ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو
سنڌ
۾ اسلام/ سنڌي شخصيتون ۽ سنڌ
جي شين جو واهپو
ان هوندي به محققن ۽ تاريخ جي کوجنا ڪندڙن رنڊا
روڙي هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي ته انسان جي پئدائش کان
وٺي مٿانس چار زمانا گذريا آهن، جنهن کي تاريخ کان
اڳ وارو دؤر چيو وڃي ٿو.(2)
الف: برفاني دؤر
ب: پراڻو پٿر وارو دؤر
ج: نئون پٿر وارو دؤر
د: ڌاتن وارو دؤر
انڪري سندن تاريخي دؤر جي ڪهاڻي پڻ ٽن ڀاڱن ۾
ورڇيل آهي.(3)
1- قديم تهذيب جي تاريخ
2- وچين دؤر جي تاريخ
3- نئين دؤر جي تاريخ
انسان جيترو قديم آهي ته ان جي تاريخ به اوتري ئي
پراڻي آهي، اوائل ۾ هو پوشاڪ لاءِ جانورن ۽ وڻن جو
کَلون ڍڪيندو هو ۽ غارن ۾ رهندو هو، سندن کاڌو
جهنگلي ميوا ۽ وڻن جون پاڙون هو.(4)
سنڌ ڀاڳ ڀريو پرڳڻو:
جيئن ته سنڌ پراڻي زماني کان ئي مصر ۽ بائيبل
وانگر تهذيب ۽ تمدن جي مالڪ رهي آهي، باقي هيءُ
خيال ته آرين جي اچڻ کان پوءِ ئي تهذيب واري ٿي،
سا ڳالهه بلڪل درست نه آهي(5) سنڌ جون ڪي ڳالهيون
عيسائين جي انجيل ۾ ته ڪي وري پارسين جي زند
اوستا ۾ به آهن.(6)
سنڌ جون سرحدون ۽ پکيڙ:
سنڌ جي پکيڙ بابت اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن
وقت اٽڪل ايشيا کنڊ جو وڏو حصو سنڌ چورائيندو هو،
پوءِ وقت سان سندس سرحدون ويون سُڪڙنديون. اصل ۾
سنڌ جون حدون مختلف زمانن ۾ مٽ سٽ پي رهيون آهن،
ڇو ته سنڌ جي حاڪمن جو قبضو جنهن حد تائين رهيو،
تنهن کي سنڌ چوندا هئا، اسلام اچڻ وقت سنڌ جي حد
اُتر ۾ جهلم نديءَ جي منهن تائين هئي، ايستائين جو
ڪشمير جا ڪي هيٺيان ضلعا به سندس حدن ۾ شامل هئا،
اُتر کان اولهه تائين هيلمند درياءِ/اولهه کان ڏکڻ
تائين ايران ۽ موجوده سنڌ جي سرحد سميت مڪران جي
اولهه واري ٻيٽ تائين، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ ڏکڻ اوڀر
۾ ڪڇ، راجپوتانا ۽ جيسلمير جي سرحدن سان وڃي لڳي،
انهي حساب سان ائين کڻي چئجي ته موجوده سمورو
پاڪستان قديم سنڌ هو، جنهن ۾ افغانستان جو هيلمند
درياءِ ڀارت جو جوڌپور وارو علائقو به شامل هو(7)،
جيئن ته قديم سنڌ جي حد سنڌونديءَ واري سڄي ماٿري
۽ اُتر قنڌار کان وٺي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ تائين ۽
اوڀر طرف راجپوتانا کان وٺي ايران جي حد تائين
هوندي هئي. پراڻي زماني ۾ جيڪي سنڌ جي ڀاڱن جا
مکيه راجا هئا، تن جي گادين جا هنڌ سبي، ملتان،
الور، سيوستان، برهمڻ آباد ۽ پٽيالا هئا، پوءِ
جيئن جيئن حڪومتن جا دؤر ويا مٽبا، تيئن سنڌ ملڪ
جي پکيڙ وئي گهٽبي(8)، تنهنڪري هاڻي سنڌ جي موجوده
جاگرافيائي پکيڙ وڃي هن ريت بيٺي آهي:
اُتر طرف پنجاب ۽ بلوچستان جو صوبو، ڏکڻ طرف رڻ ڪڇ
۽ عربي وڏو سمنڊ، اوڀر طرف ڀارت جو علائقو راجستان
۽ اولهه طرف بلوچستان ۽ عربي سمنڊ آهي، سنڌ کي ڇهه
قدرتي ڀاڱا آهن: هڪ سِرو، ٻيو وچولو، ٽيون لاڙ،
چوٿون ٿر، پنجون جابلو علائقو ۽ ڇهون سامونڊي
ڪنارو اٿس.(9)
سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن:
سنڌ جڳن کان ئي سکيو ستابو ۽ ڀريو ڀاڳيو پرڳڻو
رهيو آهي، جيئن دنيا ۾ چار وڏيون پراڻيون تهذيبون
ٿي گذريون آهن(10) ته اهڙي ريت سنڌ به ساڻن
ڪلهوڪلهي سان ملائي پئي هلي ۽ تهذيب ۽ تمدن جي
دولت سان مالامال هئي.
سنڌ ۾ اسلام جي واڌ ويجهه:
هن ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان پهريان اسلام جو آواز سنڌ ۾
پهتو، خود پاڻ ﷺ جي دؤر ۾ سندن پنج صحابي سنڌ آيا،
جن مان ٻه هتان جي ڪجهه سنڌين کي وٺي مديني وڃي
رسول الله ﷺ سان ملايو، جڏهن ته باقي ٽن ڄڻن هتي
دينِ اسلام جي تبليغ کي جاري رکيو(11).
هي چوڻ ته سنڌ ۾ اسلام محمد بن قاسم ثقفيءَ جي
ڪاهه کان پوءِ آيو، سو نسورو ناحق آهي، جيڪي ماڻهو
ائين چوندڙ آهن سي حقيقت کان ڪوهين ڏور آهن، جڏهن
ته سنڌ ۾ اسلام پاڻ ڪريمنؐ جي زماني کان ئي اچي
چڪو هو.
سنڌين جي پاڻ ؐ جن وٽ حاضري:
ان ويري سنڌ مان ٽولن جا ٽولا اطاعت گذاري جا
پيغامَ کڻي حجاز روانا ٿيندا هئا، اهڙو هڪ سنڌ
وارن جو جٿو نبي ڪريم ﷺ جي خدمت ۾ پهتو ۽ اسلام
قبوليائون. ان ٽولي پڄاڻان اڃا ٽي ڏينهن ئي مس
لنگهيا، جو پاڻ ﷺ جن هن دنيا مان برقعو مٽايو،
سندن رضا ڪرڻ بعد چئن ئي خليفن ۽ اموي دؤر کان
ويندي عباسين تائين سنڌ مان آڻ مڃي ۽ امن جو پيغام
کڻي اهڙا ٽولا ويندا رهيا، ايستائين جو سن 134هه ۾
عباسين جي پهرين حاڪم ابوالعباس عبدالله بن محمد
السفاح(12) جي درٻار ۾ سنڌين جي هڪ وفد جي حاضري
معلوم ٿئي ٿي. تاريخ دمشق جي مصنف حافظ ابن
عساڪر(13) عيسيٰ بن علي(14) جي هڪ زباني روايت
آندي آهي، جنهن جو تت هن ريت آهي:
”عيسيٰ بن علي چوي ٿو ته مان تاريخ 9 ذوالحج 134هه
تي صبح جو ابوالعباس وٽ ويس، جو ان وقت ”انبار“
شهر ۾ لٿل هو، ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿي، وري شام جو
ٻيو ڀيرو ڏانهس پي ويس ته ٻاهرين وڏي دَرَ وٽ هڪ
ننڍي قد جو سهڻي شڪل وارو ماڻهو مليو، سلام چوڻ
بعد ٻڌايائين ته هو سنڌ وارن جي طرفان عباسي سلطنت
لاءِ فرمانبرداري جو سنيهو کڻي آيو آهي، سو وڃي
اميرالمؤمنين کي مبارڪ ڏي ۽ کيس سندن اچڻ جو
ٻڌاءِ. ان وقت مان (عيسيٰ بن علي) خوشيءَ وچان
ڪپڙن ۾ نٿي ماپيس. بس ان ئي ارادي ۾ هئس ته تڙتڪڙ
۾ وڃي اميرالمؤمنين سان احوال اوريان ته، اوچتو هڪ
ٻي شخص سڏ ڪيو، سلام ۽ مبارڪ ڏيندي چيائين ته ادا
مان آفريڪا وارن کان عباسي حاڪمن جي اطاعت گذاري
جو پيغام کڻي آيو آهيان، سو اميرالمؤمنين کي اها
خبر ڏي.
عيسيٰ بن علي ٻڌائي ٿو ته هاڻي ته سندس خوشي ٻيڻي
ٿي وئي، بس جيئن ئي اندر محلات ۾ گهڙيس ته خبر پئي
ته اميرالمؤمنين نماز پيو پڙهي، مان جڏهن اتي پهتس
ته پاڻ نماز کان واندو ٿي چڪو هو، هٿ ۾ ڪنگي هئس،
جو پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار سنواري رهيو هو، مون
مبارڪ ڏئي پيرائتي ڳالهه ٻڌائڻ گهري ته، اي
اميرالمؤمنين! هينئر دروازي تي ٻه ماڻهو مليا، جن
مان هڪڙو سنڌ وارن طرفان عباسي سلطنت جي اطاعت
گذاري ۽ فرمانبرداري جو پيغام کڻي آيو آهي. بس مون
اڃا ايترو مس چيو ته سندس منهن جا پنا لهي ويا ۽
گهٻرائجي چوڻ لڳو ته پڪ سان ٻيو ماڻهو آفريڪا وارن
طرفان اهوئي نياپو کڻي آيو هوندو؟ مون وراڻيو جي
اميرالمؤمنين! منهنجي انهي ورندي کان پوءِ سندس
هٿن مان ڪنگي ڪِري پئي وڏو شوڪارو ڀري چوڻ لڳو
سبحان الله، بس هر شيءِ فاني آهي رڳو الله جي ذات
ئي باقي آهي. او او!!! منهنجو ته وقت پورو ٿي ويو.
وري مون (عيسيٰ بن علي) ڏانهن حسرت ڀري نگاهه
ڌريندي چيائين ته، عيسيٰ! هي خوشخبري نه پر تون ته
منهنجي موت جو پروانو کڻي آيو آهين، ڇو ته امام
ابراهيم روايت ڪري ٿو ته کيس ابو هاشم عبدالله بن
محمد (بن علي بن ابي طالب) ٻڌايو، وري ان کي سندس
ڏاڏي حضرت عليؓ جنهن رسول الله ﷺ کان ٻڌو، تن
فرمايو ته:
”مون وٽ مدينہ ۾ هڪ ئي ڏينهن اطاعت ۽ فرمانبرداري
جو پيغام کڻي اچي ٻه ٽولا پهچندا، تن ۾ هڪ سنڌ
وارن جو ۽ ٻيو آفريڪا وارن جو هوندو. بس ان جي ٽن
ڏينهن بعد مان (رسول الله ﷺ) هن دنيا مان لاڏاڻو
ڪندس.“
۽ ٿيو به ائين ئي ابوالعباس چيو ته اهڙا ئي ٻه
وَفد اڄ مون وٽ به اچي پهتا آهن، سو ٽن ڏينهن کان
پوءِ مان به مري ويندس. مون (عيسيٰ بن عليؓ) کيس
ڏاڍيون آٿت ڏنا ته، اميرالمؤمنين ائين نه ٿيندو،
الله سائين اوهان جي ڄمار ججهي ڪري، پر منهنجي هڪ
به نه پي ٻڌائين. اصل صفا ڪا کُکي وئي هئس. مون کي
چيائين ته دنيا ۾ اڃا رهڻ مان به چاهيان ٿو، پر جي
منهنجو موت رسول الله ﷺ جي ان اڳڪٿي واري حديث جي
نسبت سان ٿئي ٿو ته مون کي ٻيو ڇا گهرجي ۽ ماڻهو
لاءِ ڀلو اهوئي آهي ته رسول الله ﷺ سان گهڻي کان
گهڻي محبت ڪري.
اي عيسيٰ ابن عليؓ! هي جيڪو ڪجهه توکي ٻڌايو اٿم،
سو سچ ئي آهي.
هن ڳالهه جي ٽن ڏينهن بعد تاريخ 13 ذوالحج سن
134هه تي ابوالعباس سفاح گذاري ويو، سندس وفات
”انبار“ شهر ۾ ٿي(15)، ان وقت سندس عمر 63 ورهيه،
خلافت جو زمانو 4 سال 8 مهينا، سندس زبان تي آخري
لفظ هيءُ هئا:
”حقيقي بادشاهت الله حيُّ القيوم جي لاءِ آهي، هو
بادشاهن جو بادشاهه ۽ ڏاڍن کان ڏاڍو آهي.“(16)
سنڌ ۾ صحابين جو اچڻ:
جيئن اسين مٿي چئي ڇڏيو آهي ته رسول الله ﷺ جن
پنهنجي حياتيءَ ۾ پنج صحابين جو هڪ ٽولو سنڌ وارن
ڏانهن موڪليو. سندن هيءُ جماعت جڏهن نيرون ڪوٽ
(حيدرآباد) ۾ پهتي ته هتان جي ڪيترن ئي سنڌين
اسلام آندو، اها روايت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
پنهنجي بياض ۾ ڏني آهي، جا هت ڏئي رهيا آهيون:
”روي انّ رسول الله ﷺ ارسل کتابه الي اهل السند
علي يد خمسة نفر من اصحابه رضي الله عنهم، فلما
جاؤوا الي السند في قلعة يقال لها ”نيرن“ اسلم بعض
اهلہ“ (17).
روايت ڪئي وئي اهي ته رسول الله ﷺ پنجن صحابين کي
پنهنجو پيغام ڏئي، سنڌ وارن ڏانهن موڪليو، جڏهن
اهي هڪ قلعي ۾ پهتا، جنهن کي ”نيرن“ چيو ويندو هو
ته ان حڪم کي مڃيندي سنڌ جي ڪيترن ماڻهن اسلام
قبول ڪيو. ان وفد مان ٻه صحافي (نوان مسلم) سنڌين
کي وٺي پاڻ ﷺ جن سان ملائڻ لاءِ مدينہ ڏانهن راهي
ٿي ويا، جڏهن ته باقي ٽي هتي ئي رهي پيا، جن
پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ ۾ گهاري ۽ هتي ئي دفن ٿيا،
اجهو ڏسو هي عبارت:
”ثم رجع مين اصحابہ اثنان مع الوافد عليہ مت السند
و يقي ثلاثہ منهم في السند و اظهر اهل السند
الاسلام و بيّنو اهل السند الاحڪام و ماتوفيہ و
قبورهم فيہ الاٰن موجودة“(18).
ان روايت جي وڌيڪ توثيق بياض هاشمي جي هڪ ٻي نسخي
مان ٿئي
ٿي، جو علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي وٽ موجود هو، تنهن
۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي لکي ٿو ته:
”وحدت هذه الرواية مکتوبة بحظ المخدوم جعفر
البوبکاني رحمہ الله تعاليٰ، هٰکذا سمعت مِن
المخدوم حافظ بن مخدوم بايزيد-12 (مخدوم) هاشم
غفرلہ.“(19)
(مخدوم محمد هاشم ٺٽوي فرمائي ٿو ته، مون مخدوم
بايزيد ٺٽوي کان ٻڌو، جو چوي پيو ته هن مخدوم جعفر
بوبڪائي جي ان بابت لکيل عبارت پاڻ به ڏٺي
هئائين).
هاڻي هيءُ ڳالهه صفا چٽي ٿي وئي ته اهو نيرن
(نيرون ڪوٽ/حيدرآباد) ئي آهي، جتي حضور ﷺ جن صحابہ
کي موڪليو، انهن پنجن مان ٻه اصحابي ڪجهه سنڌين جو
وفد وٺي مدينہ ڏانهن سندن خدمت ۾ پهتا. ٿي سگهي ٿو
ته، هي اهو ئي وفد هجي، جو سندن پهچڻ جي ٽن ڏينهن
بعد پاڻ هن دنيا مان رضا ڪيائون، جيئن مٿي سندن
اڳڪٿي بيان ٿي چڪي ته ”هڪ ڏينهن مون وٽ ٻه وفد
ايندا، هڪ سنڌ وارن جو ۽ ٻيو آفريڪا وارن جو، ان
جي ٽن ڏينهن بعد مان هن دنيا مان لڏيندس.“
هن مان هي به ڄاڻ ملي ٿي ته رسالت واري دؤر ۾ نيرن
ڪوٽ (موجوده حيدرآباد) سنڌ جي گاديءَ وارو شهر
هوندو، پر جي ائين نه به هجي، پوءِ به مرڪزي ۽ اهم
شهر ضرور هوندو، جنهن جي اهميت کي ڏسندي پاڻ ﷺ جن
اسلام جو پيغام ڏئي پنهنجن صحابين کي هيڏانهن
موڪليو.
سنڌي قبيلا عرب ۾:
علم ۽ تحقيق وارن وٽ هيءُ ڳالهه مڃيل آهي ته پاڻ ﷺ
جي ولادت کان اڳ سنڌ جون سرحدون ايتريون ڪشاديون
هيون جو وڏي کنڊ ايشيا جو ڳچ حصو منجهس اچي ٿي
ويو، تنهن ويري هن ننڍي کنڊ سوڌو سڄو علائقو ”سنڌ“
چوڻ ۾ ايندو هو، جو گهڻو پوءِ حرفن جي اڳي پوءِ
ٿيڻ ڪري ”هند“ چورائڻ لڳو(20) بعد ۾ عرب واپارين
نکيڙ ڪري ”هند ۽ سنڌ“ کي الڳ الڳ به پڪارڻ شروع
ڪيو، پر ڪڏهن ڪڏهن هُو هن ساري خطي کي ”هند“ به
چوندا هئا.(21)
رسالت واري زماني کان اڳ ئي عرب ملڪن ۾ هندوستان
جون قومون ۽ قبيلا اتي آباد هئا، جن کي عرب سڳورا
پنهنجي ٻوليءَ ۾ سندن قبيلي زط/اساوره،
سيابجہ/سبابجہ، احامره، ميد، بيامره ۽ تڪاڪره(22)
جي نالن سان سڏيندا هئا.
ڪنهن ملڪ جي ماڻهن کي ايترن نالن ۽ لقبن سان پڪارڻ
چٽو دليل آهي ته اتي سندن ڳاڻيٽو ججهو هو ۽ پاڻ هر
طرف مشهور هئا. هي ماڻهو بصره کان عمان ۽ بحرين جي
سامونڊي ڪنارن سان رهي رڍون، ٻڪريون ۽ اُٺ پالي
پنهنجو گذرسفر ڪندا هئا(23) جيئن ته عربن ۽
هندوستانين ۾ وڏي حد تائين طبعي هڪجهڙائي هئي،
جنهنڪري هو وڏي آسانيءَ سان عرب ثقافت جو حصو ٿي
ويا(24).
سنڌ ۽ عرب جو لاڳاپو:
نبوّت واري دؤر کان اڳ ئي سنڌ وارن جو عربن سان لڳ
لاڳاپو هو، هتان جا ماڻهو نه رڳو دنيا ۾ پکڙيل
هئا، پر انهن علائقن ۾ سندن وڏو اثر رسوخ به هو،
ايستائين جو اُتان جا ڏيهي رهاڪو کانئن گهڻو ڊنل ۽
نفسياتي دٻاءَ جو شڪار هئا. ان جو مثال هيءُ آهي
جو جڏهن حبشين يمن تي قبضو ڪيو ته اتي سنڌي ماڻهو
اڳ ۾ ئي جامَ رهندا هئا، سو يمن جي بادشاهه سيف ذي
يزن ڀڄي وڃي ايران ۾ پناهه ورتي ۽ ڪسريٰ نوشيروان
کي مدد جي اپيل ڪندي چيائين ته، بادشاهه سلامت
وارو ڪر هُو منهنجو ملڪ واولاري ويا! نوشيروان
کانئس پڇيو ته ڀلا ٻڌاءِ ته صحيح تنهنجي ملڪ تي
ڪهڙن ماڻهن قبضو ڪيو آهي اُهي حبشي آهن يا سنڌي!
اجهو ڏسو ذي بزن جا پنهنجا الفاظ:
”فقال يا ايها الملڪ غَلَبتُنا علي بلادنا
الاغربة، فقال لہ کسريٰ اَيّ الاغربة الحبشة ام
السند، فقال بل الحبشة“.(25).
سيف ذي يزن جي هن فرياد کي ٻڌي ڪسريٰ چيو:
”قال قد علمت ان بلادکم کما وصفت فاي السودان
غلبوا عليها الحبشة ام السند“.(26)
مون کي خبر پئي آهي ته تنهنجو ملڪ ڏاڍو آسودو ۽
سکيو ستابو آهي، سو ڪهڙن ڪارن ماڻهن اچي قبضو ڪيو
آهي اهي حبشي آهن يا سنڌي؟
هنن ٻن بادشاهن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه مان معلوم ٿئي
ٿو ته رسول الله ﷺ جي ولادت کان ٿورڙو پوءِ عرب جي
اوڀر ۾ ڏاکڻي علائقي ۾ ڪيتري قدر سنڌي موجود هئا ۽
ڪيڏو نه سندن اثر ۽ شان و شوڪت هو، هي واقعو پاڻ
ڪريمنؐ جي ولادت کان بعد جو آهي، ڪن جو چوڻ آهي ته
بس مڙئي ٻه ورهيه پوءِ جو آهي.
نبي سائينؐ جي ڄمڻ کان پوءِ سن 575هه ۾ يمن تي
ايران وارن قبضو ڪيو. جڏهن ته پاڻ ڪريمؐ سنه 571هه
۾ هن دنيا ۾ آيا، يمن تي مسروق بن ابرهه چڙهائي
ڪئي، سندس پيءُ ابرهه پنهنجي حڪومت جي ڏينهن ۾
ڪعبة الله مٿان پڻ ڪاهي آيو هو ۽ هن واقعي جي 55
ڏينهن کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ پيدا ٿيا، ذي يزن جي
دانهڻ تي نوشيروان پنهنجو لشڪر موڪلي يمن مٿان
ڪاهيو ۽ عراق کان وٺي يمن تائين سڄو علائقو پنهنجي
هٿ هيٺ آندو.(26)
سنڌي سوداگر:
عام طور سنڌين لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته هو
پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نه نڪرندا آهن ۽ سنڌي گهمندڙ
ڦرندڙ قوم نه آهي، سو هن خيال ۾ ڪابه سچائي ڪانه
آهي اڄ به دنيا ۾ سنڌي پوءِ کڻي هندو ڇو نه هجن،
ڪاروبار تي ڇانيل آهن. هتان جي ماڻهن جا ٻاهرين
دنيا تائين تجارتي سفر هلندا هئا، جنهنڪري پاڻ نه
رڳو هندوستان جي ڀر وارن ملڪن ۾ رهڻ لڳا، پر اتي
پنهنجو تمدني اثر به ڇڏيائون. اهوئي سبب آهي جو
مغربي ايشيا جي ملڪن جهڙوڪ يمن، بحرين، سمار، قطر
۽ حضر موت جي سامونڊي ڪنارن مٿان سنڌي ماڻهو رهڻ
لڳا، هي ماڻهو عربن وٽ پنهنجن قبيلن سان سڃاتا
ويندا هئا، ان ڪري کين زط (جَتُ) سبابجہ(27)
اساوره ۽ سامره ڪري پڪاريو ويندو هو. ۽ هي ماڻهو
انهن علائقن ۾ گهڻي تعداد ۾ موجود هئا(29).
واپاري لحاظ کان سنڌين ۽ عربن جو پاڻ ۾ گهاٽو
لاڳاپو هو، ان سلسلي ۾ سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته:
هزارين سال اڳ عرب واپاري سنڌ جي ڪنارن تائين
ايندا هئا ۽ هتان گهڻيون شيون خريد ڪري شام ۽ مصر
کان ويندي يورپ جي منڊين ۾ وڃي مال کپائيندا هئا.
اڳتي ندوي صاحب لکي ٿو ته، ڪيترا عرب واپاري ته
پنهنجو ملڪ ڇڏي اچي سنڌ جي ساحلي شهرن ۾ آباد
ٿيا(30) نه رڳو عرب تاجر هتي آيا، پر ان کان به
اڳي سنڌي واپاري عرب ملڪن ۾ ويا ۽ انهن ئي وڃي کين
سنڌ جي زرخيزي ۽ شادابي بابت ٻڌايو. اهڙي طرح انهن
ٻنهي قومن جو پاڻ ۾ رشتو مضبوط ٿيو، هي اسلام کان
اڳ جو دؤر آهي.
عربستان ۾ سنڌي واپارين جي ايتري گهڻائي هئي، جو
هڪ عيسائي مصنف ڊاڪٽر اولري لکي ٿو ته، قديم
عيسائي مذهبي ڪتابن ۾ عربن کي (هندوستاني) سنڌي
چيو ويو آهي. سنڌي تاجر عربن جي وڏن وڏن ميلن ۾
شرڪت ڪندا هئا. ان سلسلي ۾ ابوزيد لکي ٿو ته، سنڌي
واپاري جڏهن سيراف ايندا هئا ته اتان جا عرب سندن
دعوت ڪندا هئا، سندن تعداد ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ سؤ
ماڻهن کان به چڙهي ويندو هو(31).
سنڌي ۽ موسيٰ ڪليم:
حديث جو صحيح ۽ اعتبار جوڳو ڪتاب بخاري شريف آهي،
تنهن ۾ آيل سڀ روايتون گهڻي قدر تصديقي ۽ سچيون
آهن، ان ڪتاب جي حوالي سان ٻڌائجي ٿو ته آخري
پيغامبر حضرت ﷴ ﷺ کي سنڌ جي ماڻهن خاص ڪري ”جت“
قبيلي بابت ايتري معلومات هئي جو پاڻ ڪريمنؐ بني
اسرائيل جي جليل القدر نبي حضرت موسيٰ عليہ السلام
سان جڏهن عالمِ مثال ۾ مليا ته ان جي قدآور شخصيت
۽ ڀوري رنگ جي ڪري کيس ”رجال الزط“ سان ڀيٽ ڏني،
جيئن بخاري جي هن هيٺ ڏنل حديث مان معلوم ٿئي ٿو:
”وَ اما موسيٰ فاٰدم جسيم سبط کانّہ رجال
الزط“(32).
(موسيٰ بت ۾ سٻر، گهنڊيدار وارن وارو، جهڙو ته جت
هو).
ياد رکڻ گهرجي ته ”جَتُ“ کي عربي ۾ زط ۽ پنجابي ۾
جاٽ چوندا آهن، هي قوم سنڌ ۽ پنجاب ۾ آباد آهي،
عرب جي قديم جاگرافي نويس ابن خرداذبہ، مڪران ۽
منصوره جي وچ ۾ سوين ميلن تائين جتن جو علائقو
ٻڌايو آهي، اهڙي طرح ايران کان سنڌ ڏانهن ايندڙ
رستي جو تفصيل بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”ومِن اول مکران الي المنصورة ثلاث مائة و ثمانية
و خمسون فرسخاً والطريق في بلاد الزط وهم حفاظ
الطريق“.(33)
(مڪران جي مهڙين ڇيڙي کان وٺي منصوره (سنڌ) تائين
ٽي سؤ اٺونجاهه فرسخ (هڪ هزار چوهتر ميلن) جي
وڇوٽي آهي، سان پوري جي پوري جتن جي آبادي سان
ٽنڊريل آهي. هي ماڻهو رستي رکوالا پڻ آهن).
هوڏانهن علامہ اصطخري به منصوره (سنڌ) کان وٺي
ملتان تائين جي وچ وارو علائقو جتن جو قرار ڏنو
آهي، ڏسو سندس هي قول:
وبلد السند هُو المنصورة واراضي الزط وما والاها
الي المولتان(34).
ڪجهه مؤرخن بلوچستان جي ماڻهن کي به جَتُ چيو آهي،
پر اسان جي خيال ۾ ته جت خالص سنڌ جو قبيلو آهي،
پنجاب، بلوچستان يا افغانستان ۽ ايران هتان سنڌ
مان ئي هجرت ڪري ويا هوندا(35) ٻيو هي سبب به آهي
ته انسان جڏهن جهنگلن مان نڪري ٻاهر آيو ته هڪڙا
درياهن ۽ سمنڊ ڪنارن تي ويهي مڇي مارڻ جو ڪم ڪرڻ
لڳا ته ٻيا وري خشڪيءَ تي اچي اُٺ پالي پنهنجو گذر
سفر ڪيو. پاڻيءَ جي ڀر وارا مهاڻا ۽ اُٺ پاليندڙ ۽
بار ڊوئيندڙ جَتَ سڏجڻ ۾ آيا، پوءِ کڻي اصل ۾ سندن
قبيلا ڪهڙا به هجن پر اُٺن جي ڪري مڙني کي جَتُ
سڏيو ويو. شايد انڪري هي ماڻهو عددي طور گهڻا ۽
وڏي ايراضي والاري ويٺا هئا.
علامہ جمال الدين مصري پنهنجي ڪتاب ”لسان العرب“
جي صفحي 308 تي هن طرح لکي ٿو:
”الزط جيل اسود من السند“
(جت سنڌ جي ڪاري رنگ وارو نسل آهي).
ڪجهه تاريخدان ته سنڌ، هند ۽ عربستان جو تعلق حضرت
آدم جي زماني کان ئي ٻڌائين ٿا. ان بابت مولانا
ابوالڪلام آزاد لکي ٿو ته: جڏهن آدمؑ کي جنت مان
ڪڍيو ويو ته، هو پاڻ سان حجر اسود به کڻي آيو هو ۽
هي ئي پٿر لنڪا ۽ هندوستان کان ٿيندو خانہ ڪعبہ
تائين پهتو(36). هن پٿر کي اسلامي مذهب ۽ بنيادي
حيثيت حاصل آهي، قديم زماني کان وٺي سنڌ ۽ عربن ۾
مذهبي هڪجهڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي جيئن ته عربن جا ٽي
مشهور بت مناة، لات ۽ عزا هئا. مناب معنيٰ تقدير
يا قسمت، جنهن کي عام طور هندو وڌاتا يعني بخت يا
نصيب جي ديوي، عُزا معنيٰ اعليٰ مرتبي وارو، هي
هندن وٽ زهره يا شڪر ديوتا آهي ۽ لات سورج جي
ديوتا آهي. هي ديوتائن جو فلسفو، سنڌ مان عرب ۾
پهتو، ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي لکي ٿو ته، جڏهن مڪہ ۾
ڪعبة الله جڙيو ته، سنڌ وارن ئي ان جو گهڻي کان
گهڻو طواف ڪيو، اسلام کان پهريان سنڌ جا ماڻهو
جڏهن به ڪعبة الله جي زيارت لاءِ ويندا هئا ته اتي
بتن جي پوڄا پاٽ ڪندا هئا(37) ڪجهه ورهيه اڳ لنڊن
۾ رهندڙ هڪ نوجوان نالي شاهنواز ڏاهر نالي سنڌ جي
تاريخ تي انگريزي ۽ سنڌي ٻنهي زبانن ۾ هڪ ڪتاب
لکيو، تنهن پڻ واضح طور لکيو آهي ته ڪعبة الله
واري ڪوٺي اصل ۾ سنڌي ماڻهن جي واپاري بيٺڪ هئي،
جڏهن به هتان سنڌي ويندا هئا ته اتي وڃي ٽڪندا هئا
۽ اتي رکيل بتن جي پوڄا پاٽ ڪندا هئا، گڏوگڏ دنيا
جي واپارين سان گڏجاڻيون به اتي ئي ٿينديون
هيون.(38)
ڏاهر صاحب جو خيال ڪيتريقدر درست آهي، تنهن لاءِ
مزيد کوجنا جي ضرورت آهي، باقي ڪعبي اندر بتن جو
هجڻ، پوڄا پاٽ ٿيڻ، لات، منات ۽ عزا، جي معنوي طور
سنڌين (هندن) ۽ عربن جا گڏيل بت آهن، جو موجود هجڻ
سي سڀ ڳالهيون صحيح آهن. هوڏانهن ڏسجي ته اسلام به
اڳ وارن ڪجهه ڳالهين کي ختم ڪيو آهي ته وري ڪن کي
زندهه به رکيو آهي، جيئن حج جا گهڻا تڻا رڪن، جي
قديمي ماڻهن وٽ به هئا ته اڄ به آهن، حجر اسود کي
چمڻ ۽ ڪعبي جي چوڌاري ست ڦيرا ڦرڻ وغيره.
سنڌي اسلام ۾ اڳڀرا:
جڏهن پاڻ ﷺ جن دعوت ۽ تبليغ شروع ڪئي ته سنڌ جي
ماڻهن کُلي دل سان اسلام قبول ڪيو ۽ آخري پيغامبر
جو ساٿ ڏنو، حديث جي ڪتاب جامع ترمذي جي ”ابواب
الامثال“ ۾ آهي ته هڪ ڀيري حضرت ابن مسعود پاڻ ﷺ
سان گڏ بيٺل هڪ ماڻهو ڏسي چوڻ لڳو ته، سائين هي ته
زط (جَتُ سنڌي) آهي(39) ان مان صاف ظاهر آهي ته
سنڌين ابتداء ۾ ئي اسلام قبول ڪيو هو، جو سندن پاڻ
ﷺ وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو.
علامہ ابن حجر عسقلاني پنهنجي ڪتاب ”الاصابہ في
معرفة الصحابة“ ۾ لکي ٿو ته، حضرت پير زطن سنڌي جو
هڪ ماهر طبيب هو، هي پهريون هندوستاني آهي، جنهن
اسلام قبول ڪيو. هن ئي دؤر ۾ يمن جي هڪ ايراني
حاڪم ”باذان“ اسلام آندو، هن حاڪم جي رعيت ۾ يمن
جا سنڌي به، جي اسلام ۾ داخل ٿيا.
سنڌين جي نبي سائين وٽ سڃاڻپ:
پاڻ ﷺ سنڌين کي سٺي نموني سڃاڻندا هئا، جڏهن نجران
جا عيسائي نبي ڪريمؐ سان ملڻ آيا، سو هو اڃا مسجد
نبوي وٽ بيٺا ئي هئا ته پاڻ چيائون هي ڪير آهن؟
ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌي ماڻهو! مخدوم هاشم ٺٽوي
پنهنجي بياض ۾ سنڌين جي وفد جو پاڻ تنهن کانسواءِ
حضرت علي سائين جي روايت ته هڪ ڏينهن پاڻ ڪريمنؐ
وٽ ٻه وفد آيا، هڪ آفريڪا وارن جو ۽ ٻيو سنڌين جو،
جن اسلام قبول ڪيو.(40)
سنڌي اهلِ بيت جو گهريلو طبيب:
حضور ﷺ جو گهريلو طبيب به هڪ سنڌي هو، امام بخاري
هڪ حديث بيان ڪئي آهي ته، هڪ ڀيري بي بي عائشہ
صديقہ بيمار ٿي پئي ته سندس علاج لاءِ هڪ زط (جَتُ
سنڌي) کي گهرايو ويو، حديث جا لفظ هي آهن:
”فاشتکت عائشة فاتوا بني اخيها طبيبا من
الزط“.(41)
بي بي عائشہ بيمار ٿي پئي ته سندس ڀائٽيو هڪ جَتُ
طبيب کي وٺي آيو، جنهن سندس علاج ڪيو. هن ورايت کي
امام بخاري ڪتاب ”ادب المفرد“ ۾، حاڪم ”مستدرک“ ۾،
سيد سليمان ندوي ”عرب و هند کـﻶ تعلقات“ ۽ قاضي
اطهر مبارڪپوري ”عرب و هند عهدِ رسالت مين“ ۾ ذڪر
ڪيو آهي.
سنڌي عاشق َ عليءَ جا:
علامہ بلاذري لکي ٿو ته چوٿين خليفي جڏهن بصره فتح
ڪيو ته، ان جي رکوالي لاءِ ستر سنڌي سپوتن اچي پاڻ
کي پيش ڪيو ته اي اميرالمؤمنين اوهان حق تي آهيو ۽
مدد هميشه حق جي ٿيندي آهي، سو اسان جي مدد اوهان
جي حوالي آهي. هي ئي سنڌي جمل ۽ صفين وارين جنگين
۾ حضرت عليءَ سان ٻٽ بيٺا هئا.(42) حضرت عليؓ
کانئن ڏاڍا خوش ٿيو، سو بصري واري خزاني جي سنڀال
به سندن حوالي ڪيائون.(43)
هيءُ سنڌين جو ٽولو هڪ روايت موجب ستر ۽ ٻي روايت
مطابق ٻه سؤ کان چار سؤ ماڻهو هئا، ان وقت حضرت
عليؓ جي طرفان بصره جو امير عثمان بن حنيف انصاري
هو، جمل واري ويڙهه سن 36هه کان ڪجهه اڳ مخالف
ماڻهو پنهنجو لشڪر تيار ڪري بصره مٿان ڪاهي آيا ۽
اُتان جي امير عثمان بن حنيف انصاري کي هٽائي
خزاني تي قبضو ڪرڻ پي چاهيائون، پر اتي مقرر سنڌي
محافظن خزانو ڏيڻ کان بنهه انڪار ڪيو ۽ سندن
سربراهه ابوسالم زط (جَت/سنڌي) کين چيو ته،
جيستائين حضرت عليؓ پاڻ اچين کين حڪم نه ڏيندا
تيستائين خزانو نه ڇڏيندا. سندس هيءُ ناڪاري جواب
ٻڌي دشمنن رات جي پيٽ ۾ مٿن زوردار حملو ڪري سڀني
کي شهيد ڪري ڇڏيو.(44)
سنڌين جي بهادري ۽ ارادي جي مضبوطي مشهور هئي،
اهوئي سبب آهي جو اُموي دؤر ۾ حضرت امير معاويہ ۽
وليد بن عبدالملڪ سنڌي جَتن کي شام جي سرحدن تي
آباد ڪيو ته جيئن رومين جو آساني سان مقابلو ڪري
سگهجي.
سنڌي سپاهي حسينَ ؓ جا:
ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت حسين بن علي سان جيڪو ستر
يا ٻاهتر ماڻهن جو قافلو هو، تنهن ۾ ڪجهه سنڌي
سپاهي به هئا(45).
وري جڏهن مختار ثقفي، حضرت امام حسين جي پلاند
وٺڻ لاءِ ويهه هزار مجاهدن جو لشڪر تيار ڪري شام
موڪليو ته، ان ۾ گهڻي ڀاڱي ڪوفي جا رهاڪو سنڌي
سپاهي به هئا، جن کي تاريخ نگارن ”حمراء“ لکيو
آهي، ڇو ته هو ڳاڙهي پوشاڪ پهريندا هئا.(46)
سنڌي سپوت ۽ سالار:
عبدالرحمٰن بن اشعث، جڏهن حجاج بن يوسف جي ظلم ۽
ڏاڍ خلاف بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو ته بصره ۾ رهندڙ
سنڌي فوجي به ساڻس گڏجي ويا، جو ٿوري ئي وقت ۾
حجاج جي حڪومت کي ڌونڻي ڇڏيائون، پر موٽ ۾ حجاج
کين نه رڳو بصري مان تڙي ڪڍيو، پر ورهين کان سندن
اڏيل گهرڙا پڻ ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيائين(47).
سنڌي نشاني باز:
حضرت عبدالله زبيرؓ جي زماني ۾ ”زبده“ جي جنگ ۾
ڪجهه بصره جا سنڌي به شريڪ ٿيا هئا، جي نشاني چِٽڻ
جا صفا ماهر هئا، سندن هٿ جي سڌائي ايتري هئي، جو
جيڪو به تير ڪمان مان ڪڍيائون ٿي، تنهن هدفَ کي
وڏا وڍَ ۽ گهاوَ پي وڌا، سندن ڪوبه نشانو نه ٿي
گُٿو.
سنڌي هر فن مولا:
سنڌي بهادر، جنگ جو ۽ پهلوان به رهيا آهن، هڪ عرب
شاعر سنڌين جي بهادري کي هن طرح ساراهيو آهي:
”جيڪڏهن ڪنهن هاٿيءَ جو سنڌي سان مهاڏو ٿي وڃي ته
هاٿي جو نه ڪنڌ رهندو ۽ نه وري ڪا هڏي سلامت
رهندس.“
سنڌي نه فقط فوجي ماهر هئا، پر ان سان گڏ تعليم،
طب، موسيقي، حساب ۽ علم نجوم ۾ پڻ ڀڙ هئا، ان
سلسلي ۾ ابوعثمان عمرو بن بصر ”حافظ“ لکي ٿو ته،
سنڌ جا ماڻهو حساب ڪتاب ۽ نجوم جا ته ڄاڻو آهن ئي
پر طب ۾ به سندن ڪو مٽ ڪونهي، خاص ڪري مهلڪ مرضن
لاءِ وٽن ڪامياب علاج آهي. نه رڳو اهو پر تصوير
ڇِڪڻ ۽ بت تراشي به ڪو کانئن سکي. وٽن موسيقي
کانسواءِ اُٿڻ ويهڻ جا آداب، طور طريقا ۽ بيمثال
رسم الخط به اٿن، جا دنيا جي ٻولين جو نچور چئجي
ته اجايو نه ٿيندو. سندن وڏي خاصيت اها آهي، جو
وٽن امانت رکي وڃي ته بلڪل جيئن جو تيئن موٽي
ملندي.(48)
سنڌياڻيون سونهن راڻيون:
هندوستان نه رڳو سحرستان پر نگارستان يعني حُسن ۽
جمال جو ملڪ به هو هتان جي ماڻهن جو جسم مضبوط، قد
ڪاٺ پورو، عضوا مناسب ڊانچي ۾، چهرو صاف سٿرو، رنگ
دل کي ڇڪيندڙ، هيءُ اهڙيون طبعي ۽ فطري وصفون آهن،
جن عرب دنيا کي پنهنجو شيدائي بنائي ڇڏيو هو،
جنهنڪري هو ان حُسن جو ڀرپور نموني ذڪر به ڪندا
هئا، اها اوهان کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي عرب جي وڏن وڏن
شاعرن جو موضوع ئي عورت جي حُسن آهي، ”سبح معلقات“
جهڙا ڪتاب اهڙن خيالن سان ڀريا پيا آهن.
علامہ ابن عبدون، هندي، سنڌي، قندهاري ۽ منصوري
عورتن جي صفات ۽ خصوصيات بابت لکيو اٿس، جنهن ۾
خاص ڪري سنڌي عورتن لاءِ چوي ٿو ته، هندوستان جي
ڏکڻ ۽ اوڀر واري علائقي جي ماڻهن کي الله تعاليٰ
سونهن جو وڏو حصو ڏنو آهي، سندن جسم هڪ ڪرو، ڪڻڪ
رنگو، چهرو صاف، بدن نازڪ ۽ نرم، پر مٿائن پوڙهپ
مڙئي جلد اچيو وڃين.(49)
هي ماڻهو پنهنجي
ذات جي حفاظت ڪرڻ وارا، غيرتمند ۽ ڪڏهن به ذلت
برداشت نه ڪندا، ڪنهن به موقعي تي کين ڪاوڙ اچي
ته، بنا ڌڙڪ ميدان ۾ لهي پوندا.
اڳتي لکي ٿو ته هندوستان جي اُتر ۽ اوڀر واري وچين
علائقي جون عورتون سنڌيات (سنڌي عورتون) جي نالي
سان مشهور آهن، جيئن ته هي علائقو هندوستان سان
صفا گڏيو پيو آهي، سو اتان جون سنڌيات ۽ هنديات جا
گهڻو ڪري منهن مهانڊا هڪ جهڙا آهن. پر علامہ ابن
عبدون خاص ڪري سنڌيات (سنڌي عورتن) کي هنديات
(هندي عورتن) کان به زياده حسين ٻڌايو آهي. جيئن
هن عبارت مان معلوم ٿئي ٿو:
”غيران نسائهم يتفرّدُون بدقة الحضور و طول
الشعر“.(50)
(البت سنڌي مايون ڪمر جي نزاڪت ۽ ڊگهن وارن ڪري
ٻين کان نمايان آهن).
هڪ عرب تاريخدان جا حظ (51) لکي ٿو ته:
سنڌين ۾ ڪجهه ڪاري رنگ جون عورتون به هيون، پر وٽن
اخلاق سٺو، آواز اهڙو مٺو، جو ٻڌئي ڍؤ نه ٿئي،
تنهن کانسواءِ سنڌي ماين جو کاڌو پچائڻ ته بس هو.
عمدو ۽ لذيذ کاڌو لڌڻ جو وٽن وڏو سليقو هو.(52)
سنڌي وَني وليّ الله جي:
حضرت علي ولي الله سنڌي عورتن سان نڪاح ڪيو،
جنهنڪري حضور ﷺ جي ڪٽنب ۽ سنڌ وارن جو ناناڻو رشتو
جُڙي پيو. اهڙيون عورتون جي آزاد يا ٻانهيون هيون،
پر آزادي بعد ساڻن نڪاح ڪيو ويو، اڄ تائين جيڪو
علوين ۽ سيدن جو نسل هلندو پيو اچي، سو انهن ئي
عورتن جي ڪُکَ مان آهي.
حضرت علي بن ابي طالب هڪ سنڌي عورت حضرت خولہ
سنڌي سان نڪاح ڪيو، جنهن مان زماني جو مشهور عالم
۽ نيڪ شخص ”محمد“
نالي پيدا ٿيو، پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديقؓ جي
نياڻي بي بي اسماء فرمائي ٿي ته مون اها سنڌي مائي
ڏٺي هئي.(53)
سنڌي امڙ عابد جي:
حضرت سلافہ/غزالہ سنڌي، نالي هڪ عورت سان حضرت
امام حسين بن علي نڪاح ڪيو هو، جنهن مان امام علي
بن حسين، جنهن جو لقب ”عابد“ ۽ عابدن جو سينگار
يعني ”زين العابدين“ آهي، پيدا ٿيو، جو منجهانس اڄ
تائين سيدن جو سلسلو هلندو پيو اچي.
مشهور مؤرخ محمد حبيب پنهنجي ڪتاب ”منمق“ جي صفحي
505 تي سنڌي عورتن جي اولاد مان علي (زين
العابدين) بن حسين بن علي کي ڳڻيو آهي.(54)
اهڙي طرح علامہ قتيبہ، علي (زين العابدين) بن حسين
لاءِ لکيو آهي ته، سندس امڙ سلافہ/غزالہ سنڌي
هئي.(55)
سنڌي زال زين العابدين جي:
حضرت حيدان سنڌي، نالي هيءُ سڀاڳي زال حضرت امام
زين العابدين جي گهر واري آهي، جنهن مان امام صاحب
کي ٻه پٽ عمر ۽ زيد ڄاوس.
علامہ ابن قتيبہ جو چوڻ آهي ته، عمر (بن زين
العابدين) حيدان سنڌي جو پٽ آهي.(56)
سنڌي جيجل يزيد جي:
مٿي ڄاڻايل حضرت امام زين العابدين جي پٽ ”عمر“ پڻ
سنڌي عورت سان شادي ڪئي، جنهن مان هڪ پٽ ”يزيد“
ڄائس، هن سانئڻ کي عام طور ”اُمّ يزيد“ ڪري سڏيندا
هئا.
نوجوان يزيد بن عمر گهڻو سهڻو ۽ ڏاڍو شريف انسان
هو.(57) پنجن سالن تائين عراق جو گورنر به رهيو.
سنڌي ماءُ سعيد جي:
هشام بن عبدالملڪ جي فرزند سعيد جي والده حضرت
اُمّ سعيد پڻ سنڌي هئي.(58)
سنڌي نوڪرياڻي نبيءَ جي گهر جي:
حضور ڪريم ﷺ جي پياري بي بي امڙ عائشہ صديقہ جي هڪ
گهريلو نوڪرياڻي سنڌي هئي.(59)
جيئن بيان ٿي چڪو آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن، سنڌين کي
سٺي نموني سڃاڻندا هئا، هڪ ڀيري عُڪاظ جي عالمي
ميلي ۾ ويا، ته اتي اڳ ۾ ئي سنڌي آيل هجن، سو
صحابہ ڪرام کي اشاري سان فرمايائون ته هو ڏسو
”سنڌي“ به آيا آهن، اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي
روايتون آهن، جن مان سنڌين ۽ سنڌ جي شين ۽ وکرن جي
اهميت جو اندازو ٿئي ٿو، هاڻي اسين رسالت جي دؤر ۽
ان کان پوءِ عرب ۾ سنڌ جي شين جو واهپو ۽ ان جي
اهميت بابت ڪجهه جهلڪ ڏيکارڻ جي جستجو ڪنداسين.
سنڌ جي شين جو واهپو:
حضور ﷺ جن جي زماني ۾ سنڌ جي شين جو ذڪر ملي ٿو،
پاڻ ڪريم ﷺ ۽ صحابہ ڪرام واپرائيندا هئا، ڪجهه
اهڙين شين جو هن هيٺ احوال ڏجي ٿو:
· سنڊ:
سنڌ جي هڪ راجا پاڻ جن ڏانهن سنڌ جي سنڊ جو تحفو
موڪليو هو، جنهن مان پاڻ کاڌائون ۽ ڪجهه صحابہ
ڪرام کي کارايائون، ان کان سواءِ سنڌ جا ٻيا وکر ۽
ڪيترين شين جو احوال پڻ احاديث ۽ آثار مان ملي ٿو
جيئن:
· سنڌ
جو ڪافور، سنڌ جو عود، سنڌ جو مشڪ، سنڌوندي جي
مڇي، سنڌ جو مور پکي، سنڌ جو انب، سنڌ جو ليمون،
سنڌ جو اُٺ(60)، سنڌ جي موسيقي وغيره(61)
· سنڌ
جي جُوتي: سنڌين جي مزاج مطابق سنڌ جي ٺهيل جُتي
جو پڻ احاديث مان ذڪر ملي ٿو، جا پاڻ ﷺ جن پنهنجي
پيرن ۾ پهريندا هئا.(62)
· سنڌ
جو ڪپڙو: سنڌ جي ڪپڙي کي عرب ”ثبات زطيہ“ يا ”ثيات
السنديہ“ چوندا هئا، هي سنڌين جو مخصوص لباس هو،
جو عرب شوق سان پهريندا هئا.
ان کانسواءِ سنڌ جون لُنگيون ۽ چادرون (اَجرڪ) پڻ
گهڻيون استعمال ڪيون وينديون هيون، جن کي عرب
”مسنده“ (سنڌ جي سوکڙي) ڪري سڏيندا هئا، هيءُ شيون
سنڌ جا واپاري وڃي يمن ۽ مڪہ مديني جي بازارن ۾
کپائيندا هئا.
ڪجهه روايتن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته بي بي
عائشہ صديقہ پنهنجي بدن تي سنڌ جا اُڻيل ڪپڙا
اوڊيندي هئي، لسان العرب جي مصنف لکيو آهي ته:
”وفي حديث عائشہ رضي الله عنها انّہ راي عليها
اربعہ اثواب السنديہ“.(63) (حضرت عائشہ بابت حديث
۾ وارد آهي ته ڏسڻ واري سندس جسم تي چار سنڌ جا
ڪپڙا ڏٺا).
گهڻو ڪري اهي چار ڪپڙا شلوار، قميص، رئو ۽ وڏي
چادر هجي، جا عرب عورتون پاڻ کي ڍڪڻ لاءِ استعمال
ڪنديون هيون جيئن قرآن ڪريم ۾ آهي:
يا ايها النبي قُل ازواجک وبنانک و نساء المؤمنين
بدنينَ عليهينّ مِن جَلا بيبهِنَّ.... الخ(64)
اي نبي پنهنجي گهروارين، پنهنجي ڌيئرن ۽ مومنن جي
ماين کي چؤ ته پنهنجي مٿان چادرون اوڍين.
سنڌي گهوڙو وليدَ جو:
سنڌ جا گهوڙا پنهنجي بيهڪ، بناوت، تيز رفتاري،
وفاداري ۽ سونهن ۾ دنيا جي گهوڙن کان سرس هئا،
ايستائين جو اموي خليفا پنهنجي اصيل ۽ عمدن گهوڙن
تي ”سنڌي“ نالو رکندا هئا.(65) سو وليد به پنهنجي
گهوڙي تي ”سنڌي“ نالو رکيو هو، ان بابت علامہ
مسعودي لکيو آهي:
”وکان السندي فرسہ جواد زمانہ“.(66)
(وليد جو سنڌي گهوڙو، پنهنجي زماني جو ڀلوڙ گهوڙو
هو).
سنڌ جي ڪُڪڙ:
تاريخدان ابن خرداذبہ، ابن فقيہ همداني ۽ جاحظ
”دجاجة السندية“ (سنڌي ڪُڪڙ) جو ذڪر ڪيو آهي،
جيستائين رسول الله ﷺ ۽ صحابہ ڪرام جي سنڌي ڪُڪڙ
جو گوشت کائڻ جو سوال آهي ته، احاديث ۾ چٽائي لڳي
پئي آهي، جيئن بخاري ۽ مسلم ۾ ابوموسيٰ اشعري کان
روايت آهي ته:
”اِنَّ النَّبيَّ صَل الله عليہ وسلم اکل لحم
الدجاج و في الحديث دجاج سندي“.(67)
(يعني بيشڪ نبي ﷺ سنڌي ڪُڪڙ جو گوشت کائيندا هئا).
پاڻ سنڌ جي پاليل ڪُڪڙ جو گوشت کاڌائون ۽ ان لاءِ
ائين به فرمائيندا هئا ته هي گوشت ڏاڍو سخت ۽ لذيذ
آهي.
مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن کان پوءِ پتو پوي ٿو ته: نبوت
کان پهريان ئي عرب ۾ سنڌي موجود هئا، جن تجارت،
امانت، ديانت، سياست، ثقافت، فوجي مهمات ۽ شجاعت ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هئا، نبوّت جي اعلان کان پوءِ پاڻ
هڪدم اسلام قبول ڪيائون، باقي هي چوڻ ته: محمد بن
قاسم جي اچڻ کان پوءِ سنڌين وٽ اسلام آيو، سو
سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي.
هي مختصر سنڌيت جي جهلڪ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪئي،
رسالت وارو دؤر ته ڄڻ ته ڪالهه ڪالهوڪو ڏينهن آهي،
پر سنڌ ته صدين کان شاد ۽ آباد آهي، سنڌ کي پنهنجي
تهذيب، تمدن ۽ ثقافت آهي، جو هن شاهوڪار تهذيب جا
يورپ وارا به ڳڻ ڳائيندا هئا، اڄ ڄاڻي واڻي هن
شاندار ماضي رکندڙ قوم کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي،
تنهن لاءِ نهايت ئي افسوس آهي.
حوالا ۽ سمجهاڻيون:
(1) پروفيسر،
گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد سنڌ.
(2) شبلي
ابوبڪر: دنيا جي ڪهاڻي (تهذيب جي مختصر تاريخ)
ڇاپو ٻيو، انوار بڪ ڊيپو ڪراچي، سال 1961ع، ص 10.
(3) ايضاً،
شبلي، ص 18.
(4) مرزا
قليچ بيگ: انساني سڌاري جي شروعات، ڇاپو پهريون،
آر.ايڇ.احمد اينڊ برادرس حيدرآباد، سال 1955ع، ص
503.
(5) قريشي
بشيراحمد: پراڻيون تهذيبون، آر.اي. فتح اينڊ
برادرس، حيدرآباد، سال 1967ع، ص 36.
(6) آڏواڻي
ڀيرومل: قديم سنڌ، ڇاپو ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو، سال 1980ع، ص (ديباچو-1)
(7) انصاري
محمد ابراهيم: سنڌ جي تاريخ، ڇاپو پهريون، عجائب
اسٽور سکر، سال 1976ع، ص 3-4.
(8) ڀٽي
محمد صالح، مخدوم: سنڌ جي تاريخ، ڇاپو پهريون،
شاهي بازار حيدرآباد، سال 1958ع، ص 4.
(9) ميمڻ
ايڇ.آر: تاريخ سنڌ، ڇاپو پهريون، آر.ايڇ. احمد
برادرس حيدرآباد، ص 5.
(10) 1-
مصر ۾ نيل ندي واري ماٿري 2- فرات ۽ دجلہ ندين جي
ماٿري، 3- چين ولايت ۾ هوئنگ هو ۽ يانگٽيس واري
ماٿري، 4- سنڌ ۽ سنڌوندي واري ماٿري.
(11) بوبڪائي
جعفر، مخدوم: جمع الجوامع.
(12) سَفاح
جي لفظي معنيٰ خونريز جي آهي، سفاح بنواُميہ جي
ماڻهن کي چونڊي چونڊي پي مارايو، نيڪ روشن هجي ته
سن 40هه کان وٺي132ع تائين اٽڪل 92 سالن ۾
بنواُميہ جو ڪجهه ڪيو، سفاح ان جو بدلو پنجن سالن
۾ ئي چڪتو ڪري ڇڏيو. سوين اموين جون سسيون لاٿائين
ايستائين جو بنواُميہ جي وڏن جون قبرون کوٽائي
سندن هڏڙين ساڙائڻ کان به نه مُڙيو، تاريخ
الاسلام، ج-3، (عهدِ بنوعباس) شاهه معين الدين
ندوي، ص 8، بحواله ابن اثير، ج-5.
(13) حافظ
ابن عساڪر دمشقي (ت- 571ع) جڏهن خطيب بغدادي جو 14
جلدن تي مشتمل ”تاريخ بغداد“ ڏٺو ته، کيس ”تاريخ
دمشق“ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ڇو ته دمشق، بغداد کان
ڪنهن به ريت گهٽ نه آهي، سو حافظ ابن عساڪر 80
جلدن تي ڦهليل ”تاريخ دمشق“ لکي، هي ڪتاب بيروت
مان شايع ٿيو آهي، ان ئي ”تاريخ دمشق“ جو اختصار
”لسان العرب“ جي مؤلف محمد بن مڪرم انصاري (ت-
711هه) ڪيو آهي، اهو ڪتاب پڻ 29 جلدن تي پکڙيل
آهي. ڊرام.
(14) عيسيٰ
بن علي نالي هي شخص ابوالعباس سفاح ۽ ابوجعفر
منصور جو چاچو هو ۽ تنهن دؤر جو اکين ڏٺو شاهد پڻ
آهي، تاريخ الاسلام ج-3، (عهدِ بنوعباس) شاهه معين
الدين ندوي، ص 15.
(15) سڪينہ
شهابي: (محقق) تاريخ دمشق، ج-38، طبع مجمع الغنة
العربيہ دمشق، شام سن 1986، ص 193 تا 195.
(16) ندوي
معين الدين، شاهه: تاريخ الاسلام، ج-3، (محمد
بنوعباس) نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد، ص 13،
(بحواله تاريخ طبري، ج-10).
(17) بياض
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، بروايت مخدوم جعفر بوبڪائي
(ت-1002) قلمي، موجود قاسميه لائبرري ڪنڊيارو، ضلع
نوشهروفيروز، سنڌ.
(18) ايضاً،
بياض ٺٽوي.
(19) بياض
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، بروايت مخدوم جعفر بوبڪائي
(ت-1002) قلمي، موجود علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي،
حيدرآباد، سنڌ.
(20) جيئن
سنڌي ٻوليءَ ۾ ”ساسي“ کي”ساهي“ ۽
”ڦاهي“ کي ”ڦاهي“ چوڻ ۾ آيو، اهڙي ريت هتي به ”س“،
”هه“ سان مٽجي ويو ته، ”سنڌ“ ڦري
”هند“ ٿي پيو. هن موضوع تي راقم پنهنجي تحقيقي
مضمون ”سنڌ کان هند ۽ هند کان سنڌ تائين“ ۾ ڪافي
شافي بحث ڪيو آهي، ڏسو مسلم ڪاليج مئگزين حيدرآباد
سنڌ، سال 2008ع، ڊرام.
(21) هن
بحث ۾ هند ۽ هندوستان مان مراد ”سنڌ“ ئي سمجهڻ
کپي، جيئن مُنڍ ۾ بيان ٿي چڪو آهي. ڊرام
(22) هي
سمورا سنڌي قبيلا هئا، جن ۾ مٿي ڄاڻايل ”زط“ جو
اصل ۾ ”جَتُ“ جو معرب آهي، هنن ماڻهن جو ڪم اُٺ
پالڻ ۽ بار ڍوئڻ وغيره هو، سندن عرب دنيا سان
واپاري واسطو هو، هيءُ قبيلو ايران، افغانستان کان
وٺي لنڪا جي ٻيٽن تائين پکڙيل هو. حنفي فقہ جي
امام حضرت امام ابوحنيفہ جو تعلق پڻ هن قبيلي سان
هو (تاريخ ابن خلڪان، ج-2، ص 294) اُٺ پالڻ ۽
باربرداري ڪرڻ هنن ماڻهن جي ايتري ته، سڃاڻپ ٿي
وئي، جو اڄ به سنڌ ۾ جيڪو ماڻهو اُٺ ڌاري پوءِ کڻي
ڪهڙي به قبيلي سان واڳيل ڇو نه هجي پر کيس ”جَتُ“
چوندا. هنن قبيلي وارن کي مير چاڪر اعظم وفاداري
جي بنياد تي مير جو خطاب ڏنو، جنهنڪري انهن ۾ ڪجهه
ماڻهو ”جَتُ“ ته وري ڪي ميرجت سڏيندا آهن. جڏهن ته
پنجاب ۾ کين ”جاٽ“ چيو وڃي ٿو، گجرات جا چوڌري پڻ
هن ئي قبيلي سان تعلق رکن ٿا، جيستائين متن ۾ ڏنل
آخري قبيلي ”تڪاڪره“ جو سوال آهي ته لسانيات جي
ماهرن ان کي موجوده هندو قبيلو ”ٽاڪر“ سڏيو آهي.
ڊرام
(23) قاضي
اطهر مبارڪپوري: عرب و هند عهدِ رسالت مين فکر و
نظر پبليکيشن سکهر، سندهه، سال 1986ء، ص 63.
(24) ايضاً،
مبارڪپوري، ص 63.
(25) ان
واقعي کي شيخ مصطفيٰ محمد، ڪتاب سيرت ابن هشام
ج-1، ص 46 ۽ علامہ ڪلبي ڪتاب التيجان، ص 304 ۾ ذڪر
ڪيو آهي ته جڏهن ته علامہ طبري به پنهنجي ڪتاب
تاريخ ج-2، ص 116 ۾ بيان ڪيو آهي. ڊرام
(26) قاضي
اطهر مبارکپوري: عرب و هند عهدِ رسالت مين فکر و
نظر پبليکيشن سکهر سندهه سال 1986ء، ص 110
(27) لغت
جي ماهر علامہ مصري لکيو آهي ته ”السبابجہ قوم من
السند“ سبابجہ سنڌ جو هڪ قبيلو آهي، علامہ همداني
پنهنجي ڪتاب البلدان جي ص 35 تي لکي ٿو ته: ”وعلوج
السند السبابجہ“ سنڌ جي معتبر ۽ حاڪمن کي ”سبابجہ“
چون ٿا، باقي هن وقت انهن قبيلي وارن جو ڪونسل آهي
يا نه سا خبر نه ٿي پوي، ٿي سگهي ٿو ته هاڻي ڪجهه
حرفن جي ڦيرڦار ۽ اُبتي سبتي ڪري قبيلي جي اکري
صحت مٽجي وئي هجي، والله اعلم. ڊرام
(28) بلاذري
احمد بن يحييٰ: فتوح البلدان، طبع مصر، ص 367-368
(بحواله عرب و هند عهدِ رسالت مين).
(29) وجدي
عابد علي سيد: هندوستان اسلام کـﻶ سائـﻶ مين،
بهوپال بک هائوس مدهيه پرديش، بهارت، طبع اول سال
1989ء، ص 98.
(30) ندوي
سيد سليمان مولانا: عرب و هند کـﻶ تعلقات، ص 5.
(31) دادا
سندهي: سندهي علماء کـﻶ سونهري کارنامـﻶ، سندهه
تحقيقي بورڊ حيدرآباد، ياد رکڻ گهرجي ته هن ڪتاب ۾
دادا سنڌي اڪثر حوالا قاضي اطهر مبارڪپوري جي
تاريخي ڪتابن تان ئي ورتا آهن. ڊرام.
(32) بخاري
محمد بن اسماعيل امام: الجامع الصحيح، کتاب احاديث
الانبياءِ باب قول الله عزوجل ”و ذکر في الکتٰب
مريم“، ج-2، ص 289.
(33) ابن
خرداذبہ: المسالڪ و الممالڪ، طبع لائيڊن، ص 56،
(بحواله عرب و هند عهدِ رسالت مين).
(34) اصطخري
ابراهيم بن محمد: مسالڪ الممالڪ، طبع لائيڊن، ص
45، (بحواله عرب و هند عهدِ رسالت مين).
(35) ممڪن
آهي ته ٺٽي ضلعي جو شهر ”جاتي“ به انهن ئي جتن جي
ماڳ هئڻ ڪري جاتي ٿيو هجي. ڊرام.
(36) شيخ
محمد اکرام ڊاکٽر: آبِ کوثر ادارهء ثقافت اسلامي
لاهور، ص 19.
(37) آڏواڻي
ڀيرومل: قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ص
19.
(38) ڏسو
شاهنواز ڏاهر جو ڪتاب سنڌ جي تاريخ.
(39) قاضي
اطهر مبارڪپوري: عرب و هند عهدِ رسالت مين فکر و
نظر پبليکيشن سکهر، سندهه، سال 1986ء، ص 69.
(40) ڏسو
راقم جو اردو ۾ مضمون ”حيدرآباد سندهه مين صحابه
کرام کي آمد“ مسلم ڪاليج مئگزين حيدرآباد، سال
2008ع.
(41) بخاري
محمد بن اسماعيل امام: الجامع الصحيح، کتاب ”ادب
المفرد“.
(42) بلاذري
احمد بن يحييٰي فتوح البلدان، طبع مصر، ص 369.
(43) قاضي
اطهر مبارکپوري: خلافت راشده اور هندستان، فکر و
نظر پبليکيشن سکهر سندهه، سال 1986ء، ص 206.
(44) بلاذري
احمد بن يحييٰ: فتوح البلدان، طبع مصر، ص 369.
(45) قاضي
اطهر مبارکپوري: عرب و هند کـﻶ تعلقات.
(46) ايضاً،
مبارکپوري.
(47) ٽه
ماهي مهراڻ (گرامي نمبر) سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شور،
حيدرآباد
(48) دادا
سندهي سندهي علماءِ کـﻶ سونهري کارنامـﻶ، سندهه
تحقيقي بورڊ حيدرآباد، سندهه، سال 1989ء، ص 96-97.
(49) سونهن
۽ ڀلي بيهڪ ڪري اڄڪلهه هندي ۽ سنڌي عورتن کي دنيا
۾ به پسند ڪيو پيو وڃي، ڊرام.
(50) قاضي
اطهر مبارکپوري: خلافت عباسيه اور هندوستان، فکر و
نظر پبليکيشن سکهر سندهه، سال 1986ء، ص
333-334-335.
(51) هي
عرب جو وڏو تاريخدان، اديب ۽ شاعر هو، تاريخ
کانسواءِ ٻين موضوعن تي به سندس ڪافي ڪتاب آهن،
سندس پورو نالو عثمان عمرو بن بصر جاحظ آهي. ڊرام.
(52) رسائل
جا حظ، ج-1، ص 324، بحواله خلافت عباسيه اور
هندستان، ص 339
(53) وفيات
الاعيان، ج-2، ص 21، طبقاتِ ابن سعد، ج-5، ص 91،
(بحواله هندوستان اسلام کـﻶ سائـﻶ مين)
(54) کتاب
المنمق، ص 505، (بحواله هندوستان اسلام کـﻶ سائـﻶ
مين).
(55) کتاب
المعارف، ص 94، (بحواله خلافت امويه اور هندوستان،
ص 659).
(56) قاضي
اطهر مبارکپوري: خلافت امويه اور هندوستان، فکر و
نظر پبليکيشن سکهر، سندهه، سال 1986ء، ص 660.
(57) معارف
ابن قتيبہ، ص 179 (بحواله خلافت امويه اور
هندوستان، ص 660).
(58) قاضي
اطهر مبارکپوري: خلافت امويہ اور هندوستان، فکر و
نظر پبليکيشن سکهر، سندهه، سال 1986ء، ص 660.
(59) مٿن
۾ ڄاڻايل انهن سمورين روايتن کان پوءِ هي ڳالهه
بلڪل چٽي ٿي وئي آهي ته عرب ۽ اسلام جي مقدس
خاندان ”سيدن“ جي نسب ۾ سنڌ وارن جو حصو آهي.
ڊرام.
(60) ان
اُٺ کي عرب بالہ چوندا هئا. ڊرام
(61) قاضي
اطهر مبارکپوري: هندوستان مين عربون کي حکومتين،
فکر و نظر پبليکيشن سکهر، سندهه، سال 1987ء، ص
138-142.
(62) مروذي
احمد بن محمد شيخ: کتاب الورع، دارالصميعي، طبع
بيروت، ص 183-184.
(63) مصري
محمد بن مکرم: لسان العرب، ج-3، ص 223 (بحواله عرب
و هند عهدِ رسالت مين، مبارکپوري).
(64) القرآن
ڪريم، سورة الاحزاب، پاره، 22 آيت.
(65) جيتوڻيڪ
اهي گهوڙا هوندا ته اتان جا ئي ديسي پر سنڌ جي
گهوڙن جي مشهوري ۽ عمدگي ڪري خليفا مٿانئن ”سنڌي“
جو نالو ڏيندا هئا ته جيئن غريب غربو توڙي امير
امراء ائين سمجهي ته هي سنڌ کان گهرايل اعليٰ نسل
جا گهوڙا آهن، جيئن اڄڪلهه هتان جا ديسي ماڻهو هر
شيءِ لاءِ چوندا آهن ته هي جاپاني آهي، پوءِ ڀلي
کڻي اها ديسي ئي ڇو نه هجي. ڊرام
(66) مسعودي
علي بن حسين: مروج الذهب، ج-3، ص 230-231 (بحواله
خلافت امويہ اور هندوستان، ص 400).
(67) زادالمعاد
و مجمع البحرين، لفظ ”سنڌ“بحواله عرب و هند عهدِ
رسالت مين، ص 182 |