شمشميرالحيدري
حال احوال
(ماهوار رسالي ”نئين زندگيءَ“ ۾ جنوري 1969ع کان
جولاءِ 1972ع تائين محترم شمشيرالحيدريءَ جا
لکيل ادارتي ليک)
جنوريءَ جي هن پرچي سان، اسين نئين سال 1969ع جي
ابتدا ڪري رهيا آهيون. رب پاڪ شال اهو سڀني لاءِ
وڌيڪ کان وڌيڪ مبارڪ ڪري، ۽ اسان جي قوم ۽ اسان جو
ملڪ وڌيڪ کان وڌيڪ سک ۽ آسودگي ماڻين!
”نئين زندگي“ خيرن سان ٻاويهين سالن ۾ پير پاتو
آهي، ۽ ان جي ادارت جي تبديليءَ کي ٻه سال پورا
ٿيا آهن، انهن ٻن سالن ۾، بهتريءَ جي ٻين صورتن
سان گڏ، اداري کي گهڻي توجهه ان طرف صرف ڪرڻي پيئي
آهي ته ”نئين زندگي“ کي هر طبقي ۽ خيال جي پڙهندڙن
وٽ پسنديءَ جوڳو بنائجي، ۽ ان جي طي ڪيل قومي
پاليسيءَ پٽاندر، ڪنهن به فرق ۽ پاسخاطريءَ بنا،
سڀني قابل ذڪر اديبن کي ان ۾ پيش ڪجي. نئينءَ
ادارت هيٺ، 1967ع جي پهرئين، جنوريءَ واري پرچي ۾،
اسان انهيءَ اصول جو اظهار ڪيو هو، ۽ هن موقعي تي
هڪ ڀيرو وري به ان کي دهرايون ٿا ته ”نئين زندگي“
سڀني پڙهندڙن ۽ لکندڙن جو گڏيل قومي پرچو آهي، ۽
ان جي معرفت سنڌي ادب ۽ زبان جي خدمت جو فرض سڀني
کي گڏجي ادا ڪرڻو آهي: تنهنڪري، هن کان پوءِ به
اسان جو عمل اهوئي رهندو ته ”نئين زندگي“ کي گهڻن
کان گهڻن لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي خيالن ۽ خواهشن جو
آئينه دار بنايون. ساڳئي وقت، اسين کانئن به اها
توقع رکون ٿا ته هو ”نئين زندگي“ کي وڌائڻ ۽
سڌارڻ، ۽ ان کي گهڻن کان گهڻن هٿن تائين پهچائڻ جو
ڪم ڪندا رهندا.
ادارو لکندڙن توڙي پڙهندڙن جو ازحد ٿورائتو آهي،
جن نئين مواد توڙي نون خريدارن مهيا ڪرڻ ۾ گهڻو
تعاون ڪيو آهي. گذريل ٻن سالن دوران، ”نئين زندگي“
۾ اسين تقريباً هر قابل ذڪر اديب ۽ شاعر کي پيش
ڪري سگهيا آهيون، ۽ ڪيترن ئي نون هنڌن ۽ هٿن تائين
”نئين زندگيءَ“ جي رسائي ٿي آهي. اهو سڀڪجهه سندن
ئي ذوق ۽ جذبي جو نتيجو آهي. اسين انهن سڄڻن جا به
ٿورائتا آهيون، جن وقت بوقت اسان کي پنهنجن مشورن
سان پئي نوازيو آهي. اميد ته اهو تعاون ۽ تعلق هن
کان پوءِ به ساڳيءَ ريت قائم رهندو.
* هيءُ پرچو، اعلان موجب، مرحوم و مغفور پروفيسر
لطف الله بدويءَ جي ياد سان منسوب ڪري رهيا آهيون.
”نئين زندگي“ سان سندس قربداريءَ کي ڏسندي،
جيتوڻيڪ هيءَ پيشڪش
(نئين زندگي، جنوري 1969ع تان کنيل)
فيبروريءَ جي هن مهيني ۾، اردو ۽ فارسيءَ جي عظيم
شاعر مرزا اسدالله خان ”غالب“ جي سؤ
ساله ورسي، وڏي پيماني تي ملهائي پيئي وڃي.
پاڪستان کان سواءِ ڀارت، روس، ايران وغيره ملڪن ۾
به ان جو اهتمام ڪيو ويو آهي. موقعي جي مناسبت
سان، ’غالب‘ بابت ٻه مقالا، سندس شبيهه جو هڪ
رنگين عڪس، هن پرچي ۾ پيش ڪيو اٿئون.
غالب جي شاعريءَ جو انوکو انداز، شوخي ۽ برجستگي،
خيال جي ڳوڙهائي، زباندانيءَ جو ڪمال ۽ فنڪاري،
کيس دنيا جي وڏن شاعرن جي صف ۾ بيهارين ٿا. گذريل
اڌ صديءَ کان سندس ڪلام جي اثر ۽ انفراديت خود
اردو زبان کي وڏي عظمت بخشي ڇڏي آهي. نه رڳو
شاعري، بلڪ خطن ذريعي پيش ڪيل سندس نثر نويسي به
بيمثال آهي. حياتيءَ جي خودڪشيءَ جهڙن مرحلن ۾ هن
جنهن حوصلي ۽ زندهه دليءَ سان گذاريو، تنهن سندس
شخصيت کي به هڪ مثالي ڪردار جي حيثيت ڏيئي ڇڏي
آهي. سندس فن توڙي شخصيت، ٻيئي تاريخي آهن. ايڏي
وڏي شاعر ۽ شخصيت جو حق آهي ته کيس اهو مانُ ۽
درجو ڏنو وڃي، جيڪو کيس حياتيءَ ۾ آخر تائين نصيب
نه ٿيو.
مرزا غالب 8- رجب المرجب سن 1213هه مطابق 27-
ڊسمبر 1797ع ۾، آگري ۾ جنم ورتو. سندس نالو
اسدالله خان هو، ۽ عرفيت مرزا نوشه. ’غالب‘
سندس تخلص هو. سندس پيءُ جو نالو عبدالله بيگ هو.
ترڪيءَ جي ايبڪ نسل ۾، غالب جو خانداني سلسلو
توران جي بادشاهه افراسياب سان ملي ٿو. جڏهن
تورانين تي زوال آيو، ته ڪجهه وقت لاءِ هو جهنگن ۽
جبلن ۾ لڪي ويا. ڪجهه عرصي کان پوءِ وري سندن
ڏينهن ڦِريا، ۽ پنهنجي تلوار جي زور سان سلطنت هٿ
ڪيائون. انهن منجهان ئي سلجوقي خاندان جو بنياد
پيو. جڏهن ترڪيءَ ۾ عثمانيه سلطنت برپا ٿي، ته
سلجوقي شهزادن کي وري گمناميءَ ۾ گذارڻو پيو.
جڏهن دهليءَ جي تخت تي شاهه عالم ويٺل هو، تڏهن
غالب جو ڏاڏو آگرو ڇڏي هندستان آيو، ۽ شاهي درٻار
۾ کيس گهڻي عزت حاصل ٿي. 1802ع ۾، جڏهن غالب پنجن
ورهين جو هو، سندس پيءُ عبدالله بيگ وفات ڪري ويو،
۽ هو پنهنجي چاچي نصرالله بيگ جي سرپرستيءَ ۾ آيو،
جو اڪبرآباد جو صوبيدار هو. 1803ع ۾ لارڊ ليڪ دهلي
فتح ڪئي، ۽ نصرالله بيگ کي معقول تنخواهه ۽ جاگير
عطا ٿي. 1806ع ۾ نصرالله بيگ به وفات ڪري ويو ۽
سندس تنخواهه بند ۽ جاگير ضبط ٿي ويئي. غالب ان
وقت نون سالن جو هو ۽ پنهنجي ناني جي سرپرستيءَ ۾
آيو، جو آگري جو وڏو رئيس هو. 1810ع ۾، فيروزپور
جهرڪا رياست جي والي نواب احمد بخش خان جي
ڀاڻيجيءَ اُمراؤ بيگم سان غالب جي شادي ٿي. پنهنجي
خانداني وقتن تي کيس ماهوار پينشنون ۽ وظيفا ملندا
رهيا ۽ غالب ان ريت رئيساڻي ۽ شان شوڪت جي زندگي
بسر ڪندو رهيو.
پر 1857ع واري ملڪ گير هنگامي غالب جي تقدير ئي
ميساري ڇڏي. دهلي درٻار جي پينشن به بند ٿي ويئي،
۽ هو مصيبتن جي دائمي گهيري ۾ اچي ويو. هنگامي
دوران ڪيترا ڏينهن گهر ۾ بند ٿي ويهي رهڻو پيو، ته
پاڻي به برسات جو گڏ ڪري واپرايو ويو. غالب ڪو وقت
گهر جا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان وڪڻي گذر ڪيو. قرضن جا
بار چڙهي ويا، ۽ قرضي ڊائريون کڻي سندس ڳولا ۾ پيا
ڦرندا هئا. هڪ ڀيري جوا جي تهمت هيٺ ٽي مهينا جيل
ٻه ڀوڳڻو پيس.
رئيساڻا خيال ڪو عرصو سندس ذهن ۾ سمايا رهيا، ۽ ان
حالت ۾ احساس، ضمير ۽ خودداريءَ جي عجيب آزمائشن
مان کيس گذرڻو پيو. پينشن جي اصل رقم بحال ڪرائڻ
لاءِ کيس گذرڻو پيو. پينشن جي اصل رقم بحال ڪرائڻ
لاءِ کيس جيڪي ڏونگر ڏورڻا پيا، تن جو داستان ڏاڍو
ڏکوئيندڙ آهي. کيس دهليءَ کان ڪلڪتي جو طويل سفر
ڪرڻو پيو. انگريز حڪمرانن جي شان ۾ قصيدا لکڻا
پيا. انگلينڊ جي راڻيءَ کي اپيلون ڪرڻيون پيون.
سفر خرچ جي پورائيءَ لاءِ، واٽ تي ٻين درٻارن لاءِ
به قصيدا لکڻا پيا.گهر وارن جون سموريون اميدون
انهيءَ سفر تي لڳائي، سموري رقم دف ڪري، ٽن سالن
جي گردش کان پوءِ، نتيجي ۾ ناڪام ۽ مايوس ٿي موٽڻو
پيس!
اهوئي سفر، ٻئي طرف، غالب جي فن ۽ شخصيت جي تعمير
لاءِ تمام اهم ثابت ٿيو. ملڪ جي ڪيترن نامور
عالمن، شاعرن ۽ شخصيتن سان سندس ملاقات ۽ واقفيت
ٿي، جن مان ڪن سندس ذاتي زندگيءَ کي سڌارڻ ۾ مدد
ڪئي. شعر ۽ سخن جي وسيع حلقن ۾ پهچي، کيس پنهنجي
فن ۽ هنر کي ڪشادي ڪرڻ جو وجهه مليو. پهريون ڀيرو
هن ڪلڪتي جي مرڪزي شهر ۾ ريل، جهاز ۽ تار جا سرشتا
ڏٺا. پهريون ڀيرو کيس مستقبل جي جديد دور جي جهلڪ
نظر آئي. ذهين ۽ حساس طبيعت سان گڏ، هاڻي کيس علم
۽ مشاهدي جا ڪئين نوان تجربا حاصل ٿيا. شاهاڻا
خيال هوا ٿي ويا، ۽ فنڪار جي شخصيت وڌيڪ اُڀري
آئي.
پوين ڏينهن ۾ ڪئين جسماني عارضا به ٿي پيس، جن کيس
آخر هلڻ چلڻ کان به لاچار ڪري وڌو. دهليءَ جي شان
شوڪت جي برباديءَ جو صدمو سڄي ڄمار کيس ستائيندو
رهيو. عزيزن ۽ دوستن جي جدائيءَ جا ڪئين داغ کيس
سُهڻا پيا. قرضن ۾ آخر تائين ڦاٿو رهيو. جيل جي
ذلت به نصيب ٿيس. وقت جي شاعرن ۽ استادن سان
اُلجهڻو پيس رئيس گهراڻي جي هن حساس انسان تي سوين
طوفان گذري ويا.
”خوشي ڏيندين ته خوش رهبو، جي غم ڏيندين ته پيو
سهبو!“ اها ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي، بلڪ اخلاقيات
جي لحاظ کان اهو فقط ڪنهن غيرمعمولي انسان جوئي
ڪارنامو ٿي سگهي ٿو. اها زندگيءَ جي حقيقت کي ڄاڻڻ
۽ پاڻ کي سڃاڻڻ جي منزل آهي. شوخيءَ، زندهه دليءَ،
بي نيازيءَ، سندس شعرن توڙي خطن ۾ هرهنڌ موجود
آهن.
ايڏي پايي جو شاعر ۽ ايڏي حوصلي جو انسان هو مرزا
اسدالله خان ’غالب‘، جنهن 15- فيبروري 1869ع مطابق
2 ذيقعد 1258هه تي، سومر جي ڏينهن، ظهر جي وقت
وفات ڪئي. کيس حضرت نظام الدين اولياء جي مزار لڳ
دفن ڪيو ويو. سندس وفات کي هڪ سؤ سال پورا ٿيا
آهن. فن ۽ ادب ڪنهن خاص زبان يا تهذيب يا وقت جو
قيدي ڪونهي. اسين هن عظيم شاعر، فنڪار ۽ انسان کي
عقيدت جو سلام ڪريون ٿا!
* هيءُ ذوالحج جو مبارڪ مهينو آهي. مسلمان هن
مهيني ۾ بيت الله جو حج ڪندا آهن، عيد ڪندا آهن، ۽
قرباني ڪندا آهن.
حج ادا ڪرڻ لاءِ، دنيا جي سڀني ملڪن کان مسلمان
مڪي شريف ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن. اهي چئني ڏِسن کان
هلي، اچي هڪ مرڪز تي ڪٺا ٿيندا آهن. انهن جا ملڪ،
انهن جي قوميت، انهن جي زبان، انهن جي تهذيب، انهن
جا چهرا، انهن جو رنگ روپ – سڀڪجهه هڪٻئي کان
مختلف هوندو آهي. ڪئين هزار ميل مسافري ڪري، سمنڊ
تري، پهاڙن تان اُڏامي، وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي ايندا
آهن، ۽ هڪ عظيم ملت بنجي ويندا آهن. ان وقت سندن
وجود انفرادي نه، اجتماعي هوندو آهي. سڀني جا
جذبا، نيتون ۽ مقصد به هڪ هوندا آهن. سڀ پنهنجي
پالڻهار جي حاضريءَ ۾ هڪ ئي انداز سان جهڪيل هوندا
آهن. ملڪ، قوم، رنگ، نسل، زبان، لباس، حيثيت ۽
مرتبي جا سڀ فرق ختم ٿي ويندا آهن. هر فرد ٻئي فرد
کي پنهنجو ڀاءُ سمجهندو آهي.
ملت ۽ مساوات جو اهو شان ۽ مثال، دنيا جي ٻئي ڪنهن
به مرڪز تي، ڪنهن به مذهب ۾ موجود ڪونهي. ڪاش،
اسين پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ انهيءَ مثالي
اجتماعيت کي دائمي بنائي سگهون، جيڪا اسلام جو اصل
روح، خدا جي اصل منشا، ۽ رسول ﷺ جي تعليم جو اصل
مقصد آهي. اسين پنهنجي انفرادي زندگيءَ ۾ ڪوڙا،
مڪار، دوکيباز، خودغرض، لالچي ۽ ڪميڻا آهيون.
سازش ڪرڻ ۽ وير سانڍڻ وارا، هڪٻئي جي گلي تي ڇري
ڦيرڻ وارا آهيون. الله جي زمين تي اسين فساد ۽
خونريزي ڪرڻ وارا، حيوانن، نانگن ۽ بلائن کان بڇڙا
آهيون. جيڪڏهن پروردگار جي حاضريءَ جو اهو احساس
اسان ۾ مستقل بنجي وڃي، ته دنيا جيڪر خدا ترس
انسانن سان ڀرجي وڃي. نيڪي ۽ اخلاق، قرباني اسان
جي خداترسيءَ واري جذبي کي جهنجهوڙڻ، حڪم جي تعميل
۽ نفس تي ضابطي حاصل ڪرڻ جي بهترين سکيا آهي. بيت
الله جي مرڪز جي نعمت فقط مسلمانن کي حاصل آهي.
عيد جي سچي راحت انهيءَ ۾ آهي ته اسين حج،
قربانيءَ ۽ عيد جي سلسلن کي پنهنجي زندگيءَ سان
دائمي ۽ عملي طرح وابسته ڪريون.
اسين عيد جي مبارڪ موقعي تي سڀني پڙهندڙن جي خدمت
۾ پنهنجون نيڪ تمنائون پيش ڪريون ٿا، ۽ دعا ڪريون
ٿا ته رب پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا
فرمائي!
(”نئين
زندگي“، فيبروري 1969ع تان کنيل)
-23
مارچ جو ڏينهن، ”پاڪستان ڏينهن“جي نالي سان سڏبو
آهي؛ ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن تي مسلم ليگ پهريون ڀيرو
”پاڪستان“ وٺڻ جو باقاعدي ٺهراءُ بحال ڪيو هو. اهو
ٺهراءُ ”پاڪستان ٺهراءُ“ جي نالي سان سڏبو آهي،
جيڪو سال 1940ع ۾، لاهور جي منٽو پارڪ ۾، مسلم ليگ
پنهنجي عام اجلاس ۾ پاس ڪيو هو. ان کان پوءِ
قائداعظم جي سربراهيءَ ۾، مسلم اڳواڻن ۽ عام
مسلمانن انهيءَ ٺهراءَ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ زوردار
تحريڪ هلائي ۽ نيٺ 1947ع ۾ ”پاڪستان“ وجود ۾ آيو.
23- مارچ جو ”پاڪستان ڏينهن“ ان ڪري هن ملڪ جي
تاريخ جو هڪ يادگار ڏينهن آهي. انهيءَ موقعي تي
اسين ”نئين زندگيءَ“
جو هيءُ خاص پرچو پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾
انگريزن کان آزادي ملڻ ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ جي ڪن
مکيه تاريخي واقعن بابت معلوماتي مضمون ڏنل آهن.
اميد ته پڙهندڙن لاءِ اهو مواد مفيد ثابت ٿيندو.
مسلمانن جو نئون سال، دنيا جي سڀني ملتن کان
مختلف، ڏک ۽ روڄ سان شروع ٿئي ٿو. اهو ڏک ۽ روڄ ڪو
رواجي ۽ رسمي ڪونهي، بلڪ انوکو ۽ عظيم آهي. اهو حق
جي تائيد ۽ باطل جي ترديد جو نعرو آهي. اهو ظلم ۽
جبر خلاف احتجاج جو مظاهرو، ۽ اصول ۽ انصاف جي
فتحيابيءَ جو اعلان آهي. ايثار ۽ شجاعت، صبر ۽
برداشت، تسليم ۽ رضا جو سوين سونهري سبق، امام
عالي مقام جي شهادت ۾ ملن ٿا. اخلاق ۽ انسانيت جا
ڪئين قدر ڪربلا جي قضيي ۾ سمايل آهن.
مقصد لاءِ قربانيءَ جو ههڙو شاهڪار مثال دنيا جي
تاريخ ۾ اڻلڀ آهي. مسلمانن جي سال جي شروعات به
قربانيءَ سان ٿئي ٿي، ته پڄاڻي به قربانيءَ تي ٿئي
ٿي. اهي ٻيئي قربانيون يادگار آهن. حج جي مهيني ۾
اسين حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ حضرت اسماعيل جي
قربانيءَ جو يادگار ملهايون ٿا، ۽ محرم جي مهيني ۾
امام حسينؓ جي قربانيءَ جو يادگار. ٻنهي واقعن ۾
سوين سالن جي وڇوٽي آهي پر قدرت جي اها عجيب منشا
هئي، جنهن هڪڙيءَ قربانيءَ کي ”راز“ ۽ ٻيءَ کي
”انڪشاف“ هڪ کي
”ابتدا“ ۽ ٻيءَ کي ”انتها“ بنائي، حضرت خليل الله
کان حضرت محمد تائين، ملتِ ابراهيمي ۽ دينِ محمدي
جي
سمورن تاريخي سلسلن کي خدا جي گهر تي مرڪوز ڪري
ڇڏيو:
سرّ ابراهيم و اسماعيل بود،
يعني آن اجمال را تفصيل بود.
غریب
و سادہ و رنگین
ہے
داستانِ حرم،
نہایت
اس کی
حسین،
ابتدا ہے
اسماعیل۔
(علامہ اقبال)
حرم - جيڪو خدا جي وحدت ۽ وڏائيءَ جو نشان آهي،
جيڪو خدا کان سواءِ سڀني طاقتن جي مڃتا کان انڪار
۽ هر قسم جي فرق ۽ امتياز کي ختم ڪرڻ جو سرچشمو
آهي ۽ جيڪو انسانيت جي سربلنديءَ جو ازلي ۽ ابدي
نشان آهي. حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ حضرت حسينؓ
جي قربانين جو مقصد، خدا جي گهر جي وجود جو مقصد،
انهن ئي انساني وصفن سان وابسته آهي. انهن کي
اُجاگر ڪرڻ، قدرت جي منشا آهي. ان لاءِ قرباني
ڏيڻ، دين جو بنياد آهي. قربانيءَ جو اهو همه گير
مقصد اڳيان رکي، ڏسڻ کپي ته اسين خدا جي گهر ڏانهن
ڪيتري قدر جوابدار آهيون، ۽ انسانيت جي تعمير ۾
اسان جو ڪهڙو حصو آهي؟
(”نئين زندگي“، مارچ 1969ع تان کنيل)
جنهن رسالي جا جيترا گهڻا پڙهندڙ ٿين ٿا، ان کي
اوترين ئي تقاضائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جدا جدا
حلقن ۽ طبقن جو ذوق ۽ ضرورتون جدا جدا هجڻ ڪري،
مواد جي چونڊ ۽ ترتيب جو مسئلو هر وقت نواڻ جي طلب
ڪندو رهي ٿو.
”نئين زندگي“ جا پڙهندڙ، ڌڻيءَ جي ڀلائيءَ سان،
ٻين مڙني رسالن کان سرس، شهرن توڙي ٻهراڙين ۾، هر
قسم جي حلقي ۽ طبقي تائين ڦهليل آهن. تنهنڪري انهن
جي پسند، سندن تقاضائون ۽ ضرورتون، تمام وسيع آهن.
بيشڪ اسان لاءِ اها ڳالهه فخر لائق آهي. ”نئين
زندگي“ هر پڙهيل گهر ۾، لائبريرين، اسڪولن ۽
ڪاليجن ۾ پهچي ٿو. شهرن جا عالم، اديب، استاد ۽
شاگرد ان جو مطالعو ڪن ٿا، ته ٻهراڙيءَ جا ٿور-
پڙهيا به ان سان ورونهه ڪن ٿا. اداري کي انڪري هڪ
عالم فاضل کان وٺي هڪ معمولي تعليم واري پڙهندڙ
تائين نظر رکڻي پوي ٿي. جيتوڻيڪ هڪ محدود ۽ مقرر
ضخامت اندر زندگيءَ جي مڙني شعبن کي پيش ڪري سگهڻ
جيڪڏهن ناممڪن نه، ته به گهڻو مشڪل آهي، تنهن
هوندي به ”نئين زندگي“ ۾ مواد جي ورڇ کي هميشه
ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو.
تاريخ، ادب، اسلاميات، شخصيات، لسانيات، ثقافت،
سائنس، زراعت، ملڪي ۽ غيرملڪي معلومات سان گڏ،
افسانن ۽ شعر جي مختلف صنفن کي سمايو وڃي ٿو. ان
ڏس ۾، پڙهندڙن جي راين مان اداري کي گهڻي رهبري
حاصل ٿئي ٿي، جنهن لاءِ ادارو هر وقت سندن تهدل
سان مشڪور رهندو. ”نئين زندگي“ ۾ انهيءَ مطلب لاءِ
”پڙهندڙن جا خط“ جو صفحو پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن مان
سندن پسند ۽ خواهش جي پتي پوڻ سان گڏ، لکندڙن جي
همت افزائي ۽ رهبري به ٿيندي رهي ٿي. البت ڪي رايا
اسان لاءِ شڪايت جي صورت وٺي بيٺا آهن، جن مان
هڪڙو افسانن جي گهٽ ڇپجڻ بابت آهي ۽ ٻيون نون
اديبن کي همٿائڻ بابت. گهٽ افسانن جي شڪايت جي ڀيٽ
۾ ڪي رايا ته اها به تقاضا ڪن ٿا ته هاڻي قصن
ڪهاڻين جي قوم کي درڪار ئي ڪانهي، رڳو علمي مقالا
ڇپيو! ظاهر آهي ته اها ڳالهه هڪ طرفي چئبي. افساني
جي صنف هن وقت، وندر سان گڏ قومن جي ذهني تعمير
لاءِ هڪ انتهائي ڪارگر وسيلو ثابت ٿي آهي ۽ سنڌي
افساني ۾ اها لياقت وڏي پايي تي پهتل آهي. ٻئي طرف
ادارو بلڪل آسانيءَ سان سڄي پرچي ۾ رڳو افسانا ئي
ڇپي پيش ڪري سگهي ٿو.
پر، جيئن مٿي ذڪر ٿيو، پڙهندڙن جي وسيع حلقي جي
پيش نظر، سڀني جي تقاضائن کي اڳيان رکڻ بهرحال
ضروري آهي. هونئن به ”نئين زندگي“ کي سنڌيءَ جي
بهترين افسانه نگارن جو تعاون حاصل آهي، ۽ انهن
جون اڪثر بهترين ڪهاڻيون ”نئين زندگي“کي پيش ڪرڻ
جو شرف حاصل آهي. جيتري قدر نون اديبن کي همٿائڻ
جو تعلق آهي، ”نئين زندگي“ هميشه انهيءَ اصول کي
اڳيان رکيو آهي ته جيستائين ڪنهن زبان ۾ نون اديبن
جي متواتر پيدائش نه ٿيندي رهندي، تيستائين انهيءَ
زبان ۽ ادب جي ترقيءَ جو ڪو مفهوم ئي نٿو رهي پر
ان ڏس ۾ اسان وٽ اڪثر لکڻيون اهڙيون ٿيون اچن،
جيڪي بنهه سيکڙاٽ دوستن جون هونديون آهن. اڪثر
اسڪولي يا ڪاليجي نوجوان، ابتدائي شوق واريون
لکيتون موڪلي، پوءِ ائين به حڪم ڪندا آهن ته اوهين
نون اديبن کي همٿائڻ خاطر، اهي ضرور شايع ڪندا.
پوءِ جڏهن اهي ضرور شايع نٿيون ٿين، تڏهن اهي
ڪرمفرما دوست اهو رايو ٿا رکن ته اوهين نون اديبن
جي همٿ شڪني ڪريو ٿا.
”نئين زندگي“ دراصل اسان ۽ اوهان، سڀني جو گڏيل
قومي رسالو آهي. هن ۾ قديم طرز جي بزرگن توڙي جديد
طرز جي نوجوانن جون تخليقون، ساڳئي اهتمام سان درج
ڪجن ٿيون. نومشق اديبن ۽ شاعرن کي به انهن ئي صفحن
۾ اسين پيش ڪندا رهون ٿا. البت جيڪي بنهه سيکڙاٽ
هجن، تن کي اسين اهو عرض ڪنداسين ته اهي پنهنجون
تخليقون پهرين ڪنهن فن جي ڄاڻوءَ کي ڏيکاري، اصلاح
ڪرائي، پوءِ موڪلين - ته جيئن ٻين سڀني پڙهندڙن
اڳيان اهي بنا هٻڪ جي پيش ڪري سگهن، ۽ اسان لاءِ
همت افزائي ڪرڻ جو موقعو بنجي.
اسان کي بهرحال، ”نئين زندگي“ جي سمورن وڏن توڙي
ننڍن، پراڻن توڙي نون بزرگن ۽ نوجوانن لاءِ جوڳو
احترام آهي، ۽ اسين سڀني پڙهندڙن توڙي لکندڙن جا
بيحد ٿورائتا آهيون جو اهي وقت بوقت پنهنجون
تخليقون، مشورا ۽ هدايتون اسان کي پهچائيندا رهن
ٿا. ”نئين زندگي“ جا صفحا سڀني لاءِ کليل آهن ۽
سڀني جي تعاون سان ان جو وجود قائم آهي. اميد ته
اسان جا پڙهندڙ توڙي لکندڙ هميشه پنهنجا ڀال
ڀلائيندا رهندا.
(”نئين زندگي“، اپريل 1969ع تان کنيل)
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 217 ورسيءَ جي
موقعي تي ”نئين زندگي“ جو هيءُ خاص پرچو، ”لطيف
نمبر“، بيحد عقيدت ۽ احترام سان، پڙهندڙن جي خدمت
۾ پيش ڪري رهيا آهيون. شاهه صاحب جي ڪلام ۽ پيغام
جي مختلف پاسن تي لکيل مقالا ۽ مضمون، ۽ مختلف
داستانن تي ٻَڌل ناٽڪ هن پرچي ۾ درج آهن. پرچي جا
صفحا به 64 مان وڏائي 88 ڪيا ويا آهن، پر قيمت
ساڳي رکي ويئي آهي. اميد ته پڙهندڙن وٽ قبوليت جو
شرف حاصل ٿيندو.
عظيم هستي هجڻ ڪري، شاهه صاحب جو ڪلام بيحد
گوناگون آهي. زبان توڙي مضمون جي لحاظ کان، اهو هڪ
ئي وقت تي آسان به آهي ته مشڪل به. منجهس تصوف ۽
فلسفي جا دقيق مرحلا خود آگاهه عارف جي مختلف قلمي
وارداتن ۽ ڪيفيتن جو مجموعو آهي. اِهوئي سبب آهي
جو ان ۾ ظاهري تضاد جي نوعيت نظر اچي ٿي، ۽ هر
ڪنهن پڙهندڙ ائين آهي، جيئن باغ ۾ جدا جدا رنگ،
روپ ۽ واس وارا گل ٿيندا آهن. پوءِ هر ڪنهن جو
پنهنجو پنهنجو ذوق ۽ ظرف آهي - ڪنهن کي گلاب وڻي
ته ڪنهن کي موتيو پر جيڪا راحت ۽ تراوت روح کي باغ
۾ ويهي محسوس ٿيندي آهي، سا دراصل آسپاس جي سموري
جنسار جي پيدا ڪيل مجموعي فضا جي ڪري. شاهه صاحب
شاعر به هو ته عارف به، محب وطن به هو ته انسان
دوست به - هو سڀڪجهه هو. ڪوئي کيس ڇا به سمجهي
پرهي، روح جي راحت ۽ تراوت ان کي ضرور محسوس
ٿيندي. نگاهه جي اِها وسعت ۽ اظهار جي اِها
گوناگوني ئي شاهه جي عظمت جو بنيادي باعث آهي.
دنيا جا ڪي به شاعر، انهيءَ ئي ڪري ساڻس ڀيٽ کائي
نٿا سگهن جو اُهي محدود آهن، هي لامحدود.
(”نئين زندگي“، مئي 1969ع تان کنيل)
”نئين زندگي“ جو هيءُ جون مهيني جو شمارو ”سيرت
النبي نمبر“ جي صورت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾
حضور پاڪ ﷺ جن جي زندگيءَ ۽ تعليم بابت مفيد مقالا
درج آهن. عقيدت ۽ احترام جي هيءَ حقير پيشڪش، اميد
ته بارگاهِ رسالت ۾ مقبول ۽ پڙهندڙن وٽ پسند
پوندي.
* پاڻ سڳورا ربيع الاول جي مبارڪ مهيني ۾، 12-
تاريخ تي تولد ٿيا، ۽ چاليهن سالن جي ڄمار ۾
خداوند ڪريم جي دين جي دعوت کي عام ڪيائون. ان کان
اڳ توڙي پوءِ، سندن سموري حياتي بيمثال گذري. دنيا
جا سمورا مدبر سندن اخلاقي ۽ روحاني عظمت ۽ مرتبي
جا معترف ۽ مداح آهن. سندن پاڪ سيرت ۽ تعليم جيئن
جاهليت جي دور واري انسان کي دڳ لاٿو، تيئن اها
هاڻوڪي انسان کي به ماڳ تي پهچائي سگهي ٿي -
بشرطيڪ ان تي عمل ڪجي ۽ علمي مونجهارن ۾ نه پئجي.
اسين انهن خريدان کان معذرت جا طالب آهيون، جن کي
فيبروريءَ ۽ مارچ جا پرچا دير سان مليا. ان جو سبب
سندن وي.پي. جي پئسن جو دير سان ملڻ هو. انڪري،
هيءَ ڳالهه اڳتي لاءِ سهوليت ڀري ٿيندي جو وي.پي
ڇڏائڻ بعد خريدار خود ئي ان جو اطلاع موڪلي ڏين ته
جيئن کين پرچي ملڻ ۾ ناغو نه پوي. اميد ته نون
خريدارن پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾، پراڻا خريدار ساڳيءَ
ريت پاڻ ملهائيندا. ادارو پنهنجن لکندڙن توڙي
پڙهندڙن جو هردم ٿورائتو آهي.
(”نئين زندگي“، جون 1969ع تان کنيل)
”نئين زندگي“ جو هيءُ جولاءِ مهيني جو شمارو،
”ترقيءَ لاءِ علاقائي تعاون“ جي پنجين سالگرهه جي
موقعي تي خاص پرچي جي صورت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون،
جنهن ۾ علاقائي تعاون هيٺ آيل ٽنهي ملڪن -
پاڪستان، ايران ۽ ترڪي - جي قديم تاريخي ۽ تهذيبي
لاڳاپن تي روشني وجهندي، ترقيءَ لاءِ سندن مشترڪ
جدوجهد ۽ حاصلات جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
اڄ کان پنج سال اڳ، 21- جولاءِ 1964ع تي، ترڪيءَ
جي تاريخي شهر استنبول ۾، انهن ٽنهي ڀائر ملڪن جي
وچ ۾ هڪ تاريخي معاهدو طئي ٿيو، جنهن موجب ٽنهي
ملڪن جي جدا جدا وسيلن کي گڏيل نموني ۾ استعمال
ڪندي، ترقيءَ جا مجموعي منصوبا ويچار هيٺ آندا
ويا. انهيءَ مقصد سان، ”ترقيءَ لاءِ علاقائي
تعاون“ واري اداري کي وجود ۾ آندو ويو، جنهن جي
متواتر ڪوشش سان، مختصر مدت اندر، ٽنهي ملڪن جي
عوام اڳيان تهذيبي، ثقافتي، روحاني ۽ نظرياتي هم
آهنگيءَ جا نوان ميدان کلي پيا آهن.
اڄ جي سائنسي زماني ۾، دنيا بيحد برق رفتاريءَ سان
ترقي ڪري رهي آهي، جنهن پوئتي پيل ۽ ترقي پذير
ملڪن لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجن
محدود وسيلن جي ڪري، اهي خاص ڪري اقتصادي ميدان ۾
دنيا جي ترقي يافته ملڪن سان ڊوڙ پڄائي نٿا سگهن.
انهيءَ ڪري ننڍن ملڪن کي وڏن ملڪن تي مدار رکڻو
پوي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ کين وڌيڪ اقتصادي، سياسي
۽ نظرياتي دٻاءَ هيٺ اچڻو پوي ٿو. ظاهر آهي ته
اهڙيءَ حالت ۾ ڪوبه ملڪ پنهنجي آزاديءَ ۽ وقار کي
قائم رکي نٿو سگهي.
انهيءَ ڪري، ترقي پذير ملڪن لاءِ فقط هڪڙو ئي ٻيو
طريقو ڪارگر ٿي سگهي ٿو ته اهي پنهنجي تهذيبي ۽
نظرياتي هم آهنگيءَ وارن ملڪن جي گڏيل برادريءَ جي
صورت ۾، هڪٻئي جي انفرادي وسيلن کي گڏي، اجتماعي
ترقيءَ جي راهه اختيار ڪن، ۽ ان ريت، هڪٻئي جي
تعاون سان، وقت جي برق رفتاريءَ جو مقابلو ڪن.
پاڪستان، ايران ۽ ترڪيءَ جو تعاون، انهيءَ ضرورت
جو نتيجو آهي. اهي ٽيئي ملڪ هڪٻئي سان تهذيبي ۽
نظرياتي طور صدين کان لاڳاپيل آهن، ۽ موجود زماني
۾ سندن اهو ترقيءَ لاءِ تعاون وارو قدم هڪ مثالي
شاهڪار ثابت ٿيو آهي. گذريل پنجن سالن ۾ ڪئين
ابتدائي منزلون طئي ئي چڪيون آهن ۽ مستقبل ۾ ٽنهي
ملڪن جي عوام جي خوشحاليءَ جي راهه بيحد روشن آهي.
جيڪڏهن دنيا جا ٻيا پوئتي پيل ملڪ به ان قسم جي
علاقائي وحدتن جي صورت اختيار ڪري وٺن، ته اها
ڳالهه يقيناً عالمي امن کي به وڏي هٿي ڏيندي،
ڇاڪاڻ ته ان نموني نه رڳو انهن ملڪن جا عوام
اقتصادي طرح مضبوط ۽ آسودا ٿيندا، بلڪ اهو ٻاهريون
دٻاءُ به مٿانئن لهي ويندو، جنهن دنيا ۾ انيڪ
بدامنيون پيدا ڪري وڌيون آهن.
(”نئين زندگي“، جولاءِ 1969ع تان کنيل)
”نئين زندگي“جو هيءُ خاص پرچو ”آزادي نمبر“
جي صورت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ پلاسيءَ کان
پاڪستان تائين، انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ جي ٻن
صدين جي تاريخ مضمونن، دستاويزن ۽ تصويرن ذريعي
درج ڪئي ويئي آهي. صفحا به ضرورت آهر وڌائي، 64
مان 100 ڪيا ويا آهن، ۽ قيمت ساڳي رکي ويئي آهي.
اميد ته پڙهندڙن کي هيءُ پرچو پسند ايندو.
22
سال اڳ، اسين جن حالتن ۾ انگريزن جي غلاميءَ مان
آزاد ٿياسين، تن شروع ۾ ئي قوم کان وڏين قربانين
جي تقاضا ڪئي. هونئن به آزادي حاصل ڪرڻ کان
آزاديءَ کي برقرار رکڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. وري هڪ
بنهه نئين ملڪ جي تعمير ڪرڻ، سو ته ذري گهٽ ناممڪن
کي ممڪن بنائڻو آهي. اهوئي سبب آهي جو شروع ۾
پاڪستان جي قائم رهي سگهڻ بابت ڪئين انومان ۽
انديشا پيدا ٿيا، ۽ گهڻن ئي معتبرن جو خيال هو ته
هي ملڪ هلي نه سگهندو. پر اڄ اها شڪ شبهي واري
صورتحال نه رهي آهي ۽ پاڪستان نه رڳو پنهنجي وجود
کي سلامت رکيو آهي، بلڪ دنيا جي ملڪن ۾ پنهنجي
اهميت به پيدا ڪئي آهي. اهو سڀڪجهه اسان جي قوم جي
حوصلي، تدبر، قربانيءَ جي جذبي ۽ ترقيءَ جي اُمنگن
جو نتيجو آهي. ٻاويهن سالن اندر، قوم جي مزاج ۽
ملڪ جي صورتحال ۾ زمين آسمان جو فرق اچي ويو آهي،
يقين ۽ اعتماد جي خوشگوار فضا قائم ٿي چڪي آهي.
ترقيءَ جون ڪئين منزلون تيزيءَ سان طئي ڪري، ملڪ
پنهنجي مستقبل جي گس تي هلڻ لڳو آهي.
بيشڪ، اسان جو ڪم اڃا ابتدائي ۽ دنيا جي ٻين آزاد
۽ ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ سرخرو ٿي بيهڻ لاءِ
اسان کي اڃا گهڻو پاڻ پتوڙڻو آهي. ان لاءِ قوم کي
ايتري ئي محنت ۽ قرباني اڃا به ڪرڻي پوندي.
سُستيءَ ۽ پَستيءَ جي ذهنيت کي ختم ڪري، اجتماعي
انداز ۾، جيڪڏهن عمل، خلوص ۽ اعتماد سان ڪم ڪيو
وڃي ته ملڪ جلد ۽ آسانيءَ سان اڏجي ويندو. آزادي
حاصل ڪرڻ کان پوءِ، آزاديءَ جي رکواليءَ ۽ ملڪ جي
خوشحاليءَ جي جنگ اڻٽر آهي. اها جنگ اسان کي
پنهنجو پاڻ سان لڙڻي آهي - پنهنجي عمل ۽ ڪردار کي
سڌارڻ ذريعي ۽ پنهنجي ملڪ جي پُرخلوص خدمت ذريعي ۽
هر فرد کي ان ۾ پاڻ ملهائڻو آهي.
”نئين
زندگي“ جي وي.پي وارن خريدارن وٽان اڪثر اها شڪايت
ايندي رهي ٿي ته کين پهرئين کان پوءِ هڪ يا وڌيڪ
پرچا ترت نه مليا آهن، يا بنهه نه مليا آهن. اسين
ان بابت اڳي به ’حال احوال‘ ۾ پنهنجي صلاح پيش ڪري
چڪا آهيون. اول ته هزارن ۾ سؤ- پنجاهه شڪايتون
ضرور پيدا ٿيڻيون آهن. پوءِ ٽپال وارن جي ڪوتاهي
هجي يا اسان جي پر ان جو اصل ڪارڻ اهو ڏٺو ويو آهي
ته وي.پي ڇڏائڻ کان پوءِ، خريدار وٽان دير مدار
سان ملي ٿي. ان وچ ۾ اسان وٽ جنهن صورت ۾ اهو چندو
دفتر داخل نه ٿيو آهي، تنهن صورت ۾ ٻئي شايع ٿي
ويل پرچي موڪلڻ جو سبب ڪونهي. ان لاءِ اسان اڳي به
گذارش ڪئي هئي ته جيئن ئي خريدار وي.پي وصول ڪري،
اسان کي ان جو اطلاع ڪارڊ لکي ڏيئي ڇڏي. پوءِ
جيستائين سندس پئسا پهچن، سندس انهيءَ اطلاع جي
آڌار تي پرچو جاري ڪيو ويندو.
اسان
جا مهربان خريدار اميد ته اها تڪليف ضروري سمجهي
ڪندا، جيئن کين پرچي ملڻ ۾ ناغو نه پوي.
(”نئين زندگي“، آگسٽ 1969ع تان کنيل)
1969ع
جي سيپٽمبر واريءَ پاڪ- ڀارت جنگ دوران پاڪستان جي
فوج توڙي عوام جنهن حوصلي ۽ قربانيءَ جو مظاهرو
ڪيو، سو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. ان سان نه رڳو دنيا ۾
ملڪ جو ناماچار وڌيو، بلڪ عوام کي به پنهنجي اتحاد
۽ ايثار جي طاقت جو اعتماد حاصل ٿيو. جنگ ڪرڻ
هونئن ڪا چڱي ڳالهه ڪانه آهي، بلڪ دنيا جو هرڪو
خداترس ۽ انسان ذات جو خيرخواهه هميشه امن ۽ عافيت
جو ڪانکي رهي ٿو. جنگ جي ڪري ملڪن جي اقتصادي حالت
بگڙيو پوي، جنهنڪري ترقيءَ جي وسيلن ۽ رٿائن کي
زبردست هاڃو رهي ٿو. خاص ڪري ايشيا ۽ آفريقا جي
ترقي پذير ملڪن کي امن واري ماحول جي مستقل ضرورت
آهي. پاڪستان جي پرڏيهي نيتي، ان ڪري، دنيا جي
سڀني ملڪن سان دوستيءَ جي ناتن تي استوار رهي آهي.
هن پنهنجي مڙني پاڙيسري ملڪن سان ڀائيچاري جو سلوڪ
روا رکيو آهي. انهن حالتن ۾ ڀارت جو پنهنجي
پاڙيسري ملڪ پاڪستان سان خصومت رکڻ ۽ فوجي اڳرائي
ڪرڻ، سان ڪا سياڻپ ڀري ڳالهه ڪانه چئبي. سيپٽمبر
جنگ دوران، پاڪستاني فوجن جي برتري ۽ پاڪستاني
عوام جي امن دوستيءَ جي ساک دنيا ۾ قائم ٿي ۽ جيڪي
اتحاد، ايثار ۽ قربانيءَ جا مثال قائم ٿيا، تن
پاڪستان جو هڪ مجموعي قومي ڪردار وضع ڪري ڇڏيو
آهي.
اسان جي هر فرد کي انهن اخلاقي وصفن کي پنهنجي
قومي ڪردار ۽ دائمي بنائڻو آهي، ته جيئن اسين دنيا
جي عالمي امن لاءِ پنهنجو شايانِ شان ڪردار ادا
ڪري سگهون. اسان جا اديب ۽ شاعر ان ڏس ۾ گهڻو ڪجهه
ڪري سگهن ٿا. کين ملڪ جي سماجي، اقتصادي ۽ اخلاقي
حالتن کي سڌارڻ لاءِ وڏي پيماني تي قلمي جهاد جاري
ڪرڻ کپي. جيڪي ڳالهيون قوم جي حوصلن کي پست ڪن، يا
بزدلي، مونجهارو ۽ وسوسو پيدا ڪن، تن کي قلم جي
زور سان دور ڪرڻ کپي. ماڻهو تعليم ڏانهن راغب ٿين،
ملڪ جي ڪاروبار ۾ حصو وٺن، ڏکين حالتن جو مقابلو
ڪن، زماني جي نئين ڍنگ سان قدم ملائي هلن، هر قسم
جي بدعت ۽ ضعيف الاعتقاديءَ کان آجا ٿين، ذهني طور
بلند بنجن، ۽ منجهن اعتماد ۽ حوصلي جون خوبيون
پيدا ٿين، تنهن لاءِ قلم جو جهاد توب ۽ ترار جي
جها دکان وڌيڪ آهي. پنهنجي ديس جي سربلنديءَ ۽ ان
جي آزاديءَ جي حفاظت جو اِهو اندروني محاذ آهي،
جنهن کي مضبوط بنائڻ لاءِ اسان جا قلمڪار پنهنجو
ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
گذريل
19- جولاءِ تي مولانا حاجي احمد ملاح اسان کان
موڪلائي ويو - اِنا لله و اِنا اليہ راجعون. هو
وڏي پايي جو عالم ۽ شاعر هو. سندس ديني خدمتن جو
وڏو پس منظر آهي ۽ شاعريءَ ۾ هو پنهنجي طرز جو
واحد بزرگ هو. رب پاڪ مرحوم کي مرهي، ۽ سندس
فرزندن، دوستن ۽ عقيدتمندن کي صبرجي توفيق عطا
فرمائي. ايندڙ شمارن ۾ اسين مرحوم جي سوانح ۽ ڪلام
بابت مقالا پيش ڪنداسين.
(”نئين زندگي“، سيپٽمبر 1969ع تان کنيل)
”نئين زندگي“ جي پڙهندڙن ۽ خريدارن کي وچ ۾ اها
شڪايت هئي ته رسالو سٺي پني تي نٿو ڇپجي. گذريل
جولاءِ واري پرچي کان اسين ان جو تدارڪ ڪري چڪا
آهيون ۽ رسالو هاڻي عمدي اڇي ڪاغذ تي، وقت جي
پابنديءَ سان ڇپجي رهيو آهي. رسالي جي رنگ روپ کي
سڌارڻ لاءِ به اسان جيڪا ڪوشش ورتي آهي، سا
پهرينءَ ئي نظر سان معلوم ٿيندي. اسين اڃا به
رسالي کي سينگارڻ جا نوان طريقا تلاش ڪندا
رهنداسين، جيئن اهو مڪمل طرح روح جي تسڪين بنجي
پوي.
جيتري قدر مواد جو تعلق آهي، اسين گذريل پنجن ئي
مهينن جا پرچا، خاص موضوعن تي، خاص نمبرن جي صورت
۾ پيش ڪري چڪا آهيون: لطيف نمبر (مئي 1969ع)، سيرت
النبي ﷺ نمبر (جون 1969ع)، ”ترقيءَ لاءِ علاقائي
تعاون نمبر“ (جولاءِ 1969ع)، پاڪستان نمبر (آگسٽ
1969ع) ۽ ”سيپٽمبر- جنگ نمبر“ (سيپٽمبر 1969ع).
پهرين چئن مهينن ۾ به ٻه خاص نمبر ڏنا ويا: لطف
الله بدويءَ جي ياد ۾، جنوري 1969ع جو پرچو، ۽
”پاڪستان- ڏينهن“ جي يادگار طور، مارچ 1969ع جو
پرچو. ان طرح دستوري ضخامت کان مٿي، هيستائين 78
صفحن جو مواد وڌيڪ پيش ڪري چڪا آهيون، جيڪو 64
صفحن جي هڪ دستوري پرچي کان به مٿي آهي. عنقريب
اسين ”نئين زندگي“ جو ”عوام نمبر“ پيش ڪري رهيا
آهيون، جنهن ۾ پاڪستان جي مڙني علائقن جي عوامي
زندگيءَ جو باتصوير مطالعو هوندو. جيڪڏهن وقت
اجازت ڏني ته اهو نمبر ڪافي ضخامت سان ڪڍي سگهبو.
اسان کي هر وقت اهو احساس آهي ته سنڌيءَ ۾ علمي ۽
ادبي رسالن جا اڻهوند آهي ۽ انهيءَ ئي ڪري اسين
پنهنجي سر ”نئين زندگي“ تي وڏي جوابداري سمجهون
ٿا. سڀني عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي بهترين تخليقن
کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ، هر طبقي ۽ خيال جي پڙهندڙن
جي تقاضائن کي مناسب اهميت سان ڌيان ۾ رکندي،
ٻهراڙيءَ جي گهٽ- پڙهيل پڙهندڙن، علمي ۽ ادبي
حلقن، سنڌي ادب جي شاگردن، عورتن ۽ بزرگن، مڙني جي
ذوق ۽ ضرورت کي هر پرچي ۾ سمائڻو آهي. اهو هڪ اهم
۽ مقصدي ڪم آهي، جنهن جي پورائيءَ ۾ جتي اسان جا
ليکڪ پنهنجو حصو ادا ڪري سگهن ٿا، اتي اسان جا
پڙهندڙن کي به پاڻ ملهائڻو آهي.
”نئين زندگي“ جو هر پڙهندڙ اسان کي پنهنجن مشورن
سان مدد ڪري سگهي ٿو، ۽ تنهن سان گڏ جيڪڏهن هرڪو
پڙهندڙ رڳو هڪ هڪ خريدار وڌائي ڏئي، ته اها سنڌي
ادب ۽ زبان جي وڏي خدمت ٿيندي.
(”نئين زندگي“، آڪٽوبر 1969ع تان کنيل)
چڱي ڪم لاءِ چوندا آهن ته اڄ ئي ڪجي، سڀان تي نه
ڇڏجي. وري ائين به چيو اٿن ته جيتري دير، اوترو
خير. اِهي ٻيئي قول تمام تجربي وارا ۽ پنهنجيءَ
پنهنجيءَ جاءِ تي صحيح آهن. پهرئين ۾، حياتيءَ کي
بقا ڪانهي، تنهنڪري اُڪلاءَ جي خاطري آهي؛ ۽ ٻئي ۾
وري اها خوبي آهي ته ڪم خاطريءَ جوڳو ٿيندو.
گذريل پرچي ۾ اسان عنقريب ”عوام نمبر“
شايع ڪرڻ جي پڌرائي ڪئي هئي. اسان کي ان وقت اصل ۾
اهو ارادو هو ته سالنامي طور، ايندڙ جنوري 1970ع
جو پرچو ”عوام نمبر“ ڪري ڪڍجي. ان ريت اسان کي ٽن
مهينن جي خاصي مهلت هئي.
”عوام نمبر“ ۾ سڄي پاڪستان جي عوامي زندگيءَ جو
جائزو ڏيڻو هو، ۽ ايڏي ساري ڪم کي سرانجام ڪري
سگهڻ لاءِ اِهو ٽن مهينن جو عرصو ته گهرجي ئي ها
پر ترت ئي جڏهن عملي طرح ڪم جي ابتدا کي ورتوسون،
تڏهن ائين سمجهه ۾ آيو ته اهو ايڏو ته گوناگون
موضوع آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت ”نئين زندگيءَ“ جي
ڪنهن هڪ ئي پرچي ۾ سموئڻ ناممڪن ٿيندو: اسان جي
عوامي زندگيءَ جا ايڏا ته انيڪ روپ آهن، جن کي
ڏيکارڻ لاءِ هڪ وڏي باغ لڳائڻ جي ضرورت آهي، ڪنهن
گلدستي ۾ مڙني گلن جو ماپجڻ محال آهي. سو، جڏهن
صورتحال اها وڃي بيٺي، تڏهن چيوسين ته اڄ ئي ڪجي،
سڀان تي نه ڇڏجي. لکندڙن جي مهرباني آهي، جن فقط
ٻن هفتن اندر قيمتي مواد مهيا ڪيو ۽ ان ريت اسين
هيءُ خاص پرچو، ”عوام نمبر“ وڌيڪ صفحن ۽ وڌيڪ
تصويرن سان، فقط هڪ مهيني جي دستوري مهلت اندر
ڇپائي شايع ڪري سگهيا آهيون. ڪي مضمون البت دير
سان پهتا، تن لاءِ اسين معافي ٿا گهرون.
سڄي پاڪستان جي عوامي زندگيءَ جي سمورن پاسن کي
پيش ڪرڻ ممڪن نه ڏسي، اسان مختلف علائقن لاءِ اهڙا
عنوان چونڊيا آهن، جن جي وسيلي اتي جي رهڻيءَ
ڪهڻيءَ جا خاص الخاص ۽ گهڻي کان گهڻا پاسا - لباس
۽ کاڌو، رسمون ۽ رواج، راڳ ۽ ساز، شعر ۽ ادب،
وغيره - سندن تاريخ ۽ طبعي ماحول جي پس منظر سان
يڪجا ڪري سگهجن، ۽ ساڳئي وقت انهن کي ادبي حيثيت
به ڏيئي سگهجي.
اميد ته هيءُ پرچو نه رڳو پاڪستان جي مختلف هنڌن ۽
حصن جي روزمرهه زندگيءَ جي مطالعي لاءِ مفيد ثابت
ٿيندو، بلڪ اسان جن ليکڪن، مصنفن ۽ ادارن لاءِ هڪ
خاڪي جو ڪم به ڏيندو، جنهن موجب اسين پنهنجي آسپاس
جي عام زندگيءَ کي وڏي پيماني تي، مڪمل تصنيفن جي
صورت ۾ قلمبند ڪري سگهون ٿا.
تهذيب يا ثقافت جو شان ڪنهن به ريت ڦٽل دڙن ۽
کنڊرن ۾ نه آهي، بلڪ اهي به پنهنجي زماني جي عام
زندگيءَ جو نشان ئي آهن، جيڪي انسان جي تمدني
ترقيءَ جي تاريخي سلسلن کي ڳنڍين ٿا ۽ انهيءَ ڪري
اسان لاءِ اهم ۽ قيمتي آهن. موهن جي دڙ: جي ماڻهن
جي رهڻي ڪرڻي، هنر ۽ سماجي سمجهه جي ڄاڻ فقط کوٽيل
کنڊرن مان ملي ٿي. پر اڄ جي وسيع وسيلن واري زماني
۾ ڪتابن، ڪئميرائن، ٽيپ رڪارڊن، فلمن ۽ مصوريءَ
ذريعي، مڙني منظرن، معلوماتن، سين، صورتن ۽ آوازن
کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ يا
سنڌالاجي اداري کي انهيءَ مهم لاءِ هڪ عظيم ميوزيم
جو پايو وجهڻ کپي. مٿان جدت جي تيز تبديلين ۾،
ڪڏهن اڄ جي صورتحال به موهن جي دڙي واريءَ ٻوليءَ
جو مثال نه بنجي پوي!
(”نئين زندگي“، نومبر 1969ع تان کنيل)
ڊسمبر جو هيءُ خاص پرچو، هلندڙ سال جو آخري پرچو
آهي. ان ريت، ”نئين زندگي“ پنهنجي سفر جا ٻاويهه
سال خير سان پورا ڪيا. ڪيتريون ئي ڪٺن منزلون
گذاري، ”نئين زندگيءَ“ جنهن نموني پنهنجو ايترو
طويل سفر جاري رکيو آهي، سو سنڌي ادب ۾ اڪيلو مثال
آهي ۽ ان جو سهرو اسان جن لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي سر
تي آهي. گذريل سال دوران، مواد ۽ ڇپائيءَ جي معيار
۽ طريقي کي بهتر بنائڻ لاءِ اداري پنهنجي وس آهر
ڪوشش ورتي آهي. هر طبقي ۽ خيال جي اديبن کي پيش
ڪندي، بهتر ادبي فضا پيدا ڪرڻ ۽ لکندڙن لاءِ عام
مرڪز مهيا ڪرڻ جو مقصد هر وقت نظر ۾ رکيو ويو آهي.
ڪيترائي ضخيم ۽ خاص نمبر شايع ڪيا ويا آهن. ڪاغذ
بدلائي اُوچو ۽ ٽائيپ نئين ڪئي ويئي آهي. ٻاهرئين
ڪوَر کي وڌيڪ رنگين ۽ وڻندڙ بنائي، تصويرن جو حسن
۽ تعداد وڌايو ويو آهي. جديد ادب کي سهيڙڻ جي ڏس
۾، ”بهترين سنڌي ادب“ جي سلسلي هيٺ، پهريون ڪتاب،
”چونڊ افسانن جو مجموعو“ پڻ شايع ڪيو ويو آهي. اهو
سڀڪجهه ”نئين زندگي“ جي ڪرمفرما ليکڪن ۽ پڙهندڙن
جي مدد ۽ مشورن جو نتيجو آهي. سندن انهيءَ همت
افزائيءَ جي بنياد تي، اسين ”نئين زندگيءَ“ جو
ايندڙ جنوري 1970ع وارو پرچو، ”نئين سال جي تحفي
طور، ”ڪهاڻي نمبر“
جي صورت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. انهيءَ خاص نمبر
۾، سنڌيءَ جي چونڊ ڪهاڻين سان گڏ، پاڪستان جي ٻين
ٻولين - اردو، بنگالي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتو - جون
ڪهاڻيون، ۽ ڪهاڻيءَ جي اوسر ۽ فن بابت مفيد مقالا
هوندا. ساڳئي وقت، مارچ 1970ع جي ”پاڪستان ڏينهن“
جي خاص نمبر ۾، اسين جديد شاعريءَ بابت خاص مقالا
۽ جديد شاعرن جي ڪلام جو انتخاب پيش ڪنداسين.
”بهترين سنڌي ادب“ جي سلسلي هيٺ، افسانن کان پوءِ،
سنڌي ناٽڪن جو مجموعو به ترتيب هيٺ آهي. اميد ته
اسان جا پڙهندڙ توڙي لکندڙ، پنهنجي قرب ۽ تعاون
سان اداري کي ائين ئي نوازيندا رهندا.
25-
ڊسمبر تي، پاڪستاني قوم جي ابي، قائداعظم محمد علي
جناح جي جنم ورسي آهي. کيس عقيدت جو خراج پيش ڪرڻ
لاءِ، سندس ڪردار ۽ ڪارنامن، اصولن ۽ مقصدن تي
روشني وجهندر مقالن تي مشتمل، هڪ خاص حصو هن شماري
۾ مخصوص ڪيو ويو آهي. قائداعظم تي هن سرزمين کي
هميشه فخر رهندو، جنهن نه رڳو ڪروڙين انسانن کي
آزادي ڏياري، بلڪ پنهنجي دورانديشيءَ ۽ تدبر وسيلي
هڪ نئين ملڪ جي آئنده تعمير جو طريقو ۽ وضع ڪري
ڇڏيو. هن پاڪستان کي امن ۽ انصاف جي سرزمين بنائڻ
جي سماجي، تهذيبي، ثقافتي ۽ روحاني قدرن جي پرورش
۽ ترقيءَ جو گهوارو هجي. قائداعظم جي شخصيت
پاڪستاني عوام لاءِ هڪ اهڙو اجتماعي ۽ مرڪزي نشان
آهي، جنهن ۾ ٻين سڀني شخصيتن جو شان سمائجيو وڃي.
سندس تلقين ۽ تعليم اسان وٽ موجود آهي، جنهن جي
بنياد تي پاڪستان جي تعمير ٿيڻ گهرجي. هرهڪ فرد
کي، ان ڪري قائداعظم جي ڪردار، اصولن ۽ مقصدن جو
اڀياس ڪرڻ کپي، ته جيئن ملڪ جي نئين تعمير صحيح
بنيادن تي ڪري سگهجي.
گذريل
ڪافي سالن کان، ملڪ جي هر شعبي ۾ زبردست اُٿل پُٿل
ٿي رهي آهي، جنهن اسان جي ادبي دنيا کي به گهڻو
متاثر ڪيو آهي. آسپاس جي اوچتين، تيز ۽ غير يقيني
حالتن هيٺ، اڪثر ڪري ادب جو تخليقي رُخ برقرار رهي
نه سگهندو آهي. ظاهر آهي ته اها ڳالهه ادب لاءِ
مڪمل موت آهي. سنڌي ادب ۾ اهڙائي انديشا اُپڙي
رهيا هئا. بيشڪ، اسان جن سڄاڻ ۽ سجاڳ اديبن نه رڳو
حالتن جي دٻاءَ کي روڪيو، بلڪ انهن کي ختم ڪرڻ
لاءِ پاڻ ملهايو. تنهن هوندي به، ماحول بيحد مخدوش
رهيو ۽ اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اسان جي تخليقي
سرگرمين کي خاصو نقصان پهتو آهي. شڪر آهي جو اهي
سمورا انديشا ۽ خدشا اڃا اڳتي نه وڌيا ۽ اسين
پنهنجي خطرناڪ ۽ ڊگهي سفر ۾، هڪ بيحد ڀيانڪ ۽
گجگاهه جهنگ لتاڙي، کُليءَ ۽ ڪشاديءَ فضا ۾ پهچي
آيا آهيون، جتي ٿڌي ۽ سُرهي ساوڪ ۽ گلزاري آهي ۽
سامهون نئين صبح جي پرهه ڦُٽي رهي آهي. يقيناً،
نيون حالتون اسان جي قوم، ملڪ ۽ ادب لاءِ مفيد
ثابت ٿينديون. اسان لاءِ ضروري ٿيندو ته پنهنجن
تجربن، نتيجن ۽ نقصانن جو جائزو وٺي، نئين عزم ۽
حوصلي سان، تعمير ۽ ترقيءَ جا ميدان سر ڪريون. ان
لاءِ هيءَ ڳالهه بيحد بنيادي آهي ته اسين گذريل
مونجهاري، انتشار ۽ نفاق کي پري هٽائي، اتحاد،
خلوص ۽ خدمت جي واٽ وٺون. ان ڏس ۾، اسان جن اديبن
کي وڏو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. رواداري، امن ۽
انسانيت - اهي هن سرزمين جون بنيادي وصفون، اسان
جن بزرگن جو دائمي پيغام ۽ تخليقي ڪارنامن جو
بهترين سرچشمو آهن. اميد ته اسان جا عالم، اديب ۽
شاعر، سڀ ويڇا وساري، سنڌي ادب ۽ زبان کي سرخرو
ڪندا.
آڪٽوبر
جي”حال احوال“۾ اسان ”نئين زندگي“
جي خريدارن وڌائڻ لاءِ جيڪا گذارش ڪئي هئي، تنهن
جو نتيجو اطمينان بخش نڪري رهيو آهي. ”نئين زندگي“
جي پراڻن خريدارن، همت ڪري، ڪيترائي نوان خريدار
پيدا ڪري ڏنا آهن. ان طرح،
”نئين زندگي“ ڪيترن ئي نون هٿن تائين پهتي آهي ۽
اهو سلسلو اڃا جاري آهي. سچ پچ، جيڪڏهن هرڪو
پڙهندڙ رڳو هڪ هڪ نئون خريدار پيدا ڪري وجهي، ته
تمام جلد ۽ آسانيءَ سان ”نئين زندگي“ جي پڙهندڙن
جو تعداد ٻيڻو ٿي سگهي ٿو. انهيءَ مهم ۾ اسان جا
اسڪول، ڪاليج ۽ بنيادي جمهوريت جا ادارا ڪافي ڪم
ڪري سگهن ٿا. يقيناً، اسان جي اها خواهش آهي ته
”نئين زندگي“ هر اسڪول، ڪاليج ۽ بنيادي جمهوريت جي
لائبريرين ۽ مڙني تعليم يافته گهرن تائين پهچي.
”نئين زندگي“ هرهڪ سنڌي پڙهندڙ جو پنهنجو رسالو
آهي، ۽ ان کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ سان سڀني جو گڏيل فرض
آهي. اميد ته اسان جا مهربان پڙهندڙ توڙي لکندڙ،
نئين سال ۾، ان جي معيار کي وڌائڻ ۽ جي پڙهندڙن جي
حلقي کي وسيع بنائڻ جي ڏس ۾ وڌيڪ پاڻ
ملهائيندا.آخر ۾، ادارو سڀني ليکڪن ۽ پڙهندڙن جو
گهڻي قدر ٿورائتو آهي، جن جي مدد ۽ مشوري سان
”نئين زندگي“ پنهنجا ٻاويهه سال ڪاميابيءَ سان
پورا ڪيا آهن.(”نئين
زندگي“، ڊسمبر 1969ع تان کنيل)
نئون سال مبارڪ!
جنوريءَ جي هن ”ڪهاڻي نمبر“ سان، ”نئين زندگي“
پنهنجي اشاعت جي ٽيويهن سال ۾ پير پائي رهي آهي.
حالتن پٽاندر، اهو سال سنڌي ادب لاءِ مجموعي طرح
مفيد ۽ پُراُميد نظر اچي ٿو. عنقريب ڪيترا نوان
ادبي ۽ اشاعتي ادارا، اخبارون ۽ رسالا ميدان ۾ اچي
رهيا آهن. ان ريت ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو خوب
چهچٽو ٿيندو. ملڪ ۾ چونڊن جي مهم به هن مهيني کان
شروع ٿي چڪي آهي، جنهن موجب پاڪستان جو عوام
پهريون ڀيرو بالغن جي ووٽ جي بنياد تي آئين ساز
اسيمبليءَ لاءِ پنهنجا عيوضي چونڊيندو. سڀ کان وڏي
ڳالهه جيڪا هن سال ۾ ٿيڻي آهي، سا آهي اولهه
پاڪستان جي گڏيل انتظام واري سرشتي جو ٽٽڻ، يعني
ون يونٽ جو خاتمو ۽ لساني ۽ ثقافتي وحدتن جو نئين
سر وجود ۾ اچڻ. اِهي سڀ ڳالهيون بيحد همٿائيندڙ
آهن ۽ مستقبل تي انهن جو ايڏو ته بنيادي اثر پوڻو
آهي جو سموريءَ تاريخ جو رخ ئي بدلجي ويندو. ايڏن
دور رس نتيجن کي نظر ۾ رکندي، ملڪ جي هرهڪ فرد کي
سخت جوابداريءَ جي هلت اختيار ڪرڻي پوندي. خاص طرح
عالمن، اديبن، شاعرن، صحافين، استادن، شاگردن ۽
دانشورن تي آئندي جي صحيح تعمير جي سموري جوابداري
عائد ٿئي ٿي، ڇو ته اهي عوام جي ڏک سک کي سمجهڻ ۽
سانڍڻ وارا، سندن بهتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ سوچڻ ۽
ڪرڻ وارا، ۽ ذهني ۽ سماجي طور مٿن سڌيءَ طرح اثر
رکڻ وارا آهن.
ضروري آهي ته عوام جي اعتماد کي مقدس سمجهندي،
عارضي ۽ جذباتي بنياد بجاءِ، هو کين دائمي ۽ عملي
بنيادن تي منظم ڪن. ملڪ جي اڏاوت جو مسئلو، جڳهه
جي اڏاوت کان مختلف ڪونهي. البت گهڻو مشڪل آهي.
شروعاتي رٿابندي، بنياد جي سنوت ۽ پختگي، مال جي
عمدگي، ۽ هنرمند جو هٿ: انهن جي ڀيٽ ۾، رنگن، پڙدن
۽ تصويرن جا سينگار ته سدائين پيا بدلبا آهن. ملڪن
جي تعمير، ان ڪري، ذاتي پسند ۽ ناپسند کان بلند،
اجتماعي بهبوديءَ جو، بيحد تدبر ۽ جوابداريءَ جو
ڪم آهي. ان لاءِ اتفاق، خلوص ۽ خدمت جو جذبو درڪار
آهي. نئون سال جتي اسان لاءِ نين اميدن جو پيغام
کڻي آيو آهي، اتي اسان لاءِ ڪي نازڪ آزمائشون به
آنديون اٿس. لطيف جي لفظن ۾،
بندر جان ڀَئي، ته سُکاڻيا م سُمهو،
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جئن ماٽيءَ منجهه مَهي،
ايڏو سُور سَهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!
سو، هيءُ بيداريءَ جو، بيحد باخبر رهڻ جو وقفو
آهي. پندرهن سالن جو هڪ طويل ۽ طوفاني سفر طئي
ڪري، پنهنجي غاريبي غوراب کي ڪُنن ۽ مانگرن جي
منهن مان ڪڍندا، اچي پُور بندر پهتا آهيون. ڪنڌي
ڏسجي پيئي، پر اڃا ڪا وڇوٽي اٿس. متان ڪو مَتو مَڇ
مورڙي جو وير وٺڻ لاءِ ويٺو هجي! پوءِ ته سڄي کيپ
ئي ڇُٽي! خود صدر يحيٰ جي لفظن ۾:
”اسان مان هر ڪنهن کي انهيءَ حقيقت جو احساس هئڻ
گهرجي، ۽ سنجيدگيءَ، حقيقت پسنديءَ ۽ حب الوطنيءَ
کان ڪم وٺڻ گهرجي.“
5- آڪٽوبر 1970ع تي ملڪ جي عام چونڊن ٿيڻ جو اعلان
ٿي چڪو آهي. صدر يحيٰ خان نه رڳو ملڪ جي انهن مڙني
مسئلن کي عوام جي اجتماعي گهُر ۽ پسنديءَ موجب حل
ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي گذريل پندرهن سالن کان ملڪ ۾
ڏڦيڙ جو سبب بڻجي رهيا هئا. جن ۾ ون يونٽ جو مسئلو
به شامل آهي. بلڪ ملڪ لاءِ جمهوري بنياد مهيا ڪرڻ
لاءِ هن عام چونڊن جو مڪمل پروگرام ۽ آئين سازيءَ
جو طريقو به واضح ڪري ڏنو آهي. چونڊن کان پوءِ،
اسيمبليءَ جي پهرئين اجلاس کان 120 ڏينهن اندر
آئين تيار ڪرڻ جو خيال، قوم لاءِ وڏي يقين ۽
اعتماد جو سبب آهي. ڪنهن به ريت چونڊن ۾ دير يا گڙ
ٻڙ جو انديشو نه ٿئي، تنهن لاءِ صدر موصوف تازو
مارشل لا ريگيوليشن نمبر 60 نافذ ڪري، چونڊن لاءِ
اخلاقي ضابطو وجود ۾ آندو آهي. ان سان جمهوري قدرن
جي حفاظت ٿيندي ۽ هر ڪنهن جماعت يا اميدوار کي
اطمينان سان عوام اڳيان پيش ٿيڻ جو موقعو ملندو.
حڪومت سڀني اخبارن کي بنا هٻڪ راءِ جي اظهار جي
آزادي ڏيئي ڇڏي آهي ۽ نين اخبارن ۽ رسالن جي اشاعت
تي هاڻي اها روڪ نه رهي آهي. تعليمي، ادبي ۽
ثقافتي سرگرمين کي هر طرح همٿايو پيو وڃي. اهي
ڳالهيون پاڪستان جي ماڻهن جي وچ ۾ وير ۽ ويڇي کي
صاف ڪري ڇڏينديون. عنقريب ملڪ کي نئون انتظامي
سرشتو ۽ نئون آئين ملندو ۽ اجتماعي تعمير جي نئين
سفر جو آغاز ٿيندو. انهيءَ دوران، هر فرد تي لازم
آهي ته ايڏي عظيم مقصد کي ماڻڻ لاءِ، ملڪ جي
موجوده سازگار ماحول کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري.
دانشور طبقي تي سردست اها ڳري جوابداري آهي ته
عوام ۾ جمهوري ۽ اخلاقي قدرن جي نگراني ڪري،
جيستائين لساني وحدتون وري وجود ۾ اچن، عوام جا
عيوضي چونڊجن، اسيمبليون ڪم ڪرڻ لڳن، ۽ ملڪ کي ڪو
آئين نصيب ٿئي. اها فقط چند مهينن جي وڇوٽي آهي،
تنهنڪري بيحد نازڪ آهي!
”ڪهاڻي نمبر“ لاءِ اسان جيئن اعلان ڪيو هو، تيئن
ڪري نه سگهيا آهيون. ان جو سبب وقت سان پهچي نه
سگهڻ آهي. چوندا آن، ”بندي جي من ۾ هڪڙي، ڌڻيءَ جي
من ۾ ٻي.“ ڊسمبر جو گذريل پرچو البت تاخير سان
ڪڍڻو پيو هو، تنهنڪري هن پرچي لاءِ وقت اڳي ئي گهٽ
هو. ٻيو وري، اوچتو، هڪٻئي پٺيان اسان جا ٻه آرٽسٽ
بيمار ٿي پيا، تنهنڪري هن پرچي کي جيڪو سڀ کان
وڌيڪ سينگارڻ جو خيال ڪيو هوسون، سو ته ڪونه ٿيو،
مورڳو بنهه اڻ سينگاريل صورت ۾ آڇي رهيا آهيون.
حالانڪ ان لاءِ ڪجهه قدر دير جو جوکم کڻي، انتظار
به ڪيوسين. ائين ڪندي، وقت وڌيڪ اجازت نه ڏني جو
هيءُ پرچو پنهنجيءَ مڪمل رٿا موجب ڏيڍ سؤ صفحن جو
ڪري ڪڍي سگهجي. انهيءَ ڪري، سنڌي ۽ اردو ڪهاڻين تي
اڪتفا ڪندي، باقي ٻين زبانن جي رهيل ڪهاڻين،
بنگالي، بلوچي، پنجابي، پشتو، ڪشميري ۽ گجراتي
لاءِ هڪ الڳ شماري مخصوص ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو پيو.
اميد ته پڙهندڙ اسان جين اوچتن مجبورين کي اگهائي،
پنهنجا ڀال پاليندا.
(”نئين زندگي“، جنوري 1970ع تان ورتل)
جنوريءَ جي گذريل شماري ۾، سنڌي۽ اردو جون ڪهاڻيون
پيش ڪري چڪا آهيون. هن پرچي ۾ پاڪستان جي ٻين مکيه
زبانن جون ڪهاڻيون، بنگالي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو
شامل آهن. گذريل پرچي جيان، هن ڀيري به مواد کي
تصويرن سان سينگارڻ ۾ قاصر رهياسين، تنهن لاءِ
اسان کي پاڻ به گهڻو افسوس آهي. آرٽسٽن جي لڳاتار
بيماريءَ سبب، اسين انهيءَ مجبوريءَ جو تدارڪ ڪري
نه سگهياسين. تنهن هوندي به، اسان کي اطمينان آهي
ته پاڪستان جي مختلف زبانن جون، سنڌيءَ سميت، هڪ
درجن ڪهاڻيون اسين يڪيون پيش ڪري چڪا آهيون، سا
ڳالهه پڙهندڙن کي ضرور پسند پوندي. هر ڪنهن زبان
جي ڪهاڻيءَ بابت تعارف پڻ ڏنو ويو آهي، جيڪومختصر
هوندي به مفيد ثابت ٿيندو. مڙني ڪهاڻين جو اهو
مواد، ترتيب توڙي ضخامت جي لحاظ کان، دراصل هڪ الڳ
ڪتاب جهڙي حيثيت رکي ٿو. سنڌيءَ ۾ پاڪستان جي
مختلف زبانن جون ڪهاڻيون هڪٻئي جي ڀيٽ ۾ اڳي يڪجا
نه ڇپيون آهن. اميد ته پڙهندڙ اسان جي انهيءَ ڪوشش
کي قبول فرمائيندا.
عام چونڊن لاءِ ووٽن جون ابتدائي لسٽون مقرر وقت
اندر تيار ٿي چڪيون آهن. اعتراضن ۽ دعوائن بعد،
آخري طور، جون مهيني تائين ووٽن جون لسٽون چونڊن
لاءِ مڪمل صورت ۾ اچي وينديون. صدر يحيٰ جي 28-
نومبر 1969ع واري اعلان موجب، چونڊن لاءِ عارضي
قانوني خاڪو 31- مارچ تي پڌرو ڪيو ويندو. انهيءَ
دوران، 1- جنوريءَ کان ملڪ ۾ عام سياسي سرگرمين جي
اجازت ڏني وئي آهي، ۽ سياسي جماعتن پنهنجي تنظيم ۽
طريقي جي تبليغ شروع ڪري ڏني آهي. انهيءَ سلسلي ۾،
مارشل لا ريگيوليشن نمبر 60 جاري ڪري، سياسي
سرگرمين ۾ ذاتي تڪرار ۽ تصادم جي حالتن تي روڪ وڌي
ويئي آهي. اهو دراصل سياسي سرگرمين لاءِ هڪ اخلاقي
ضابطو آهي، جنهن موجب هرڪا جماعت سلامتيءَ سان
پنهنجن اصولن جو پرچار ڪري سگهي ٿي. اخبارن کي ملڪ
جي سياسي سرگرمين جي خبرن جي اشاعت ۽ پارٽين جي
پروگرامن جي وضاحت ۽ ڦهلاءَ جي کلي اجازت ڏني
ويئي آهي.
گذريل سموري عرصي اندر، سرڪار پاران نه رڳو سختيءَ
۽ دٻاءَ جو ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي، بلڪ اهڙا
فيصلا ۽ اهڙيون رعايتون عمل ۾ آيون آهن، جيڪي عام
طرح توقع کان ٻاهر ۽ هر طرح ساراهه جي لائق آهن.
خود اسان جي حق ۾، سنڌيءَ ۾ لسٽن جو مطالبو مڃيو
ويو ۽ سوين شاگرد، اديب ۽ شهري، جيڪي انهيءَ هلچل
۾ جهليا ويا، تن سڀني کي آزاد ڪيو ويو. ون يونٽ کي
غير جمهوري سرشتو مڃي، هاڻوڪيءَ حڪومت جنهن
معقوليت ۽ محب وطنيءَ جو ثبوت ڏنو آهي، سو جمهوريت
جي سرخروئيءَ جو هڪ عظمي نشان آهي. خود عام چونڊن
جو ارادو هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن جو مثال
پاڪستان جي تاريخ ۾ هميشه يادگار رهندو. سڌيءَ طرح
بالغن جي ووٽن وسيلي، ملڪ ۾ عام چونڊن جو اهو
پهريون موقعو ٿيندو، جنهن موجب اسيمبليءَ لاءِ
عوام پنهنجا عيوضي سڌيءَ طرح چونڊيندو، ۽ اها
اسيمبلي ملڪ جو آئين جوڙيندي. ان طرح، پهريون ڀيرو
عوام جي پٺڀرائيءَ سان ملڪ جو آئين وجود ۾ ايندو.
گذريل ٻاويهن سالن کان پوءِ اهو عظيم ڪارنامو ادا
ٿيندو، جنهن کان پوءِ ئي ملڪ کي پنهنجي مستقبل جي
منزل، اجتماعي نڪتهء نظر ۽ قومي بنياد نصيب ٿيندو.
چونڊن لاءِ اڳي ئي 5- آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ٿي چڪي
آهي ۽ جنهن رفتار سان چونڊن جي تياريءَ جا مختلف
مرحلا طي ٿي رهيا آهن، ڪوبه سبب ڪونهي ته چونڊون
کٽاري ۾ پئجي وڃن، يا انهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا
دير مدار ٿئي. جيتري قدر سرڪار جو تعلق آهي، ڏسجي
پيو ته اها ملڪ جي واڳ عوام کي جلد از جلد سونپڻ
لاءِ تيار ويٺي آهي. چونڊن کان وٺي آئين جي
تياريءَ ۽ منظوريءَ تائين، مڙني مرحلن جي اڳواٽ
رٿابندي ان جو ثبوت آهي. نه رڳو ايترو، بلڪ چونڊن
کان پوءِ آئين تيار ڪرڻ لاءِ اسيمبليءَ کي هڪ سو
ويهن ڏينهن جي مدت مقرر ڪري ڏيڻ، عوام جي اقتدار
لاءِ يقيني عزم جو اظهار آهي.
ڪوبه ملڪ عوامي نمائندن جي اسيمبليءَ ۽ انهن جي
منظور ڪيل آئين بنا ڪنهن به ريت ملڪ، رياست،
حڪومت، جمهوريت وغيره جو ڪوبه مفهوم نٿو رکي. اهو
به ظاهر آهي ته عوام جي اقتدار جو ههڙو موقعو نه
اڳ هو، ۽ نه وري اڳتي ملڻ جي اميد آهي.
خدانخواسته، جيڪڏهن ڪنهن به ريت اهو موقعو ضايع ٿي
ويو ته پوءِ انتهائي ابتر ۽ بدتر حالت پيدا ٿي
پوندي، ۽ جمهوريت جا باقي آثار به ڳچ عرصي تائين
ٻڏي ويندا. انهيءَ ڪري، اهو هڪ ايڏو ته اهم ۽ عظيم
موقعو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نباهڻو، بلڪ
ملهائڻو آهي. تنهن لاءِ ضروري آهي ته عوام خود
پنهنجي مفاد جي نگراني ڪري ۽ سرڪار جي رٿيل
پروگرام کي تدبر ۽ ذميداريءَ سان عمل ۾ آڻي
ڏيکاري. هرهڪ فرد کي، ان ڪري، ٻيا سمورا معاملا
درگذر ڪري، ملڪ جي چونڊن ۽ آئين واري بنيادي مسئلي
کي اڳيان رکڻ کپي، ۽ اهڙو خير سلامتيءَ جو ماحول
پيدا ڪرڻ ۽ قائم رکڻ کپي، جيئن ڪنهن به طرح اهو
نازڪ وقت نڪري وڃي، ۽ عوام جي پنهنجي حڪومت برپا
ٿي سگهي.
اهو نازڪ وقت تمام ٿورن مهينن جو آهي، جنهن ۾ قوم
جي هر فرد جي سياڻپ، تدبر ۽ جذبي جي آزمائش آهي.
بيشڪ، اها سخت ڪَڙي آزمائش آهي، پر ان جو ڦل به
ايڏو ئي مٺو ٿيندو، تنهن جو يقين اسان سڀني کي هجڻ
کپي. قربانيءَ جي عيد جو ايندڙ موقعو، اسان کان
اهري ئي ضبط ۽ انتظام جي تقاضا ڪري ٿو.
سڀني کي عيد جون پيشگي مبارڪون پيش ڪندي، اسين
ڌڻيءَ در دعاگو آهيون ته شال عوام کي هن مارڪي ۾
فتح نصيب ٿئي!
(”نئين زندگي“، فيبروري 1970ع تان ورتل)
* * * * *
ازحد عقيدت ۽ احترام سان، سنڌ جي عظيم بزرگ،
ميرانپور جي مير، حضرت شاهه شهيد، صوفي شاهه عنايت
الله جي خدمت ۾ ”نئين زندگي“ جو هيءُ پرچو ”شاهه
شهيد نمبر“ جي صورت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون.
شاهه شهيد رحمة الله عليه، پنهنجي زماني ۾، هن
سرزمين تي حق ۽ صداقت، دليريءَ ۽ بيباڪيءَ جو جيڪو
مثال قائم ڪيو آهي، سو تاريخ جو تمام قيمتي سرمايو
آهي، جنهن کي اُجاگر ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. هن
پرچي ۾ سندن سوانح ۽ ڪردار جي مختلف پاسن تي چونڊ
عالمن ۽ اديبن جا مقالا ۽ مضمون سهيڙيا اٿئون، پر
تنهن هوندي به شرمندگي محسوس ڪريون ٿا ته سندن شان
وٽان هيءَ پيشڪش يقيناً اڻپوري ۽ حقير آهي. اسان
جي تاريخ جو اهو ايڏو ته اونداهو، ايڏو ته دکدائڪ
۽ شرمناڪ حادثو آهي، جنهن تي اسان جن عالمن ۽
محققن کي ڀرپور روشني وجهڻ کپي. هونئن به، سنڌ جي
تاريخ تي ترتيبوار ۽ صحتمند نموني ۾ ڪم ٿيوئي
ڪونهي. قومن جي زندگيءَ لاءِ تاريخ کان وڌيڪ ٻي
ڪابه رهنما شيءِ ٿي نٿي سگهي. جيڪڏهن اسان ان
ڳالهه کي ترت ئي ترجيح نه ڏني ته پوءِ اسان جي
نسلن وٽان عمل ۽ اخلاق جا سمورا مثال وڃائجي
ويندا!
تازو ”پاڪستان رائٽرس گلڊ“ پاران سنڌي افسانن جي
ٻن مجموعن تي پنج پنج سؤ رپيا نقد انعام ڏيڻ جو
اعلان ڪيو ويو آهي. اهي مجموعا آهن: امر جليل جو
”دل جي دنيا“، ۽ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو ”طوفان جي
تمنا“. گلڊ پاران قومي ۽ علائقائي ٻولين جي ڪتابن
تي انعامن ڏيڻ جي اها روايت گهڻن سالن کان جاري
آهي ۽ سنڌيءَ جي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن اهي حاصل ڪيا
آهن. علائقائي ٻولين جي ڪتابن کي ملندڙ رقم بيحد
حقير آهي، تنهن جي شڪايت اسان جن اديبن کي شروع
کان رهي آهي، پر جيستائين ان ڳالهه جو تدارڪ ٿئي،
اسان کي پنهنجن ليکڪن جي همت افزائيءَ جو اهو
طريقو پاڻ وٽ ئي ڇو نه پيدا ڪرڻ کپي؟ ڪنهن به
تخليق جي قيمت نڪا ڪٿي سگهجي ٿي، نڪا ادا ڪري
سگهجي ٿي. پر ان ريت لکندڙن جي همت افزائي ٿئي ٿي،
۽ جيڪو چٽا ڀيٽيءَ جو ماحول پيدا ٿئي ٿو سو مجموعي
طرح ادب ۽ زبان کي ترقي ڏئي ٿو. سنڌي ادبي ۽ زبان
جا هستيءَ وارا گهڻگهرا جيڪڏهن سنڌي ادبي بورڊ،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌي ادبي سنگت، بزم طالب
الموليٰ ۽ ٻين اهڙن منظم ادارن جي معرفت، اديبن ۽
شاعرن کي، سندن قلمي خدمتن جي اعتراف ۽ قدردانيءَ
طور، معقول انعام پيش ڪن، ته اها بيحد ساراهه جوڳي
ڳالهه ٿيندي.
ادب ۽ زبان جي ترقيءَ جي ڏس ۾ هيءَ ڳالهه طئي آهي
ته جيستائين اسان وٽ باقاعدي پيشيور لکندڙ نه پيدا
ٿيندا، تيستائين ادبي پيدائش جو معيار ڪڏهن به مٿي
اچي نه سگهندو. دنيا جي ترقي يافته زبانن جا مثال
ڏسجن، جتي لکندڙن لاءِ اقتصادي مشڪلاتن جو مسئلو
آهي ئي ڪونه. سندن ڪو هڪڙو ئي ڪتاب کين ڪروڙن رپين
جو مالڪ بنايو ڇڏي. بيشڪ، اهو ڪتاب لازوال ئي
هوندو. اسان وٽ جڏهن وڪري جو دائرو ايڏو وسيع نه
آهي جيڏو انگريزي، فرينچ، جرمن يا ٻين ٻولين جو
آهي، ته پوءِ ان جو ٻيو تدارڪ فقط هيءُ آهي ته
لکندڙن کي ٻين ترت وسيلن سان ورسائجي. سردست، اهو
بيحد ضروري آهي ته کين سٺا معاوضا ڏنا وڃن، ۽
سرنديءَ وارا پنهنجي ادب جي سرپرستي ڪن. ان لاءِ
ڳرن ادبي انعامن جو رواج هڪدم پوڻ کپي.
(”نئين زندگي“، مئي 1970ع تان ورتل)
اعلان مطابق، جون ۽ جولاءِ جو هيءُ گڏيل پرچو جيڪو
رواجي ٽن پرچن جي ضخامت کان به مٿي آهي، سنڌ جي
نئين جنم جي سوکڙيءَ طور،
”سنڌ نمبر“ جي صورت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. سنڌ جي
ماضيءَ جي تاريخ کي فخر طور پيش ڪرڻ سان گڏ، اسان
ان جي مطالعي کي مستقبل جي تعمير لاءِ رهنمائيءَ
طور پيش ڪرڻ جو مقصد به اڳيان رکيو آهي. اميد ته
پڙهندڙڻ کي هن پرچي ۾ سنڌ بابت سڀڪجهه ته نه، تڏهن
به گهڻو ڪجهه نظر ايندو.
گذريل ٻن مهينن دوران، سنڌ جا ٽي محبوب ماڻهو اسان
کان موڪلائي ويا- حيدر بخش جتوئي، غلام حسين
”فنائي“، ۽ محمد بخش ”مجنون“.
حيدر بخش جتوئي سنڌ جو عاشق صادق، صحيح معنيٰ ۾ هڪ
سورمو هو. هو ”سنڌ جي سڪار“
۽ ”عالم جي آباديءَ“، جي ٻنهي مقصدن جو مجسمو هو.
بيحد عقيدت سان، اسين ”نئين زندگي“ جو هيءُ ”سنڌ
نمبر“ ڏانهس منسوب ڪريون ٿا.
محمد بخش ”مجنون“ سنڌ جو سڪيلڌو سپوت، ايڏو اوچتو
۽ اڳواٽ موڪلائي ويو جو ان جو ارمان ڪڏهن به ڪونه
لهندو. سنڌيءَ ۾ هو پنهنجي قسم جو اڪيلو اديب هو،
جنهن جي جاءِ سدائين خالي رهندي. اسين سندس تذڪرو
خصوصيت سان پيش ڪنداسين.
غلام حسين ”فنائي“ اسان وٽ ”جيوڻيءَ“ جي وقت جو
يادگار، عوامي شاعر هو. وفات کان فقط ٻه مهينا اڳ،
اسان جي فرمائش تي، هن پنهنجي آپ بيتي قلمبند ڪئي
هئي، جيڪا عنقريب ”نئين زندگيءَ“ ۾ شايع ڪنداسين.
اسين سندس فرزند، نجم الدين ۽ سندس نياڻين سان هن
ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
1- جولاءِ 1970ع کان ون يونٽ کي ٽوڙي، اولهه
پاڪستان جا اڳيان صوبا وري وجود ۾ آندا ويا آهن.
پاڪستان جي مضبوطيءَ جو بنياد دراصل انتظامي وحدت
تي نه، بلڪ مقصد جي وحدت تي آهي. سڀني صوبن جا
ثقافتي ۽ اقتصادي حالات، درجا ۽ مفاد الڳ الڳ آهن.
انهيءَ ئي ڪري، ون يونٽ جي حالت ۾ انهن جي درميان
ٽڪراءَ جا نتيجا نڪتا، ۽ ملڪ جي مضبوطيءَ کي ڌڪ
آيو. يقيناً، هاڻي جڏهن مفادن جو ٽڪراءُ نه رهندو
ته هر ڪو صوبو ترقيءَ جي مقصد کي آسانيءَ سان مڪمل
ڪري سگهندو. ”نئين زندگي“
انشاءَ الله سنڌ جي علمي، ادبي، تعليمي ۽ تهذيبي
ترقيءَ جي مقصدن لاءِ سرگرم رهندي.
هن پرچي ۾ پيش ڪيل اڪثر ناياب تصويرون جناب مخدوم
محمد زمان ”طالب الموليٰ“ ۽ جناب
پير الاهي بخش جون مهيا ڪيل آهن، جنهن لاءِ ادارو
سندن بيحد ٿورائتو آهي. اسان گهڻن صاحبن کي اهڙي
ذخيري لاءِ استدعا ڪئي هئي، ۽ هن بعد به جيڪي
قيمتي تصويرون اسان کي موڪليون وينديون سي کين
محفوظ موٽائبيون. ادارو جناب ڪريم بخش خالد، سنڌ
سرڪار جي قومي تعمير نو اداري جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر،
۽ جناب سليم هالائي، سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي
(ڪراچي) جي ڊئريڪٽر، جو گهڻو ٿورائتو آهي، جن
”سنڌ نمبر“ جي ڪم ۾ مدد ڪئي.
(”نئين زندگي“، جون- جولاءِ 1970ع تان ورتل)
”سنڌ نمبر“ سنڌي ادب جي بارگاهه ۾ قبول ۽ مقبول
ٿيو، سا ”نئين زندگيءَ“ جي وڏي سعادت آهي. اسان جي
حقير محنت ان ريت ۽ ايڏي جلد اگهائبي، تنهن جي
توقع اسان کي ايتريءَ حد تائين اصل ڪانه هئي. سچ
پچ ته ان جو سمورو سهرو اسان جن انهن عالمن ۽
اديبن جي سر تي سونهي ٿو، جن بنهه مختصر مهلت ۾
اهڙو مخصوص مواد اسان کي پهرئين سڏ تي مهيا ڪري
ڏنو. ٻيا آهن اسان جا ذوق ۽ شوق، جوش ۽ جذبي وارا،
سڄاڻ سنڌي پڙهندڙ، جن ”نئين زندگيءَ“ کي هميشه پئي
نوازيو آهي.
”سنڌ نمبر“ لاءِ وٽانئن بيحد تعريفي خط آيا آهن،
جن سان اداري جي گهڻي همت افزائي ٿي آهي. خطن جي
مناسب چونڊ اسين ايندڙ پرچي ۾ پيش ڪنداسين.
محدود تعداد ۾ ڇپجڻ ڪري، ڪيترائي پڙهندڙ ”سنڌ
نمبر“ خريد نه ڪري سگهيا. ان لاءِ اسان وٽ ڪافي خط
آيا آهن، جن ۾ ”سنڌ نمبر“ ٻيهر ڇپائڻ جي تقاضا ڪيل
آهي. ادارو، ان ڪري، ”سنڌ نمبر“ کي نئين سر
سنواري، ڪتابي شڪل ۾ ڇپائڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
عالمن، اديبن ۽ عام پڙهندڙن کي استدعا آهي ته هو
”سنڌ نمبر“ کي وڌيڪ سڌارڻ ۽ مڪمل بنائڻ لاءِ مشورا
موڪلڻ فرمائين، ۽ پڻ ان ۾ سنن، واقعن، شخصيتن
وغيره بابت ٿي ويل غلطين جي اصلاح کان اسان کي
واقف ڪن.
سنڌيءَ جو مشهور شاعر ۽ اديب، رشيد احمد لاشاري،
19- سيپٽمبر 1970ع جي اڌ رات جو، حيدرآباد جي
لياقت اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو ”انا لله وانا اليه
راجعون“ مرحوم سنڌي، اردو ۽ سرائڪي ۾ تمام گهڻو
ڪلام چيو آهي، ۽ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا آهن. سنڌي
ادب کي سندس وفات سان گهڻو ڌڪ آيو آهي. مرحوم
ڪيترن سالن کان بيمار رهي، جَڳ ۽ جوڳ سان جنگ
جوٽيندو رهيو. بلڪ هو پاڻ سان به رٺل رهي، زماني
جي بيقدريءَ جي بهاني، پاڻ کي پنهنجي زندگيءَ تي
بار بنائي چڪو هو. انهيءَ ڪري، ادب جي ميدان ۾
سندس مشغلا اختلاف ئي اُپائيندا رهيا. تنهن هوندي
به... هو ڪير هو، ڪهڙو هو... هڪ صلاحيتمند ۽ محنتي
شاعر ۽ اديب هو.
انسان، انسان سان اختلاف ڪري سگهي ٿو، پر ان جي
ڪري سندس خالص تخليقي عمل کي نظرانداز ڪرڻ روا نه
ٿيندو. رشيد احمد لاشاريءَ جهڙي اديب ۽ شاعر جي
بيقدري، زندگيءَ ۾ جن ڪئي تن ڪئي... ان لاءِ ڪي
سبب اسباب ٿي سگهن ٿا، جن جي لاءِ هو پاڻ به ڪي
قدر جوابدار ٿي سگهيو ٿي، ۽ جيڪي رڳو سندس حيات
هجڻ سان ئي لاڳو هئا... پر ساڻس سندس پنهنجائيءَ
وارن جي اها بيقدري ڪڏهن به بخشي نٿي سگهجي جو
حيدرآباد جهڙي شهر ۾، چوڏهن ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن
مرحوم جي ميت کنئي وئي ته ان سان گڏ هلڻ وارا فقط
ڏهه يا ٻارهن فرد هئا! نه رڳو ايترو، بلڪ جيڪي هڪ
۽ هڪ ٻه، سندس ادبي مهم جا شريڪ، بلڪ سندس ڪلهي تي
بندوق رکي هلائڻ وارا، ميت کڄڻ جي موقعي تي موجود
هئا سي به جنازي نماز کان اڳ الائي ڪيڏانهن ويا.
شادي ڪانه هئي، موت هو. مرحوم گهڻن لاءِ جان ڳاري
هئي. زندگيءَ ۾ دشمني ٿيندي آهي، مرڻ کان پوءِ
ائين ڇو؟
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهو بيحد شرمناڪ ظلم
آهي.”جنين ڪاڻ مُياس، سي ڪانڌي ٿيم ڪينڪي!“
رب پاڪ مرحوم کي مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي!
(”نئين زندگي“، آگسٽ- سيپٽمبر 1970ع تان ورتل)
دنيا جي گڏيل قومن جي منڊل، ”اقوام متحده“
کي وجود ۾ آئي پنجويهه سال پورا ٿيا آهن. 24
آڪٽوبر تي سڄيءَ دنيا جا ملڪ سندس سلور جُوبليءَ
جا جشن ملهائيندا. انهيءَ خاص موقعي سان گڏ،
اقوام متحده جو، ”ٻارن جو عالمي ڏينهن“ به آڪٽوبر
جي ٻيءَ تاريخ تي هر هنڌ ملهايو ويو. ساڳئي وقت،
اقوام متحده پاران هيءُ 1970ع جو سال، ”بين
الاقوامي تعليم جو سال“ ٺهرايو ويو آهي، جنهن
دوران دنيا مان جهالت کي تڙڻ لاءِ نوان طريقا
ويچار ۾ اچي رهيا آهن. انهن مڙني خصوصيتن جي
مدنظر، اسان
”نئين زندگي“ جي هن شماري ۾ اقوام متحده بابت خاص
مقالا پيش ڪيا آهن، جن مان هن عالمي اداري جي
تاريخ، متن مقصدن ۽ ڪارڪردگيءَ جي خبر پوندي.
اقوام متحده جو ادارو دنيا ۾ جنگ جي
تباهڪارين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، جنهن جو مکيه
مقصد جنگ کي روڪڻ ۽ گذريل جنگين جي نقصانن جي
تلافي ڪرڻ رکيو ويو. گذريل ٻن وڏين جنگين (پهرين
عالمي جنگ (1914ع) ۽ ٻي عالمي جنگ (1939ع) دنيا کي
تهذيبي ۽ اقتصادي لحاظ کان اٿاهه نقصان پهچايو. ان
کان پوءِ، گذريل سموري عرصي ۾، جنگ جون حالتون
پيدا ٿينديون ۽ وڌنديون رهيون آهن، ۽ خاص طرح جڏهن
هن وقت اسين اقوام متحده جي پنجويهين سالگرهه
ملهائي رهيا آهيون، صورتحال بيحد نازڪ ۽ شديد ٿي
وئي آهي. ويٽنام، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ آفريقا جي علائقن
۾ غير محدود جنگ ڇڙيل آهي. چين ۽ روس جي همرنگي ان
وچ ۾ بگڙي وئي آهي. چين جهڙي مکيه ملڪ کي اڃا
اقوام متحده ۾ ميمبر نه قبوليو ويو آهي. ڪشمير جو
مسئلو به اڃا اُتي ئي آهي. مذهب، رنگ ۽ نسل جا
ويڇا وڌي ويا آهن. ڪيترائي وڏا امن پسند ۽ اثر
وارا اڳواڻ ان دوران موڪلائي ويا آهن. ڪيترن ئي
ملڪن ان وچ ۾ ائٽم ۽ هئڊروجن بم، راڪيٽ ۽ ميزائيل
بنائي ورتا آهن. ايشيا، آفريقا ۽ وچ اوڀر جا ملڪ
ڏاڍي ڏکئي وقت کي منهن ڏيئي رهيا آهن. خاص طرح وچ
اوڀر جي تازن واقعن طاقت جي توازن کي ڌوڏي ڇڏيو
آهي. هر ملڪ اندروني انتشار جي حالت ۾ مبتلا آهي،
۽ عالمي مفاد پرستن جون ڳجهيون سرگرميون هر هنڌ
ڦهلجي ويون آهن. اقوام متحده جي ميدان تي سامراج
جون جنگباز طاقتون هر وقت زور رهيون آهن، ايتريقدر
جو وچ اوڀر ۽ ويٽنام ۾ جنگ بند ڪرڻ لاءِ خود
اقوام متحده جي سيڪريٽري جون متواتر اپيلون به
رائگان ويون آهن. اهڙيءَ نازڪ صورتحال جي باوجود،
عالمي امن جي باري ۾ اسين وري به اقوام متحده سان
ئي پنهنجون اميدون وابسته ڪري سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته
سڄيءَ دنيا لاءِ عالمي ميلاپ جو اهو ئي هڪڙو مرڪز
آهي.
اقوام متحده جي پنجويهين سالگرهه جي موقعي تي، سڄي
عالم جي آباديءَ جي آس رکندي، اسين ان جي حق ۾ نيڪ
تمنائن جو اظهار ٿا ڪريون، ۽ سنڌ جي سمورن عالمن،
اديبن، شاعرن، صحافين، دانشورن، پورهيتن، استادن،
۽ شاگردن پاران اهو عهد ٿا ڪريون ته انسانذات جي
مجموعي خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ، امن ۽ آسودگيءَ جي
مقدس مقصدن لاءِ هر وقت مصروف ۽ مستعد رهنداسين، ۽
حق، حسن ۽ خير جي حمايت لاءِ هردم تيار ۽ حاضر
رهنداسين. سنڌ ته اصل کان انهن اصولن جي علمبردار،
بلڪ سرچشمو رهي آهي ۽ سنڌ جي عظيم انسانن هر دور ۾
اهو ئي عالمگير اُلفت جو پيغام اسان کي ڏنو آهي.
شال ظلم جي مات ۽ سچ جي سوڀ جلد ٿئي!
ايندڙ ڊسمبر جي 7- تاريخ تي قومي اسيمبليءَ جون
چونڊون ۽ 17 تاريخ تي صوبائي اسيمبلين جون چونڊون
ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهي چونڊون
سڌي ووٽ ذريعي ٿي رهيون آهن، تنهنڪري جمهوريت کي
اڳتي وڌائڻ لاءِ اهو تمام اهم موقعو آهي. اسان جي
ملڪ ۾ تعليم توڙي سياسي سمجهه جي گهٽتائيءَ ڪري،
ووٽ يا راءِ ڏيڻ جي اصليت ۽ اهميت کان عام ماڻهو
اڃا آگاهه نه ٿيا آهن. ماڻهن کي ان لاءِ ڊگهي
تربيت جي ضرورت آهي. اسان وٽ ووٽرن جي واڳ اڃا
هلنديءَ وارين هستين جي هٿ ۾ آهي. اهڙي ڪابه هڪڙي
هستي اسان کي پنج سؤ يا هزار ووٽ، ”پنهنجن ماڻهن“
جا ڏياري سگهي ٿي، ۽ اهڙين پندرهن ويهن هستين کي
هٿ ڪري، اسين گهربل ووٽ جو تعداد حاصل ڪري سگهون
ٿا. گويا، هڪ هزار عام ماڻهن بدران، هڪ ئي خاص
ماڻهوءَ جي راءِ وٺڻي ٿي. ان ريت چونڊون خاص طبقي
جي مفادن مطابق ٿين ٿيون، ۽ عام ماڻهن جي ڀلائيءَ
جا ڪم ٿي نٿا سگهن. تنهنڪري بيحد ضروري آهي ته ووٽ
ڪهڙي خاص ماڻهوءَ کي ڏجي، تنهن ڳالهه کي جدا رکي،
اول ته انفرادي راءِ جي اهميت ماڻهن کي سمجهائجي.
اهو ڪم اسان جا عالم، اديب، شاعر، استاد ۽ شاگرد
ڀليءَ ڀت ڪري سگهن ٿا، جيڪي هر هنڌ موجود آهن، ۽
عوام سان سڌيءَ طرح واسطيدار آهن.
چونڊن جي ماحول کي سنجيدو رکڻ، اسان جي ضرورت آهي.
اسان جون اخبارون ان ڏس ۾ چڱو ڪم ڪري سگهن ٿيون.
چونڊن ۾ باقي ڪو ڏيڍ مهينو وڃي رهيو آهي... ڀلي ته
پارٽيون ۽ اميدوار پنهنجي پنهنجي مطلب جي ڳالهه
ڪن، پر ڪي اهڙا فرد ضرور نڪرڻ کپن جيڪي عوام کي
رڳو ايترو ٻڌائين ته ووٽ آهي ڇا....؟ پوءِ هو ڪنهن
کي ووٽ ڏيندو، سا ڳالهه سندن ضمير کين ڏَسيندو.
(”نئين زندگي“، آگسٽ- آڪٽوبر 1970ع تان ورتل)
رمضان جو ڀلارو مهينو مهمان ٿي چڪو آهي. مسلمان هن
مهيني ۾ صبر ۽ برداشت، خلق ۽ رواداري، ايثار ۽
انڪساري، عبادت ۽ پاڪيزگي، فرض ۽ فيض، خود
قربانيءَ ۽ خدا ترسيءَ جي انساني اوصافن جي مشق
پچائين ٿا. اها مشق عملي آهي ۽ ان جي پرک به
زندگيءَ جي روزمرهه عملن وسيلي ٿيڻي آهي. فرض جي
تعميل، ڪردار جي تڪميل آهي. ڀلارا آهن اُهي، جيڪي
پاڻ کي مڙني نيڪين جو مثال بنائي، انهيءَ آزمائش ۾
سوڀارا ٿين ٿا. رب پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق
عطا ڪري!
سنڌ جي ڀلاري بزرگ، حضرت سچل سرمستؒ جو عرس مبارڪ
هن مهيني ۾ ملهائجي رهيو آهي. سندن ڪلام ۽ پيغام
بابت خاص مضمون هن پرچي ۾ پيش ڪيا اٿئون. سندن
ڪلام تي ٻڌل هڪ ناٽڪ به هن پرچي ۾ شامل آهي، جيڪو،
شاهه لطيفؒ جي ڀيٽ ۾، سچلؒ بابت پهرين ڪوشش آهي.
هن ئي مهيني ۾، علامه دائودپوٽي صاحب وفات ڪئي
آهي. سندن شخصيت ۽ علمي ڪارنامن بابت سندن همعصر
عالمن ۽ اديبن جا رايا، ”نئين زندگي“ ۾ هيستائين
ڇپيل مضمونن مان سهيڙي، پيش ڪيا اٿئون.
نومبر جو مهينو، سنڌي ادب لاءِ ”ياد رفتگان“ جو
مهينو آهي. سيد ميران محمد شاهه، آغا تاج محمد
خان، لطف الله بدوي، احسان بدوي، محمد بخش ”واصف“
۽ ”نياز“ جعفريءَ پارن عالمن، اديبن ۽ شاعرن هن
مهيني ۾ وفات ڪئي آهي. سندن خدمتن کي ياد ڪندي،
ڌڻيءَ در دعا آهي ته رب پاڪ سڀني کي مرهي ۽ جنت ۾
جاءِ ڏئي!
سنڌيءَ جو مشهور جهونو اديب، مرزا علي نواز بيگ،
گذريل مهيني حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم ڪيترن
شاهڪار ڪتابن جو مصنف هو.
رب پاڪ کيس مرهي ۽ پنجتن پاڪ جي پاڇي ۾ آرامي ڪري!
سندن سوانح ۽ ڪارناما اسين ايندڙ جنوريءَ جي
اشاعت ۾ پيش ڪنداسين.
آگسٽ- سيپٽمبر جو گڏيل، خاص پرچو اسان حضرت لعل
قلندر شهباز جي ياد ۾ ڪڍيو هو. اهو پرچو اسان
انهيءَ رٿا موجب تيار ڪيو هو ته سنڌ جي مختلف ضلعن
جو الڳ الڳ جائزو وٺجي، جنهن ۾ اتي جي تاريخ،
جاگرافي، ارضيات، زراعت، صنعت، علم ادب، ثقافت،
بزرگن ۽ شخصيتن بابت معلومات يڪجا ڪري، مستقبل
لاءِ ان جي تعمير ۽ ترقيءَ جا امڪان اجاگر ڪجن. ان
موجب، لعل شهباز جي احوال سان گڏ، اسان انهيءَ
پرچي ۾ سيوهڻ ۽ دادو ضلعي بابت ڪي معلومات مضمون
پڻ درج ڪيا هئا. اسان کي افسوس آهي جو پنهنجي رٿا
موجب اسين انهيءَ پرچي کي دادو ضلعي بابت ڪُل
معلومات جو مجموعو بنائي نه سگهياسين. پر ان ڏس ۾،
ضلعي وار جائزي جي رٿا هيٺ، اسين هن بعد ٿرپارڪر ۽
ٺٽي ضلعي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ اميد ته
اسان جا عالم ۽ محقق توڙي تَرَ جا ڄاڻو اسان جي
مدد ڪندا. دادو ضلعي بابت پڻ رهيل پاسا اسان ڪنهن
ريت مڪمل ڪنداسين.
سنڌ جي دادو ضلعي ۾، منڇر جي علائقي کي برصغير ۾
سڀ کان قديم تمدني مرڪز مڃيو ويو آهي، جتي غارن ۽
چُرن ۾ رهندڙ انسانن جا اوائلي آثار هٿ آيا آهن.
سياسي طور به سيوهڻ جو پرڳڻو تمام اهم رهيو آهي.
جديد دور ۾، اهو ئي علائقو اسان جي ارضيات جي
مطالعي جو مرڪز آهي. قلندر جي زيارتي ٻارهو ئي هتي
لکن جي تعداد ۾ اچن ٿا. منڇر ڍنڍ پنهنجن قدرتي
نظارن، پکيڙ ۽ ماڻهن جي مخصوص رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي
ڪري منفرد آهي. جديد سنڌ جي ترقياتي رٿائن جي
ابتدا دراصل اتان ئي ٿيڻ کپي، جتي سياحت توڙي
معدنيات ۾ سنڌ جي آسودگيءَ لاءِ سڀ ڪجهه آهي.
ضلعو ٿرپارڪر، ۽ ٺٽي ضلعي ۾ سنڌوءَ جي ڊيلٽا جو
علائقو ڪيترين ئي خصوصيتن سان ڀريل آهن. اسين
انشاءَ الله ان سلسلي ۾ عنقريب ”نئين زندگيءَ“ جا
خاص پرچا پيش ڪنداسين.
هن پرچي کان اسين علي بابا جو مشهور ناول ”موهن جو
دڙو“ قسطوار شروع ڪري رهيا آهيون. سنڌيءَ ۾ اها
پنهنجي طرز جي هڪ شاهڪار تخليق آهي، جيڪا اميد ته
”نئين زندگي“ جي پڙهندڙن کي پسند ايندي.
پاڪستان ۾ عام چونڊن جو وقت اجهو آيو. گذريل پرچي
۾ اسان سنڌ جي سڀني سلجهيل ۽ ڪارڪن طبقن کي صلاح
ڏني هئي ته هو عام ماڻهن کي چونڊن جي ملڪي تعمير ۾
اهميت کان آگاهه ڪرڻ جو فرض ادا ڪن. هاڻي جڏهن
اسين ووٽ ڏيڻ لاءِ وڃڻ وارا آهيون، تڏهن عوام کي
ايتري ڳالهه سمجهائڻ جي به ضرورت آهي ته هو ووٽ
ڪهڙيءَ ريت داخل ڪندا، ته جئن زياده کان زياده
مقدار ۾ ووٽ صحيح نموني ۾ داخل ٿين. ووٽن جي داخلا
وقت صبر ۽ ضبط جي وڏي آزمائش ٿئي ٿي، ۽ مخالف ڌرين
کي سهپ ۽ سنجيدگيءَ جو رويو رکڻو آهي. اسان جا
ڪارڪن، اديب، استاد، شاگرد ۽ دانشور، عوام جي خدمت
خاطر، رضاڪاريءَ جي انهيءَ ڪم جي اهميت ضرور محسوس
ڪندا. عمل جو ميدان جلد گرم ٿيڻ وارو آهي، ۽ گفتار
جي مرحلي کان اسين هاڻي ڪردار جي مظاهري تي اچڻ
کپون.
(”نئين زندگي“، نومبر 1970ع تان ورتل)
12-
نومبر 1970ع جي رات، اوڀر پاڪستان جي ڏاکڻن
سامونڊي ڪنارن تي، اڍائي هزار چورس ميلن جي هڪ
وسيع ايراضيءَ ۾، قيامت ٿي گذري. آڌيءَ رات جو،
جڏهن ٻار سوير ئي مائرن جي هنجن ۾ آرامي ٿي چڪا
هئا، سڀ مرد ۽ عورتون، ڪمن ۽ ڪچهرين مان واندا ٿي،
سمهي پيا هئا، فقط ڪي منچلا نوجوان اڃا پنهنجين
ٻيڙين تي چڙهي، سمنڊ يا نديءَ جي سير ۾، دوستن يا
محبوبن سان گڏ، ڳائيندا ۽ ڳالهائيندا، سير ڪري
رهيا هئا، يا وري ڪي ٻڍڙيون حياتيون، مستقبل جي
خطري کان بيخبر، ماضيءَ جي ويچارن ۾ گُم، پنهنجيءَ
پَر ۾ جاڳي رهيون هيون. سموريون بستيون ۽ کيت
پُرسڪون هئا ته ايتري ۾، هوائن جا راڪاس، رانڀاٽ
ڪندا، اُڏامندا، انسانن جي بستين ۾ ڪاهي پيا:
بيشمار سامونڊي بلائون، پاڻيءَ سان وڙهنديون، زمين
ڏانهن ڌوڪي آيون: خود سمنڊ پنهنجي ٻنڌ ٽوڙي ڇڏي، ۽
پهاڙن جيڏيون اوچيون ڇوليون، کيتن ۽ بستين کي
ورائي ويون. سامونڊي طوفان آيو. ڏيڍ سؤ ميل في
ڪلاڪ جي رفتار سان! گهڙيءَ پل جو کيل ٿيو، لکين
جانيون لُڙهي ويون. ڪي هڪ لک، ڪي ٻه لک، ڪي ڏهه
لک، ته ڪي ويهه لک ماڻهن جو مرڻ ٿا ٻڌائين پر جتي
ڳوٺن جا ڳوٺ، ٻيٽن جا ٻيٽ سمنڊ جي پيٽ ۾ هليا ويا
هجن، اتي صحيح اندازي جي ڪا صورت ئي ڪانهي. جاين،
چوپاين ۽ فصلن جو نقصان تنهن کان سواءِ. لکين
ماڻهو جيڪي بي گهر ۽ بي ثمر بنيا آهن، تن جي حالت
بنهه قياس جوڳي آهي. بک سان گڏ، بيماريون اُپڙي
آيون آهن. سڄو علائقو سنسان، گپ ۽ پاڻيءَ سان ڀريو
پيو آهي. پَٽ توڙي پاڻيءَ تي، رڳو لاشا ئي لاشا ٿا
ڏسجن. ٻارڙن جو سمورو نسل مري چڪو آهي. ورهين
تائين اتي مائرون معصوم مُرڪ لاءِ سڪنديون
رهنديون. پيار جا هزار داستان هميشه لاءِ اڌورا
رهجي ويا. ڪنهن ڀرئي گهر يا خاندان مان ڪو خوش
نصيب بچي ويو آهي ته اهو هاڻي موت جو طالب، پاڳل
يا پينار آهي.
نواکلي، پتواکلي، ڀولا، رامگوتي، هَٽيا، سنديپ ۽
چَر جبار جا علائقا طوفان جو خاص بک بنيا آهن.
ڪيترائي ننڍا ٻيٽ ته سڄا سارا ٻڏي ويا آهن، ۽ ڏسڻ
۾ ئي نٿا اچن. ههڙي تباهي تاريخ ۾ ورلي آئي آهي.
اوڀر پاڪستان لاءِ خاص طرح، ۽ اولهه پاڪستان لاءِ
عام طرح، اهو هڪ زبردست قومي قضيو آهي، جيڪو ڪڏهن
به وسري نه سگهندو. اسان وٽ عيد آئي آهي ۽ عام
چونڊن وسيلي اسين جمهوريت جي نئين دور ۾ داخل ٿيڻ
وارا آهيون، تڏهن انهيءَ صدمي جو احساس وڌيڪ شديد
ٿي ويو آهي. قوم جي هر فرد تي فرض آهي ته طوفان جي
ستايلن جي سهائتا ڪري.
”نئين زندگي“ جو هيءُ خاص پرچو، سال 1970ع جو آخري
پرچو آهي. انهيءَ سال دوران، پهرين ٻن پرچن ۾
سنڌي، اردو، بنگالي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي افسانا
پيش ڪيا ويا. مارچ جي ”پاڪستان نمبر“ کان سواءِ،
”لطيف نمبر“، ”شاهه شهيد نمبر“، ”سنڌ نمبر“،
”قلندر نمبر“ ۽ ”سچل نمبر“ رواجي ضخامت کان وڌيڪ
صفحن سان ڏنا ويا. مجموعي طرح، 768 صفحن جي ڀيٽ ۾،
892 صفحا ڏنا ويا. ان ريت، رواجي طرح 64 صفحن جي
ٻارهن پرچن بدران، چوڏهن پرچن جو مواد پيش ڪيو
ويو.
اداري جي هر وقت اها ئي ڪوشش رهي آهي ته پڙهندڙن
کي سٺو مواد، سستيءَ قيمت ۾ مهيا ڪجي. اميد ته
اسان جا لکندڙ توڙي پڙهندڙ، اڳي جيان، ”نئين
زندگيءَ“ سان ڀال ڀلائيندا رهندا، ۽ سٺي مواد
پهچائڻ ۽ خريدار وڌائڻ جي ڏس ۾ پنهنجو تعاون جاري
رکيو ايندا.
(”نئين زندگي“، ڊسمبر 1970ع تان ورتل)
”نئين زندگيءَ“ جي مهربان پڙهندڙن ۽ ڪرمفرما ليکڪن
جي خدمت ۾، نئون سال مبارڪ!
گذريل سال نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ، بلڪ سڄيءَ
دنيا لاءِ زبردست اُٿل پٿل جو سال هو. ڪيترائي
ڪايا پلٽ جا ڪارناما ۽ ڪرتب ٿي گذريا. ڪي چڱا ڪي
مَٺا، ڪي منحوس ڪي مفيد، پر تمام وڏا تاريخي واقعا
1970ع جي سال ۾ ٿيا. ڊيگال، ناصر، سوئيڪارنو،
برٽرانڊ رسل ۽ حيدر بخش جتوئيءَ جهڙا مرد موڪلائي
ويا. ڪمبوڊيا، لبيا، سوڊان ۽ آفريقا جي ٻين ڪيترين
رياستن ۾ سياسي انقلاب آيا. اُردن ۾ زبردست گهرو
لڙائي لڳي. انسان جي چنڊ تي پهچڻ جو خواب ۾ حقيقت
جو عڪس اُڀرندو رهيو. روس جي خلائي جهاز،
”لونوخود“، چنڊ تي پاڻيءَ جي ذخيرن ۽ برسات جي
آثارن جو اطلاع ڏنو. سَرجريءَ ۽ ميڊيسين جي سائنس
۾ نيون کوجنائون ٿيون... ۽ سڀ کان وڏا واقعا سنڌ ۽
پاڪستان ۾ ٿي گذريا.
اوڀر پاڪستان ۾ هن صديءَ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ۽
طوفان آيو، ۽ اولهه پاڪستان ۾ انساني تهذيب خلاف
يڪي يونٽ جي سازش جو خاتمو ٿيو. سڀئي تهذيبي
وحدتون وري وجود ۾ اچي ويون. ٽيويهن سالن کان
پوءِ، پهريون ڀيرو ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون. پهريون
ئي ڀيرو عوام جي طاقت کي آزمايو ويو ۽ پهرئين ئي
ڀيري ۾ عوام ٻئي ملهون ماريون. آزاد هوندي به،
پاڪستان جي بدنصيب انسانن ٽيويهن سالن جي عرصي مان
ٻارهن سال فوج جي حفاظت هيٺ گذاريا، ٻه ڀيرا مارشل
لا جون مهميزون سَٺيون، ڪامورا شاهيءَ جا ڪشٽ
ڪاٽيا، ۽ باقي عرصو به ابتدا جي هنگامي ۽ غير
يقيني حالتن ۽ پوءِ عجب آپيشاهيءَ جي عذابن ۾
گذاريو.
ڪنهن به ريت، ڏهن سالن کان پوءِ جيڪو آئين جُڙيو،
سو به ٻن سالن کان پوءِ ختم ڪيو ويو. پوءِ، ڏهن
سالن تائين لڳاتار، جمهوري ۽ آئيني سڌارن جي نالي
۾ غير جمهوري حرڪتون هلنديون رهيون. عوام انهيءَ
دوکي جي ديوار کي عبرتناڪ انداز سان ڊاهي ڇڏيو. پر
ان جي نتيجي ۾ وري به کين مارشل لا جي مهميز ملي.
صدر يحيٰ جي سربراهيءَ ۾ اهو فوجي راڄ مبارڪ ثابت
ٿيو. ملڪ ۾ پهريون ڀيرو عام چونڊون ٿيون، ون يونٽ
جو خاتمو ٿيو، تمام جلد ملڪ کي پنهنجو آئين نصيب
ٿيو، ۽ نمائندن جون اسيمبليون ڪم ڪرڻ لڳنديون.
فوجي حاڪم هوندي به، عوامي راڄ جو پايو وجهي، صدر
يحيٰ ملڪ جي تاريخ کي نئون گس وٺايو آهي. اهو سندس
يادگار، شخصي ڪارنامو آهي. پاڪستان جون عام چونڊون
مثالي ماحول ۾، نئين انداز ۾ انتظام سان ٿيون ۽
تنهن کان وڌيڪ، بيحد انوکو انهن جو نتيجو نڪتو.
عوام ايڏي غيظ ۽ غضب جو مظاهرو ڪيو جو صدين جا
پنجوڙ ڇڄي، ڌڄيون ٿي ويا، وڏا وڏا ڍنگ ڍيري ٿي
پيا، عقيدا ۽ اعتبار اُڏامي ويا، مڃتا ۽ ويساهه جا
بُت ڀڄي پيا. سچ پچ، اهو ڪو نفسا نفسيءَ جو عالم
هو. ماڻهن ڪنهن بزرگ جو جنازو ڇڏي، وڃي پنهنجو ووٽ
جو حق استعمال ڪيو. عوام جو اهو شاهڪار، اجتماعي
ڪارنامو آهي.
نئون سال سنڌ ۽ سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ
نئون ماحول ۽ نوان اهڃاڻ کڻي آيو آهي. سنڌ
يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد جو ثانوي
تعليمي بورڊ ۽ سنڌ مدرسه بورڊ جهڙا ادارا سنڌيءَ
کي دفتري زبان ٺهرائي چڪا آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ
بي. اي. تائين سنڌيءَ ۾ امتحان جا جواب ڏيڻ قبوليو
آهي. ڪراچي ٽيليويزن ۽ ڪراچي ريڊيو تي سنڌي
پروگرام شروع ٿيا آهن. سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽
ثقافتي ترقيءَ جا وسيلا ويچار هيٺ آهن. اهڙيءَ
صورتحال ۾، سنڌ جي اديب ۽ دانشور کي نئون ڪردار
ادا ڪرڻو آهي. تمام ترت، عوام جي سماجي ۽ تعليمي
خدمت لاءِ گڏيل ۽ وسيع پيماني تي مَڪو مچڻ کڻي.
سنڌيءَ جو نامور اديب ۽ شاعر، الحاج الهه بخش
”سرشار“ عقيلي، 15- جنوريءَ تي راهه رباني وٺي
ويو. اِنالله واِنا اليہ راجعون. رب پاڪ کيس مرهي
۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي!
(”نئين زندگي“، جنوري 1971ع تان ورتل)
بسنت بهار مبارڪ!
اسان جي قومي زندگيءَ ۾ عنقريب تاريخي تبديليون
اچڻ واريون آهن. ملڪ جي واڳ عوام جي چونڊيل عيوضين
کي ملڻ واري آهي. جڏهن ڪنهن به ملڪ جو نظام پنهنجي
جوڙجڪ جي مرحلن ۾ هوندو آهي، تڏهن هر طرف کان حقن
۽ واسطن جا خدشا اُپڙي ايندا آهن. اهو انتشار ۽ بي
اطمينانيءَ جو، بيحد نازڪ وقت ٿيندو آهي. جمهوريت
جي رواج لاءِ، اهو اڻٽر مرحلو ايندو ئي آهي. عوام
لاءِ پنهنجن حقن ۽ ضرورتن جي آئيني ضمانت طلب ڪرڻ
جو اهو ئي بهتر موقعو هوندو آهي. جڏهن ملڪ جو
آئيني انتظام مڪمل ٿي ويندو آهي، تڏهن ان تي
اعتراض اجايو ۽ ان جي انحرافي قوم ۽ ملڪ سان بغاوت
۽ غداري ليکي ويندي آهي. عوام کي پوءِ انهن ئي
آسان معاملن لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي.
قومن جي بيداري، ان ڪري، وقت جي شناس واريءَ وصف
منجهان پرکي ويندي آهي. اسان وٽ به آئيني انتظام
کي عمل ۾ آڻڻ کان اڳ، سموريون سرگرميون پوري زور
شور سان هلايون ويون. هر قسم جا حق ۽ واسطا،
انومان ۽ انديشا، وڏي واڪ بيان ڪيا ويا. اسين اهو
نازڪ وقت وڏي حوصلي ۽ جوابداريءَ سان گذاري آيا
آهيون. تمام جلد، ملڪ جو آئين بحال ٿي ويندو،
آئيني حڪومتون وجود ۾ اچي وينديون، ۽ عوام جا
عيوضي، اسيمبلين ۾ وڃي، حقن ۽ واسطن جا مستقل
معاملا نبيرڻ لڳندا. ان ريت، انتشار ۽ بي
اطمينانيءَ جي صورتحال کي ختم ڪري، تعمير ۽ ترقيءَ
جي ماحول پيدا ڪرڻ جو ڪم عوام جي چونڊيل نمائندن
جي ذمي وڃي ٿيندو. اهو سندن فرض ٿيندو ته جمهوريت
جي رواج لاءِ عوام جنهن نموني پنهنجي جوابداريءَ
جو ثبوت ڏنو آهي، اهڙي ئي نموني هڪ عوام جي گهُرجن
کي پورو ڪري، پنهنجي جوابداريءَ جو ثبوت ڏين. ان
ريت، قوم پنهنجن حقن لاءِ نئينءَ جدوجهد کان بچي
پوندي، ۽ ملڪ مضبوطيءَ سان ترقيءَ طرف هلڻ لڳندو.
ادارو انهن سڄڻن جو گهڻي قدر ٿورائتو آهي، جن نئين
سال کان ”نئين زندگيءَ“ لاءِ نوان خريدار پيدا ڪري
ڏنا آهن. نئين خريداريءَ لاءِ بهتر آهي ته ساليانو
چندو مني آرڊر ڪري موڪلجي؛ وي. پيءَ. جي حالت ۾،
پئسا ٽپال وارن کي دير مدار سان وصول ٿين ٿا، ۽ ان
وچ ۾، پهرئين پرچي کان پوءِ، خريدارن کي هڪ يا ٻه
پرچا وقت سر نٿا پهچن. ان لاءِ وري خريدارن کي خود
ئي اهو خيال رکڻ کپي ته جيئن ئي کين پهريون پرچو
وي. پي. ٿي ملي ته ان جو اطلاع اسان جي بزنيس
مئنيجر کي، پنهنجو خريداري نمبر ڇڪائي، موڪلي ڏين،
ته جيئن ٽپال مان پئسا دير سان وصول ٿيڻ جي حالت ۾
به کين پرچو موڪلي سگهجي. خريداري نمبر رسالي مٿان
ويڙهيل ڪاغذ تي درج ٿيل هوندو آهي، اتان ڏسي اتاري
رکڻ کپي. پرچي نه ملڻ يا دير مدار سان ملڻ بابت هر
ڪا شڪايت انهيءَ خريداري نمبر جي حوالي سان ڪرڻ
کپي، ته جيئن ان جي تدارڪ ۾ دير نه پوي.
(”نئين زندگي“، فيبروري 1971ع تان ورتل)
ٽيهه سال اڳ، 1940ع ۾، گڏيل هندستان جي مسلمانن
پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ ڪيو هو. مسلمانن جي
نمائنده سياسي تنظيم، مسلم ليگ، 23- مارچ جي ڏينهن
تي اهو ٺهراءُ انگريزي حڪومت کي لکت ۾ پيش ڪيو. ان
بعد، انهيءَ ٺهراءَ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ وڏي هلچل
هلائي ويئي ۽ ستن سالن جي سخت جدوجهد ۽ ڪئين
قربانين کان پوءِ، نيٺ پاڪستان جو نئون ملڪ وجود ۾
اچي ويو.
23- مارچ جو ڏينهن، ان ڪري، پاڪستان جي ماڻهن لاءِ
هڪ يادگار ڏينهن آهي. هر سال اسين اهو موقعو
ملهائيندا آهيون، ته جيئن هن ملڪ لاءِ اسان جي عزم
۽ اتحاد، جدوجهد ۽ قربانين جا مٿال زندهه رهن. هن
سال، 23- مارچ واري ”پاڪستان ٺهراءَ“ جي ڏينهن
ملهائڻ واري موقعي تي، پاڪستان جي اڀرندي حصي ۾
عجيب افسوسناڪ حالتون پيدا هيون، جن سڄي ملڪ جي
سالميت کي ڌڪ ٿي هنيو پر صدر يحيٰ خان جي مناسب
تدارڪ سان، پاڪستاني قوم جي عزم ۽ اتحاد، جدوجهد ۽
قربانين جي تاريخ مٽجڻ کان محفوظ ٿي ويئي. صدر،
پنهنجي روايتي خلوص سان، پنهنجي انهيءَ نيتيءَ جو
وري به اظهار ڪري ڇڏيو آهي ته هو اقتدار عوام جي
حوالي ڪندو، ۽ ترت ئي ان ڏس ۾ تازا قدم کڻندو.
ضروري آهي ته اسين پنهنجي عزم ۽ اتحاد جي طاقتن کي
يڪجا ڪريون، ۽ ڪنهن به قسم جي مايوسيءَ بدران،
بهتر کان بهتر نتيجن جي اميد رکون.
محرم جو مهينو اسان کي انيڪ اخلاقي سبق ڏئي ٿو.
خودداري، عزتِ نفس، قرباني، حق ۽ صداقت جون
سموريون وصفون امام عاليمقام، سيدنا حسين عليہ
السلام جي ڪردار ۾ سمايل آهن. سنڌي شعر ۽ ادب ۾
انهن انساني اوصافن جي ذڪر جو ڪافي ذخيرو موجود
آهي. هن پرچي ۾ اسان جي ادب جي انهيءَ باب ۾ ڪي
مضمون درج ڪيل آهن، جي اميد ته مفيد ۽ معلوماتي
ثابت ٿيندا.
ڪي دوست اها زوراوري ڪن ٿا جو مضمون يا شعر موڪلڻ
کان اڳ ئي خط لکي پڇندا ته سندن مضمون يا شعر اسين
ڇپينداسين يا نه؟ ڪهڙو جواب ڏجي، جڏهن مضمون يا
شعر اسان جي اڳيان هجي ئي نه! اهڙن يارن کي کپي ته
شروع ۾ ئي پنهنجو مضمون يا شعر ڏياري موڪلين ته
جيئن اسين اهو ڏسي، پوءِ کين ٻڌائي سگهون ته ڇپجڻ
لائق آهي يا نه. ٻي ڳالهه ته اصل شعر يا مضمون جي
آخر ۾ پنهنجي مڪمل ائڊريس لکڻ اسان جا گهڻا ليکڪ
وساريو ٿا ڇڏين، تنهنڪري اداري کي لکپڙهه ۾ اڪثر
تڪليف ٿئي ٿي. سو، مضمون هجي يا شعر، ان جي آخر ۾
پنهنجي مڪمل ائڊريس لکڻ نه وسارجي.
(”نئين زندگي“، مارچ 1971ع تان ورتل)
هيءُ مهينو سنڌ جي سدا حيات شاعر، فيلسوف، صوفي ۽
درويش، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہ الرحمة جي
عرس مبارڪ جو آهي. اپريل جو هيءُ پرچو، ان ڪري،
لطيف سائينءَ جي ياد ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. لطيف
جي علم ادب، زبان، تهذيب ۽ ثقافت جي عالمي علامت
آهي، جنهن کي جيترو اُجاگر ڪجي، ٿورو آهي. اسين ان
ڏس ۾ فقط ڪي ٿورا مضمون سهيڙي سگهيا آهيون، جيڪي
اميد ته عالمن وٽ لطيفي ادب ۾ قبول پوندا.
دراصل، لطيف اسان لاءِ هڪ مستقل موضوع آهي، جنهن
تي مستقل موضوع آهي، جنهن تي مستقل لکڻ ۽ ڪم ڪرڻ
جي ضرورت آهي. ظاهر آهي ته اهو ڪم ڪي وڏا ادارا ئي
ادا ڪري سگهن ٿا. اسان وٽ سنڌي ادبي بورڊ،
سنڌالاجي، شاهه ولي الله اڪيڊمي، ۽ شاهه لطيف
يادگار ڪاميٽيءَ جهڙا وڏا ادارا موجود آهن. سنڌي
ادبي بورڊ اسان جو سڀ کان وڏو ثقافتي ادارو آهي،
جيڪو ادب ۽ زبان جي مجموعي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري ٿو،
جنهن ۾ شاهه لطيفؒ جو موضوع به جزوي طور شامل
آهي. سنڌالاجي جو ادارو تمام مختصر عرصي ۾ وڏي
پايي تي پهتو آهي ۽ ان جي ڪم جو دائرو بيحد وسيع،
سنڌي ثقافت جي مڙني پاسن تائين ڦهليل آهي. شاهه
ولي الله اڪيڊمي، جيئن نالي مان ظاهر آهي، فقط ولي
اللٰهي فڪر جي اشاعت لاءِ مخصوص آهي. انهن ٽنهي
ادارن مان ڪوبه ادارو فقط شاهه لطيفؒ جي فڪر ۽
فلسفي، شعر ۽ زبان تي ڪم ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪونهي.
چوٿون ادارو، شاهه لطيف يادگار ڪاميٽي ئي آهي،
جيڪو ادارو انهيءَ مخصوص مقصد سان وجود ۾ آيو آهي.
اها ادارو هر سال ڀٽ شاهه تي ثقافتي ڪانفرنس جو
اهتمام ۽ انتظام ڪري ٿو، هر سال گذريل ڪانفرنس جي
ڪاروائي، مقالن ۽ شعرن سميت، ڪتابي صورت ۾ ڇپائي
ٿو، ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي سنڀالڻ جو ڪم ڪري
ٿو.
جيتريقدر ساليانو عرس ملهائڻ ۽ ڪتاب ڇپائڻ جي ڪم
جو تعلق آهي، اهو تمام ضروري ۽ ڀلو ڪم آهي پر اهو
سڄي سال ۾ هڪ ڀيري جو معاملو آهي ۽ تنهن کان سواءِ
ان جو واسطو گهڻي ڀاڱي شاهه صاحب سان عقيدتمنديءَ
جي اظهار ۽ نمائش سان آهي- بيشڪ، ”اِيءُ پڻ چڱو
ڪم.“ ڪجهه سالن کان رسالي جي جدا جدا سُرن تي ادبي
ڇنڊڇاڻ جي ڪچهري به ڪانفرنس جو حصو بني آهي، پر هر
سال هڪڙي سُر کي وٺڻ جي معنيٰ اها ٿي ته سڄي رسالي
لاءِ ٽيهه سال درڪار ٿيندا. باقي رهيو ثقافتي
مرڪز، سو اهو ئي سچ پچ ته اصل ڪم جو بنياد ليکي
سگهجي ٿو.
رٿا موجب، جيتري قدر اسان کي معلوم آهي، اهو شاهه
صاحب جي ڪلام ۽ سنگيت تي تحقيق جو وڏو مرڪز ٿيڻو
هو: ملڪي ۽ غير ملڪي عالمن جي رهائش ۽ مطالعي جون
سڀ ضرورتون اتي مهيا ڪرڻيون هيون، رسالي جا سڀ
ڇاپي ۽ دستخطي نسخا اتي محققن لاءِ موجود ڪري رکڻا
هئا؛ شاههؒ جي سفر ۽ حضر جي سڀني ماڳن ۽ مقامن جي
روبرو مشاهدي لاءِ، عالمن کي اوڏانهن پهچائڻ
جوبندوبست ڪرڻو هو؛ شاهه جي سنگيت جي تحقيق،
مطالعي ۽ سکيا لاءِ عالمن ۽ طالبن کي هاسٽل ۾ اچي
رهڻو هو؛ ٻوليءَ جي ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن کي مدعو
ڪري، شاههؒ جي لغت ۽ لفظن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي هئي.
مطلب ته رسالي بابت هر معاملي جو اهو وڏو تحقيقي
مرڪز بڻجڻو هو. ثقافتي مرڪز جي انهيءَ شان ۽ مقصد
جو اڃا پتو ڪونهي. جڏهن ڊاڪٽر اقبال ۽ نذرالاسلام
تي ڪم ڪندڙ اڪيڊميون ۽ ٻيا ادارا سڄو سال پنهنجيءَ
مخصوص مهم ۾ مصروف رهن ٿا، تڏهن هي ساليانا
پروگرام شاههؒ جهڙي عظيم شاعر ۽ فيلسوف تي ڪم ڪرڻ
لاءِ اڻهوند برابر ٿيندا. ضروري ٿيندا. ضروري آهي
ته ان ڏس ۾ جلد ئي لڳاتار ڪم جي رٿابندي ڪري، وڏوي
پايي تي ان جي ترت ئي ابتدا ڪري ڇڏجي.
(”نئين زندگي“، اپريل 1971ع تان ورتل)
نئين مالي سال جي معاملن سبب، هن ڀيري مئي ۽ جون
مهينن جو گڏيل پرچو پيش ڪري رهيا آهيون. اسين
دراصل ڪن خاص رٿائن تي ڪم ڪري رهيا هئاسين، جنهن
موجب شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، مولانا حاجي
احمد ملاح، محمد بخش ”مجنون“، مير عبدالحسين
”سانگيءَ“ ۽ محمد صديق ”مسافر“
بابت شايانِ شان پرچا پيش ڪرڻا هئا. پر سردست ائين
نه ڪري سگهيا آهيون، تنهن لاءِ انهن بزرگن جا
معتقد اديب ۽ پڙهندڙ مهرباني ڪري معاف فرمائيندا.
اسين اڃا به ان ڏس ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، ۽ چڱو
مواد سهيڙجي چڪو آهي. اسان جا عالم ۽ اديب اڃا به
هڪ مهيني تائين نئون مواد موڪلي سگهن ٿا.
”نئين زندگي“ جا ڪيترا ئي پرچا، پراڻا توڙي نوان،
بلڪل ختم ٿي چڪا آهن. ڪيترائي عالم ۽ محقق، شاگرد
۽ عام پڙهندڙ، اسان کان مڪمل سيٽ طلب ڪري رهيا
آهن. ان لاءِ بهتر طريقو هيءُ آهي ته جن سڄڻن وٽ،
شروع کان اڄ تائين، جن به پرچن جون هڪ کان وڌيڪ
ڪاپيون موجود هجن، سي اسان کي انهن جي فهرست ڏياري
موڪلين. جيڪي به پرچا وٽانئن گهربل ٿيا، سي اداري
جي طرفان ساڳيءَ قيمت ۾ خريد ڪري، ٻين ضرورتمندن
لاءِ ڪٺا ڪيا ويندا. ان ريت، جن وٽ جيڪي به پرچا
کٽل هجن، سي به اسان کي انهن جي فهرست ڏياري
موڪلين، ته انهن جي پورائي ڪري سگهبي. موجود ۽ کٽل
پرچن جي فهرست اسين هر مهيني شايع ڪندا رهنداسين.
اهڙيءَ طرح سڀني جا فائيل مڪمل ٿي سگهندا. اميد ته
سڀ خريدار ۽ پڙهندڙ هن مهم تي ڌيان ڏيندا، ۽
پنهنجا تفصيل پهچائڻ شروع ڪندا.
سنڌ جو مشهور عالم، اديب، تعليمي ماهر، سنڌ
اورئينٽل ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال، مخدوم
اميراحمد صاحب رحلت ڪري ويو. اِنالله واِنا اليہ
راجعون! مخدوم صاحب سنڌي علم ادب ۽ زبان جي وڏي
خدمت ڪئي هئي. ذاتي طرح بيحد مهربان، شفيق ۽ بيغرض
انسان هئا. رب پاڪ کين مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي!
ادارو سندن فرزندن، معتقدن، شاگردن ۽ احبابن سان
سندن ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي.
(”نئين زندگي“، مئي- جون 1971ع تان ورتل)
ٻائيتاليهه ورهيه اڳ، 3- جولاءِ 1929ع تي، سنڌي
ادب جي ابي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ وفات ڪئي
هئي. سنڌي ادب جي سموريءَ تاريخ ۾ مرزا صاحب جي
خدمتن سان ڀيٽڻ جهڙو ڪوبه مثال موجود ڪونهي. سندن
اپار احسانن جو عيوضو اسان جا سمورا نسل، سموري
مستقبل ۾، ڪڏهن به چُڪائي نه سگهندا. بيحد افسوس
اٿئون جو هن ڀيري اسين سندن ذڪر خير ۾ ڪوتاهي ڪري
رهيا آهيون، پر هن ئي سال ۾ اسين انشاءَ الله سندن
شايانِ شان، ڪو ڀرپور پرچو پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش
ڪنداسين.
12- جون 1924ع تي مير عبدالحسين خان
”سانگي“ ۽ 19- جولاءِ 1969ع تي مولانا حاجي احمد
ملاح وفات ڪئي آهي. اهي ٻيئي برک ۽ بزرگ شاعر ٿيا
آهن، جن کي سنڌي شاعريءَ ۾ منفرد مقام حاصل آهي.
ٻنهي بابت خاصو مواد اسين سهيڙي چڪا آهيون، ۽
”نئين زندگي“ جي پڙهندڙن کي جلد ئي اهي خاص پرچا
پيش ڪيا ويندا.
گذريل جنوريءَ کان نئين سال جي نون خريدارن پيدا
ڪرڻ جي جيڪا مهم اسان جن پراڻن خريدارن هلائي آهي،
تنهن جو اثر تمام سٺو ٿيو آهي. ايتري قدر جو اهي
سمورا پرچا اسان وٽ کپي ويا آهن ۽ ڪيتريون
خريداريون هن پرچي کان شروع ڪرڻ لاءِ ترسائڻيون
پيون. وڌيڪ پرچن ڇپائڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي،
تنهنڪري انهن احبابن کي پرچو هاڻي بلاناغي ملندو
رهندو. اميد ته ان دوران ٿيل شڪايتن کي اسان جا
ڪرمفرما معاف ڪندا، ۽ نيون خريداريون جاري رکندا.
مٿيان خاص نمبر، جيڪي سنڌي ادب ۾ انشاءَ الله
يادگار رهندا، سي خريدارن لاءِ رواجي قيمت ۾ محفوظ
رهندا.
21- جولاءِ تي ”ترقيءَ لاءِ علائقي تعاون“ جي
اداري جو ستون سالگرهه ملهائجي رهيو آهي. اهو
ادارو پاڪستان، ايران ۽ ترڪي، ٽن پاڙيسري مسلم
ملڪن جي هڪ اتحادي تنظيم آهي، جيڪا هڪٻئي جي گڏيل
وسيلن سان ٽنهي ملڪن جي اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي
ميدانن ۾ مجموعي ترقيءَ لاءِ وجود ۾ آئي آهي.
پنهنجيءَ مختصر ڄمار ۾ هن اداري ڪيترائي اهم ڪم
ڪيا آهن، جن جي ڪري نه رڳو ٽنهي ملڪن جي عوام کي
فائدو ٿيو آهي، بلڪ عالمي امن کي به انهيءَ اتحاد
سان هٿي ملي آهي. ترقيءَ لاءِ علائقائي تعاون جي
هن اداري ۾ اڃا به گهڻيون اميدون آهن، ۽ اسين ان
جي ڪاميابيءَ لاءِ دعاگو آهيون.
(”نئين زندگي“، جولاءِ 1971ع تان ورتل)
14- آگسٽ تي اسين پاڪستان جي چوويهين سالگرهه
ملهائي رهيا آهيون. هن ڀيري اهو موقعو اڳئين سال
جي ڀيٽ ۾ گهڻو بدليل ۽ گهڻو نازڪ آهي. گذريل سال
جڏهن اسين آزاديءَ جو جشن ملهائي رهيا هئاسين،
تڏهن ون يونٽ ٽٽي چڪو هو ۽ سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن
لاءِ هلچل هلي رهي هئي. انهيءَ بيحد جذباتي ۽
سرگرم ماحول ۾، عوام پنهنجي مستقبل بابت وڏا آسرا
اڳيان رکيا هئا. بيشڪ، قوم پنهنجيءَ مراد کي ماڻڻ
واري هئي پر ”هڪڙي بندي جي من ۾، ٻي جا ڪري الله.“
سو، ان دوران ڪي اهڙا دکدائڪ واقعا اوڀر پاڪستان ۾
ٿي گذريا، جن آئيندي جي آسرن کي اڳتي ڌڪي ڇڏيو.
اها صورتحال اوچتو پيدا ٿي، ۽ اوچتو ختم ٿي وئي؛
پر ان جو اثر مستقبل جي هرهڪ پاسي تي پيو. سياسي،
اقتصادي توڙي بين الاقوامي معاملن ۾ اسان کي گهڻو
زير بار ٿيڻو پيو. ان جي باوجود، هيءَ ڳالهه ڪافي
همٿائيندڙ آهي ته قوم پنهنجي اتحاد ۽ اعتماد جي
قوتن کي ڪمزور نه ڪيو آهي، ۽ مستقبل ۾ سندس يقين
اڃا قائم آهي. هن وقت اسين جن حالتن جي گهيري ۾
بيٺا آهيون، سي اسان کان وڌيڪ اتحاد ۽ اعتماد جي
تقاضا ڪن ٿيون. جيڪڏهن اسين پنهنجين انهن قوتن کي
قائم رکيو اينداسين، ته انشا الله قوم جو ٻيڙو نيٺ
پار ٿيندو.
”نئين زندگي“ جي اشاعت جو هيءُ چوويهون سال هلي
رهيو آهي. جلد ئي، ايندڙ ڪجهه مهينن بعد، ”نئين
زندگي“ پنهنجيءَ اشاعت جي پنجويهن،
”سلور جوبلي سال“ ۾ پير پائيندي. اهو سال شروع کان
آخر تائين ڪيئن ملهائجي، تنهن لاءِ اسين ”نئين
زندگي“ جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن کان پڇون ٿا. جيڪي به
مفيد رايا اسان وٽ ايندا، سي ٻين جي ويچار لاءِ
پڌرا ڪبا، ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هينئر کان ئي
ڪوشش وٺبي. اڄ ئي پنهنجا رايا ۽ رٿون اسان کي
اماڻي ڏيندا.
پراڻن پرچن جي مٽا سٽا لاءِ اسان جيڪا تجويز پيش
ڪئي هئي، تنهن جي موٽ ۾ هيستائين اٽڪل ٽن چئن سون
پرچن جون لسٽون اسان وٽ پهچي ويون آهن. ترت ئي
اسين واسطيدارن سان انهن بابت لکپڙهه هلائيندسين.
2- آگسٽ 1971ع تي، رات جو 12 بجي، مشهور عالم ۽
مصنف، ڪاڪو تيرٿداس هوتچنداڻي پرلوڪ پڌاري ويو. هو
پيار ۽ پيار جي پورهئي جو مجسمو هو. رب پاڪ کيس
مرهيندو. ادارو سندن ڀيڻ ۽ ٻين مڙني عزيزن ۽
احبابن سان هن ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.
(”نئين زندگي“، آگسٽ 1971ع تان ورتل)
ڇهه سال اڳ، 1965ع جي سيپٽمبر مهيني ۾، ڀارت ۽
پاڪستان جي وچ ۾ لڙائي لڳي هئي. لڙائي فقط سترهن
ڏينهن هلي، پر ٻنهي ڌرين کي گهڻو گهاٽو ڀوڳڻو پيو.
لڙائي ڪرڻ هونئن به ڪا چڱي ڳالهه ڪانهي. بروقت
جيڪو جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو، تنهن کان سواءِ
به، قوم ۽ ملڪ کي ڪافي عرصي تائين ان جا نتيجا
اقتصادي ۽ سياسي انتشار جي صورت ۾ ڀوڳڻا پون ٿا.
ترقيءَ جون رٿائون روڪجيو وڃن، ۽ عوام جو پنهنجي
آئندي ۾ اعتبار پوڻو پئجيو وڃي. دنيا جو ڪوبه چڱو
مڙس، ان ڪري، لڙائيءَ جي فائدي ۾ ڪونهي، پر جيڪڏهن
ڪنهن به ريت، حالتن جي لاچاريءَ هيٺ، لڙائيءَ جي
نوبت اچي وڃي ته پوءِ پنهنجي ملڪ جو بچاءَ ڪرڻ حب
الوطنيءَ جو باعث آهي. دنيا ۾ هن وقت ڪيترن ئي
محاذن تي اهڙي لڙائي لڙي پئي وڃي، جتي حب الوطنيءَ
جا عظيم مثال پيش ٿي رهيا آهن.
1965ع واريءَ پاڪ ڀارت لڙائيءَ ۾ جيڪو چڱو مثال
سامهون آيو، سو هو قوم جو حوصلو ۽ اتحاد. جتي هڪ
طرف اسان جون فوجون ڀارت جي فوجن کي ٽوٽا چٻائي
رهيون هيون، اتي اسان جي عوام به پاڻ ملهايو. اهو
حوصلو ۽ اتحاد، امن جي حالت ۾ قومن جو سڀ کان وڏو
سرمايو آهي. ڀارت ٽوڙي پاڪستان جهڙن ترقي ڪرندڙ
ملڪن لاءِ تمام گهڻي عرصي تائين امن امان جون
حالتون درڪار آهن. صدر يحيٰ اڳي ئي چئي چڪو آهي ته
اسين لڙائيءَ جي باهه ۾ پوڻ نٿا گهرون، بشرطيڪ
اسان تي لڙائيءَ جي ڇهين سالگرهه ملهائي رهيا
آهيون، تڏهن پاڪستان عوام جي حق ۾ امن ۽ خير جون
نيڪ تمنائيون طلبيندي، منجهانئن اها توقع ٿا رکون
ته هو پنهنجي حوصلي ۽ اتحاد جي قوتن کي سالم
رکندا.
(”نئين زندگي“، سپيٽمبر 1971ع تان ورتل)
گذريل سال جي نومبر واري پرچي ۾ اسان لکيو هو ته
جديد سنڌ جي ترقياتي رٿائن جي ابتدا دادو ضلعي کان
ٿيڻ کپي. هونئن ته سنڌ جي هر هڪ طبعي ڀاڱي کي، سنڌ
کي، سنڌ جي گڏيل تاريخي ۽ تهذيبي پس منظر کي ڇڏي،
پنهنجون خاص جاگرافيائي وصفون، پنهنجو خاص تاريخي،
علمي ۽ ثقافتي شان آهن، ۽ سرو، وچولو ۽ لاڙ، يا
ريگستان، ڪوهستان، ڪچو ۽ لاڙ جو ڊيلٽا وارو پاسو،
سڀ گڏجي، سنڌ جي سونهن ۽ عظمت جو مجموعي عڪس جوڙين
ٿا، پر ماضيءَ جي فخر ۽ حال جي هليءَ چليءَ کي الڳ
رکي، آئندي جي اڏاوت لاءِ دادو ضلعي جا وسيلا بيحد
اهميت وارا ڏسبا. جيڪڏهن انهن وسيلن کي رٿائتي
نموني ۾ ڪتب آڻجي ته سنڌ سڪار جي لطيفي دعا جيڪر
جلد عملي روپ وٺي اچي. ٿوري ۾ بيان ڪرڻ لاءِ، اسين
انهن کي ٻن حصن ۾ ورهايون ٿا: (1) سياحت، ۽ (2)
معدنيات.
(1) دادو ضلعو ڪيترن ئي ننڍن وڏن تاريخي آثارن ۽
پرفضا پهاڙي چوٽين سان ڀريو پيو آهي، جن کي سياحت
لاءِ سڌارڻ کپي.
(الف) حضرت قلندر شهباز جي درگاهه تي ٻارهوئي لکين
ماڻهو ڀيرو ڪن ٿا. سيوهڻ شهر ۽ درگاهه کي مناسب
نموني سڌارڻ سان زيارتين مان بيحساب آمدني ايندي.
ان لاءِ، اول سيوهڻ اسٽيشن کي ڪاشيءَ جي سرن سان،
ثقافتي نوع تي نئين سر اڏڻ کپي. اسٽيشن کان درگاهه
تائين پڪا، ڪشادا ۽ سينگاريل رستا ٺاهجن. درگاهه
جي آسپاس جا پاسا ڇڏائي، ڪشادگي پيدا ڪجي. شهر ۾
سٺا رهائشي هوٽل ٺهرائجن.
(ب) مختلف مکيه آثارن جهڙوڪ آمري، رني ڪوٽ ۽ پڻ
موهن جي دڙي ڏانهن وڃڻ لاءِ پڪا ۽ سينگاريل رستا ۽
ٻيون سهولتون مهيا ڪجن.
(ج) باقاعدي هڪ ”ٽوئرسٽ سروس“ وجود ۾ آڻجي، جيڪا
مختلف آثارن ۽ ٻين ڏسڻ لائق هنڌن بابت پرچار ڪرڻ
سان گڏ، ٻاهران ايندڙ سياحن ۽ زيارتين لاءِ رهائش،
گشت، شڪار ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪري.
(د) منڇر ڍنڍ پنهنجن قدرتي نظارن، پکيڙ ۽ ماڻهن جي
رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۾ منفرد هجڻ سان گڏ، اُپت جو زبردست
ذريعو آهي. مڇي مارڻ ۽ پکين جي شڪار کي جديد نموني
۾ زور وٺائڻ سان گڏ، اهو سياحت جو بهترين مرڪز ٿي
سگهي ٿو. وچ پاڻيءَ ۾ ترندڙ هوٽل ۽ ٻيون مناسب
اڏاوتون، سَير لاءِ ٻيڙيون، ڪنارن تي ڪشادا پارڪ،
مڇين ۽ پکين جا نمائش گهر، ريسٽ هائوس، مارڪيٽون ۽
ٻيون آسائشون اتي موجود ڪجن.
(هه) منڇر جي ڪک ڪهڄر جام ٿئي ٿو، جنهن سان اتي
پاٺي جو ڪارخانو هلائي سگهجي ٿو. ان طرح ڍنڍ جي
صفائي به ٿيندي رهندي.
(و) ٿاڻي بولا خان جي پُر فضا پهاڙيءَ کي
سينگارجي. سينيٽوريم، فوجي ڪاليج ۽ ٻين وڏيءَ مدت
جي تربيتي ادارن لاءِ اهو هنڌ تمام موزون آهي.
(ز) نئين گاج کان اڳتي، جوهيءَ جي اولهه ۾، کير ٿر
جي ڪشادي چوٽيءَ کي عمدي ”هِل اسٽيشن“
بنائي سگهجي ٿو. هتي جي هوا مريءَ کان گهٽ نه آهي.
ون يونٽ کان اڳ سنڌ سرڪار اهو هنڌ اونهاري ۾
پنهنجي گاديءَ لاءِ پسند ڪيو هو.
(ح) ڪافر ڪوٽ جي کوٽائي ڪجي، اتي هڪ مرڪزي
لائبريري ۽ ميوزم قائم ڪجن. اوقاف کاتي پاران تازو
کڙي ڪيل ”شهباز اڪيڊمي“ پاران اتي تحقيقي مرڪز جون
اڏاوتون ڪجن، جتي قديم ترين منڇر تهزيب تي کوجنا
ٿيندي رهي.
(2) کير ٿر، لڪي، گاج، رني ڪوٽ، کڏڙي ۽ پٻ جبلن
جون قطارون بيحد قديم آهن، تنهنڪري انهن ۾ هر قسم
جي معدنيات جا وڏا ذخيرا ملندا. چُن، ميٽ، ابرڪ،
ڪچي فولاد وغيره کان علاوه، منجهن ڪوئلي جا ذخيرا
لڌا آهن. گندرف ۽ مختلف قدرتي گئسن سان گڏ، پيٽرول
ملڻ جي پڪ آهي. چون ٿا ته 49-1948ع ڌاري، ٻڍاپور
کان 14 ميلهه اولهه، لاکن وٽ جبلن ۾ سرنگ هنئي
هئائون، تڏهن پيٽرول جي سڻس پئي هئي، ۽ چيائون ٿي
ته اهو تيل جي وڏن ذخيرن مان هڪ ٿيندو. ان جي خبر
وري ڪڍڻ کپي، ۽ مڙني قطارن جي باقاعدي پڙتال جو
انتظام ٿيڻ کپي. مختلف معدني شين جي ڳولا، ڪارخانن
۽ ڪاروبار جي رٿابنديءَ سان، ملڪ جي مڙني پاسن کي
مالا مال ڪري سگهجي ٿو.
آڪٽوبر جي هلندڙ مهيني ۾، ايراني سلطنت جو 25 سؤ
ساله يادگار جشن ملهائجي رهيو آهي. تاريخ ۾ اهو
پنهنجي نوعيت جو وڏي ۾ وڏو جشن ٿيندو، جنهن ۾
سڄيءَ دنيا امن حڪومتن جا سربراهه، امير وزير،
عالم ۽ اڪابر وڃي شريڪ ٿيندا. ايران سرڪار ان لاءِ
زبردست انتظام ڪيا آهن. پاڙيسري مسلم ملڪ هجڻ سان
گڏ، ايران پاڪساتن سان علائقائي تعاون واريءَ
تنظيم ۾ شريڪ آهي، ۽ ٻنهي ملڪن جا قديم تهذيبي ۽
علمي ناتا رهيا آهن. پاڪستان، ان ڪري، ايران جي هن
تاريخي جشن جي موقعي تي، شهنشاهه آريا مهر ۽
ايراني عوام سان سندن خوشين ۾ هڪجيترو شريڪ آهي.
پاڪستان سرڪار ان موقعي لاءِ يادگار ٽڪليون جاري
ڪري رهي آهي ۽ پڻ هتي ان موقعي کي ملهائڻ جا
بندوبست ڪيا پيا وڃن. هن پرچي ۾ انهيءَ مناسبت سان
ايراني سلطنت بابت معلوماتي مواد پيش ڪيو ويو آهي.
”نئين زندگي“ جي اداري پڙهندڙن لاءِ مشهور جاسوسي
ليکڪ، ايم. ايس. قادريءَ جو تعاون حاصل ڪيو آهي.
قادري صاحب بنيادي طرح سنڌي ليکڪ آهي، ۽ اڙدوءَ ۾
”عمران سيريز“ ۾ سندس لکيل پنجاهي کن ناول تمام
مشهور ٿيا آهن. اسين عنقريب سندس جاسوسي ڪهاڻيون
پيش ڪنداسين.
(”نئين زندگي“، آڪٽوبر 1971ع تان ورتل)
سال 1971ع جي آخري پرچي ۾ هڪڙو گهٽ، نومبر مهيني
جو هيءُ پرچو، حضرت سچل سرمستؒ جي يادگاريءَ ۾ پيش
ڪري رهيا آهيون. ڊسمبر جي ايندڙ پرچي سان، ”نئين
زندگي“ جو چوويهون سال خيرن سان ختم ٿيندو ۽ اها
پنهنجي ”سلور جوبلي“ ۾ پير پائيندي. انهيءَ سال جي
خصوصيت واري سفر جو نمايان نشان ”نئين زندگي“ جي
ساٿيارين کي سندس بدليل، نئينءَ سائيز ۾، نظر
ايندو. نئينءَ سائيز ۾ سلور جوبلي سال (1972ع) جو
پهريون پرچو اسين مولانا حاجي احمد ملاح جي باري ۾
پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو اميد ته هڪ ادبي دستاويز
ثابت ٿيندو. سلور جوبلي سال بنسبت جن سڄڻن اسان کي
پنهنجا رايا پهچايا آهن، تن لاءِ اسان سندن
ٿورائتو آهيون. انشاءَ الله انهن کي مناسب نموني ۾
عملي جامو اسين وس آهر پهرائينداسين.
سنڌيءَ جو هڪ بهترين انسان دوست اديب، منفرد
افسانه نگار، شيخ حفيظ، نائين ۽ ڏهين نومبر جي وچ
واريءَ رات دوران، سکر جي ويجهو، براج جي پاسي ۾
پنهنجي فارم تي، وفات ڪري ويو. پيار ۽ پنهنجائپ،
زندهه دليءَ ۽ بيباڪيءَ ۾ جهڙس ڪي ٿورا اديب اسان
وٽ ڏسبا. نئين سنڌي ادب جي قافلي جي مُهڙ ۾، هو
شروع کان شريڪ هو. سندس ساٿ وڃائڻ سان سنڌي ادب ۽
زبان کي هاڃيڪار ڌڪ لڳو آهي. اسين سڀني همسفرن سان
گڏ سوڳوار آهيون. ادارو سندس بيوهه، ڀينرن ۽ ڀاءُ
شيخ بشير احمد سان سندن ڏک ۾ ڀائيوار آهي. سندس
لکتن کي سانڍڻ لاءِ، اسين عنقريب ”نئين زندگي“ جو
”حفيظ نمبر“ شايع ڪنداسين.
”نئين زندگي“ جا پراڻا خريدار ۽ پڙهندڙ، نون
خريدارن پيدا ڪرڻ سان جيڪو ساٿ ڏيئي رهيا آهن،
ادارو تنهن لاءِ سندن ازحد ٿورائتو آهي. پرچي نه
ملڻ، دير سان ملڻ وغيره جون شڪايتون البت اينديون
رهن ٿيون، تن لاءِ اسين تمام جلد ”نئين زندگي“ جي
روانگيءَ واري انتظام کي بدلائي ۽ سڌاري رهيا
آهيون. انشاءَ الله خريدارن کي اهي نه رهنديون، ۽
سنڌيءَ جا سڀ سڄڻ پنهنجي ادب ۽ زبان جي سرپرستيءَ
طور، ”نئين زندگي“ کي گهڻي کان گهڻن هٿن تائين
پهچائڻ جي مهم متل رکندا.
(”نئين زندگي“، نومبر 1971ع تان ورتل)
”نئين زندگي“ جو گذريل نومبر وارو پرچو اسان نئين
انداز جي علان سان شايع ڪيو هو، جنهن مطابق اسين
پنهنجي سلور جوبلي سال وڏي اهتمام سان ملهائي
سگهون ها ۽ ڪي يادگار نمبر پڻ پيش ڪري سگهون ها پر
ان تمام ٿوري وقت اندر، ملڪ جو ماحول بنهه بتلجي
ويو آهي. آسمان تي جنگي جهازن ڏينهن رات لامارا
لائي ڏنا آهن. زمين تي آسماني آباديون اُجاڙ ٿي
رهيون آهن. هوائن ۾ بمن جي بدبوءِ ڦهلجي وئي آهي.
سمنڊن ۽ دريائن جي مٿاڇرن تي موت جي مانگرن
نچڪارون لائي ڏنو آهي. وستين ۽ واهڻن ۾، شهرن ۽
ڳوٺن ۾، گهٽين ۽ گهرن ۾، جنگ جو بَرڙ باڪاس
تباهيءَ جا توتارا وڄائي، ڀينرن ۽ مائرن، ڀائرن
۽ڀيڻن، معذور ٻڍڙن ۽ معصوم ٻارڙن جا روح قبض ڪري
رهيو آهي. انسان جي شرف ۽ شان تي ڪارا ڪاغذ چڙهي
ويا آهن. تهذيب ۽ تخليق جا ڪارناما، صدين جا
تاريخي سرمايا، فخر ۽ ناز جا اسباب ۽ اٽالا، خود
ئي خطري جو بڻ بنجي ويا آهن. اسان جا گهر ۽ ٻنيون،
درياء ۽ پليون، دفتر ۽ ڪارخانا، لائبرريون ۽
اشاعتي ادارا، مسجدون ۽ ٻيا مذهبي مرڪز، ۽ سڀ کان
وڌيڪ، املهه انساني جانيون، لحظي ۾ لڙهي وڃڻ تي
اچي بيٺيون آهن. هيءَ اهڙي گهڙي آهي، جنهن ۾ زندگي
۽ موت پاڻ ۾ ساز باز ٿي ويا آهن، انسان هڪ ئي وقت
جابر ۽ مجبور، بهادر ۽ بيوس آهي.
ڀارت هڪ ڀيرو وري پاڪستان سان لڙي رهيو آهي. هن
ڀيري جي لڙائي اڳي کان ٻيءَ طرح آهي. پاڪستان جي
عوام توڙي فوجن کان اڳي کان وڌيڪ حوصلي ۽
ڪاميابيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. اسان جي سموريءَ
سرحد تي لڙائي هلي رهي آهي. ڀارت جي جهازن هاڻي
شهرين کي به مارڻ شروع ڪيو آهي، اهو انسانيت جو
ڏيوالو آهي. اسان جا حوصلا بهرحال بلند آهن. تاريخ
۾ جنگ ۽ امن جي بازي تمام پراڻي آهي. اسان کي
پنهنجي فتحمنديءَ تي ڀروسو آهي. گهٻرائڻ، شڪست جي
شروعات آهي. مرڪي موت کي منهن ڏيو. وطن جي حب،
ايمان آهي. فتح نيٺ حق ۽ انصاف جي ٿيندي، تنهن جو
اسان کي يقين آهي.
(”نئين زندگي“، ڊسمبر 1971ع تان ورتل)
محترم پڙهندڙن ۽ ڪرمفرما ليکڪن جي خدمت ۾، نئون
سال مبارڪ!
نئين سال - ”نئين زندگي“ جي اشاعت جي پنجويهين سال
- جو هيءُ پهريون پرچو، اعلان مطابق، نئينءَ سائيز
۾ پيش ڪري رهيا آهيون، صفحا گهٽ ۾ گهٽ 64 مان
وڌائي 80 ڪيا اٿئون، پر قيمت ساڳي رکي ويئي آهي.
اميد ته پڙهندڙن ۽ لکندڙن کي سندن پرچي جو هي نئون
روپ پسند ايندو.
گذريل سال جي ٻارهن پرچن ۾، رواجي پرچي جي64 صفحن
جي سراسريءَ موجب، 268 صفحا وڌيڪ ڏنا ويا - يعني
سال ۾ ٻارهن پرچن عيوض سورهن پرچن جو مواد پيش ڪيو
ويو. مختلف شخصيتن ۽ واقعن بابت خاص نمبر پيش ڪيا
ويا. ”نئين زندگي“ ۾ 1950ع کان 1970ع تائين، ويهن
سالن دوران ڇپيل سموري مواد جي فهرست الڳ ڇپائي،
مفت تقسيم ڪئي ويئي. سنڌيءَ ۾ 1971ع جو ڪئلينڊر
ڇپايو ويو، جيڪو سڀني ساليانن خريدارن کي تحفي طور
مفت پيش ڪيو ويو. پنهنجن سُڄاڻ پڙهندڙن ۽ لکندڙن
جي دستوري تعاون سان، نئين سال ۾ انشاءَالله ”نئين
زندگي“ سنڌي ادب ۽ زبان جي خدمت ۾ اڳي کان اڳري
رهندي.
گذريل سال (1971ع) پاڪستان لاءِ ڏاڍو ڳرو سال ثابت
ٿيو. عجب جهڙيون ڳالهيون ان ۾ ٿي گذريون. 17-
ڊسمبر 1970ع تي ملڪ ۾ پهريون ڀيرو جيڪي عام چونڊون
پوريون ٿيون، تن جي نتيجي جنهن نموني ۾ 17- ڊسمبر
1971ع تي وڃي ڇيهه ڪيو، تنهن جو گمان عام ماڻهوءَ
کي اصل ڪونه هو. 17- ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان ۽
ڀارت جي وچ ۾ هلندڙ جنگ بند ٿي، ۽ پاڪستان جي فوجن
کي پنهنجي ئي ملڪ جي اُڀرندي حصي ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻا
پيا. انهيءَ سال واري عرصي ۾ اُٿل پُٿل جا انيڪ
واقعا ٿي گذريا، جن درجي بدرجي عوامي زندگيءَ جي
هر شعبي کي نستو ڪري ڇڏيو. ويتر جو پنجن ئي سالن
بعد ملڪ کي ٻيهر لڙائي لڙڻي پيئي، سا به هاڃيڪار،
تنهن قوم کي مستقبل کان بنهه مايوس بنائي ڇڏيو.
جمهوريت جي موٽ واري خواب جوتعبير بيحد ڀيانڪ
نڪتو. سياسي، اخلاقي ۽ اقتصادي طرح قوم ۽ ملڪ کي
موتمار ڌڪ لڳو. اهڙو ڏکيو وقت ڪڏهن ڪونه آيو.
اهڙيءَ صورتحال ۾، 20- ڊسمبر تي، يڪايڪ ملڪ جي
قيادت بدلجي ويئي. ڊگهي فوجي راڄ جو خاتمو ٿيو، ۽
اقتدار عوام جي عيوضين ڏانهن آيو. اها تبديلي نه
رڳو جمهوريت جي جياپي لاءِ ضروري هئي، بلڪ ڳچ وقت
کان سياسي، اخلاقي ۽ اقتصادي ميدانن ۾ جيڪي گمراهه
ڪندڙ طريقا ۽ نظريا رواج ۾ اچي ويا هئا، تن جي
اصلاح جي ڪم لاءِ به عوام جو اقتدار هاڻي اڻٽر هو.
نئينءَ قيادت سان، بهرحال وڏي ڪايا پلٽ ٿيڻي آهي.
سنڌ جي اديب ۽ دانشور کي به پنهنجو نئون ڪردار
لهڻو ۽ ادا ڪرڻو آهي. سنڌ جو پورهيت عوام، ويساهه
جو وسوڙل عوام، جيترو ڏتڙيل آهي، اوتروئي کيس وڌيڪ
حق جا مسئلا هاڻي طئي ٿيڻا آهن. نئينءَ حڪومت هر
ڏس ۾ تڪڙا اُپاءَ وٺڻ شروع ڪيا آهن. سنڌ جي هر
عالم، اديب، شاعر، صحافي، استاد، شاگرد، ڪڙميءَ ۽
مزدور کي نئينءَ تعمير لاءِ ميدان ۾ اچڻ کپي.
تخليقي ۽ ثقافتي سرگرمين کي عوام جي آڏو وٺي وڃڻ
جو ڪم وڏي پيماني تي شروع ڪري، گذريل دور جي
گمراهين کي گم ڪري سگهجي ٿو. شال هيءُ نئون سال،
هيءُ نئون دور، سنڌ جي سُڪار لاءِ سڻائو ثابت ٿئي!
ڪراچيءَ جو مشهور غزل گو شاعر
محمد رمضان ”دل“، 22- آڪٽوبر 1971ع تي گذاري ويو
آهي - اِنالله و اِنا اليہ راجعون! شال رب پاڪ کيس
مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي.
(”نئين زندگي“، جنوري 1972ع تان کنيل)
”نئين زندگي“ جي سلور جُوبلي سال ۾ پير پائڻ سان،
گذريل جنوريءَ کان ان جي سائيز بدلائي ويئي. ڪيترن
پڙهندڙن وٽان اج جي پسنديءَ بابت خط آيا آهن.
رسالي کي وڌيڪ سڌارڻ ۽ سنوارڻ بابت، ”حال احوال“
وسيلي، اسان پڙهندڙن کان صلاح مشورو به پڇيو هو.
ڪافي سٺا رايا ان ڏس ۾ مليا آهن، ۽ اسين وس آهر
انهن کي عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين. انهيءَ ئي
سلسلي ۾ ”نئين زندگي“جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن کان
روبرو رايا وٺڻ جي مقصد سان، 18- جنوري 1972ع تي،
اڱاري ڏينهن، حيدرآباد ۾، اتي جي پاڪستان ڪائونسل
جي سهاري سان، ڪائونسل جي آڊيٽوريم ۾ هڪ گڏجاڻي
ڪئي وئي. ”نئين زندگي“ جي ناشرن (پاڪستان
پبليڪيشنس) پاران ٻه نمائندا به ان ۾ شريڪ ٿيا.
هيٺيان عالم، اديب، شاعر، شاگرد، صحافي، نقاد ۽
عام پڙهندڙ هن نمائنده ميڙ ۾ ڪٺا ٿيا: مولانا غلام
مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد خان”غني“،
خواجه غلام علي الانا، ع.ق. شيخ، عبدالقيوم
”صائب“، نياز همايوني، ڊاڪٽر نجم عباسي، حميد
سنڌي، عبدالله ”خواب“، سرويچ سجاولي (سجاول کان)،
عبدالجبار ”شام“، ابراهيم سومرو (ڳوٺ جنهاڻ، ٽنڊي
محمد خان کان)، پٿر سنڌي (ميرپور بٺوري کان)،
سڪندر بلوچ، سيد ظفر حسن شاهه، امداد حسيني، منير
سنڌي، شوڪت حسين، مراد علي مرزا، عبدالحق عالماڻي،
پير مظهرالحق، صلاح الدين بلوچ (بدين کان)، بينا
صلاح الدين، سحر بلوچ، نياز حسين شاهه، ۽ محمد
شعيب ڀٽو.
شام ساڍي ڇهين کان ساڍي اٺين تائين ٻه ڪلاڪ ڪچهري
هلي، جنهن ۾ ڪيترائي قيمتي خيال ظاهر ڪيا ويا.
مکيه تجويزون هي هيون: رسالي ۾ سنڌي ادب ۽ ثقافت
جي نمائندگي وڌائجي، افسانوي ادب تي وڌيڪ ڌيان
ڏجي، ليکڪن کي معاوضو وڌائي ڏجي، ٻارن جا صفحا
پرچي ۾ شامل ڪجن، پورهيت طبقي بابت مضمون ڏجن ۽
سنڌي فنڪارن جي ڪم کي پيش ڪجي. اسين انهن مڙني
مشورن کي بجا سمهي، انشاءَالله عمل هيٺ آڻينداسين.
ادارو مڙني محبن جو، سندن قيمتي مشورن، دلچسپيءَ ۽
تعاون لاءِ ازحد ٿورائتو آهي.
اسين هن وقت جن نازڪ ملڪي حالتن مان لنگهي
رهيا آهيون، سي اڳئين سموري دور کان مختلف آهن.
جمهوريت جي آس ۾، اسان جي عوام کي ڏاڍ ۽ ڏمر جي
خلاف وڏو جهاد ڪرڻو پيو آهي. فوجي راڄ کان عوامي
راڄ ڏانهن موٽڻ هميشه محال ثابت ٿيو آهي، پر هتي
جيئن ٻيون حيرتناڪ ڳالهيون ٿي گذريو آهن، تيئن اهو
معجزو به ٿي گذريو آهي. جيڪڏهن ٿوري به ڪوتاهي هن
مرحلي تي ٿيندي، ته اها اسان جي تصور کان ٻاهر
تباهي آڻيندي. صدر ڀٽي، عوامي راڄ کڙي ڪرڻ لاءِ
مڪمل جمهوريت جي ضمانت ڏني آهي. انهيءَ راءِ ۾
جيڪي جبل جيڏيون رڪاوٽون آهن، تن کي هٽائڻ بنا
منزل ماڻڻ بيشڪ ڪٺن آهي. اسان کي انڪري صورتحال کي
ٿڌيءَ دل سان ويچار ۾ آڻيندي، ڪمال تدبر ۽ گنڀيرتا
جو ثبوت ڏيڻو آهي. هوش ۽ حوصلي، اتحاد ۽اعتماد جي
ضرورت جيڪا هن وقت آهي، سا اڳي ڪڏهن به ڪانه ٿي.
ان جو احساس، وقت جي سڀ کان وڏي تقاضا آهي.
(”نئين زندگي“، فيبروري 1972ع تان کنيل)
نئين مهيني- ڏيڍ جي عرصي اندر تمام اهم ڳالهيون
ٿيون آهن. مزدورن لاءِ ليبر پاليسيءَ جي ظاهر ٿيڻ
بعد، زرعي ۽ تعليمي سڌارن جو اعلان به ٿي چڪو آهي.
سنڌ بنيادي طرح هڪ زرعي ملڪ آهي، تعليم ۾ شروع کان
ئي پوئتي پيل آهي ۽ صنعت اسان وٽ تيزيءَ سان اچي
رهي آهي. اهي ٽيئي ڳالهيون اسان جي مجموعي زندگيءَ
لاءِ بنيادي آهن. ساڳئي وقت، انهن ٽنهي ڳالهين جو
هڪٻئي سان بنيادي تعلق آهي. تنهنڪري، نه رڳو
زندگيءَ جي انهن ٽنهي شعبن کي جديد بنيادن تي
هلائڻو آهي، بلڪ ٽنهي جي وچ ۾ ڳوُڙهو رابطو به
استوار ڪرڻو آهي. نئين ۽ ترقي پسند سماج جي پيدائش
واري مقصد کي اڳيان رکندي، ڏسبو ته انهن شعبن ۾
آندل سڌارن ۾ ڪافي فائدا سمايل آهن.
”سنڌ صدين کان دلوراءِ جي نگري آهي“، سا ڳالهه
اسان وٽ اڄ تائين هلندي اچي ٿي. تهه در تهه
پرمارشاهي ۽ آپيشاهي اسان وٽ اهڙي رهي آهي جو ان
جا اثر اڃا گهڻي وقت ۽ گهڻيءَ جفاڪشيءَ کان پوءِ
نڪرندا، سو به جيڪڏهن اسان گڏجي ائين گهريو ته
سجاڳيءَ ۽ آسودگيءَ جي اها گڏيل سمجهه تيستائين
اچڻي ڪانهي، جيستائين تعليم جي روشني اونداهن ڳوٺن
۾ نه پهچي، ۽ ان دوران اسان جي ڏتڙيل هاريءَ ۽
پورهيت کي پنهنجي عزتِ نفس جو احساس، حوصلو ۽ مٿي
کڻڻ جي مهلت ملي. ڪيئن به هجي، زرعي سڌارن هيٺ
ڪافي زمين هارين کي آجي ٿي ملندي. ساڳئي وقت، بنا
معاوضي زمين حاصل ڪرڻ جي مثال قائم ٿيڻ سان، اڳتي
مختلف شعبن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جو گس معلوم ٿي
پيو آهي. ساڳئي وقت، زمينداري ظلم تي روڪ سان گڏ،
جديد زراعت جو پايو به پوندو، تعليمي پاليسي جديد
سائنسي دور جي تقاضائن جي پورائيءَ طرف پهريون قدم
آهي، ۽ تجربي جي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جا ان ۾ گهٽ
امڪان موجود آهن. سنڌ ۾ ڪيترائي اعليٰ تعليمي
تحقيقي ادارا کلڻ وارا آهن، جن سان عام آسودگيءَ ۾
اضافو ٿيندو. ليبر پاليسيءَ مطابق مزدورن جي حالت
به بهرحال بهتر ٿيڻي آهي. اهي سڀ سڌارا بيجان
ٿيندا، جيستائين اسان مان هرڪو فرد مڪمل محنت نه
ڪندو. محنت ۽ صرف محنت ئي اسان لاءِ انقلاب جي
علامت آهي. هاريو، مزدورو، شاگردو، محنت ڪريو ۽
سنڌ کي پرمارشاهيءَ ۽ آپيشاهيءَ جي آفت کان آجو
ڪريو.
(”نئين زندگي“، مارچ 1972ع تان کنيل)
21- اپريل 1972ع، جمعي جي ڏينهن کان، ملڪ ۾ مارشل
لا جو ڪارو راڄ ختم ٿي ويو. 14 کان
17- اپريل تائين، پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پهريون
ڀيرو عوام جي عيوضين جي چونڊيل قومي اسيمبلي گڏ
ٿي، جنهن ملڪ لاءِ ڪَچي آئين جي منظوري ڏني، جيڪو
21- اپريل کان لاڳو ٿي ويو. ان ريت، پاڪستان ۾
پهريون ڀيرو آئيني حڪومت قائم ٿي آهي. قومي
اسيمبلي وري 14- آگسٽ تي پَڪي آئين جي منظوريءَ
لاءِ گڏ ٿيندي. گذريل پنجويهن سالن دوران، ڪڏهن به
عوام کي سڌيءَ طرح پنهنجن عيوضين چونڊڻ جو موقعو
نه ڏنو ويو، ۽ نه ئي کين ملڪ لاءِ آئين جوڙڻ جو ڪو
وجهه مليو. ويهن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ملڪ جي
واڳ پرمارن ۽ فوجي آپيشاهن جي هٿ ۾ رهي، جن ملڪ ۾
ڏنڊي ۽ ڏهڪاءَ جو راڄ کڙو ڪري ڏنو، ون يونٽ ٺاهيو،
ماڻهن کي ٻه ڀيرا جنگ جي ٻُوهي ۾ ڏنو، لکين انسانن
جو ڪوس ڪرايو، عوام جا بنيادي حق غصب ڪيا، محب وطن
اڳواڻن کي غدار ۽ ڪافر ڪوٺي جيلن ۾ وڌو، اخبارن،
رسالن ۽ ڪتابن تي بندشون وڌيون ۽ ملڪ کي پرڏيهي
ناڻي تي وڪڻي ڇڏيو.
انهيءَ سموري پس منظر ۾، 21- اپريل 1972ع جو ڏينهن
بيشڪ ڀلارو آهي، جڏهن فوجي آپيشاهي ۽ مارشل لا جي
ڪاري راڄ جو انت آيو، ملڪ ۾ آئيني سرشتو شروع ٿيو،
۽ حڪومت جي واڳ عوام جي سڌيءَ طرح چونڊيل عيوضين
جي اسيمبلين وٽ آئي آهي.
صدر ذوالفقار علي ڀٽي، ساڳئي ڏينهن، عوام جي
چونڊيل صدي جي حيثيت سان، هڪ فوجي اسيمبلي جي
منظور ڪيل آئين هيٺ، قسم کنيو. ايندڙ 2- مئي تي
صوبائي اسيمبلين جا اجلاس ٿي رهيا آهن. ان ريت،
جمهوري سرشتي هيٺ جيڪي عوامي سرگرميون شروع ٿي
رهيون آهن، سي عام زندگيءَ جي سمورن پاسن تي
بنيادي اثر وجهنديون. مارشل لا جي ٻُوسٽ هاڻي ٿي
رهي آهي، عوام وٽ پنهنجا عيوضي موجود آهن، ماحول
جي آزاديءَ ۾ وڌيڪ اعتماد ۽ اتحاد حوصلي ۽ محنت
سان اسين پنهنجون تخليقي ۽ تعميري صلاحيتون ۽
سرگرميون اڳتي وڌائي سگهون ٿا. هر ڪنهن کي هاڻي
نئين انداز سان سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ کپي. عوامي ۽
اجتماعي ڪاروبار لاءِ هرهڪ فرد جي الڳ اهميت آهي.
تنهن ۾ اتحاد ۽ رابطو آڻي، قوم ۽ ملڪ کي مضبوط ۽
آسودو بنائي سگهجي ٿو. اسان جن اديبن ۽ شاعرن،
استادن ۽ شاگردن، صحافين ۽ سگهڙن کي کپي ته پاڻ ۾
گڏجي، جمهوري قدرن کي وڌائڻ جو وڏو ڪم هٿ ۾ کڻن.
(”نئين زندگي“، اپريل 1972ع تان کنيل)
امن خدا جو امر، قدرت جو نُور آهي. امن پيغمبرن جو
مقصد، ولين ۽ درويشن جو دستور آهي. امن ڪائنات جي
تخليق جو راز، نسورو ئي ناز آهي. امن تاريخ جي
تقاضا، وقت جو آواز آهي. امن انسان جي اولين مراد
۽ آخرين منزل آهي. امن ڌرتيءَ تي انسان ۽ سندس
تهذيب جي سلامتيءَ جو واحد وسيلو، ۽ هن دور جي هڪ
ئي پڪار آهي. هر ملڪ، هر قوم، هر فرد اڄ جنگ جي
انديشي کان هيسيل ۽ هراسيل آهي. ڌرتيءَ جي انچ انچ
هيٺان بارود ڀريل آهي. ائٽمي ۽ هائڊروجني هٿيارن
جا هن زمين تي ايڏا انبار ڪٺا ڪيل آهن جو ههڙيون
ڏهه- ويهه دنيائون هڪ ئي وقت تباهه ٿي وڃن. انهيءَ
مڪمل اجتماعي خطري سان گڏ، هرڪو ملڪ هڪٻئي جي خلاف
ڪمرڪشي بيٺو آهي. هر ڪنهن ملڪ کي هر ڪنهن ملڪ کان
خوف پيو لڳي. تنهن سان گڏ وري، هر ڪنهن ملڪ جي
مختلف آبادين، طبقن ۽ گروهن ۾ سياسي ۽ اقتصادي
انتشار جون حالتون هلي رهيون آهن.
اهڙيءَ صورتحال ۾، هر ڪنهن حڪومت لاءِ پنهنجي ملڪ
جي سلامتيءَ جا مسئلا، سڄيءَ دنيا کان وٺي، پنهنجي
عوام جي هرهڪ فرد تائين ڦهلجي، عجب نموني ۾ اُلجهي
پيا آهن. انهن کي هڪ ئي وقت سلجهائڻ جي حالت ۾،
اهي مسئلا تهان وڌيڪ منجهيل آهن. گذريل پنجويهن
سالن واري آپيشاهي راڄ دوران هن ملڪ کي سڄيءَ دنيا
سان، پاڙيسري ملڪن سان، ۽ وري سڀني صوبن کي هڪٻئي
سان ۽ صوبن اندر عوام جي مختلف طبقن ۽ گروهن کي
هڪٻئي سان ويڙهائڻ جي منظم سازش عمل ۾ ايندي رهي،
امن جو پکيئڙو هتان پَرَ ڪري اُڏامي ويو، پاڪستان
سڄوئي فساد جو گهر ٿي ويو، ملڪ جي سسي لهي ويئي،
مڙس به ويا، ٽڪا به ويا، ڪافر ۽ مومن جي نالي تي،
ٻاهر ڀارت سان جنگيون ڪيون ويون، ته اندر ماڻهن جي
فڪر ۽ تهذيب کي ٻوساٽي سياسي ۽ اقتصادي تشدد کي
عام ڪيو ويو، خالي خزاني، ۽ سياسي ۽ اخلاقي ڏيوالي
جي حالت ۾، نئينءَ حڪومت اچي ملڪ جي واڳ ورتي، فقط
ڇهن مهينن اندر، ٻيو نه، ته ايترو ضرور ٿيو آهي جو
اسان کي پنهنجي منجهيل سُٽ جو ڪو ڇيڙو هٿ اچي ويو
آهي.
انهيءَ جي اوٽ تي، مختلف بنيادي سڌارن سان گڏ،
اسين دنيا سان ٺاهه واري گس تي نڪري آيا آهيون.
پنهنجي پاڙيسري ملڪ ڀارت سان امن جي ڳالهه اسين
چوري چڪا آهيون، ۽ ان ۾ بنيادي ڪاميابي جيڪا ٿي
آهي، سا شايد اقوام متحده معرفت به ڪئين سالن کان
پوءِ ممڪن ٿي سگهي ها. سرحدن تان فوجون هٽرائي،
کٽيل ايراضي موٽائڻ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانهي. ڀٽي
صاحب جي تدبر جو اِهو نتيجو آهي، جنهن ۾ بيشڪ
آئندي جي امن جي آس رکي سگهجي ٿي. ڀارت وارن به
جيڪو امن ڏانهن لاڙو ڏيکاريو آهي، سو برصغير جي
مستقبل لاءِ گهڻو همتائيندڙ آهي. ڪهڙو مومن، ڇا جو
ڪافر؟ ڀائپيءَ جو بنياد فقط انسانيت ئي آهي.
پاڪستان هاڻي فساد جي گهر هجڻ بدران، امن جو اڏو
بنجڻ کپي. نفرت اسان جو وڙ ڪونهي، ۽ اسان جي حڪومت
ان کي پنهنجي عوام جي آسودگيءَ جي علامت ٺهرائي
رهي آهي، سا هڪڙي ئي ڳالهه مبارڪباد جي لائق آهي.
ملڪ اندر، سنڌ جي تهذيبي ۽ اقتصادي مسئلن کي حل
ڪرڻ طرف ڌيان ڏيئي، سنڌ سرڪار وڏي حوصلي ۽ لياقت
جو ثبوت ڏنو آهي. ڪلهه ئي، سنڌ اسيمبليءَ سنڌي
زبان کي سنڌ ۽ دفتري ۽ عدالتي زبان طور رائج ڪرڻ
جو فيصلو ڪري، پاڻ ملهايو آهي. ان ريت، سنڌ جا
ڪيترائي تهذيبي، اقتصادي، ادبي، سياسي ۽ سماجي
مسئلا عنقريب گهڻي ڀاڱي حل ٿي ويندا. ”حق بحقدار
رسيد“. جيتوڻيڪ سنڌي زبان جي منزل اتي ئي ڪانهي،
پر اسين پنهنجن لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي، بهرحال،
مبارڪباد ڏيون ٿا. سنڌي ادب ۽ تهذيب جي حفاظت
واريءَ جهونيءَ هلچل ۾، اهو بيشڪ ڪاميابيءَ جو هڪ
نشان آهي. اسان جن اديبن، صحافين، شاگردن، استادن،
پورهيتن مڙني سنڌين جي همٿ سان گڏ، سنڌ اسيمبليءَ
جي مڙني سنڌي ميمبرن جي پڪي ارادي جو اهو نتيجو
آهي. اسين مڙني کي مبارڪباد ڏيندي، پاڻ کي عملي
طرح انهيءَ حاصلات جي اهل ثابت ڪرڻ جي اميد سنڌ جي
سموري عوام ۾ رکون ٿا.
(”نئين زندگي“، مئي- جون، 1972ع تان کنيل)
”نئين زندگي“ جو هيءُ جولاءِ 1972ع جو پرچو - سلور
جُوبلي سال جو ستون پرچو - ڪافي دير سان شايع ٿي
رهيو آهي. ان لاءِ حالتن جا سبب اسان وٽ ڪافي آهن،
پر اسين رڳو پنهنجن پڙهندڙن کان معافيءَ جا طلبگار
آهيون. هونئن به، اخبارن ۾ اڳي ئي ڪي خبرون ”نئين
زندگي“ جي آئندي بابت اچي چڪيون آهن ۽ ڪن پڙهندڙن
خط لکي اسان کان ان باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي آهي.
سياسي ۽ سماجي حالتن ان دوران اهڙي ڪا اهميت
اختيار ڪري ورتي آهي جو علم- ادب جي اهميت اسين سڀ
وساري ويٺا آهيون. ضرورت نه هجي، ته پوءِ کاڌو ڇو
کائجي - اِهو ڏيکاءَ هن باري ۾ به گهڻن ڏنو آهي.
جڏهن بک لڳندي، تڏهن نئين سر بورچيخانو بنائڻو
پوندو، سا ڳالهه توڪل جي تُرهي تي لُڙهڻ وارن کي
هينئر ڪٿي سمجهه ۾ ايندي. اسين بهرحال پنهنجن
پڙهندڙن کان وڌيڪ معافيءَ جا طلبگار آهيون جو سلور
جُوبلي سال جو پروگرام مڪمل نه ڪري سگهيا آهيون، ۽
ڪي خاص نمبر به اشاعت کان رهجي ويا آهن. اهو سمورو
مواد، بهرصورت، ڪنهن نه ڪنهن رٿا هيٺ شايع ٿي
ويندو.
گذريل پرچي جو ”حال احوال“ اسان سنڌ
اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ واري بل پاس ٿيڻ جي بنهه
ٻئي ڏينهن تي لکيو هو. تنهن کان پوءِ، بنهه انهيءَ
ئي ڏينهن کان، ٻوليءَ جي بنياد تي فرقيوار فساد
شروع ٿي ويا، جن جو پڙاڏو سڄي پاڪستان ۾ گونجي
ويو. ٻين به ٽنهي صوبن جي ماڻهن ۽ ملڪيتن جو مسئلو
هو. سڀني کي بيقراري هئي. قومي اسيمبليءَ جي هلندڙ
اجلاس ۾ وڏا آواز اُٿاريا ويا. ٻين صوبائي حڪومتن
۽ جماعتن جا وفد سنڌ جي گشت تي نڪري پيا. شهرن جي
باهه ڳوٺن تائين پهچڻ لڳي هئي. ٿورن ئي ڏينهن اندر
ڪروڙن رپين جون ملڪيتون دف ٿي ويون، ڪئين ماڻهو
موت جو بک بنجي ويا. روزمرهه ڪاروبار ٺپ ٿي وڃڻ
ڪري، اڃا به سوايو قومي نقصان ٿيو. سڀ کان وڌيڪ،
سنڌ جي امن پسند ڌرتيءَ تي فساد ۽ فتني جو پايو
وڌو ويو. يقيناً، سڄي ملڪ کي هاڃو رسائڻ وارا سخت
سزا جا لائق آهن. سزا سرڪار به ڏيندي آهي، ۽ قدرت
به. سنڌ جي تاريخ تي اسين مڪمل طرح اعتماد ڪري
سگهون ٿا. سنڌي زبان، سنڌ جي تاريخ جو ارتقائي
نشان آهي.
سنڌي زبان، انساني تمدن جي هن قديم ترين علائقي ۾
قدرت جو شان آهي. سنڌي زبان، سنڌ جي سرڪار لاءِ
اقتدار جو واضح وسيلو آهي. سنڌي زبان، مهر ۽ محبت
جي زبان، ۽ سنڌ جي ڌرتي، امن ۽ خير جي ڌرتي آهي.
اسان کي مهر ۽ محبت، امن ۽ خير جي پرورش هر حال ۾
ڪرڻي آهي. اهو فيصلو اسين پنهنجو پاڻ ڪري سگهون
ٿا. سنڌ جي بزرگن ۽ درويشن جا قول ۽ اقوال اسان جي
رهنمائي ڪن ٿا. حق جي فيصلي جو هڪڙو اهو مثال به
اسان پڙهيو هو، جنهن ۾ ٻه عورتون هڪ ئي ٻار جي
ماءُ هجڻ جون دعويدار هيون. قاضيءَ پوءِ حق کي
پڌري ڪرڻ لاءِ ڪهڙو طريقو ورتو؟ انهيءَ معيار تي
فساد ۽ فتني جا باني هتي به پرکجي پوندا. سنڌ جي
تاريخ انهن کي به سزا ڏيئي ڇڏيندي. اسان کي وري به
پنهنجي علم- ادب، زبان ۽ ملڪ جي تعمير جو بنيادي
ڪم جاري رکڻو آهي. سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن،
صحافين، استادن، شاگردن، سڀني دانشورن کي پنهنجي
عوام جي تعليمي، سياسي ۽ سماجي سجاڳيءَ جو فرض وڏي
پيماني تي پورو ڪرڻو آهي. اچو ته تخريب جي مقابلي
۾، تعمير جو ڪوٽ کڙو ڪريون.
(”نئين زندگي“، جولاءِ 1972ع تان کنيل)
|