سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 2/ 2014ع

باب:

صفحو:12

مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

چوڪنڊي جو تاريخي قبرستان

 

چوڪنڊي جو آڳاٽو ۽ تاريخي قبرستان ڪراچي، حيدرآباد جي رستي، اسٽيل مل جي ويجهو، نيشنل هاءِ وي جي کاٻي پاسي ۽ ڪراچي کان تقريباً 18 ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن تاريخي 
گور خاني متعلق گهڻي قدر اختلاف پايا وڃن ٿا ۽ متعدد مؤرخن لفظ ”چوڪنڊي“ جي باري ۾ مختلف رايا بيان ڪيا آهن، مثلاً هنري ڪوزنر (1) اهڙين قسمن جي قبرن، جيڪي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۽ بلوچستان جي ڪن علائقن ۾ آهن، چوڪنڊي قبرون سڏيو آهي. محترم ممتازحسن چوڪنڊي قبرن متعلق هڪ لساني ثبوت پيش ڪري ٿو. سندس نظريي  مطابق سنڌي زبان ۾ ”چوڪي“ جي معنيَ چار ٿنڀا ۽ ”ڪنڊي“ جي معنيٰ ڪنڊ يا ٿنڀي جي آهي. اهڙي طرح چوڪنڊي جو مطلب اُهي چار ٿنڀا، جيڪي قبرن تي ڇٽي نما گنبذن کي سهارو ڏئي بيٺا آهن. (2)

اهڙي طرح چوڪنڊي جو مطلب اُهي مڙئي قبرون آهن، جن تي ٿنڀن جي سهاري گنبذ بيهاريا ويا آهن، پر اهو اصطلاح صحيح نه آهي. ڇو جو اهڙين قسمن جي قبرن تي گول ۽ مربع شڪل جا گنبذ به ٺهيل آهن، جيڪي ٻارهن ٿنڀن تي مشتمل آهن ۽ اڄ به چوڪنڊيءَ جي قبرستان ۾ پنهنجي اصلي حالت ۾ چئن مقبرن جي صورت ۾ موجود آهن. اهڙي قسم جون قبرون منگهوپير ۾ به واقع آهن، جن تي چئن کان وڌيڪ ٿنڀا به ملن ٿا.

چوڪنڊيءَ جي قبرن تي لکيل ڪتبن مان هڪ ڪتبي تي ڪن دانشورن جي هن نظريي کي تقويت ملي ٿي ته چوڪنڊي لفظ مان مراد ڪو خاص هنڌ آهي. مثلا آهن ڪتبي جي لکڻي ملاخطه ڪريو:

لا اِلٰہ اِلا الله  رسول الله

ڄام مريد بن حاجي صاحب چوڪنڊي

مٿين ڪتبي جي لکڻي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته لفظ چوڪنڊي جو استعمال انهن قبرن ۾ دفن ٿيل ماڻهن جي پنهنجي علائقي يا هنڌ سان هجي، يا ممڪن آهي ته چوڪنڊي جي قبرن ۾ دفن ٿيل وارن جي اصلي وطن جو نالو هجي، جيڪي ڪنهن مقصد خاطر هتي اچي آباد ٿيا هجن ۽ هتي ئي مري ويا هجن يا وري ڪنهن سان جنگ ڪندي اجل جو شڪار ٿي ويا هجن ۽ هتي ئي دفنايا ويا هجن.

چوڪنڊي جو محل وقوع:

چوڪنڊي جو قبرستان جيئن ته آءُ پهرين به لکي چڪو آهيان ته ڪراچي کان 18 ميلن جي فاصلي تي نيشنل هاءِ وي جي کاٻي پاسي واقع آهي. هن گورخاني جي بلڪل آس پاس ڪا خاص آبادي نه آهي. پوءِ به سمتن کي مقرر ڪرڻ سان اسان کي اوسي پاسي ڪجهه آبادي ڏسڻ ۾ ايندي، جن جو تفصيل هن ريت آهي.

سمتن جي حساب سان هن گورخاني جي اوڀر ۾ رزاق آباد، اولهه ۾ سوڪنڊ ندي، اُتر ۾ 
ڄام ڪنڊ، حاجي ناناڳوٺ، حاجي ولي محمد ڳوٺ ۽ سلمان ڳوٺ، ڏکڻ ۾ ڀينس ڪالوني آهي، جيڪا نيشنل هاءِ وي ڪراچي، حيدرآباد روڊ جي کاٻي پاسي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ يوسف ڳوٺ آهي.

چوڪنڊي جو قبرستان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. يعني اوڀر ۽ اولهه . اوڀر واري حصي ۾ قبرن جو تعداد گهٽ آهي، جڏهن ته اولهه واري حصي ۾ قبرن جو تعداد اول الذڪر جي مقابلي ۾ گهڻيو آهي. ان کان سواءِ هن قبرستان جي مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق اوڀر واري حصي ۾ جوکين جو قبرستان آهي ۽ اولهه واري حصي ۾ بلوچن جون مزارون آهن. پر انهيءَ ڳالهه ۾ صداقت نه ٿي ڏسجي، ڇو جو راقم الحروف خود جوکين جي اولهه واري قبرن تي تحرير ٿيل ڪتبا پڙهيا آهن، جيڪي هن ڳالهه جو بين ثبوت آهن ته اولهه يا اوڀر وارن ٻنهي حصن ۾ جوکين ۽ بلوچن جي قبرن جو تعداد ڳاڻاٽي کان مشڪل آهي.

ڪتبا گهڻو ڪري خط نسخ ۽ نستعليق ۾ لکيل آهن. ۽ انيڪ اهڙيون به قبرون آهن جن تي قرآني آيتون به ملن ٿيون. مثلاً جوکين واري حصي ۾ هڪ قبر تي هيٺيون ڪتبو ڪنده آهي:

بِسم الله الرحمٰن الرحيم

لا اِلٰہ اِلا الله  رسول اللهﷺ

ڄام مراد علي ولد مهرعلي خان جوکيو

27 ذي العقد يوم اربع 1326هه فوت شيد.

اڪيچار اهڙيون به قبرون آهن جن تي دفن ٿيلن جي والدين ۽ قبيلن وغيره جا نالا به درج آهن.

چوڪنڊي جي قبرستان جي پکيڙ:

چوڪنڊي قبرستان جي قبرن جهڙيون قبرون ڪافي وسيع علائقن ۾ ڦهليل آهن ۽ جن جي سڃاڻپ به ٿي چڪي آهي. ته اهي قبرون پاڪستان جي صوبي سنڌ، بلوچستان، شهرن، منگهوپير، ڳوٺ راڄ ملڪ، شاهه حسين گوجو، سونڊا ملير، هينڊان ۽ کوکرو وغيره ۾ موجود آهن. ان کان سواءِ هن سلسلي ۾ گهڻي تحقيق ۽ جستجو کان پوءِ اِها پروڙ پئي آهي ته هن مشڪل ۽ وضع جون قبرون لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ به موجود آهن، پر انهن جي متعلق ڪابه تحرير راقم جي نظر مان نه گذري آهي. اهڙين قسمن جي ٻين قبرن جو تعداد ٺٽي، جيروڪ ۽ حب وادي جي متعدد مقامن تي ملي ٿو، هن سلسلي ۾ محققين جو خيال آهي، يعني پاڪستان کان ٻاهر به اهڙي قسم جون قبرون مليون آهن، جنهن مان ان دور جي هڪ وسيع ڦهلاءُ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

چوڪنڊي جي قبرستان ۾ دفن ٿيل قبيلا:

دانشور ۽ محقق هِنن قبرن ۾ دفن ٿيل ماڻهن جي اصليت ڄاڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن ته هيءُ ماڻهو ڪير آهن. هن سلسلي ۾ مختلف دانشورن جا رايا ملا خطه ڪريو.

بينرجي، جيڪو سن 1920ع ۾ هتي آيو هو، تنهن جي اندازي مطابق اهي مرده جوکيي قبيلي سان تعلق رکندا هئا. (3) هنري ڪوزنز هنن کي بلوچن جون قبرون ٻڌايو آهي (4) اهڙي قسم جو اظهار ايم- اي- غفور (5) ۽ ممتاز حسن (6) به ڪيو آهي.

جيڪڏهن چوڪنڊي جي قبرستان جي قبرن تي لکيل ڪتبن جو غور سان مطالعو ڪجي ته اِها پروڙ پوندي ته اهي قبرون ڪنهن هڪ قبيلي جون نه پر متعدد قبيلن جي ماڻهن جون آهن ۽  اسان کي اهڙا به نالا ملن ٿا مثلا داد خان جوکيو، مسمات اجازا، ساحر جوکيو، ڄام راڌو جوکيو، بخار بن چاٽو جوکيو وغيره. ان کان سواءِ ”ڄام جو لفظ به نالن کان پهرين ڪتبن تي لکيل ملي ٿو. مثلاً ڄام مريد بن ڄام حاجي، ميران بن ڄام راڌو، دودو بن ڄام مهرعلي، بي بي بيگم بنت ڄار وغيره. (7) انهن نالن جو ماخذ سمن جي لفظ سان لاڳو ڪري ٿو، پر اهو تجزيو شڪ جوڳو آهي. هيءُ نالو ڪنهن قبيلي جو نالو نه آهي. ڪڇ (8) ۾ ڄام جو لقب وڏن ماڻهن يا سردارن کي ڏنو ويندو هو، پر اصل ۾ ڄام جو خطاب ننڍي کنڊ جا حاڪم ڪتب آڻيندا هئا. مثلا ڄام لسٻيله، ڄام نوان نگر، ڄام آف ڪڇ ۽ ڄام آف جوکيه. (9)

حقيقت ۾ چوڪنڊي جون قبرون جوکين ۽ نومڙين قبيلن جي ماڻهن جون آهن. ڪن قبرن تي راقم الحروف هي نالا مثلاً سلخا بن ملڪ ڪامل خان، ازت بن ملڪ سيدل خان، ڪلبو بن ملڪ ڪامل خان، ڀلي بنت ملڪ هارون وغيره ڏٺا آهن. ڪئپٽن پريڊي سن 1847ع ۾ جوکيه قبيلي جي باري ۾ هن ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هي ماڻهو تقريبا ڏيڊ سئو سال پهرين شاهه بلاول جي اتر ۾ واقع ٽڪري ضلعو ڪنگور مان حب دريا جي ماٿري ۾ آيا ۽ جڏهن انهن جو تعداد وڌندو ويو ته هي ماڻهو آهستي آهستي انهن علائقن ڏانهن وڌندا رهيا، جيڪي حب ۽ ملير دريا جي وچ ۾ واقع آهن. (10)

جوکيو لفظ جو ذڪر سڀ کان پهريون ڀيرو تحفة الڪرام ۾ محمد چني خان ۽ ڌارا بلال جي جهيڙي وارو آيو آهي ۽ هي اهوئي محمد چني خان آهي جنهن سان ڪلهوڙا ۽ داؤدپوٽا پنهنجي قبيلي جو حسب نسب شروع ڪندا آهن. پيرعلي محمد شاهه راشدي هن جهيڙي جي تاريخ سن 1220ع مقرر ڪئي آهي. (11) ان کانپوءِ اسان کي هن قبيلي جو نالو اڪبر اعظم جي دور حڪومت ۾ ملي ٿو ته جڏهن نواب ميرزا خان خانان سن 999هه مطابق سن 1590ع ۾ سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ سنڌ پهتو. خان خانان کي هن لڙائي ۾ جن مختلف قبيلن جي هن کي مخالفت سَهڻي پئي انهن ۾ نومڙيا ۽ جوکيه به شامل هئا. (14) هيءُ قومون انهيءَ زماني ڪڇ ۽ مڪران جي علائقي تي قابض هيون. اورنگزيب جڏهن سنڌ ۽ ملتان جو گورنر هو تڏهن کيس بلڪل اهڙين ئي حالتن جو مقابلو ڪرڻو پيو. هن ابدال قبيلي جي ملڪ حسين کي نومڙين ۽ جوکين جي قبيلي کي ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو. نومڙين جي اڳواڻي هارون ۽ جوکين جي مريد ڪري رهيو هو. (13)

هڪ روايت مطابق ميان غلام شاهه ڪلهوڙي (متوفي 1186هه مطابق 1772ع) جي زماني ۾ هڪ شخص بجار جوکيو نامي هڪ معمولي سپاهي هو، پر هن هڪ هندو راجه ارجن کي قتل ڪرڻ ۾ وڏا ڪارنامه سر انجام ڏنا هئا. ميان صاحب هن کي جوکيو قبيلي جو سردار ڪيو. (14) جوکيو قبيلي جي عزت ۽ وقار جو اندازو هن حقيقت مان ٿي سگهي ٿو ته ڪراچي (15) ۾ سن 1729ع ۾ هڪ ڀت مائي مريد ان جي مرضي کي مدنظر رکندي تعمير ڪئي وئي. مائي مريد ان جوکيو سردار جي زال هئي. (16)

جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، تڏهن جوکيو قبيلي انگريزن سان ڏاڍي جوان مردي سان مقابلو ڪيو. ان جو مثال هيءُ آهي ته سن 1843ع ۾ جنهن وقت سر چارلس نيپئر مياڻي جي جنگ جي دوران حيدرآباد ۾ فوجي لشڪر جي سرواڻي ڪري رهيو هو ته ان وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ وارو علائقو جوکين سان ڀريل هو ۽ هنن چؤطرف باهه ٻاري ڇڏي هئي. بدحالي ۽ افراتفري جو دور شروع ٿي ويو هو. ڪرنل بوائلن جيڪو ڪراچي ۾ مقيم هو، تنهن جو سر چارلس نيپئر سان رابطو قائم ٿيڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو هو. جوکين ۽ ٻين قبيلن جي ماڻهن ڪراچي ٻاهر هنگامه برپا ڪري ڇڏيا ۽ خط و ڪتابت ۽ ڊاڪ جو نظارو درهم برهم ڪري ڇڏيو هئائون. ڪراچي جو ٻاهر جي دنيا سان لاڳاپو بلڪل ختم ٿي چڪو هو، پر تنهن هوندي به ڪرنل بوائلن فوج جو هڪ دستو ڪراچي کان سرچارلس نيئپر جي مدد لاءِ حيدرآباد موڪليو، جنهن تي جوکين چاڪر خان جي اڳواڻي ۾ گجو (ضلعو ٺٽو) جي ويجهو حملو ڪري ڏنو. چاڪر خان. ان وقت جوکين جي سردار ڄام مهرعلي جو ڀائٽيو هو. انهيءَ دستي جو وڏو حصو مارجي ويو، جن مان رڳو ڏهه ٻارهن بچيا جن هيءَ انڌوهه ناڪ خبر ڪراچي وڃي پنهنجي آقائن کي ٻڌائي. (17) مطلب ته جوکين جو انگريزن جي خلاف اهو قدم سندن جوانمردي ۽ بهادري جو اهم ثبوت پيش ڪري ٿو.

هن مختصر تاريخي حوالن جو مقصد اهو آهي ته حيدرآباد ۽ ڪراچي جي وچ وارو علائقو گهڻو ڪري جوکين جي آبادي تي مشتمل هو، جهن جو ثبوت چوڪنڊي جي قبرن مان به ملي ٿو. ڳوٺ راڄ ملڪ جي قبرستان ۾، جيڪو گهارو ۾ ڪراچي کان ٺٽي ويندڙ رستي تي واقع آهي، اسان کي محمد صالح جوکيي جي قبر ملي ٿي، جيڪو سن 1757ع ۾ فوت ٿيو.

سن 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو ته انوقت جوکين جي قبيلي جو سردار ڄام مهر علي هو. هو ڄام بجار خان جو پوٽو هو. ڄام بجار خان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني ۾ پنهنجي قبيلي جو سردار هو. سن 1838ع ۾ ڄام مهرعلي انگريزي فوج کي هڪ هزار اٺ تحفي طور ڏنا، جهن جي نتيجي ۾ سر ايڇ- يو- ٽينگر کيس هڪ هزار روپيه بطور انعام ڏنو. (18). ڄام مهرعلي کانپوءِ سندس ننڍو ڀاءُ ڄام بجار خان جوکين جي قبيلي جو سردار ٿيو. پاڻ سن  1930ع ۾ وفات ڪيائين ۽ چوڪنڊي جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي.

چوڪنڊي جون قبرون پيلي رنگ جي پٿر سان ٺهيل آهن. پٿر جي ٽڪرن تي ڏاڍا وڻندڙ گل ٻوٽا ۽ اقليد سي شڪليون ٺهيل آهن. انيڪ قبرن جي تعمير اهرامي طرز تي آهي. قبرون يا ته هڪ هڪ آهن يا وري اهي قطارن جي صورت ۾ ملن ٿيون يا وري هڪ ٿلهي تي ٻن کان وٺي پنجن تائين. سڪروليز، چوڪنڊي جي قبرستان جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو ته ”جيڪڏهن ٿوري فاصلي تان ڏٺو وڃي ته چوڪنڊي جي قبرن جي مٿان واري حصي ۽  ريل جي انجڻ ۾ هڪ ظاهر ظهور هڪجهڙائي نظر ايندي. ۽ اهڙيون قبرون جن جي بدقسمتي سان مٿان واري چوٽي ڪري پئي آهي، ان ۾ اها ئي اٻاڻڪي شڪل نظر ايندي، جهڙي طرح ڪنهن انجڻ جي لاٽ ڪرڻ سان ٿئي ٿي.“(19) ممتاز حسن هنن قبرن متعلق لکي ٿو ته ”جڏهن هِنن (قبرن) کي سج لهڻ مهل پري کان ڏٺو وڃي ته هي اهڙن سپاهين جو تصور پيش ڪن ٿيون، جيڪي پريڊ لاءِ بيٺل آهن. هيءُتفصيل بلاشبهه انهن ماڻهن جي فوجي ڪردار سان گهڻي قدر مطابقت رکي ٿي جيڪي هتي چوڪنڊي ۾ دفن آهن.“ (20)

چوڪنڊي جي قبرستان ۾ هڪ قبر زنڪي بن يعقوب جي به آهي. جنهن سن 1169هه مطابق سن 1755ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. ان کان سواءِ هڪ ٻي قبر ڀينس ڪالوني جي ننڍڙي قبرستان ۾ آهي، جيڪو قومي شاهراهه جي ڏائي هٿ تي آهي. هي قبر هارون نامي جي آهي. ۽ هن جي قبر تي سن 1166هه مطابق 1752ع درج آهي. هڪ ٻي قبر جيڪا ڄام بن حاجي جي آهي ۽ هو اورنگزيب جي ملتان واري گورنري جي زماني ۾ جوکين جي قبيلي جو سردار هو. هي اسان کي سترهين صدي عيسوي ۾ آڻي ٿو. هن حقيقت جي پيش نظر ته چوڪنڊي جو قبرستان جوکين جو صدين تائين خانداني قبرستان هو جتي ڄام مراد بن حاجي جا ابا ڏاڏا دفن آهن. (21)

ڪراچي ڊسٽرڪٽ گزيٽيئر جي لکڻي مطابق منگهوپير ۾ هڪ قبر برفتين جي سردار، سردار خان جي آهي. سندس قبر تي لڳل ڪتبي تي سن 913هه درج آهي. (22) جيڪو سن 1506ع ٿئي ٿو. راقم الحروف منگهوپير جي قبرستان ۾ چند قبرن تي لکيل ڪتبن تي تاريخون مثلاً سن 1117هه مطابق سن 1705ع، سن 1157هه مطابق سن 1844ع ۽ سن 1179هه مطابق سن 1765ع ڏٺيون آهن. پانان ۾ هڪ قبر جيڪا چوڪنڊي جي طرز تي ٺهيل آهي ۽ پيرحسن جي قبرستان ۾ ڪراچي کان 30 ميل جي فاصلي تي هيٺان داٻيجي رستي تي واقع آهي، ان تي به سن 1193هه مطابق سن 1779ع درج آهي. انهن ڪتبن ۽ ٻين تاريخي شهادتن جي بنياد تي چوڪنڊي، منگهوپير، ڳوٺ راڄ ملڪ ۽ ملير ڇانوڻي جي قبرن جو تعلق سورهين صدي عيسويءَکان وٺي ارڙهين صدي تائين آهي. ابتدائي مؤرخن ۽ آثار قديمه جي ماهرن جي راءِ مطابق چوڪنڊي قبرن جو تعلق پندرهين صدي کان ارڙهين صدي تائين آهي، پر ممتاز حسن جي تحقيق مطابق ته ”چوڪنڊي جو آخري مقبرو ڄام مراد علي خان جي قبر تي تعمير ٿيو، جيڪو سن 1918ع ۾ جڙي راس ٿيو.“ (23)

ان کانسواءِ چوڪنڊي جي قبرستان ۾ پير پرچار شيخ فقير جي به مزار آهي، جيڪا قبرستان جي احاطي ۾ چند قبرن سان لاڳو آهي. هيءَ قبر به چوڪنڊي جي قبرن جي طرز تي ٺهيل آهي، پر شڪلين جي بجائي ڪلمئه طيبّ لکيل اٿس. هن درگاهه تي چڙهيل چادرون پري پري کان نظر اينديون آهن. هر سال 8 محرم الحرام جي رات کان وٺي 9 محرم الحرام جي شام تائين عقيدت مندن جو ميڙ هتي حاضري ڏيندو آهي ۽ گل ۽ چادرون چاڙهيون وينديون آهن. هن قبر تي لڳل ڪتبي تي لکيل آهي ته:

”اين تربت سيد پرچار عليه رحم).

چوڪنڊي جي قبرستان ۾ 19 اهڙيون به قبرون آهن. جيڪي آري شيخ سڏرائين ٿيون. شيخ آري جي مزار به هتي ئي آهي. سندس متعلق اِها روايت مشهور آهي ته پاڻ قلات مان آيو هو. سندس اولاد اڄ به لسٻيلي ۾ آهي. مزار سان لاڳو هڪ ٻي قبر سندس ديري جي ٻڌائي وڃي ٿي. هنن قبرن مان ڪن دفن ٿيلن جا نالا نورمحمد ولد مبارڪ، مسارو ولد ساوڻ، صاحب بابا آهن. چوڪنڊي جي قبرستان جي اوڀر واري حصي ۾ هڪ ٿلهي تي ٺهيل هڪ قبر مائي ڪنڊي جي آهي، سندس سڄي ۽ کٻي پاسي ٻن ٻارن جون قبرون آهن.

چوڪنڊي جي قبرن جي اهميت:

اهڙي قسم جون قبرون جيڪي سنڌ جي پنجن هنڌن تي ملن ٿيون سي بلوچستان جي علائقي ۾ به واقع آهي، جيڪي ڪراچي جي ويجهو آهن، جن جي ڳولها 19 صدي عيسوي جي آخري ٽه ماهي ۾ ممڪن ٿي سگهي آهي. هن سلسلي ۾ هندستان سول سروس جي هڪ اڳوڻي ميمبر جي.اي.ايل ڪارٽر سنڌ ۽ بلوچستان جي انيڪ آس پاس وارن علائقن جو دورو ڪيو ۽ انهن کنڊرن ۽ تاريخي يادگارن کي ڏٺو، جيڪي ٻنهي صوبن ۾ پري پري تائين ڦهليل آهن. بهرحال هاڻي جڏهن ته چوڪنڊي جي قبرستان جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ دانشورن ۽ ماهر آثار قديمه انهن قبرن جي حقيقت کي ڄاڻڻ ۽ انهن جي باري ۾ سربستو راز کولڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن.

چوڪنڊي جو قبرون پنهنجي فن تعمير ۽ انهن تي چٽيل گلڪاري ۽ سونهن جي ڪري توجهه جو مرڪز رهيون آهن. قبرن جي فن تعمير کان سواءِ قبرن تي چٽيل گلڪاري به پنهنجو مثال پاڻ آهن. قبرن کي ويجهو ڏسڻ سان اها پروڙ پوندي ته قبرن کي ٺاهڻ وقت ايتري ته محنت ڪئي وئي آهي جو ڏسڻ وارو حيرت مان ائين چوڻ کان نه ٿو رهي سگهي ته جيڪڏهن هنن قبرن کي اسلامي فن تعمير جو اعليٰ نمونو چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. اوسي پاسي ۾ آبادي نه هئڻ ڪري هن ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي ته ان دؤر جا ماڻهو پنهنجي دنياوي گهرن تي ايترو توجهه ڪونه ڏيندا هئا، جيترو پنهنجي آخري آرام گاهن تي توجهه ڏيندا هئا. هنن قبرن تي سهڻائي سان گل ڦل، انسانن ۽ جانورن جو شڪليون ۽ زيورن وغيره جو ڊيزئنون چٽيل آهن. انسانن ۽ جانورن کي مختلف مرحلن ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن مان انهن ماڻهن جي مختلف مصروفيتن جو پتو لڳي ٿو. زيورن جي ڊيزائنن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهڙي قسم جا زيور ان دور ۾ مروج هجن.

بهرحال هن ثقافتي خزاني جي پکيڙ جيئن ته آرڪيالوجٽس مارشل، ٽيگي ۽ دومل جي خيال مطابق هاڻ ان ۾ تقريباً 30 فيصد ڪمي ٿي آهي. جيڪڏهن، هن ثقافتي ورثي جا متولي پنهنجي بي نيازي ۽ لاپرواهي تي قائم رهيا ته شايد اهي شاندار ۽ بي مثال يادگار نيست ونابود ٿي ويندا، پر جيڪڏهن موجوده ڪوششن کان وڌيڪ ڪم ڪجي ته خبر پوندي ته هنن آثارن سان لاڳاپيل حقيقتون سامهون اينديون. چوڻي آهي ته تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي. انڪري اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، ته جيئن وڌيڪ حقيقتن جي دريافت ٿي سگهي.

هن سلسلي ۾ ڪن محققن جا نالا اچن ٿا جن چوڪنڊي قبرستان تي تحقيق ڪري اسان لاءِ آسان رستي جو بنياد وڌو آهي. تن مان سڀ کان پهرين هنري ڪوزنز جو نالو اچي ٿو، جيڪو سن 1910ع ۾ آرڪيالوجيڪل سروي جو سپرنٽنڊنٽ هو. ان کان پوءِ جي.اي.ايل ڪارٽر جو نالو اچي ٿو، جيڪو هندستاني سول سروس جو ميمبر هو. هن سنڌ ۽ بلوچستان جي يادگارن کي ڏٺو. سندس بنيادي مقصد هجري دور جي رهاڪن جي مقامن کي سنڌو ماٿري ۾ ڳولڻ هو. انهيءَ تلاش ۾ هو روهڙي ۽ سکر جي علائقن ۾ وڃي اتي جي آثارن ڏانهن پنهنجو توجهه ڇڪايو، پر پوءِ هو منگهوپير (ڪراچي) آيو. ان کانسواءِ هن سيوهڻ (سنڌ) ۽ حب (بلوچستان) ۾ به وڃي تحقيق ڪئي، ڇو جو اهي علائقا ڪراچي جي آس پاس هئا. ورهاڱي کان پوءِ هن موضوع تي پاڪستان جي ”محڪمئه آثار قديمه“ انيڪ ڪتاب شايع ڪرايا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر ايف.اي.خان، محترم ممتاز حسن، محترم ايم.اي. غفار ۽ شيخ خورشيد حسن جا ڪتاب قابل ذڪر آهن، جن جي لکڻين مان راقم به استفادو ڪيو آهي. هن ڏس ۾ محترم علي احمد بروهي صاحب جون ڪوششون به وسارڻ جوڳيون ناهن. هن صاحب هن موضوع تي قلم کڻي ڪيترائي لڪل راز ظاهر ڪيا آهن.

چوڪنڊي جي قبرن جي تعمير نهايت ئي فنڪارانه ڪاريگري جو اعليٰ نمونو آهي ۽ تاريخي حيثيت سان، سنڌ بلڪ پاڪستان جي اهم مقامن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. چوڪنڊي جون قبرون کليل ۽ منفرد طرز تعمير جو بهترين بنيادي حصو آهن ۽ اسلامي دنيا ۾ هي مقام بينظير آهي ۽ قومي روايتي انداز سان تعميراتي فن ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. هي مقبرا گهڻي قدر پيلي پٿرن سان ٺهيل آهن، ۽ اهي ڪاريگر جن هن مقام جي ڪٽ ڪوٽ ڪئي، هن تي ڪنده ڪيو هن کي زندگي بخشي ۽ انهن کي دوام عطا ڪيو، جنهنڪري اِهي مقبرا تعمير جي فن جو بهترين نمونو ۽ ڪاريگرن جي بي لوث محنت ۽ ذوق وفن جا اعليٰ شهپارا سمجها ويندا آهن.

چوڪنڊي جي قبرستان جي قبرن تي چٽيل گلڪاري، ڊيزائنون، مختلف قسم جا زيور ۽ ڪتبا، انسانن ۽ جانورن جون جدا جدا قسمن جون شڪليون، اسلحو ۽ اوزارن مان ان دور جي حالتن جوبخوبي اندازو ٿئي ٿو ته چوڪنڊي جي قبرستان جو همعصر دور ۽ انوقت جا ماڻهو ڏاڍا ترقي ڪندڙ، باذوق ۽ ماهر ڪاريگر هئا، ڇو جو اڳوڻي دور جي تهذيب جون حالتون ۽ طرز زندگي متعلق معلومات حاصل ڪرڻ جو ذريعو اهي ئي آثار آهن. اهڙي طرح چوڪنڊي جي قبرستان ۾ ويندڙ آثار قديمه سان دلچسپي رکندڙ هر شخص خطاطي جي فن ۽ نقاشي جي فن مان ضرور لطف اندوز ٿيندو.

هن ڳالهه جي وضاحت لاءِ هن اهم ڪم متعلق منهنجي ڪوشش جي ڪهڙي اهميت آهي ۽ مون هن موضوع جو انتخاب ڇو ڪيو. حالانڪه چوڪنڊي يا ان جهڙين ٻين اڪيچار قبرن تي جيڪو ڪجهه به لکيو ويو آهي، اُهي لکڻيون ڪافي آهن يا ناڪافي. اهو هڪ الڳ بحث لاءِ موضوع آهي،پر جيڪو منهنجو مقصد آهي، اهو هيءُ ته جيڪو ڪجهه به هن موضوع تي لکيل آهي، جيئن ته اهو سواءِ هڪ يا ٻن جي سمورو انگريزي ٻولي ۾ شايع ٿيل آهي. جيئن ته هي مقام پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ آهي تنهنڪري هنن لکڻين کي جيڪڏهن مقامي ماڻهن لاءِ مقامي يا قومي ٻولين ۾ منتقل ڪيو وڃي ته جيڪر انيڪ علم جا اڃايل فيض حاصل ڪري پنهنجي اُڃ اُجهائين.

آخر ۾ منهنجي حڪومت پاڪستان ۽ آثار قديمه جي ماهرن کي اها گذارش آهي ته هو اهڙن قبرستانن (جيڪي اڄ تائين گمنامي جي گوشي ۾ پيا آهن) جي صحيح حقيقتن کي معلوم ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪن ته جيئن وڌيڪ معلومات ملي سگهي ته جيئن سنڌي قوم جي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي اهميت کان دنيا وارا به باخبر ٿي سگهن.

حوالا

1.       H. Cousens, Antiquities of Sindh Calcutta- 1922 P. 164.

2.      Mumtaz Hassan, Chaukhandi Tombes, Artistic, Pakistan, Karachi 1986- Vol- I- P. 26.

3.      Progress Report of the Archueological Survey of India, Western Circle for the year ending 31 1st may 1920, P.79.

4.      See No- 2 OP- Cit. P. 31

5.      M. A Ghafur, The Calligraphers of Thatta, Karachi 1968- P. 25.

6.      See No- O.P. Cit- P.24.

7.      Tod James- Annals and Antiquities of Rajastan, Bombay 1920 Vol- III P. 12 86.

8.      Selection from the Records of the Bomboy Government S. No. X.V. New Series.Bombay, 1855- P. 205.

9.      Elliot and Dawson, Historians of Sindh – Vol- III- P.P. 96- 97.

10.  History of Alienations in the Province of Sindh, Karachi 1888- Vol- II. P. 24.

11.   غلام رسول مهر- تاريخ، سنڌ (اردو) ڀاڱو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، حيدرآباد سنڌ- ص- 87

12.  سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي، تاريخ طاهري (فارسي) مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد- ص 182- 181.

13.  Adab- i- Alamgiri, edited by, Sadiq Matlabi, a Ambal Vi, Lahore 1971- Vol- I- P. 24. Also See History of Aurangzeb, Jedu, Nath Sarkar Calcutta, 1925- Vol I. and II- P. 107- 8.

14.  مير علي شير قانع- تحفة الڪرام (سنڌي ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ- ص 120.

15.  Sir H. Evan M James. A Forgotten Chapter, of Indian History, Memoirs of Seth Naowal, Hotchand- i- Sir, of Karachi 1915- P. 37.

16.  Richard Burton, Sindh Re Visited, London 1877- VoL I- P. 44.

17.  Sir H. Evans M. James. OP- Cit, P- 132.

18.  History of Alienations of Sindh- VoL II- P. 25.

19.  Progress Report of the Archueological Survey of India Western Circie For the Year a ending 31 St May 1920- P- 79.

20. See No- 2- OP. Cit- P. 31.

21.  Sheikh Khurshid Hassan, Origin of Chaukhandi Tombs, Jounal of the Pakistan Historical Society- 1976. P. 5.

22. Gazetteer of the Province of Sindh, B- Vol- I- Karachi District, Bomboy 1927- P.P. 75- 76.

23. See- No- 2- OP. Cit. P. 28.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org