مهتاب اڪبر راشدي
بس
انٽرويو نه ڪيم ته شمشير جو ...
چانهه ۾ کير ڪيترو پيئندو؟ مون سوال ڪيو، جواب
آيو: بقدرِ اشڪِ چشمِ بلبل. هڪ لمحي لاءِ مان سوچ
۾ پئجي ويس ۽ سوچيم، ڀلا ان تڪلف جي به ڪهڙي ضرورت
آهي، بلبل جي اک ۾ موجود لڙڪ جيترو کير، چانهه ۾
نه به وجهجهي ته، نه چانهه تي ۽ نه ئي وري پيئڻ
واري جي صحت تي، ڪو اثر پوڻو هو، پر منهنجي لاءِ
مسئلو هو ته آخر ايترڙي کير جو اندازو ڪيئن
لڳايان؟ اهو هو اندازو ان مٺي ماڻهوءَ جو، جيڪو
ايتري ڪڙي چانهه پيئڻ کان پوءِ به، الائي ڪيئن
ايترو شيرين گفتار هو ۽ ان سٺي ۽ مٺي ماڻهو جو
نالو آهي- شمشيرالحيدري.
اِهي پي.ٽي.وي جا اُهي ڏينهن هئا جڏهن مان سلطانه
صديقيءَ جو پروگرام ”موتين مالها“ ڪندي هئس، جنهن
۾ سنڌ جي مختلف علمي ادبي ۽ فن جي ميدان جي شهسوار
شخصيتن کان انٽرويو ڪيا ويندا هئا. ان پروگرام جو
محقق ۽ اسڪرپٽ رائيٽر شمشيرالحيدري هوندو هو.
سنهڙو، سيپڪڙو، جهڙو اڄ آهي، تڏهن به اهڙوئي هو،
اڪثر فل سوٽ ۾ نظر ايندو هو. اسڪرپٽ لکڻ ته هن جي
کاٻي هٿ جي راند هئي، ويٺي ويٺي، کل کل ۾ اسڪرپٽ
لکجي ويندو هو، جن شخصيتن متعلق مون کي گهڻي ڄاڻ
نه هوندي هئي، مان شمشير سان ان متعلق نهايت تفصيل
سان گفتگو ڪندي هئس، ته جيئن انٽرويو ڪرڻ وقت ان
جي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي نه رهجي وڃي. مون
کي ان ڳالهه جي اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو عار ناهي، ته سنڌ
جي ناميارين شخصيتن متعلق شمشير جي معلومات،
منهنجي علم ۽ سمجهه ۾ بي انتها اضافو ڪيو. پير
حسام الدين راشدي، ڪريم بخش نظاماڻي ۽ ظفر ڪاظميءَ
کان وٺي مائي ڀاڳي، عابده پروين، سليمان شاهه ۽
جلال چانڊيي تائين نه ڄاڻ ڪيترين شخصيتن جا
انٽرويو ورتا هوندم، جن جا اسڪرپٽس شمشيرالحيدري
لکيا، بس انٽرويو نه ڪيم ته شمشير جو پنهنجو. شايد
ان ڪري ته ان جو اسڪرپٽ ڪير لکي ڏئي ها؟ يا وري
جيئن چئبو آهي ته چراغ تلي انڌيرا
اکين کي خيرو ڪندڙ روشنين ۾ رهندي، اسان گهڻو ڪري
هڪ ٻئي کي ڏسي ئي نه سگهندا آهيون. ان سڄي عرصي ۾
جيتري به شمشير سان ڏيٺ ويٺ ٿي، اها منهنجي ساڻس
تعارف کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين قائم رهي. هن جي
شخصيت سادي، صاف، شفاف ۽ کليل ڪتاب وانگر آهي،
زندگيءَ جي اوڀارين ۽ لهوارين ۾ هُو هميشه هڪ
مضبوط اوچي وڻ وانگر سربلند رهيو آهي. مون نه هن
کي ڪڏهن ڪنهن سان تلخي سان ڳالهائيندي، ۽ نه ڪنهن
جي گلا ڪندي ٻُڌو. هن جي سنهڙي جسامت ۾ سندس آواز
هن جي دليلن کي وڌيڪ چٽائيءَ سان بيان ڪرڻ ۾ سندس
مدد ڪندو رهيو، ڏکئي کان ڏُکئي موقعي تي به اسان
هن کي تدبر ۽ تحمل جو دامن ڇڏيندي نه ڏٺو.
اسان شمشيرالحيدري کي ڪيترو ٿا سڃاڻون؟ ڇا اسان هن
کي بحيثيت شاعر ٿا سڃاڻون، جنهن جي هُو پاڻ نفي ٿو
ڪري ۽ بقول هن جي ته:
”کيس شاعري ڪرڻ جي ڪا ٽيڪنڪ هٿ اچي ويئي آهي، پر
هُو اصل ۾ شاعر نه آهي. هن جي نظر ۾ شاعري هڪ وڏو
منصب آهي، اهو جنهن کي ملي، هر ڪنهن کي نه ٿو ملي،
وري جي اها ڪار پيغمبري آهي ته پوءِ وڏو منصب آهي،
تنهنڪري گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي ماڻهو کي ته شاعر نه
چوڻ گهرجي“. (انٽرويو- پيغام فيبروري- مارچ 2012ع،
صفحو 21)
اهو شخص جيڪو پاڻ کي ان منصب تي فائز ئي نه ٿو
سمجهي، اهو جڏهن ههڙيون سٽون ٿو سرجي ته:
متان ياد ۾ ئي نه گم ٿي وڃين تون،
اُهي ئي ته آهن وسارڻ جون ڳالهيون
اسين حال هيڻا اوهان جي خدائي وڏي ڳالهه آهي،
هلي پئي اڃان زندگي جي لڙائي وڏي ڳالهه آهي.
نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
اها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي!
هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي!
۽ وري هي معرڪة الارا سٽون:
دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آياسين،
سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين
سو سائين، پاڻ کي شاعر نه مڃيندڙ، پنهنجي شاعريءَ
جي ٽيڪنڪ وسيلي اهڙي شاعري ڏيئي ويو آهي، جو کيس
وينتي آهي ته، مهرباني ڪري اها ٽيڪنڪ کڻي انهن
هزارن شاعرن کي سيکاري، جيڪي سال ۾ شاعريءَ جا ٻه
ٽي ڪتاب ڇپرائي وٺندا آهن ۽ عظيم شاعرن جي قطار ۾
پاڻ کي بيهاريندا آهن.
جي شاعر نه، ته ڀلا شمشيرالحيدريءَ کي نئين
زندگيءَ جي هڪ سرڪاري رسالي جي ان ايڊيٽر جي حيثيت
سان سڃاڻون، جنهن سرڪاري پبلسٽي ۽ عوامي مسئلن ۽
ادب جي آبياري وچ ۾ ايترو ته خوبصورت توازن رکيو،
جو ان تي ڪير به آڱر کڻي نه سگهيو، يا وري روزاني
مهراڻ، جيڪا هڪ سياسي پارٽيءَ جي اخبار آهي، ان تي
هٿ رکيائين، ته ان جي سرڪيوليشن 12 سؤ کان وڌي
وڃي، 22 هزارن تائين پهتي
يا وري اهو شمشيرالحيدري، 1960ع ۾ ٻوليءَ لاءِ آيل
ان بل، جنهن ۾ علاقائي يا مادري ٻولين کي رڳو
چوٿين درجي تائين پڙهائڻ جي سفارش ڪيل هئي، تنهن
کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ هاڃيڪار سمجهندي، سنڌي ادبي
سنگت جي سيڪريٽري جنرل هئڻ جي حيثيت ۾، پنهنجي هئڻ
جو حق ادا ڪيو ۽ سڄي سنڌ کي متحرڪ ڪري، ننڍي کان
وڏي، عورت يا مرد، استاد کان وٺي شاگرد ۽ عام کان
وٺي خاص تائين، سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي جاڳائي ڇڏيو.
مجبوراً سياستدانن کي ٻاهر نڪري عوام سان بيهڻو
پيو، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ طالب الموليٰ کي وچ ۾
اچڻو پيو ۽ ايوب خان کي اهو بل واپس وٺڻو پيو.
يا اهو شمشيرالحيدري جنهن جي ٻوليءَ جي اوسر، ان
جي ترقي، ميڊيا ۾ ٻولي جي بگاڙ، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽيءَ جي دائره ڪار، صحافت، ان جا مامرا،
تعليم، ان جي اهميت، ان جي ضرورت، سنڌ ۾ غير
معياري تعليم جا ڪارڻ، سنڌي قوم جي بي حسي، بيوسي،
بيڪاري، ان جي پوئتي رهجي وڃڻ جا ڪارڻ، مطلب ته
سنڌ سان سلهاڙيل اهو ڪهڙو موضوع آهي، جنهن تي
شمشير جي راءِ چٽي ۽ قابلِ عمل نه هجي. هُو نه صرف
مسئلن کان واقف آهي، پر انهن جي اُپٽار به ڪري ٿو
۽ انهن تي ويهي رڳو ڳوڙها نه ٿو ڳاڙي، بلڪه ان جو
حل به ٻُڌائي ٿو:
ارادن کي ملندو عمل جو سهارو،
چڱيون ٿينديون گڏجي گذارڻ جون ڳالهيون،
زندگي ڪاڪ محل آهه ڪو رنگا رنگي،
جنهن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جان!
ڏسي ٿو ڀلا ڪير آفتاب جي سرحد،
ٻُڌائي ڪير سگهيو آهي خواب جي سرحد،
ڪروڙين ذهن فقط هڪ ڪتاب جي سرحد،
وسيع آهه اڃا انقلاب جي سرحد!
هنن ئي ڏينهن لاءِ شايد اهو پيغام ڏنو اٿس، جنهن ۾
اڄ عرب جي اٺ وانگر ڌرتي ۽ زبان جا ويري، ڪات
ڪهاڙا کنيو، ڌرتي اندر ڪاهجي اندر ته اچي ويا آهن،
اسان به پورڙا.... ڄاڻي واڻي..... وات ڦاڙي چئون
پيا کين پنهنجو ڪنداسين، مفاهمت کيڏيندي کيڏيندي
باهه سان پيا کيڏون. چئن ڏينهن جي، ڪنهن نه ڪم جي
حڪومت ماڻڻ لاءِ، پنهنجن کي گروي رکي ڇڏيو اٿئون،
۽ رڳو ڀتين تان نعرا ڊهرائڻ ۽ پينا فليڪس نه لڳائڻ
لاءِ منٿون ڪرڻ ۾ پورا آهيون.
اڄ وري شمشيرالحيدري واري دور جي ادبي سنگت جي
ضرورت آهي. سنڌ جي ننڍي وڏي، عورت ۽ مرد، پڙهيل ۽
اڻ پڙهيل ۽ هر ساڃاهه وند جي لاءِ امتحان جي گهڙي
اچي ويئي آهي. شمشير ته انهن سڀني امتحانن ۾ پاس
ٿيو هو. اڄ به هُو سڀني سان گڏ بيٺو آهي، اوتروئي
مدبر، اوتروئي حوصلي مند، اوتروئي غيرتمند ۽
اوتروئي خوددار، سندس اکيون ڏسي نه ٿيو سگهن ته ڇا
ٿيو.....؟ سنڌ جو ٻچو ٻچو هن جون اکيون آهي....
سڄي سنڌ هن لاءِ نور ئي نور آهي هِن، ان لاءِ ته
چيو آهي:
ايئن ڪوتا ته جڙندي ڪانه پيارا!
اسان ان تي نچويو نور آهي
شمشير، شايد اڄ توکي اندازو ٿئي ته سنڌ ۽ سنڌي
محبت ڪري به ڄاڻن، ٻڌائڻ به ڄاڻن ۽ موٽائڻ به
ڄاڻن...... اسان سڀ توسان بي انتها محبت ڪريون ٿا،
تنهنجي ڪيل محبت پاڻ سان سانڍي رکڻ ٿا چاهيون....
اها محبت موٽائي ڏيڻ تي دل نه ٿي چوي.... تون ته
سراپا مالا مال آهين. سدائين پاڻ کي فقير، پر امير
ايترو جو ڌن دولت سڀني کي هيچ ڄاڻين، خوددار ايترو
جو.
پاڙي ناهي پروڙ ته رات رنجائي گذري. (ڀٽائي)
ڳالهه آ سنئين سڌي.... ڀلا شمشير ڪير سڏائي؟ الائي
ڪهڙي زماني ۾ شمشير ڪنهن جي اکين ۾ نهاريو ۽ چئي
ويٺو:
تُنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻي ڪناري ويو!
تُنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو،
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو.
مان سمجهان ٿي ته هي شعر محبت ڪرڻ وارن جي چپن تي
ته هوندا ئي هوندا، محبت جي گهرائيءَ جو ان کان
وڌيڪ خوبصورت مثال شايد ئي ڪو ٻيو ٿي سگهندو، پر
شمشير! تنهنجي ان غزل جو آخري بند مان ڪڏهن به نه
پڙهنديس، اهو مون کي سخت ناپسند آهي، شايد ته اهو
هڪڙو ئي خراب شعر سڄي زندگيءَ ۾ چيو هوندو.
مان ته بس اهو چوندس ته بس! جيئرو هجين، جُڙيو
هجين، پنهنجن سان گڏ هجين، پنهنجن جي وچ ۾ هجين
(19 مئي 2012ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي پاران
شمشيرالحيدريءِ سان ملهايل رهاڻ جي موقعي تي
پڙهيل.)
امداد حسيني
شمشير هڪ شاعر، جيڪو پاڻ کي
شاعر نه ٿو سمجهي!
اڄ جڏهن، هن وقت،
اسين شمشيرالحيدريءَ سان، کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ
لاءِ، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ هال، سنڌي ٻولي اٿارٽي، حيدرآباد
سنڌ ۾، ڪٺا آهيون، تڏهن مون کي شمشيرالحيدريءَ جي
غزل جو هيءُ شعر، هانءَ تي هُري آيو آهي:
ارادن کي ملندو عمل جو سهارو،
چڱيون ٿينديون گڏجي گذارڻ جون ڳالهيون!
انهن ٻن سٽن ۽ ٻارهن لفظن ۾ شمشير هڪ اهڙي سچائي
بيان ڪري ڇڏي آهي، جيڪا اڄ به اسان جو ڌيان لهڻي.
انهن ۾ ٽي مکيه لفظ آهن، جيڪي استعارا بڻجي ويا
آهن: ارادو، عمل ۽ گڏجڻ ۽ اها سچائي تغزل جي رڱ ۾
رڱيل پڻ آهي. هو ”گڏجي گذارڻ“ جي ڳالهين کي
”چڱيون“ ٿو چئي؛ ڇاڪاڻ ته ”اُو ڪو ٻيو فهم“ آهي
”جنهن سان پسجي پرينءَ کي“، ۽ اُهو پرينءَ جو پسڻ،
مقصد جو ماڻڻ ان لاءِ ضروري آهي ڪنهن پرينءَ جو
هجڻ- ڪنهن مقصد، جو هئڻ! ۽ اهڙو اظهار نه رڳو
سندس، پر سنڌي شاعريءَ جي هڪ اهم نظم ”ڪاڪ محل“ جي
پهرين ٻن سٽن ۾ هيئن ڪيو آهي:
زندگي ڪاڪ محل آهه ڪر رنگا رنگي،
جنهن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جان.
هتي ”مقصد“ مان منهنجي مراد ترقي پسند نظرئي واري
”مقصديت“ ۽ ”افاديت“ نه آهي. ڇاڪاڻ ته مقصديت ۽
افاديت ته هر دور جي شاعريءَ ۾ رهي آهي، شمشير
واري دور جي اديبن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن ۽ عالمن آڏو
سڀ کان وڏو مقصد ”سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحالي“
هو. ان ڏس ۾ پهريون قدم سنڌي ادبي سنگت کنيو. ان
تحريڪ ۾ شمشير هڪ مُک ڪردار ادا ڪيو. اهو هن جو
مزاحمتي ڪردار هو. شاعريءَ ۾ به، ته عملي طور به:
شمشير بنيادي طور هڪ شاعر آهي. هڪ اهم شاعر، هو
منفرد لهجي جي ڪري پنهنجي ساٿارين ۾ هڪ نمايان
حيثيت رکي ٿو. هن جي نظر جو ڪئنواس وسيع آهي، ان
ڏس ۾ ”ڪاڪ محل“،
”مشورا“، ”اي همسفرو“، ”پراڻا حربا“ ”ملحد“،
”القلاب جي سرحد“ جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا.
شمشير جي غزل ۾ تغزل به آهي ته گهرائي به. شمشير
کي ڪي دوست غزل جو شاعر نه ٿا مڃين. جنهن جو آڌار
ذاتي پسند ناپسند آهي. جڏهن ته شمشير جي غزل جي
حوالي کان سواءِ، غزل جو ڪو حوالو معتبر به نه
آهي. غزل ۾ هيئتي لحاظ کان تجربي جي گنجائش يا ته
آهي ڪانه، يا ته گهٽ آهي، پر سڀ کان پهرين شمشير
ئي اهڙو تجربو ڪيو:
اسين حال هيڻا اوهان جي خدائي وڏي ڳالهه آهي،
هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي وڏي ڳالهه آهي.
نگاهون کڻي داد جي لاءِ مرڪي نهارڻ جي ڪهڙي ضرورت،
اوهين آهيو سهڻا اوهان جي اهائي وڏي ڳالهه آهي.
ان ريت مقدار کي معيار تي ترجيح ڏيئي، اسين اهو
چئون ته شمشير وائيءَ جو شاعر نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن
”وائي“ گهٽ لکي آهي ته پوءِ جديد وائيءَ جي ڪابه
مڪمل صورت اسان جي آڏو نه اچي سگهندي، جيڪڏهن اُن
۾ شمشير جي هيءَ وائي نه هوندي:
مستن تي نه ميار سائين مستن تي نه ميار،
ڪڏهين ايڪو ايڪ اڪيلا، ڪڏهين ٻه ڏون چار،
مستن تي نه ميار!
شمشير اجتماعي شعور جو شاعر آهي ۽ هو سڀ کان
پهرئين ذهن کي متاثر ڪري ٿو. هو
geniun
۽
genius
شاعر آهي. هو گهُت نه ٿو هڻي،
گوهي نه ٿو ڏئي، گوٿ ناٿ نه ٿو ڪري، لفاظيءَ ۾ نه
پاڻ ڦاسي ٿو، نه اسان کي ٿو ڦاسائي. قطعو هجي يا
غزل، نظم هجي يا آزاد نظم، سڀني ۾ هُو پنهنجي
ڳالهه اهڙي ته انداز سان ڪري ٿو، جا دل کي ڇُهي ٿي
وڃي:
چوي ڪير ٿو
ته تون ڪجهه نه ڪر
ڀلا ڪير ٿو توکي روڪي.
ته تون پنهنجي جوڀن جياريل، بهارن جي بخشيل سُريلي
۽ شفاف نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن تي سدا صاف ريشم
۽ مخمل جي زرتار پوشاڪ پهرڻ ڇڏي ڏي
نه ڪر سينڌ سرمو
۽ پنهنجن خيالن کي دل جي ئي ويران خانن ۾ جڪڙي
تبسم جي چپڙن تي سرخي لڳائڻ ڇڏي ڏي
زماني کي قائل بنائڻ ڇڏي ڏي
چوي ڪير ٿو
ته تون ڪجهه نه ڪر!
هن جي سٽن ۾ اجهل رواني آهي. هن قطعا به گهٽ لکيا
آهن. شايد هڪ هٿ جي آڱرين جيترا، پر اُهي اسان کي
بر زبان ياد آهن:
دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آياسين،
سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.
*
نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
اها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
هيءُ ظلم آهه اسان سان اوهان جي محفل ۾،
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي!
*
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سر عام هر بات چوندا رهياسين،
اوهان ڪيتروئي دٻايو ڌتاريو،
اسين رات کي رات چوندا رهياسين.
شمشير گهٽ لکيو آهي، شمشير تي به گهٽ لکيو ويو
آهي، منهنجي لاءِ ان جو ڪارڻ اهو آهي: شمشير تي
لکڻ ايڏو سولو به نه آهي. مان هن جي غزل تي لکڻ
لڳان ٿو ته هن جا نظم ڌيان ۾ اچيو وڃن، نظمن تي
لکڻ لڳان ٿو ته آزاد نظم منهنجي آڏو اچيو وڃن. سڀ
کان وڌيڪ اهي يادگار پل جيڪي شمشير سان گڏ گذريا.
انهن يادن جا ريشمي تاڪيا کُلندا ويندا آهن.
کُلندا ويندا آهن... ۽ مون کي شمشير جو هيءُ شعر
ياد اچي ويندو آهي:
متان ياد ۾ ئي نه گم ٿي وڃين تون،
اهي ئي ته آهن وسارڻ جون ڳالهيون.
انهيءَ غزل جي مقطع ڏئي، ڳالهه کي اڳتي وڌائيندس:
ڪٿي آهه شمشير جو چنگ چوري،
زمانو ڀلجي ويو چارڻ جون ڳالهيون.
اصل ۾ مون شمشير جي غزل تي لکڻ پئي گهريو. ان ڪري
نه ته ڪو هن کي غزل جو شاعر نه ٿو مڃيو وڃي، جنهن
جو هن جي يا هن جي غزل جي صحت تي ڪو به اثر نه ٿو
پوي، البت هڪ سطح ضرور وائکي ٿئي ٿي.
شمشير جي غزل جي شروعات به روايتي رنگ مان ٿي ۽ ان
روايتي غزل کي سندس مختصر شعري مجموعي ”لاٽ“ ۾ الڳ
سان ڏنو ويو آهي ۽ اُن غزل ۾ دستِ حنائي، اثرِ
دردِ جدائي، شرابِ زيست، خرم و شاداب، يادِ عشرتِ
ماضي، شريڪِ فتنهائي آسمانِ جهڙيون ترڪيبون موجود
آهن:
هم نشين پڇ نه حديثِ غمِ دوران مون کان،
زندگي آهه بهرحال گريزان مون کان.
اسان جي شاعرن: اياز، تنوير ۽ شمشير روايتي غزل کي
ڦاڙي ڦٽو نه ڪيو، پر قائم رکيو. ائين انهن جي غزل
جي ارتقا بابت سنهجائي ٿئي ٿي. شمشير کان زندگي
بهرحال گريزان رهي، پر هُو زندگيءَ کان ڪڏهن به
گريزان نه رهيو، پاڻ اُن کي وڌيڪ ويجهو ٿيو. وقت ۽
حالتن، سنڌ جي منظر نامي ۾، جيڪي تبديليون آنديون،
انهن کي شمشير وارن ڀريندي ئي پروڙيو. ساڳئي وقت
دنيا ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو، اُن کان به اسين
اکيون نه ٿا ٻُوٽي سگهون، جڏهن يوري گاگرين چنڊ
ڏانهن اڏاڻو، تڏهن ان يادگار واقعي کي منظوم ڪيو ۽
اهو به هڪ غزل جي مطلع ۾، ۽ اها مطلع اڄ به انساني
عظمتن جي حوالي سان هڪ دائمي دليل طور موجود آهي:
لٿا عرش تي زندگيءَ جا سفينا،
بدلجي ويا بندگيءَ جا قرينا.
شمشير انساني عظمتن جو شاعر آهي. هو انساني
جسماني، ذهني ۽ روحاني آزاديءَ جو زبردست حامي
آهي:
اسان عشق وارن جا ارواح آزاد آهن ازل کان،
ابد تائين آهي اسان جي رسائي وڏي ڳالهه آهي.
شمشير ٽيڪنڪ کي مڃي ٿو، پر پاڻ کي شاعر نه ٿو مڃي.
شمشير شايد دنيا جو واحد شاعر آهي، جيڪو پاڻ کي
شاعر نه ٿو مڃي. جڏهن ته ڪي نقاد ٽيڪنڪ کي ئي
شاعري مڃين ٿا. ٽيڪنڪ جي، فن جي شاعريءَ ۾ ثانوي
نه، پر اُهائي بنيادي حيثيت آهي، جيڪا خيال (Thought)
جي آهي، ۽ شمشير جي شاعريءَ ۾ ٻيئي ٽيڪنڪ ۽ خيال،
هڪ، ڪري ماترا ۾ هڪيا آهن:
خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسند کي،
مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد!
هر ساهي اساهي وجود ۽ وَٿ کي هڪ هيئت آهي. صرف
”خيال“ ئي آهي، جنهن کي هيئت نه آهي. پر جڏهن
”خيال“ شاعريءَ ۾ لفظن جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو،
ته اُهو ڪنهن نه ڪنهن هيئت ۾ ئي پني تي پلٽجي ٿو ۽
شمشير جا هيئتي تجربا غزل توڙي نظم، ۾ هڪ الڳ
موضوع آهن:
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌو جي ٻئي ڪناري ويو.
تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو،
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو.
شمشير هڪ گُني، گهرو ۽ گنڀير اعليٰ پائي جو شاعر
آهي. شمشير هڪ پوري دور جو نالو آهي. هو پاڪستان
کان 15 سال وڏو آهي ۽ اڌ صديءَ کان مٿي سنڌي ادب ۾
ٿيندڙ تبديلين، تحريڪن جو اکين ڏٺو شاهد آهي. انهن
شاهدين کي لکت ۾ آڻڻ، انتهائي ضروري آهي. آءٌ ان
ڏس ۾ کانئس سدائين پڇندو رهندو آهيان ۽ هُو سدائين
”مولا تي ننگ آهي“ چئي ڳالهه ٽاري ڇڏيندو آهي. مان
ڄاڻان ٿو ته اهو هڪ وڏو ڪم آهي، جنهن لاءِ ٻيا
سمورا ڌنڌا ڌاڙي ڇڏڻا پوندا، جيڪو ممڪن نه آهي. نه
ئي ڪنهن اداري پاران هن وٽ اهڙي ڪا
Assignment
آهي! ويجهڙائيءَ ۾ هن ٻڌايو ته هو ان بابت 200
صفحا لکي چڪو آهي. هاڻي ته هو نيڻن جو نور به
نچوئي چڪو آهي:
اِئين ڪوتا ته جُڙندي ڪانه پيارا،
اسان اُن تي نچويو نور آهي!
پر هن جو مختصر شعري مجموعو ”لاٽ“، جيڪو اڻلڀ آهي،
جو ٻيو ڇاپو به نه اچي سگهيو آهي! نه ئي ”لاٽ“ کان
پوءِ جو ڪلام ڪتابي صورت ۾ ڇپيو آهي! مون کي ته
اها به سُڌ نه آهي ته ڪو هن پنهنجو ڪلام سهيڙيو به
آهي يا نه! هُن ڪڏهن به پذيرائي نه چاهي آهي. نه
ئي ڪڏهن هو جذبات سان کيڏي ٿو، انڪري هُو اسان کي
روهه ۾ رولي پويان پير نه ٿو ڪري. اهو اسان جي
اتهاس جو الميو آهي ته ظالم جي خلاف، مظلوم جي حق
۾ وڙهندڙ شاعر پاڻ مظلوم بڻجي وڃي:
هي ظلم آهه اسان سان اوهان جي محفل ۾،
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي!
شمشير جو دور هڪ انتهائي اهم دور آهي، جنهن ۾
اعليٰ پائي جو نثر توڙي نظم ۾، ادب وجود ۾ آيو، پر
اُن کان پوءِ ڇا ٿيو؟ ان سوال جي جواب لهڻ لاءِ
اسان کي سنجيدو ٿيڻو پوندو. عقل ۽ عزم کان ڪم وٺڻو
پوندو:
ها مگر مينڌرا منزل کي رسي ئي رهندا،
جادو نگريءَ جا طلسمات ٽٽي ئي رهندا،
عقل ۽ عزم جا راڻا ويا اڳتي ڌوڪي،
پنهنجي حالات جي مول کي پسي ئي رهندا.
شمشير جهڙا شاعر ڪنهن به پذيرائيءَ، اوارڊ، رِوارڊ
۽ مڃتا کان مٿاهان هوندا آهن، ائين ڪري دراصل اسين
پنهنجو پاڻ کي مڃتا ڏيندا آهيون:
ڏسي ٿو ڪير ڀلا آفتاب جي سرحد،
ٻڌائي ڪير سگهيو آهه خواب جي سرحد،
ڪروڙين ذهن فقط هڪ ڪتاب جي سرحد،
وسيع آهه اڃا انقلاب جي سرحد!
اُهو ڪتاب ڪهڙو هوندو، جيڪو ڪروڙن ذهنن جي سرحد
هوندو؟ اُهو ڪتاب پڪ سان شاعريءَ جو ئي ڪتاب
هوندو!
نصير مرزا
شب و روز
شمشير، ڳرندو وڃين
مَڌُ جي گڙنگ پياڪن مان، هن وقت تائين ڪي ته صرف
دُنگ چاڙهي چڪا هوندا، درياههَ پر اسان جو شمشير
ڀانيان ٿو، پنهنجي ڪمزور سنهيءَ نڙيءَ مان، هن وقت
تائين مڌ جا ڪيئي سمنڊ اندر ۾ اوتي چڪو هوندو. شيخ
اياز لکيو آهي: هڪ دفعي مون کي ڪارونجھر جبل جي
ماکي تحفي ۾ ملي هئي ۽ مون ان کي يڪدم ئي پنهنجي،
شاعريءَ ۾ اوتي ڇڏيو هو ۽ آءٌ ڀانيان، ته هيڏانهن
(شمشير) جيڪو مڌ پيتو آهي، اهو هن اندر ۾ نه ڄڻ،
پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيو آهي ۽ جي اعتبار نه اچيوَ،
ته سندس هنن ٿڙندڙ ٿاٻڙجندڙ سٽن جي پيرن مان ئي
اندازو لڳائي وٺو:
ڇا مسجد ۾، ڇا مندر ۾،
ڇو وقت وڃائين وندر ۾،
ٿي پنهنجو پاڻ امام،
صبح ۽ شام، گھٽي ۽ گام،
ڀري پي جام، محبت وارو.
۽ جيئن مون چيو، سالن کان پيئڻ جي باوجود شمشير جي
اڃ آهي، جا اڃا به اجھامڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي ۽
ڦري گھري ۽ وري وري اجھو اهو ئي پيئي چوندي نظر
اچي ته:
پيئڻ جا بهانا، پيارڻ جون ڳالهيون،
جيئن شال! ڪم ڪي جيارڻ جون ڳالهيون.
۽ ڪيڏو نه ڀاڳ وند آهيان جي آءٌ، جنهن شمشير سان
گڏجي نه فقط پيتو آهي، پر کيس ڪڏهن ڪڏهن پياريو به
آهي. ۽ ڀلا شمشير جي نالي سان منهنجي پهرين
شناسائي ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي هئي ۽ اها ڳالهه به آءٌ هتي
لکان ٿو، پر پهرين مون کان پڇو، ته مون اول اول هن
کي ڏٺو ته ڏٺو ڪٿي!؟ جواب آهي تصويرن ۾! جيڪي ان
(ستر واري) دؤر ۾ ڪن رسالن ۾ شايع ٿينديون هيون.
پوءِ حيدرآباد جي ادبي محفلن ۾، ڦوهه جوانيءَ ۾
جڏهن مان اٿڻ ويهڻ لڳس، ته هن کي گھڻو تڻو تنوير
عباسي صاحب سان ئي ڏٺم ۽ ڄاتم ته پڪ سان پاڻ ۾
گھاٽا گھرا دوست آهن ۽ ڪيئي اهڙيون محفلون به ياد
پيون اچنم، جن ۾ ٻڌم ۽ ڏٺم، ته جي شمشير پري ڪٿي
بيٺو هوندو هو، ته تنوير صاحب حب مان، هن ڏانهن
وڌندي، سدائين ايئن پيو چوندو، ڏانهس ويندو هو:
شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي،
محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد.
۽ شمشير جي نالي سان به هيءَ ڪا عجب جھڙي ئي
ٽريجڊي آهي جو هيڏانهن جي آءٌ نصير! هن کي سدائين
زير سان شَمشِير شَمشِير ڪري پيو سمجھندو ۽ مخاطب
ٿيندو هوس ۽ هوڏانهن، تنوير عباسي صاحب وري کيس
هميشه زبر سان پيو سڏيندو هو: شَمشَير شَمشَير.
ڀانيان ٿو، 1981ع وارو ساهت سال هو ۽ اسين سنڌ
مدرسي ڪراچيءَ جي وسيع ميدان ۾ ڪل سنڌي مشاعري
ڏانهن وڃڻ لاءِ اتي موجود هئاسين جو حسبِ دستور،
شمشير کي تنوير سان گڏ بيٺل ڏٺم، تڏهن وڌي سندس ڀر
۾ وڃي آءٌ بيٺو هوس ۽ بس الائي ڇو؟ تنوير کان پڇي
ويٺو هوس. توهان ٻنهي همعصرن ۾ ڄمار ۾، وڏو ڀلا
ڪير؟ ۽ ننڍو ڪير!؟ تڏهن تنوير ئي چپ چوريا؛ آءٌ
1934ع جي پيدائش ۽ شمشير 1933ع جي سو لامحاله،
شمشير ئي عمر ۾ مون کان وڏو آهي.
۽ يڪدم ئي شمشير جھڙوڪ غم و غصي سان چئي ويٺو؛ ها
سائين! تون منهنجو
ڊيش ڊيش رهيو آهين ۽ آءٌ تنهنجو عاشق! ۽ بس انهن
ئي پيرن تي کلندي چيائين: اڙي بابا، هڪڙي ئي سال
جو ته فرق آهي پنهنجي عمرين ۾! سو جي چئين ها، ته
هڪ جيڏا آهيون، ته ڇا ٿي پونئي ها!. شمشير پنهنجي
گفتار ۾ ڪيترو 4
#
آهي ۽ ڪيترا تيز ترار جملا ڳالهائي سگھي ٿو، ان جو
هڪڙو تجربو ته مون کي به واهه جو ٿيو ۽ اهو بدين ۾
لاڙ ثقافتي ميلي جو موقعو هو ۽ ماحول ۾ شديد گرمي
۽ گھُٽ هئي ۽ سڄو پنڊال ماڻهن سان ٽائيٽ پيڪ لڳو
پيو هو. اوچتو مون کي شديد اڃ اچي سڱن تي جو کنيو
ته ڪنهن ٻڌايم اسٽيج ڀرسان ڪنڊ ۾ شمشير ليڊي
ڪمپئير لاءِ تازه به تازه ڪمپيئرنگ لکندو، هن کي
ڏيندو پيو وڃي. اتي ئي هن وٽ ڀرسان ٿڌي پاڻيءَ جو
ڪولر به رکيو آهي. وڃ ۽ وڃي وٽانئس پاڻي پِي اُڃ
اُجھائي اچ. آءٌ ڊوڙي وٽس پهتس ۽ اتاولائيءَ مان
چيومانس: ”ٻڌو اٿم اوهان وٽ ٺنڊاٺار پاڻيءَ جو
ڪولر آهي، ڪي چار ڍڪ پاڻيءَ جا ته ڏيو!! ۽ شمشير
جنهن تيزيءَ سان پني تي ڪجهه لکيو ويٺي، يڪدم منهن
مٿي ڪري، مون ڏانهن ڏٺائين ۽ گلاس هٿ ۾ ڏيندي ڳجهو
اشارو ڪندي، کلندي چيائين: هان نصير. . . ڪولر جي
ٽونٽي اجھو هن پاسي اٿئي.
شمشير، مست آهي، ملنگ آهي، ڀوڳائي آهي، ٽڙنگ آهي،
ٽوڻائي آهي، تمام ذهين ۽ وڏو شاعر ۽ لکاري آهي ۽
تما تر اهڙي اميريءَ ۽ شهنشاهيءَ جي، شمشير
اقتصادي طرح سان پاڻ ڀرو ته مون کي ڪڏهن به نظر
ڪونه آيو آهي توڻي جو ننڍي شهر مان لڏي ڪري
حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي ۾ پاڪستان ڪوارٽرز ۾ وڃي
مستقل خيما کوڙڻ جي عرصي دوران، هن معرڪا به وڏا
وڏا سر ڪيا ۽ ڪڏهن ٽه ٽماهي ”مهراڻ“
جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو ته ڪڏهن”نئين زندگي“ رسالي
جو سمپادڪ، ڪڏهن روزانه ”مهراڻ“، اخبار جو مائل
اسٽون ايڊيٽر، ته ڪڏهن ”يوٿ افيئرز“ واري منسٽريءَ
۾ اعليٰ منصب دار، ڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جو سرواڻ
ته ڪڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو ڪل مختار سيڪريٽري، ۽
باوجود ايترن اعليٰ عهدن ۽ منصبن جي هر دؤر ۾
شمشير جي رام ڪهاڻي بس اها ئي رهي ته. . . مولا تي
ننگ آهي.
ڀانيان ٿو، اهو اسيءَ وارو ڏهاڪو هو. ٽي.وي تي
ڪنهن ادبي بحث مباحثي واري پروگرام لاءِ، ممتاز
مرزا صاحب جي آفيس ۾ ويٺا هئاسين، خبر پئي ته
حيدرآباد ۽ خيرپور وارا اديب شاعر ته، ڪفن سر سان
ٻڌي ٽي.ويءَ تي پهچي چڪا هئا ۽ نه ئي پهتو
هو ته، ڪراچيءَ
جي پاڪستان ڪوارٽرس مان شمشيرالحيدري!! شايد تاجل
بيوس، مشورو ڏنو هو يار! پوءِ کڻي ڀلا، فون ڪريوس
نه، ته، تڪڙو اچي، تڏهن ممتاز صاحب جي آفيس ۾
ٽهڪڙو مچي ويو هو. اڙي هان، اهو ڇا جي لاءِ؟ ممتاز
صاحب چيو: اڙي يار! غريب وٽ فون گھر ۾ آهي ئي
ڪونه، ان لاءِ هن کي پاڙي واري ڌوٻيءَ جي دڪان تي
فون ڪرڻي پوندي آهي ۽ جيستائين هولڊ ٿيل فون دوران
هن کي ڪو گھران سڏڻ ويندو آهي، تيستائين ته فون جو
بل وڃي سوين رپين تائين پهچندو آهي.
خير. . . هتي ڳالهه مون هي به ڪرڻ پئي چاهي ته
شمشير بدين جي هڪ ننڍڙي علائقي، نندو شهر ۾ جنم
ورتو هو ۽ سندس وڏڙا، اثنا عشري خواجه سڏبا هئا ۽
سندس ناناڻن مان هڪڙو مامو، حڪيم نذير حسين حيدري
۽ ٻيو مامو، غلام حسين ملنگي پنهنجي تر جا،
ناميارا ۽ هاڪارا انسان تصور ڪيا ويندا هئا ۽
انهن مشهور ماڻهن جي ڀاڻيجي يعني شمشيرالحيدريءَ
بابت، مون جڏهن کان ادب ۾ اک پٽي آهي، اهو ئي پئي
ٻڌو آهي ته، هو پاڪستان ڪوارٽرس ۾ رهندو آهي، ۽
ويساهه سان ٿو لکان ته ان وچ ۾ الائي ڪيترن اديبن
کي مون کنڊرن مان اٿي محلن ۾ وڃي آباد ٿيندي ڏٺو،
پر شمشير اڄ به اهو ئي پاڪستان ڪوارٽرس جي ڀڳل
جھريل ۽ غريباڻي فليٽ ۾ رهيو پيو آهي. ۽ مون کي
ياد آهي، شمشير اڃا نئون نئون آزاد نظم جي دنيا ۾
پير پاتو هو ته مستانه وار هن چيو پئي، هلندا ته
هلو اي همسفرو ۽ گڏوگڏ اها به صدا بلند ڪندو پئي
آيو ته: ’حياتي به بيٺي، ڪڏهن قافلا زندگيءَ جا نه
بيٺا . . . ۽ مسلسل ڪار زارِ حيات ۾ آءٌ ڀانيان ته
شمشير ائين چوندو ايترو ته هلندو رهيو، جو سمجھان
ٿو ته ڪجهه گھڻو ئي اڳتي نڪري ويو، ۽ جي ائين نه
هجي ها ته قافلي ۾ گڏ هلندڙن مان پويان کان ڪنهن
جي پڪار تي هو هيئن قطعي نه چوي ها:
مان ته منزل کان گھڻو اڳتي هليو ويو آهيان،
تون ڪٿي موٽ جي اڄ سين لڳائي آهي.
خير هاڻي ته شمشير، سدائين لاءِ وڃي ڪراچي ۽
پاڪستان ڪوارٽرز کي وسايو آهي، پر جنهن وقت سٺ
واري ڏهاڪي ۾ هن ننڍي شهر بدين مان جڏهن ڪوچ ڪيو
هو ته پهرين ڦليليءَ جي ڪناري سان ٽنڊي آغا
حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر قمرجهان مرزا وارن جي مسواڙي گھر
۾ اچي لڏو لاٿو هو. هي ڪاروانِ ڪربلا ڪتاب جو مصنف
اثنا عشري شيعو ۽ شديد ماتامي ۽ مولائي شمشير
الحيدري هو، جنهن وٽ، ان وقت، غمِ روزگار لاءِ صرف
حڪيم نذير حسين حيدريءَ جا ٻڌايل ڪي ناياب حڪمت جا
نسخا پيٽ ۾ هئا. قمرجهان مرزا (جنهن کي پيار ۾
اسين ادي گيگي سڏيندا آهيون) ان جي والده ٻڌايو
ته، اهي نسخا سٽڻ ڪٽڻ لاءِ شمشير، هن خاندان کان
پتل جو هڪ حمام دستو به اڌارو ورتو هو ۽ بقول قمر
آپا جي اهو حمام دستو، شمشير کي پوءِ ايترو ته
گهڻو پسند آيو هو جو والده قمر جهان هن کي اهو
پوءِ ان دعا سان ڏيئي ڇڏيو ته، ابا! ڌڻي ڪندو جو
تون هڪ ڏينهن، سنڌ جو حڪيم اجمل ثابت ٿيندين ۽
تنهنجي حڪمت مان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي انشاءَ الله
وڏي شفا به پلئه پوندي ۽ بقول قمر آپا جي. . .
بعد واري زماني ۾ پوءِ جڏهن امان ٻڌو ته شمشير،
حڪمت ڇڏي وڃي شعر و شاعريءَ جي ميدان ۾ پير پاتو
آهي، ته مرحومه مرندي وقت تائين چوندي رهي ته ابا
ڪو آهي، جيڪو شمشيرڻ کي وڃي چوي ته هو جڏهن سفوف
ٺاهڻ ۽ حڪمت جون پڙيون ٻڌڻ جو ڪم ڇڏي ئي چڪو آهي
تڏهن ڀلائي ڪري، منهنجو اهو خانداني حمام دستو ته
مون کي ورائي موڪلي، جيڪو شاديءَ ۾ مون کي ماءُ
وٽان ڏاج طور مليو هو.
ان کان پوءِ هيءُ شايد اسي وارو ڏهاڪو هو ۽ گاڏي
کاتي ۾ سائين نثار حسينيءَ وارو آگم پبلشنگ ايجنسي
جو پليٽ فارم هڪ اهم اداري طور اڀري سامهون اچي
چڪو هو. اسين ان ادري جي آفيس ۾ هڪ شام، خوش گپين
۾ مصروف هئاسين ته ڪنهن اچي اطاع ڏنو. شمشير سڀ
ڪجهه ڪراچيءَ ۾ ڇڏي بدين واپس پهچي چڪو آهي ۽ جيڪي
وٽس زمين جا ٽڪر اتي آهن هو انهن ۾ سونف پوکرائي،
هارين کان جهار ويٺو پيو هڪلرائي ۽ ان ڳالهه کي
اڃا ٿورو ئي وقت مس گذريو هوندو ته هي افسوسناڪ
اطلاع پهتو: ته سونفن جي پوک تي ماڪڙ جو حملو،
تباهه حال شمشير، واپس پاڪستان ڪوارٽرس پهچي ويو.
۽ هي به اهڙا ئي ڪي ڏينهن هئا، جڏهن شمشير، بيدل
مسرور جي ادبي پروگرام مخزن ۾ مخدوم طالب الموليٰ
جي ڪتاب ”مخففات“ تي تبصري لاءِ آيل هو، ڪئميرا آن
ٿي ۽ شمشير ڳالهائڻ جو شروع ڪيو ته لفظ مخففات جي
تلفظ تي اٽڪي بيهي رهيو. ڪنهن وقت سندس زبان مان
مخفات ٿي نڪري ويو ته ڪنهن وقت وري خفف، ففات يا
مغلظات. بهرحال پوءِ جيئن تيئن قسطن ۾ ئي سهي
مخففات هو چئي ته ويو، پر ڪاوڙ ۾ پوءِ ان ڪتاب کي
اتي ئي ڇڏي، پاڻ الائي ڪيڏانهن هليو ويو.
شمشير قهر جو جملي باز به آهي. هڪڙي ڀيري ٽي.وي تي
رڪارڊن ۾ سيٽ تي اچي ويٺاسين ته پرواني ڀٽي صاحب
يڪدم کيسي مان وڏي تسبيح ڪڍي، مڻيا تيزيءَ سان
ڦيرائڻ ۾ مشغول ٿي ويو، سندس ڀرسان موجود . . .
شمشير جو اهو لقاءُ ڏٺو ته سندس مزاح جي رڳ ڦڙڪي
اٿي. چيائين، پروانه اهو ڌنڌو وري ڪڏهن کان شروع
ڪيو اٿئي. تڏهن پرواني صاحب به گھٽ نه ڪئي، تڙي
کڙي وراڻيائينس:
تو جو اهو ڌنڌو ڇڏيو، ته اسان شروع ڪري ڏنو. آخر
تو واري ان ڪاروبار کي جاري ته رهڻ ئي گھرجي نه!
ڀانيان ٿو، اهڙن جملن جي ڏي وٺ اڃا به جاري رهي
ها، پر اوچتو پينل تان پروڊيوسر سميع بلوچ جو آواز
اڀريو ’ڪيپ سائلنٽ ۽ ڪيو آفٽر فائيو سيڪنڊس!‘
اَڇا! هتي هيءُ ٻيو واقعو به ياد اچي ويم، شايد
1993ع وارو سال هو ۽ مهينو جنوري! ۽ اسين اديب
شاعر، اختر مرزا جي سرواڻيءَ ۾ هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ
ڪمپارٽمينٽ ۾ سوار ٿي، ڀٽي صاحب جي سالگره تقريب
لاءِ لاڙڪاڻي اچي پهتا هئاسين، هڪ کان هڪ اديب،
شاعر، دانشور ريل جي ان گاڏي ۾ سوار هئا.
آغا سليم، عنايت بلوچ، شبنم گل، شمشير الحيدري،
مراد علي مرزا ۽ ٻيا به الائي ڪير ڪير. خبر پئي ته
سفر ۾ شمشيرتپجي پيو آهي ۽ آغا صاحب جي سيٽ جي
مٿان برٿ تي آرامي آهي. صبح جو منهن تي ڇنڊو هڻي،
ٿري پيس پائي شمشير مٿان برٿ تان هيٺ جو لٿو ته
ڏٺم صفا الڙيو پيو هو. حُجت مان چيو مانس: شمشير
سائين! اڄ ته صفا پروفيسر اڪرم علي انصاري صاحب
جون سڪون پيا لاهيو.“ ۽ منهنجي انهيءَ جملي تي
هاڻي، آغا سليم صاحب، هن ڏانهن نگاهه کنئين ۽ خوش
دليءَ سان ٺهه پهه چوڻ لڳو: اڙي من! اڪرم انصاري
وري ڪاٿي؟ اڄ ته اسان جو ”شمشير صفا ايئن پيو لڳي
جھڙو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي هجي.“ اسان جو
هي
شمشيرالحيدري،
خوش دل، سدا بهار، هر حالت ۾ مولا تي ڀاڙيندڙ
انسان ته آهي ئي، پر هو صرف هو ئي سڀ ڪجهه سٽ يا
تڪ پر هنيو وٺيو کڻي ٿي اڏامي. مثال شمشير جون هي
سٽون ته هر محفل ۾ ز بان زد عام ٻڌبيون پيون آهن:
دل جي پرشوق دلاسن تي. . . نظر جي ڳالهه زبان سان
ڪجي ته ڪيئن ڪجي. اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو. . .
ڪڏهن ماهتاب جي مرڪ ۾ ڪڏهن گل گلاب جي سرڪ ۾ چوي
ڪير ٿو ته تون ڪجهه نه ڪر... . اسين اوهين آهيو
سهڻا اوهان جي اها ئي وڏي ڳالهه آهي. جهانِ عشق جو
سردار آخر آهيان ۽ اتفاق سان جنهن محفل ۾ شمشير!
صدارتي ڪرسيءَ تي موجود هوندو آهي ۽ آءٌ اتي اسٽيج
سيڪريٽري!!! ته ان محفل جي پهرين سيشن جي پڄاڻيءَ
۽ ٻئي سيشن جي شروع ٿيڻ کان اڳ کيس مخاطب ٿي، سندس
ئي هي شعر ماحول ۾ خوشگواريت پيدا ڪرڻ جي لاءِ آءٌ
پڙهڻ لڳندو آهيان:
خالي به ڪريو جلدي، انصاف کي مسند کي،
مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد.
۽ هي اسان جو شمشير، جنهن بابت اڄ سڀ ئي ڄاڻائي
چڪا آهن ته ابتدا ۾ کٿابن (مدرسن) ۽ پوءِ پرائيوٽ
نموني سان تعليم حاصل ڪندڙ هڪ پورهيت شاعر ۽
دانشور آهي، پر کٿابن ۾ پڙهيل ڪيترن ئي کٿل کٿابين
(طالبن) جي ڀيٽ ۾ اسان جي هن شمشير وٽ، جيترو
پنهنجي ٻولي، تا ريخ، ثقافت ۽ سياست جو شعور آهي ۽
پنهنجي شعر ۾ هن جيئن. ان کي اظهاريو آهي، ان جو
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو ٻيو مثال ملڻ، مشڪل آهي. شاهه،
مولوي احمد ملاح ۽ لاڙ جي لهجي کي هن پنهنجي
شاعريءَ ۾ جيئن سمويو آهي، اهو ته سچ پنهنجو مٽ
پاڻ آهي.
۽ ان ڏس ۾ منهنجو هيءُ به خيال آهي ته:
نارائڻ شيام کان پوءِ حسن جي حسناڪين ۽ نازڪين کي
بيشڪ ته تنوير عباسيءَ صاحب به واهه جو بيان ڪيو
آهي، پر ان ڏس ۾ مثال طور شمشير جي هنن هيٺين
اعليٰ تخليقي سٽن جي به ڪيا بات هي: جن کي پڙهي ۽
ٻڌي لونءَ لونءَ ڪانڊارجو ٿا وڃن:
تون ياد وري آئين.
چپڙن جي ڪنارن تي، ڄڻ باهه ٻري آئي.
انگ انگ ۾ اٿيا اڌما، لونءَ لونءَ ۾ ورهه وائي،
رڳ رڳ ۾ هلي هوريان، احساس جي ڪتڪائي.
۽ ان ڏس ۾ شمشير جي لکيل هڪڙي مشهور لوڪ گيت جو
ٿورو هيءُ بند به ڏسو:
سنهڙو سنهڙو چولڙو مانجو،
هيکلي هنڌ ۾، سيءَ مران جو،
تون ئي اجھو اوڇڻ مانجھو،
ٿو هر ڪهڙو ٿڙ،
جبل مٿي جھڙ
۽ هاڻي سنڌڙي، يعني پنهنجي ماتر ڀوميءَ جندڙيءَ کي
ڀيٽا ڀريو، شمشير جو هيءُ الوهيت ۽
بي خودي سان ڀرپور لهجو به ملاحظه فرمايو:
تو ۾ شاهه ڀٽائي آهي، تو ۾ شاهه، درازي،
تو ۾ دودو دولهه دريا، هوشوءَ جھڙا غازي،
لعل قلندر جھڙا تو ۾، جڳ کي جوت ڏين،
سنڌ سناڻي، ساهه سيباڻي،
تنهنجا ڳوٺ وسن.
۽ ڏٺو وڃي ته شمشير جي شاعريءَ ۾ ٻيو به ته گھڻو
ئي ڪجهه آهي، هجر و وصال، حسن و جمال. دنيا جي ٻي
قيل مقال ۽ جي ڪجهه جفا ناهي ته اها آهي مايوسي ۽
نا اميدي ۽ اها ان ڪري به جو آفٽر آل شمشير صرف
مستقبل پسند ۽ هر حالت ۾ هڪڙو آدرشي شاعر آهي ۽
سندس هي هيٺيون سٽون ان ڳالهه جي ئي ته گواهي ڏين
پيون:
يقين آهي ته ايندا پٺيان اچڻ اورا،
اچي هتي ئي ڪندا پنهنجي وقت جي منزل،
انهيءَ جي لاءِ ڀلا ڪا ته روشني گھرجي،
مچائيندا جي وڌي اڳتي عزم جي محفل.
۽ اسان جو اهو ئي آئيندي ۾ ويساهه رکندڙ ۽ پراميد
شاعر، شمشير الحيدري!! هاڻي قريباً اسي ورهين جي
ڄمار کي اچي ويجھو ٿيو آهي ۽ ان ڄمار ۾ هاڻي جڏهن
هن کي، رڳو ئي رڳو، صحت افزا غذائون واپرائڻ
گھرجن، پر انهن جي ڀيٽ ۾ هن اڄ به جان جگر
جلائيندڙ ۽ بدن ڳاريندڙ انگور رس کي پيئڻ، بلڪل ئي
ترڪ ناهي ڪيو.
۽ انهيءَ بي احتياطي سبب، شمشير کي ڏينهن به ڏينهن
ڪمزور ٿيندي ڏسي، هاڻي آءٌ، سندس ئي هي شعر اڪثر
هن جي سامهون پڙهڻ شروع ڪري ڏيندو آهيان:
شب و روز شمشير ڳرندو وڃين،
لڳي وئي زماني جي توکي نظر.
۽ هاڻي آخر ۾ دعا ٿو گھران ته منهنجي ۽ شمشير جي
مولا شال هن کي هميشه پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي.
سهڻي صحت ۽ وڏي حياتي بخشي، پر هو جيڪو چئبو آهي:
دنيا دم گذر ڙي بابا ۽ گڏوگڏ ٿڌو شوڪاري ڀري به به
چئبو آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن هن، دارالفاني مان
دارالبقاء ڏانهن هلڻو، هر ڪنهن کي آهي.
۽ دارالبقاء ڏانهن ويندڙ اهڙين شخصيتن مان اتفاق
سان جي ڪا شخصيت وڏي ڪنهن اديب، شاعر يا سياست ڪار
جي هوندي آهي ته اخبار ۾ سرخي سجائڻ جي لاءِ ان
مرحوم جي مناسبت سان، ڪنهن ٺهڪندڙ سٽ يا شعر جي
ڳولها ۾، اخباري دفترن اندر، دفترن جا دفتر کلي
ويندا آهن، پر ان ڏس ۾ به اسان جي هن شمشير
الحيدري، ريڊيو، ٽي.وي ۽ اخبار وارن لاءِ اڳواٽ ئي
هڪ شعر لکي، کين وڏي تڪليف کان جھڙوڪر بچائي ورتو
آهي ۽ هونئن هت منهنجي دعا آهي ته اهڙو دکدائڪ
ڏينهن، خدا ڪري ته اچي ئي نه: پر جي قضاءِ الاهيءَ
سان اچي ٿو وڃي ۽ شمشير موڪلائي ٿو وڃي ته ڏسجو
ويٺا، ريڊيو تان اهڙو اعلان ٿئي يا ٽي.ويءَ تان،
ڪنهن ڪالم جو عنوان مقصود هجي يا ان ڏينهن واري
اخبار جي مين هيڊنگ جي لاءِ شعر! هن جو هيءُ شعر
هر هنڌ لکيل نظر ايندو!
هڪڙو شمشير هو زماني ۾،
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.
]هيءُ
خاڪو شمشير صاحب جي حياتيءَ ۾ ساڻس حيدرآباد ۾
ملهايل هڪ شام ۾ پڙهيو ويو.-2010ع[
( 2 )
تون ياد وري آئين...!
ڪانڌين جو جلوس، شمشير صاحب جي ڏوليءَ کي
ڪلهو ڏيندو، ڊي-29، پاڪستان ڪوارٽرز لڳ، نشتر روڊ
تي هلڻ لڳو هو ۽ ڪلهو ڏيندڙ جي وچو وچ آءٌ ناچيز
به هوس، جنهن جون يادون وري ڪنهن ٻئي رستي تي
ڀٽڪنديون پئي ويون. علي آباد... ٽنڊو آغا... ڦليلي
ايريا جا باغ... گاڏي کاتي واري امين منزل ۾ ٽه
ماهي مهراڻ جي آفيس... تلڪ چاڙهيءَ تي سنڌي ادبي
بورڊ جو بوڪ اسٽال... ٽنڊي ولي محمد ۾ مهراڻ اخبار
جي آفيس... گول بلڊنگ لڳ منشي خاندان جو مريم
منزل وارو گيسٽ هائوس... پوءِ ڄام شوري ريلوي
اسٽيشن سامهون سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس جو ڪاريڊار
۽ الائي ڪيتريون ادبي گڏجاڻيون، ريڊيو، ٽي.ويءَ جا
پروگرام... جن ۾ شمشير سان آءٌ سدائين گِهرگِهلو
ئي رهندو هوس... ۽ ڪانڌين جي ان جلوس ۾ هلندي مون
کي اُها رات به چٽي ياد اچي رهي هئي، جڏهن ڀارت
مان آيل اديبن جي آجياڻي وقت، بِيچ لگزري هوٽل جي
لان ۾ سمنڊ جي ڪناري سان مون هن سان پسار پئي ڪيو
جو، هن چپن تي دکيل سگريٽ جو اَڌڙ اوچتو ريلنگ جي
هُن پار سمنڊ ڏانهن اُڇليو، ته ڏٺو هئم، سمنڊ کي
ڄڻ اک ڇنڀ ۾ باهه وڪوڙي وئي هئي. تڏهن ڀاسيو هئم،
هي آءٌ سنڌ جي شعلا بيان شاعر سان نه، پر ڄڻ ڪنهن
”اگني ديوتا“ سان گڏ تارن ڀري ان رات ۾ اتي پسار
ڪري رهيو هجان!
ڪانڌين سان گڏ ان جلوس ۾ هلندي هلندي هاڻي
مون مُڙي پاڪستان ڪوارٽرز جي خسته حال
در و ديوار ۽ ان جي ڀِڪ ۾ هڪ اجاڙ وڻ ڏانهن نگاهه
کنيم ته... لڳم، هر طرف سُڪل پنن ۽ يادُن جي ڌُوڙ
آهي جيڪا منهنجي پويان پويان اڏامندي پئي اچي.
تڏهن ياد پيم پويان نظر ايندڙ هيءَ ئي ته سنڌي
شاعريءَ جي جان ملٽن شمشير الحيدريءَ جو اهو
غريباڻو گهر آهي، جنهن جي ڪنڊن پاسن مان سنڌ جي
شاعري کي گيتن، غزلن ۽ نظمن جا املهه هيرا...۽
ڀاڄائي ڪنيز فاطمه کي اٺ ذهين ۽ باصلاحيت ٻار ميسر
ٿيا هئا. پوءِ مون پاڪستان ڪوارٽرز واري اِن ايريا
۾ چؤطرف نظر ڦيرائي ته رات جي سناٽي ۾، هر طرف پپر
۽ بڙن جا اداس وڻ هوا ۾ هٿ لوڏي لوڏي پنهنجي هن
ديرينه دوست، شمشير الحيدريءَ جي ڏوليءَ کي الوداع
الوداع چئي رهيا هئا... ۽ شمشير جي ڊي-29 پاڪستان
ڪوارٽرز جي ديوار ڀرسان واري اُن جهوني وڻ
به...اداس اکين سان چوڪنڊيءَ ڏانهن اسهندڙ شمشير
کي، حسرت سان ڏٺو پئي، جنهن کي آءٌ سدائين، شمشير
Tree
جي نالي سان سڏيندو هوس. اُن سان حسن بانو جي
حوالي سان مخاطب ٿي پنهنجي نظم ”الوداع“ ۾ هن چيو
هو:
اي پياري حسن بانو!
منهنجي احساسن جو عنبر مشڪَ جذبن جِي
۽ يادن جو گلاب
ساهه سان رکجئين سنڀالي
۽ هي سڀ قنديل ۽ فانوس ۽ مشعل
سدا رکجانءِ روشن،
جيئن اسان جي اڄ جي شاهد
هنَ ”اڪيلي وڻ“ کي
اوندهه جا پاڇا گم نه ڪن،
الوداع!
منهنجي پياري حسن بانو الوداع!
۽ هيءُ شمشير، جنهن جي جهوليءَ ۾، شاعريءَ جا
املهه املهه هيرا ۽ موتي هئا، ان کي ڪنهن محل نما
گهر ۾ ئي رهڻ گهرجي ها، پر ان جي ابتڙ حياتيءَ جا
ڀريا چاليهه ورهيه هن پاڪستان ڪوارٽرز جي خسته حال
گهر ۾ صبر شڪر سان گذاريا ۽ هر زماني ۾ نهايت
اعتماد سان ان کي ’حويلي‘، سڏيندو ۽ چوندو رهيو
ته:
هاءِ ڪيڏا ورهيه گذري ويا هتي،
وقت جي پيرن جي کڙڪي تي ڪڏهن
ڪل ئي نه پيئي
ڄڻ ته ڪلهه ئي هن حويليءَ ۾ اچي ترسيو هئس
۽ ياد پيم... اهو ئي ته اهو ٽٽل ڦٽل ڪوارٽر هو،
جنهن جي ڏاڪڻين تان هن ۽ ڀاڄائي ڪنيز فاطمه کي
لهندي ڏسي هميشه وانگر خوش دلي سان چيو هوم.
”اوهان زال مڙس هن وقت بلڪل ايئن پيا لڳو
ڄڻ... مدر ايلسا قاضي ۽ علامه آءِ.آءِ قاضي
هجو“.... ايئن... ڪڏهن ڪڏهن شمشير کي زبردست ڪاري
واسڪيٽ، اکين تي سونهري ڪمانين واري عينڪ، اُجري
سفيد لباس ۽ پيرن ۾ نئين نڪور سئنڊل سان ڪٿي ڏسندو
هوس ته يڪدم ڪن ۾ وڃي چوندو هوسانس: ”اڄ ته توهين
صفا جهڙا ڊاڪٽر هوتچند مُولچند گربخشاڻي پيا
ڏيکائي ڏيو.“
۽ ايئن مون جڏهن جڏهن به دل ئي دل ۾ هيءَ به ڳڻ
ڪئي ته سنڌ جا عظيم شاعر هاڻي سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي ۽
ڪهڙن ڪهڙن شهرن ۾ پيا رهن وسن... تڏهن ڪراچي شهر
ڏانهن منهنجو ڌيان صرف ۽ صرف شمشير الحيدري جي ڪري
ئي ويندو هو. ياد اٿم... ڪي ٿورائي مهينا ٿيندا،
جو ان عظيم شاعر شمشير ۽ ڀاڄائي ڪنيز فاطمه سان
منهنجي آخري ۽ باقاعده ملاقات به، ان ئي شهر
ڪراچيءَ جي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿي هئي. جهٽ حُجت
منجهان ڀاڄائي ڪنيز... جيڪا خود به شمشير وانگر
نهايت نحيف لڳي رهي هئي، پڇي ورتو هيومانس:”اسان
جي شمشير ته توهان کي نڪ ۾ سهاڳ جي ڦُلي پارائي،
اوهان هُن جي جهوليءَ ۾ ڀلا ڇا وڌو؟“ تڏهن کلندي
وراڻيو هئائين:” اَٺ ٻار ڄڻي ڏنا اٿيمانس، ٻيو اڃا
ڇا ڏيانس ها“.سندس اهڙي جواب تي دير دير تائين
سوچيو هئم، ڀلا خود شمشير پاڻ ڇا ڏنو آهي سنڌي
شاعريءَ کي؟ تڏهن ياد پيو هئم... شمشير لاڙ جي شهر
بدين مان جنهن وقت شاعريءَ جي آڪاس ۾ اڏام ڀري
پئي، تڏهن سنڌ ۾ بزمِ نظاماڻي، بزمِ ٽکڙ، بزمِ
خليل ۽ بزمِ طالب الموليٰ وغيره جا چؤٻول، پيا
هرطرف کان ٻڌبا هئا پر اهڙين بزمن جي طرحي مشاعرن
جي ابتڙ اسان جي هن شمشير وري ههڙا اوريجنل غزل
پئي لکيا:
پيئڻ جا بهانا پيارڻ جون
ڳالهيون،
جيئين شالَ ڪر ڪي جيارڻ جو ڳالهيون.
*
اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو،
اوهين وساري ڇڏيو ته وه وا،
نئين لهر بي پناهه آهي،
بحر بيهاري ڇڏيو ته وه وا.
*
مٽيءَ تي موتين جي ورکا،
نيڻن جي ناداني توبهه،
آئيني کان پيا شرمايو،
ايڏي بي ايماني توبهه.
*
اوهين حُسن تي پنهنجي نظرن جا پهرا اڃا تيز ڪريو،
ڪريون پيا اسين عشق جي رهنمائي وڏي ڳالهه آهي،
نگاهون کڻي داد جي لاءِ مُرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت،
اوهين آهيو سهڻا اوهان جي اها ئي و ڏي
ڳالهه آهي.
تاريخ گواهه آهي ته اسان جي انهي شمشير يعني
باشعور شاعر شمشير الحيدري... روشن خيال ۽ محبِ
وطن سنڌي اديبن جي تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“ کي
جوائن ڪندي ئي، سنڌڪاز لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪري
ڇڏيو هو ۽ ان ڏس ۾ سڀ کان پهرئين رجعت پسندن سان
مهاڏو... پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ دستخطي
مهم جي ابتدا... پوءِ ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ تحريڪ ۾
حصو.. پوءِ ايم.آر.ڊي مهم دوران بطور ايڊيٽر ۽
ڪالم نگار جي قلم جا جولان ۽ پوءِ ان سان گڏوگڏ...
هر محاذ تان ههڙو آواز به اٿاريندو رهيو:
هلندا ته هلو اي همسفرو،
هوشيار هلو اي همسفرو،
ماحول ڀيانڪ ٿو ڏسجي.
۽ شاعر شمشير جي اهڙن سڏن مٿان سڏڪن، پڪارن ۽
ڪُوڪارن جي باوجود اسان سنڌ واسين ان ڏانهن ڌيان
ڌريو ئي ڪٿي! ۽ نتيجتاً اڄ اسان جي سنڌ... ڪراچي
سميت... شعلن جي نظر ٿي چڪي آهي. ڪراچي جي اهڙن
ئي ڪن ٻرندڙ رستن تان شمشير جي مڙهه کي چوڪنڊي
واري قبرستان ڏانهن نيندي، سندس هي چتاءُ بار بار
منهنجي ذهن ۾ گُونجي رهيو هو:
خاموش! ذرا هوشياريءَ سان،
اڄ رات ڪٺن آئي آهي،
هيءَ راهگذر،
منزل جي سفر ۾ سڀني کان،
دشوار گذر- آئي آهي،
هلندؤ ته هلو اي همسفرو،
اڄ رات اچانڪ پئجي وئي،
ان دشتِ مصائب ۾ پهچي،
جو دشتِ مصائب ٻُڌجي ٿو، بيرحم درندن جو مسڪَن!
۽ بي رحم دردن جي اِن مسڪن... هن ڪراچيءَ جي رستن
تي شمشير سان گڏوگڏ سفر ڪندي، هاڻي ياد ٿو پويم...
پنهنجي ناتوان ڪلهن تي هن وقت تائين ڪهڙن ڪهڙن نه
املهه املهه انسانن جا مڙهه آءٌ کڻي چڪو آهيان...
شهيد آفتاب نظاماڻي پوءِ ماٺيڻو اوٺو... عرفان
مهدي... شيخ اياز... نياز همايوني... ڪيهر شوڪت...
رزاق مهر... طارق عالم ابڙو... حسن درس... ۽ هاڻي
اجهو هن سنڌ جي آخري وڏي شاعر
شمشيرالحيدري
جو مڙهه... پر هي شمشيرالحيدري! اسان جو رڳو وڏو
شاعر ئي ڪٿي هو؟ هو ته ماڻهو به نهايت وڏو هو...
جنهن پنهنجي چل چلاءُ وارن آخري ڏينهن دوران اسان
کي آٿت ڏيندي چيو پئي: ”بابا... نيچر... پنهنجو
خال پاڻ ڀريندي... هڪڙا ويا ته ٻيا ايندا.. ۽ ايئن
هيءُ دنيا هلندي رهندي...“
درست ۽ بلڪل درست!
پر پيارا شمشير سائين! هي لفظ... ”ٻيا“؟... مون
چوڪنڊي واري قبرستان ڏانهن ويندي ۽ ڏوليءَ کي
ڪلهو ڏيندي دل ۾ چيو هو... اهو لفظ ”ٻيا“.. توهان
سان ڪٿي ٿو لاڳو ڪري سگهجي شمشير سائين!... جو
توهان جهڙو شاعر ۽ شمشيرالحيدري جهڙو باضمير
ماڻهو... سنڌ ۾ هاڻي ڪو ٻيو آهي ئي ڪٿي؟ ڏسو ...
ذهن تي زور ڏيو، ياد ڪريو، ان ڏس ۾... هي اوهان
پاڻ ڀي ته چئي ويا آهيو ۽ جنهن جي آڌارتي اڄ اسين
به اهو ڪجهه چوڻ تي... مجبور ٿي پيا آهيون ته؛
’هڪڙو شمشير‘ هو زماني ۾،
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.
[10- آگسٽ2012ع]
(
3
)
ملنگ مست الستي قلندري شمشير!
هيڏانهن اسان جي يارَ ’شمشير‘ چوڪنڊيءَ واري قديم
قبرستان ۾ پنهنجي دوست تاجل بيوس جي تربت ڀرسان
لحد ۾ لهڻ جي تياري پئي ڪئي ۽ هوڏانهن... ڪراچيءَ
جي آسمان تي جُهڙ جُهڙالا ٿيندا پئي ويا، بس ڏسندي
ئي ڏندي سنهي سنهي بوند جو وسڻ شروع ٿيو، ته سڀني
ڪانڌين هاڻي يڪ زبان ٿي اعلان ڪيو: ”مولا جي درٻار
۾ شمشير بابا اگهامجي ويو ۽ ڏسجؤ! اتان پاڻ سڌو
وڃي، نجف اشرف رسندو“ (۽ اِهي پويان لفظ... مون دل
۾ چيا هئا) ۽ هي به ڪيڏو نه عجب اتفاق... جو مون ۽
پرواني ڀٽي صاحب حيدرآباد منجهان ۽ شمشير صاحب
ڊي-29 پاڪستان ڪوارٽرس مان ايمبولينس تي سوار ٿي
جنهن هنڌ اچي ميلاپ ڪيو، ان متبرڪ ماڳ جو نالو هو:
”امام بارگاهه علي ابن ابي طالب عليهم السلام“ ته
بس ان ئي هنڌ تي شمشير سائينءَ جو ننڍي ۾ ننڍو
فرزند فتح حيدري ڳراٽڙي پائي روئيندي ٻڌائڻ ٿو
لڳيم: ”آغا خان وارن ڊاڪٽرن، بابا سائين کي مصنوعي
طرح ساهه کڻائڻ لاءِ وينٽيليٽرس تي آڻڻ وقت اسان
کي چتاءُ ڏيئي ڇڏيو هو: ته پيشنٽ هاڻي وڌ ۾ وڌ
يارهين آگسٽ يعني ٻاويهين روزي تائين ئي سروائيوِ
ڪري سگهندو ۽ وڌيڪ زندهه نه رهندو، پر هوڏانهن
مڪمل سانت!! شمشير الحيدري، سالم ذهن سان اهو سڀ
ٻڌي شايد دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري ورتو، ته: ”هيءُ
حيدري بندو الائي ڪيئن ٿو ٻاويهين روزي تي دنيا
مان وڃي؟ جو مولا سان يڪجهتي طور هن کي ته
ايڪيهين روزي تي نجف اشرف وڃي پهچڻ جو اَمُر ٿيو
آهي.“ هاڻي فتح حيدري هيءُ به ٻڌائڻ ٿو لڳيم...
پنهنجي جوانيءَ ۾ بابا سائين جيستائين بدين جي
خواجه محلي ۾ رهيو، سمورو عرصو اُتي جي امام
بارگاهه جو ٻُهاريدار رهيو، پوءِ ڦوهه جوانيءَ ۾
ڳالهائڻ ۾ اعتماد آيس ته امام بارگاهه جي ممبر تي
ويهي هاڻي مولا جو ذاڪر بڻجي ويو، لکڻ جو منجهس
شعور پيدا ٿيو ته پنهنجي زندگيءَ جو پهريون ڪتاب
تحرير ڪيائين”ڪاروانِ ڪربلا“ ۽ پوءِ اهڙي ئي موضوع
تي ٻيو ڪتاب لکيائين-”انسان ڪامل“. بعد ۾ سنڌ
مدرسي ڪراچي ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب جو شاگرد
بڻيو ته ترقي پسند خيالن وارو ۽ روشن دماغ ليکڪ
سڏجڻ لڳو... پر ڪربلا وارن سان هُن پنهنجي نسبت
پوءِ به جيئن جو تيئن ئي قائم رکي ۽ يا ڄمار...
محرم جو مهينو ايندو هو ته عاشوري وارا ڏهه ئي
ڏينهن ڪاري قميص پائڻ ڪڏهن به نه وساريندو هو ۽
هتي مون کي هي به پيو ياد اچي ته ڪربلا بابت بطور
عزادار شاعر جي... جهڙا زبردست زبردست نظم...
شمشير صاحب لکيا... سندس ٽهيءَ جي ڪنهن به ٻئي
شيعه شاعر کي اڄ تائين لکڻ نصيب نه ٿيا آهن:
حسين ابنِ عليءَ کي شهيد ٿيڻو پيو،
ڪزا کي دين جي خاطر يزيد ٿيڻو پيو،
فلڪ کي ظلم جو هي اهتمام ڪرڻو پيو،
خدا جي راهه ۾ انصاف کي به مرڻو پيو.
۽ ياد پيو اچيم... تازو 30- جولاءِ 2012ع تي جڏهن
هو ڊيٿ بيڊ تي هو ۽ سمنڊ تي سج لٿو پئي، تڏهن پارڪ
لين هاسپيٽل ۾ آواز ۾ التجائون ڀري چيو هيو مانس:
موٽي گهر هلو ٿا شمشير سائين؟ تڏهن ڀانيان ٿو،
منهنجي سوال تي دل ئي دل ۾ پنهنجو هيءُ شعر ضرور
پڙهي ڇڏيو هوندائين:
مان ته منزل کان گهڻو اڳتي هليو ويو آهيان،
تو ڪٿي موٽَ جي اڄ سَين لڳائي آهي.
هاڻي امام بارگاهه علي ابن طالب کان ٿورو اڳ
ڀرو... بند ايمبولينس جو شٽر مٿي ٿيو ۽ هُو
اسٽريچر تان ڏوليءَ ۾ منتقل ٿيو ته مون اڳتي وڌي
هن کي پيرن وارن پاسي کان سنڀاليو ۽ دل ۾ چيو- يا
الله! شمشير جا هي اُهي ئي ته ”سهڻا قدم... ۽
پيارا پدم“... آهن جن تي هلي اڃا ڪجهه ئي مهينا اڳ
هُو ڪراچي آرٽس ڪائونسل واري تقريب ۾ پنهنجي ننڍي
پٽ فتح حيدريءَ جي سهاري سان اسٽيج تي چڙهيو هو.
ياد اٿم ان تقريب جو زبردست اهتمام ڊاڪٽر محمد
ايوب شيخ ۽ آرٽس ڪائونسل واري احمد شاهه صاحب ڪيو
هو ۽ مون وري ان کي اوتري ئي محبت سان ڪنڊڪٽ ڪيو
هو. تڏهن ڳالهائڻ وارن مان امداد حسيني،
مهتاب اڪبر راشدي، ادي سلطانه صديقي، هدايت بلوچ،
منسٽر شازيه مري صاحبه، ڊاڪٽر سليمان شيخ، غلام
نبي مغل، ڊي جي ڪلچر رفيق احمد ٻرڙي صاحب، ۽ ادي
نسيم حيدريءَ... پنهنجي بابا شمشير الحيدري صاحب
بابت ڇا ته ڪمال ڪمال جون ڳالهيون آڊينس سان شيئَر
ڪيون هيون. سنڌ اسيمبلي، سنڌي ادبي بورڊ، ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد، سنڌ ثقافت کاتي، پاڪستان
ٽيليويزن ۽ اطلاعات کاتي پاران ان موقعي تي ڪي
يادگار شيلڊس به هن جي خدمت ۾ پيش ڪيون ويون.
راڳين مان مظهر حسين ۽ محمد حنيف لاشاريءَ هن جا
ڪيترائي ڪلام بهترين انداز ۾ ڳائي داد ماڻيو هو.
صد شڪر... جو پوءِ اهو سمورو انتظام، خود شمشير
صاحب کي پاڻ به ڏاڍو پسند آيو هو. پوءِ جڏهن سندس
خطاب جو وارو آيو ته تعارف طور حسبِ حال سندس هي
شعر منهنجي چپن تي چڙهي آيو:
شب و روز شمشير ڳرندو وڃين،
زماني جي تو کي لڳي وئي نظر.
۽ ياد اٿم ان کان اڳ بطور ڪمپيئر، شمشير کي مون
جڏهن جڏهن به ڪنهن محفل ۾ ڳالهائڻ لاءِ سڏيو
هوندو، اڪثر سندس هي ئي
چؤسٽو
پڙهيو :
جهانِ عشق جو سردار آخري آهيان،
حضورِ حُسن ۾ حاضر وري وري آهيان،
ملنگ مست الستي قلندري آهيان،
عجيب آهيان هزارن ۾ حيدري آهيان.
ڪڏهن ڪڏهن ته جڏهن، ڪنهن ادبي رهاڻ ۾ سندس صدارت
کان فوراً پوءِ، موسيقيءَ جي ڪا محفل يا ڪو ٻيو
سيشن به ٿيڻو هوندو هو، تڏهن صدارتي ڪرسيءَ ڏانهن
اشارو ڪري... مُرڪندي... سندس هيءُ شعر پڙهڻ...
آءٌ ڪڏهن ڪونه وساريندو هوس:
خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسند کي،
مظلوم اچي پهتا حقدار هجن
شايد.
۽ ياد پيو اچيم، ته شمشير ڪٿي لکيو هو ۽ اهڙو
اظهار هو اڪثر محفلن ۾ بار بار پيو ڪندو هو، ته
مون جيڪي ڪجهه به لکيو آهي، اهو نظريهءِ ضرورت تحت
ئي لکيو آهي ۽ مون وٽ لکڻ جي ڏات نه ، بس لکڻ جي
اٽڪل آهي. آءٌ ڀانيان ته اها فقير شمشيرالحيدريءَ
جي، ڪسر نفسي ئي هئي، جو هن جي ڏات اصل ۾ ته
مولانا روم جي مرشد، شمس تبريز جي اک وانگر هئي،
جيڪا، جڏهن ۽ جتي چاهيندي هئي، ان هنڌ تي باهيون
ڀڙڪائي ڇڏيندي هئي. هتي منهنجو هي به خيال آهي ته
شمشير وٽ لکڻ جي لاءِ قلم وري اهڙو هٿ ۾ هوندو
هو، جنهن ۾ نب واري جاءِ تي ٻيو ڪجهه نه ”پارس
پٿر“ جڙيل نظر ايندو هو. جنهن سان جيڪي ڪجهه به
هُو لکندو هو اُهو سَون پيو محسوس ٿيندو هو... ڇا
گيت... ڇا غزل، نظم، ڊراما، اداريا، ڪالم، مهاڳ...
يا پوءِ ’مهراڻ‘ رسالي بعد ’نئين زندگي‘ ۾ جڏهن هن
وڃي هٿ وڌو ته ان کي پڻ ’نئين زندگي‘ ڏيئي ڇڏي
هئائين.
ايم.آر.ڊي تحريڪ دوران ’مهراڻ‘ اخبار سنڀاليائين،
ته مئل اخبار پيرن تي اُٿي کڙي ٿي بيهي رهي. جان
جُسي ۾ اسان جو هيءُ شمشير صاحب برابر ته نحيف ۽
ناتوان نظر ايندو هو، پر سندس قلم ۾ جيڪو جولان ۽
مهاڏو اٽڪائڻ جي جيڪا طاقت هوندي هئي، اها ڄڻ ته
هن کي از غيب وٽان ئي عطا ٿيل محسوس ٿيندي هئي.
هيءُ ڏسو، ڪيڏي نه جرئت سان چيو اٿس:
ڪنهن طرح اسين ظلم جا قائل نه ٿياسين،
زنجير کان وڌ پنهنجو ڪو دمساز نه آهي،
انصاف جي آئين جي فتوا ٿو ٻڌايان،
زر دار کان زياده ڪو دغا باز نه
آهي.
۽ اهو ئي باضمير... خود دار ۽ دلير انسان... شاعر
شمشير الحيدري... هاڻي ايڪاسي ورهين جي ڄمار ۾ سال
کن اڳ علالت جي بستري تي آيو، ته پنهنجي سرطان ۽
اندر جي خفقان کان ڪنهن به بني بشر يا يار اغيار
کي قطعي آگاهه نه ڪيائين ۽ چپ چاپ، ڪلفٽن واري
پارڪ لين هاسپيٽل ۾ ايڊمٽ وڃي ٿيو. بعد ۾ اِهو ته
ڀلو ٿئي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا وارن جو، جن هُن
جي لاءِ پنهنجي پاران ئي ٻاڪارون ڪرڻ شروع ڪري
ڏنيون:
گُهري ٿو شمشير حق جيئڻ جو،
انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وهه وا.
۽ هيءُ اسان جو شمشير، جنهن سدائين چيو هو: ”اسين
حال هيڻان اوهان جي خدائي وڏي ڳالهه آهي.“ ان جي
علالت جي خبر ٻڌي ۽ اخبارن ۾ پڙهي يار دوست قطارون
قطارون.... سندس عيادت جي لاءِ، پارڪ لين... پهتا
ته اتي ڊيٿ بيڊ مٿان ستل سڀني يارن جي ملاقات ان
ئي ارڏي ۽ خود دار شمشيرالحيدريءَ سان ٿي، جنهن
سدائين چيو هو:
اي دوست زندگيءَ جي بهارن جي ڳالهه ڪر،
مون سان نه زندگي جي سهارن جي ڳالهه ڪر.
۽ 30- جولاءِ تي، رات وقت هو سنڌ ثقافت کاتي جي
سهڪار سان بهتر علاج لاءِ پارڪ لين هاسپيٽل منجهان
آغا خان ڏانهن شفٽ ٿي رهيو هو، تڏهن ان وقت هن جي
اکين جي ڇپرن تي مون سندس لکيل هيءُ شعر صاف صاف
پڙهيو:
هم نشين پُڇ نه حديثِ غمِ دوران مون کان،
زندگي آهي بهر حال گُريزان مون کان.
۽ ان کان پوءِ... اڄ هي 10- آگسٽ ۽ 21 رمضان جي
جُهڙالي رات وقت... چوڪنڊيءَ واري قبرستان ۾ بيٺي
بيٺي سوچيم پئي... هيءَ دنيا! جيڪا سراسر گناهن
جو گهر آهي ۽ ان ۾ رهندڙ هر ماڻهو گناهن جي ٻوجهه
سميت دنيا مان پنهنجو دفتر کڻندو
آهي، پر شمشير جي ڏولي کي ڪلهو ڏيندي... قسم خدا
جو... ڀاسيو هئم... ڏوليءَ ۾ شمشير الحيدري جو
مڙهه نه،
ڄڻ ان ۾ بوگن ويلا جي ڪائي هلڪي ڦلڪي پاڪ و پاڪيزه
نازڪ نفيس پنکڙي رکي آهي... پوءِ جڏهن چوڪنڊي
قبرستان جي ميدان ۾، ڏولي رکي، جنازي نماز لاءِ
صفون درست ٿيون ۽ مولانا منصور حيدر سيال، الله
اڪبر چئي ڪنن تي هٿ رکيا، ته ڏٺم، ڪن يارن هٿ ٻڌي
ته ڪن وري هٿ ڇوڙي هن صوفي منش انسان جي لاءِ نماز
پئي پڙهي، تڏهن اوچتو شمشير جو هيءُ شعر مون کي
ياد اچي ويو هو:
ڇا مسجد ۾، ڇا مندر ۾،
ڇو وقت وڃائين وندر ۾،
ٿي پنهنجو پاڻ امام،
صبح ۽ شام، گهٽي ۽ گام،
ڀري پي جام محبت وارو.
هاڻي
جنازه نماز ۽ دعا پوري ٿي ته شمشير کي ان احاطي
ڏانهن... جنهن ۾ تاجل بيوس سنڌ امان جي هنج ۾
آرامي هو... ان ڏانهن وٺي هلڻ لڳاسين، ته ڀاسيم
پنهنجي لحد مان تاجل... شمشير جا هي شعر پيو پڙهي:
اڄ منهنجي اڱڻ منهنجا محبوب اچن شايد،
ورهين جي وڇوڙي جا، سڀ سُور لَهن شايد،
شمشير کي سڏ ڪريو شمشير ڪٿي آهي،
محفل کي مچائيندو اِن جو ئي سخن شايد.
۽ ان احاطي ڏانهن ويندي ويندي مينهن جي سنهين
سنهين بوندن ۾ شمشير جي ڏولي ڪنهن وقت سندس فرزند
اظهر، پرويز، جاويد، سليم ۽ فتح جي ڪلهن تي، ته
ڪنهن وقت وري ڊاڪٽر سليمان شيخ، پرواني ڀٽي، ڊاڪٽر
ايوب شيخ، عابد مظهر، اياز جاني، اسحاق انصاري،
ظهير حيدري، سميع بلوچ ۽ ٻين محبوب دوستن جي ڪلهن
تي سوار ٿو ڏسان.... هاڻي ڏوليءَ مان لهڻ بعد... ۽
لحد ۾ لهڻ واري مرحلي دوران... ڏٺم، شيعه عالم
منصور حيدر... عين امام جعفرِ صادقؑ جي فقهه وارو
ڪتاب، ”تحفة العوام“ هٿن ۾ کولي، شمشير جي سيراندي
کان ويهي، شيعه طريقي مطابق ”تلقين“ پڙهي رهيو هو.
تلقين پوري ٿيڻ بعد... هاڻي لحد مٿان پيراندي کان
سيمنٽ جا بلاڪ رکجڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته مون پل
پل اکين کان اوجهل ٿيندڙ سنڌ جي هن عظيم انسان ۽
ٻهگڻ شاعر شمشير الحيدري جي آخري جهلڪ ڏسڻ لاءِ
هيٺ لحد ڏانهن نگاهه وڌي، تڏهن ان گهڙيءَ اوچتو
ڀاسيم.... شمشير جا چپَ، چُرن پيا ۽ ٻڌم دنيا مان
ويندي ويندي قبر جي اونداهيءَ مان هُو باآوازِ
بلند اسان کي آگاهه ڪري رهيو هو ته:
اتي ئي ته منهنجي خوابن جي جنت، ستارن جي ڌرتي،
وڌي ويئي عرشِ برين جي اُچائي ، وڏي
ڳالهه آهي،
انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي
ڳالهه آهي،
ابد تائين آهي اسان جي رسائي وڏي
ڳالهه آهي.
[10- آگسٽ2012ع، رات جو هڪ وڳي چوڪنڊي واري
قبرستان ڪراچيءَ مان، حيدرآباد موٽندي، رينٽا ڪار
۾ ويهي لکيل] |