عبدالمجيد پنهور
شمشيرالحيدريءَ سان قُرب ڪچهريون
سن چڱي طرح ياد نه آهي پر مان سمجهان ٿو ته 1984ع
يا 1985ع سال هو جڏهن مون انٽر جو امتحان پاس ڪيو
ته ڀائو خان محمد مون کي حيدرآباد/ ڄام شورو وٺي
آيو: انهن ڏينهن ۾ پارس جو پهريون شمارو شايع ٿيو
هو. پارس جي ٽائٽل تي شمشيرالحيدري جي صحي هئي.
شمشير صاحب پارس جو پهريون ايڊيٽر هو. ڀائو خان
محمد مون کي حيدري صاحب ڏي روزاني مهراڻ ۾ حيدري
صاحب سان ملڻ لاءِ چيو. هو ان وقت روزاني مهراڻ جو
ايڊيٽر هو ۽ مهراڻ جي تڏهن هير آباد ۾ آفيس هئي.
آءٌ جڏهن اتي ويس ته هڪ همراهه مليو. مون سمجهيو
ته اهو حيدري صاحب آهي پر اهو نصرالله بلوچ هو،
حيدري صاحب اڃان آفيس نه آيو هو. مان واپس ڄام
شورو هليو آيس. وري ٻئي ڏينهن ساڻس ملڻ ويس پر ته
به ملاقات نه ٿي. ائين ڪافي ڏينهن کان پوءِ حيدري
صاحب سان ملاقات ٿي. ملاقات نه ٿيڻ جي سبب آءٌ
ساڻس صبح جو ملڻ ويندو هئس جڏهن ته هو ٻن پهرن کان
پوءِ آفيس ايندو هو.
مهراڻ اخبار ۾ حيدري صاحب سان ملڻ صرف ملڻ هو.
ساڻس ڪا گهڻي ڪچهري ڪونه ٿي ڇو جو سُتت ئي هن کي
”مهراڻ“ مان فارغ ڪيو ويو ۽ هن گورنمينٽ اسڪول
سامهون منشي عبدالشڪور وارن جي بلڊنگ ۾ ئي هفتيوار
رسالي ”هدايت“ جي آفيس ۾ رهائش اختيار ڪئي. مهراڻ
۾ وڃڻ دوران بلوچ صاحب، فقير منٺار ۽ ثناءالله
راڄڙ سان نيازمندي ٿي.
ان رسالي جو چيف ايڊيٽر محمد ابراهيم جويو هو ۽
ايڊيٽر شمشير الحيدري. ان وچ ۾ پارس جا ڪجهه شمارا
شايع ڪياسين. اسان سان ٽيم ۾
گل محمد سهتو به شامل ٿي ويو هو جو انهن ئي ڏينهن
۾ ڊاڪٽر انيمري شمل انسٽيٽيوٽ جو بنياد رکجي چڪو
هو، جنهن جي انتظامي ذميواري گل محمد سهتي جي ڪلهن
تي هئي. ڊاڪٽر اينمري شمل انسٽيٽيوٽ جي آفيس ۾ ئي
پارس جي پيسٽنگ ٿيندي هئي. محمد علي سهتو رسالي جي
پيسٽنگ ڪندو هو. اڌ رات تائين سهتو صاحب به اسان
سان گڏ هوندو هو. چانهه وغيره سندس گهران ايندي
هئي. جڏهن ته اسان صبح ساجهر تائين رسالي جي
پيسٽنگ ۾ هوندا هئاسين ۽ صبح جو چانهه کدڙا گلي ۾
وڃي پيئندا هئاسين.
انهن ڏينهن ۾ مون ۽ گل محمد سهتو،
شمشير صاحب جو پارس لاءِ انٽرويو ڪيو. انٽرويو رات
جو وٺندا هئاسين ۽ اهو انٽرويو ٻن يا ٽن راتين ۾
قسطن ۾ ورتوسين. ان کان پوءِ ستت ئي حيدري صاحب
ڪراچي هليو ويو. 1986ع ۾ مون بي.ڪام جو امتحان ڏنو
هو. اڃان رزلٽ ڪانه آئي هئي، ته ڀائو خان محمد کي
مون چيو ته مون کي ڪراچي موڪليو. مان ڪراچي
يونيورسٽي ۾ پڙهندس ۽ رسالي جو ڪم به سنڀاليندس.
ان وقت ڪراچيءَ ۾ رسالي جي ڇپائيءَ جي نگراني
امداد مورائي ڪندو هو، اشتهارن جو ڪم چاچي جمن
ميمڻ جي ذمي هو. 1986ع ۾ ڪراچي ۾ پاڪستان ڪوارٽرس
تي شمشيرالحيدريءَ سان مليس ۽ ساڻس رسالي جي
پيسٽنگ وغيره بابت ڳالهايم. هن مون کي قربان
جعفري جو ڏس ڏنو بلڪ پنهنجو پٽ سليم حيدري گڏي
ڏنائين ته اهو قربان جعفريءَ سان ملائيندو. جعفري
صاحب ان وقت لياري ۾ رهندو هو.
ائين حيدري صاحب جي معرفت جعفري صاحب سان ملاقات
ٿي. جعفري صاحب ۽ حيدري صاحب جي پراڻي دوستي هئي
بلڪ سڄو ادبي لڏو هڪٻئي جي تمام گهڻو ويجهو هو.
جعفري صاحب ڪنهن دور ۾ سوجهرو رسالي جي پيسٽنگ ۽
لي آئوٽ ٺاهيندو هو. مون ساڻس رسالي جي پيسٽنگ جي
ڳالهه ڪئي. چيائين: مواد ڏئي وڃو، مان پاڻ ئي
پيسٽنگ ڪري رکندس. مون کي الائي ڇو، هن ڳالهه تي
ڀروسو نه ٿئي ٿيو. ڇو جو حيدرآباد ۾ ته ٻه ٻه
راتيون ويهي رسالي جي پيسٽنگ ڪرائڻي پوندي هئي!
خير، مون مواد هن جي حوالي ڪيو. ٻئي ڏينهن رات جو
مان ۽ سليم وري سندس گهر وياسين ته 80 صفحن جو
رسالو مڪمل پيسٽنگ ڪيل ڪاپي، منهنجي حوالي ڪيائين.
مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو ۽ خوشي ٿي، ته ايڏو ماهر
ماڻهو، حيدري صاحب جي معرفت مليو آهي. ائين جعفري
۽ حيدريءَ سان ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران، سڄو عرصو تعلق
رهيو.
روزانو گهڻو ڪري جعفري صاحب سان سندس گهر ۽ حيدري
صاحب سان سندس گهر هدايت بلوچ جي گهر ملاقات ٿيندي
هئي. آءٌ ڪٿي به رهندو هئس پر هنن ٻنهي بزرگن سان
روزاني ملاقات ٿيندي هئي.
حيدري صاحب ڇو ته وڏو صحافي هو، انڪري سندس
رهنمائي حاصل رهي. مون فرمائش ڪري کانئس فقير بيان
ڪري ٿو... تحت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، مير رسول بخش ٽالپر ۽ ممتاز مرزا
تي يادگار پروفائيل لکرايا. حيدري صاحب کان ڪجهه
لکرائڻ ته ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو هو. ان جو وڏو سبب
اهو هو جو هو تمام گهڻو مصروف هوندو هو. روزاني
صبح جو تيار ٿي، ڏهين يارهين وڳي پي.ٽي.وي
تي هليو ويندو هو ۽ شام جو 5-6 وڳي واپس ايندو هو.
ان دوران هن ٽي.وي لاءِ بهترين ڊراما لکيا، جيڪي
تمام گهڻو مشهور ٿيا ۽ سندس روزگار جو ذريعو به
صرف پي.ٽي.وي هئي.
1988ع ۾ جڏهن ڀائو خان محمد بيمار ٿيو ته سندس
علاج لاءِ وٺ پڪڙ ڪئيسين. حيدري صاحب رهنمائي ڪندو
هو، سندس ڪوشش سان هڪ وفد گورنر سنڌ محمود هارون
سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مان، سائين حسين شاهه
راشدي ۽ شمشيرالحيدري شامل هئاسين. گورنر صاحب کي
اپيل ڪئي سين، هن علاج لاءِ مدد جي يقين دهاني
ڪرائي. انهن ڏينهن ۾ شمشيرالحيدري هلال پاڪستان جو
ايڊيٽر مقرر ٿيو ته ساڻس وري روزاني اتي ملاقاتون
ٿينديون هيون. ان کان پوءِ يوٿ انويسٽمينٽ واري
اداري ۾ به نوڪري ۾ آيو. پر هن کي سرڪاري نوڪريون
گهڻو راس نه اينديون هيون. ٿورو وقت، ڪجهه مهينا
نوڪريءَ کان پوءِ وري بيروزگار ئي رهندو هو پر
سندس
Life Style
۾ ڪابه تبديلي نظر نه ايندي
هئي. سندس مشهور جملو ”مولا تي ننگ آهي“، سندس
زندگي ۾ هر وقت شاملِ حال رهيو. سندس بيروزگاري
وارن ڏينهن ۾ سندس ڪتاب”آزاد نظم جي اوسر“ جي
اشاعت جي سلسلي ۾ مون کي چيائين ته ان لاءِ ڇا
ڪجي. مون چيومانس ته آءٌ ڪٿان توهان کي اشتهار وٺي
ڏيان ٿو، باقي ڪم توهان پاڻ ڪريو. ان ڪتاب لاءِ
سيد خالد شمس الحسن کي عرض ڪيم. هن هڪدم ڪتاب لاءِ
اشتهار جاري ڪيو ۽ ائين اهو ڪتاب شايع ٿي ويو. ان
کان پوءِ سندس ٻيا ڪتاب سنگم پبليڪيشن شايع ڪرايا.
شمشيرالحيدريءَ سان ڪراچي ۾ پاڪستان ڪوارٽرس تي
گهڻي ڀاڱي روز ملاقات ٿيندي هئي. فوري طور چانهه
جو ڪوپ ملندو هو. ان ئي دوران سندس پٽ سليم حيدري،
سندس ناٺي يعقوب سمي سان به دوستي ٿي، ته تاجل
بيوس ۽ هدايت بلوچ سان نيازمندي ٿي.
اهي ملاقاتون ڪڏهن سندس گهر ته ڪڏهن هدايت بلوچ جي
گهر ٿينديون هيون. مون کي جعفري صاحب ۽ حيدري صاحب
جي گهر ڀاتي هجڻ جو شرف حاصل آهي. حيدري صاحب
انتهائي پاڪ، صاف سٿرو ۽ ماٺيڻو انسان هو. ڪڏهن
ڪڏهن ڪنهن معاملي تي اگر خاص طور تي سنڌ جي معاملن
تي ڳالهه ٻولهه ۾ جذباتي ٿيندو هو ته سندس آواز
سيني مان گونجندو هو، نه ته هميشه ماٺيڻو هوندو
هو. ڪچهري دوران قصا، واقعا ٻڌائيندو هو. اها
ڪچهري رات جو ٻارهين وڳي تائين هلندي هئي. سندس پٽ
سليم حيدري سان دوستي ٿي، ته هو به مون سان پارس ۾
ساٿي طور ڪم ڪندو هو. سليم جي ڪئميرا جا نڪتل فوٽو
به ڏاڍا يادگار آهن. شمشيرالحيدري صاحب سان گڏجي
پارس لاءِ جيجي زرينه بلوچ، قمر شهباز ۽ وينا
شرنگيءَ جا انٽرويو ڪياسين، جن جا فوٽو سليم
حيدريءَ ڪڍيا. وينا شرنگي جو انٽريو ڪراچيءَ ۾
پي.سي هوٽل ۾ ڪيوسين، ان ۾ ڀائو خان محمد، حيدري
صاحب جي نياڻي نسيم حيدري ۽ منهنجو ڪلاسي نذير چنه
به موجود هئا ۽ اهي فوٽو ضرور سليم وٽ هوندا.
سليم حيدري مون سان سالن تائين پارس لاءِ گڏجي ڪم
ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير تائين گڏ هوندا هئاسين،
پر حيدري صاحب ڪڏهن به ان معاملي تي خفا نه ٿيو.
هُو پنهنجي اولاد تي تمام گهڻو اعتماد ڪندو هو ۽
کين تمام گهڻو ڀائيندو هو. پاڻ جڏهن سنڌي ادبي
بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ته ساڻس ساڳيون ڪچهريون
۽ رهاڻيون ٿينديون هيون. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون،
زماني جا قصا ۽ ڪهاڻيون، پر هو ڪڏهن ڪنهن جي گلا
نه ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن جي مدائي چاهيندو يا
ڳالهائيندو هو، انتهائي بااخلاق ۽ فهيمده انسان،
سندس وفات کان ڪجهه سال پهرين منهنجو عزيز آزاد
جتوئي وفات ڪئي، سندس اخبار ”مومل“ کي ته سندس
گهرواري ادي حسينه آزاد جتوئي پئي سنڀاليو پر ان
لاءِ ڪل وقتي ڪنهن مخلص ايڊيٽر جي بهرحال ضرورت
هئي. مومل کي بهتر هلائڻ لاءِ اسان ڪافي تجربا
سوچيا، پر اهي تجربا عملي شڪل نه وٺي سگهيا. مون
هڪ ڏينهن حيدراباد مان حيدري صاحب کي مومل جي
ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ جي گذارش ڪئي. هن ڀلي انسان بنا
هٻڪ جي حامي ڀري ۽ پوءِ زندگي جي آخري پساهن تائين
مومل جو ايڊيٽر رهيو. ڀائو خان محمد جي ڪجهه ورسين
۾ پڻ پاڻ مهرباني ڪري حيدرآباد ايندو هو ۽ صدارت
ڪندو هو. شمشيرالحيدري، تاجل بيوس، هدايت بلوچ ۽
ڀائو خان محمد جو پاڻ ۾ ڏاڍو گهرو واسطو ۽ دوستي
هئي. اسين ته سندن مٽي ڀرڻ وارن ۾ آهيون.
بهرحال شمشيرالحيدري هن صديءَ جو مني صديءَ جي
لاهن چاڙهن، سياسي، ادبي، سماجي لاهن چاڙهن جو
اکين ڏٺو شاهد ۽ ڳوڙهي نظر رکندڙ نقاد هو. آخري
ڏينهن ۾ ساڻس هڪ دفعو سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملاقات ٿي
هئي. پنهنجي پوٽي جمال حيدريءَ سان گڏجي آيو هو،
مائو ڪيپ پاتل ۽ هٿ ۾ لام لڪڻ، جسماني طور ڪمزور
هو پر آواز ۾ اها ساڳي ئي هشاشيت هئس. ٻڌايائين ته
آتم ڪهاڻي پيو لکان. مون تي ڪم رکيائين ته پارس ۾
شايع ٿيل، اهي مضمون کيس هٿ ڪري ڏيان، پر اهي مون
کان هٿ نه ٿي سگهيا. خبر نه آهي ته سندس آتم ڪٿا
وارو ڪم ڪٿي پهتل آهي پر پڪ سان اهو ڪم ضرور سليم
حيدري مڪمل ڪندو. جڏهن آخري ڏينهنِ ۾ اسپتال داخل
ٿيو ته سندس طبيعت بابت سندس پٽن کان خبر وٺبي
هئي، پر ٽي.وي تي سندس وفات جي بريڪنگ نيوز اسان
جي ڪٽنب لاءِ ڏک واري خبر هئي ۽ مون کي منهنجي ئي
گهر جو منهنجو ڪو وڏو وڇڙي ويو آهي، وانگر ڏک
محسوس ٿيو. ڀائو سڪندر ميمڻ ۽ مان سندس تدفين ۾
شامل ٿياسين. چوکنڊي جي قبرستان ۾ سندس دوست ۽
عزيز تاجل بيوس ڀرسان کيس لحد ۾ لاٿوسين. ساڻس
گذريل ايڏو وڏو عرصو بس خواب لڳو. الله سائين،
شمشيرالحيدري، تاجل بيوس ۽ ڀائو خان محمد کي ضرور
جنت ۾ جاءِ عطا ڪندو. هو پنهنجي ڪٽنبن ۽ قوم جا
قيمتي اثاثا هئا. نيڪ ۽ ڀلارا ۽ ڀاڳن وارا عظيم
انسان جن نه ڪنهن کي ڏکويو، ۽ نه ڪنهن سان ڪا ڪپت
ئي ڪيائون. سندس وفات جي خبر نشر ۽ شايع ٽي.وي ۽
اخبارن سندس ئي شعر سان ڪئي:
هڪڙو شمشير هو زماني ۾...
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.
سندس زندگي تي نظر وجهبي ته هُو هميشه زندگيءَ جي
جياپي لاءِ جدوجهد ۾ رهيو. سياست، ادب، شاعري،
فنون لطيفه، ريڊيو، ٽي.وي، حڪمت ۽ وڏي ڳالهه ته هن
سڀني پاسن سان نڀايو، هو هڪ سچو انسان هو. محبتي
ماڻهو، عزت ۽ محبت ڏيندڙ. هي بيقدري سماج ۾ اڏول ۽
بهادر ماڻهو هو. دلير ۽ شينهن جيڏي دل ۽ گردي وارو
شمشيرالحيدري واقعي ئي هڪڙوئي هو شمشير زماني ۾.
گلبدن جاويد
شمشيرالحيدري- هڪ گهڻ رُخي شخصيت
سندس زندگيءَ جا ٻه واضح ۽ چٽا مقصد هئا:
1. سنڌي ٻولي، علم و ادب، شاعري، سنڌي ثقافت ۽
صحافت کي عروج تي پهچائڻ.
2. سنڌ جي
خوشحالي، آجپو ۽ آزادي.
بنيادي طور تي پاڻ تخليقڪار ۽ تمام وڏو شاعر هو،
انڪري هو ڪائناتي سچ ۽ فطري حسن جو مشتاق هو، عاشق
مزاج هو- هو حق پرست ۽ فرض شناس انسان هو، اهي سڀ
خوبيون شمشير کي شمشير بڻائن ٿيون. هو جدت پسند
هو. جديد نظرين جو پرچارڪ ۽ جدت تي يقين رکندڙ
انسان هو. هو تمام وڏن وڏن عهدن تي رهيو پر ڪنهن
به جڙتو رعب ۽ دٻدٻي جو قائل نه رهندو هو. هو
اميريءَ ۾ به فقيري مزاج ۽ رمز ۾ رهيو. هو درويش
صفت انسان، اندر جو اجرو، ڪنهن لاءِ نه دل ۾ وير،
نه ڪينو - بغض کان اعليٰ ۽ ارفع هو. ڪڏهن به ذاتي
حوالي سان ڪنهن کي نه رنجايائين نه ڏکويائين.
دوستن جي ڪا ڳالهه ڏکي لڳندي هئس ته چوندو هو ته
انهن کي مباهه هجي!
ڪڏهن ڪنهن ڳالهه جي ڪنهن کان وضاحت نه گهريائين،
نه پاڻ ڪٿي پنهنجي حق ۾ صفائي پيش ڪيائين. ”موليٰ
تي ننگ آ“ جي توڪل رکندڙ شمشير جڏهن به سنڌ ڌرتيءَ
تي ڪو ڏکيو دور ايندي ڏٺو، ته پنهنجي قلم کان
شمشير جو ڪم ورتو. اهو رويو اهو عمل (تلوار کي قلم
ڪرڻ وارو) شمشير کي هر دور ۾ سوڀارو ۽ سُرخرو ڪري
ٿو. اڄ جي ڪير پڇي ته عظيم انسان ڪيئن هوندا آهن،
ته بي ڌڙڪ شمشير جو نالو زبان تي اچي ويندو.
شمشيرالحيدريءَ سان منهنجي پهرين ملاقات 18- مئي
1993ع، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٿي هئي. تن ڏينهن ۾ مان
”سرتيون“ کان الڳ هئس ۽ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جو
”بختاور“ رسالو، سنڀاليندي هئس. پاڻ انهيءَ پس
منظر ۾، جاويد مرزا (جيڪو اُتي پريس مئنيجر هو) ان
کي چيو هئائين ته پنهنجي ڪنوار کي چئه ته مون سان
ملي وڃي. مون سندس فائيل ڏٺو آهي، ان ۾ ڪابه اهڙي
ڳالهه ناهي، جنهن سبب هوءَ هتان هلي ويئي آهي.
جيئن ته شمشير جي شاعريءَ جا اول ئي فين هئاسين،
کيس ڪئين دفعا پي. ٽي. وي تي به ڏٺو هو، ساڻس ملڻ
جو اشتياق هو. ٻي ڳالهه واضح ڪندي هلان ته سندن
ڪٽنب گهڻو عرصو ٽنڊوآغا ۾ رهيو هو، انڪري منهنجي
ساهرن سان عزيزن وانگر اٿڻ ويهڻ هونِ.
منهنجي سُهري ممتاز مرزا، مراد علي مرزا (جاويد جو
مامو) سان گهاٽي ياري هوندي هئس. منهنجي بابا شهيد
احمد خان آصف مصراڻيءَ جي حوالي سان الڳ سڃاڻپ
هئي. مان جڏهن ساڻس ملڻ آيس ته: مون کي پهريون
جملو هيءُ چيو هئائين: ”منهنجي لڏي جي آهين ڇا، جو
نوڪري ڇڏي هلي وئي آهين؟“
ان کان پوءِ اسان شاعري ۽ ٻوليءَ تي ڳالهايو هو.
ڪجهه دير کان پوءِ، مون کانئس گهر وڃڻ لاءِ اجازت
گهري ته چيائين: مُڙسهن هت ويٺو آهي. تون ڪيڏانهن
ٿي وڃين! چيومانس بابا آصف گهر ڇڏي آئي آهيان. پاڻ
ڏاڍو خوش ٿي چيوهئائين: ”پٽ تي، پيءُ جو نالو رکيو
اٿئي!“ ”ها سر! بابا اسان کان جلدي ڦرجي ويو، هاڻي
پٽ ۾ ان کي محسوس ڪندي آهيان. انڪري آصف کي بابا
چوندي آهيان.“
”ٺيڪ آهي تون ڀلي وڃ، پر هيءُ آرڊر کڻي پوءِ وڃ!“
مان حيرانگيءَ سان کيس شڪريي وارن نظرن سان ڏٺو ته
چيائين، خبرناهي نوجوان ٽئلنٽ کي ڇو نٿو تسليم ڪيو
وڃي. هڪ ايڊيٽر ۾ جيڪي صلاحيتون هجن، اهي سڀ تو ۾
آهن. توسان ڳالهائيندي مون کي لڳو ته ڄڻ مان
پنهنجو پاڻ سان پيو ڳالهايان! پوءِ ٻئي ڏينهن کان
مون باقاعدي ڊيوٽي سنڀالي، مون کي ڪنهن به طرح
ڪونه لڳندو هو ته ڪا نوڪري پيا ڪريون، اداري جو
ماحول هڪ مقدس گهر جهڙو هوندو هو. اسين هڪ ڪٽنب
وانگر هوندا هئاسين. ڪم ڪرڻ جو ماحول ۽ چارم هوندو
هو. ٻه سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويا. شمشيرالحيدريءَ
وارن سان ته اڳ ئي گهرن تائين اچڻ وڃڻ هوندو هو.
وئڪيشن ۾ سندس ڌيءُ نسيم ايندي هئي ته اسان جون
ڪچهريون پيون هلنديون هيون. سليم جي مڱيندي ڊاڪٽر
زيغم اڳ ۾ ئي منهنجي سهيلي هئي. انڪري هڪ ڪٽنب
وارو ماحول هوندو هو.
شمشيرالحيدري سنڌ جي هڪ اهڙي سر موڙ شخصيت آهي
جنهن کي علم و ادب، ٻولي، ثقافت، صحافت ۽ شاعريءَ
سان والهانو پيار ته هو، پر انهن کي وڌائڻ ويجهائڻ
لاءِ ايتري حد تائين سنجيده هجڻ، مون ڪنهن ٻي
شخصيت ۾ نه ڏٺو آهي. ٻوليءَ جي
Punctuation،
اکرن ۽ اعرابن تي ڌيان ڏيڻ، مطلب ته هر ڳالهه نوٽ
ڪندو هو ۽ توجهه ڏيندو هو. پاڻ چوندو هو ته اسان
کي پنهنجي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ گهرجي، پوءِ اها
تخليق، تحقيق يا ترجمي جي صورت ۾ ڇو نه هجي، پاڻ
سڄو سڄو ڏينهن لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو.
مون کي چوندو هو ته گلبدن، توسان ڳالهائي مون کي
لڳندو آهي ته منهنجي ٻولي مري نٿي سگهي جو، تون
سٺي طرح سٺا ۽ نج الفاظ ڳالهائيندي آهين. پاڻ ايڏو
فراخ دل هو جو هر ننڍي ننڍي ڪاميابيءَ تي
ساراهيندو ۽ حوصلو وڌائيندو هو. انهن ڏينهن ۾ مان
ڪاڇي مان هڪ عورت مائي سياڻيءَ جو انٽرويو ڪري آئي
هئس. مون کي چيو هئائين:
”انٽرويو پڙهندي مون پاڻ کي اتي محسوس ڪيو. اها
ليکڪ جي ڪاميابي آهي جو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي
هلي.“ اهڙيون ننڍڙيون ننڍڙيون کوڙ ڳالهايون سائين
سان روزاني ٿينديون هيون. منهنجي لکيل ايڊيٽوريلن
۽ نظمن کي ساراهيندو هو. سندس اهڙي ٻاجهاري ۽ مٺڙي
طبيعت هوندي هئي جو آفيس ۾ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي
اولاد وانگر سمجهندو هو. سندس جواب هوندو هو ته
اداري جو هر ماڻهو معاشي تنگدستيءَ کان آزاد ٿئي،
شام جو الڳ
Over time
تي ماڻهن کان ڪم ڪرائيندو هو ته جيئن اُهي مالي
طور مستحڪم ٿين. ۽ گڏوگڏ ڪتاب ۽ رسالا به وقت تي
اچن!
هڪ تخليقڪار ۽ هڪ شاعر جي دل جو جهان ٻنهي جهانن
کان گهڻو مٿانهون، اتم ۽ اعليٰ هوندو آهي. هي جذبن
۽ احساسن ۽ شعور سان ٽمٽار شهنشاهي ذهن، پنهنجي
اندر ۾ ڪيئي سلطنتون، ڪيئي بادشاهيون بلڪ ڪئين
ڪائناتون سمائي رکندا آهن. هنن جا آدرش، نظرين کان
گهڻا مٿانهان ۽ معتبر هوندا آهن. انڪري هي دماغ،
ڌرتيءَ تي رهندي دنياوي توڙي سماجي ڍانچي ۾ ڍلجي
نه سگهندا آهن، انڪري هي معاشرتي ۽ سماجي طور
بڻايل دستورن، ادارن ۽ پاليسين ۾ فِٽ ٿي نه سگهندا
آهن، فطري ۽ تخليقي طور تي داناءَ، دورانديش ۽
آزاد هوندا آهن، تنهنڪري ئي هُو ڪنهن بناوٽي روين
کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. اهي دل جا
بادشاهه، دنيا وارن جا به دلبر ۽ دلدار هوندا آهن.
عام سان هنن جو روحاني تعلق هوندو آهي. اهي ڪنهن
به حيثيت ڪنهن به حالت ۾ عام جي اهنجن تي واويلا
مچائي ڏيڻ، پنهنجو فرض سمجهندا آهن. اهڙا ڪيترائي
عظيم انسان سنڌ ڌرتيءَ جنميا آهن، جن ثقافتي،
تهذيبي ۽ تاريخي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
توڙي جو تاريخ ۾ هيرو ازم هڪ الڳ موضوع آهي، جنهن
تي پڻ تحقيق ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. تخليقي حوالي
سان، خاص ڪري شاعريءَ جي ميدان ۾ سنڌ ڌرتي تمام
گهڻو شاهوڪار ۽ شاندار ورثو پنهنجي اندر ۾ سانڍي
رکيو آهي.
قديم کان جديد تائين، سنڌي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي
محسوس ٿيو آهي، ته اهي اسان جا عظيم شاعر ئي هئا،
جن ڌرتيءَ ۽ قوم تي جڏهن به ٻاهرين قوتن ڪاهيو يا
اندرونيءَ سازشن ۾ منجهيل سياسي صورتحال ۽ سماج کي
ڇيهو رسايو، ته ان وقت اهي شاعر ئي هئا جن پنهنجي
شعر ذريعي عوام کي سجاڳ ڪيو ۽ ڏاڍ کي للڪاريو.
اهڙا ئي ڀيانڪ دور شمشيرالحيدريءَ جي وقت ۾ ون
يونٽ، شريف ڪميشن ۽ مارشل لا جي صورت ۾ آيا. اهوئي
دور سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي حوالي سان ڪامياب يا
سونهري دور ليکي سگهجي ٿو پر جڏهن انهيءَ سڄيءَ
ويڙهاند تي نظر وجهجي ٿي ته شمشير جو ڪردار تارن ۾
چنڊ مثل نظر اچي ٿو. هو سنڌ جي حقن ۽ آزاديءَ تي
ڪوبه سمجهوتو نٿو ڪري، هُو سنڌي ٻوليءَ جي جهولي
خالي ٿيڻ تي ماٺ ڪري ويهڻ جو قائل ناهي، هُو مسلسل
وڙهندو ٿو رهي. توڙي جو سنڌ جي ذهنن کي ان ويڙهه
جو حصو بڻائڻ ۾ ڪامياب رهي ٿو پر عملي طور، ڪٿي
ڪٿي بلڪل اڪيلو پر ارڏائيءَ ۽ هوڏ سان بيٺل نظر
اچي ٿو. اها بيباڪيءَ سان سچ جي حاصلات لاءِ مهاڏو
اٽڪائڻ واري ڳالهه، سندس ميراث رهي آهي. تنهن سبب
پاڻ پنهنجي اهليت تي وڏا وڏا عهدا ماڻيائين، پر
جڏهن به سنڌ جي حقن جي سوديبازي يا راتاهو ٿيڻ جي
ڳالهه آئي، ته پاڻ ان منصب کي الودعيٰ چئي، سنڌ جي
وجود جي بقا جي ويڙهاند ۾ شامل ٿي ويو ٿي. پوءِ
اها نئين زندگيءَ جي ايڊيٽري هجي، مهراڻ جي
ايڊيٽري هجي، مهراڻ اخبار هجي، هلال پاڪستان
اخبار هجي يا ڪا آفيسري هجي يا سنڌي ادبي بورڊ جي
سيڪريٽري شپ هجي. شمشير هڪ للڪار ڪري ڪرسي کي ٿڏي،
پنهنجي قلم جي قوت سان سماج جي بهتر رخ ۾ تبديليءَ
لاءِ جنبي ويندو هو.
شخصي لحاظ کان هُو هڪ سنهڙو سيپڪڙو ۽ سٻاجهي شخصيت
جو مالڪ هو پر قدرت کيس جيڪا ڏات، ذهانت، بردباري
۽ ٻاجهاري فطرت ڏني هئي انهن سڀني خوبين کيس هڪ
مڪمل شخصيت جو مالڪ بڻائي ڇڏيو هو. پاڻ اميرن سان
امير، فقيرن سان فقير، بزرگن سان بزرگ، ٻارن سان
ٻار، نوجوانن سان نوجوان، ٿي گفتگو ڪندو هو. ڪڏهن
به ڪنهن ڳالهه ۾ مبالغي کان ڪم وٺندي نظر نه آيو.
هن کي سنڌي ٻولي ۽ پنهنجي ماڻهوءَ جي گهڻي اون ۽
ڳڻتي هوندي هئي. پنهنجي خوددار ۽ فقير منش طبيعت
سبب هن ڪا گهڻي بهتر انداز ۾ زندگي نه گهاري هئي،
پر سندس ڪوشش هوندي هئي ته عام ماڻهو غربت واري
ڌٻڻ مان نڪري!
هونئن ته شمشيرالحيدريءَ سان سڃاڻپ منهنجي بابا
شهيد احمد خان آصف مصراڻيءَ جي حوالي سان هئي،
جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، تنهنڪري سندس شاعريءَ
کي پڙهڻ جو موقعو مليو. انڪري هُو منهنجي لاءِ
ڪڏهن به اجنبي نه رهيو، پر جڏهن روبرو ساڻس ملاقات
ٿي، ته ذهن ۾ سمايل آدرشي خيال وڌيڪ روشن ۽ اجرا
ٿي پيا.
مون کي ياد آهي ته پهرين ملاقات ۾ ڪلاڪ کن منهنجو
فارمل انٽرويو ڪيو هئائين، پر اها منهنجي لاءِ
ڏاڍي دلچسپ ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه هئي. موضوع ته
گهڻائي زيرِ بحث آيا، پر شاهه سائين جي شاعريءَ
کان ويندي شمشيرالحيدريءَ جي ڪاڪ محل تائين گفتگو
ٿي هئي. شمشيرالحيدري جيڪي به سال بورڊ ۾ رهيو
اسان جو رهبر ۽ رهنماء ٿي رهيو. هُو پٽ تي ويهي ته
به شمشير، جي کٽ تي ويهي ته به شمشير. وڏي ڪرسي هن
جي ٽيڪ يا سهارو ڪڏهن به نه رهي، انهن ڏينهن ۾
بورڊ جو چيئرمئن عبدالجبار جوڻيجو هو ۽ ميمبرن ۾
جويو صاحب ۽ ٻيا ليکڪ ۽ ليکڪائون هئا. رمضان شريف
جي عيد هئي. ملازمن بونس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، سو
چيئرمئن مالي ڪميٽي ۽ ڪجهه ميمبرن اعتراض ڪيو. ٻه
ٽي ڏينهن وري يونين جا ملازم شمشير جي آفيس ۾ آيا
۽ ساڳيو مطالبو ورجايائون ته پاڻ چيائين: ”مان
ڪوشش ڪريان ٿو، ته اوهان کي بونس ملي“ ٿيو به ائين
شمشيرالحيدري صاحب جي ڪوشش سان جويو صاحب ۽ مدد
علي سنڌي جيڪي مالي ڪميٽيءَ جا ميمبر هئا، راضي ٿي
ويا ۽ بونس بحال ٿيو.
پاڻ انتظامي ۽ پبليڪيشن جي حوالي سان تمام ڪامياب
رهيو- ان دور جي چيئرمئن حسين شاهه راشدي ۽ شمشير
جي وچ ۾ وڏي خليج پيدا ڪئي وئي، جنهن سبب
شمشيرالحيدريءَ کان آفيس ڇڏرائي وئي، پاڻ ڪٽنب
سوڌو بنگلي ۾ رهيل هو، پر آفيس جي ڪم ڪار کي جنبيل
رهيو. ٽنڊوآغا به سندس گهڻو تڻو اچڻ وڃڻ رهندو هو
جو مراد علي مرزا ۽ شمشير جگري دوست هئا.
انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي شايد اهو رات 9 لڳي جو
ٽائيم هو جو ماما مراد علي مرزا مون کي سڏي چيو
ته: ”ڪڪي، وزيراعظم هائوس مان مون ڏي فون آئي آهي
ته توهان صبح جو ادبي بورڊ ۾ وڃي سيڪريٽري جي عهدي
جي چارج وٺو. مان ته پريشان ٿي ويو آهيان. شمشير
منهنجو دوست آهي مان ان کان چارج وٺان!“ مون گهر
اچي شمشيرالحيدريءَ کي فون ڪري چيو: ”سر، اوهان بس
بنگلي ۾ آرام سان ويٺا آهيو پنهنجي لاءِ ڪجهه نٿا
ڪريو جي ائين ويٺا رهيو ته پوءِ ٻيو ڪو سيڪريٽري
ٿي ايندو.“
پاڻ چيائين: ”ائين ممڪن ئي ناهي!“
تنهن تي مون ٻڌايومانس ته ماما مراد علي کي چيو
اٿن پر هو نٿو اچڻ چاهي، پاڻ مون کي دڙڪو ڏئي
چيائين: گلبدن! مراد کي چئو ته سڀاڻي اچي چارج
وٺي، ٻي صورت ۾ الائي ڪير مٿي ۾ لڳيوَ. تون سڀاڻي
مراد کي ضرور وٺيو اچجانءِ! ٻئي ڏينهن وڏين منٿن
سان ماما مراد علي مرزا بورڊ ۾ آيا. ٻنهي عظيم
قلمڪارن کي مون گفتگو ڪندي ٻڌو.
مراد علي مرزا: يار، شمشير، مون کي سٺو نٿو لڳي ته
مان تنهنجي ڪرسيءَ تي ويهان!“
شمشير: ”مراد، توکي ويهڻو پوندو، ڪڏهن ڪڏهن هارَ ۾
به جيت هوندي آهي.“ ائين چئي ٻئي ڀاڪرين پئجي ويا
هئا.
شمشيرالحيدري، ۽ مراد علي مرزا جي سيڪريٽري واري
زماني ۾ بورڊ ۾ تمام دوستاڻو ۽ پنهنجائپ وارو
ماحول جڙيو هو. ڪنهن کي ڪنهن سان ڪابه شڪايت نه
هوندي هئي. مان پاڻ کي خوشقسمت سمجهان ٿي جو
شمشيرالحيدريءَ جو نه فقط ڪم ڪار ۾ سهڪار، ۽ وڏڙن
واري شفقت هوندي هئي پر پاڻ گهڻن معاملن ۾ مون تي
اعتبار ڪندا هئا. پاڻ عورت، ۽ نياڻيءَ جي برابري
جي بنياد تي عزت ۽ اهميت ڏيندا هئا.
ذاتي حوالي سان شمشيرالحيدري کل مُک طبيعت جو
ماڻهو هو. ڪيڏي به گنڀير صورتحال هجي، ڀوڳ چرچي
سان ماحول خوشگوار بڻائڻ جو کيس فن هو. بورڊ جي
سڀني ملازمن جو هڏڏوکي هو، پر سندس فياضي منهنجي
لاءِ سڀني کان سرسُ هئي! انڪري ساڻس چرچي ڀوڳ ڪرڻ
جو اختيار فقط مون کي ئي هو.
سندس صحافتي زندگيءَ جو اهو رڪارڊ آهي جو
ميرپورخاص ۾ هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهو، مهراڻ
اخبار پڙهڻ لاءِ ورتي ۽ واپس نه ڪئي، ته هن مٿس
FIR
ڪٽرائي. اخبار جي مقبوليت جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو
مثال ٿي سگهي ٿو.
هڪ دفعي حسين شاهه راشدي مون کي سڏي چيو ته: ”مئڊم
قمر واحد جو انٽرويو ڪريو،
”سرتيون“ لاءِ، پر پهرين مون کي ڏيکارجانءِ پوءِ
شايع ڪجانءِ.“
مئڊم قمر سان اڳ ئي منهنجي ويجهڙائپ هئي سو مان
ٻئي ڏينهن سندس انٽرويو ڪري اچي، راشدي صاحب کي
ڏنو. جنهن پڙهي مون کي تمام گهڻو
Appreciate
ڪيو. سر شمشير کي اچي ٻڌايم ته راشدي صاحب انٽرويو
کي گهڻو ساراهيو آهي.“ پاڻ کلندي چيائين: ”راشدي
صاحب کي ڪهڙي خبر ته انٽرويو ڪيئن وٺبو آهي، انڪري
ڦٻي وئين؟“
منهنجي ڌيءُ آصفه نون مهينن جي هئي، سو هڪ ڏينهن
رُني پئي ته مان به کڻي هلي آيس. ننڍڙيءَ اهڙو
سهڪار ڪيو جو مون آرام سان ويٺي ڪم ڪيو، ننڍڙي ڪڇ
۾ هئي. سر شمشير ننڍڙيءَ کي چيو: ”مائي تون اسان
جي آفيس ۾ ڇو آئي آهين؟“ ته آصفه ٽهڪ ڏنو، سر
حيران ٿي چيو:
”مائي مون تي کلين ٿي.“ مون چيو: سر جتي پڄي نه
سگهندا آهيون، اُتي کلي جان ڇڏائيندا آهيون.“ پوءِ
آصفه لاءِ الاهي شيون گهرائي ڏنيون هئائين.
وينا شرنگيءَ جي دعوت ڪيائين ته ان ۾ به مون کي ۽
جاويد کي دعوت ڏنائين. اها رات اسان شمشير جي ڪٽنب
سان گذاري هئي. ٻئي ڏينهن جنگ اخبار ۾ وينا جي
حوالي سان ڪا خبر هئي، سو مون کي چيائين:
”هاڻي اسان سان گڏ، تنهنجو ۽ مڙسهن جو به خير
ڪونهي!“
مون چيو: ”سر تخت دار تائين اوهان سان سر لڳي!“
پاڻ وڏا ٽهڪ ڏنا هئائين.
سندس جنم ڏهاڙو هو سو مان، ثمينه ۽ نجمه موتئي ۽
گلاب جا گل کنيا ۽ سندس آفيس ۾ اچي ڪورس جي انداز
۾
Happy birthday
چيو. پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو، چيائين ته ”گلن وٽان گل
مليا آهن“ انهيءَ تي شعر و شاعري به ٿي وڃي، اسان
چيو: ”سر، هڪڙو اوهان لاءِ گل کڻي آيون آهيون، وري
شعر به اسين ٻڌايون ته باقي اوهان ڇا ڪندا، وٺي
ٽهڪ ڏنائين چيائين: ”ڇوڪريون توهان سان ڪير پڄي!“
نسيم حيدري
تون امر آهين
10- آگسٽ 2012ع مطابق 21- رمضان 1433هه فجر جو
وقت، اسان گهر وارن لاءِ اهڙي دردناڪ ۽ ڏکائيندڙ
خبر کڻي آيو، جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.
21 جي سڄي رات عبادت ۾، ۽ دعائن ۾ گذري. شايد ڪنهن
معجزي جي ٿي وڃڻ جي انتظار ۾. ڊاڪٽرن جي جواب ملڻ
کان پوءِ، ۽ اهو ته ڪنهن وقت به ڪجهه ٿي سگهي ٿو،
اسان سڀني کي ذهني طور تيار رهڻو آهي. ساڳئي وقت
امان سانئڻ جي حالت به ڳڻتي جوڳي هئي. بابا، آغا
خان اسپتال ۾ ته امان لياقت اسپتال ۾، اسان ڪڏهن
امان وٽ ته ڪڏهن بابا وٽ. عجيب لمحا هئا، اهو اسان
لاءِ وڏو امتحان هيو. فون جي اوچتي آواز تي دل جي
ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي. پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري
وئي هجي. ياالله خير ڪجانءِ. ۽ آخرڪار 21 رمضان جي
صبح جو ساجهر هڪ فون آئي، جنهن سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو.
فقط پنج منٽ پهچڻ ۾ تاخير ٿي وئي ۽ ڏکن، تڪليفن ۽
ايذائن سان ڀريل زندگيءَ جو خاتمو ٿي ويو هڪ باب
جي پڄاڻي ٿي. پنجن مهينن کان پوءِ امان سانئڻ به
هن فاني جهان کي ڇڏيو. بابا کان پوءِ امان ئي هئي
جنهن اسان سڀني کي بيماريءَ جي حالت ۾ همٿ ۽ حوصلو
ڏيندي رهي. والدين جي اڪيلي ڌيءَ نازن ۾ پليل
منهنجي امان بابا جي رڱ ۾ رنڱجي ويئي هئي. صبر
شڪر، همت حوصلي ۽ غريبيءَ ۾ خوش گذارڻ واري منهنجي
پياري امان، خدا کيس جنت نصيب ڪري.
زندگي هر حال ۾ خوش ۽ صبر شڪر سان گذارڻ، اسان
انهن ٻنهيءَ جي بهترين ڪردار ۽ بهترين شخصيت مان
سکيو آهي. بابا جو چوڻ هو: ”حالتون ڪهڙيون به هجن
حق ۽ سچ جو دامن ڇڏڻو ناهي.“
ڪائنات جو سڀ کان خوبصورت ۽ پيارو رشتو ماءُ پيءُ
جي ساٿ جو رشتو آهي، اهو رشتو دعائن جو رشتو آهي.
اڄ اسان سان والدين جو ساٿ ناهي. دعائن جو در بند
ٿي ويو. بابا جي وڇوڙي کي سال ٿي ويو. 21 رمضان
اچڻ واري آهي، حيدرِ ڪردار جي غم سان گڏ اهو غم به
ڪڏهن نه وسرندو. اهو ڪمرو، جنهن ۾ ڪتابن جي ڍير ۾
بابا موجود هوندا هئا، اڄ به احساس ڏياري ٿو، ته
پاڻ اُتي ڪٿي موجود آهن.
بهرحال ٻئي خوشنصيب هئا جو کين ڀلارا مهينا رمضان
۽ ربيع الاول، بهترين ڏينهن ۽ تاريخون، مقدس جاين
جا ڪفن ۽ سندن وصيت مطابق بهترين آخري آرامگاهه،
چونڊي ۽ واديءَ حسين بڻيا.
بابا سائين جي پوري زندگي هڪ ئي مرڪز يا نُڪتي يا
هڪ ئي لفظ يا جملي تي شروع ٿي ۽ وري ان تي ئي ختم
ٿئي ٿي. يعني لفظ ”مولا تي ننگ آ“ پنهنجي مولاء
ڪامل يقين سندس ايمان جو ثبوت ۽ دليل آهي. چوڻ
وارن کين ملحد، ڪافر ۽ ڪميونسٽ چيو. پاڻ ڪنهن جي
به پرواهه نه ڪيائون. ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي،
مان جوئي آهيان سوئي آهيان.
بابا سائين جي باري ۾ اهو چوڻ ته پاڻ بهترين پيءُ
هئا. عظيم انسان تمام وڏا شاعر ۽ رائٽر، پاڻ هڪ
ادارو يا تحريڪ هئا. پاڻ هي ڪيائون هو ڪيائون
مختلف ڪارناما يا فلاڻي اخبار کي ڪامياب ڪيائون.
سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، هن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته
خدا کين تمام گهڻين صلاحيتن سان نوازيو هو.
اهي سڀ ڳالهيون اڳ ۾ ڪيئي ڀيرا ٿي چڪيون آهن، آرٽس
ڪائونسل جي پروگرام ۾ مون بابا جي اسان سان
گهرواري زندگي ۽ شخصيت تي ڳالهايو هو. پر هاڻ اسان
کي اهو سمجهڻو آهي ته بابا ڇا سوچيندو هو. سندن
فڪر ڇا هو، نظريو ڪهڙو هو، هو ڇا چاهيندو هو. هو
انقلاب چاهيندو هو، هڪ اهڙو انقلاب هڪ اهڙي
جمهوريت جنهن ۾ سڀ حق ۽ واسطا عام ماڻهوءَ کي هجن.
هن پوري سرشتي
۾ جيڪي خاميون ۽ خرابيون آهن، انهن جي خلاف هو هو،
بابا سنڌي ادارن جي مضبوطي ۽ واڌاري جو خواهشمند
هو. اهي سنڌي گهراڻا جيڪي ظاهري طور چوڻ لاءِ سنڌي
آهن، پر سندن گهرن ۾ غير سنڌي ٻولين کي ترجيح ڏني
وڃي ٿي، عورتون رڌڻو جي بجاءِ بورچيخانو چوڻ تي
فخر محسوس ڪن ٿيون. نئون نسل پنهنجي ٻوليءَ جي
تاريخ ۽ علم ادب کان بيخبر آهي. غالب، اقبال ۽
حالي جو ڪلام ته کين ياد هوندو، پر پنهنجي عظيم
شاعرن جي ڪلام کان ناواقف هوندا. پاڻ نوجوانن ۾
پنهنجي ٻوليءَ جي اهميت، تاريخ ۽ محبت جو جذبو
پيدا ڪرڻ لاءِ هميشه ڪوشان رهندا هئا. هُو اسان ۽
اسان جي اولاد جي روزمرهه جي گفتگو مان غلطيون
ڪڍندا هئا ۽ ان تي چڱو خاصو ليڪچر پڻ ڏيندا هئا.
اصل جهاد قلم جو جهاد آهي، قلم جي نوڪ تلوار جي
ڌار کان وڌيڪ تيز ٿئي ٿي. معاشري جي براين خلاف حق
۽ سچ لاءِ، مظلوميت جي حمايت ڪرڻ، ڪنهن جابر اڳيان
نه جهڪي، زيادتي ۽ ظلم خلاف آواز اٿارڻ، بابا
سائين مجاهد بڻجي پنهنجي قلم سان اهو جهاد ڪيو.
پنهنجي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي سان عشق ۾ پنهنجو پاڻ فنا
ڪري ڇڏيائون.
ايتري تائين جو پنهنجي محبوب جي خوبصورت اکڙين جي
ڳالهه ڪري ٿو ته سنڌ جي سونهن جو ذڪر به ڪري ٿو.
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو.
انهيءَ عشق ۾ پنهنجو نور وڃائي ويٺا. هڏين جي
ڪينسر نه پر تخليقي عمل بيهي رهڻ ڪري بابا سائين
ختم ٿي ويا. هو اندران ڀڄي ڀُري ويا. نور وڃڻ جو
احساس کين اڏوهي جيان کائيندو ويو. ظاهري طور تي
هُو اسان مان ڪنهن کي به محسوس نه ڪرائيندا هئا.
هماليه کان مضبوط ارادن جو مالڪ هئا.
آخري وقت ۾
پنهنجي اندر جي پيڙا ظاهر نه پيا ڪري سگهن.
هڪ تخليقڪار کي پنهنجي تخليق سان بي انتها پيار
هوندو آهي، جڏهن تخليق شايع ٿي هٿ ۾ اچي ۽ پاڻ
اکين سان ان کي ڏسي نه سگهن. اهو پل ڪيڏو نه اذيت
ڏيندڙ هوندو. جڏهن لاٽ شاعريءَ جو مجموعو
Park Lane Hospital
۾ کين هٿ ۾ مليو. الائي
ڪيترائي گيت ڪيترو ئي تخليقي مواد سندن سوچن ۾
هيو. جنهن کي قلم ذريعي بيان ڪرڻ چاهيو پئي.
کين اميد هئي ته ٺيڪ ٿي پنهنجي آتم ڪٿا مڪمل
ڪرائيندس. جوانن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي سگهه منجهن
هئي.
بهرحال مختصر اهو ته اسان لاءِ اڄ پهرين کان وڌيڪ
پنهنجن عظيم شاعرن جي پيغام ۽ فڪر کي سمجهڻ جي
ضرورت آهي. نئين نصاب ۾ شامل ڪري، ايندڙ نسلن جي
ذهنن ۾ انهن جي جاکوڙ، پيغام ۽ اصولن تي قائم رهڻ
واري روشِ کي ۽ انهن جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ کي پهچائڻ
جي ضرورت آهي.
اسان خوش نصيب قوم آهيون جو اسان وٽ شاهه جهڙو
عظيم شاعر، اياز جهڙو قومي شاعر، عوامي شاعر استاد
بخاري، تاجل ۽ شمشير جهڙا شاعر موجود آهن. جن ٻولي
۽ ڌرتي سان محبت جو درس ڏنو. اسان ڪڏهن انهن کي
سمجهي، ننڊ مان بيدار ٿينداسين. بابا سائين جي
شاعريءَ جي هر هڪ لفظ ۾ بيداري ۽ سجاڳيءَ جو سبق
آهي:
اُٿو اُٿو بکن جا ماريل اُٿو!
اُٿو اُٿو ڏکن جا ڏاريل اُٿو!
اي ڳڻتين جا ڳاريل، مصيبتن جا ماريل،
صدين جي سازباز سان، صليب تي سمهاريل،
اُٿو اي وقت جا وساريل اُٿو.
دعا آهي ته خدا بابا سائين ۽ امان سانئڻ کي پنهنجي
رحمت جي سايي ۾ جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏئي (آمين). |