بخشل باغي
نظم
پَريو فقير
هُن جي اکين جي جهيڻي،
ٿي وئي هئي نظَر.
پوءِ به هُو تلاوت،
قُرآن ڪندو هو.
هُو زندگيءَ جي پويَن،
ڏينهن ۾ کٽ تي،
پڙهندو هُيو نماز،
پنجئي وقت سُتي پئي،
هُن جي سڄي حياتي،
پورهيو ڪندي بسر ٿي.
ڀَٽڪي وئي بُکن ۾،
غُربت جي نظر ٿي،
ڪنهن جي اڳيان به ڪڏهين،
ڦهليا نه هٿ هُن جا،
پنهنجو پگهر وهائي،
هُن جوت هُئي جلائي،
هٿ- جوڙ ۽ نِوڙت،
هُن جي هُئي وڏائي،
هُن کي مِلي فقيري،
فڪرات ۽ فهم جي،
تهجد گُذار بڻجي،
هُن زندگي گذاري،
هُن ورد وظيفن ۾،
هر صبح هئي اُڀاري،
مُک تي اَڇي سونهاري،
۽ پوتڙي جو پَٽڪو،
مسجد سان پُراڻي هئي،
هُن جي ازل کان ڀاري،
”آڻين ۽ چاڙهين،“
هُن جي سڄي حياتي،
هُن کي ڪُٺو سدائين،
اوڌر جي تِکي ڪاتي،
مسواڙ هر مهيني،
هُن لئه وڏو مسئلو،
ڪو ڀي نه سنگتي، ساٿي،
بيمار ۽ اڪيلو،
هر ڳالهه کي ڏنو هُن،
همت سان مُنهن سدائين،
دنيا کي مفلسيءَ جي،
نظرن سان منهن سدائين،
دنيا کي مُفلسيءَ جي،
نظرن سان پئي ڏٺائين،
ڪيڏو عجيب هُن جي،
جيئڻ جو ڍنگ هو،
دل جو امير هو پر،
هَٿُ کيس تنگ هو،
هَٿَ ۾ سدائين هُن جي،
تسبيح جا هُئا داڻا،
گهر ۽ مسيت، مُصلو،
هُن جا رهيا ٺڪاڻا،
سانجهيءَ جو وقت هو ۽،
آيون پئي اَذانون،
آکيرڙن ڏي واپس،
پکين جون هُن اُڏارون،
اُن وقت ڇانئجي ويا،
گهاٽا ڪڪر غمن جا،
۽ پُور جي سدا لئه،
ويا نيڻ ٻيئي هُن جا،
۽ پورجي سدا لئه،
ويا نيڻ پئي هُن جا.
سيمع
سجاد ميراڻي
غزل
ڀلي کڻي هو ويجها ناهن،
پوءِ به دلين ۾ ويڇا ناهن.
هوءَ به صحيح آ مجبور ٿَسِ،
منهنجا اُڌما بي جا ناهن.
مئلن تي هِنِ پَڙَ هزارين،
جيئرن کي پر ڪپڙا ناهن.
ڪيئن ورهائڻ ڏيندا سنڌ کي،
منهنجا مارو اهڙا ناهن.
پيار جا پنڌ سجايا سارا،
سڀ ڪجهه هوندا پئسا ناهن.
ٻه ٽي گز زمين سڀن کي،
ويا ته ڪنيهن ويسا ناهن.
سونهن ”سميع، جي ملڪيت باقي،
گاڏيون بنگلا منهنجا ناهن.
غزل
غور سان ڏسندي منهنجي تصوير تي،
تو وهايا لڙڪ هِنِ تقدير تي.
مون ڪيون پئي ڳالهيون سڀ درگذر،
تو هلايا تيرَ ها پئي تيرَ تي.
ڇو ڀلا خاموش آهين ايترو؟
ڇو اَٿي حيرت انهي تعبر تي.
ڪوته رستو ڀي ڇڏين ها موٽ جو،
هاڻي ٿيو احساس ٿي تعمير تي.
سونهن لئه جن سِرُ ڏنو ٿي ويا امر،
ويا گهڻا ميسارجي جاگير تي.
غزل
ٿيو هرڪو هتي گمراهُه آهي،
زمانو يار بي پرواهُه آهي.
اهوئي ڏيندو آهي زخم جنهن ۾،
هوندو اڪثر وڏو ويساهُه آهي.
نه پوءِ ڀي دل مٺي پلجي ٿي منهنجي،
منهنجو توسان هي ڪهڙو چاهُه آهي.
نه مسجد ۾ نه مندر ۽ ڪليسا،
نه جيسين پاڻَ ۾ الله آهي.
نه ٿا سمجهون ٻڌون ڪنهن جي اسان ڇو؟
لڳو ڪهڙو اسان کي واءُ آهي.
غزل
ڪي قرب سنديون ڳالهيون ڪنهن شام ٻجهن شايد،
آئينده بهارن جا پيغام هجن شايد!
هي افراتفريءَ جو آ دؤر ڏکيو ڏاڍو،
ڏکَ دل جي وڻ ۾ ٿا ڪنهن لام لُڏن شايد!
ساڳيوئي وڏيرو ۽ ساڳيو ٿو پيرُ ڏسان،
ماڻهن جي جذبن جا ٿا دام لڳن شايد!
محبوب کي منٿون ٿو هر روز ڪيان ويٺو،
اڄ اچڻ سندس مون کي، انجام ملن شايد!
واحد جي وسائيندو، ڪهڙي آ دير ”سميع“،
مون تي به محبت جا! الزام اچن شايد!
سائل
پيرزادو
رولاڪ ڪڪري!
ڪارونجهر جي ڪور تي
مور جي ٽهڪن ۾
مون تنهنجا ٽهڪ ٻڌا آهن
ڪيئي ڀيرا مون توکي
هرڻ جي اکين ۾
مسڪرائيندي ڏٺو آهي!
گوڙيءَ جي مندر جي سانت ۾
مون تنهنجيءَ اداسيءَ کي
دريافت ڪيو آهي!
ٻور جي مند ۾
ڪوئل جي ڪوڪ ۾
مون تنهنجا سڏ ٻڌا آهن!
ننگر جي بازار ۾
جِين مندر جي خاموشيءَ ۾
مون تنهنجي اڪيلائي سان
گفتگو ڪئي آهي!
وارياسي جي وِلهه ۾
مون تنهنجي گرم ڀاڪر جي ڀڪوڙ
مضبوط ٿيندي محسوس ڪئي آهي!
تون منهنجي دل اندر ڌڙڪندي ٿي رهين!
تون منهنجي ساهه کان ويجهو هوندي به
ائين ڇو ٿي لڳين؟
ڄڻ ڏور انبر تي اڏامندڙ
ڪا رولاڪ ڪڪري آهين؛
جنهن تائين رسڻ جي تمنا جي باهه ۾
مان جنهن کان سڙندو ٿو رهان!!
شاعر
هو محبتن جو شاعر هو
هن جي نظمن ۾
هڪ سمنڊ جو ڪنارو هو
ان سمنڊ جي ڪناري تي
هڪ نوجوان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري
ٻانهن جي جهوليءَ تي
سڄي دنيا کان بيخبر
جهومندا رهندا هئا
۽ ها
هڪ انبن جو باغ به ته هو
جنهن ۾ شام ٿيندي وئي
ڪوئلون گيت ڳائينديون
۽ هوائون انهن گيتن تي
رقص ڪنديون هيون
گل، پوپٽ، ڀئونر ۽ ڀنڀوريون
سڀ ان جي نظمن جو اثاثو هئا
اوچتو ان ديس تي حملو ٿيو
گوليون هليون
بم ڦاٽا
هن جا سڀ ڪردار ماريا ويا
هن جا نظم رت ۾ آلا ٿي
هڪ درد ڀري دانهن بنجي ويا!
ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ
غزل
ونڊ ويڇا ضرب ڀاڱا حسرتون
پياري تو دل جا راڱا قربتون
مرڪ مرجهايل خوشي خاموش آ
سڪ اڌوري نينهن ڪاٽا محتبون.
دل ڏکايل گل به ڪوماڻيل صفا
پنڌ اڙانگا ڏک جا پاڇا مسرتون.
درد صدما سور سختيون بي بها
چؤطرف بي چين لمحا ساعتون.
سک نه ساجن کان مليا هرگز مٺا
سڀ اُداسي گيت هر جا رنجشون.
دربدر پنهنجو مقدر جڳ اندر
ٿي ويا پڻ خاڪ سپنا چاهتون.
عشق ۾ انمول تحفو آ، وفا
سوچ ”عادل“ دل ۾ ڇا ڇا راحتون.
وائي
روح رڙي ٿو
ساهه سڪي ٿو
ساجن تنهنجي لاءِ.
جيءُ جهري ٿو
هانءُ ڏڪي ٿو
ساجن تنهنجي لاءِ.
گهر ۾ اڄ ڪو
راهه تڪي ٿو
ساجن تنهنجي لاءِ.
هرپل هرسو
من سڏڪي ٿو
ساجن تنهنجي لاءِ.
لفظ لفظ، جملو
اکر اکر اٽڪي ٿو
ساجن تنهنجي لاءِ.
هرمن اُلڪو
تن ڦٿڪي ٿو
ساجن تنهنجي لاءِ.
ساره لکندي قلم
ڪونه ٿڪي ٿو
ساجن تنهنجي لاءِ.
”عادل“ سائين
وائي لکي ٿو
ساجن تنهنجي لاءِ.
غزل
سڪ وڌي جيئن اُڪير بڻجي آءُ،
هاڻ ٿڌڙي ڪا هير بڻجي آءُ.
بس وڪوڙي ڇڏي پرين پيار ۾،
محبتي هڪ زنجير بڻجي آءُ.
جڳ سمورو مثال ڏي تنهنجو،
چاهه ۾ بي نظير بڻجي آءُ.
قرب، نوڙت، نياز ڇا چئجي،
پرت ۾ نِج اسير بڻجي آءُ.
ملڪ سارو وڃي مٺائي ٿي،
کنڊ، ماکي ۽ کير بڻجي آءُ.
راهه ۾ پاڻ گل وڇائيندس،
تونرڳو راهگير بڻجي آءُ.
چلولي، کيچلي تون ”عادل“ لئه،
منچلي ۽ شرير بڻجي آءُ.
عبدالجبار ”عاجز“ منگي
غزل
ڪاغذن ۾ زندگيءَ جا عڪس پَسَجنِ ٿا پيا،
۽ قلم ۾ روشنيءَ جا عڪس پَسَجنِ ٿا
پيا.
چاهه هن ڀي آ ڏنو جو پرت پو معراج ماڻيو،
۽ اکين ۾ عاشقيءَ جا عڪس پَسَجنِ ٿا
پيا.
سونهن جو اهڙو ذڪر ٿيو ٿي ثناالله جي،
دلبريءَ ۾ بندگيءَ جا عڪس پَسَجنِ ٿا
پيا.
آدمي عهدِ وفا جا گس نوان جوڙن پيا،
دوستن ۾ دوستيءَ جا عڪس پَسَجنِ ٿا
پيا.
مون مسافت ۾ تتل واريءَ مٿان رکيا قدم،
۽ چپن ۾ تشنگيءَ جا عڪس پَسَجنِ ٿا
پيا.
روز پڙهان ٿو پيو مان درد جون ئي سرخيون،
من اندر ۾ شاعريءَ جا عڪس پَسَجنِ ٿا
پيا.
رات جو ٿي ماڪ پئي نازڪ ڪلين جي جسم تي،
۽ گلن ۾ شبنميءَ جا عڪس پَسَجنِ ٿا
پيا.
بک ۽ بدحاليءَ ڪري محروم ڇڏيون خواهشون،
۽ هٿن ۾ بيوسيءَ جا عڪس پَسَجنِ ٿا
پيا.
حسرتن جي موت تي جذبن ڪيو آ سوڳ ڀي،
پوءِ نيڻن ۾ نديءَ جا عڪس پَسَجنِ ٿا
پيا.
غزل
پرت جو وکر ڪجي،
قرب جو سفر ڪجي.
دوستي نه ٽوڙجي،
ڪجهه وڏي نظر ڪجي.
وقت ۾ جو ساٿ ڏئي،
اهڙو همسفر ڪجي.
غم الم کي مُنهن ڏيئي،
زندگي بسر ڪجي.
ڪَنُ ڏئي ڪو جيئن ٻُڌي،
بات پُر اثر ڪجي.
گهاءُ ڪينڪي ڏِجي،
مِهر هر پهر ڪجي.
غزل
بهارن جيان پاڻ مُرڪي پئي،
ستارن جيان جڳ ۾ جرڪي پئي.
غزالي جڏهن نيڻ سجني کنيا،
تڏهن يار دل منهنجي ڌڙڪي پئي.
کنوڻ جا ڏسي هوءَ ته چمڪاٽ يار،
سراسر سڄڻ پاڻ ڇرڪي پئي.
نگاهن ۾ اُلفت جا پيغام ڏسندي،
پرين پيار لئه دلڙي سُرڪي پئي.
هوائن جي زلفن کي لوڏيس پئي،
اهو ڏسندي دل منهنجي مهڪي پئي.
محبّت صنم کي ڇِڪي نيٺ ايندي،
ڏسو اک هي ”عاجز“ جي ڦڙڪي پئي.
غزل
اسان ڀي روشنيءَ جهڙا کڻي احساس آيا هُون،
اوهان ڏي زندگيءَ جهڙا کڻي احساس آيا هُون.
جيون سنسار ۾ ٿا نياز نوڙت ۽ نمرتا سان،
جهان ۾ بندگيءَ جهڙا کڻي احساس آيا هُون.
رُڳو سڪ پيار جي گيتن تي جُهومي ٿي جواني ڀي،
بدن ۾ عاشقيءَ جهڙا کڻي احساس آيا هُون.
غمن واريون دليون ٿينديون محبّت سان سراب هاڻي،
هتي سنڌونديءَ جهڙا کڻي احساس آيا هُون.
هميشه عڪس اجرا پنهنجي نيڻن ۾ رهن ساٿي،
امن سڪ دوستيءَ جهڙا کڻي احساس آيا هُون.
سجاڳيءَ جا ڪي سڏ ڏيندي ذهن کي تازگي ڏيندي،
۽ اجري شاعريءَ جهڙا کڻي احساس آيا هُون.
مخمور بخاري
منهنجو قاتل!!
(قومي ڪارڪن مقصود قريشي ۽ سليمان وڌي جي نانءُ)
گهاٽي وڻ هيٺان
ڇانوَ ڳوليان ٿو
پنهنجي هٿ مان
پنهنجي قاتل کي
موت جو پروانو لکي ڏنو اٿم
موت جو ازل آ
ڪو مهڻو ناهي
پر هي قاتل
منهنجي سيني تي بار ٿي پيو آهي
مان هيڻو ناهيان
پوءِ ڇو خاموش آهيان؟
سؤ سوال منهنجي قاتل جيان
منهنجي سامهون آهن
وڻ گهاٽو آهي
پر پوءِ به ڇانوَ ڳوليان ٿو!؟
منصور!!
منصور پٿر کائڻ سان نه
پر
گل لڳڻ سان مئو هو
پٿرن هن کي جيارو
۽ گل ماريو هو.
هر ماڻهو ۾
منصور رهي ٿو
هر ماڻهو جي هٿ ۾
ٻي لاءِ پٿر آهن
۽ پنهنجي لاءِ گل!
منصور پٿر کائڻ سان نه
پر گل لڳڻ سان مئو هو!!
اي خدا!
اي خدا!
منهنجا خدا!
سڀ جا خدا!
تو جو هي دنيا خلقي
رنگ خلقيا
سونهن خلقي
۽ انسان خلقيو
پاڻ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ
رنگي جا رنگ خلقيا
ٽهڪ خلقيا
سڳنڌ خلقي
پوءِ اي خدا!
منهنجا خدا!
سڀ جا خدا!
تو ڇو درد خلقيو؟
ڏک خلقيو؟
لُڙڪ خلقيو؟
احسان خلقيو؟
اي خدا!
منهنجا خدا!
سڀ جا خدا!
تون ئي اول
تون ئي آخر
بس تون ئي تون!
پوءِ ڇو هي آزمائش انسان تي آ؟
اي خدا!
منهنجا خدا؟
سڀ جا خدا!
سڀ جا خدا!
يوسف لغاري
غزل
وري واءُ گُهلندا، وري جوڙ ٺهندا،
وري بوندون وسنديون، وري مور نچندا.
وري ڪونجون ورنديون، وري روح رڙندا،
وري يادون اينديون، وري جيءَ جهُرندا.
وري گُلّ ٽڙندا، وري ايندي خوشبو،
وري خيال پنهنجا، ٻڌي ڇيرون نچندا.
وري رات ٺرندي، وري سار ورندي،
وري چنڊ ساڳيا، اڱڻ تي اُڀرندا.
وري ايندي محبت، وري ويندي نفرت،
وري نينهن نِکرندو، وري ڀؤنر اُڏندا.
وري چنڊ چڙهندا، وري ساز وڄندا،
وري چاهه پنهنجا، وري چوٽ چڙهندا.
وري سر نسرندا، وري سِيءَ پوندو،
وري ايندو سيارو، وري نيڻ ٺرندا.
وري يار يوسف، وري ٿيندو ميلو،
وري اينديون خوشيون، وري محب ملندا.
غزل
اُتر ڏي اوت تيئن پيارو، پرين اَڄ ياد پيو آهي،
پوي جيئن پوهه ٿو پارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
ڦِٽي وئي ننڊ نيڻن جي، ڦٽو آرام اکڙين جو،
وري آ جيئن وريو سيارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
هلايان ٿو گهڻئي هيلا، هلي هڪ ڀي نٿي منهنجي،
گذاريم روئي اونهارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
حياتي مون سڄي جنهن لئه، وهايا رت جا ڳوڙها،
اهوئي دوست دل وارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
سدا آهي مُنهنجي دل تي، رڳو بس سار دلبر جي،
وسري لوڪ ويو سارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
اچي يوسف مُلاقي مَن، ٿئي محبوب اڄ مون سان،
منهنجي اکڙين سندو تارو، پرين اڄ ياد پيو آهي.
ڪوثر هالائي
غزل
ڏٺو اک ڦيري، پنهنجو ڪير ڪونهي،
ويا ڏک گهيري، پنهنجو ڪير ڪونهي.
اڳ ۾ اکين ۾ سڀن تي وهاريو،
مگر هن ڀيري، پنهنجو ڪير ڪونهي.
الائي ڪٿي پاڻ پهچي وڃون ها،
روڪيو انڌيري، پنهنجو ڪير ڪونهي.
پنهنجي باغ ۾ پڻ وڙهيا گل ۽ ڪنڊا،
اچي ڪو نبيري، پنهنجو ڪير ڪونهي.
وري اڄ به روڪيا پنهنجا شام رستا،
وڃون ها سويري، پنهنجو ڪير ڪونهي.
غزل
وِڇوٽيُون وِجهڻ جو ڏنو ڪنهن هو رايو؟
نڪو ياد توکي نڪو ياد مون کي،
ديوار بڻجي ڪو وچ ۾، هو آيو؟
نڪو ياد توکي نڪو ياد مون کي.
رستن مان رستا ويا نڪرندا ۽،
اسان گُم ٿيندا وياسين روزانو،
ڪهڙي موڙ پوءِ پاڻ کي هو ملايو؟
نڪو ياد توکي نڪو ياد مون کي.
صبح و شام الزام برسات جيئن ها،
سر تي وسائي قبولي ڇڏياسين،
مگر آخري ڪهڙو الزام آيو؟
نڪو ياد توکي نڪو ياد مون کي.
چاهت چري آهي ديوانگي آ،
هَوا ڳالهه ساري هُلائي ڇڏي آ،
ديوار ديوار تي ڪنهن لکايو؟
نڪو ياد توکي نڪو ياد مون کي.
ڏيئاري جي ڏيئنِ جيان خواب سَارا،
خوابن جو ڇا ٿيو؟ ارادن جو ڇا ٿيو؟
هِڪ هِڪ ڪري خواب ڪنهن هو وِسايو؟
نڪو ياد توکي نڪو ياد مون کي.
ڪهڙو سفر هو کٽو ئي نه ٿي جو،
پُنو ئي نه ٿي پوءِ به ملندا رهياسين،
اڄاتي سفر پاڻ کي هو ٿڪايو؟
نڪو ياد توکي نڪو ياد مون کي.
پکين جي سفر ۾ مندن جي سفر ۾،
اُتر جي هوا سان ڏکڻ جي هوا سان،
ڪهڙي سفر پاڻ کي هو ٿڪايو؟
نڪو ياد توکي نڪو ياد مون کي.
فياض بلوچ
غزل
هِت درد ملن ٿا، ناهي پيار سچو ڪنهنجو،
هت ڪوڙ ڪمائن ناهي يار سچو ڪنهنجو.
دولت تي کپي دوستي جي دم ۾ ڀرڻ دم سان،
ٿو ڪونه لڳي دل کي قرار سچو ڪنهنجو.
هروقت ڏکن ۾ پئي گذري ٿي حياتي جو،
ناهي ڪو اڃان نڪتو انڪار سچو ڪنهنجو.
سڀ ڪَن ٿا، سچائي جي دعوا به محبت ۾،
دل ڪين اَڃان ماڻيو سهڪار سَچو ڪنهنجو.
رونق ٿي وَڌي محفل جي يَار جي صحبت سان،
نڪري جي پَوي دل جو هتِ يار سَچو ڪنهنجو.
هر وقت هُجي ڀَر ۾، الفت جون ڪجن ڳالهيون،
همدرد ٿئي دل جو، سينگار سَچو ڪنهنجو.
غزل
چار جوڀن ڏينهڙا،
ڪهڙا توبن ڏينهڙا.
ساز سُڏڪَن جا وڄَن،
ڏک ۾ سڏڪن ڏينهِڙا.
خيال ۾ رهجي ويو،
سوچ مٽجن ڏينهڙا.
مَن ۾ هُرکر ٿي رَهي،
سور سَلجن ڏينهڙا.
دور ناهين پَر هتي،
ڪين ڪٽجن ڏينهڙا.
تون ڪَرين رسمَي دُعا،
سک ۾ گذرن ڏينهڙا.
وقت گذري ٿو پيو،
ڏک جا ٽپجن ڏينهڙا.
ساک رهندي يار جي،
پيار پلجن ڏينهڙا.
پاس رکيو يار جو،
شل نه رُڪجن ڏينهڙا.
ادب جي سرجڻ جا به ڪي محرڪ آهن، جن جي متاثر ٿيڻ
کانپوءِ ڪا ڇڪ محسوس ٿيندي آهي، جيڪا تخليق لاءِ
اتساهه ۽ ڪارڻ جو سبب بڻجندي آهي. ڪنهن کي ٽڙندڙ
گلاب جي رنگت ۽ خوشبوءِ ۽ نکار ڪجهه تخليق ڪرڻ
لاءِ اتساهيندو آهي ته ڪن کي وري اهڙي خوبصورت گل
جي پنکڙين جو سُڪي ۽ ڇڻڻ توڙي ٽڙي وڃڻ کان پوءِ
مرجهائجڻ وارو انت متاثر ڪندو آهي ته هو ان مطابق
پنهنجي احساسن کي لفظن جا ويس پارائيندو آهي. ڪن
وٽ محبوب جو جوڀن، جواني، چاهه ۽ ٺاهه، سماجي
رنڊڪن جي نذر ٿي ويندڙ وارتائون، تخليق جو سبب
بنجن ٿيون ته ڪن وٽ وري قومي ڏاڍ، ظلم ۽ زيادتين ۾
سڙندڙ سڪندڙ انسانن جي روحن جون ريهون تخليق جو
سبب بنجن ٿيون ته ڪي وري احساسن کان بلڪل عاري ٿي
۽ فني ۽ ٽيڪنيڪي جگاداريون ڏيکارڻ لاءِ تخليق جون
ڪوششون ۽ ڪاوشون پيا ڪن.
پر پوءِ به ڏٺو اهو ويو آهي ته شيءِ جي مستقل
چاهنا، ان جي ڪارج جو سبب ٿئي ٿي. اگر ادب ۾ ڪوبه
ڪارج نه آهي، فقط عشق ۽ محبت جون موشگافيون ۽
ٽيڪنيڪ جا جلوا ۽ ڪمال آهن ته انهن جو اوترو ماڻ ۽
ماپو ڪبو ۽ جن ۾ زندگيءَ جون حقيقتون نمايان ٿيل
هونديون آهن، ان ادب جو اوترو مانُ ۽ اهميت
ٿيندي. انسان دنيا ۾ آيو آهي، جيئن انسانن لا
ءِآسانيون پيدا ڪري ۽ دنيا جي قباحت ۾ ڪمي ۽ حسن
۾ واڌارو آڻي، پوءِ اهو هو ڪم جي رستي آڻي، ڪنهن
بنيادي انقلابي تبديليءَ رستي آڻي يا ادبي لکڻين
ذريعي آڻي، پر ان ڏس ۾ سندس (انسان جي) چٽي پيش
رفت ضرور هئڻ کپي.
ڪتاب ”پاڻي تي پهرو“ تان ورتل |