اسحاق انصاري
شمشيرالحيدري
هڪ کير ڌارا
جن گھُري هئي دل ، ياد جو تحفو ڪري
سي به اڄ ”شمشير“ جي
خاطر خبر ڀُلجي ويا
زندگي ته هر ڪو گذاري ٿو ڪو زندگيءَ جي هڪ پاسي کي
وٺي چڪيءَ جي ڏاند جيان هڪ ئي سرڪل ۾ هلندو رهي ٿو
ته ڪي شخصصيتون وري هڪ بي چين روح جيان زندگيءَ جي
مختلف روپن ۽ روين ۾ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪندي نظر
اچن ٿا پر تڏهن به سندن ترشنا گھٽجي نه ٿي. هونئن
شخصيتون به ڪڏهن ماٺيڻي ندي هونديون آهن ته ڪڏهن
پرزور ۽ پرشور سمنڊ ته ڪڏهن وري هڪ اڪيلو ستارو ته
ڪڏهن کيرڌارا جيان هونديون آهن.
شمشيرا الحيدري اهڙين شخصيتن مان هيو جيڪي زندگي
پرشور سمنڊ ۽ کيرڌارا جيان گذاريندا آهن. پوري
زندگي چيلنجن کي منهن ڏيندي ۽ سمورن رنگن ۽ دوستن
سان ساڻ رهندي پنهنجي عمر کي توڙ تائين پهچائيندا
آهن.
شمشير الحيدري، جنهن کي سنڌ سڃاڻي ٿي. سندس
شخصيت گھڻ پاسائين، هئي جيئن پرزم ۾ هڪ طرف کان
روشني وڃي ٿي پر ستن رنگن ۾ ٻاهر نڪري ٿي. شمشير
الحيدري به هڪ گھڻ پاسائين شخصيت هيو، هڪ پاسي هو
صحافي، ته ٻي پاسي هو سٺو منتظم ۽ ايڊيٽر هو، ٽئين
پاسي هو شاعر ته وري چوٿين پاسي هو ڊرامانگار هو،
۽ پنجين پاسي هو مڃيل ڪمپيئر هيو. مطلب ته هر فن
مولا هيو. اسان هُن جي باري
۾ ڪڏهن به انگلش چوڻي جيئن نه چئي سگهنداسين ته هو
“جيڪ آف آل ٽريڊس ماسٽر آف نن” هو پر هُو ته هر
پاسي ماسٽر هيو.
سندس صحافتي زندگي ڏسون ٿا ته ادبي رسالن جي صحافت
کان وٺي، اخبارن جي ايڊيٽري تائين هو پنهنجا جوهر
ڏيکاريندي نظر اچي ٿو. حقيقت اها آهي ته مولانا
عبدالواحد سنڌي کان پوءِ شمشير ئي نئين زندگيءَ کي
زندگي ڏني. ان کان علاوه به هنن ڪيترن اخبارن ۽
ميگزينن جي ايڊيٽري ڪئي. پر خاص ڪري 1983 جي ايم
آر ڊي تحريڪ ۾ جڏهن شمشير هڪ اخبار (جنهن جي پارٽي
ان تحريڪ جي مخالف هئي ۽ ان جو سرواڻ ڊڪٽيٽر سان
گڏ ويٺو هجي) جي جڏهن ادارت شروع ڪئي ته اها اخبار
جنهن کي ڪوئي پڇندو نه هو اسٽالن تي پهچڻ کان اڳ
ئي کپي ويندي هئي. اهو صرف ۽ صرف شمشير جي بهادري
۽ ماڻهن سان ڪميٽمينٽ جي ڪري ئي ممڪن هو. اها ٻي
ڳالهه آهي ته سندس ايڊيٽرشپ ڪجھ ڏينهن ئي هلي
سگھي.
شاعري جي حوالي سان شمشير هڪ رڌم وارو شاعر آهي.
هن پنهنجي گھڻي شاعري ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ
لکي(فلم جي مون کي خبر ناهي). پر اصل ڳالهه اها
آهي ته شمشير جي جيڪا به شاعري آهي چاهي اها پوءِ
“لاٽ” مجموعي جي صورت ۾ ظاهر ٿي يا وري ريڊيو ۽ ٽي
وي تي هلي پر ان سڄي شاعريءَ ۾ تخيل ۽ سُر، اتم
درجي جا موجود آهن. اسان وٽ هونئن ته سڀني کي شاعر
سڏيو وڃي ٿو پر انگريزي معاشري ۾ اهڙن شاعرن جيڪي
ريڊيو ٽيليويزن ۽ فلم لاءِ شاعري ڪندا آهن، هنن کي
ليرڪسٽ سڏبو آهي. شمشيرالحيدري کي به ليرڪسٽ چئي
سگھجي ٿو. هتي مان اهو به ضرور ٻڌائيندو هلان ته
جيئن پاڪستان ۾ ٽيليويزن آئي ته اردوءَ جا نامور
اديب ان طرف پنهنجو ڌيان ڏيڻ لڳا تيئن اسان وٽ
سنڌيءَ ۾ به رائيٽرن ان محاذ تي به پنهنجو مورچو
مظبوط ڪيو ۽ ليکڪن ۽ ڪمپيئرن جي کوٽ هئي پر جن ان
کوٽ پوري ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو انهن ۾ شمشير
به شامل هو. جيڪا پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم ڳالهه
آهي.
شمشير الحيدري هڪ سٺو ڊراما نگار به آهي، جنهن جي
ڊرامن ۾ تفريح کان علاوه، سنڌي روايتن جا اولڙا به
آهن. مون کي شمشير صاحب جي هڪ مزاحيه ڊرامي جو هڪ
ڊائلاگ ياد آهي جيڪو مان اڃان تائين به استعمال
ڪندو آهيان. هڪ ڪردار جيڪو ڪنهن ڳالهه تي مونجھو
ٿي پئي ٿو ان کان جڏهن ڪير پڇي ٿو ته تو کي ڇا ٿي
پيو آهي ته هو جواب ٿو ڏي “مون کي مينهن ٿي پئي
آهي“.
مون کي اهو ڊائلاگ ڏاڍو وڻيو هو ۽ وڻندو آهي ڇو
جو اسان حساس ماڻهن جي به ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ڪيفيت ٿي
پوندي آهي جنهن ۾ ڪجھ سمجھ ۾ نه ايندو آهي دل
ڳالهائڻ تي نه چوندي آهي. مان جڏهن به ان ڪيفيت ۾
هوندو آهيان ته مان چوندو آهيان ته مون کي مينهن
ٿي پئي آهي.
هونئن ته شمشيرالحيدري صاحب سان پري جي وابستگي،
شعور ۾ اچڻ کان وٺي هئي. نئين زندگي هجي، مهراڻ
هجي يا سندس لاٽ مجموعو هجي ان جي وسيلي شمشير
صاحب سان ملاقات رهندي هئي. پر آمهون سامهون
ملاقات ڪراچي ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي، مختلف ادبي
پروگرامن ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون هيون، هو هميشه
سڀني سان قرب سان ملندو هو.
ان کان پوءِ ڪنهن زماني ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو بحران
شروع ٿيو جنهن جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته ان وقت جي
تعليم واري غير سنڌي وزير کي بورڊ جو چيئرمين پئي
ڪيو ويو. ان وقت ڪراچي جي اديب دوستن سوچيو ته هڪ
اپيل ٺاهي وڃي جيڪا حڪومت جي چڱن مڙسن تائين پڄائي
وڃي ۽ جي ضرورت پئي ته وزير اعلي سان ملڻ جو به
بندوبست ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ هڪ ميٽنگ پاڪستان
ڪوارٽرس ۾ هدايت بلوچ جي گھر ٿي ۽ اپيل ٺاهڻ وارن
۾ شمشيرالحيدري هجي، مان به ساڻس ڪم ڪيو ۽ ڊرافٽ
تيار ڪيو ويو. اها گڏجاڻي شمشير الحيدري سان
ويجھڙائپ جو پهريون موقعو هو. مون کيس ٻڌايو هو ته
سندس نظم “چوي ڪير ٿو ته تون ڪجھه نه ڪر....”
منهنجي لاءِ ڪافي آساني پيدا ڪئي آهي جو پنهجين
سنگتياڻين جي تعريف ڪرڻ لاءِ ان کان وڌ ڪو ٻيو
مناسب اظهار ڪونهي. تڏهن ئي ته ٻه ٽي سال اڳ جڏهن
شمشيرالحيدري سان سچل ڳوٺ ۾ رهاڻ رکي وئي ۽ دوستن
مون کي به اسٽيج تي شمشير صاحب ۽ عبدالغفار تبسم
سان گڏ اسٽيج تي ويهڻ جو موقعو ڏنو ته مون کي ڏاڍي
خوشي ٿي ۽ ان موقعي تي مون پنهنجي تقرير ۾ به اهڙو
اظهار ڪيو هو ته اڄ مون جڏهن پنهنجي هڪ سنگتياڻي
کي ٻڌايو ته ان پروگرام ۾ وڃان پيو ته هُن منهنجي
ياد تازي ڪرائي ته “تون به ته خيرپور ريڊيو تي آن
ايئر مون کي ڏسي پنهنجي پيار جي اظهار لاءِ شمشير
جو شعر پڙهيو هو” اهو ٻڌي منهنجو من مرڪي پيو. ها
بلڪل مان ان وقت ان انڊلٺ جهڙي ڇوڪريءَ جي تعريف
ڪرڻ لاءِ مون سائين شمشير جو سهارو ورتو هو.
“چوي ڪير ٿو ته تون ڪجھه به نه ڪر،
پنهنجي حسن دوزان تي نازان نه ٿي
...نه ڪر سينڌ سرمون...”
شمشير مُرڪي پيو هو. هونئن مرڪندو ته هر هنڌ ۽ هر
وقت هو پر سج لهڻ کان پوءِ وارين ڪچهرين ۾ ڪجھه
وڌيڪ ئي مرڪندو، ٻهڪندو ۽ چهڪندو هو. سندس طبعيت ۾
حاضرجوابي ۽ وقت تي جملو ڦهڪائڻ جي به هڪ صلاحيت
هئي.
ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ جڏهن انيس انصاري اڪيڊمي جي
آفيس ٺهي ته اتي ادبي پروگرم به شروع ٿيا ۽
شمشيرالحيدري به انهن محفلن ۾ ايندو هو. هو جڏهن
پهريون ڀيرو منهنجي اوطاق/آفيس ۾ ادا هدايت بلوچ
سان داخل ٿيو هو ته منهنجي ننڍي اوطاق وشال آڪاش
جيان وڏي ٿي وئي هئي ۽ چمپا جا گل ٻهڪي پيا هيا.
مون وڌي سندس آڌرڀاءُ ڪيو هو ۽ هن مُرڪي ڳلي لڳايو
هيو. اهو مڄ مشاعرو هو. جيڪو ڊسمبر 2010 ۾ ڪيو ويو
هو. ان مشاعري جي صدارت به شمشير صاحب ڪئي هئي.
شمشير الحيدري ان مشاعري ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائي
پهريان هڪ غزل ٻڌايائين ته
دروازو کليل آهي من ڪوئي اچي نڪري
لوڪ سمهيل آهي من ڪوئي اچي نڪري
ان غزل تي هدايت بلوچ، شمشير کان پڇيو ته ”اهو
نئون غزل آهي ڇا؟” جنهن جي جواب ۾ شمشير ٻڌايو ته
نه گھڻو پراڻو آهي، مون امالڪ چيو ته “جڏهن توهان
اڃان ننڍا هيئو” ته شمشير مرڪي ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي.
هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته هدايت بلوچ صاحب،
شمشير الحيدري سان گهرو هجڻ ڪري مذاق ڪندو رهندو
هيو ۽ شمشير صاحب مرڪندو رهندو هو پر جيڪڏهن کيس
بُل ملي ويندو هو ته هدايت کي جملو ڦهڪائي ڇڏيندو
هو. سونار هڻي سئو ڌڪ ۽ لوهار...
شمشير صاحب ان مشاعري ۾ سڀني دوستن جي اسرار تي
پنهنجو مشهور نظم “چوي ڪير ٿو ته تون ڪجھه نه ڪر...”
ٻڌايو هو.
ان کان علاوه انيس انصاري اڪيڊمي پاران 19 فبروري
تي بسنت مشاعرو ٿيو جنهن ۾ شمشير صاحب پنهنجا به
تازا نظم(۽ شايد آخري تخليقون) ٻڌايون هيون.
مشاعري جي صدارت ڪندي پنهنجي تقرير ۾ شمشير صاحب
چيو هو“ته هي مشاعرو جنهن ۾ اسان سڀ شريڪ ٿيا
آهيون اهو اسانجي سدا ملوڪ، سهڻي دوست انيس انصاري
جي ياد ۾ آهي. سندن فرزند ميڙا مچائيندا رهن ٿا
ڏاڍي چڱي روايت آهي اسان وٽ عام طور تي اهو ٿئي ٿو
جن جا پويان آهن اهي ياد رهن ٿا، عبدالڪريم گدائي
آهي کيس ڪو ياد نه ٿو ڪري، نياز همايوني آهي، ان
جو ڪو وارث ڪونهي. اهڙي ريت اسانجا ڪافي اهڙا ليکڪ
آهن جن جا وارث يا ته ادب ذوق ناهن يا وسيلا ناهن
يا هنن کي انهن ليکڪن جو قدر ناهي. پر جي ڪي دوست
اهو ڪن ٿا اهو سٺو ڪم آهي اسان به جڏهن آيا آهيون
ته کيس(انيس انصاريءَ) کي ياد ڪيون ٿا تمام سٺو
ڪهاڻيڪار هو، ليکڪ هو ڏاڍو پيارو انسان هو منهنجي
به ان سان شناسائي هئي....“
هتي مان اهو چوندو هلان ته شمشيرالحيدري صاحب جيئن
چيو ته انهن کي ياد رکيو ٿو وڃي جنهن جا وارث آهن
ته هتي مان اهو چوندس ته سائين شمشيرلحيدري جا
وارث موجود آهن ۽ انيس انصاري اڪيڊمي به سندس جنم
ڏينهن يا ورسي ملهائيندي رهندي.
زيب سنڌي
شمشير کي سڏ ڪيو
مون زندگيءَ ۾،
ڪڏهن به فقير منش ليکڪ شمشيرالحيدريءَ کي
مايوس نه ڏٺو.
وڏي کان وڏي مشڪل ۾ به
کِلي
چوندو هو-
”مولا تي ننگ آهي.“
۽ جنهن جو مولا تي ننگ هو، سو اڄ اسان کان موڪلائي
مولا ڏانهن هليو ويو آهي، پر پنهنجي پويان پنهنجو
ايترو ڪم ڇڏي ويو آهي، جو جيسين سنڌي ٻولي زندهه
رهندي، جيسين سنڌ سلامت رهندي، تيسين شمشي
الحيدريءَ جو نالو به زندهه
رهندو... ۽ سنڌ ته سدا سلامت رهڻي آهي.
حقيقت اها آهي ته شمشير الحيدريءَ گهڻو ڪجهه ڪيو
آهي. هن ادب، صحافت توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دنيا
۾ پنهنجا اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. ايم.آر.ڊي
تحريڪ واري وقت ۾ هو هڪ انتهائي گهٽ سرڪيوليشن
واري اخبار جو ايڊيٽر ٿيو هو، ته چند ڏينهن اندر
اها اخبار ان دور جي سڀ کان وڏي سرڪيوليشن واري
اخبار بڻجي وئي هئي. نه فقط اخبار، پر ٽماهي
”مهراڻ“ توڙي ماهوار ”نئين زندگي“ جا سندس دور
وارا شمارا سندس محنت ۽ ڏاهپ جو ڏيک ڏين ٿا.
شمشيرالحيدريءَ کي جيڪڏهن اسان سنڌي ٽي.وي
ڊرامي جو باني چئون ته اهو به غلط نه ٿيندو، ڇو ته
پاڪستان ٽيليويزن تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڊرامو ”زينت“
ٽيليڪاسٽ ٿيو هو، جنهن جي ڪهاڻي ته مرزا قليچ بيگ
جي ناول تان ورتل هئي، پر ان جي ڊرامائي تشڪيل
شمشيرالحيدريءَ ڪئي هئي. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ته هو
نهايت باڪمال ۽ محفلن کي مچائيندڙ شاعر رهيو آهي.
شمشير کي سڏ ڪيو، شمشير ڪٿي
آهي؟
محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد.
حقيقت به اها آهي ته شمشير جي شعر سنڌ جي ادبي
ميڙاڪن ۽ محفلن کي سدائين مچايو آهي. هن بندي سميت
جڏهن به ڪنهن ڪمپيئر، ڪنهن ادبي محفل جي ابتدا ۾
شمشير جو شعر ”دل جي پر شوق دلاسن تي هليا
آياسين....“ پڙهيو آهي ته سڄو هال تاڙين سان گونجي
اٿيو آهي.
شمشير الحيدريءَ بيماري واري حالت ۾ چيو هو ته:
” پٽ جي مدد سان ڪتابن جو رهيل ڪم پورو ڪرڻو آهي.
گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڪتابن جو مواد پيل آهي، جنهن کي
ڪتابن جي شڪل ڏيڻي آهي. آتم ڪٿا به لکڻي آهي، پر
اکين جي روشني ختم ٿيڻ سبب اهي سڀ ڪم اڌورا رهجي
ويا آهن.“
شمشير انتهائي بامقصد ۽ متحرڪ زندگي گذاري. آتم
ڪٿا جي صورت ۾ سندس زندگيءَ جا
تجربا اسان تائين پهچڻ گهربا هئا. مون کي خبر ناهي
ته شمشيرالحيدريءَ جو پٽ سليم احمد حيدري ڪيترو
ادبي ذوق رکندڙ آهي ۽ هو پنهنجي پيءُ
کي ڪيترو وقت ڏئي سگهيو هوندو ... خبر ناهي ته
شمشير پنهنجا رهيل ڪم پورا ڪري سگهيو يا نه ...
خبر ناهي ته هو پنهنجي آتم ڪٿا جو ڪو حصو لکرائي
سگهيو يا نه
شمشير الحيدري جڏهن بيماريءَ جي حالت ۾ پنهنجي پٽ
ڏانهن اسلام آباد هليو ويو هو،
تڏهن مون هڪ ڪالم ۾ لکيو هو
ته:
”شمشيرالحيدريءَ
جهڙي باڪمال ۽ سينئر شاعر جو هيل تائين فقط هڪڙو
ئي شعري مجموعو ”لاٽ“ جي نالي سان 1961ع ۾ ڇپيو
هو. ٻين موضوعن تي نثر ۾ ته سندس ڪجهه ٻيا ڪتاب
ڇپيل آهن، پر شمشير الحيدريءَ جي بنيادي سڃاڻپ هڪ
شاعر جي حيثيت سان ئي آهي ۽ سا به هڪ باڪمال شاعر
جي حيثيت. هتي غير سرڪاري ”واپاري“ پبلشرن کي ميار
ڏيڻ ته اجائي آهي، جو سنڌ ۾ طارق اشرف جهڙو ڪو
باشعور پبلشر ته هاڻي موجود ئي ناهي، ڇا قمر شهباز
جيان شمشير الحيدريءَ جا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ به اسان
جا علمي ادبي ادارا تڏهن اک پٽيندا، جڏهن شمشير
جون بي روشن بڻجي پيل اکيون سدائين لاءِ بند ٿي
وينديون!؟ مان ادبي
ادارن جي سربراهن
کي گذارش ڪريان
ٿو ته هو شمشيرالحيدريءَ جا اڻ ڇپيل، توڙي اڳ ڇپيل
ڪتاب ٻيهر ڇپائڻ جو بنا دير جي بندوبست ڪن، جيئن
نه فقط هن باڪمال ليکڪ ۽ شاعر جو قلمي پورهيو
پڙهندڙن تائين پهچي سگهي، پر شمشير پاڻ به پنهنجي
زندگيءَ ۾، پنهنجي علمي ڪم کي ڪتابن جي صورت کڻي
چٽيءَ طرح ڏسي نه سهي، (جو سندس نظر بنهه گهٽجي ويئي
آهي) پر انهن ڪتابن کي ڇهي ته سگهي“
جنهن ڏينهن منهنجو اهو ڪالم ڇپيو هو،
ان ڏينهن ئي
هڪ اداري جي سربراهه
مون کي فون ڪري صلاح ورتي هئي ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟
مون
کين
گذارش ڪئي هئي ته اوهان سڀ کان پهرين شمشير جا
ڪتاب ڇپرائڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي ڏينهن جي اخبار ۾
اهڙو بيان
ڇپجي آيو،
جنهن کان پوءِ
مذڪوره اداري
جي سيڪريٽريءَ کي شمشير ڏانهن اسلام آباد پڻ
موڪليو
ويو. پوءِ ڇا ٿيو، ڪا خبر نه آهي؟
بهرحال،
شمشير جو مواد،
معتبر ادبي ادارن
طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي،
سنڌ واسين تائين پهچڻ
گهرجي.
ذوالفقار سيال
سو به
دنيا مان اڄ گذاري ويو!
شمشيرالحيدري، سنڌي ٻوليءَ جو اهم خدمتگار هو،
جنهن سڄي ڄمار سنڌي ادب جي خدمت ڪئي ۽ اهوئي سندس
روزگار هو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پهريون اجلاس،
جنهن ۾ اياز قادريءَ کي سيڪريٽري جنرل ۽
شمشيرالحيدريءَ کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو، ان
کان پوءِ هو سيڪريٽري جنرل ٿي ويو. شمشيرالحيدري
سنڌي ادبي سنگت کي هڪ وڏي ادبي جماعت کي حيثيت سان
قائم رکيو ۽ ان جي وڌاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان
وقت روسي ادب جو زور هو. شاعريءَ ۾ نيون صنفون
رائج ٿيون. آزاد نظم ترقي ڪئي، شمشيرالحيدري ان ۾
به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ”آزاد نظم“ تي
مضمون لکي، ان جي اهميت ۽ هيئت متعلق نوجوانن کي
مفيد ڄاڻ ڏني.
شمشيرالحيدري جا رُخ گهڻا هئا، هو صحافي، ايڊيٽر،
ڊرامه نگار، شاعر ۽ مضمون نگار هو. هُو سڀني شعبن
۾ ڪامياب رهيو، ”نئين زندگيءَ“ کان ”مهراڻ“ تائين
هن جو سفر سڦل رهيو.
اسان وٽ جڏهن هڪ ٽي.وي چئنل هئي، پي.ٽي.وي جتان
صرف سنڌي زبان ۾ پهرين اڌ ڪلاڪ بعد ۾ روزانو هڪ
ڪلاڪ جو پروگرام هلندو هو، مختلف نوعيت جي مختلف
پروگرامن جون پنهنجون ضرورتون هونديون هيون، ڪڏهن
ڪهڙي موضوع تي ڪو گيت لکڻو هوندو هو، يا اسڪرپٽ
گهربل هوندي هئي، يا ڪو تڪڙو پروگرام ڪرڻو هوندو
هو تڏهن شمشيرالحيدريءَ جون خدمتون حاصل ڪيون
وينديون هيون، هُو حاضر ميزبان به هوندو هو،
اسڪرپٽ رائيٽر به هوندو هو ته شاعر به. ضرورت وقت
هن پي.ٽي.ويءَ لاءِ ڪيترائي ڊراما به لکيا ته
مزاحيه پروگرامن جا اسڪرپٽ ۽ پيروڊي سانگس به. ان
وقت پي.ٽي.وي وٽ ڪل وقتي ٽي ڄڻا هئاسون هڪ شمشير،
مان ۽ سائل آزاد. سائل آزاد اڃا تائين پنهنجو
ڪردار ادا ڪندو پيو اچي. باقي منهنجا مختلف فيز
هئا، ڪڏهن عبدالڪريم بلوچ صاحب ناراض ٿيندو هو ته
ڪڏهن ممتاز مرزا صاحب. پوءِ ڪجهه عرصو، مون لاءِ
ٽي.ويءَ جا دروازا بند هوندا هئا، اها وڏي ڪهاڻي
آهي، پر ان جا گواهه بيدل مسرور، اعجاز عليم عقيلي
۽ سميع بلوچ اڃا موجود آهن.
شمشيرالحيدري
جيئن ته ٽي.ويءَ جي ضرورت هوندو هو، انڪري هو
هميشه اِن رهيو، هڪڙو اهڙو وقت به آيو، جو غير
سرڪاري طرح هو ٽي.ويءَ لاءِ لکيل اسڪرپٽ به چيڪ
ڪندو هو ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر هو، ان جي شمشيرالحيدري
اوڪي ڪئي ته ٺيڪ آ، ورنه اها اسڪرپٽ رد ڪئي ويندي
هئي، حالانڪ ٽي.ويءَ ۾ اسڪرپٽ ايڊيٽر هميشه موجود
رهيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن اها ذميواري ڪنهن پروڊيوسر کي
ڏني ويندي هئي.
ان ۾ به ڪو وڌاءُ ناهي ته ان زماني ۾ جيڪي ٽي.وي
پروڊيوسر هوندا هئا، اهي پاڻ پنهنجو مٽ هوندا هئا،
هُو رڳو پروڊيوسر نه پر پنهنجي ذات ۾ انجمن هوندا
هئا. جن ۾ ذوالفقار نقوي، بيدل مسرور، فدا حسين
بلوچ، محمد بخش سميجو، هارون رند، فيض ٻگهيو،
منظور مگسي، سلطانه صديقي، اقبال سعيد انصاري،
قربان چنا، نواب لغاري، عبدالحق عظيم، چنا شبير
ناز، انهن سڀني جو نوڪريءَ کان علاوه پنهنجو
پنهنجو بيڪ گرائونڊ هوندو هو، هُو آرٽ جي ڪنهن نه
ڪنهن فيلڊ سان به لاڳاپيل هوندا هئا، انڪري اهي
سڀئي ٻين جي ڀيٽ ۾ شمشيرالحيدريءَ کي وڌيڪ اهميت
ڏيندا هئا، انهن کي به هڪ جاندار اسڪرپٽ ۽ پروگرام
ملندو هو.
شمشيرالحيدريءَ جو اهو به ڪمال هوندو هو ته هو
بروقت هر موضوع تي شاعري ۽ اسڪرپٽ لکي ويندو هو،
ڀلي ڪهڙو به موضوع هجي، ان جو انداز ڏاڍو بهتر
هوندو هو.
سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي پئي ملهائيسين، ان
وقت مان سيڪريٽري جنرل هيس، گولڊن جوبلي ڪاميٽي
ٺاهيسين، مرحوم نورالدين سرڪي ان جو چيئرمن هو ۽
باقي ميمبرن ۾ شمشيرالحيدري به هو. سرڪي صاحب جي
آفيس ۾ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿيندي هئي،
شمشيرالحيدريءَ نورالدين سرڪي صاحب جي عزت ۽
احترام ڪندو هو ۽ سرڪي صاحب هر پوائنٽ تي
شمشيرالحيدريءَ کان راءِ وٺندو هو، ۽ ان کي شامل
به ڪندو هو. نورالدين سرڪي صاحب جي وفات کان پوءِ
ان ڪاميٽيءَ جو چيئرمن شمشيرالحيدريءَ کي ڪيوسين،
ان وقت ڪجهه دوستن ان تي اعتراض ڪيو، ته هي گولڊن
جوبلي صحيح ناهي، اها اڳ ٿي چڪي آهي.
شمشيرالحيدري، عرفان عباسي جي مئگزين ”سنڌ رويو“ ۾
انٽرويو ڏيندي دوستن جي اعتراض کي رد ڪيو، ۽ هو
چوندو هو ته اُهي جيڪي اعتراض ٿا ڪن، اُهي ان وقت
اڃا پيدا مس ٿيا هوندا، اهي اسان اکين ڏٺن گواهن
کي ڪيئن رد ٿا ڪن. بهرحال شمشيرالحيدريءَ جي سنڌي
ادبي سنگت سان آخر دم تائين ڪمٽمينٽ برقرار رهي ۽
هو مون سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ادبي سرگرمين ۾
شامل ٿيندو رهيو. اسان ڪيترائي مشاعرا گڏجي اٽينڊ
ڪياسين. هو شاعريءَ جي اهڙي ته ڀلي پئروڊي ڪندو
هو، جو موجود سڀ انجواءِ ڪندا هئاسون.
شمشيرالحيدري، طبيعتاً ”فقير“ هو، هميشه زندگيءَ
جا مسئلا ۽ اهنج، پنهنجي چين سموڪنگ جي دونهين ۾
اڏائيندو رهيو، سيلاني طبيعت رکندڙ، سنڌ جو هيءُ
ٻهڳڻو انسان، جنهن پاڻ کي ڪوشش ڪندي غير تڪراري
رکيو. هن جي ساڄي ۽ کاٻي ڌر وارا هڪ جيتري عزت
ڪندا هئا. حالانڪ هن ۾ ساڄيءَ ڌر جي ڪابه خاصيت نه
هئي. جڏهن ته کاٻي ڌر جون سڀ خوبيون هيون.
شمشيرالحيدري هلڪي هلڪي بيماريءَ ۾ هميشه مبتلا
رهيو، جنهن جي هن ڪڏهن به پرواهه نه ڪئي، زندگيءَ
جي آخري ڏينهنِ ۾ جڏهن هو
”پارڪ لائين“ اسپتال داخل هو، تڏهن صفا ضعيف، نٻل
۽ بي سَتو هو، مون ان وقت به هن کي زندگيءَ کان
پڇتائيندي نه ڏٺو. حالانڪ ان وقت سندس حالت غير
هئي. بهرحال فقيري انداز سان زندگي گذاريندڙ،
شمشيرالحيدري 21 رمضان تي وفات ڪري ويو ۽ ان دنيا
وارن کي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته حيدري، حيدري ئي
رهندا آهن ۽ اُهي پنهنجي رب کي پيارا هوندا آهن،
ڀلي ساڄي يا کاٻي ڌر ڇا به چوي.
شمشيرالحيدري سنڌي ادب، شاعريءَ جو اهو باب آهي
جيڪو جيستائين ٻولي ۽ ادب موجود آهي هر ريفرنس طور
ياد رکيو ويندو ۽ هن جا ريفرنس موجود رهندا.
شمشيرالحيدري ان ”لٺ سردارن“ مان نه هو، جن کي
ماڻهو، ۽ عام اديب ته وڻندا آهن، جيڪي صرف سرڪاري
پروگرامن ۾ پاڻ کڻائي به پهچندا آهن. باقي ٻين
پروگرامن ۾ انڪري نه ويندا آهن. جو هي پنهنجي خرچ
تي شايد ماني به نه کائيندا آهن. رٽائرڊ ٿيڻ کان
پوءِ به سرڪاري ادارن جي حاضري ڀريندا ۽ ادارن
وارن جي ٽنڊ والي ڪندا آهن.
شمشير ادب جو سچو خدمتگار ۽ ساٿي هو، جنهن سموري
زندگي عام ماڻهن، غريب ۽ باشعور اديبن سان گذاري.
يوسف سنڌي
شمشير الحيدري: ڪجهه يادون
ڪجهه ڳالهيون
شمشيرالحيدريءَ کي پهريون ڀيرو مون ڪراچي ۾،
هفتيوار ”برسات“ جي طارق روڊ واريءَ آفيس ۾ ڏٺو.
اهو شايد نومبر يا ڊسمبر 1984ع جو زمانو هو. تڏهن
”برسات“ رسالي جي بَلي بَلي هئي.... رسالا بنهه
ٿورا هئا، تنهنڪري ”برسات“ ۾ ڇپجڻ جي خواهش هر
لکندڙ جي من ۾ هوندي هئي. ان وقت دستگير ڀٽي
”برسات“ جو ايڊيٽر ۽ يوسف شاهين رسالي جو مالڪ هئڻ
سان گڏ چيف ايڊيٽر به هو. آءٌ انهن ڏينهن دوران
”برسات“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڀرتي ٿيو هوس.
ٻهراڙيءَ جي ماحول مان آيو هوس. ادب سان دلچسپي
هئڻ سبب ڪتابن سان چاهه ۽ اديبن سان ملڻ ۽ انهن کي
ڏسڻ جو شوق فطري ڳالهه هئي
هڪ ڏينهن جيئن ئي آفيس ۾ ويٺو هوس ته هڪ سنهڙو
سيپڪڙو همراهه اندر آفيس ۾ لنگهي آيو، سلام
ڪيائين، مون جواب ڏيئي وڌي وڃي هٿ ڏنومانس. ”شاهين
صاحب آيو آهي؟“ ڪرسي تي ويهندي پُڇيائين.
”جي، آيو آهي.“ وراڻيومانس. ”ڪٿي آهي؟“
سگريٽ جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي ننڍي پائپ ۾ فٽ ڪندي
پڇيائين.
”هيٺ لهي ويو آهي... سامهون هوٽل تي...“
وراڻيومانس.
انهن ڏينهن ۾ يوسف شاهين طارق روڊ تي هڪ پٺاڻ سان
گڏجي هوٽل کوليو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن آفيس مان لهي هيٺ
هوٽل تي ان پٺاڻ سان گڏ وڃي ويهندو هو.
”هونهه....!“ ائين چئي، هن ميز تان هڪ پرچي کنئي ۽
ان تي لکيو: ”هڪ عدد دود پتي.... ڪڙڪ چانهه... کنڊ
۽ کير الڳ..... فٽافٽ- حيدري“ پرچي مون کي ڏيندي
چيائين: ”شاهين صاحب کي وڃي ڏي.“
آءٌ پرچي کڻي هيٺ هليو ويس ۽ سڌو وڃي يوسف شاهين
کي ڏنم ، جنهن هڪ نظر پرچيءَ تي وڌي ۽ پوءِ مُرڪي
پڇيائين: ”شمشير آيو آهي ڇا؟“ ان سان گڏ هن بيري
کي سڏيو ۽ کيس هڪ چانهه مٿي آفيس ۾ پهچائڻ لاءِ
چيو.
آءٌ واپس آفيس هليو آيس ۽ اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي
ويٺس ۽ دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي چيم: ”واهه! ته هيءُ
شمشير الحيدري آهي.....“
تيسين، يوسف شاهين به اچي ويو. انهن ڏينهن ۾ يوسف
شاهين جي شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ”اندر ۾ اهاءُ
ٿيو“. (سر ڄام ٻانڀيڻو) ڇپيو هو ۽ هڪ ڏينهن اڳ ئي
بائينڊر کان ان جون ڪجهه ڪاپيون آيون هيون. جنهن
جي ڪاپي کڻي هن شمشير کي ڏني
يوسف شاهين اهو ڪتاب ”شمشيرالحيدري“ جي نالي ارپيو
هو ۽ ارپنا جي هيٺان شمشير کي ڀيٽا طور هيءُ بيت
لکيو هئائين:
سورن سندي ساٿ جا سدا سوالي،
اٿيارين سي اُڀ کي، جابر جلالي،
هلن هٿين خالي، کڻيو مڻيا من ۾.
يوسف شاهين جو چوڻ هو ته مون اهو ڪتاب ”شمشير
الحيدري“ جي نالي انڪري ارپيو آهي، ته منهنجي
شاعريءَ جو سڀ کان پهريون
”پڙهندڙ“ شمشير ئي آهي ۽ مون پنهنجي ڪيل شاعري
پهرين شمشير کي ئي ڏيکاري، هن پاس ڪئي ته پوءِ مون
اها ”اندر ۾ اُهاءُ ٿيو“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾
ڇپرائي. ”سر ڄام ٻانڀڻي“ کان اڳ يوسف شاهين جا ٻه
شعري مجموعا نهايت سهڻي گيٽ اپ ۽ اوچي پني تي ڇپجي
چڪا هئا. جن مان پهرينءَ جو مهاڳ شمشيرالحيدري ئي
لکيو هو
اتي ئي يوسف شاهين، شمشير الحيدري کي برسات لاءِ
”ڪالم“ لکڻ جو چيو، جيڪو پوءِ شمشير ”ڦلتروءَ جي
واپسي“ جي عنوان سان ڪنهن فرضي قلمي نالي سان
لکيو. منهنجي موجودگيءَ ۾ شمشير جو ”برسات“ ۾ فقط
هڪ ئي ڪالم ”ريفري+
ڊم=
ريفرينڊم“ ڇپيو. تنهن کان پوءِ ڪنهن سبب جي ڪري
”برسات“ جي اشاعت معطل ٿي ويئي. شمشير جو اهو
ڪالم، جنرل ضياءُالحق پاران نومبر 1984ع ۾ ڪرايل
ريفرينڊم جي حوالي سان طنز و مزاح تي ٻڌل هو.
”ڦلتروءَ جي واپسيءَ“ جي عنوان سان شمشير، روزاني
”مهراڻ“ ۾ به ڪالم لکيا، جڏهن پاڻ ڪجهه وقت جي
لاءِ ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو هو.
انهن لکيل ڪالمن ۾ شمشير آمريت جي خلاف پنهنجي قلم
کي خوب هلايو. شمشيرالحيدري جي لکڻين کي سهيڙيندڙ
دوستن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيئن نوي
واري ڏهاڪي ۾ پندرهن روزه عبرت مئگزين ۾ ”ادي
عبدالرحمٰن“ جو ڪالم جي عنوان سان لکيل ڪالم مرحوم
طارق عالم ابڙي جا آهن. تيئن روزاني ”مهراڻ“ ۽
هفتوار
”برسات“ ۽ ڇپيل ”ڦلتروءَ جي واپسيءَ“ جي عنوان سان
ڪالم ”شمشير“ جا آهن.
”برسات“ واري ملاقات کان پوءِ، ڪڏهن ڪڏهن
شمشيرالحيدريءَ سان مختلف پروگرامن ۾ هيلو هاءِ ۽
دعا سلام ٿيندي رهندي هئي پر ساڻس ويجهڙائپ ڪافي
سالن کان پوءِ ٿي جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ جو سيڪريٽري چونڊجي آيو ته
شمشير نه رڳو باقاعده سنگت جي پروگرامن ۾ اچڻ شروع
ڪيو، پر ساڻس ويجهڙائپ به شروع ٿي ۽ پوءِ جڏهن
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پاران ”سنگت سنڌ جي گولڊن
جوبلي“ ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ويو، ته محترم
نورالدين سرڪي جوبلي پروگرام ڪميٽيءَ جو چيئرمين ۽
شمشيرالحيدري وائيس چيئرمئن مقرر ٿيو. سرڪي صاحب
وفات ڪئي ته شمشيرالحيدري، چيئرمئن طور ذميداريون
ادا ڪرڻ شروع ڪيون. گولڊن جوبلي جون ٻن ڏينهن
واريون اهي تقريبون ڊسمبر 2007ع جي پهرين هفتي ۾
ڪراچي يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ نهايت شاندار نموني
ٿيون. ڪجهه دوستن ڪافي اعتراض اٿاريا. سنگت جي
تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نورالدين سرڪي ۽
شمشيرالحيدري جهڙين قداور شخصيتن جي اڳيان، هو ٻيو
ڪجهه ته ڪري نه سگهيا، البت ميڊيا وسيلي خوب
”پهلواني“ ڏيکاريائون، ۽ پاڻ تان جڳ کلايائون.
انهن يارن جي هلڙ بازي وڌي ته سنگت سنڌ جي گولڊن
جوبلي تقريبات جي حوالي سان، نومبر 2007ع جي آخر
ڌاري روزاني ڪاوش جي هائيڊ پارڪ ۾ شمشير الحيدري
جو هڪ خط ڇپيو، جنهن ۾ هن سنگت سنڌ جي تاريخ درست
ڪندي، دوستن جي اعتراضن بابت وضاحت ڪئي. ڀلا
شمشيرالحيدريءَ کان وڌيڪ ڪو ٻيو سنگت جي تاريخ جو
اکين ڏٺو شاهد ٿي سگهيو ٿي ڇا......؟
گولڊن جوبلي جي انهيءَ تقريب ۾ شمشيرالحيدري
پنهنجو مضمون ”سنگت هڪ هلچل“ جي عنوان سان پڙهيو،
جنهن ۾ هن سنگت ۽ انهيءَ جي ٺهڻ جي پس
منظر، ايوبي آمريت ۾ سنگت ۽ سنڌي اديبن پاران
هلايل هلچل جو ذڪر ڪيو هو. سنگت جي حوالي سان
شمشير جي اها هڪ يادگار لکڻي آهي، ان تقريب
۾ ”سنگت پاران“ جاري ڪيل پڌرنامو به
شمشيرالحيدريءَ ئي لکيو، جيڪو تقريب جي پڄاڻي تي
گولڊن جوبلي تقريب جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڻ ئي
پڙهي ٻڌايائين، اهي ٻئي لکڻيون ”سنگت“ مخزن ۾
ڇپيون ويون آهن.
شمشيرالحيدريءَ جي خواهش هئي ته هو پنهنجي آتم
ڪهاڻيءَ سان گڏ، ون يونٽ دوران، سنڌي ادبي سنگت ۽
سنڌي اديبن جي هلچل بابت به تفصيل سان لکي ۽
گهڻيون ڳالهيون رڪارڊ تي آڻي. مون کي ياد آهي ته
گهڻا سال اڳ ”فقير بيان ڪري ٿو“ جي عنوان سان هن
پنهنجي آتم ڪهاڻي هفتيوار ”برسات“ ۾ لکڻ شروع ڪئي
هئي، جنهن جون شايد ٻه ٽي قسطون ڇپيون به هيون.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کان پوءِ مان سنگت جو
سيڪريٽري جنرل چونڊيس، ته شمشيرالحيدريءَ سان وڌيڪ
رابطي ۾ رهڻ لڳس ۽ سندس سهڪار ۽ صلاحون جاري
رهيون... هڪ ڀيري مون کي صلاح ڏنائين ته سنگت کي
”ٻوليءَ جو ڏهاڙو“ ملهائڻ گهرجي، جيڪو ”21-
فيبروري“ هو يعني ”بنگالي ٻولي تحريڪ“ جي حوالي
سان، ان ڏينهن کي گڏيل قومن مادري ٻولين جي عالمي
ڏينهن طور ملهائڻ شروع ڪيو هو. مون کي سندس صلاح
وڻي ۽ اسان سنگت پاران ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچيءَ
۾ ”مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن“ ملهايو. صدارت امر
جليل ڪئي. خاص مهمانن ۾ شمشيرالحيدري ۽ ٻيا دوست
هئا. ان ڏهاڙي ۾ پنجابي، اردو ۽ گجراتي ٻوليءَ جي
اديبن به شرڪت ڪئي. اهڙي نموني مون پنهنجي ٽينوئر
۾ ٻئي سال 21- فيبروري مادري ٻولين جو ڏينهن سنگت
جي پليٽ فارم تان ملهايو. جنهن جي صلاح
شمشيرالحيدريءَ ڏني هئي
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل رهڻ دوران
دوستن جي صلاح سان طئي ڪيوسين ته هر سال سنگت
پاران، سنڌ جي اهم شخصيتن کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ
اوارڊ ڏجي، پهرين سال اهو اوارڊ سنڌ جي ٻن تمام
وڏن اديبن جناب امر جليل ۽ جناب الطاف شيخ کي
ڏنوسين، ۽ ٻي سال اهو شمشيرالحيدريءَ کي ڏيڻ جو
فيصلو ڪيوسين مون فون ڪري شمشيرالحيدريءَ کي سنگت
جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. سنگت
پاران اها اوارڊ تقريب 6- جون 2010ع تي حيدرآباد ۾
منعقد ڪئي ويئي
اسان اهو به فيصلو ڪيو ته سنگت پاران قائم ڪيل
آفيس جو افتتاح به 6- جون تي ئي ڪرائجي ۽ اهو به
طئي ڪيوسين ته اهو افتتاح سنگت سنڌ جا سڀ اڳوڻا
سيڪريٽري جنرل گڏجي ڪن، جيئن سندن سنگت لاءِ
ماضيءَ ۾ ڪيل خدمتن جي مڃتا ٿي سگهي ۽ ان سان گڏ
سنگت جا سڀ اڳوڻا سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي، سنگت
جي سڀ کان سينئر حال حيات اڳوڻي سيڪريٽري جنرل
شمشيرالحيدري کي ”لائف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ“
پيش ڪن. جيئن سندس علمي، ادبي ۽ سنگت لاءِ ڪيل
خدمتن جو اعتراف ٿي سگهي. سڀني اڳوڻن سيڪريٽري
جنرلن سان رابطا ڪياسين، پر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
کان سواءِ باقي ڪنهن به ريسپانس نه ڏنو.
سنگت پاران شمشيرالحيدريءَ کي لائيف ٽائيم
اچيومينٽ اوارڊ ڏيڻ جي فيصلي کي وڏي پئماني تي
ساراهيو ويو. ان سلسلي ۾ زرار پيرزادي پاران
10- جون 2010ع جي عوامي آواز ۾ ”نوٽ ڪرڻ جهڙيون
ڳالهيون“ جا هيٺيان جملا حوالي طور هتي ضرور
لکندس:
”جڏهن سنگت، ان يونٽ خلاف فيصلائتي جدوجهد ڪري
ڪاميابي ماڻي، تڏهن سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي
سيڪريٽري جنرل شمشيرالحيدري هو. سو اها تمام سٺي ۽
اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي سنگت پنهنجي
مرڪزي آفيس جي افتتاح جي موقعي تي جيڪا تقريب رٿي
هئي، تنهن ۾ شمشيرالحيدري کي ”لائيف ٽائيم
اچيومينٽ اوارڊ“ ڏنو ويو آهي. شمشيرالحيدري بلڪل
به ان جو حقدار آهي. اهو بيشڪ اڄ سنڌي ادب لاءِ
ڇپر ۽ ڇانوَ رکي ٿو. حقيقت ته اها به آهي ته ڪي
اوارڊ شمشيرالحيدريءَ جهڙن ليجنڊ شخصيتن آڏو ننڍڙا
لڳندا آهن پر سنڌي ادبي سنگت بهرحال پنهنجن جاءِ
تي شمشيرالحيدريءَ کي اهو اوارڊ ڏيئي پنهنجو فرض ۽
قرض لاهي ڇڏيو آهي. اسان کي بيشڪ جيئري ئي پنهنجن
ليجنڊس کي ”مڃتا“ ڏيڻ جي اها اُتساهيندڙ روايت
قائم رکڻي پوندي ۽ اهڙي روايت قائم ڪندي ئي ان پاڻ
مٿان مرده پرستيءَ جو ليبل لاهي سگهون ٿا.
اها اوارڊ ۽ آفيس جي افتتاح واري تقريب ڏاڍي
شاندار ۽ ڀرپور ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کان
سواءِ بلوچي، اردو ۽ پنجابي ٻوليءَ جي اديبن به
شرڪت ڪئي، جن ۾ فهميده رياض، ڊاڪٽر شاهه محمد مري،
نذير احمد ڪهوٽ، ڊاڪٽر فاطمه حسن، راحت سعيد ۽ آغا
نور محمد پٺاڻ به شامل هئا، جيڪي منهنجي چوڻ تي هڪ
ڏينهن اڳ حيدرآباد پهتا. ان سلسلي ۾ منهنجي دوست ۽
پنجابي ٻولي جي اديب جناب نذير احمد ڪهوٽ مون سان
وڏو سهڪار ڪيو. هو منهنجي چوڻ تي هڪ ڏينهن اڳ
شمشيرالحيدريءَ کي به پاڻ سان گڏ حيدرآباد پنهنجي
گاڏيءَ ۾ کڻي آيو. مون مٿين دوستن کي هڪ ڏينهن اڳ
حيدرآباد رڳو ان ڪري گهرايو جو ٻي ڏينهن 6- جون تي
عربي سمنڊ مان ايندڙ طوفان ۽ سخت برسات جي اڳڪٿي
ڪيل هئي. ائين 6- جون تي نه رڳو شمشيرالحيدريءَ جي
هٿان سنگت جي آفيس جو افتتاح ڪرايو ويو، پر ممتاز
مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ تاڙين جي ڀرپور گونج ۾
مٿين سڀني دوستن هٿان شمشيرالحيدريءَ کي لائف
ٽائيم اوارڊ به ڏياريو ويو.
ٻي ڏينهن جڏهن تقريب جي خبر اخبارن ۾ ڇپي ته مٿين
دوستن جي شرڪت تي گهڻن ئي دوستن حيرت جو اظهار ڪيو
ته سخت طوفان ۽ برسات ۾ مٿيان دوست گڏ ٿيڻ هڪ
معجزي کان گهٽ ڳالهه نه هئي. مون ان مهل
شمشيرالحيدريءَ جو مشهور جملو ورجايو. ”منهنجو
مولا تي ننگ هو.... جنهن اهڙي ڪاميابي عطا
ڪئي....“
ان ئي اوارڊ واري تقريب ۾ راحت سعيد، انجمن ترقي
پسند مصنفين پاران، شمشير الحيدري جي شعري مجموعي
ڇپائڻ جو اعلان ڪيو جيڪو پوءِ سهيڙي شمشير الحيدري
”لاٽ“ جي نالي مسودو راحت سعيد جي حوالي ڪيو ۽
راحت سعيد اهو
”سنڌيڪا اڪيڊمي“ مان ڪمپوز ڪرائي بٽر ڪڍرايا ۽ ڪور
به ڊزائين ٿيو. هن سال جي مارچ مهيني ۾ لاهور ۾
ٿيل انجمن جي چونڊن ۾ انجمن جون واڳون راحت بدران
ٻين دوستن جي حوالي ٿيون، جن راحت جي اعلان کي
پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ راحت سعيد، مهيش
ڪمار سان رابطو ڪيو، جنهن ڇپائڻ جي حامي ڀري.
مهيش ڪمار جي هاڪار تي، راحت سعيد ڪتاب جا بٽر
منهنجي حوالي ڪيا ته اهي مهيش تائين پهچايان.
لڳاتار
ڪوششن
کان پوءِ مهيش سان رابطو ٿيو، ڏينهن طئي ٿيو ته
فلاڻي ڏينهن ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ ڪراچي کڻي هلبو، پر
ڳالهه اڳتي نه وڌي. ان وچ ۾ مهيش ڪمار جي دوست ۽
سنڌ اخبار جي ايڊيٽر جعفر ميمڻ جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو
۽ مهيش ان جي علاج جي سلسلي ۾ لڳي ويو ۽ بٽر مون
وٽ ئي رهيا. نيٺ مون راحت سعيد کي فون ڪري سڄي
صورتحال کان واقف ڪيو.
ان وچ ۾ لڳ ڀڳ روزانو شمشيرالحيدري مون کي فون ڪري
ڪتاب جي ڇپائيءَ بابت پڇندو رهيو. سندس چوڻ هو ته
هروڀرو ڪتاب کي سٺي پني يا ڊسٽ ڪور ۾ ڇپائڻ ۽ گهڻي
خرچ ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي، نيوز پرنٽ تي ۽ ڪچي جلد
سان ئي آڻڻ گهرجي.
ٻن ڏينهن کان پوءِ راحت سعيد مون کي فون ڪري چيو
ته تون ڪتاب جا بٽر جامي چانڊيي جي حوالي ڪر....
هاڻ اهو ڪتاب جامي ڇپرائيندو.... مون جامي کان وقت
وٺي، ساڻس ملاقات
ڪري،
بٽر سندس حوالي ڪيا. جاميءَ چيو ته ڪتاب هفتي کن ۾
ڇپائبو. نيٺ اهو ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، طرفان
ڇپجي پڌرو ٿيو.
شمشيرالحيدريءَ سان منهنجي آخري ملاقات، سندس وفات
کان ٽي مهينا کن اڳ سندس پاڪستان ڪواٽرس ڪراچي
واري گهر ۾ ٿي، جتي آءٌ، راحت سعيد ۽ ڊاڪٽر بدر
اُڄڻ ساڻس ملڻ ۽ سندس طبيعت پڇڻ ويا هئاسين.
شمشيرالحيدريءَ جي نظر گهڻي ڪمزور ٿي چڪي هئي، پاڻ
ڪافي ڪمزور ٿي چڪو هو. آواز به ڪافي جهيڻو هئس.
ڪافي ٿڪل ٿڪل به لڳو. اسين ساڻس اڌ ڪلاڪ کن ويٺا،
ڪچهري ڪندا رهياسين. چانهه جو ڪوپ پي کانئس
موڪلايوسين. موڪلائڻ کان اڳ پاڻ اسان ٽنهي کي انور
پيرزادي سان گڏ سندس انگريزيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب ”سنڌ
ايڪسپلوررز“ پنهنجي هٿ اکر سان لکي سوکڙيءَ طور
ڏنائين ۽ پاڻ پنهنجي پُٽ جي سهاري گهر کان ٻاهر
اچي اسان کان موڪلايائين.
(حيدرآباد 2- سيپٽمبر 2012ع) |