سيڪشن؛رسالا

ڪتاب:مهراڻ 3/ 2012ع شمشير الحيدري نمبر

مضمون

صفحو:5

امر جليل

کيرٿر وانگر اٽل: شمشيرالحيدري

 

 

 

 

شمشير جا مون تي ايترا احسان آهن جو مان جيڪڏهن ست ڄمارون سندس احسان لاهڻ جي ڪوشش ڪريان ته اٺين ڄمار جي گهرج پئجي ويندي.

شاعر جي حيثيت ۾ شمشير- اياز، نياز، تنوير عباسيءَ ۽ امداد جي ڀيٽ جو شاعر آهي. شمشير خلاف هڪ لفظ اُچارڻ، منهنجي آڏو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ خلاف ڳالهائڻ برابر آهي. اهو منهنجو ايمان آهي. شمشير جي سنڌيت تي سندس لاءِ حب تي اکر آڻڻ ڪفر آهي. اهو منهنجو اعتقاد آهي.

ون يونٽ جي اوائل ۾ جڏهن چڱا چوکا پهلوان ٻرن ۾ ڪوئن وانگر گُم ٿي ويا هئا، تڏهن شمشير اسان جو يار، سنهڙي هاٺي ڪاٺيءَ وارو نوجوان دوست، حقيقي معنيٰ ۾ سر سان ڪفن ٻڌي ميدان ۾ نڪري آيو هو، سور سَٺائين، سختيون سَٺائين پر پٺتي وک نه ڪيائين. ون يونٽ خلاف سنڌ جي عوام جي نفرت جو اظهار عام ڪرائڻ لاءِ هن  رولر ڪاغذ تي هزارين بلڪ لکين صحيحون ورتيون ۽ اهو رولر ڪاغذ، ان دور جي جابر ۽ ظالم کي ڏياري موڪليو.

جڏهن ماڻهو پنهنجي پاڇي کان ڏڪندا هئا، تڏهن منهنجي دوست، منهنجي ساٿيءَ، منهنجي رهبر شمشير ون يونٽ خلاف سڀ کان گهڻو لکيو. شمشير آڳ اُلا ٿي ظالمن جي هانوَ ۾ ٻرندو رهيو. تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائڻ جي عيوض ۾ شمشير پاڻ ۽ پنهنجن ٻچڙن سميت لنگهڻ ڪڍيا.

شمشير سنڌ جي ترقي پسند ادب جو شهسوار هو. ادب جي تاريخ ۾ شمشير فقط هڪ دفعو پيدا ٿيو آهي. سندس اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته رجعت پسند اديبن جي ٽولي اها هاءِ گهوڙا مچائي هئي جو ايوب آمريڪا جا ڪن کڙا ٿي ويا هئا. ڪامورڪي آپيشاهي اُٿلي پيئي هئي پر شمشير کير ٿر جبل وانگر اٽل!

(روزاني ”هلچل“ 19- مئي 2012ع تان کنيل)

سوڀو گيانچنداڻي

شمشير کي اڃا جيئڻو هو

 

 

 

 

شمشيرالحيدري به ويو، ڪينسر کائي ويس. هن جي پوين کي ڳالهه نه وڻندي، پر هن جي ٻن آڱرين جي وچ ۾ ڦاٿل سگريٽ سان گڏ ڇڪيل ڦوٽو مون کي اصل نه وڻندو هو. منهنجا بهترين دوست- ڊاڪٽر سرور، ڊاڪٽر هاشمي، شيخ اياز، انور پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترائي سڀ جا سڀ سگريٽ سبب مختلف بيمارين جو شڪار ٿيا ۽ وقت کان اڳ هٿن مان هليا ويا.

مون جڏهن پنهنجي ٻاراڻي وَهيءَ ۾ پهريون دفعو حيدرآباد دکن مان ايندڙ بابي جي قنئچي سگريٽ چورائي ڇڪيو هو ته، بابي مون کي موچڙا هنيا هئا، ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين مون ڪڏهن به سگريٽ کي هٿ نه لاٿو. منهنجا سڀ وڏا، چاچا ۽ ماما پڻ چلم، ڦل ۽ نڙ جي شوق سبب وقت کان اڳ مري ويا. فيض احمد فيض، جيڪو به مون کي شمشيرالحيدريءَ وانگر ئي پيارو هو ۽ هن جي شاعري وڻندي هيم، پر هن جي به هٿن ۾ سگريٽ يا پائيپ ڏسي ايتري ئي بُڇان ايندي هئي، جيتري چاچن، مامن جي هٿن ۾ چلم جو نڙ ڏسندي ٿيندي هئي.

منهنجو پٽ ڪنعيو به ساڳي ئي مرض جو شڪار ٿيو ۽ باوجود ڪيترا دفعا منهنجي منع ڪرڻ جي، هو پاڻ کي ان عِلت کان باز رکي نه سگهيو، اڳتي هلي شراب ۽ نشي آور شين واپرائڻ ۾ انتها ڪري ڇڏيائين، جنهن ڪري ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي مون کي وڇوڙي جا وَڍ ڏئي هليو ويو. هن جي وڃڻ واري صدمي مان پاڻ کي اڃا به ڪڍي سنئون ڪري نه سگهيو آهيان، سچ پچ هُو مون کان وڌيڪ پڙهيل ۽ ذهين آهي.

شمشير کي اڃا جيئڻو هو، هن ڏکويل سنڌ جي ڌرتيءَ تي اڃا ڪيترائي گل ٻوٽا پوکڻا هئا، جيڪي تماڪ جي دونهين ۾ دُڦ ٿي ويا. مان
شيخ اياز جي شاعريءَ وانگر شمشير جي شاعريءَ جو به مداح رهيو آهيان. هن جا ٻول مون کي پنهنجي اندر ۾ سدائين ٻُرندا محسوس ٿيندا آهن. هن اياز جي ڀيٽ ۾ توڙي جو تمام ٿورڙي شاعري سِرجي، پر اُها ايڏي ته عاليشان آهي، جيڪا مان يقين سان چوان ٿو ته صدين تائين سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ گونجندي رهندي.

شاعريءَ کان سواءِ صحافت، ادب ۽ ڊراما نگاريءَ ۾ شمشير پنهنجو مَٽ پاڻ هو. هُو مون سان جڏهن به ملندو هو ته ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ سان ملندو هو، مون کي هن جا، منهنجي 1988ع واري اليڪشن جي ڏينهن ۾، منهنجو ورڪر بڻجي ورڪ ڪرڻ وارا وَڙ، سدائين ياد رهيا آهن. هو چهڙن چمارن، موچين سوچين، ڪولهين ۽ ڀيلن وٽ منهنجي ووٽ لاءِ جهول جهلي ويو هو.

ون يونٽ جي خلاف ادب جي مورچي تان شمشير جيڪو ڪردار ادا ڪيو، سو سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري حرفن سان لکيو پيو آهي. مون کي هن جي انتهائي مسڪينيءَ جي خبر هن جي لاڏاڻي کان پوءِ پئي آهي. هن ايڏين ڏکين حالتن ۾ رهندي جيڪو عذاب ڀوڳيو هوندو، سو تصور ڪندي به منهنجو جيءُ جُهري ٿو پوي ۽ ان حوالي سان هن جو قد ٻين جي ڀيٽ ۾ منهنجي آڏو اڃا به وڌي وڃي ٿو.

(روزاني ڪاوش 19- آگسٽ 2012ع تان کنيل)

عنايت بلوچ

               اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو

 

 

 

 

ڏسو! هئو نه هڪ پڪو پختو، صاف ۽ سچو حيدري، جو ايستائين دم ڌڻيءَ حوالي نه ٿيس، جيستائين حيدرِ ڪرار مولا مشڪل ڪشا جي شهادت جو ڏينهن، جنهن کي وري رمضان المبارڪ جي آخري ۽ بخشش واري ڏهاڪي جي جمعي هئڻ جي واڌاري سعادت به نصيب ٿي.

اٺ فريدا ستئا، دنيا ويکڻ جا،

جو ڪوئي مل جائي بخشيا، تو ڀي بخشا جا.

سموري سنڌ سونهاري ڏات ڌڻين سان ڀريل آهي، اسان جا اديب ۽ شاعر نه رڳو پنهنجي ملڪ، پر ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ ادب ۽ شاعريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪا آهن ۽ داد تحسين به حاصل ڪري چڪا آهن. هر ڪنهن گل جي خوشبوءِ جدا جدا ۽ سونهن پنهنجي پنهنجي آهي، پر شمشير جي ڳالهه ئي نرالي هئي. هن ٿورو لکيو، پر بيحد معياري ۽ مانائتو لکيو ۽ اهوئي سبب آهي جو سندس ڪيترائي شعر ۽ قطعا ڪيترن شاعرن ۽ ريڊيو، ٽي.وي جي ڪمپيئرن کي برزبان ياد آهن ۽ اهي موقعي جي لحاظ سان انهن کي پڙهندا ۽ ورجائيندا رهندا آهن.

هڪ ته قدرت طرفان کيس آواز اهڙو ته عطا ٿيو هو، جيڪو گرجدار هئڻ سان گڏ مهذب آواز هو. مون هڪ ڀيري کيس چيو هو:

”شمشير تو ريڊيو ڇو نه جوائن ڪيو؟ يقين ڄاڻ جيڪڏهن تون ريڊيو جو انائونسر/ ڪمپيئر يا ائنڪر هجين ها ته اقبال جعفري ۽ سرور بلوچ کان سواءِ ٻيو ڪوبه شايد تنهنجي همسري ڪرڻ جي هام نه هڻي ها.“

پر رڳو آواز ئي ڇو؟ جڏهن پنهنجي رعبدار آواز ۾ ڪنهن سان بحث مباحثي ۾ حيدري پنهنجا خيال شيئر ڪندو هو، ته پنهنجي گفتگو ۾ نهايت ئي مناسب مانائتا ۽ وزندار دليل اوتيندو هو، ڇو ته هو نهايت پڙهيل لکيل شخص ۽ هر ادبي ۽ علمي موضوع تي وسيع ۽ اونهي ڄاڻ رکندو هو

موقعي جي مناسبت ۽ وقتائتي شاعريءَ ۾ ته شمشير جو ڪوبه مٽ ڪونه هو. پوريءَ طرح ياد نه اٿم پر گهڻو ڪري 1960ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ سکر ۾ هڪ وڏي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي هئي، جنهن ۾ مشاعري جي هڪ وڏي محفل پڻ رچائي ويئي هئي. هزارين ماڻهو ان ۾ شريڪ ٿيا هئا. جڏهن شمشير جي شعر پڙهڻ جو وارو آيو ته فقط چئن سٽن پڙهڻ سان سڄو مشاعرو ڄڻ پاڻ سان گڏ کنڀي کڻي ويو، کيس ايترو ته زبردست داد مليو، جو ان کان پوءِ اسٽيج تي ايندڙ شاعرن لاءِ ڄڻ سڄي اسٽيج ٻي ٿي پئي هئي. شمشير هيءُ قطعو پڙهڻ سان سڄي محفل لٽي هليو ويو:

دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آياسين،

سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،

ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،

نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.

سندس اهو قطعو سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي امر ٿي چڪو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين انائونسرن ۽ ڪمپيئرن طرفان ڪنهن به فنڪشن جي ڪاروائي دوران پڙهڻ ڄڻ ان تقريب جي ڪاميابيءَ جي ڪنجي سمجهيو ويندو آهي. سندس قطعي ياد اچڻ تي مون کي في الحال هِتان هُتان شمشير جا ڪجهه شعر ياد پيا اچن. سوچيان ٿو ته انهن جي هتي لکڻ سان پنهنجي ۽ هن ڪالم پڙهندڙن جي دلين کي ويهي وندرايان.

اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو،

اوهان وساري ڇڏيو ته وهوا.

انسان جڏهن چنڊ تي پهتو هو ته ماڻهن سخت اچرج ۽ حيرت جو اظهار ڪيو هو، پر حقيقتن جو ۽ ارد گرد جي عنوانن جو عڪاس شاعر شمشير، چنڊ طرفان انساني قدمن چمڻ جي حقيقت کي هن طرح بيان ڪيو آهي:

لٿا عرش تي زندگي جا سفينا،

بدلجي ويا بندگي جا قرينا،

نه ڇيڙيو، اسان عاشقن کي نه ڇيڙيو،

لتاڙي ڇڏياسين ستارين جا سينا

شمشير، سڄي زندگي تنگدستيءَ ۾ گذاري، پر مجال آهي جو سندس خود داري ڪنهن زردار، مالدار يا تونگر آڏو کيس هٿ ٽنگڻ تي مجبور ڪيو هجي، ڇو ته مون کي يقين آهي ته لاکيڻي لطيف جو هيءُ بيت کيس ضرور ياد هوندو:

سپيريان جي ترهي، ٻڏين، هٿ مَ لاءِ،

سڀان تو چوندياءِ، اسان تو اُڪاريو.

جڏهن موذي مرض ۾ مبتلا ٿي اسپتال داخل ٿيو، ته پنهنجي اولاد کي خبردار ڪندي تلقين ڪيائين ته سندس علاج جي سلسلي ۾ نه ته سنڌ حڪومت سان رجوع ڪن، ۽ نه وري ڪنهن خانگي اداري کي ڪا منٿ ميڙ ڪن، اتي به کين چيائين ته بس، مولا تي ننگ آهي، باقي ٻئي ڪنهن بندي بشر آڏو هٿ نه ڦهلائين، پر جڏهن سندس بيماري ۽ تشويشناڪ حالت جون خبرون اخبارن ۾ ڇپيون ته ڪيترن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ سنڌ ثقافت کاتي سندس سار لڌي ۽ علاج شروع ڪرايو.

شمشيرالحيدري سنڌ جو هڪ وڏو شاعر ته خير هو ئي سهي، پر هو هڪ زبردست نثر نويس، نقاد ۽ هڪ بهترين ڊراما نگار پڻ هو. ريڊيو توڙي ٽيليويزن لاءِ بيشمار ڊراما لکيائين جيڪي ڏاڍا مقبول ٿيا. جڏهن آءٌ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جو مئنيجر هوس، تڏهن شمشير مون وٽ تمام گهڻو ايندو هو، منهنجي گذارش تي ريڊيو ڪراچيءَ جي سنڌي پروگرامن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪيترا ڊراما، فيچر ۽ ڪيتريون ئي گيتن ڀريون ڪهاڻيون پڻ لکيائين. هڪ ڀيري فقط ٻن ڏينهن جي وقفي ۾ هڪ زبردست فيچر لکيائين، جنهن جو عنوان هو- ”دل ۾ من جو مور نچي“ هن فيچر جو اردو ۾ ترجمو به پاڻ ڪيائين، جيڪو ڪراچي ريڊيو جي اردو پروگرامن ۾ نشر ٿيو. ان وقت ڪراچي جو اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد طاهر شاهه هو، جنهن ان فيچر تي زبردست داد ڏنو ۽ ان کان سواءِ اردو جي ٻين ڪيترن ئي ناميارن پروڊيوسرن پڻ ان فيچر کي ساراهيو.

خبر ناهي ته شمشير جهڙي شخصيت سندس مخصوص مزاج ۽ سندس شاعري جهڙو ماڻهو وري سنڌ ۾ ڪڏهن پيدا ٿيندو. سنڌ هينئر به ماڻڪن ۽ موتين سان ڀري پئي آهي، هينئر به ڪيترائي گوهر مڻيادار ماڻهو جيڪي نالي وارا اديب به آهن، اسان ۾ موجود آهن، پر شمشير شيء ئي نرالي هو. هڪ ناياب تحفو هو، جيڪو هاڻي اسان ۾ موجود نه رهيو آهي. شمشير! تون اسان کي ڏاڍو ياد ايندين ۽ يادن ۾ اسان کي ڏاڍو ستائيندو رهندين، ها سچ! هاڻي ياد آيو ته تنهنجو پيارو دوست هدايت بلوچ به توکي ڏاڍو ساريندو، جيڪو تنهنجي وڇوڙي جي وقت  پرڏيهه ويل آهي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ٽي دوست شام جو، توڙي راتين جو سدائين هڪٻئي سان گڏ هوندا هئا. شمشير، تاجل بيوس ۽ هدايت بلوچ، تاجل جي لاڏاڻي کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ فقط هدايت ئي آهي، جنهن سان شمشير جو روح ريجهندو هو.

آخر ۾ شمشير جي هن شعر تي هن تعزيتي مضمون جي پڄاڻي ڪجي ٿي:

”اسين  حال هيڻا، اوهان جي خدائي وڏي ڳالهه آهي،

هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي، وڏي ڳالهه آهي،

نگاهون کڻي داد جي لاءِ مرڪي نهارڻ جي ڪهڙي ضرورت،

اوهين آهيو سهڻا، اوهان جي اهائي وڏي ڳالهه آهي.“

حميد سنڌي

هڪڙو شمشير هو زماني ۾...

 

 

 

شمشيرالحيدري تي تازو اخبارن ۾ مضمون ڇپيا، ٽي.وي تي سندس شخصيت تي ڳالهايو ويو، ادبي ادارن، ڪلچر وارن ۽ ٻين سندس ياد ۾ جلسا ڪيا، دوستن تقريرون ڪيون، شمشير ته هو ڪونه، جو اُتي جواب ڏي ها، هو ته گُذارڻ جي تمنا ۾، ان ڏينهن گُذاري ويو، جڏهن هُن چيو هو ته:

هڪڙو شمشير هو زماني ۾،

سو به دُنيا مان اڄ گذاري ويو.

شمشير لاءِ انهن مضمونن، تقريرن، ٽي.وي جي پروگرامن ۾ ايڏا ته وڏا ٻول ٻڌڻا پيا، جو مون کي اهي سڀ پنهنجي تصور ۽ ويچار کان مٿي لڳا. اهڙو شمشير مون ته ڪونه ڏٺو، نه هو شيڪسپيئر هو، نه هو سارتر هو، نه هو اياز هو، نه هو مرزا قليچ بيگ هو، نه هو آسمان کي ڇُهندڙ شاعر ۽ اديب هو. هو صرف ۽ صرف ڌرتيءَ جو فقير ۽ مست ملنگ شاعر هو، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽي ۽ ماڻهن سان عشق ڪيو هو. هُو ان زماني ۾ رلندو رهيو، ڪيئي سپنا ساڀيان ٿيڻ لاءِ هُن ڪيئي نظم ۽ گيت چيا، جيڪي هُن جڏهن پنهنجي وجود کان ڌار ڪيا ته سڄي جهان ۾ روشنيءَ جا آثار پيدا ٿيا، اُميد جا ڪرڻا جاڳيا، پنهنجي وطن لاءِ، ماروئڙن لاءِ، هيڻن لاءِ هن اهو به چئي ڏنو ته:

نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،

اها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،

هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،

اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.

شمشير ڪنهن به مسند تي ڀلي پهتو هجي، پر هو هڪ اهڙو شمشير هو جيڪو هڪ اهڙي انسان جيان گذاريو، جنهن کي نه ماس هو نه چم، رڳو هڏا هُيو ۽ ساهه، جنهن مان ڏات جا سڀ سر چشما ڦُٽي ٿي نڪتا. ماڻهن کي موهيندي آهي ڏات، ڏات، حسن، حق، سچ ۽ خير جي امين هوندي آهي. اڄ جڏهن ڏات جو ڏينهون ڏينهن ڪال ٿيندو ٿو وڃي ۽ حق، سچ ۽ خير گهُرندڙ به اهڙي واٽ وٺيو پيا وڃن جتان ڪير ڪونه موٽيو ته حالت ضرور اهڙي بيهندي، اهڙا هاڃا ٿيا بري هن ڀنڀور ۾.

شمشير اُنهن ڏينهن ۾ به جوش جذبي سان زندهه رهيو جڏهن سنڌ جي چوڌاري ون يونٽ جهڙا قهري ڪوٽ پئي ڏياريا ويا، هُن انهن طاغوتي قوتن سان مهاڏو اٽڪايو، هُو اُن وقت به سجاڳ هو جڏهن ايم.آر.ڊي جو آغاز ٿيو هو. هو سنڌ تي مڙهيل اهڙن نظامن جي خلاف ائين للڪاريندو هو جو سندس ڏات، ڀنڀٽ ڀنڀٽ، شعلا بنجي اُنهيءَ نظام کي ساڙي، ٻاري اڳتي وڌندي ويندي هُئي. مون کيس هر هنڌ ٻُڌو هو. هُن جشن روح رهاڻ ۾ جنهن نموني هيءُ نظم
”پڙاڏو سو سڏ“ چيو هو ته سڀني جا وار ڪانڊارجي ويا هئا. هن جي طويل نظم جا ڪجهه بند هيئن هئا:

ڪڏهين عيسيٰ، موسيٰ آهيان،

ڪڏهين ڪرشن، رام سڏايان،

ڪڏهين احمد نانءُ رکايان،

گوتم بنجي گيان ڪمايان،

طور مٿي ڀي پاڻ پَسايان،

باهه اندر گلزار بنايان،

ڪڏهين ممبر مسجد ٺاهيان،

مومن جا مذڪور ٻڌايان،

ڪڏهين ڪربل ڪنڌ ڪپايان،

زهر پيان، سقراط سڏايان،

ڪڏهين سوريءَ سيج سجايان،

ملڪ مڙئي منصور بنايان،

ڪڏهين دل جي ديڳ دمايان،

ڍونگ سڄي جو ڍڪڻ لاهيان،

ڪڏهين لات لطيفي ڳايان،

سامي ۽ سرمست سڏايان،

ڪڏهين قرب قليچ ڪمايان،

دردن جا درياهه وهايان،

محبت جو دستور هلايان،

الفت جا اعلان ڪرايان،

فطرت جو فرزند سڏايان،

پيار سندو پيغمبر آهيان.

چارڻ بنجي چنگ وڄايان،

ڀنڀٽ باهه پيو ڀڙڪايان،

ظلم ذلالت لعنت لاهيان،

شيخيءَ پيريءَ ڍينگو ڊاهيان،

آزاديءَ جو ناد وڄايان،

امن سندو جهنڊو جهولايان،

شيخ اياز اهو ئي آهيان،

شوق منجهان ”شمشير“ سڏايان،

ماڻهو ليکي شاعر آهيان،

پوءِ به الائي ڇا ڇا آهيان،

جو ئي آهيان، سو ئي آهيان،

(روح رهاڻ 1965ع جشن نمبر)

هيءُ فڪري طرح سان آزاد، صوفي منش هو، جنهن اهڙا ڪيئي آلاپ آلاپيا آهن، پر سندس اصل مقصد ڪوڙ، دولاب جي ڍانچن کي ڊاهڻ هو، هُن پاڻ تي ۽ قافلي وارن تي ڪيترن الزامن کي قبوليو، هُو ڪٿي به نه جُهڪيو. سندس شاعري هجي، نثر يا ناٽڪ نويسي، هو سنڌي جديد ادب جي بانين منجهان هو. هُو ماڻهن جهڙو ماڻهو هو، پر اندران هڪ جوالا مُکي هو جيڪو سڄي ڄمار ڀڙڪندو رهيو. ان لاءِ هو ڪيترين ئي اخبارن، رسالن، ادبي ادارن ۽ ٽي.وي ۾ ڪم ڪندو رهيو. قلم جو پورهيو هُن اِن لاءِ به ڪيو ته جيئن هو سنڌ جي نوجوان نسل جي ذهن ۾ هڪ مُدي خارج نظام خلاف اهڙي فڪري انقلاب جو ٻج ڇٽي سگهي جيئن اڳتي هلي هيءُ سنڌ جو نوجوان نسل اڳتي وڌي سگهي.

هڪ باضمير، آزاد نسل جي صورت ۾ هو پنهنجي نظم ۾ هيئن چوي ٿو:

ڪير ٿو ڪنهن لاءِ جئي،

ڪير ٿو ڪنهن لاءِ مري،

ڪير ٿو بڻجي زماني جو اسير،

ڪير ٿيندو بي ضمير.

هڪ باضمير صحافي، اديب ۽ شاعر هجڻ سان گڏ هو زندگيءَ ۽ موت جي فلسفي کان آگاهه هو. مان جڏهن ساڻس اسپتال ۾ ملڻ ويس ته شمشير زماني جي وفا يا بي وفا هجڻ سان گڏ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي کلندي، مُرڪندي ڏٺم، عجيب ماڻهو هو، مون کي سڏ ڪري چيائين:

يار حميد! مولا تي ننگ آ، مون کي ”پُور“ جون ٻيون سٽون ياد پيون.

زندگي تقدير جو تحفو سهي،

موت آدم زاد جو ورثو سهي،

زندگي ڇو موت ۾ پائي نجات،

موت ڇا جي لئه پيئي آب حيات.

شمشير هڪ مرد مجاهد، هڪ پورهيت وانگر زندهه رهيو. هو زندگي ۽ موت جي فڪري پهلوءَ کان آگاهه هو.

سندس همسفري ساٿ، تقريباً سال 1960ع کان شروع ٿيو، جڏهن مان ۽ هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گڏ هئاسين. مون کيس لطف علي دل جي اخبار
خادم وطن ۾ ڪم ڪندي ڏٺو. مان سندس سامهون مطيع الرحمان جي انڊس پريس ۾ ويٺو ماهوار روح رهاڻ جي لاءِ لکت پڙهت جو ڪم ڪندو هئس. خادم وطن ۾ قاضي خادم به ڪم ڪندو هو. شمشير جڏهن مهراڻ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو ته غلام محمد گرامي ايڊيٽر هو. هُن هڪ ڏينهن منهنجي ٻانهن شمشير جي هٿ ۾ ڏني ته هن کي رسالي جو ڪم ۽ بيهڪ جون نشانيون سيکار. سنڌي ادبي بورڊ جي پريس مئنيجر احمد زئي کي چيائين ته هو مون کي پروف ريڊنگ جي ڪم ۾ ڀڙ ڪري، ابن حيات پنهور ۽ پاڻ گرامي صاحب منهنجي ادبي صلاحيتن جي واڌاري لاءِ بحيثيت هڪ ايڊيٽر جي، سکيا ڏني.

شمشيرالحيدري منهنجو اُستاد ۽ هن سڄي ادبي سفر جو همسفر رهيو. منهنجو ڪهاڻين جو ڪتاب ”جاڳ به تنهنجي جيءَ سان“ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪمپيوٽر ۾ ڦاسي پيو، شمشير پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اهو ڇپائي پڌرو ڪيو. ان سڄي عمر ۾ عزيز مراد علي مرزا، نفيس احمد ناشاد سندس ٻانهن ٻيلي رهيا.

مان جنهن دور جي ڳالهه ٿو ڪريان اهو دور سکيا جو دور هو. ڪو ننڍو، ڪو وڏو، ڪو عظيم، ڪو ڦني خان ڪونه هو، هر ماڻهوءَ پنهنجي سمجهه، عقل ۽ ادراڪ موجب ڪم پئي ڪيو، ڇاڪاڻ ته سنڌ سموري ويڳاڻي ۽ سنڌ جو عام ماڻهو يا والي، يتيم ۽ ڇورو ڇنو پئي ڀانيو، جيئن اڄوڪو دور آهي. سنڌ جو ڪو ليڊر ڦاهي چاڙهيو ويو. سنڌ جي عظيم نياڻي (بينظير ڀٽو) ۽ سندس والده کي جيلن ۾ موڪليو ويو. ماڻهن سرعام ڦٽڪا پئي کاڌا. ون يونٽ کان پوءِ هيءُ سنڌ کي ٻيو جهٽڪو آيو هو، هتان ئي ايم.آر.ڊي جهڙي تحريڪ اُٻڙڪو کاڌو هو ۽ اهڙي صورتحال بڻي هئي جو سنڌي سياسي خاندانن اڳتي وڌي ڀرپور نموني حصو ورتو هو. جنهن ۾ سائين قبله پير صاحب پاڳارو، سائين مصطفيٰ خان جتوئي ۽ سندس فرزند خاص طرح غلام مرتضيٰ خان ۽ سرور خان،
مخدوم طالب الموليٰ ۽ سندس فرزند محمد امين ۽ سندس ڀائر ۽ ٻيا ڪيترا خاندان ۽ خانواده انهيءَ اوڙاهه ۾ گهڙي پيا. سنڌ جا اديب ۽ ساڃاهه وند ايم.آر.ڊي جي موومينٽ جا اُهي سڀ فرنٽ لائين هئا. ضرورت هئي پرنٽ ميڊيا جي اڳواڻي جي، ڇاڪاڻ ته ضياءالحق جو هيءُ دؤر به سنڌ لاءِ قهري دور ثابت ٿيو هو. اخبارون، رسالا ڪجهه ٿڌا ڪجهه گرم هئا.

اُن وقت سائين قبله پير صاحب اڳتي وڌي اعلانِ حق ڪيو ۽ مهراڻ جي ايڊيٽري هڪ نئين عزم ۽ پاليسيءَ هيٺ شمشيرالحيدريءَ جي حوالي ڪئي ويئي، جنهن ايم.آر.ڊي موومينٽ کي وڌيڪ تحرڪ ۾ آڻڻ لاءِ ايڊيٽوريل، مضمون ۽ خبرون طوفاني انداز سان ڇاپڻ شروع ڪيون. سندس پهرين هيڊ لائين اها هوندي هئي ته ايم.آر.ڊي هلچل جو اڄ ڏهون ڏينهن يا ٻارهون ڏينهن. شمشير جا اُهي ڏينهن اُهي شينهن هئا، واقعي انقلابي ڏينهن هُئا، اسين سڀ همسفر شمشير جي ڪامياب جدوجهد جا ساکي ۽ ساٿي هوندا هئاسين.

شمشير جون گهڻيون ڳالهيون آهن، دل چوي ٿي ته ”شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي.“ پر شمشير اسان کان موڪلائي ويو آهي پر هو ضرور موٽي ايندو، ڇاڪاڻ ته هن اهڙي اُميد جي جهلڪ پنهنجي نظم ”آرزو جو سفر“ ۾ ڏيکاري آهي. هيءُ سندس شاهڪار نظم آهي، جيڪو ماهوار روح رهاڻ جي 1965ع واري سالنامي ۾ ڇپيو هو:

لامڪانيءَ جي فساني کان وٺي،

لازماني جي زماني کان وٺي،

جسم جي بي انتها تاريڪين ۾،

جاودانيءَ جي سفر ۾، سرگرم آهي ازل جي آرزو

تون به ڪنهن جي ابتدا،

مان به ڪنهن جي انتها،

تنهنجي منهنجي زندگي،

تنهنجي منهنجي ماءُ جي دمدم دعائن جو اثر.

تنهنجي منهنجي زندگي جا صبح و شام،

تنهنجي منهنجي پيءُ جي اڻکٽ اُميدن جو ثمر،

جسم جو هر هڪ جنم،

ڪئين ڪرڙين آرزو مندن جو موجوده مقام،

بس، ازل جي آرزو آهي مدام،

جاوداڻيءَ جي سفر ۾ تيزگام،

اي سندم دمدم، دعائن جا نرالا شاهڪار!

زندگي تابندگيءَ جا رازدار!

اچ ته مان توکان ڪريان اڄ الوداع،

جسم جي تاريڪ راهن کان جدا،

مان ازل جي انتها، ۽ تون ابد جي ابتدا،

اي سندم اميد جا براق، صد صد مرحبا!

شمشير جي زماني جا هي ورق ۽ ٻيا ڪيترائي ورق لکبا رهبا ۽ ڪئين ڪتاب جڙندا، پر ائين چئبو ضرور ته ”هڪڙو شمشير هو زماني ۾، سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.“ سنڌ اڄوڪي دؤر ۾ ساڳي يتيماڻي ۽ نڌڻڪي دؤر مان گذري رهي آهي. موجوده پير صاحب پاڳاري، جتوئي صاحبن ۽ ٻين قومپرستن وسيلي اُميد جاڳي آهي، پر اسين شمشير لاءِ واجهايون پيا، من ڪي نوان نسل، شمشير مان جاڳي پون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com