زهير حسين حيدري
شمشير الحيدري: ’ڪڍڻ‘ کان چوڪنڊي قبرستان تائين
سنڌ جو انتهائي خود دار اديب، باڪمال شاعر، سنڌي
آزاد نظم جو خالق، بيباڪ، ۽ باضمير صحافي، نقاد،
فلسفي، مدبر، حوصله مند، ڌرتيءَ سان هر حال ۾ غير
مشروط ڪميٽيڊ فرد، سنڌي روايتن جو امين مؤرخ،
محقق، ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس، نظرياتي ۽ فڪري طور
مضبوط، روشن خيال، مزاحمتي راهه جو ارڏو ۽ جاکوڙي
مڙس مٿير، ڊرامه نگار، وقت ۽ حالتن جي اڻ وڻندڙ
ماحول ۾ به مصيبتن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ، ادارن کي
ٺاهڻ ۽ دانشمنديءَ سان ادارن کي جدوجھد جي اڙانگي
سفر ۾ پنهنجو پاڻ مڃائيندڙ، انڪساري، نهٺائي،
عاجزي ۽ توڪل جو تُرهو ٻڌي هر حال ۾ مولاتي ننگ
رکڻ وارو، مسڪينيءَ ۾ به تونگري جا مزا ماڻيندڙ،
ملنگ مست الستي قلندري، هزارن ۾ حيدري
شمشيرالحيدري تاريخ جي آسمان جو اهو وهائو تارو
آهي، جنهن تاريخ جي فلڪياتي نظامن جي ور چڙهي به
ڪڏهن پنهنجي تيز روشنيءَ ۾ جهڪاڻِ نه آندي بلڪه
مستقبل ۾ به جيئن جيئن علم، ادب، فلسفي ۽ سچائيءَ
جون نيون نيون ڪهڪشائون دريافت ٿينديون وينديون
تيئن تيئن تيئن شمشير هر دؤر جي اُفق تي اڳي کان
وڌيڪ چمڪندو ۽ جرڪندو نظر ايندو.
لاڙ جي سامونڊي هوائن واري انتهائي ڏتڙيل علائقي ۾
جنم وٺندڙ شمشير الحيدري جي سڄي زندگي ڪسمپرسيءَ ۾
گذري، پر پوءِ به هيءُ دل جو تونگر انسان ڪڍڻ جي
جنم ڀوميءَ کان، ڪراچيءَ جي پاڪستان ڪوارٽرس جي
ڀڳل ۽ برسات ۾ ٽمندڙ گهر مان کڄندڙ جنازي ۽ چوڪنڊي
قبرستان جي ڪُخِ ۾ هميشه لاءِ آرام ڪرڻ تائين،
ڪنهن به مرحلي تي نه ڪٿي مايوس نظر آيو، نه پنهنجي
خود داريءَ تي ڪنهن کي آڱر کڻڻ جو موقعو ڏنو. ان
ايڏي عظيم انسان جي ذاتي زندگيءَ تي لکڻ لاءِ
محترمه ثمينه ميمڻ صاحبه سنڌي ادبي بورڊ پاران
نڪرندڙ ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي جي شمشيرالحيدري نمبر
لاءِ حڪم ڪيو. تڙتڪڙ ۾ حڪم جي بجا آوري سبب مواد
جي بي ترتيبي ۽ مقالي ۾ حقيقي حُسن جي اڻاٺ ٿِي
سگهي ٿي پر ڪوشش اُهائي هوندي ته پنهنجي صلاحيتن،
ڄاڻ ۽ حاصل مواد موجب، وڌ ۾ وڌ لڪل پاسن جي اُپٽار
ڪري هڪ جڳهه تي سهيڙي ڏيان.
شمشير الحيدري جا وڏا ۽ انهن جي معاشي ۽ معاشرتي
تي زندگي:
شمشير الحيدري جا وڏا پهرين غير مسلم لُهاڻا هئا،
سندن معاش چم جو واپار هو، پوءِ آغا خانين جي
تبليغ سان اسماعيلي خواجه ٿيا. اسماعيلي خواجن جا
ٻه حصا هُئا 1. خانائي 2. پِڙائي. ٻنهي طبقن جي
عقيدي ۾ پرنس آغا حسين علي شاهه جي حيثيت حاضر
امام (وقت جي امام) جي هئي ۽ ان جو هر حڪم مڃڻ ڄڻ
شرعي حڪم هو پر پِڙائي ۽ خانائي خواجن ۾ فرق هيءُ
هو ته پڙائي خواجا حضرت امام حسين رضه جي ياد ۾
پڙن تي ذڪر، ماتم (عزاداري) به ڪندا هئا، جڏهن ته
خانائي ائين نه ڪندا هئا.
پڙن تي ڪربلا جي شهيدن جي ذڪر ٻڌڻ سبب انهن ۾
تحقيق جي جستجو پيدا ٿي، ذهنن ۾ تجسس حرڪت و حرارت
ان منزل تي پهتي جو 1900ع ۾ پڙائي خواجن مان 5 ڄڻن
حاضر امام هزهائينس سر
آغا خان سان مذهبي مناظرو ڪيو جن جا نالا حاجي
غلام علي خواجه نندو شهر (شمشيرالحيدري جو نانو)،
حاجي محمد جعفر ويساڻي (ميرپور بٺورو)، سيٺ ولي
محمد، گل محمد (ٽنڊوباگو)، مرحوم مولوي عبدالله
(ميرپور بٺورو)، سيٺ الهورايو (راهه مڪي بازار)
هئا. مناظري ۾ حاضر امام کان مطمئن نه ٿيڻ کان
پوءِ انهن پنجن ڄڻن بغاوت ڪري شيعا اثنا عشري مسلڪ
اختيار ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻنهي جماعتن ۾ وڏا
اختلاف ٿيا، رشتيداريون ٽُٽي ويون، ڌنڌن تي اثر
پيا، هڪ ٻئي تي ڪيس داخل ٿيا، هڪ ٻئي جو سوشل
بائيڪاٽ ٿيو. اهي سمورا آغا خاني خواجه بدين شهر
جي ڏکڻ ۾ ڪڍڻ کان اڳتي راهه مڪي شهر ۾ واپار ڪندا
هئا، جيڪو علي بندر لڳ هو، اُتي جهاز لنگر ڪندا
هئا، ماڻهو حج تي به اتان ويندا هئا، ان ڪري ان کي
”راهه مڪي“ بازار سڏيو ويو. آغا خانائين مان شيعه
اثناعشري ٿيڻ کان پوءِ پهريون حج ڪندڙ
شمشيرالحيدري جو نانو حاجي غلام علي هو جيڪو حج تي
ويو. حاجي غلام علي پڙهيل ته ڪونه هو پر پنهنجي
وقت جو وڏو واپاري ۽ مالدار ماڻهو هو. سندس چمڙي
جون ڪوٺيون راهه مڪي بازار، ڪڇ ڀڄ، احمد آباد ۽
امرتسر ۾ هيون. وڏو سخي مرد هو، ڪيترن غريب
خاندانن جي ڪفالت ڪندو هو.
درياء جي رُخ موڙڻ سبب هيءُ علائقو ويران ٿيڻ لڳو
ته علي بندر جو شهر آهستي آهستي اجڙڻ لڳو ۽ پوءِ
راهه مڪي ۽ علي بندر جا واپاري به لڏڻ، لڳا. اثنا
عشري خواجه به لڏي ڪڍڻ، بدين، نندوشهر، تلهار،
ٽنڊوباگو، ميرپور بٺورو ۽ جهرڪ پوءِ ڪراچي ۽
حيدرآباد ۾ وڃي آباد ٿيا. حاجي غلام علي به راهه
مڪي مان لڏي اچي نندي شهر ۾ آباد ٿيو، جتي 1911ع
تي کيس هڪ پُٽ نذير حسين حيدري ڄائو. جيڪو اڳتي
هلي سنڌ جو وڏو اديب، شاعر، سياستدان، حڪيم، فلسفي
۽ مقرر ثابت ٿيو ۽ سندس ئي تربيت مان شمشيرالحيدري
جهڙو هيرو تراشجي علم و ادب جو باڪمال انسان بنيو.
شمشيرالحيدري جو ڏاڏو محمد هاشم پٽ ڏاتر خواجه
ٽنڊي باگي ڀرسان ڪوڇاين جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. هو
بنيادي طرح هاري هو، پوءِ لڏي بدين اچي رهيو، اتي
سيٺ ولي محمد خواجه جي پسارڪي دوڪان تي نوڪري
ڪيائين ۽ سيٺ ولي محمد کان حڪمت سکي پاڻ حڪيم بنجي
ويو ۽ بدين ۾ وڏو پسارڪو دوڪان کوليو، جتي پري پري
کان ماڻهو پسارڪي دوائون وٺڻ ايندا هئا. اهوئي هنر
هن پنهنجي پٽ رسول بخش خواجه کي ڏنو جيڪو پڻ سٺو
حڪيم هو، ان جي دوڪان تي ڏنڊا ڪونڊا ۽ ڦڪيون
ٺاهيندي ٺاهيندي سندس پٽ شمشير به موروثي حڪيم ٿي
ويو. اڳتي هلي وڌيڪ حڪمت جون ڊگريون به ورتيون.
شمشيرالحيدري کي نجيب الطرفين (ناناڻي ۽ ڏاڏاڻي)
طرف کان حڪمت ورثي ۾ ملي جو سندس ڏاڏو محمد هاشم،
پيءُ رسول بخش ۽ مامو نذير حسين حيدري حڪيم هُئا.
شمشير الحيدري جو ڄم:
شمشير الحيدري جو پيءُ ته بدين ۾ رهندو هو پر ماءُ
کتو، مائٽن ڪڍڻ ۾ ويم لاءِ ڪوٺيل هئي، جتي هن 15-
سيپمٽبر 1931ع تي هڪ پٽ کي جنم ڏنو، جنهن جو نالو
شمشير علي رکيو ويو. شمشير جي پيءُ ٽي شاديون
ڪيون. حاجي غلام علي جي ڌيءُ خديجه عرف کتوءَ مان
شمشير علي ۽ سندس ڀيڻ حبيبان ٿيون. جن جي پرورش
سندن مامي نذير حسين حيدري ڪئي، ٻي زال مان ٻه
ڌيئون ٿيون، ٽي زال مان هڪ ڌيءُ ۽ 7 پٽ ٿيا. رسول
بخش خواجه جي سڀني پٽن مان فقط شمشير علي پاڻ کي
شمشيرالحيدري سڏايو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام علي
الانا پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته:
”شمشيرالحيدري جو پهريون ادبي، ذهني پروش ڪندڙ
اُستاد، لاڙ جو مشهور سماج سڌار، قومپرست اڳواڻ
مرحوم ڊاڪٽر نذير حسين حيدري هو. شمشير پنهنجي
نالي پٺيان ”الحيدري“ تخلص مرحوم ڊاڪٽر نذير حسين
حيدري کان متاثر ٿي رکيو. هُن جي پيءُ يا ٻين ستن
ڀائرن مان ڪنهن به پاڻ کي ”حيدري“ نه چوارايو.“
شمشيرالحيدري جو ننڍپڻ:
شمشير الحيدري جو نانو حاجي غلام علي مالدار ماڻهو
هو، ان کي شمشير الحيدري سان ڏاڍو پيار هوندو هو.
شمشير بدين هوندو هو ته حاجي غلام علي سندس خاص
ملازم ليمي شڪاريءَ کي بدين موڪليندو هو جيڪو کيس
خراساني گڏهه تي بدين کان نندي شهر وٺي ايندو هو،
جتي هو گهوڙي تي چڙهي ناني جي ٻنين تي گهمندو ۽
نندي شهر جي ٻن واهن: علي واهه ۽ شير واهه ۾ وهنجي
گهوڙي کي وهنجاري گهر ايندو هو. مرحوم رسول بخش،
شمشير جي والد جو گهر جيڪو ڪکائين صورت ۾ بدين جي
غريب آباد پاڙي ۾ هوندو هو، جتي ڪجهه وٿيءَ تي
مولوي حاجي احمد ملاح جو گهر ۽ سِکن ۽ ڪولهين جا
گهر هوندا هئا. شمشير کي ان وقت سِکن جي گرو گونٽ
جو پاٺ ڏاڍو وڻندو هو. شمشيرالحيدري ننڍپڻ ۾ ڍٻيون
ٺاهي ڳيرا ڦاسائڻ ۾ ماهر هو پوءِ اهي ڳيرا کڻي گهر
اچي ٻوڙ رڌائي کائيندو هو. کائڻ جو به شوقين هو.
تعليم:
تعليم پرائڻ متعلق خود شمشيرالحيدري پنهنجي آتم
ڪٿا ”فقير بيان ڪري ٿو“ ۾ لکي ٿو ته:
”اسان جو گهر بدين شهر جي غريب آباد محلي ۾ هو،
اتي ئي پاسي ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جو مدرسو هو،
جتي مون کي ڇڏيو ويو ۽ اتان مون قرآن شريف جي
تعليم ورتي. ان زماني ۾ تڏن تي ويهي پڙهبو هو، ڪاٺ
جي تختي تي ميٽ هڻي، ڪوئلن جي مس ۽ ڪانهن جي قلم
سان لکبو هو. ان کان پوءِ مون کي پرائمري اسڪول
بدين ۾ ويهاريو ويو، جتان مون چار درجا سنڌي جا
پاس ڪيا، پوءِ چار درجا انگريزي اسڪول ۾ پڙهي سنڌ
مدرسي ڪراچي ۾ داخل ٿيس پر آءٌ مئٽرڪ ڪري نه
سگهيس، ڇاڪاڻ ته مون کي اسٽرائيڪ ڪرائڻ جي سزا طور
ڪڍي ڇڏيو ويو. ان بعد گهڻي دربدريءَ کان پوءِ
تعليمي سلسلو ٻيهر شروع ڪري سگهيس. ان وچ ۾
ملازمتون شروع ڪيم. ٽي مهينا اين. جي. وي هاءِ
اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهيس، اسٽرائيڪ جي ڪاوڙ جي ڪري
سنڌ مدرسي وارن سرٽيفيڪٽ ڪونه ڏنو، ٽن مهينن تائين
وري حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهيس، بنا
سرٽيفيڪٽ جي، نيٺ انهن به ڪڍي ڇڏيو، هڪ سال بعد
جڏهن سرٽيفيڪٽ مليو ته ٽنڊي باگي جي لارينس اسڪول
۾
Preliminary
جو امتحان ڏنم ۽ اڳتي هلي مئٽرڪ امتحان ۾ ويٺس،
فيل ٿي پيس، وري سپليمينٽري ڏنم، فيل ٿي پيس، تنهن
بعد تعليم ڇڏائجي ويئي.“
ليڪن اهوئي شمشيرالحيدري هو جنهن ڪجهه وقت کان
پوءِ اديب سنڌي ۽ اديب عالم جا امتحان ڏنا ۽ 1963ع
۾ ايم.اي سنڌي ڪيائين. پاڻ ”فقير بيان ڪري ٿو“ جي
عنوان سان پنهنجي حافظي متعلق لکي ٿو ته:
”آءٌ ڪتاب ڪونه وٺندو هئس،
هڪڙي ڪاپي رکندو هُئس جنهن ۾ رف ۽ فيئر ٻئي ڪندو
هئس، پنهنجي هم ڪلاسين کان ڪتاب وٺي رات جو پڙهي ۽
امتحان ڏيئي ڇڏيندو هئس ۽ پاس ٿي ويندو هئس. هڪ
ڀيرو ڪتاب پڙهندو هوس ته ياد ٿي ويندو هو.“
پاڻ سنڌ مدرسي ۾ ايترو هوشياري هوندو هو جو فارسي،
فقهه ۽ سنڌيءَ جا ڪچا پيپر کيس چيڪ ڪرڻ لاءِ ڏنا
ويندا هئا.
شخصيت جو بنياد:
شمشيرالحيدري اڄ تاريخ جي مايئه نار شخصيت طور
ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، ان کي گهڙي، ٺاهي ۽ جاذبِ نظر
بنائڻ ۾ سندس زندگيءَ جي وک وک تي سندس مامي نذير
حسين حيدريءَ جي تربيت جو عمل دخل نظر اچي ٿو.
نذير حسين حيدري جيڪو شاعر، اديب، بيباڪ صحافي،
عالم، وڏي پايه جو مقرر، فلسفي ۽ مصنف هو. غريب
هوندي به پيٽ جو گراهه ڇڏي به ڪتاب وٺي پڙهندو هو،
سندس وڏي لائبريري هوندي هئي جنهن ۾ هر قسم جي
مذهبي مسلڪي ڪتابن کان سواءِ مارڪس، هيگل، لينن ۽
ٻين فلسفين جا ڪتاب هوندا هئا. ننڍي هوندي کان
مامي سان گڏ رهڻ ڪري شمشير، ڪتابن پڙهڻ ۽ انهن کي
هينئين سان هنڊائڻ جو ڏانءُ مليو. مامي جي
لائبريريءَ ۾ ايلوپيٿي، هوميوپيٿي ۽ يوناني حڪمت
جا ڪتاب پڙهي شمشير کي حڪيم ٿيڻ ۾ مدد ملي. ڪراچي
جي سنڌ مدرسي ۾ به شمشير کي نه صرف سندس مامي نذير
حسين حيدري داخل ڪرايو پر سندس خرچ به ڀريندو هو،
جيڪو پاڻ به اُتي جو پڙهيل هو. مولانا غلام محمد
گرامي ۽ منشي عبدالشڪور- ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ
جا گهاٽا دوست هُئا جنهن جي معرفت شمشيرالحيدريءَ
جا ساڻن تعلقات ٿيا ۽ مهراڻ رسالي ۽ هلال پاڪستان
اخبار ۾ اچڻ جا رستا ٺهيا. شمشيرکي بدين ۾ آبپاشي
کاتي ۾ نوڪري ڏيارڻ لاءِ به ايس. ڊي. او احمد خان
ڀرڳڙي ۽ نذير حسين حيدري جي دوستي ڪم آئي ته بدين
جي ائگريڪلچرل ڪوآپريٽو ڪريڊٽ بئنڪ ۾ مئنيجري وٺي
ڏيڻ ۾ به مامي جي مدد ڪم آئي، جيڪو بئنڪ جي بورڊ
آف ڊائريڪٽرس ۾ اعزازي ڊائريڪٽر هو. شمشيرالحيدري
پنهنجي هڪ مضمون ۾ به لکيو آهي ته:
”مون
کي فخر آهي جو آءٌ اهڙي شخصيت جو پاليل ۽ پرورش
ڪيل آهيان، ڪجهه نه آهيان پر جيڪو ڪجهه آهيان سو
پنهنجي مامي مرحوم جي قربت، صحبت ۽ شفقت جي ڪري
آهيان.“
عبدالعزيز عقيليءَ، شمشيرالحيدريءَ جي
ڪتاب ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“ ۾ ٻه اکر جي عنوان
سان لکيو آهي ته:
”هن (شمشيرالحيدري) جي تربيت ۾ سندس خاندان جي اهم
شخصيت مامي ڊاڪٽر نذير حسين حيدري جو وڏو اثر
رهيو، جيڪو پنهنجي دور جو مشهور سماج سُڌارڪ ۽
انقلابي ماڻهو ٿي گذريو آهي. هُو لاڙ ۾ هاري
ڪاميٽيءَ جو اهم اڳواڻ هو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
جو اعتماد جوڳو ساٿي هو، لاڙ ۾ سندس وڏي مڃتا هئي،
شمشيرالحيدري اهڙي عالم، اديب ۽ اڳواڻ شخصيت جو
تربيت يافته هو.“
شمشير الحيدري جي شخصيت جي بنياد ۾ جيئن ته سندس
مامي نذير حسين جي تربيت جي ڪري علمي ادبي، سياسي
۽ سماجي خصلتون ته منتقل ٿي ويو هيون پر ان کي
وڌيڪ پروان چڙهڻ ۾ زندگيءَ جي مختلف دؤرن ۾ جيڪي
قداور شخصيتون ملنديون رهيون، اُهي به سندس ذوق
شوق ولولي ۽ جذبي کي همٿائڻ ۽ زندگيءَ جي جاکوڙي
رستي تي کيس اڳتي وڌائڻ ۾ انتهائي ڀرجهليون ۽
شخصيت سازيءَ ۾ ڪارگر ثابت ٿيون. جن ۾ سائين
جي.ايم.سيد، عبدالواحد سنڌي، حيدر بخش جتوئي، فيض
احمد فيض، محمد ابراهيم جويو، مولانا غلام محمد
گرامي، مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر،
رسول بخش پليجو، عبدالشڪور منشي، محمد عثمان
ڏيپلائي، شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، عبدالغفور
انصاري، علي محمد شيخ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سيد
پناهه علي شاهه، مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر غلام
علي الانا، سيد سردار علي شاهه، منظور نقوي، خان
محمد پنهور، مخدوم امير احمد، ڊاڪٽر محمود الحسن،
محمد بخش جوهر، تاج صحرائي، اياز قادري، قمر
شهباز، جمال ابڙو، فاضل راهو، عبدالڪريم گدائي،
سراج الحق ميمڻ، حميد آخوند، ڊاڪٽر سليمان شيخ،
امر جليل، امداد حسيني، علي بابا، نياز همايوني،
رشيد ڀٽي، ظفر ڪاظمي، تنوير عباسي، عبدالڪريم
بلوچ، پروانو ڀٽي، عبدالواحد آريسر، حميد سنڌي،
دستگير ڀٽي، نسيم کرل، ذوالفقار راشدي، غلام نبي
مغل، يوسف شاهين، تاجل بيوس، مهتاب اڪبر راشدي،
فهميده حسين، مهرالنساءُ لاڙڪ، سلطانه صديقي، محمد
خان مجيدي، ڊاڪٽر ادل سومرو، ابراهيم منشي، عنايت
بلوچ، عبدالرحمان نقاش، استاد بخاري، قابلِ ذڪر
آهن، جن سان شمشير الحيدري ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان
ڳنڍيل رهيو.
اوائلي سرگرميون:
ننڍي هوندي شمشير نماز، روزي جو پابند، مسجدن امام
بارگاهن ۾ ٻوهاري ڏيندڙ هو.
امام بارگاهن ۾ نه صرف قصيدا ۽ مرثيا پر تقريرون
به ڪندو هو، ساڻس جوڙ ۾ مولوي جعفر علي خواجه
هوندو هو. شمشير بدين جي نوجوانن جي مذهبي تنظيم
انجمنِ شاهه خراسان ٺاهي، جنهن جي ذريعي نه صرف
امامن جي ولادت ۽ شهادتن جا ڏهاڙا ملهايا ويندا
هئا، پر هو پنهنجي شاعري به انهن ۾ پڙهندو هو.
شمشير پاڻ کي شاعر مڃڻ کان انڪار ڪندي انڪساريءَ
کان ڪم وٺندي، ان کي اٽڪل اچي وڃڻ قرار ڏيئي ٿو پر
1946ع ۾ جڏهن شمشير جي ڄمار صرف 15 سال هُئي ان
سال جو رسالو ”در نجف“
منهنجي هٿن ۾ آهي، جيڪو ڊاڪٽر نذير حسين حيدري
مرتب ڪيو هو، ان ڄمار ۾ شمشير جي شاعري، غزل جي
صنف ۾ پڙهندڙن جي نذر ڪريان ٿو،
ڏسو ڪيڏي نه سندس شاعري پُختي ۽ علم جا آبشار
وهائيندڙ آهي:
آهي هُل هر سو، علي المرتضيٰ پيدا ٿيو،
خواجهءِ ڪونين نفسِ مصطفيٰ پيدا ٿيو.
فخرِ عالم صاحب ”من عنده علم الڪتاب“
مالڪِ سيف و خطاب لافتيٰ پيدا ٿيو.
باعث تنزيلِ بلغ، جانشينِ مصطفيٰ،
تاجدارِ هل اتي وقل ڪفيٰ پيدا ٿيو.
ڪفر جي باطل پرستي خاڪ ۾ ويئي ملي،
حق نما، شمس الضحيٰ، بدرالدجيٰ پيدا ٿيو.
اخترِ بُرجِ ڪرامت، گوهرِ درجِ شرف،
منبعِ جو دوسخا، بحر عطا پيدا ٿيو.
سيدِ والا حشم، عالي همم، شاه اُمم،
ناصرِ دينِ، خدا مشڪل ڪشا پيدا ٿيو.
ڇو نه دل منهنجي بهار اي حيدري،
منهنجو مولا، منهنجو آقا، رهنما پيدا ٿيو.
(مٿيون غزل ڪافي طويل آهي، جنهن کي مختصر درج ڪيو
اٿم.)
1953ع ۾ ڪتاب ”انسان ڪامل“ ۽ 1954ع ۾ ”ڪاروان
ڪربلا“ به سندس مذهبي سرگرمين جي عڪاسي ڪري ٿي .
نوڪريون:
• 1950ع ۾ پاڪستان رائيس مل بدين ۾ منشي طور نوڪري
ورتي.
• 1951ع ۾ آبپاشي کاتي ۾ 60 رپيا ماهوار تي
ٽيليفون آپريٽر ٿيو.
• 1952ع ۾ بدين ۾ ائگريڪلچرل ڪو آپريٽو ڪريڊيٽ
بئنڪ جي برانچ ۾ مئنيجر ٿيو.
• 1954ع ۾ هلال پاڪستان حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر
ٿيو.
• 1955ع سنڌي ادبي بورڊ پاران مهراڻ رسالي ۾ ڪلارڪ
ڪئي.
• 1956ع کان 1966ع تائين مهراڻ رسالي ۾ اسسٽنٽ
ايڊيٽر.
• 1965ع کان 1977ع تائين مرڪزي حڪومت جي انفرميشن
اينڊ براڊ ڪاسٽنگ منسٽري جي ماتحت نڪرندڙ رسالي
”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.
1977ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ وفاقي مواصلاتي
وزير ممتاز علي ڀٽي پاران ڪميونيڪيشن انفارميشن
سيل ۾ ڊپٽي مئنيجر ٿيو.
• 1988ع بينظير جي حڪومت ۾ نوجوانن واري وزارت ۾
19 هين گريڊ ۾ چيف آف پبلڪ رليشنز، وري 20هين گريڊ
۾ ترقي ڏيئي ڊپيوٽيشن تي، ۽ پوءِ يوٿ انويسٽمينٽ
پروموشن بيورو ۾ پروانشل چيف طور رٽائرمينٽ
ورتائين.
• 1993ع کان 1995ع دوران سنڌي ادبي بورڊ ۾
سيڪريٽريءَ جا فرائض سرنجام ڏنائين.
ڌنڌا ۽ زمينداريون:
غالباً ضياء جو آخري دور هو، شمشيرالحيدري جي ڪجهه
دوستن حيدريءَ جي مالي سهائتا لاءِ ڪراچيءَ ۾ هڪ
ميوزيڪل شو رکيو، جنهن ۾
مُني بيگم سميت ڪيترن ئي فنڪارن فن جو مظاهرو
ڪيو. ان مان ان وقت ٻه لک رپيا بچيا، جيڪي
شمشيرالحيدريءَ جي حصي ۾ آيا.
شمشيرالحيدري کي زمينداريءَ جو شوق ٿيو، بدين جي
گولاڙچي تعلقي ۾ زيندپورن وٽ زمين ورتائين ۽
چيائين ته آءٌ روايتي وڏيرو نه پر جديد وڏيرو ٿو
ٿيان. نئون ۽ صفا درويش صفت ماڻهو، آڙيڪاپن جي ور
چڙهي ويو. ڪلراٺي زمين وٺي، ٻٻر جي وڻ هيٺان لطيف
جو ٿلهو ٺهرائي، چيائين ته هتي لطيف، سچل، سامي،
سانوڻ فقير ۽ شاهه عنايت جا ڏهاڙا ملهائينداسين.
سڄو ڏينهن وڻ هيٺان کٽن تي بسترا ۽ پٽ تي تڏا،
تونريون وڇايل ۽ ڪچهريون، محفلون، ماني جا لنگر ۽
چانهه جا دؤر هلندا رهيا. ان دوران هڪ سنڌي رسالي
۾ هڪ ڪارٽون به ڇپيو هو، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته
شمشير فل سوٽ ٽاءِ سميت ڪلهي تي هر ۽ پاڃاري،
پويان هر چوني لڳل، انهي ۾ هڪ شيشي به ٻڌل آهي ۽
ان جي هيٺان ڪئپشن ۾ لکيل هو ته:
”شمشيرالحيدري ڳچ وقت کان گم آهي. هن جو ڏس پتو
پيو آهي ته هو ٻني ٻاري ۾ رڌل آهي، ادبي برادري،
حيدريءَ جي غير موجودگيءَ ۾ اُٻاڻڪي، حيران ۽
پريشان آهي، حيدري صاحب تائين جيڪڏهن هيءُ اطلاع
پهچي ته بنا دير سنگت وٽ پهچي، جيڪڏهن ڪو ٻيو به
ادب دوست ماڻهو حيدري صاحب کي وٺي سنگت وٽ
پهچائيندو ته ان کي وڏي اعزاز سان نوازيو ويندو.
“
محمد موسيٰ جوکيو سندس ننڍپڻ جو دوست هو، اهو وٽس
ويندو هو، ان ٻڌايو ته آءٌ پريس ڪلب ڪراچي
عبدالرحمان نقاش سان ملڻ ويس ته هن ٻين صحافين جي
موجودگيءَ ۾ شمشيرالحيدري جي زمينداريءَ جو پڇيو،
مون ٻڌايو ته:
”حيدري صاحب ميو متارو، خوش جوڙ حيدري فارم تي
موجود آهي، فقير فقرائن جا ولر هن جو چوگرد آهن،
لنگر هلي رهيا آهن، هر ڪمام واري ماڻهوءَ کي ان جي
غزا ملي پئي، تازيون مڇيون، ديسي ڪڪڙ، ڪنهن وقت
تتر، ڍنڍ جا پکي، ڪنهن وقت ڇيلو ۽ گهيٽو اچيو وڃي،
ٽرئڪٽر ڪم ڪن پيا، تيل جا ڊرم ڀريا پيا آهن، ڪنهن
وقت فنڪار اچيو نڪرن، نه ته به سازن وڄائڻ وارا
مقامي فنڪار موجود آهن. ريڊيو وغيره وٽس آهي.“
آخرڪار مال کٽي ويو، زمينن مان ڪجهه هڙ حاصل نه
ٿي، حيدريءَ جو آستانو بند ٿي ويو، حيدري ٽپڙ ٽاڙي
کڻي بدين ۾ آيو، ڪرائي جو گهر وٺي ٻارن کي گهرائي
اُتي رهايائين. ڪجهه پئسا اڃا بچيل هئس، هن سوچيو
ته ڪاروبار ڪريان هڪ دوڪان ڪرائي تي وٺي، فٽنگ
ڪرائي، اوڌر تي زرعي دوائون وٺي، حيدري ٽريڊرس جو
بورڊ هڻائي واپاري ٿي ويو. اُتي به دوستن جي چانهه
جو خرچ به دوڪان مان ڪونه ٿي نڪتو، اهو دوڪان ۽
فٽنگ مسواڙ ۾ ڏيئي وري چيائين ته بدين ۾ سمال
انڊسٽريز جو پلاٽ قسطن تي وٺي وڏو ڇاپ خانو ٿو
کوليان. 30-40 ماڻهو ڪم ڪندا، ڪاروبار چوويهه ڪلاڪ
هلندو، سو پاسي ۾ ملازمن جي ڏهه يارهن گهرن جي
ڪالونيءَ لاءِ سمال انڊسٽريز جي ڀر ۾، قاضيا واهه
جي ڪناري تي، ويهه هزار فوٽن جا قبضا خريد ڪيائين،
جنهن تي اڌ لک رپيا خرچ ڪيائين. پلان اهو هو ته
پلاٽ وٺي انهن تي قرض کڻبو، مشينريون اينديون
وغيره وغيره، خيالن ۾ هڪ ڪروڙ رپين جو منصوبو ٺهي
ويو. سرڪاري ڪمن جي کانچن ۾ شمشير نه هلي سگهيو ۽
حيدريءَ جو تونگري منصوبو پورو ٿي ويو. ورتل پلاٽن
تي ماڻهو قبضو ڪري ويا ۽ حيدري وري اچي ڪراچيءَ جو
پاڪستان ڪوارٽرس وسايو ۽ ٽي.
وي تي اسڪرپٽ لکي خاڪ شوري ڪرڻ لڳو.
شادي ۽ اولاد:
شمشيرالحيدري جي شادي سندس پڦي جي ڌيءُ ڪنيز فاطمه
سان ٿي، جنهن مان کيس 5 پٽ:
اظهر علي، پرويز علي، جاويد علي، محمد سليم، فتح
علي ۽ ٽي ڌيئون: شميم، نسيم ۽ انيس ٿيون. پٽن جون
شاديون پنهنجي عزيزن مان ڪرايون ۽ ڌيئون ڌارين کي
ڏيئي پنهنجو ڪيائين، جن ۾ شميم سندس گهري دوست
تاجل بيوس جي ڀاءُ محمد يعقوب، انيس تاجل بيوس جي
پٽ سليم تاج ۽ نسيم کي نثار ابڙي سان پرڻايائين
جيڪي سڀ اولادي آهن. پاڻ سندس گهر واري کي
”خانصاحبِ“ جي لقب سان سڏيندو هو. سندن پاڻ ۾ پيار
آخري گهڙي تائين رهيو. جڏهن پاڻ زندگيءَ جي آخري
ڏينهن ۾ آغا خان اسپتال ۾ داخل هو ته گهر واري
ساهه جي تڪليف سبب ڀر ۾ ئي لياقت نئشنل اسپتال ۾
وينٽيليٽر تي هئي پر موت جي غنودگيءَ ۾ وڃڻ کان
چند ڏينهن اڳ شمشيرُ، وَرَ وَرَ ڏيئي اها تقاضا
ڪري رهيو هو ته مون کي منهنجي خانصاحبِ
سان ملايو پر اهو ممڪن نه هو ۽ هو اها حسرت کڻي
ويو، جڏهن ته سندس وفات کان صرف چند مهينا پوءِ
ڪنيز فاطمه به وفات ڪري ويئي .
صحافت:
شمشيرالحيدري پنهنجي صحافت جي شروعات سندس مامي
نذير حسين حيدري پاران 1952ع ۾ بدين مان ڪڍيل
هفتيوار اخبار ”اعلان حق“ کان ڪئي. هيءَ اخبار، ان
وقت لاڙ جي علائقي مان ميرن، پيرن، جاگيردارن ۽
حڪمرانن لاءِ محاذِ جنگ هئي. ان اخبار ۾ مظلومن جي
حمايت ۾ ظالمن خلاف باهه جا ڀڙڪا هئا ۽ ان جي ڄري
۽ لوساٽ پري پري تائين جي جابر مزاج ذهنن کي ساڙي
ڇڏيندي هئي خاص، ڪري سنڌ هاري ڪاميٽي پاران هارين
جي حقن جي ترجمان هئي، ڊاڪٽر نذير حسين حيدري جي
ناقابلِ برداشت ايڊيٽوريلن سبب چند مهينن ۾ ان وقت
جي وزير داخلا مير غلام علي ٽالپر نه صرف ان اخبار
جو ڊڪليريشن رد ڪري ڇڏيو، پر ڊاڪٽر حيدري کي جيل
جو هوائون به کائڻيون پيون. شمشير ان مزاحمتي
ماحول ۾ پنهنجي قلم کي سراڻ ڪيو ۽ صحافت جي بيباڪي
واري اڙانگي سفر ۾ اڳتي وڌيو.
1954ع هو حيدرآباد آيو، هلال پاڪستان حيدرآباد
جيڪا منشي عبدالشڪور ڪڍندو هو ۽ ان جو ايڊيٽر محمد
بخش جوهر هو. شمشيرالحيدري حيدرآباد ۾ رهندي
پنهنجون لکڻيون، ان ۾ لکندو هو. اهڙي طرح سندس
تعلقات منشي صاحب ۽ جوهر صاحب سان وڌيا ۽ اتي کيس
اسسٽنٽ ايڊيٽر ڪري رکيو ويو. 1955ع ۾ سندس پهرين
ملاقات مولانا غلام محمد گرامي سان سندس مامي جي
معرفت ٿي. گرامي صاحب، شمشير کان ايترو متاثر ٿيو
جو سنڌي ادبي بورڊ پاران جاري ٿيندڙ ٽماهي ”مهراڻ“
رسالي ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، کيس اُتي ڪلارڪي ڏني.
محمد ابراهيم جويي سندس صلاحيتن کي ڏسندي 1956ع ۾
کيس ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ڪري رکيو. هن
10 سال اتي پنهنجا فرض نڀاهيا. انهن 10 سالن ۾ هن
سنڌي ادبي بورڊ جي تربيت ڪئي، علمي پالنا ڪئي،
علمي ادبي ثقافتي معيارن جي سڃاڻپ ڏني ۽ هن پنهنجي
سمورين صلاحيتن کي ڪتب آندو. ان جي تائيد حميد
سنڌيءَ جي لکيل مقالي مان ٿئي ٿي، جنهن ۾ هو لکي
ٿو ته:
”شمشير، جڏهن مهراڻ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو ته محترم
غلام محمد گرامي (رسالي جو) ايڊيٽر هو. هن هڪ
ڏينهن منهنجي ٻانهن شمشير جي هٿ ۾ ڏني ته هن کي
رسالي جو ڪم ۽ بيهڪ جون نشانيون سيکاري، سنڌي ادبي
بورڊ جي پريس مئنيجر محترم احمد زئي کي چيائين ته
هو مون کي پروف ريڊنگ جي ڪم ۾ ڀڙڪري، ابن حيات
پنهور ۽ پاڻ گرامي صاحب منهنجي ادبي صلاحيتن جي
واڌاري لاءِ بحيثيت هڪ ايڊيٽر جي سکيا ڏني، شمشير
الحيدري منهنجو اُستاد ۽ هن سڄي ادبي سفر جو همسفر
رهيو.“
1966ع ۾ سرڪاري رسالي نئين زندگيءَ ۾ کيس ايڊيٽر
ڪري رکيو ويو. جيئن ته سرڪاري رسالو هئڻ ڪري سرڪار
چاهيو ٿي ته سرڪاري ڪمن ڪارين جي ڪارڪردگي ۽ رسالي
کي سرڪاري پمفليٽ طور ڪڍيو وڃي، پر جيئن ته شمشير
جي نبضن ۾ نظرياتي ۽ انقلابي رت ڊوڙي رهيو هو. هن
نوڪري وٺڻ کان اڳ پنهنجا شرط رکيا ته آءٌ هن رسالي
کي ادبي رسالو ڪري هلائيندس، نه ته وڃي ڪو ٻيو
رکو، مون کي اهڙي ايڊيٽري جي ضرورت ڪونهي. شمشير
جي بيباڪ ۽ اصولي موقف سبب اڳين ڌر کي سندس شرط
مڃڻا پيا ۽ اهو فيصلو ٿيو ته رسالي ۾ 20 سيڪڙو
حڪومتي پرچار ۽ 80 سيڪڙو ادبي مواد ڇپيو ويندو.
اهڙي طرح 1977ع تائين 11 سال شمشير ان رسالي کي
ادبي رسالي ڪري هلائڻ جو اعزاز بخشيو. شمشير اديبن
۽ شاعرن جو مواد مهراڻ توڙي نئين زندگي ۾ جيئن جو
تيئن نه ڇپيو، پر ان ۾ پنهنجو رت ساڙي انهن جي
اصلاح ڪندو هو، ان کي حقيقت جو رنگ ڏيندو هو،
شاعري ۾ بحر وزن کي ٺاهيندو هو، ايستائين جو ڇپجڻ
کان پوءِ خود تخليقڪار به ان ۾ اصلاح ڏسي تعجب ۾
پئجي ويندو هو.
5- جولاءِ 1977ع کان شروع ٿيندڙ ضياء الحق جي ڪاري
دور ۾ جڏهن زبانن تي ته تالا هئا، پر خوف ۽ هراس
جو اهو عالم هو جو ذهن به مائوف بنجي ويا هئا. بنو
اميه ۽ بنو عباسيه جي خوني دور جي تاريخ کي دهرائي
سر عام شاهراهن ۽ وچ ميدانن تي ڦٽڪا ۽ ڦاهيون ڏيئي
ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو ماحول بنايو ويو هو، ۽ علامه
اقبال جي هن شعر جي عڪاسي ٿي رهي هئي ته:
آ تجهه کو بتائون که تقدير امم ڪيا هي،
شمشير وسنان اول طاؤس و رباب آخر.
اهڙي ماحول ۾ 1983ع ۾ شمشيرالحيدري کي پيرپاڳاري
جي اخبار ”مهراڻ“ ۾ ايڊيٽر جي آڇ ٿي، شمشيرالحيدري
۽ پير صاحب جي ملاقات ۾ جڏهن پير صاحب کين سگار
پيئڻ جي آڇ ڪئي ته شمشير پنهنجي کيسي مان ولس
سگريٽ جي پاڪيٽ مان هڪ سگريٽ ڪڍي، دکائي وڏا ڪش
هڻي، اهو چئي پنهنجي قداور شخصيت مڃرائي ته: ”نه
سائين منهنجو پنهنجو برانڊ آهي“. هن پير صاحب کي
سڌي ڳالهه ٻڌائي ته آءٌ هن اخبار کي توهان جي ذات
يا حرن جو پمفليٽ نه پر هڪ معياري اخبار بنائڻ
چاهيان ٿو، ان ڪري اخبار ۾ اهو نه ڇپيندس ته حضرت
پير سائين اڄ هيڏانهن ويو، اڄ هوڏانهن ويو.
پير صاحب اها ڳالهه مڃي ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته شمشير
اُها مهراڻ اخبار جنهن جي سرڪيوليشن سڄي سنڌ ۾
1200 هئي، اُها 22000 تائين پهتي. ماڻهو صبح فجر
جو بسن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي پهچندا هئا، ۽ اخبار
ڪلاڪ ٻن ۾ ختم ٿي ويندي هئي. اخبار جون فوٽو اسٽيٽ
ڪاپيون به بليڪ تي هلنديون هيون، اخبارن وٺڻ تي
جهيڙا ٿيندا هئا، ايستائين جو شمشيرالحيدري مون کي
ٻڌايو ته اخبار جي خريداري تان جهيڙي ۾ ڪنهن شهر ۾
ايف.آءِ.آر به داخل ٿي هئي. سنڌ جي سينيئر صحافي
بيدار جعفري ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ضلعي جي باڊهه جهڙي
ننڍڙي ڳوٺ نما شهر ۾ به 500 ڪاپيون هلنديو هيون.
شمشيرالحيدري اخبار جي ايڊيٽوريلن کان سواءِ ان
۾”ڀير تي ڏونڪو“ ڪالم لکي ڳوٺ ڳوٺ جي ذهنن ۾ بغاوت
جون باهيون ٻاري ڇڏيون ۽ 14- آگسٽ 1983ع کان ضياءَ
حڪومت خلاف هلندڙ ايم.آر.ڊي جي تحريڪ کي وڏي هٿي
ڏني، آخر سامراجي سوچن شمشير جي قلم کي نه سٺو ۽
کيس مهراڻ مان نڪرڻو پيو.
1984ع ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب ”هدايت“
اخباري جاري ڪئي، جيڪا جون کان ڊسمبر تائين صرف
ڇهه مهينا هلي، ان ۾ به شمشير جي قلم بيباڪيءَ جا
جوهر ڏيکاريا ۽ ان تي پابندي پئجي ويئي.
جنرل ضياء الحق 1984ع ۾ ريفرنڊم ڪرايو ته ڇا توهان
کي اسلام قبول آهي؟ جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته ان جو
مطلب ته توهان کي آءٌ ضياءُ الحق قبول آهيان. ان
وقت شمشيرالحيدري روزانه ”برسات“ ۾ هڪ ڪالم لکيو
ريفري + ڊم
=
ريفرنڊم ۽ ”ڦلترو“ ڪالم وڏو
مزاحمتي ماحول ٺاهيو. شمشير جي قلم ۾ انقلابي باهه
جا ڀڙڪندڙ شعلا هئا جي ڄريءَ کان هر ظالم ڀڄڻ جي
باوجود ڀڄي نٿي سگهيو.
ان کان پوءِ هن روزانه هلچل جي ايڊيٽري ڪئي، جنهن
۾ به هن گهٽ نه ڪئي. شمشير جي قلم ڪٿي به مصلحت ۽
مفاهمت جي نالي ۾ منافقت نه ڪئي، سڄي زندگي پنهنجو
تڏو به نه ٺاهيندڙ شمشير جي قلم جي نوڪ کي سندس
سڄي زندگيءَ ۾ ڪو خريدار خريدڻ جي جرئت نه ڪري
سگهيو هو. ڪنهن قيمت تي نه وڪيو، ڪنهن کان پنهنجي
پٽ لاءِ به نوڪري نه گهريائين، بلڪه سندس وڏي پٽ
اظهر کي اهو چيائين ته هلال پاڪستان اخبار وڪڻي
پنهنجو پيٽ گذر ڪر.
1989ع ۾ محترمه نصرت ڀٽو صاحبه شمشير کي گهرائي
هلال پاڪستان ڪراچي جي ايڊيٽريءَ جي آڇ ڪئي، اُن
کي به شمشير اهي ئي لفظ چيا جيڪي
پير پاڳاري کي روزانه مهراڻ جي ايڊيٽريءَ جي آڇ
وقت چيا هئا. شمشير چيو ته:
”محترمه هيءَ اخبار عوام لاءِ آهي، ان کي آءٌ
پارٽي جو پمفليٽ يا توهان جي ذات جي چوگرد گهمڻ نه
ڏيندس، قبول هجي ته ٺيڪ، نه ته ڪو ٻيو ايڊيٽر
ڳوليو. گهڻئي ملي ويندا“ ڳالهه مڃي ويئي شمشير
ايڊيٽري قبول ڪئي پر اڳتي هلي مالڪن کي شمشير جي
”اڍنگي چال“ نه وڻي ۽ محترمه وٽ ويهندي چانهه جو
ڪپ اڌ ۾ ڇڏي، اهو چئي هليو آيو ته:
”جهڙي ايڊيٽريءَ جي اُميد توهان مون ۾ رکو ٿا، اها
منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي، خدا حافظ“.
هلال پاڪستان ڪراچي ۾ شمشيرالحيدريءَ جي مقرري
متعلق دستگير ڀٽي پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته:
”ڊسمبر 1989ع ۾ جڏهن روزانه ”هلال پاڪستان“ جي
انتظاميه مون کي چيف ايڊيٽر جي عهدي تان هٽائڻ جو
فيصلو ڪري، شمشيرالحيدري صاحب کي منهنجي جاءِ تي
مقرر ڪيو ته پاڻ اپائنٽمينٽ ملڻ باوجود، پهرين مون
کي فون ڪري اجازت گهرڻ لڳو ۽ ايتري قدر چيائين ته
آءٌ ٻه ٽي ڏينهن ڳالهه کي ٽاري ٿو ڇڏيان، تيسين
تون ڀلي ڪوشش ڪري واپس اچي پنهنجي سيٽ سنڀال.“
ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شمشير رواجي
حالتن جي ابتڙ فقط پنهنجي اصولن، آدرشن، ذهن ۽
ضمير جو بي تاج بادشاهه هو، هن جي اڳيان نوڪريون ۽
ڌن دولت جي مقابلي ۾ انساني قدرن جي اهميت هئي. ان
کان سواءِ هن روزانه ”مومل“،”ساڻيهه“
ڊائجيسٽ ”پارس“ ۽ ٻين اخبارن جي ايڊيٽري به ڪئي ۽
ماهوار ”سهڻي“ ۾ به لکيو.
ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت:
مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته شمشيرالحيدري 15 سالن جي
ڄمار ۾ به هر لحاظ کان پختي ۽ بحر وزن جي لحاظ کان
ڪامل شاعري ڪري پاڻ کي شاعر طور مڃائي چڪو هو. اها
ٻِي ڳالهه آهي ته هو پاڻ شاعر هئڻ جي دعويٰ نٿو
ڪري. هن ننڍپڻ کان نثر به لکيو ۽ ان ۾ اڳتي وڌندي
وڏن اديبن ۽ محققن ۾ شامل ٿي ويو. هو پنهنجي ننڍپڻ
کان ادب سان لڳاءُ جو ذڪري ڪندي ”فقير بيان ڪري
ٿو“ جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”مون سنڌ مدرسي ۾ پهريون ڀيرو
”بزمِ سنڌي ادب“ قائم ڪئي هئي، جنهن جو آءٌ
سيڪريٽري ۽ جويو صاحب صدر هو.“
ادب جي چاهت ۽ عشق جي انتها کيس 1956ع ۾ اياز
قادري جي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي
تان استعيفا کان پوءِ ان منصب تي آندو ۽ شمشير
پهريون ۽ آخري شخص هو جيڪو مسلسل 10 سال ان عهدي
تي رهيو پر صرف رسمي خانه پوري لاءِ نه پر سنڌي
ادبي سنگت جا اهي 10 سال ڄڻ نون اديبن ٺهڻ جي
فيڪٽري جا سال هئا، جن ۾ نون اديبن جنم ورتو ۽
انهن جي پالنا اهڙي ٿِي جو اڄ جيڪي به اديب آهن،
اُهي ان وقت جي سنڌي ادبي سنگت جو ڦل آهن. انهن
اديبن کي به 1965ع ۾ گول بلڊنگ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ
سنگت جون گڏجاڻيون ياد هونديون. هن سنڌي ادبي سنگت
کي جديد اديبن جي نمائنده جماعت ڪري هلائي، اديبن
کي يڪجا ڪرڻ، منجهن ادبي سجاڳي پيدا ڪرڻ، لکڻ پڙهڻ
جون صحت مند راويتون قائم ڪرڻ، ليکڪن جي جي ذهني
تربيت ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخي جاگرافيائي حدن
جي حفاظت، سنڌي ٻولي، روايتن ۽ ثقافت خلاف ٿيندڙ
هر سازش خلاف هڪ ئي وقت تي سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي
ادبي بورڊ وسيلي مزاحمتي ماحول ۽ جٿا تيار ڪرڻ
وارو جرنيلي ڪم به سرانجام ڏنو. سندس ئي دؤر جي
سنڌي ادبي سنگت انقلاب، مزاحمت ۽ شعور جي بيداريءَ
جي درسگاهه ثابت ٿي.
1960ع ۾ صدر ايوب جڏهن سنڌي زبان کي فقط چوٿين
ڪلاس تائين پڙهائڻ ۽ ان کان پوءِ اردو پڙهائڻ لاءِ
شريف ڪميشن ٺاهي، ته شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت
جي پليٽ فارم تان للڪاريو، ”سنڌي زبان سوسائٽي“
نالي ڪاميٽي مخدوم امير احمد جي اڳواڻيءَ ۾ ٺاهي،
ان خلاف مزاحمت ڪئي. سڄي سنڌ جي ماڻهن کان صحيحون
وٺي سرڪار کي موڪليون ويون. آخر سرڪار گوڏا کوڙيا
۽ آرڊر واپس ورتو.
اڄ به سنڌ جي حقن لاءِ وڏيون وڏيون ريليون ڪڍيون
وڃن ٿيون، جيڪي پاڻ ۾ انتشار جي نذر ٿي وڃن ٿيون،
پر ڪو محرڪ شمشير جيان تحريڪ سان سچو نه آهي. ون
يونٽ خلاف سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان جيڪا
تحريڪ هلائي ويئي، ان جو سرواڻ به شمشيرالحيدري ئي
هو. ون يونٽ خلاف سنڌ جي هر طبقي جي در در تي وڃي
کائن رول پيپر تي صحيحون وٺڻ جي مهم هلائي ويئي.
پير عالي شاهه جي زماني ۾ بدين ۾ شاهه قادري جو
ميلو جنهن کي يارهين جو ميلو چيو ويندو هو، ان ۾
سنڌ پنجاب بلوچستان سرحد کان سواءِ هندستان کان
لکين ماڻهو ايندا هئا، شمشيرالحيدري ان ۾ون يونٽ
خلاف صحيحون وٺڻ جي ڪئمپ لڳائي، انهن صحيحن واري
پنن کي ڪپڙي تي چنبڙائي حڪومت کي موڪليو ۽
سنڌالاجي کي به ڏنو. سندس مزاحمتي عمل کي امر جليل
ڀيٽا ڏيندي چوي ٿو ته:
”ون يونٽ جي اوئل ۾ جڏهن چڱا چوکا پهلوان ٻرن ۾
ڪوُئن وانگر گم ٿي ويا هئا، تڏهن شمشير اسان جو
يار، سنهڙي هاٺي ڪاٺي وارو نوجوان دوست، حقيقي
معنيٰ
۾
سِر سان ڪفن ٻڌي ميدان ۾ نڪري آيو هو، سور سٺائين،
سختيون سٺائين پر پٺتي وک نه ڪيائين. ون يونٽ خلاف
سنڌ جي عوام جي نفرت جو اظهار عام ڪرائڻ لاءِ هن
رولر ڪاغذ تي هزارين بلڪه لکين صحيحون ورتيون ۽
اهو رولر ڪاغذ ان دؤر جي جابر ۽ ظالم کي ڏياري
موڪليو، جڏهن ماڻهو پنهنجي پاڇي کان ڊڄندا هئا،
تڏهن منهنجي دوست، منهنجي ساٿي، ۽ منهنجي رهبر
شمشير ون يونٽ خلاف سڀ کان گهڻو لکيو. شمشير آڳ
اُلا ٿي ظالمن جي هانوَ ۾ ٻرندو رهيو“.
سنڌ راڻي جو لقب:
شمشيرالحيدري ادبي ميدان ۾ روايتن جي معاملي به
بنا ڪنهن مصلحت جي کلي ڳالهه ڪري تاريخ ۽ پنهنجي
ذات سان نا انصافي نه ڪئي.
محترمه بينظير ڀٽي جي قتل کان پوءِ هر هنڌ کيس سنڌ
راڻي طور مشهور ڪيو ويو. اهو واحد شمشيرالحيدري
هو، جنهن ان وقت پندرهنوار”افيئر“
۾ مضمون لکيو ته:
”سنڌ راڻي سنڌ جو هڪ تاريخي ڪردار جيڪو مير باگي
سان لاڳاپيل آهي، جنهن جي نالي سان ٽنڊوباگو ضلعو
بدين ۾ باگو واهه به آهي، جيڪو مير باگي، سنڌ راڻي
جي محبت ۾ علائقي جي عوام کي تحفي طور ڏنو هو، ان
ڪري بينظير کي سنڌ راڻيءَ جو لقب ڏيڻ تاريخ سان
خيانت آهي، گهٽ ۾ گهٽ ميڊيا پاران ان غلط ٽرم کي
استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“
سنڌي ادبي سنگت پاران کنيل بنيادي مسئلا:
سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان جن ٻين بنيادي
مسئلن کي هٿ ۾ کنيو ويو، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن
(سنگت رسالي 1960ع ۽ 1962ع تان ورتل)
1. ووٽرن جو لسٽون سنڌي ۾ لکرائڻ.
2. سنڌي زبان کي ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ.
3. سنڌ جي تاريخي جاين شهرن ۽ مکيه مرڪزن جا نالا
ساڳيا رکڻ.
4. ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان سنڌي پروگرامن کي
مناسب جڳهه ڏيارڻ.
5. پوسٽ کاتي ۾ استعمال ٿيندڙ فارم، مني آرڊر فارم
سنڌي ۾ ڇپرائڻ.
6. ريلوي اسٽيشن جا بورڊ، ٽڪيٽ، اگهه، ٽائيم ٽيبل
سنڌي ۾ تيار ڪرائڻ.
7. لطيف جي ڏهاڙي تي عام موڪل ڪرائڻ ۽
شاهه لطيفؒ جي نالي تي پوسٽ جون ٽڪليون جاري
ڪرائڻ.
8. سنڌي زبان ۾ ٽائيپ رائيٽر تيار ڪرائڻ.
9. ڪراچي ريجن جي سنڌي اسڪولن جي انگ ۾ واڌارو
آڻڻ.
10. سکر ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرائڻ.
11. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي اڪيڊمي کولرائڻ.
12. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو شعبو
کولرائڻ.
13. سنڌيءَ يونيورسٽيءَ ۽ ان جي فاضل مصنفن جي
لکيل ٿيسز کي يونيورسٽي پاران ڇپرائڻ.
14 ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ 1900ع تائين سنڌي زبان
امتحاني ذريعو هئي، جنهن کي ختم ڪيو ويو هو، ان کي
ٻيهر بحال ڪرائڻ.
15. سنڌي استادن جا پگهار وڌرائڻ.
16. 1960ع تائين جيڪي به رسالا ۽ اخبارون جاري
هيون تن جا ڊڪلريشن بحال ڪرائڻ.
17. فلم سازيءَ کي سنڌي فلمون ٺاهڻ لاءِ اتساهه
ڏيارڻ.
18. سنڌي زبان کي وڌ ۾ وڌ جڳهين تي ڳالهائڻ لاءِ
عام ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ.
19. لائبريرين ۾ وڌ کان وڌ سنڌي ڪتاب رکرائڻ.
20. سنڌ جي تاريخي جاين شهرن ۽ مکيه مرڪزن جا نالا
ساڳيا رکڻ.
21. حيدرآباد جي يادگار قلعي جي صفائي ۽ آثار
قديمه کي ڏيارڻ.
22. مڪاني ۽ خود مختيار ادارن کان سنڌي ادبي سنگت
لاءِ گرانٽون منظور ڪرائڻ.
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي گولڊن جوبلي ڊسمبر 2007ع جي
پهرئين هفتي ۾ ٿي. شمشير ان ۾ هڪ مضمون ”سنگت هڪ
هلچل“ پڙهيو، جنهن ۾ هن سنگت ٺهڻ ۽ ان جي پس منظر،
ايوبي آمريت ۾ سنگت ۽ سنڌي اديبن پاران هلال هلچل
جو ذڪر ڪيو (يوسف سنڌي جي مضمون مان ورتل).
1970ع جي ڏهاڪي ۾ شمشيرالحيدري بدين ۾ سنڌي ادبي
سنگت جو بنياد وڌو، جنهن ۾ بدين جي ميونسپل
ڪاميٽيءَ جي ڇٻر تي ويهي، قلمڪار پنهنجون لکڻيون
پڙهندا هئا، جنهن ۾ محمد صديق مرهم، محمد موسيٰ
جوکيو، عبدالرحمٰن نقاش، محمد همدم، رفيق جعفري،
انب گوپانگ، الله بخش اداسي جيڪو پوءِ آڪاش انصاري
بنيو، سچل، سارنگ ميمڻ، ڌڻي بخش چرياڻ، طارق عاجز
ڀٽي، شاهنواز شائق، کٻڙ چانگ ۽ حقير (زهير حيدري)
پنهنجا سفر، افسانا ۽ ڪهاڻيون پڙهندا هئا.
سنڌي ادبي سنگت هجي يا سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري
پر شمشيرالحيدري پنهنجي ڪنهن به اختياري دور ۾
پنهنجا ڪتاب ڇپرائي، پاڻ خلاف ڪنهن کي آڱر کڻڻ جو
موقعو نه ڏنو. مسڪين ضرور هو پر غربت جي انتها ۾
آخري ڏينهن تائين ڪنهن اڳيان هٿ نه ڊگهيريو. هن
ڪڏهن مصلحتن جو سهارو نه ورتو، هن ڪڏهن به ضمير جو
سودو نه ڪيو، ڪٿي به مايوس نه ٿيو. انهيءَ موقف جي
تائيد نامور دانشور محمد ابراهيم جويي هنن اکرن ۾
ڪئي آهي ته:
”شمشيرالحيدري پنهنجي مزاج ۾ ارڏو ۽ بيباڪ انسان
هو، زندگيءَ ۾ ڪيڏا لاها چاڙها ڏٺائين پر مايوس نه
ٿيو.“ شمشير، سڄي زندگي پنهنجو گهر نه ٺاهيو پر اڄ
به هر ساڃاهه وند ۽ با ضمير انسان جي دل ۾ سندس
گهر آهي.
سندس ڇپيل ڪتابن جي وچور هن ريت آهي:
1. انسان ڪامل 1953ع، 2. ڪاروان ڪربلا 1954ع، 3.
تنهنجون ڳالهيون سڄڻ 1961ع، 4. لاٽ (شاعري) 1962ع،
5. تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دؤر (ترجمو) 1963ع، 6.
آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) 1963ع، 7. سوکڙي
(سنڌي شعبه جي مخزن (ترتيب ڏنل) 1964ع، 8. سنڌ ۾
آزاد نظم جي اوسر 1964ع،
9. بهترين سنڌي افسانا (ترتيب ڏنل) 1969ع،
10. سجاڳ سانگهڙ (گزيٽيئر ترتيب ڏنل)، 11. تاريخ
جو ڪچرو (شاعري) 1995ع، 12. پيار جا نوَ گيت (جرمن
شاعريءَ جو منظوم ترجمو)، 13. زينت ڊرامو مرزا
قليچ بيگ جي ناول زينت تان ورتل، 14. ڪاڪ محل
ڊرامو، 15. لاٽ وڌايل شاعري (ٻيو ڇاپو 2012ع، 16.
سنڌي شاعريءَ جو اڀياس 2012ع. 17.
Sindh up date
انگريزي ۾ انور پيرزادي سان گڏ 2003ع، 18.
Flute & Flame
شاهه لطيف جي ڪلام جي باري ۾ انگريزي ۾ لکيل، 19.
Poet of the time
(ترتيب)، 20
Exposing Sindh
2012ع (ڊاڪٽر غلام علي الانا جي مضمون تان ورتل).
شمشيرالحيدري جي شاعري بابت سنڌ جو محقق محمد
ابراهيم جويي پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته:
”آمريڪا جي عظيم قومي شاعر والٽ وٽمن 36 ورهين جي
عمر ۾ پنهنجي شعر جو پهريون مجموعو فقط 95 صفحن ۾
شايع ڪيو هو. فرانس جي لافاني اديب پيري گوئي
پنهنجي شعر جو پهريون ڪتاب پيش ڪيو، تڏهن فقط 75
شعر هئا، شمشير جو 88 صفحن جو مجموعو لاٽ
1962ع
پڻ هن ساڳي مشعل جي لاٽ آهي“.
آزاد نظم کي شمشير سنڌ زبان ۾ ان انداز ۾ متعارف
ڪرايو جو قمر شهباز لکيو آهي:
”سنڌي آزاد نظم جو ته ابوئي شمشير آهي.“
محترمه فهميده حُسين به ان سان سهمت هوندي لکي ٿي
ته:
”مان کيس سنڌي آزاد شاعريءَ جو ابو چونديس، شايد
پهريون ڀيرو سنڌي ادب کي سريلي آزاد نظم جو تحفو
شمشير ئي ڏنو. هن جي شاعري اُبتي گرامر جي نه بلڪه
ڇليل، گهڙيل، پالش ٿيل، سهڻن سلوڻن لفظن جي
خوبصورت سٽاءُ جو نالو آهي.“
آزاد نظم جي ابي هئڻ جي حوالي سان شمشيرالحيدري
”سنڌي ۾ آزاد نظم جي اوسر“ ڪتاب لکي آزاد نظم جي
بنيادن کي مظبوط ڪيو بلڪه ان ۾ نيون ٽاريون ۽ نوان
گل ڏنا. شمشير جي شاعريءَ ۾ خوشامندي يا درٻاري
عنصر نه ملندو، هن جي شاعري ۾ محبت، عشق، انڪساري،
نياز نوڙت ۽ ظالمن جابرن خلاف للڪار ملندي. هن
شاعري ۽ ادب جي هر صنف تي لکيو، جڏهن انڪساري ۾
آهي ته هيئنءَ پڪاري ٿو:
جهان عشق جو سردار آخري آهيان،
حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان،
ملنگ مست الستي قلندري آهيان،
عجيب آهيان هزارن ۾ حيدري آهيان.
۽ جڏهن للڪار ۾ آهي ته هن ريت پڙاڏو ڏي ته:
خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسندکي،
مظلوم اچي پهتا حقدار هجن شايد.
يا
اُٿو اٿو بکين جا ماريل اٿو، اٿو ڏکن جا ڏاريل
اٿو،
اٿو جو هاڻي فيصلي جو سج پيو ڪني ڪڍي.
اٿو جو هاڻ هڪ نئون جهان پيو جنم وٺي،
ڏسو ته هو روايتن جا ڪاڪ محل پيا ڪرن،
ڏسو ته هو غلامين جا ڪوٽ ڍير پيا ٿين،
اٿو جا هاڻ پنهنجي جنگ آهي آخري،
سنڀاليو پنهنجا مورچا محاذ تي وري وري.
سندن شاعري ۽ ادب تي گهڻن ئي اديبن ۽ شاعرن گهڻو
ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو آهي ۽ ان موضوع تي مسلسل لکيو
۽ ڳالهايو ويندو، مقالي جي طوالت سبب ٻين موضوعن
ڏانهن وڌون ٿا.
اليڪٽرانڪ ميڊيا:
ريڊيو پاڪسان تي هو ادبي پروگرامن جو ڪمپيئر،
مشاعرن جو ميزبان، گيت ۽ ڊرامه لکندڙ، مختلف
موضوعن تي ليڪچر ڏيندڙ مقرر، فيچر رائيٽر، انٽرويو
ڪندڙ رهيو. پاڪستان ٽيليويزن تان سنڌي پروگرام
جاري ٿيا ته عبدالڪريم بلوچ پروڊيوسر جي حيثيت سان
پهريون ناٽڪ ”زينت“ پيش ڪيو، جيڪو مرزا قليچ بيگ
جي ناول زينت کي شمشيرالحيدري ڊرامي جو رنگ ڏنو.
هو پي.ٽي.وي جو پهريون ڪمپيئر ۽ پهريون نيوز ڪاسٽر
هو. پي.ٽي.وي تان پهريون گيت به شمشيرالحيدري
لکيو. هو فلم سينسر بورڊ جو به ميمبر هو. اهڙي طرح
هن ڪاڪ محل سميت 150 کان وڌيڪ ڊراما ڊاڪيومينٽريون
۽ گيت لکيا (ياد رهي ته پي. ٽي. وي تان رليز ٿيندڙ
سندس ڊرامي ڪاڪ محل جي هڪ قسط ۾ مون به هڪ وزير جو
پارٽ ادا ڪيو هو.)
سنڌ گريجوئيشن ائسوسيئيشن:
شمشيرالحيدري هڪ سماج سڌارڪ ۽ جاکوڙي انسان ۽
پنهنجي ڪرت سان جذباتي وابستگي بلڪه عشق جي حد
تائين سچو هو. هن ڊاڪٽر سليمان شيخ سان گڏ جي سنڌ
جي پڙهلين کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪري، انهن جي صلاحيتن
کي سنڌ جي بقا لاءِ ڪتب آڻڻ خاطر سنڌ گريجوئيٽس
ائسوسيئيشن ٺاهي. هو هن جو پهريون سڪريٽري جنرل ۽
سگا پاران قائم ٿيندڙ روشن تارا اسڪولن جو پهريون
ائڊمنسٽريٽر هو.اها سڄي سنڌ ۾ ايتري ڦهلجي ويئي جو
چٻري واري اک رکندڙ ان وقت جي حڪمرانن جي اک ۾
ڪنڊو بنجي ويئي.
سنڌ جو هڪ اڳوڻي وزير ۽ قدامت پرست سيد علي شير
شاهه جڏهن سگا جو ميمبر شپ فارم ڀريو ۽ پوءِ کيس
ان معيار تي پورو نه سمجهندي ميمبر شپ کان جڏهن
جواب ڏنو ته هن جنرل ضياءُ الحق جي ذهن ۾ سگا خلاف
زهرڀريو ۽ پوءِ ته سگا جي هر چرپر تي نظر رکي ويئي
۽ سرڪاري ملازمن جي ان ۾ شموليت تي پابندي وجهي،
ان کي محدود ڪيو ويو. پر وري به وقت ۽ حالتن جي
وٿين مان نڪري سگا اڃا تائين پنهنجي بقاء برقرار
رکندي اچي، هن سگا پاران نڪرندڙ ”حياتي“ رسالي ۾
به ايڊيٽري ڪئي.
مختلف ادارن ۾ ڪم:
شمشير الحيدري اردو ڊڪشنري بورڊ جو ميمبر، پاڪستان
رائيٽرز گلڊ جو باني ميمبر، ورڪرس يونين حيدرآباد
جو جنرل سيڪريٽري، اولهه پاڪستان ليبر فيڊريشن جي
ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو ميمبر، آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ
جو ميمبر، پاڪستان جي حڪمتن جي ڪائونسل جو ميمبر،
پريس ڪلب ڪراچي جو ميمبر، ايوان صحافت بدين جو
تاحيات اعزازي ميمبر ۽ ٻين ڪافي ادارن جو سرگرم
رڪن رهيو .
ادارن ۾ ڪجهه ڏکوئيندڙ مرحلا:
هونئن ته شمشيرالحيدري سڄي زندگي ڏکن ۾ رهڻ جو
عادي هو، پر ڪجهه اهڙا واقعا جيڪي خبر ناهي هن ته
محسوس ڪيا يا نه، يا جيڪڏهن ڪيا به تڏهن به هو ڏکن
جي اظهار جو عادي نه هو، پر تاريخ جي رڪارڊ تي آيا
ته سندس زندگيءَ جي هن ياداشت نامي تي اچڻ ضروري
آهن.
هن سنڌي ادبي سنگت کي زندگي جي جوانيءَ جا ڏينهن ۽
راتيون سخت جدوجهد جي صورت ۾ ارپيا هُئا، سنڌي
ادبي سنگت پاران اهم شخصيتن کي لائيف اچيومينٽ
اوارڊ ڏنا ويندا هئا، پهرئين سال
امر جليل ۽ الطاف شيخ کي ڏنا ويا، ٻي سال سنگت جي
فيصيلي مطابق شمشيرالحيدري کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو
ويو. 6- جون 2010ع تي آفيس جو افتتاح شمشير جي
هٿان ڪرايو ويو ۽ اوارڊ به ڏنو ويو. جنهن جي
مخالفت ڪندي ادبي لڏي جي محترم تاج بلوچ ڪاوڙ ۾ نه
صرف تقريب ۾ نه آيو پر ”سوجهرو“
رسالي ۾ ان خلاف ايڊيٽوريل به لکيو جيڪو رڪارڊ تي
موجود آهي. اِها ڪاوڙ ايتري گهري ٿي ويئي جو هو نه
صرف شمشير جي بيماريءَ دوران سندس عيادت تي نه آيو
پر وفات جي تعزيت به نه ڪئي.
شمشير، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي باني ميمبرن
مان هو، هن جون سگا لاءِ وڏيون قربانيون ۽
جفاڪشيون هيون، پر انتهائي تعجب جي ڳالهه اِها آهي
ته شمشير الحيدري جي وفات تي جتي هند سنڌ جي
ڪنڊڪڙڇ ۾ وڏي انگ ۾ تعزيتي ميڙاڪا ٿيا، پر سگا
ڪافي ڏينهن کان پوءِ سگا ڪراچي جي آفيس جي هڪ
ننڍڙي ڪمري ۾ چند ڄڻن ويهي، رسمي گڏجاڻي ڪري،
شمشير جي خدمتن جي خانه پوري ڪري، پاڻ تان بار
لاٿو. شايد شمشير جو روح قبر ۾ به ان تي لڙڪ
لاڙيندو هجي.
90 جي ڏهاڪي ۾ شمشير کي ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جو
سيڪريٽري بنايو ويو جتي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي
سان اصولي بنيادن تي رکيل اختلاف ڪيترو وقت ادبي
دنيا ۾ بحث جو موضوع رهيو. انهي وقت ۾ ئي هڪ سينئر
سان اختلاف هئڻ سبب کيس سنڌي ادبي بورڊ جي مليل
بنگلي جي بجلي ڪاٽي ويئي. ڪن صحافين کانئس سخت
گرميءَ ۾ آفيس ۾ ويهي ڪم ڪندي انٽرويو ورتو ته
اخبار ۾ سندس فوٽو گنجي ۾ ۽ هٿ سان وِڃڻي هڻندي
ڏيکاريو ويو.
مليل اوارڊ:
پاڪستان ٽيليويزن اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت اوارڊ،
سنڌي اڪيڊمي اوارڊ دهلي، مارئي اوارڊ دهلي سنڌ
گريجوئٽس ائسوسيئيشن گولڊ ميڊل، ماهوار نئين زندگي
اوارڊ، سنڌ اسيمبلي اوارڊ، آرٽس ڪائونسل ڪراچي
اوارڊ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اوارڊ،
سنڌ ثقافت کاتو اوارڊ، سنڌي ادبي بورڊ اوارڊ، سنڌ
اطلاعات کاتو اوارڊ.
شمشير جو عام رويو:
شمشير الحيدري پنهنجي ذات ۾ انتهائي مٺو، نياز
نوڙت، رُکي سُکي تي توڪل ڪرڻ وارو، ڪيڏي به وڏي
مشڪل هوندي ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ڊگهيرڻ وارو، خود
دار ۽ پنهنجي زبان جو ڌڻي هو. ڪنهن جي آڻ نه مڃڻي
آهي ته: ”ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو“
۽ مڃڻو آهي ته:
”نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين“. صبح جو ننڊ
مان اُٿڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين اخبار پڙهڻ سندس
عادت ۾ شامل هو، ٽيبل تي ڪتاب رسالا ڦهليل هوندا
هئا، ريڊيو به هلندو پيو هو، مطالعو به هلندو پيو
هو، سگريٽ جا ڪش به هلندڙ هوندا هئا، ناشتو اچي
ويو، دوست اچي ويا، ڪچهريون به هلنديون پيون هيون.
ايستائين جو جڏهن اکين جو نور هليو ويو، ته به
پوٽو يا پوٽيءَ جي ذميداري هئي، ته کيس اخبار پڙهي
ٻڌائي.
شمشير بابت ڪجهه همعصر شخصيتن جا رايا:
امرجليل:
”شمشير جا مون تي ايترا احسان آهن جو مان جيڪڏهن
سڀ ڄمارون سندس احسان لاهڻ جي ڪوشش ڪريان، ته به
نئين ڄمار گهرجي. شمشير خلاف هڪ لفظ اُچارڻ منهنجي
آڏو سنڌ ملڪ جي مٽي خلاف ڳالهائڻ برابر آهي “.
ڊاڪٽر غلام علي الانا:
”شمشيرالحيدري جي ڪا به لابي ڪانه هئي، هن هڪ خود
دار اديب، نقاد، ڪالم نگار، ڊرامه نگار، شاعر ۽
قوم پرست سنڌي دانشور جي حيثيت ۾ ڪنهن به قسم جي
مصلحت کان سواءِ ۽ بيباڪيءَ سان لکيو، سندس شاعري
۽ سندس تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا اهڙن مثالن سان ڀريا
پيا آهن. سنڌ جي قومي جاڳرتا جي تاريخ جي مطالعي
مان معلوم ٿئي ٿو ته شمشير جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ
هئي. هن جي سڃاڻپ ۾ کيس ڪنهن مير پير سيد توڙي
ڪنهن وڏيري جي پٺڀرائي حاصل ڪونه هئي. شمشير هڪ
مسلسل جدو جهد جو نالو آهي، هن لطيف سائين جي هن
مصرع ”سک نه ستا ڪڏهن، ورچي نه ويٺي“ وانگر سڄي
زندگي جدوجهد ۽ ڪشمڪش ۾ گذاري، هو هڪ اڻٿڪ انسان
هو.“
امداد حسيني:
”شمشير اڌ صدي کان مٿي واري دور جو اکين ڏٺو شاهد
آهي، رٽائرمينٽ کان پوءِ سڄو ڌيان ٻيا ڪم ڇڏي سندي
ادبي سنگت جي تاريخ لکڻ تي ڏي ها ته اهو هڪ اهڙو
دستاويز هجي ها جيڪو اتهاس ۾ ڪارنامو لکيو وڃي
ها.“
مهتاب اڪبر راشدي:
”مون کي ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪوبه عار ڪونهي
ته سنڌ جي ناميارين شخصيتن متعلق شمشير جي معلومات
منهنجي علم ۽ سمجهه ۾ اضافو ڪيو. پير حسام الدين
راشدي،
ڪريم بخش نظاماڻي ۽ ظفر ڪاظمي کان وٺي مائي ڀاڳي،
عابده پروين، سليمان شاهه ۽ جلال چانڊيو تائين نه
ڄاڻ ڪيترين شخصيتن جا انٽرويو ورتا هوندم، جن جا
اسڪرپٽس شمشيرالحيدري لکيا، بس انٽرويو نه ڪيم ته
شمشير جو پنهنجو، شايد ان ڪري ته ان جو اسڪرپٽ ڪير
لکي ها.“
دستگير ڀٽي:
”شمشيرالحيدري اهڙن بلند ڪردارن انسانن مان هو،
جيسين جيئرو هو، تيسين ڌرتي ڌڻين جي ذهنن کي
ولوڙيندو رهيو.“
مهرالنساء لاڙڪ:
”شمشير جي طبعيت ۾ ظلم جي خلاف جيڪا نفرت ويٺل
هئي، اُها آخري وقت تائين رهي، اُها نفرت ڪڏهن به
جهڪي نه ٿي پر ڏينهون ڏينهن اُها پڪي ۽ پختي ٿيندي
رهي.“
تاج جويو:
”هن پنهنجي زندگي طبعي غربت ۾ ضرور گذاري پر هو
ذهني غربت جو ڪڏهن شڪار نه رهيو. زندگي هميشه دل
جي تونگري سان گذاريائين. هن ڪڏهن به چهري تي ڪو
ماسڪ نه چاڙهيو، هو آئيني کان شرمائڻ بي ايماني
سمجهندو هو.“
سلطانه وقاصي:
”شمشير الحيدري انهن اديبن مان هڪ آهي جن کي پڙهي
مون جهڙو ڪيترن اديبن لکڻ شروع ڪيو“.
نصير مرزا:
”هن جي ڏات اصل ۾ ته مولانا روم جي مرشد شمس تبريز
جي اک وانگر هئي جيڪا جڏهن ۽ جتي چاهيندي هئي، ان
هنڌ تي باهيون ڀڙڪائي ڇڏيندي هئي.“
حفيظ ڪنڀر:
”شمشير سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم جي بچاءُ جو
شروعاتي وڪيل هو، جڏهن آزاد نظم بابت سنڌي ادبي
ميدان تي بحث ڇڙي پيا هئا، روايتي ۽ تقليدي ليکڪن
شاعريءَ جي ان صنف کي به ڪفر يا ڪافراڻي صنف جو
ٺپو هڻي ڇڏيو هو ته شمشير 1964ع ۾ سنڌي آزاد نظم ۽
ان جو مستقبل لکي انهن اديبن کي ڌونڌاڙيو هو“.
آخري ڏينهن:
شمشير الحيدري ڪيتري عرصي کان ڪئنسر جهڙي موذي مرض
۾ ورتل هو، کيس خبر به هئي پر هن پنهنجي بردباريءَ
سان ڪنهن کي به اها خبر نه ڏني ۽ پنهنجي حڪمت جي
دوائن سان ان جو ترياق ڪندو رهيو. انتهائي ڪمزور
ماڻهو ۽ موذي مرض مٿان وري آهستي آهستي اکين جو
نور وڃائي ويهي رهيو، پوءِ به هن دل نه لاٿِي.
پهريون ڀيرو مون 2- جولاءِ 2012ع جي روزانه ڪاوش
حيدرآباد جي هائيڊ پارڪ ۾ سندس ڪئنسر جي مرض ۽
اکين جي بينائي وڃڻ جي نشاندهي ڪندي، سنڌ جي اديبن
کي اپيل ڪئي ته شمشير هاڻي اڪيلو ٿي ويو آهي، سندس
دوستن، گهڻگهرن ۽ چاهيندڙن کي چوندس ته شمشير سان
حال اورڻ جي ضرورت آهي. ان کان پوءِ مسلسل اخبارن
۾ شمشير الحيدري تي لکڻين جو نه کٽندڙ سلسلو جاري
ٿي ويو ۽ اديبن، شاعرن، محبتي ماڻهن جا ساڻس ملڻ
جا ميلا ٿي ويا. پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي هن سنڌ جي
ماڻهن جي محبت ڏيڻ جا انداز ڏٺا ۽ مهتاب راشدي جي
مقالي جيان:
”شمشير! شايد اڄ توکي اندازو ئي نه ٿئي ته سنڌ ۽
سنڌي محبت ڪري به ڄاڻن، ٻڌائڻ به ڄاڻن، اسان سڀ تو
سان بي انتها محبت ڪريون ٿا، تنهنجي ڪيل محبت پاڻ
سان سانڍي رکڻ چاهيون ٿا... اها محبت موٽائي ڏيڻ
تي دل نٿي چوي... تون ته سراپا مالا مال آهين،
سدائين پاڻ کي فقير پر امير ايترو جو ڌن دولت سڀني
کي هيچ ڄاڻين، خوددار ايترو جو ”پاڙي ناهي پروڙ ته
رات رنجائي گذري.“ (آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ 19-
مئي 2012ع تي پڙهيل مقالو).
آخري رهاڻ:
سنڌ ثقافتي کاتي پاران 19- مئي 2012ع تي آرٽس
ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ شمشير الحيدري سان آخري روح
رهاڻ ٿي ۽ سندس 1962ع ۾ ڇپيل ”لاٽ“
جو نئون ڇاپو ۽ سنڌ ايڪسپلورنگ ڪتاب جي مهورت ٿي.
هيءَ هڪ يادگار ۽ نه وسرندڙ تقريب هئي، جنهن ۾ سڄي
سنڌ کان اديبن، شاعرن ۽ شمشير جي گهڻگهرن جي وڏي
انگ ۾ موجودگي، شمشير کي جيئري ئي مڃتا ڏيڻ جو وڏو
اظهار هو.
هو ظاهري اکين سان ڏسي ته ڪو نه ٿي سگهيو پر دل
جي اکين سان سڀ ڪجهه پسي رهيو هو. ان ۾ ڊاڪٽر محمد
ايوب شيخ جون ڪاوشون سچ پچ ته قابِل داد هيون. ان
۾ اهو طئه ڪيو ويو هو ته ڪير به تقرير يا مقالي ۾
سندس اکين کان نه ڏسي سگهڻ جي لاچاري ۽ مالي
مشڪلاتن جو ذڪر نه ڪندو. هيءَ هڪ خوشيءَ واري محفل
هئي، شمشير ڏاڍو خوش هو. اسٽيج تي امداد حسيني،
وزير اطلاعات شازيه مري، مهتاب اڪبر راشدي، سلطانه
وقاصي، رٽائرڊ جسٽس ديدار حسين شاهه، جي.اين مغل،
سلطانه صديقي، احمد شاهه بخاري، هدايت بلوچ، ڊاڪٽر
سليمان شيخ، فهميده حسين، يوسف شاهين، رفيق احمد
ٻرڙو ڊي.جي ڪلچر، سندس ڌيءُ نسيم حيدري موجود هئا.
دل کولي سڀني مقررن شمشيرالحيدري جي زندگيءَ جي
سڀني پاسن تي ڳالهائي، کيس ڀيٽا ڏني. شمشير جي
خاندان جا مرد، عورتون ۽ ٻار به وڏي انگ ۾ بدين،
ڪراچي ۽ حيدرآباد کان آيل هئا .
ان رهاڻ کان پوءِ چند ڏينهن ۾ شمشير ضعيفيءَ ۽
ڪمزوريءَ جي ورچڙهي ويو. ڊاڪٽر مسرت حسين خواجه
اسرار ڪري کيس پارڪ لين اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي
صحافين، ٽي. وي. چئنلن جي رپورٽرن ۽ سياسي، سماجي
ماڻهن جا ميڙا لڳي ويا. شمشير اتي به سڀني سان
جهيڻي آواز ۾ ڪچهريون ڪندو رهيو، اتي به شمشير
الحيدري کي مهتاب راشدي صاحبه پنهنجي هٿن سان
چانهه ٺاهي، ان ۾ ”بقدر اشڪ چشمِ بلبل“
کير وجهي پياري. انهي بيماري جي بستري تي زندگيءَ
جو آخري انٽريو کانئس سينئر صحافي بيدار جعفري
ورتو ۽ پوءِ ......... آهستي آهستي شمشير جو آواز
به بند ٿيندو ويو. هن کي بيماريءَ جي بستري تي
ڪيتري تڪيلف هئي، ان جي ان کي خبر هئي، جڏهن
ڳالهائي سگهيو ٿي، تڏهن به ڪڏهن اظهار نه ڪيائين.
آخر 30- جولاءِ 2012ع تي ثقافت کاتي جي سهڪار سان
کيس آغا خان اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو.
10- آگسٽ 2012ع جمعي جي ڏينهن 21- رمضان المبارڪ
حضرت علي ڪرم الله وجہ جي شهادت جي ڏهاڙي صبح 6
بجي سندس پٽ سليم جي فون آئي، ته اسان جو بابا
اسان کان موڪلائي ويو. بدين ۾ سندس ڀاءُ رفيق
جعفري جي گهر تي تڏو وڇائجي ويو، خواجه اثنا عشريه
قبرستان ۾ قبر کوٽجي ويئي ته اوچتو فون آئي ته
ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي اديبن ۽ خاص ڪري سگا جي ولي محمد
روشن جو زور آهي ته شمشير کي ڪراچيءَ جي چوڪنڊي
قبرستان ۾ تاجل بيوس جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي، جنهن ۾
دليل ڏنو ويو ته ڪراچي سنڌين جي آهي، ڪراچي ۾ سنڌ
جي مهان اديبن جون هڏيون به موجود هونديون ته ان
تي اسان جي مالڪيءَ جو حق هوندو، نه ته ڪراچيءَ جا
جيڪي هٿرادو وارث بنيل آهن، اهوئي طعنو ڏيندا ته
پنهنجا لاش ته کڻائي اباڻن ڳوٺن ڏانهن وڃو ٿا، ته
پوءِ توهان جو ڪراچيءَ تي ڪهڙو حق؟ بهرحال ان دليل
۾ ڪافي ڳالهيون بحث طلب هئڻ جي باوجود موقعي جي
نزاڪت کي نظر ۾ رکندي رات جو کيس چوڪنڊي جي
قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. (جڏهن ته ڪجهه ويجهن عزيزن
موجب ته سندس وصيت بدين ۾ والد ۽ والده جي قدمن ۾
دفن ڪرڻ جي هئي.) چوڪنڊي جي قبرستان ۾ ڪانڌين جو
وڏو انگ موجود هو، سندس جنازي نماز ۽ تلقين شيعه
فقه جي عالم منصور حيدر پڙهائي ۽ اکين مان وهندڙ
لڙڪن ۽ حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندي ڏسندي شمشير قبر
جي انڌاري ڪوٺيءَ ۾ گم ٿي ويو. ڄڻ هو سڀني ويندڙن
کي آخري پيغام ڏيئي رهيو هو ته:
انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي ڳالهه آهي،
ابد تائين آهي اسان جي رسائي وڏي ڳالهه آهي.
شمشير جي تڏي تي عذر خواهيءَ جو سلسلو جاري ٿي
ويو. ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو، ٽيليويزن
جي چئنلن جا ذميدار فرد، اديب شاعر، صحافي، سماجي
تنظيمن جا اڳواڻ، وڪيل، جج مطلب ته هر طبقي جي
نمائندگي ٿيندي رهي. ختمي جي مجلس کي هن حقير پڻ
خطاب ڪيو. آرٽس ڪائونسل ڪراچي، سنڌي ٻولي جو،
بااختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ ميوزيم حيدرآباد
سميت سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شهر ۾ سياسي ۽
سماجي ادارن پاران تعزيتي ميڙاڪا ٿيا. ڊاڪٽر نذير
حسين حيدري جنهن شمشيرالحيدري جي شخصيت کي نکار
ڏنو هو، ان جي نالي سان قائم ڪيل ڊاڪٽر نذير حسين
حيدري اڪيڊمي بدين پاران سنڌ جي اديبن جي
شمشيرالحيدري تي لکيل مقالن تي مشتمل ڪتاب ”مولا
تي ننگ“ ڇپرايو ويو. جنهن جي مهورت سنڌي ٻولي جي
با اختياري اداري حيدرآباد جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
هال ۾ ٿي. جنهن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا،
مهورت ڪار مهتاب اڪبر راشدي هئا. اعزازي مهمانن ۾
حميد سنڌي، تاج جويو، نصير مرزا اسٽيج تي ويٺل هئا
جڏهن ته آخري وقت تائين ڪيل وعدي ۽ فونن تي هاڪار
جي باوجود خاص مهمان، امداد حسيني، اعزازي مهمان
ڊاڪٽر سليمان شيخ، فهميده حسين، غلام نبي مغل،
دستگير ڀٽي، عنايت بلوچ، شوڪت شورو ۽ غلام حسين
رنگريز پروگرام ۾ آخري وقت تائين نه آيا، نه ئي نه
اچڻ جي اظهار جي به ضرورت محسوس ڪيائون.
اهڙي طرح مختصر مقالي کي سلطانه وقاصي صاحبه جي
انهن لفظن سان ختم ڪندس:
”ته اڄ اسان کي اهو به ته ياد رکڻو آهي ته
شمشيرالحيدري کي موٽ ۾ اسان سنڌين وٽان ڇا مليو
آهي، جيڪڏهن حساب ڪتاب ڪبو ته پوءِ شمشير پنهنجا
اڇا ڪپڙا ڇنڊي، پري بيهي اسان کي ڏسي پيو مرڪندو ۽
اسان پنهنجي ناقدري واري جهول لڪائڻ جي باوجود
لڪائي نه سگهنداسون.“ |