حُسين سارنگ
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾
جوش، هوش ۽
حڪمتن جو ذڪر
ڪتاب ”لهر لهر دريا“ جو موضاعائتو فڪري اڀياس
شاعري انتهائي حساس
ماڻهن جي اندروني احساسن بيروني بي رحمين، وارتائن
۽ وارداتن جو عڪس، اولڙو، پڙاڏو، پڙلاءُ، پرتوو ۽
پاڇو آهي. شاعري هڪ اهڙو ذهني پورهيو آهي، جيڪو
سوين صدمن ۽ سورن، هزارين حيلن ۽ هچائن، ڪروڙين
ڪارنامن ۽ ڪلورن توڙي اربين اهنجن ۽ ايذائن جو اثر
۽ نتيجو آهي. شاعري صرف سرجيندڙ شاعر جي ذهني
ڪيفيت جو نالو به نه آهي. هن کان اڳ ۾ اربين
انسانن جي تجربن، ڪاميابين ۽ ناڪامين جو نچوڙ اهي.
شاعري سونهن جي سُڃاڻ، سڪ جي ڇڪ، پيار جي پڪار،
عشق جو آواز ۽ وڇوڙي جو وڍ آهي. شاعري خود
مطلبيءَ، خود غرضيءَ ۽ خود پرستيءَ جي خول مان
نڪرڻ ۽ اجتماعيت اپنائڻ جو اظهار آهي. شاعري لوڀ،
لالچ ۽ خوف جي خاتمي جو ڏس آهي. شاعري جسماني ۽
ذهني ولوڙ آهي. سماج مان ڦُٽي نڪتل سونهن آهي.
ڌرتيءَ جي ڌوڙ جي عظمت آهي. محبوب يا محبوبا جي
مرڪ جو موهه آهي. زندگيءَ جو ساز ۽ آواز آهي.
شاعري ڏات، ديت، ڏنل، الهام، عطا ٿيل آسمان آيل يا
لٿل مقدس مام هرگز ناهي. هوءَ ترقي پسند توانائي
آهي. شاعري اهڙو لطيف فن آهي جيڪو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ
جو ذهن جنجهوڙي ٿو. هو شاعريءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ
جا ڏک سک، خوشيون، خاميون، ارمان، اميدون ۽ احساس
ڳولهيندو آهي.
پيار، پريت، امن، آزادي، انصاف ۽ آسودگي شاعريءَ
جا مک موضوع آهن. هن قسم جي شاعريءَ کي عام طور تي
ترقي پسند شاعري چيو وڃي ٿو. ترقي پسند شاعري ثنا
خوانيءَ، خوشامد، شخصيت پرستيءَ ۽ جي حضوريءَ کان
آجي آهي. هوءَ هر قسم جي غلاميءَ ۽ اڻبرابريءَ
لاءِ للڪار آهي، انڌا عقيدا، درٻاري داستان ۽
سرڪاري سلامي ترقي پسند شاعريءَ جي دائري ۾ نه ٿا
اچن.
ترقي پسند سنڌي شاعري سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽
مظلوم، محڪوم ۽ مجبور هارين، نارين، ڪمين ڪاسبين،
پورهيتن، عورتن، مردن، ٻارن، ٻڍن توڙي نوجوانن جي
جذبن جو ترجمان ۽ اندر جو آواز آهي. هوءَ ظالم
لاءِ للڪار ۽ مظلوم لاءِ پيار جي پهرئين چُمي آهي.
استاد بخاريءَ جو شمار سنڌ جي ترقي پسند سنڌ روشن
شاعرن ۾ سرتاج شاعر طور ٿئي ٿو. هن جي ٻولي امڙ جي
لولي، سنڌوءَ جي ڇولي ۽ غيرن جي لاءِ گولي آهي.
سندس شاعريءَ ۾ ولولو ۽ ووڪ، لهرون ۽ لوڏا،
مارئيءَ واري محبت، سسئيءَ وارا سڏ، گجرا ۽ گولا،
ٻارن جون ٻاڪارون، سوچڻ جا سڏ، درد جون دانهون،
گيتن جي جيت، ڌرتيءَ دشمنن لاءِ ڌڪار ۽ پيار جي
پڪار آهي. مطلب ته زندگيءَ جا ڪيترائي رنگ، ڍنگ،
ليئا ۽ لقاءَ سندس شاعريءَ جا عنوان ۽ موضوع آهن.
هن پنهنجي ووڙ ۽ ولوڙ، پيڙائن، ڀوڳنائن، احساسن،
اميدن ۽ ارمانن کي اهڙو لفظي لباس پارايو آهي جيڪو
پڙهندڙ جي دل، دماغ، رڳ رڳ ۽ نس نس ۾ پيهي وڃي ٿو.
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ هوش واري جوش، همت
ڀرين حڪمتن، باحواس حوصلن، اٽل ارادن ۽ جديد جرئتن
جو ذڪر عام جام ملي ٿو. استاد بخاريءَ پنهنجيءَ
شاعريءَ ۾ سچيتي شعور جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:
وڏي وٿ آهي سچيتو شعور،
هجي هوش سان جوش، جذبو ضرور
فقط عقل تي فخر، شاطر عيار،
رڳو هانءَ تي زور، اوڳو مزور
ص: 28
استاد بخاري منطقي شاعر آهي. هُو عقل، دليل، ثبوت
۽ سبب جو قائل هو نه ڪي خوف ۽ لالچ تي بيٺل انڌن
عقيدن جو. هو اسان کي تمام وڏيون فڪري ڳالهيون عام
مثالن ۽ دليلن سان سمجهائي ويو آهي. استاد نظرئي ۽
اصولن تي عمل لاءِ اتساهه آهي.
وقت جي ويٺي لکي مون واردات،
لک اصول استاد، ڀڻڪيو مشڪلات،
”عزم جي سامهون جهُڪيو آفت پوي،
ڏينهن کي روڪيندي ناهي ڪابه رات.“
استاد بخاري ڪنهن به ڪم کي ڏکيو، مشڪل يا اڻائو نه
سمجهندو هو. هن جو خيال آهي ته هوش ۽ همت سان قومي
مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا.
يا ته ڪوشش جو عمل ڪامل نه هو،
يا ته پورهيو، پيار سان شامل نه هو،
نيڪ نيت، هوش، همت شرط هو،
مرد سماهون ڪوبه ڪم مشڪل نه هو.
ص: 49
استاد بخاريءَ جوش، هوش ۽ همت سان پهاڙ پگهارڻ ۽
ظالم کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اُڀرو ته اڄ قيام ڏهاڙو ڪري وجهون!
پگهري پون پهاڙ ڪو ڪاڙهو ڪري وجهون!
پردي ۾ انڌ، ڌنڌ بنا پردي ٿي پون،
پرمار کي ته الف اگهاڙو ڪري وجهون!
ص: 41
”استاد“ جي شاعريءَ ۾ جديد جرئتن ۽ همت ڀرين حڪمتن
جو ذڪر جابجا ملي ٿو. هن زندگيءَ جا نوان نظارا نه
صرف پاڻ پسيا، پر پڙهندڙن آڏو به عيان ڪيا آهن.
تو ساگر ٿي ڪهڙو سهارو ڏنو؟
تسي ٿر کي کارو ڪنارو ڏنو،
جگر ٽهڪندڙ آ، نظر ٻهڪندڙ آ،
نئون زندگيءَ کي نظارو ڏنو.
ص: 31
حڪمت عمليون صرف جوش نه پر هوش سان جوڙبيون آهن، ۽
انهن تي عمل با حواس حوصلن سان ڪبو آهي، هر مسئلي
جو حل منجهس ئي موجود هوندو آهي، جيئن پهاڙن ۾
پيچرا هوندا آهن تيئن همت وارن کي ڀرجهلا به ملي
ويندا آهن، استاد جي لفظن ۾:
سمونڊن کي هوندا ڪنارا به آهن،
پهاڙن ۾ ووڙيو ته چارا به آهن،
جي جرڪي جيئڻ جو پڪو فيصلو آ،
ته هن جُوءِ ۾ جيءَ جيارا به آهن.
ص: 19
استاد بخاري هوش ۽ جوش کي سدائين ساڻ رکڻ جا ڏس
ڏنا آهن، هو ڪِرڻ کي اهميت نه ٿو ڏي، هن جو خيال
آهي ته جيڪو ڪِري اٿندو ۽ اٿي هلندو آهي، اهوئي
اڳتي وڌندو رهندو آهي، هن ان عمل کي قدرتي قاعدو
قرار ڏنو آهي.
فرد توڙي قوم لئه هي قدرتي آ قاعدو،
موت کي منهنجو ڏئي سگهندو اهو جيئندو پيو،
ويٺي ويٺي وات جي رد ڪد مان ڪهڙو فائدو،
جو ڪِري اُٿندو، اُٿي هلندو، اهو وڌندو پيو.
ص 43
سوڀ سدائين اٽل ارادن سان جوڙيل هوش وارين حڪمتن
تي باحواس حوصلن سان ڪيل عمل ذريعي ايندي آهي، هن
۾ جوان ذهن ۽ ضمير وارا ماڻهو اهم ڪردار ادا ڪندا
آهن.
ڪراڙن جو ڪروڌ ۽ ستلن جي سُستيءَ واري سُتي جُوان
ذهنن تي ڪو ناڪاري اثر نه وجهي سگهندا آهن.
”اڃان رات آهي“، ننڊاکن جو گفتو،
”اٿو ڏينهن ٿي ويو“، سجاڳن جو گفتو،
”ملي ئي نه ٿو ڪجهه“، ڪراڙن جو گفتو،
”وٺي رهبو سڀ ڪجهه“، جوانن جو گفتو.
ص: 21
اٽل ارادن وارن باهوش بهادرن کي ڪابه ڳالهه ناممڪن
نه لڳندي آهي، هُو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه ۽ صلاحيت
رکندا آهن.
صحرا، ساگر بنجي وڃن، هي ممڪن آ،
بحرن مان بر بنجي وڃن، هي ممڪن آ،
ناممڪن ڪجهه ڪونه رهيو آ، او ڏاڍا!
ڏونگر ڀوڀر بنجي وڃن، هي ممڪن آ.
ص: 34
استاد بخاريءَ مشڪلاتن جي ڪا پرواهه نه ڪرڻ جي
ڳالهه ڪندي هر قدم تي هوش ۽ حوصلي پيدا ڪرڻ جي
تلقين ڪي آهي.
هي ضروري ناهي هر هر زلزلو پيدا ڪجي،
قوم ۾ ليڪن مسلسل ولولو پيدا ڪجي،
مشڪلاتون اينديون رهنديون، پر ٻڌو مشڪل ڪشا!
هر قدم تي هوش سان گڏ حوصلو پيدا ڪجي.
ص: 39
استاد بخاري سر جهڪڻ بدران ڪٽجڻ جو قائل آهي، هو
غيرن آڏو جهڪڻ کي عيب سمجهي ٿو.
جنون جوش اوهان جو تيار آهي متان،
سڏي ڏڦيڙ مڇرجي، اُٿي، ڊڪي نه پئو،
اهو به عيب غضب جو آ، غير جي هٿ کان،
ڇِٻي ملي ته اُتيئي جهُڪي، هُشي نه پئو.
ص: 56
منزل ماڻڻ لاءِ استاد بخاري چالاڪيءَ ۽ بي باڪيءَ
جو ڏس ڏئي ٿو.
اهي جي ان طرف افلاڪ آهن،
هميرئو، ڪاڪ ۾ ڄڻ ڪاڪ آهن،
وڌن ماڻن ٿا منزل مينڌرا سي،
جي هڪ چالاڪ ٻيو بي باڪ آهن.
ص: 67
سنڌ جو قومي انقلابي ۽ عوامي شاعر استاد بخاري
قسمت، ڀاڳ، نصيب، بخت ۽ مقدر تي ڀاڙڻ بدران ڪوشش
جو پرچارڪ ۽ ڀرجهلو هو.
ڪوشش، ڪُنجون ڪٿي گم ٿي ويون،
قسمتن جي ڳنڍ ۾ ڳوليون ٿا ڇو؟
اڄ، اجالو ۽ سڀاڻو سوجهرو،
ڪالهه جي ڪچڪول ۾ ڦولهيون ٿا ڇو؟
ص: 45
استاد بخاري جدت کي اڀاريندڙ ۽ جديد سوچن سان
سرشار هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ منزل ماڻڻ لاءِ
جاکوڙ جا نوان گس گهڙيا ۽ ڏس ڏنا آهن.
نوان مثال نيون روشنيون، نوان شعلا،
نوان خيال نيون ڪوششون، نوان جذبا،
چيو لطيف، بخاريءَ کي، آزمايو هي،
نوان جوان، نوان قافلا، نوان رستا.
ص: 58
قبيح دور ٿئي ٿو، قديم جي ضد کان،
ڏيو جديد جي هٿ ۾، حسين ٿي ويندو،
فلڪ جو فخر اجايو ته هو اتاهون آ،
جئي اڏام اسان جي، زمين ٿي ويندو.
ص: 59
استاد بخاري عقيدي بجاءِ عقل جو طرفدار هو. هي
ارتقا جي جاري رهڻ جو مڃيندڙ هو. هو جمود، ماٺار ۽
هڪ هنڌ بيٺل ڌپ ڪري ويل انڌن عقيدن جو انڪاري هو.
هو زندگيءَ جي سدائين روان دوان رهڻ جو پرچارڪ هو.
هن نه صرف تبديليءَ کي تن، من، ذهن ۽ ضمير سان
قبول ڪيو، پر ان ۾ تحرڪ ۽ تيزي پيدا ڪرڻ ۾ پڻ
پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
عقيدا تو، بنا بنياد ٺهرايو،
اچي پيو فرش تي مون عرش ڪيرايو،
قنوطي! تو گهڻي وقت روڪيو پئي،
مگر مون دور پئي هر روز ڦيرايو.
ص: 70
خدا کان نا خدا تائين خيال آهي،
ازل کان انتها تائين خيال آهي،
لقاپور جو لقا تائين خيال آهي،
بخاريءَ جو بقا تائين خيال آهي.
ص: 70
استاد بخاري زندگيءَ جي بقا واري جاکوڙ جو کاهوڙي
ڪردار آهي. هن جا ويچار وجوديت جي بابقائيءَ جو ڏس
ڏين ٿا.
دور نئين جي ديد ۽ دل ۾،
فڪر ته ڇا، فولاد وڄي پيو،
ساگر، صحرا، محفل، مل ۾،
جهد بقا جو ناد وڄي پيو.
ص: 33
پراڻ پرست جدت جا ويري هوندا آهن. اونڌاري جي
هيراڪن چمڙن کي اوندهه سان چاهه هوندو آهي. سندن
سوچ هوندي آهي ته سدائين رات رهڻي آهي. ترقي پسند
انسانن خاص طور شاعرن ۽ سياسي ڪارڪنن کي اجري
آئيندي ۾ پڪو ويساهه هوندو آهي. ان ڪري ئي هو انڌ
جي انت لاءِ سدائين سرگردان رهندا آهن. استاد کي
به سماجي تبديليءَ، ترقيءَ، امن، انصاف ۽ آزاديءَ
لاءِ ٿيندڙ پيار ڀرئي پورهئي ۾ پڪ هئي ته نيٺ
انڌارو ختم ٿيندو.
انڌارو پرهه ڌاري ڦٿڪندو، ڏسبو،
سويرو صبح ايندو، جهومندو، ڏسبو،
پٽيندو پٽڪو لاهي تارو تارو هُتِ،
هتي پيو ٻوٽو ٻوٽو ٽهڪندو، ڏسبو.
ص: 74
غلام ماڻهو حالتن جا هيراڪ ٿي ويندا آهن. کين حال
تي راضي رهڻ جي سُتي وڌي ويندي آهي. کين مسئلن جي
ڄار ۾ ڦاسايو ۽ الجهايو ويندو آهي. هو ان ڄار کي
ٽوڙڻ جي خواهش رکندا آهن، پر عملي طور کيس ٽوڙڻ
کان ڪيٻائيندا، لنوائيندا ۽ ڊڄندا آهن. انهن مان
اڪثريت اهو سمجهندي آهي ته آزاديءَ ۽ حقن جي
حاصلات لاءِ جاکوڙ ضروري آهي، پر ڪري ڪو ٻيو.
عارضي نقصان يا ننڍڙي قربانيءَ کان ڪيٻائڻ جي ڪري
هو ڪجهه ڪرڻ کان خوف کائيندا آهن.
استاد بخاريءَ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ انياءَ، ظلم،
زيادتي، جبر ۽ بربريت جي خاتمي لاءِ جلدي اٿڻ ۽
تڪڙي تياري ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.
”ڇا ڪجي“ کي ڇڏ بخاري، اٿ، اٿون!
ڪر تِکي تڪڙي تياري، اٿ، اٿون!
سمنڊ ٿيون، سيلاب ٿيون، برسات ٿيون!
ظلم آهي ڀونءِ ٻاري، اٿ، اٿون!
جڏهن ماڻهو جدوجهد جي ميدان ۾ جنبجي ويندا آهن ته
سندن آڏو آيل رڪاوٽون به انهن جي اڳواڻي ۾ رهنمائي
ڪنديون آهن. انهن جي ڳچيءَ جا ڳٽ سندن سندرا ٿي
پوندا آهن. استاد بخاريءَ اهڙو ذڪر مارئيءَ جي روپ
۾ ڪيو آهي.
عمر رات سپنو سدورو لڌم،
انهيءَ سپني همت وڏيءَ ۾ وڌم،
ڏسان ٿي، ٻُڪل پئي ٿي، گهوگهو ڏيئم،
ڳچيءَ مان ڪڍي ڳٽ، سندرو ٻڌم!
ص: 21
تبديلي ۽ ترقي سدائين جاري رهندڙ عمل آهن. استاد
بخاري به سدائين اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪندو هو. هو
ڪوشش ۽ سدائين جستجو ۾ رهڻ جو قائل هو.
ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو! ارتقا رُڪجي نه ٿي،
زندگيءَ جي آرزوءَ ۾ جستجو ٿڪجي نه ٿي،
ساٿيو! سندرا ٻڌي هلندا هلون! وڌندا هلو!
پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي.
ص: 49
استاد بخاري لوڪ ڏاهپ ۽ قوم جي اجتماعي عمل ۽
ڪردار کي ساراهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته ڪو فرد
بيزار ٿي يا ٿڪجي سگهي ٿو، پر پوري قوم ڪڏهن به
ٿڪبي ناهي. هوءَ محنت ۾ مسلسل رڌل رهندي آهي.
لوچ ويڙهي سوچ ۾ رکبي نه آ،
لاٽ پوچي پاند ۾ ٻڌبي نه آ،
شخص ڪو ڪڪ ٿئي ته ڪڪ ٿي ٿو سگهي،
قوم ساري ڪجهه به ٿئي ٿڪبي نه آ.
ص: 49 |