن پنهنجن
شعبن ۾ نمايان ڪارناما سر انجام ڏنا. تن ۾،
جي.ايم.سيد (1904) پير علي محمد شاه راشدي (1905)
جي الانا (1906) محمد اسماعيل عرساڻي (1906) قاضي
علي محمد ڏيپلائي (1908) محمد عثمان ڏيپلائي
(1908) مولانا خير محمد نظاماڻي (1908) مسڪين جهان
خان کوسو (1909) رئيس ڪريم بخش نظاماڻي (1909)
قاضي محمد اڪبر (1910) وغيره شامل
آهن.
سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ تي سرسري نظر وجهڻ سان
50-60 عالمن ۽ اڪابرن جي لسٽ سامهون اچي وڃي ٿي،
جن سنڌ جي علم ادب ۽ سياست ۾ اهم ڪردار اد اڪيو
آهي، پر هتي چند اهم نالا ڏنا ويا آهن، جيڪي ڪنهن
نه ڪنهن حوالي سان سنڌ جي لاڙ واري پٽيءَ ۾ نمايان
نظر اچن ٿا. اهڙن اڪابر ۽ سماج سڌارڪ انسانن ۾
محترم قاضي علي محمد ڏيپلائي جو ڪردار علم ادب،
سماجيات توڙي تعليمي سجاڳي جي حوالي سان اوترو ئي
اهم آهي، پر ڪن سببن ڪري اهو اسان جي نظرن کان
اوجهل رهيو آهي.
سائين قاضي علي محمد ميمڻ 4 اپريل 1908 تي ڏيپلي
شهر ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو الهه رکيو ميمڻ
هو، جيڪو پڻ هڪ باصلاحيت ۽ سوسائٽي جو متحرڪ فرد
هو. هُو پنهنجي طبيعت ۾ صلح جو ۽ انصاف پسند انسان
هو. قاعدن قانونن جي ڄاڻ سندس اضافي لياقت هئي.
انڪري شهر ۽ تر جا ماڻهو وٽس صلاح مشوري ۽ فيصلي
لاءِ ويندا هئا. انصاف ڀرين فيصلن سبب کيس ”قاضي“
جو لقب ڏنو ويو، جنهن کي پوءِ سندس ڪٽنب اختيار
ڪيو، اڄ ان ڪٽنب جا سڀ فرد پاڻ کي ’قاضي‘ ڪوٺائين
ٿا.
سائين قاضي علي محمد بابت سندس يادگيرين تي آڌاريل
هڪ ضخيم ڪتاب ”سفر زندگيءَ جو“ 2014 ۾ شايع ٿيو
آهي، جنهن کي راقم ايڊٽ ڪيو آهي. ان ڪتاب توڙي ان
دور جي ٻين ڪتابن خاص طور سندس همعصر ۽ دلي دوست
سائين محمد عثمان ڏيپلائي بابت شايع ٿيل ڪتابن جي
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته قاضي صاحب هڪ گهڻ
پاسائين شخصيت هو. سندس سوچ، فڪر ۽ عمل مان پتو
پئي ٿو ته هن اڪابر شخص سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾
پنهنجي حصي جو ڪم بخوبي سرانجام ڏنو، ڪن هنڌن تي
ته هن پنهنجي عمر، تعليم ۽ تجربي کان به وڌيڪ ڪم
ڪيو آهي. بدقسمتيءَ سان سندس فڪر کي پوتيون پارائي
تبرڪ طور رکيو ويو، جيئن عام طور اسان وٽ ٿيندو
رهيو آهي، ورنه هي شخص پنهنجي محنت، سوچ ۽ صلاحيت
جي آڌار سنڌ جي ممتاز ترين شخصيتن ۾ ليکيو وڃي ها.
اڌ صدي پوءِ ئي سَهي هاڻي به سڻائو واءُ گُهليو
آهي. اسان کي يقين آهي، ته قاضي صاحب جي سوچ ۽ فڪر
فطري طور پنهنجي جاءِ والاريندا. علم دوست ۽ نقاد
سندس لکڻين جي پرک ڪندا ۽ سنڌ جا سجاڳ ماڻهو سندس
ڳُڻ ڳائيندا.
قاضي صاحب اڃا ڇهن سالن جي عمر جو مس ٿيو ته کيس
ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. اسڪول ۾
سندس داخلا جي تاريخ 1913-1-15 آهي. هو ٻئي درجي ۾
هو ته سندس والد صاحب وفات ڪري ويو. ان واقعي جو
مٿس تمام گهڻو اثر ٿيو. لکي ٿو ته: ”اگرچه آءٌ
ٻارڙو هوس مگر اها رات جنهن رات والد محترم
موڪلائي رهيو هو، مونکي اڄ تائين ياد آهي. آه!
ڪيڏو نه درد ڀريو نظارو هو. والده محترمه ۽
منهنجون ڀينرون ۽ انهن جي حالت ڏاڍي دکائڪ هئي.
سڄي پاڙي پر شهر جا ماڻهو هن المناڪ واقعي وقت
موجود هئا. سڄي مجلس غم ۽ اندوهه سان ڇانئي پئي
هئي... ڪجهه وقت هن غم ۽ اندوهه ڪري اسڪول وڃڻ
ڪونه ٿيو، ۽ آخر اسڪول وڃڻ شروع ڪيم.“
ان ڏس ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”اخلاق ۽ سياڻپ ۾ منهنجو
نالو مشهور هوندو هو. ڪڏهن به ڪنهن ڪلاسيءَ سان
جھيڙو جهٽو ڪونه ٿيو. نه تعليم واري پوري عرصي ۾
استاد اڳيان منهنجي ڪڏهن به شڪايت آئي. منهنجو
ٽيون نمبر ڀاءُ عبدالله مون کان 4 سال وڏو هو ۽
مون کان مٿئين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. اسڪول جو هيڊ
ماستر ان وقت مسٽر عبد الرحيم صاحب نصرپوري هو.
ڏاڍو شفيق ۽ لائق انسان هو. اسان ٻنهي ڀائرن سان
ڏاڍو پيار هوس. هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته هيڊ ماسٽر
صاحب پريان بيٺو هو. ساڻس هڪ دوست به گڏ هو. هن بي
اختيار انهيءَ دوست کي چيو توکي هڪڙا بهترين ۽
شريف ٻار ڏيکاريان! پوءِ هن اسان ٻنهي ڏي اشارو
ڪيو ۽ چيائين پنهنجي سڄي اسڪول ۾ هنن ٻن ڀائرن جو
مٽ ڪو به نه آهي، نه علم ۾، نه فضيلت ۾، ۽ نه
شرافت ۾. تمام صالح ڇوڪرا آهن. شل خدا پاڪ کين
اڃان به نيڪ بخت ڪري.“ چوڻي آهي ته ”سلو اهو جو
انگوريان ڀلو“ ۽ ”سڀاڳا پٽ پينگهن ۾ پڌرا.“
ان دور جي حالتن، گهرو ماحول ۽ پنهنجي ذهني
صلاحيت جو ذڪر ڪندي قاضي صاحب پنهنجي يادگيرين ۾
لکي ٿو ته: ”عمر جو اهو حصو ڪيڏو نه مزيدار هو. دل
تي ڪابه ڳڻتي ڪانه هئي. پيارن ڀائرن پنهنجي پيار
سان رتيءَ جي ڳڻتي دل تان لاهي ڇڏي هئي. والده
محترمه جو پيار ۽ دعائون شامل هيون. گھر جو ڪو به
الڪو يا بار دل تي ڪونه هو. طبيعت رولاڪ ڪونه هئي.
اسڪول سان بي انداز پيار هو. پڙهڻ جو شوق هو ۽
اتان فراغت بعد وري ڪتاب، قصا ۽ رسالا، مطلب ته
زندگي جو اهو حصو علمي ذوق ۾ گذريو. ذهن جو ڪمال
هيءُ هو ته جا ڳالهه هڪ ڀيرو ٻڌندو هوس ته ياد ٿي
ويندي هئي. جو ڪتاب پڙهيو سو هڪدم ياد. توهان کي
اعتبار نه ايندو ته جڏهن مون ڇهون درجو پاسو ڪيو.
ان وقت مون کي پهرئين ڪتاب کان ڇهين ڪتاب تائين
جملي ڪتابن جا نه صرف نظم، پر هرهڪ سبق اکر به اکر
ياد هوندو هو. ۽ منهنجا دوست ۽ استاد ان تي عجب
کائيندا هئا.
منهنجي غلطين ۾ جي مون کان زندگي ڀر ۾ ٿيون، هڪ
عظيم غلطي اها هئي جو مون تعليم مان منهن ڪڍي
ورتو. قدرت جو مون کي ذهن ڏنو هو ۽ جا دماغي طاقت
ڏني هئي ۽ ان سان گڏ جا لکڻ جي لياقت ڏني هئي ۽ ان
کانسواءِ گفتگو جي رواني جا مون کي حاصل هئي، ان
مان ڪو به بهرو ڪونه ورتم. ڏاڍو چڱو ٿئي ها جيڪڏهن
منهنجي تعليم جو سلسلو جاري رهي ها. جيترو هن وقت
اسين تعليم کي ضروري سمجھون ٿا ساڳيو احساس ان وقت
به هجي ها ته شايد حالتون هن کان گھڻيون بدليل هجن
ها.“
ان دور جي تعليمي ماحول بابت مشهور عالم ۽ قاضي
صاحب جو هم ڪلاسي محترم محمد عثمان ڏيپلائي صاحب،
قاضي صاحب بابت شخصي راءِ ڏيندي سندس لياقتن ۽
اڳواڻي واري ڪردار بابت لکي ٿو ته: ”علم ۾ ريس
ڏياريندڙ بلڪه پيروي ڪرائيندڙ دوست هو قاضي حاجي
علي محمد، جو اسان ٻنهي مان هڪ ئي پيو پهريون نمبر
کڻندو هو. هڪ ئي نموني جي ڪتابن ۽ اخبارن پڙهڻ جا
شوق رکندا هئاسون ۽ آخر ته ڪلاسن ۾ ويهندي به هڪ
ٻئي کي ’روح راحت‘ ۽ ’فرحت آثار‘ نالي هفتيوار
دستي اخبارون به ڪڍي پيا موڪليندا هئاسون.
دوستيءَ جي ريس جي حالت اها هئي، جو ٻارهن ورهين
بعد واندي هجڻ سبب هو پارسي پڙهڻ لڳو ته مون به
پارسي پڙهي ۽ ڪجهه عربي پڙهياسين. واندي رهڻ جو
سبب اهو هو ته ان وقت بدقسمتيءَ سان 15 ورهين جي
عمر ٿيڻ کان اڳ فائنل جو امتحان ڏئي نه سگهبو هو.
اسين ٻئي 12 ورهين جي عمر ۾ ڇهون درجو پاس ڪري چڪا
هئاسون، تن کي وڌيڪ ڪلاسن ۾ ويهڻ جي ته ٺهيو، پر
لائبرري مان ڪتاب کڻي پڙهڻ جي اجازت به ڏاڍي ڏکي
ملندي هئي.“
ان دور ۾ وقت جي ذهين ترين شاگردن جو اهو حال
هوندو هو. ڪيترن ئي سببن ڪري هو پنهنجي تعليم مڪمل
ڪري نه سگهندا هئا. محترم محمد عثمان ڏيپلائي به
پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نه سگهيو ۽ مختلف شهرن ۾
وڏيرن وٽ ملازم رهي، پيٽ پاليندو رهيو. ان دور ۾
مڪاني سطح تي اعليٰ ڊگري هئي ”ورنيڪيولر فائنل“
جنهن کي عام طور ’فائنل‘ جو امتحال ڪري ڪوٺيو
ويندو هو. باقي مئٽرڪ لاءِ بمبئي يا ڪراچيءَ اچڻو
پوندو هو، جيڪو عام ماڻهن يا هيٺين ڪلاس لاءِ ممڪن
نه هو. جيڪڏهن ٻار ڇهه ڪلاس ٻارنهن سالن جي عمر ۾
پڙهي پورا ڪن ته پوءِ ٽي سال ڳوٺن ۾ ڇا ڪن؟ کين
تعليم بحال رکڻ لاءِ ڪي به موقعا ميسر ڪين هوندا
هئا. 15 سالن جي عمر ۾ فائنل جو امتحال ڏئي سگهبو
هو. ان کان اڳ ته اسڪول جي لائبرري مان کين ڪتاب
به ڪين ملي سگهندا هئا. تعليمي ماحول کي صحيح
معنيٰ ۾ سمجهڻ لاءِ هيٺ ان دور جي تعليمي سرشتي
تي هڪ نظر وجهون ٿا:
ان دور جي تعليمي نظام جو سرسري جائزو
قاضي صاحب جڏهن اسڪول ۾ داخل ٿيو ته ان کان بنهه
ٽي سال اڳ 1910 ۾ سنڌ اندر تعليم کاتو وجود ۾ آيو.
ان کان اڳ انگريز سرڪار هنٽرڪميشن (1882) The
Hunter Commission جي
سفارشن آڌار ”پرائمري تعليم“ کي لوڪل سيلف
گورنمينٽ ايڪٽ 85-1883 هيٺ لوڪل باڊيز (Local
Bodies)
جي انتظام هيٺ رکيو ۽ ملان اسڪولن/ مڪتبن کي
سرڪاري طور شاگردن جي داخلا مطابق گرانٽس جاري ڪرڻ
جو فيصلو ڪيو.
گورنر جنرل آف برٽش انڊيا لارڊ ڪرزن (Lord
Curzon)
1901 ۾ تعليم بابت بمبئي ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾
سڀني پرڳڻن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس
۾ هنٽر ڪميشن جي سفارشن کي بحال رکندي، ڪجهه وڌيڪ
تجويزون پيش ڪيون ويون. انهن آڌار سنڌ ۾ تعليم
کاتي کي گهرو کاتي (Home
Department)
جي حوالي ڪيو ويو ۽ تر جي تپيدارن، مختيارڪارن کي
تاڪيد ڪئي ويئي ته هو پنهنجو اثر رسوخ استعمال
ڪري، سرڪاري اسڪولن ۾ وڌ ۾ وڌ ٻار داخل ڪرائين.
ٻئي طرف سرڪار پاران اسڪولن جي عمارتن، فرنيچر
لاءِ جهجهي رقم جاري ڪئي ويئي.
سرڪاري اسڪولن کي گهرو کاتي حوالي ڪرڻ جا مکيه
ڪارڻ هئا: هڪ ته ٻارن جي داخلا وڌي، ٻيو ته سرڪاري
عمارتن جي مناسب رکوالي ٿي سگهي، ٽيون ته ان دور
۾ ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، سکر وغيره ۾ جيڪي
اليمينٽري ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪيا ويا هئا. انهن ۾
عملو ٻاهران ايندو هو، خاص طور انگريزي، مئٿ،
جاگرافي جا استاد بمبئي، مدراس، ڪلڪتي وغيره مان
ايندا هئا، انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
پرائمري تعليم، جيڪا ٻارن جي ذهني اوسر ۽ تربيت ۾
اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، اُن کي انگريزن پاران ڇڙو
اڳ ڇڏڻ تي، ان دور جي وڏي عالم ۽ تعليم دان علامه
دائود پوٽي نوٽس ورتو. هن وقت جي سرڪار کي لکيو ته
”بنيادي تعليم جو انتظام“ ضلعي لوڪل بورڊن حوالي
ڪرڻ مناسب عمل نه آهي، ڇاڪاڻ ته بورڊ جا ميمبر
گهڻي قدر گهٽ پڙهيل، ٻين ڪمن کي ترجيح ڏيندڙ ۽
تعليم جي فلسفي ۽ مقصد کان نابلد آهن. انهن ميمبرن
۾ وقت به وقت تبديليون اينديون رهن ٿيون. انهن جو
تدريس ۾ چاهه گهٽ آهي. نتيجي طور موجوده تعليم
زوال پذير آهي، جنهن لاءِ ڪي مناسب اپاءَ وٺڻ
گهرجن.
1923ع ۾
ايڪٽ پاس ڪري، سنڌ ۾ چونڊ تعلقن ۾ لازمي تعليم (Compulsory
Education)
لاڳو ڪئي ويئي، جنهن تي 5 سالن تائين عمل ٿي نه
سگهيو. البت 1928 ڌاري ان ايڪٽ هيٺ لاڙڪاڻو پهريون
تعلقو هو، جنهن ۾ لازمي تعليم لاڳو ڪئي ويئي، جڏهن
ته ان لسٽ ۾ به اسان کي ’ڏيپلو‘ تعلقو ڪٿي به نظر
نه ٿو اچي.
1936ع ۾
سنڌ جي بمبئي کان آزادي بعد، تعليم کاتي جو انچارج
خان بهادر غلام نبي قاضيءَ کي مقرر ڪيو ويو. ان
کان پوءِ سنڌ جي تعليم جون واڳون ڊائريڪٽر پبلڪ
انسٽرڪشن (D
P I)
طور علامه دائود پوٽي سنڀاليون ۽ تعليم جو وزير
جي. ايم. سيد جي جاءِ تي پير الاهي بخش ٿيو، جن
گڏجي تعليم جي سڌاري لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون.
سندن ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ تعليم جي کيتر ۾ وڏي
تبديلي آئي. اهڙين ڪوششن ذريعي صوبائي تعليم واري
وزير پير الاهي بخش جي خاص تحرڪ هيٺ سنڌ ۾ تعليمي
سجاڳي لاءِ چونڊ تعلقن ۾ ’خواندگي مهم‘ (Literacy
Campaign)
پهرين مئي 1939 تي هلائي ويئي. مستقل استادن سان
گڏ رضاڪار استاد به رکيا ويا، جن کي اعزازي طور 5
رپين کان 10 رپيا ماهانو ملندو هو. ان مقصد لاءِ
مختلف ضلعن جا الڳ الڳ تعلقا چونڊيا ويا. ٿر پارڪر
مان ’سامارو‘ تعلقو چونڊيو ويو. تعليم جي اهميت کي
اجاگر ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي اهائي واٽ ورتي، جيڪا
قاضي صاحب 1931 ۾ اختيار ڪئي هئي. يعني ڊرامن
وسيلي پبلڪ کي تعليم لاءِ آمائده ڪرڻ. ان ڏس ۾،
محمد اسماعيل عرساڻي کي عرض ڪيو ويو ته هو ’تعليم
بالغان‘ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪو ڊرامو لکي. عرساڻي
صاحب ان سال ۾ ”بدنصيب ٿري“ جي نالي سان ڊرامو
لکيو، جيڪو ميرپور خاص مدرسي هاءِ اسڪول ۾اسٽيج
ڪيو ويو، ان وقت اسڪول جو هيڊ ماستر مرحوم عثمان
علي انصاري هو. ڊرامو نهايت ڪامياب ويو، ڊرامي جي
خاص ڳالهه هئي: ڪردارن جي ٿري ٻوليءَ ڊائلاگ“بعد
۾ اهو ڊرامو 1940 ۾ شايع ٿيو. اڳتي هلي، سنڌ ۾
“سنڌ پرائمري ايجوڪيشن ايڪٽ 1947“ عمل ۾ آيو، جنهن
هيٺ پرائمري اسڪولن جو انتظام ضلعي لوڪل بورڊن کان
واپس وٺي صوبي جي حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته وڏي انگ
۾ سيڪنڊي اسڪول ضلعي انتظاميا هلائيندي هئي، جن کي
’D.
C. High Schools‘
چيو ويندو هو.
مذهبي تعليم
جيئن ئي هتي 711ع ۾ اسلامي رياست قائم ٿي، ته دين
اسلام کي سمجهڻ لاءِ اول مسجدن ۾ بنيادي تعليم ڏني
ويندي هئي، پوءِ اڳتي هلي جڏهن مقامي سطح تي دين
جي مختلف موضوعن بابت عالم ۽ فقيهه پيدا ٿيا ته
مڪتب ۽ مدسا قائم ٿيا، جتي گهڻي ڀاڱي ديني تعليم
ڏني ويندي هئي. عربن کان پوءِ عباسين ۽ مڪاني
حاڪمن سومرن ۽ سمن انهن مدرسن جي سرپرستي ڪئي.
عالمن جي وڏي عزت ڪئي ويندي هئي. سماج ۾ سندن
اعليٰ مرتبو مڃيو ويندو هو. البت فارغ التحصيل
عالمن جي ملازمت جو ڪو جوڳو بندوبست ڪونه هوندو
هو. تعليم پرائڻ کان پوءِ به هو شهر جي چڱن مڙسن،
وڏيرن ۽ سخي مردن جا در پيا واجهائيندا هئا.
سنڌ ۾ ديني درسگاهن بابت مانواري محمد جمن ٽالپر
پي.ايڇ.ڊي ڪئي آهي، سندس تحقيق جو موضوع هو: ”سنڌ
جا اسلامي درسگاهه“ مقالي جي پيش لفظ ۾ ٽالپر
صاحب لکي ٿو ته ”مون ڪوشش ڪري سڄي سنڌ جي وسندين
واهڻن، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ قائم ڪيل درسگاهن، مدرسن ۽
انهن ۾ درس تدريس جو مختصر ذڪر ڪيو آهي.“
ٽالپر صاحب جي ڏنل فهرست ۾، اسان کي ’ڏيپلي‘ جو
ڪو مشهور مدرسو نظر نٿو اچي، البت ڪلهوڙن جي دور ۾
بدين ۾ ”خواجه محمد زمان لنواري نقشبنديءَ جو
مدرسو“ نظر اچي ٿو، جتي درس تدريس جو عمل باقاعده
جاري هو. ان سان گڏ، بدين شهر ۾ هڪ ٻيو مدرسو
”درگاهه شاهه قادري“ قائم هو. جتي اوري پري کان
سوين مريد، خادم دين جو درس وٺندا هئا. اهو مدرسو
پير محمد شاهه قائم ڪيو هو. سائين جن 1900 تي رحلت
ڪئي. ان کان پوءِ پڳ سندن وڏي پٽ پير ڀاون شاهه کي
ٻڌائي ويئي، جڏهن ان جي عمر ڪل 14 ورهيه هئي. پير
ڀاون شاهه کي پڻ علم حاصل ڪرڻ جو بيحد شوق هو. هن
سنڌي، عربي، فارسي، گجراتي، اردو ۽ انگريزي سٺي
نموني سکي هئي. پير صاحب جن شاعري به ڪندا هئا،
سندن ’ساقي‘ تخلص هو. سندن محفل ۾ ٻين عالمن سان
گڏ مولوي احمد ملاح به شريڪ ٿيندو هو. محمد سومار
شيخ پير ڀاون جو ڪلام گڏ ڪري ”مناجات ساقي“ 1956 ۾
۽ ”ڪلام پير ڀاون علي شاهه ساقي“ 1972 ۾ شايع
ڪرايو.
پير ڀاون شاهه سان، قاضي علي محمد صاحب جي وڏن جو
رستو هو. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”والد صاحب جي دل ۾
بدين شريف جي درگاهه شاهه قادري رحمت الله عليه
لاءِ ڏاڍي حب هئي. ۽ ان جي درگاهه جي سجاده نشين
پير علي قطب شاهه جيلانيؒ سان خاص محبت هئي. هڪ
ڏينهن دعا لاءِ مون کي به وٺي ويو.“ پير صاحب
ڦوهه جواني ۾ 18 سالن جي عمر ۾ جمعي جي ڏينهن 19
آڪٽوبر 1918 تي وفات ڪئي، خدا کيس پٽ سان نوازيو
هو. ان جو نالو پير ڏنه شاهه هو. قاضي صاحب جي
والد محترم قاضي الهه رکئي کين هڪ خط لکيو، جيڪو
نه صرف سندن عقيدت، ارادت ۽ مراسم جي نشاندهي ڪري
ٿو. بلڪه ان خط ۾ ان دور جي حالتن جي جهلڪ به پسي
سگهجي ٿي. ملاخط ڪريو اهو تاريخي
خط:
جناب پير ڏنو شاهه صاحب جيلاني دامت برڪات
مڪمل وسيله ھردوجھان، جناب پير روشن دستگير و قبله
معتقدان رھنماءِ سالڪان، خدا شناس بحر عرفان، ذات
جامع، برسر معتقدان، مراتب پاءِ بوسي و آداب قدم
بوسي بجاءِ آورده،
جناب عالي- حضور
جن جو ارشاد گرامي ھو فقير الھڏنو مطرب جي ڪم
بابت. ان لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ سمورو
راڄ ميمڻن مريدن جو گڏ ڪيو ويو ۽ ٻاھراڙيءَ جو راڄ
گڏ ڪري، ثاني ڌر کي راڄ مان جواب ڏياريو ويو مگر
پوءِ به ھو باز نه آيا بلڪ ڀڄي ويا. ڪي ڪڇ ڏانھن،
ڪي سنڌ ڏانھن. تنھنڪري منھنجو ارادو ٿيو ته ھاڻي
صرف ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ سان ئي حق حاصل ڪري سگھجي ٿو.
مگر ھي فقير سيڪشن 498 جو ڪيس سواءِ صلاح سائين جن
جي ڪرڻ نٿا چاھين.
پير ڀاون شاهه
احمد علي نالي لاڙ جي ھڪ شاعر، حضرت پير
ڀاون شاهه بدين واري جنهن عين جوانيءَ ۾ 18 سالن
جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ سڄي لاڙ ۾ ڏاڍو ڏک ٿيو. ان
بابت هڪ مدح لکي، جنهن جو ذڪر قاضي صاحب پنهنجي
ڪتاب ۾ ڪيو آهي. ان جي هڪ مصرع هيٺ ڏجي ٿي.
جمعي جي بعد پيتائون جام، ڪيائون سير سبحاني،
بقا جي باغ کي پھتا، ماڻيائون ملڪ ھي فاني،
لباس زندگي لاھي، پھريائون پوش نوراني،
پسڻ ڪارڻ پرين جي، ڪيائون پڻ قرباني،
سڻي سڄڻن جو سڏ، موٽڻ مردن حق معاذ الله.
ڪيو بيشڪ شھر بدڻين جو آباد ڀاون شاههؒ.
عام شهرن جيان ڏيپلي ۾ به هڪ مدرسو قائم هو، جتي
کٿابين کي قرآن شريف پڙهايو ويندو هو. ان سان گڏ
عربي فارسيءَ جي تعليم به ڏني ويندي هئي. ان بابت
قاضي صاحب لکي ٿو ته؛ ”ڏيپلي ۾ ان وقت هڪ اوليا
صفت مولوي حاجي احمد صاحب ميمڻ ”مدرسه اسلامي“
هلائيندو هو. ان ۾ ٻاهراڙي جا طلب علم قرآن شريف،
آمد ناما، گلستان بوستان پڙهندا هئا. واندڪائي
سمجهي مون پارسي تعليم شروع ڪئي. انهن ۾ ڪريما،
آمد نامون، نام حق، بدايع منظوم، مالا، بدمنھ،
گلستان، اڌ بوستان، زليخان ۽ ٿورو سڪندر نامون
پڙهي ورتم، ان بعد عربي تعليم ٽي مهينا ورتم، جنهن
۾ ”ابواب صرف“، ”مفيد الطالبين“ ۽ هڪ ٻه سيپارا
قرآن شريف جا معنيٰ سان پڙهيم. ان بعد اهو به ڇڏي
ڏنم پوءِ آءٌ هوس ۽ قصا، ڪتاب ۽ ڪهاڻيون. اهي هئا
منهنجي واندڪائي جا يار.“
بهرحال، ڏيپلي ۾ قائم مدرسي جهڙا مدرسا عام جام
هوندا هئا. جتي روايتي تعليم ڏني ويندي هئي.
اسلامي دنيا سان لاڳاپيل ساڳيا قصا ۽ داستان
ورجايا ويندا هئا. اهڙن ڪتابن پڙهڻ سان، ذهني سڪون
ته ميسر ٿيندو هو، پر ذهن جا پردا ڪين کلندا هئا.
هزارين سالن وارا قصا ڪهاڻيون طوطي وانگر ياد
ڪرايون وينديون هيون. سبق سمجهڻ جي بجاءِ ياد ڪرڻ
تي زور ڏنو ويندو هو.
تعليم بابت مٿئين منظر
نامي مان
معلوم ٿو ٿئي ته نه اسان کي، خاص طور مسلمانن کي
انگريزي پڙهڻ جو شوق هو، نه وري انگريزن کي اسان
کي ايجوڪيٽ ڪرڻ جو ڪو لاچار هو. هنن کي ننڍي کنڊ ۾
تعليم وسيلي هڪ اهڙو طبقو تيار ڪرڻو هو، جيڪو
پيدائشي طور ڪهڙي به خطي (Region)
سان تعلق رکندڙ هجي، ان جو مذهب، رنگ ۽ نسل ڪهڙو
به هجي، پر هو پرک، خيال، اخلاق ۽ ذهانت ۾ انگريز
لڳي. ساڳيءَ وقت هنن فرمانبردار پورهيت به تيار
ڪرڻ ٿي گهريا. سندن ٻي ترجيح هئي؛ عيسائيت جو
ڦهلاءُ، سنڌ ۾ پهريون سڪينڊري اسڪول ڪراچيءَ جي
ڪليڪٽر ڪيپٽن پريڊي (Captain
Preedy)
1846 ۾ قائم ڪيو ۽ اهو اسڪول 1853 ۾ سنڌ جي ڪمشنر
سر بارٽل فيريئر ”چرچ مشن سوسائٽي“ کي ان شرط سان
حوالي ڪيو ته ’اتي بائبل جي تعليم لازمي هوندي، ان
سان گڏ ڪورس به عيسائي مذهب جي تعليم مطابق
هوندو.‘
ٻئي طرف انگريز سرڪار پهرين مهاڀاري جنگ (1914 کان
1918) دوران سخت پريشاني ۾ مبتلا هئي، هڪ طرف سندن
ناڻي ۽ ٻين وسيلن جو بي انتها زيان ٿي رهيو هو ته
ٻي طرف لکن جي انگ ۾ سپاهي مري رهيا هئا. ان جنگ ۾
برطانيا جا 10 لک فوجي حصو وٺي رهيا هئا. انهن
حالتن جي تناظر ۾، سنڌ جهڙي پٺتي پيل، قدرتي وسيلن
کان محروم پرڳڻي تي هو ايترو ڌيان ڇو ڏين ها.
سنڌ اندر وقت جا ڏاها ماڻهو ، انگريزن جي سوچ کي
پرکي ويا هئا. انڪري هنن پنهنجي ٻاري. هو سمجهي
رهيا هئا ته انگريزي جديد تعليم ضروري آهي، ان کي
پرائڻ وقت جي ضرورت پڻ آهي، پر مذهب ۽ ثقافت جي
قيمت تي هرگز نه. انڪري هنن هندستان ۾ اٿيل نئين
لهر ”محمدن ايسوسيئيشن“ جو پاسو ورتو. سنڌ سميت
پوري هندستان ۾ ان جون شاخون کوليون ويون. سنڌ ۾
1884 ڌاري حسن علي آفندي ڪراچيءَ ۾ ان جي شاخ کولي
۽ 1885 ڌاري ”سنڌ مدرسة الاسلام“ نالي سان اسڪول
قائم ڪيو. اهڙي ريت نئوشهرو فيروز ۾ سيد الهندي
شاهه 1903 ۾، لاڙڪاڻي ۾ 1906 ۾، ٽنڊي جان محمد، ۽
ميهڙ ۾ ساڳي نالي سان اسڪول قائم ڪيا. خانبهادر
مير غلام محمد ٽالپر 1920 ۾ ’لارينس مدرسھ هاءِ
اسڪول‘ ٽنڊي باگي جو بنياد رکيو. انهن اسڪولن ۾
جتي انگريزي لازمي ٿي پڙهائي ويئي، ڪن هنڌن تي ته
انگريز انتظاميا مٿن مسلط رهي، انهن جو نالو شعوري
طور ’مدرسو‘ رکيو ته جيئن مسلمان ٻار جيڪي جديد
تعليم کان گهڻو پري هئا، ان جي ويجهو اچن، سرڪاري
انگ اکر ٻڌائن ٿا. ته ان نالي جو مسلمان ٻارن تي
تمام سٺو اثر پيو.
اهڙي طرح سر سيد احمد خان ”محمدن ايجوڪيشنل
ڪانفرنسون“ ڪوٺايون، جنهن جي پهرين ويهڪ علي ڳڙهه
۾ 1876 ۾ ٿي. ڪراچي ۾ 1907، خيرپور ۾ 1919 ۽
حيدرآباد ۾ 1924 دوران ساڳي طرز جون ڪانفرنسون
ڪوٺايون ويون. ان تحريڪ سان مسلمانن ۾ تعليم سان
چاهه وڌيو. رئيس شمس الدين بلبل هڪڙو ڪتابڙو
”مسلمان ۽ تعليم“ لکي مفت ورهايو. مٿي ذڪر ڪيل
ڪراچيءَ واري ڪانفرنس ۾ شمس الدين بلبل صاحب رٿ
پيش ڪئي ته مسلمانن جي علمي ورثي کي بچائڻ ۽
اسلامي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ نصاب ۾ لازمي طور عربي
۽ فارسي جا مضمون شامل ڪيا وڃن. سندس رٿ بحال ٿي ۽
سنڌ ۾ لازمي طور شاگردن کي عربي يا فارسي پڙهائي
ٿي ويئي.
وقت جي ڌارا کي سمجهندڙ سجاڳ ذهنن مڪاني طور تعليم
جي ترهي کي تارڻ لاءِ انفرادي ڪوششون ورتيون ۽
پنهنجيون زندگيون تعليم جي واڌاري لاءِ وقف ڪيون.
سنڌ جي ٻين خير خواهن جو ڪافي ڪتابن ۾ ذڪر اچي چڪو
آهي. البت ڏيپلي شهر کي تعليم سان منور ڪندڙ
مهندار سائين قاضي علي محمد جو ڪردار اڃا اوجهل
آهي. هيٺ مختصر طور تعليم بابت سندس ڪوششن جو ذڪر
ڪجي ٿو:
ڏيپلي کي جڳ ۾ روشناس ڪرائيندڙ علم پرور انسان
جيئن اڳ ۾، ذڪر ٿي چڪو آهي ته سائين قاضي علي محمد
جي بنيادي تعليم اڻپوري ۽ رواجي هئي. تعليم جي
حوالي سان هو ڪڏهن ڏيپلي کان ٻاهر ڪونه ويو،
ڏيپلو، جيڪو ٿر ڊويزن سان لاڳاپيل هو، انگريز
انتظاميا آڏو ڪو خاص اهميت وارو تعلقو ڪونه هو.
بلڪه حقيقت اها آهي ته سڄي سنڌ ۾ مڪاني سطح تي
ترقيءَ جو بنيادي ايڪو ’ضلعي لوڪل بورڊ‘ هئا:
بنيادي صحت، تعليم، روڊ رستا، زراعت، ڪاروبار
وغيره جا فيصلا انهن يونٽن وسيلي ڪيا ويندا هئا.
سنڌ ۾ جيڪب آباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن جا لوڪل بورڊ
بنهه آخر ۾ ٺاهيا ويا هئا. ٿر ۾ ته ٻاروهي ڏڪار
هوندو هو، ان لاءِ به انگريز سرڪار ڪي مناسب اپاءَ
ڪونه ورتا.
ڏيپلي لاءِ سرڪاري پرائمري اسڪول 74-1873 ڌاري
منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ سال جي آخر تائين ڪل 28
شاگرد هئا. جڏهن ته ان سال تائين ٿر ڊويزن ۾ ڪوبه
زنانو اسڪول ڪونه هو. ڏيپلي پرائمري اسڪول جي
عمارت 1901 ڌاري ٺهي راس ٿي، جيڪا اڃا موجود آهي.
قاضي صاحب 15-1-1913 تي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽
31-3-1921 تي ان کي الوداع چيائين. ان کان پوءِ
مولوي حاجي احمد ميمڻ صاحب کان فارسيءَ جي تعليم
ورتائين، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. قاضي صاحب
جي ريس تي سائين محمد عثمان ڏيپلائي به فارسي جي
تعليم ورتي.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان رواجي ۽ اڻپوري تعليم
حاصل ڪندڙ شخص ڪهڙي ريت ڏيپلي ۾ علم جي شمع روشن
ڪئي ۽ ان کي جڳ ۾ مشهور ڪيو.
قاضي صاحب جو همعصر ۽ دلي دوست ڊاڪٽر الهورايو
محمدي پنهنجي تحريري تقرير ۾ فرمائي ٿو ته؛ ”قاضي
حاجي علي محمد هڪ دورانديش، نهايت حساس ۽ پُرعزم
انسان هو، سندس ٻاروتڻي جي زماني ۾ اسان ڏيپلائي
ميمڻ تمام غريب ۽ اڻپڙها هئاسون. ارباب صاحب تنهن
وقت ٿر جا بادشاهه هوندا هئا. اسان جو ڪنهن وقت
ڪوبه ڪم پوندو هو ته اسان وٽن سندن سامهون پٽ تي
ويهي عرض ڪندا هئاسون. ايتريقدر جو اسان جي نياڻين
جي سڱاوتي به هو ڪندا هئا، ته فلاڻي تنهنجي ڌيءَ
فلاڻي جي پٽ کي ڏي. اها ڳالهه قاضي صاحب جي دل کي
ڏاڍو ڏکوئيندي هئي. اهو حال ڏسي، قاضي صاحب سوچيو
ته ان جو حل ۽ علاج صرف هڪ ئي آهي ته اسان پنهنجن
ٻچن کي پڙهايون ۽ علم سان نوازيون، سو سائين حاجي
ابو طالب سان گڏجي علم جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ گهر
گهر وڃي والدين کي تعليم لاءِ قائل ڪيائون ۽ ٻارن
کي اسڪول ۾ داخل ڪرايائون.
خدا جو شان ۽ نيڪ نيتيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو
قاضي صاحب جي شريڪ حيات محترمه فاطمهه الزهريٰ، جا
هڪ ڏاهي خاندان جي نياڻي آهي، سا ڏيپلي جي عورت
ميمڻن ۾ پهرين ماسترياڻي ٿي. جنهن اسان ميمڻن جي
نياڻين جا حوصلا بلند ڪري، علم حاصل ڪرڻ جي تلقين
ڪئي.“
ممڪن آهي ته هڪ حساس ۽ باعزت ماڻهو لاءِ اهڙي
ورتاءُ اندر ۾ باغي ڪردار کي جنم ڏنو هجي، جنهن
پنهنجي ضمير کي گواهه بنائي: ”اهو عهد ڪيو هجي ته
کڻي ڇا به ٿي پئي پر آءُ هنن حالتن کي وڌيڪ هلڻ نه
ڏيندس ۽ شهر جي ماڻهن کي تعليم ڏياري، منجهن
خودداري ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ڪندس.“
ڏيپلي جهڙي ڏتڙيل شهر، جنهن ۾ هر ٻئي سال ڏڪر اچي
ڏيل ڏڪائيندو هو، اُتي علم جو عَلم بلند ڪرڻ وڏي
حوصلي جو ڪم هو، جيڪو قاضي صاحب جوانيءَ کان جهور
ٿيڻ تائين ڪندو رهيو. حالتن ساڻس سدائين سرد مهري
وارو ورتاءُ ڪيو، پر هن ڪڏهن به هار نه مڃي. قرض
کڻي به تعليم جي تُرهي کي تاريو. سندس جذبن جي
ترجماني ڪندي عوامي شاعر عبدالڪريم گدائي چيو آهي
ته:
وڙهي تيز طوفان ۽ موجن سان هردم وڃي نيٺ ٻيڙو
ڪناري ڇڏيوسين.
سفر زندگيءَ جو ڪٺن هو گدائي بهر طور گذريو،
گذاري ڇڏيوسين.
قاضي صاحب جي همعصر ”مسڪين جهان خان کوسي“ لاءِ
محمد بخش مجنون بلوچ لکي ٿو ته: ”هو ٿرين لاءِ
اوتار مثل هو، خدا ڄڻ کيس مسڪين ٿرين جي خدمت
لاءِ خلقيو هو.“ ساڳي طرح سندس ٻئي رفيق عثمان
ڏيپلائي لاءِ جنگ اخبار جو اڳوڻو ايڊيٽر محمود شام
لکي ٿو ته؛ ”الله تعاليٰ جڏهن کان پيغمبرن موڪلڻ
جو سلسلو ختم ڪيو آهي ته محمد عثمان ڏيپلائي جهڙن
بيچين روحن کي ئي ماڻهن کي جاڳائڻ، پنهنجا فرض ياد
ڏيارڻ جي ذميواري سرانجام ڏيارڻ لاءِ موڪليندو
آهي.“
ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته قدرت پنهنجي نظام کي قائم
۽ دائم رکڻ لاءِ هدايت جو رستو کليو رکيو آهي.
بقول ڀٽائيءَ جي ”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو
لهي“ لاشڪ ته قاضي صاحب پنهنجي ڪردار، شرافت،
علميت ۽ حليمت ۾ تمام گهڻو مٿاهون هو. هن وقت
تائين جيڪي ڏيپلي يا ان شهر جي شخصيتن بابت ڪتاب،
رسالا، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا تحقيقي مقالا پڙهيا
ويا آهن، انهن سڀني ۾ قاضي علي محمد جي شرافت،
لياقت ۽ ڏاهپ جاڳڻ ڳايا ويا آهن.
قاضي صاحب کي مذهب سان پڻ گهرو لڳاءُ هو. عمر جي
آخري حصي تائين نماز ۽ روزي جو پابند رهيو. عمل ۾
توحيد پرست هو. الله پاڪ جي رحمت تي کيس بيپناهه
يقين هو. هميشه انهيءَ کان گهريائين، هن کيس ڏنو.
اهڙا مثال سندس ڪتاب ۾ جابجا نظر ايندا. کيس يقين
هو ته الله پاڪ پنهنجي فطري مظاهرن وسيلي انسانن
جي رهبري ڪري ٿو. انسان جيڪڏهن هن ڪامل يقين سان
حقيقت معلوم ڪرڻ گهري ته خدا سندس ڪيترن ئي رازن
سان رهنمائي ڪري ٿو. جنهن لاءِ شاهه صاحب فرمائي
ٿو ته: ”واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا پيا.“
اسان جو پختو رايو آهي ته قاضي صاحب کي ڏاتر کان
ڏات مليل هئي، جنهن کي اهل علم ۽ بصيرت وارن ڄاتو
ٿي. هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي قاضي صاحب لکي ٿو ته:
”ان وقت ٿر ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر حافظ صاحب
جو تمام ديندار، فقير طبع ۽ قيافه شناس ماڻهو هو.
ان جي منزل ڏيپلي ۾ ٿي. ساڻس پئنچات جي وفد ۾ ٻه
دفعا ملاقات ٿي.“ قاضي صاحب سان ٿيل گفتگو مان
اندازو لڳائيندي ۽ سندس چهري کي ڏسي، ڊپٽي ڪليڪٽر
وفد کي چيو ته ”مون هن ڇوڪر جي پيشانيءَ مان محسوس
ڪيو آهي ته هي لائق ۽ سمجهدار آهي.“ ان تي موجود
ماڻهن تائيد ڪندي چيو ته: ”سائين برابر اسان جي
شهر ۾ تمام عقلمند، نيڪ نيت ۽ خير خواهه انسان
آهي.“
قاضي صاحب کي پنهنجي گهر لاءِ زمين ٽڪرو کپندو هو،
جنهن بابت سندس ڀاءُ محمد هارون جو ان وقت ڏيپلي ۾
ٻلهياري تپي جو سپروائيزر هو ۽ ڊپٽي صاحب جو
زيردست پڻ هو، ان معرفت عرض ڪيو ويو، جيڪو موزون
نه هئڻ سبب ڊپٽي صاحب رد ڪري ڇڏيو. آخر پنهنجي
سُهري مکي غلام محمد سان مشوري بعد هو ڊپٽي صاحب
سان روبرو مليو ۽ کيس تفصيل سان مدعا بيان ڪئي،
جنهن تي ڊپٽي صاحب وراڻيو ته گهربل پلاٽ رستي تي
آهي، انڪري مون لاءِ مناسب نه آهي ته ان جي منظوري
ڏيان، سڀاڻي مون لاءِ به ڪا شڪايت ٿي سگهي ٿي.
قاضي صاحب مايوس ٿي گهر آيو. صبح ٿيو ته ڊپٽي صاحب
ماڻهو موڪلي قاضي صاحب کي گهرايو ۽ چيو ته ”قاضي
صاحب رات توکي انڪار ڪرڻ بعد مونکي سڄي رات ننڊ نه
آئي آهي. منهنجي دل مون کي ملامت ڪرڻ لڳي ته قاضي
صاحب جهڙي نيڪ ۽ شريف انسان کي تون ڪيئن ٿو
موٽائين؟... توکي ڪهڙو نقصان ٿيندو، هن مرد مولائي
جو ڪم ڪر. سو ادا توکي مبارڪ هجي، تنهنجو پلاٽ مون
منظور ڪيو. محمد خان سپروائيزر کي هڪل ڪيائين ته
بابا لکپڙهه کڻي اچ ته مان صحيح ڪريان. سڀني شهرن
وارن جي اڳيان منهنجي ڏاڍي تعريف ڪيائين ۽ کين
ايئن به چيائين ته اوهان جو شهر خوش نصيب آهي، جو
اوهان کي قاضي علي محمد جهڙو ماڻهو مليو آهي.“
ڏيپلي شهرلاءِ تعليمي تحرڪ:
سال 1931 ڌاري ڏيپلي جي پرائمري اسڪول ۾ هڪ جلسو
ٿيو، جنهن جي صدارت ان وقت ٿرپارڪر ضلعي جي تعليم
واري سپروائيزر مسٽر فتح محمد قريشي ڪئي. جلسي جو
بندوبست پئنچات پاران ڪيو ويو. ان موقعي تي قاضي
صاحب کي گذارش ڪئي ويئي ته هو تعليم جي اهميت بابت
تقرير ڪري. قاضي صاحب ان موقعي تي جيڪا تقرير ڪئي.
ان جا ڪجهه حصا هيٺ ڏجن ٿا، جنهن مان اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته سندس تعليم بابت ڪهڙا نظريا ۽ مقصد
هئا:
”مڪرم وَ معزز صاحبان! اڄو ڪي علمي جلسي جي
ڪارروائي قومي نقطه نگاه سان نهايت مفيد و قابل
عمل آهي. اسان نهايت خوشيءَ سان ظاهر ڪريون ٿا ته
هن علمي ڪانفرنس جي وسيلي قوم ۾ بيداريءَ جو روح
ڦوڪڻ ۾ جيتري قدر اسان جي مڪرم و محترم جناب مسٽر
قريشي صاحب ۽ ماستر صاحبن خصوصاً مسٽر محمد يعقوب
انگريزي ماستر جا ڪوشش ورتي آهي، سا يقيناً تحسين
جوڳي آهي. اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن اهڙي طرح
وقت به وقت علمي جلسا ٿيندا رهيا ۽ قوم ۾ علم ۽
اصلاح تعليم بابت جذبات ڪافي تعداد ۾ پيدا ڪيا
ويندا ته ٿوري ئي عرصي ۾ اسان جو ملڪ جھل جي
انڌاريءَ کان نڪري هڪ دفعو وري به سڌريل ملڪن جي
صف ۾ شمار ٿي سگھندو.
جيئن ته هي جلسو تعليم جي ضرورت ڏي ڌيان ڇڪائڻ جي
غرض سان منعقد ٿيو آهي. تنهنڪري انهيءَ مقصد تي
ڪجھه زياده روشني وجھڻ ضروري آهي.
اسان جي ملڪ کي تعليم جي ڪيتري قدر ضرورت آهي ۽
تعليم جي ذريعي اسان جي قوم ڪيتري قدر بهترين درجي
کي پهچي سگھندي، تنهن لاءِ هن کان اڳي ٿيل تقريرن
۾ اها ڳالهه بلڪل سهڻي طريقي سان بيان ڪئي ويئي
آهي. اها هر طرح ڪافي آهي ۽ يقين آهي ته انهن
تقريرن ٻڌڻ کان پوءِ هرهڪ انسان کي تعليم جي ضرورت
بلڪل چڱي طرح محسوس ٿي سگھندي.
تنهنڪري هن موقعي تي فقط تعليم کي مفيد ۽ نتيجه
خيز بنائڻ لاءِ چند گذارشون پيش ڪرڻ ضروري آهن.
جنهن جي وسيلي اها تعليم حتي الامڪان قوم لاءِ ڪار
آمد ۽ ڪارگر ٿي سگھي ٿي. انهيءَ مقصد حاصل ٿيڻ
لاءِ ڪجھه هدايت استاد صاحبن لاءِ ڪرڻ به ضروري
آهي. هي ڳالهه ته هرهڪ اعلى خواه ادنى انسان محسوس
ڪري سگھي ٿو ته ”استاد لاءِ شاگرد اولاد مثال آهي.
جھڙي طرح ننڍي اولاد جي اوائلي عمر جو حصو مائٽن
جي ماتحت آهي. اهي هن کي جھڙي تعليم ڏيندا يا جھڙا
اخلاق سيکاريندا؛ وڏي هوندي هُو اهي ئي پيش ڪري
سگھندا. اهڙيءَ طرح شاگرد جيڪي استاد جي ماتحت
پنهنجي اوائلي عمر جو گھڻو حصو گذارين ٿا. اهو
عرصو ئي هنن جي مستقبل جو هڪ رستو يا پهريون منظر
آهي. انهيءَ ئي عرصي ۾ هو جيتري تعليم حاصل ڪندا
يا جيتري قدر اخلاق ۽ سٺالڇڻ پرائيندا، وڏي هوندي
به هُو اهي ئي پيش ڪري سگھندا. اهي شاگرد جي اڄ
ٻچا آهن ۽ قوم جي رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ جا محتاج
آهن، اهي نيٺ ڪنهن وقت ڦري قوم جا رهبر ۽ رهنما
ٿيندا ۽ قوم کي هنن نونهالن جي وجود ۾ اميدون ۽
آسرا ٿيندا. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن هنن ۾ ننڍي ئي
ڄمار ۾ اخلاق، همدردي، قرباني ۽ زنده دليءَ جا
جذبات ڪافي تعداد ۾ پيدا نه ڪيا ويا ته پوءِ
ڪهڙيءَ طرح هو پنهنجي وجود کي قوم لاءِ مفيد ۽
قابل فخر بنائي سگھندا.
يورپ جي تعليم گاهن ۾ تعليم سان گڏ شاگرد ۾ اخلاق،
قوميت، خود داري، ايثار ۽ قربانيءَ جي تعليم اعلى
پيماني تي ڏني وڃي ٿي ۽ هميشھ انهن خصلتن جو شاگرد
۾ مادو پئدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتي وڃي ٿي ۽ هميشه
انهن کي ذهن نشين ڪرايو ٿو وڃي ته هنن جي تعليم
خواه هنن جي زندگيءَ جو مقصد فقط هي نه آهي ته هو
پاڻ خوش گذاري ۽ پنهنجي آرام ۽ آسائش جا طلبگار
رهن، بلڪ هنن کي سيکاريو وڃي ٿو ته هنن جي تعليم ۽
هنن جي نمائندگي جو ئي مقصد قوم جي ترقي ڳولڻ ۽
هنن کي حتى الامڪان فائدي رسائڻ جو آهي. اهوئي سبب
آهي جو يورپ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو ٿو وڃي.
ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ ۾ فقط نالي ماتر تعليم
ڏني وڃي ٿي ۽ انهن ۾ ڪو به اهڙو جذبو پئدا ڪونه
ڪيو وڃي ٿو، جنهنڪري اهڙو شاگرد سون مان ڪو هڪڙو
پئدا ٿئي ٿو، جيڪو قوم جي بهتريءَ لاءِ ڪوشش وٺي!
ڪو پنهنجي آسائش کي قوم جي سڌاري ۽ فائدي لاءِ
قربان ڪري ۽ قوم کي ڪو فائدو پهچائي. باقي اڪثر ته
هرهڪ کي پنهنجي جان جي لوري لڳل هوندي آهي“.
ڏيپلي ۾ تعليم جو بنياد وجهندڙ
سنڌ ۾ جديد تعليم جي روشني ڦهلائڻ جي حوالي سان
’ڏيپلي‘ کي خاص اهميت حاصل آهي. ڏيپلي جي لفظي
معني: ديپ/ڏيئن يا روشني جو شهر آهي. جيئن
’پريالو‘ معنيٰ پرينءَ جو شهر.
ڏيپلي ۾ روشني جو اهو ديپ ٻارڻ وارو ڪير هو! ڏيپلي
بابت ادبي ۽ تاريخي ڪتابن مان اها ڄاڻ پئي ٿي ته
سائين ابوطالب ڏيپلي ۾ علم جو ٻوٽو پوکيو، پر ان
کي وڌائي وڻ ڪرڻ ۾ قاضي علي محمد صاحب جوئي ڪردار
آهي. بلڪه حقيقت اها آهي ته ڏيپلي شهر ۾، مڊل توڙي
سيڪنڊري بوائز ۽ گرلس تعليم جي بنياد وجهندڙن ۾
قاضي صاحب جو وڏو ڪردار آهي. جيڪڏهن ڪن موقعن تي
هو پنهنجي هڙان گُهربل سرڪاري رقم مهيا نه ڪري ها
ته شايد اهي اسڪول قائم به نه ٿي سگهن ها.
ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم:
سال 1931 ڌاري ڏيپلي جي پرائمري اسڪول ۾ هڪ جلسو
ٿيو. جنهن جي صدارت مسٽر فتح محمد قريشي جو ان وقت
ٿرپارڪر ضلعي جي تعليم کاتي جو سپروائيزر هو، ان
ڪئي. اهو انتظام پئنچات پاران ڪيو ويو هو. پئنچات
پاران تعليم بابت تقرير قاضي علي محمد ڪئي. (ان جا
ٽڪرا مٿي بيان ڪيا ويا آهن.) ڪجهه وقت کان پوءِ
ٿرپارڪر جي ائڊمنسٽريٽو آفيسر جي ڏيپلي ۾ منزل ٿي.
جنهن ۾ شهر جي معززن ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت
ڪئي. شهر جي پئنچات پاران اي-وي ڪلاسن کولڻ جو
مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي به قاضي صاحب پئنچات
پاران هڪ پُرزور تقرير ڪئي ۽ علم جي اهميت تي
روشني وڌي. نه صرف ايترو بلڪه اي-وي ڪلاسن جي
اهميت ۽ ضرورت بابت قاضي صاحب هڪ ڊرامو پڻ پيش
ڪيو، جنهن تي صاحب صدر سان گڏ حاضرين به ڏاڍو خوش
ٿيا.
اي-وي اسڪول جي منظوري کان پوءِ، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ
پئنچائت کان 2 هزار رپيا طالب ڪيا. پنچائت سرگرمي
ڏيکاري. آخر ڪل چندو 1500 رپيا ٿيو. لوڪل بورڊ
طرفان تار آئي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ رقم جمع ڪرايو.
ٻي صورت ۾ اي. وي ڪلاس ختم ڪيا ويندا. وري مشڪل
سان 175 رپيا گڏ ٿيا. خزاني ۾ رقم جمع ڪرائڻ ۾
باقي وڃي ڪلاڪ بچيو. بقول قاضي صاحب جي ”آخر شهر
جا معزز ماڻهو ۽ ٻيا علم دوست گڏ ٿيا. 2 هزار رقم
پوري ڪرڻ لاءِ هٿوراڙيون هيون، مگر ڪنهن صاحب کوٽ
واري رقم پنهنجي گهران پيارڻ لاءِ رضامُندي نه
ڏيکاري. اهو وقت نازڪ هو، جو هيڏي ڪوشش وارو ڪم
صرف 325 روپيا نه هجڻ جي حالت ۾ شايد خراب ٿي پوي
ها. گڏ ٿيل ماڻهو آهستي آهستي هڪ هڪ ٿي مجلس مان
اٿڻ لڳا. اوچتو مونکي جوش اچي ويو ۽ مون اعلان ڪيو
ته اهي 325 روپيا آءٌ پنهنجي گهران ڏيان ٿو.
جيڪڏهن اوهان ڀائرن آهستگيءَ سان اها رقم مُونکي
واپس ڏني ته واه نه ته مون معاف ڪيا.“
اهڙي طرح ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم جي ابتدا ٿي.
ماڻهن ۾ انگريزي تعليم طرف چاهه گهٽ هو. عام ماڻهو
ديني تعليم کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا هئا، جنهن جو هر
شهر توڙي ڳوٺ ۾ خاطر خواهه بندوبست ٿيل هو. قاضي
صاحب جديد تعليم طرف چاهه پيدا ڪرڻ واسطي ۽ ماڻهن
۾ قرباني، ايثار ۽ اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ چار ڊراما
لکيا: ’ڪرشمه علم‘، ’خود قرباني‘، ’غلط رستو‘ ۽
’عدل جهانگيري‘. انهن جو عام ماڻهن تي اثر تمام
گهڻو پيو. خود سائين محمد عثمان ڏيپلائي به اهو
اثر قبولي ڊرامن طرف راغب ٿيو. شروع ۾ هن پنهنجا
ڊراما قاضي علي محمد صاحب کي اصلاح واسطي ڏنا.
قاضي صاحب ان ڏس ۾ لکي ٿو ته ”خاص طور ٻه ڊراما
’ڪرشمه علم‘ ۽ ’غلط رستو‘ جيڪي خاص تعليم بابت
شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ لکيا ويا هئا. اهي ٻئي ڊراما
نهايت مقبول ٿيا ۽ انهن ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو،
جو انگريزي تعليم جو چاهه تمام وڌي ويو، ڏيپلي شهر
جي نه رڳو ميمڻ بلڪه ٻين قومن به پنهنجن ٻچن کي
تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي. ٻهراڙي کان به شاگرد جام
اچڻ لڳا. جن لاءِ هاسٽل جو بندوبست ڪيو ويو.
انگريزي تعليم نهايت تيزي سان اڳتي وڌڻ لڳي.“
ڏيپلي ۾ هاءِ اسڪول جو قيام:
جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي، ته ڏيپلي کان علاوه ٻين
ڳوٺن ۽ شهرن جا شاگرد به تعليم لاءِ ڏيپلي جو رخ
ڪرڻ لڳا. انڪري مڊل کان پوءِ هاءِ اسڪول جي سخت
ضرورت محسوس ٿي. وري لوڪل بورڊ جا در کڙڪايا ويا.
اعليٰ انتظاميا سان شهر جي معززن جو وفد مليو،
جنهن ۾ قاضي صاحب به شامل هو. ان موقعي تي به قاضي
صاحب پنهنجي مدلل تقرير سان بورڊ انتظاميا آڏو
هاءِ اسڪول جي اهميت ۽ افاديت بيان ڪئي. جنهن کي
فوراً تسليم ڪيو ويو. بورڊ مطالبو مڃيندي، پئنچات
کان پنج هزار روپين جي گُهر ڪئي. بقول قاضي صاحب
جي: ”جنهن لاءِ وري به هڪ واري چندي جي مد ۾ وصولي
جو ڪم شروع ٿيو. آخري وقت تائين ڪل 4 هزار رپيا گڏ
ٿيا. هڪ هزار جي کوٽ پيدا ٿي، جنهن جو ان مهل ملڻ
ممڪن نه هو. وري به ساڳي صورتحال پيدا ٿي، جيڪا
مڊل اسڪول جي موقعي تي پيش آئي هئي. دوستن عزيزن
کي عرض ڪيو ويو، ته هي قومي ڪم آهي. ڪجهه اوڌر
سوڌر جي مدد ڪريو. مگر ڪنهن به هندان همت افزائي
نه ٿي. مجبوراً ان وقت به مون باوجود مالي
ضعيفيءَ جي اهو ذمو پنهنجي سر تي کنيو. جامع مسجد
ڏيپلي جا پئسا مون وٽ امانت پيل هئا، سي خرچ ڪيم.
بعد ۾ ترت اُهي مسجد جي فنڊ ۾ جمع ڪرايم. بعد ۾
ٿورا ڪي پئسا اسڪول جي مد ۾ گڏ ٿيا هئا، اهي مليا.
باقي رقم مون قومي ڪم ۾ سَجائي ڪئي.“ وڌيڪ لکي ٿو
ته:
”هاءِ اسڪول جي کلڻ سان تعليم جو چاهه وڌندو رهيو.
هن مان ڏيپلي جي ميمڻ قوم سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل
ڪيو. انهيءَ گلشن جي آبياري لاءِ وقتاً فوقتاً مون
سان گڏ ٻيا به ڪافي دوست خير جو ڪم سمجهي ڪندا
رهيا. جنهن ۾ غريب شاگردن جي امداد ٿيندي رهي ۽ ڪم
ڌڻي پاڪ جي فضل سان هر طرح ڪامياب رهيو. اڄ به
ڏيپلي جا ڪيترائي نونهال جن هن چمن مان پرورش
پاتي، اهي سرزمين سنڌ تي ڪيترن ئي وڏن عهدن تي
فائز آهن ۽ ڪو به اهڙو کاتو نه ٿو سُجهي، جنهن ۾
اسان جي باغ جو ڪو به گل پنهنجي خوشبوءِ نه
ڏيکاريندو هُجي.“]ذاتي
ڊائري: 2 مئي 1966[
ڏيپلي ۾ اسلامي تعليم پکيڙڻ لاءِ به قاضي صاحب
تحرڪ ورتو. اسلامي درسگاهه ۾ عربي، فارسي ۽ ديني
تعليم ڏني ويندي هُئي. مدرسي جو مُعلم مولوي حاجي
احمد ميمڻ هو. مدرسي ۾ ڏيپلي کانسواءِ ٻين ڳوٺن جا
طالب به اچي پڙهندا هئا. ان کان پوءِ ساڳي طرز جو
ڇوڪرين لاءِ به قاضي صاحب جي ڪاوشن سان هڪ مدرسو
قائم ڪيو ويو. جيڪو پوءِ ”گرلس مُلا اسڪول“ ۾
تبديل ٿي ويو. سرڪار ان جو مينيجر قاضي صاحب کي
مقرر ڪيو ۽ گرانٽ جا پيسا سندس نالي ايندا هئا.
آخر سندس ڪوشش سان گورنمينٽ پرائمري اسڪول قائم
ٿيو ۽ سڀ ڇوڪريون ان ۾ داخل ڪرايون ويون. اهو
اسڪول اڃا تائين قائم آهي.
ويلفيئر ميمڻ ايسوسيئيشن جو قيام
نئين دور جي گُهرجن کي سمجهڻ، سماجي مسئلن کي گڏجي
حل ڪرڻ، پاڻ ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ واسطي قاضي
صاحب سال 1949 ۾ ڏيپلي ۾ ”ويلفيئر ميمڻ
ايسوسيئيشن ڏيپلي“ جو وجود عمل ۾ آندو. جنهن ۾،
شهر جي سڀني چڱن، مٺن توڙي مُکين کي گڏ ڪيو ويو.
ان موقعي تي قاضي صاحب برادريءَ آڏو تنظيم جي مول
متن کي نهايت سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو. کيس تقرير ڪرڻ
۽ پنهنجي مدعا بيان ڪرڻ تي مڪمل دسترس حاصل هئي.
کيس عربي ۽ فارسي زبانن تي به عبور حاصل هو. ايتري
قدر جو هڪ جيڏن سان هفتن جا هفتا فارسيءَ ۾ بيت
بازي ڪندو هو ۽ اڪثر سندس ٽولي کٽي ايندي هئي. ان
وقت سندس هم ڪلاسين ۾ محمد عثمان ڏيپلائي به هو،
جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته: ’ڪڏهن هو پهريون نمبر
ايندو هو ته ڪڏهن وري مان کيس مات ڏئي ويندو هوس.
بيت بازيءَ وارن، مقابلن ۾ هڪٻئي جا مخالف ٿي
ويهندا هئاسون.‘
برادريءَ ۾ نهايت فصاحت سان تقرير ڪرڻ ۽ ايمانداري
واري ڪردار سبب سڀني جي راءِ اها بيٺي، ته کيس
ايسوسيئيشن جو صدر مقرر ڪيو وڃي. ان لاءِ مٿس زور
بار به وڌو ويو، پر هن تنظيم کي پائدار بنيادن تي
هلائڻ لاءِ پنهنجي قرباني ڏني ۽ ڳوٺ جي جهونن ۽
مکي ماڻهن کي اڳتي آندو. ان ڏس ۾ هو لکي ٿو ته:
”سال 1949 جي شروع ۾ ڏيپلي جي ميمڻ قوم کي هڪ پليٽ
فارم تي آڻڻ لاءِ منهنجي دل ۾ خواهش پيدا ٿي. مون
انهيءَ ڳالهه جو پرچار شروع ڪيو ۽ پنهنجا هم خيال
ساٿي پيدا ڪرڻ ۾ لڳس. اسان شهر جي نوجوانن جي هڪ
ميٽنگ گهرائي ۽ مون ان ۾ مٿئين موضوع تي تقرير
ڪئي. جنهن جو سٺو اثر پيو ۽ نوجوانن اسان جي سڏ کي
لبيڪ چيو. ٿوري ئي وقت ۾ چڱا ميمبر شامل ٿي ويا.
ايسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ مسٽر غلام حسين طاهراڻي
مقرر ڪيو ويو. انهيءَ ڳالهه ۾ منهنجو خاص هٿ هو.
مونکي ان وقت ڏيپلي شهر جي عوام ۾ الحمدلله چڱي
عزت حاصل هئي ۽ اڪثر ماڻهن تي منهنجي اخلاق۽ نيڪ
نيتي جو چڱو اثر هو. مونکي انهيءَ جماعت جو صدر
مقرر ڪرڻ لاءِ گهڻن ماڻهن جو رايو آيو. مگر مون
انهن کي ٻڌايو، ته مون کان وڌيڪ موزون مسٽر
طاهراڻي ثابت ٿيندو“.
ايسوسيئيشن جي ڪري، شهر ۾ امن امان جي صورتحال
بهتر ٿي. شهر ڏانهن لچ لوفر جو اچڻ وڃڻ بند ٿي
ويو. جماعت جي ميمبرن مان ٽوليون مقرر ڪري شهر ۾
پهرو ڏنو ويندو هو. جنهن سبب رات جو به امن ۽ سڪون
هوندو هو.
اولاد جي تعليم:
قاضي علي محمد کي جيئن ته تعليم سان بيحد پيار هو
۽ سندس ئي ڪوششن سان ڏيپلي ۾ مڊل بوائز ۽ گرلس
اسڪول قائم ٿيا هئا، جيڪي اڳتي هلي سندس ئي ڪوششن
سان هاءِ اسڪول ٿيا. ان دور ۾ نياڻين کي انگريزي
پڙهائڻ سٺو نه سمجهيو ويندو هو. قاضي صاحب جيئن ته
روشن خيال ۽ جديد فڪر وارو ماڻهو هو، کيس پهريون
اولاد به نياڻين جو هو. انڪري هن ابتدا پنهنجي
ٻارن سان ڪئي. 1956 ۾ جئين ئي ڏيپلي ۾ گرلس اي وي
ڪلاس شروع ٿيا ته هن پنهنجي وڏي نياڻي کي ان ۾
داخلا وٺي ڏني. اهي ڪلاس اٺن درجن تائين هوندا
هئا. وڌيڪ پڙهائڻ لاءِ خانگي طور بندوبست ڪيو
ويو. اهڙي طريقي سان قاضي صاحب پنهنجي پنجن ئي
نياڻين کي تعليم ڏياري. نه صرف ايترو بلڪه جڏهن
محسوس ڪيائين ته وڌيڪ تعليم لاءِ شهر ۾ ڪو بندوبست
ٿيڻ گهرجي ته ان لاءِ هن پنهنجي وڏي نياڻي کيB.Ed لاءِ
حيدرآباد موڪليو. جنهن سال 1969 ۾ فرسٽ ڪلاس ۾
امتحان پاس ڪيو. ساڳئي سال ۾ ڏيپلي ۾ گرلس مڊل
اسڪول قائم ٿيو، ته سائين جي نياڻي ان ۾ پهرين
هيڊمسٽريس مقرر ٿي. ان کان پوءِ قاضي صاحب جون
وڌيڪ ٻه ٻيون نياڻيون به گرلس هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر
مقرر ٿيون.
قاضي صاحب کي وڏي سِڪ ۽ اُڪير کان پوءِ پنجن ڌيئرن
مٿان پٽ جو اولاد ٿيو. جنهن جو نالو ’شاهد پرويز‘
رکيائين جنهن کي ابتدائي تعليم ڏيپلي مان ڏياري ۽
اٺين جماعت ۾ داخلا لاءِ 1974 ڌاري ڪيڊٽ ڪاليج
پيٽارو ۾ داخل ڪرايو. شاهد پرويز انتهائي ذهين ۽
اخلاق وارو ڇوڪرو ثابت ٿيو. کيس نائين جماعت ۾ 150
رپيا اسڪالر شپ ملڻ لڳي. اڳتي هلي شاهد پرويز MBBS پاس
ڪري، ڊاڪٽر بڻيو. ان بعد CSS جو
امتحان 1989 ۾ پاس ڪري، سول سروسز ۾ آيو. هن وقت
سنڌ ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. سندس ذاتي زندگيءَ
تي پنهنجي والد صاحب جي تربيت ۽ عملي زندگيءَ جو
اولڙو پسي سگهجي ٿو. کيس پنهنجي والد صاحب جي عملي
زندگي، ڪردار ۽ سماجي ڪمن تي فخر آهي.
سندس ٻيو پٽ قاضي مشهود به ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان
پڙهي، مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو. جتان ڪمپيوٽر
سسٽم جي پهرين بئچ 1984 ڌاري پاس ڪيائين. هن وقت
ڪينيڊا ۾ انفارميشن ٽئڪنالاجي (I.T)
جو ڪنسلٽنٽ آهي.
قاضي صاحب جي ڪوششن جو ئي نتيجو آهي جو اڄ ’ڏيپلو
شهر‘ سڄي سنڌ ۾ خواندگيءَ جي لحاظ کان سڀني شهرن
کان مٿاهون آهي، نه صرف ايترو بلڪه ان شهر جا
پڙهيل ماڻهو سڄي ملڪ ۾ پنهنجين صلاحيتن آڌار اعليٰ
عهدن تي فائز آهن.
قاضي علي محمد 80 ورهين جي ڄمار ۾ پهرين مارچ 1988
تي وفات ڪئي، سندس تربت، سندس تعليمي دوست سائين
ابوطالب جي ڀر ۾ بابن شاهه قبرستان حيدرآباد ۾
آهي. |