محمد ابراهيم جويو
دوست وراڪو دل سين...
اهو سال 41-1940ع
جو هو، جڏهن آءٌ بمبئي منجهان بيچلر آف ٽيچنگ عرف
عام بي-ٽي، جنهن کي اڄڪلهه بي.ايڊ چيو وڃي ٿو، جي
سکيا پوري ڪري واپس سنڌ وريو هوس ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر
سنڌ مدرسي ۾ پنهنجي ماستريءَ جو سلسلو شروع ڪيو
هومِ.
انهيءَ زماني ۾ آءٌ سنڌيءَ جو موضوع پڙهائيندو
هوس، شمشيرالحيدري تڏهن پنجين جماعت ۾ پڙهندو هو.
تنهن زماني جي نصاب ۾ هڪ سبق ”سير ڪوهستان“ شامل
هوندو هو، انهيءَ سبق پڙهائيندي مون سنڌ اندر
موجود سماجي حالتن جو اُپٽار پڻ ڪيو. اهڙو ذڪر سبق
۾ موجود حالتن سان لاڳاپيل هو. انهيءَ سبق مان سنڌ
اندر موجود وڏيرا شاهي ۽ پيري مُريديءَ جا ڪي تاثر
موجود هئا، جن تي مون روشني وڌي ۽ اهو چيو ته ڪيئن
نه سنڌي قوم، جسماني ۽ روحاني طرح انهن وبائن ۽
بلائن ۾ ورتل آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب هو ته سنڌي
ماڻهو جسماني طرح وڏيرن ۽ جاگيردارن وٽ قيد ٿيل
آهن. جڏهن ته روحاني طرح اهي پيرن ۽ سيدن وٽ جڪڙيل
آهن. مون پنهنجن شاگردن کي ٻُڌايو پئي ته جن سماجي
حالتن ۾ اهي زندگي گذاري رهيا هئا، انهيءَ کي هيءَ
دنيا ڪئين صديون اڳي رد ڪري چڪي آهي ۽ هيءُ نئون
زمانو، ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ وارو آهي.
انهيءَ سبق جي حوالي کان، ڪجهه مذهب جي سلسلي ۾ پڻ
ڳالهه ٻولهه ٿي. انهيءَ ڪلاس ۾ اڪثريت اهڙن شاگردن
جي هئي، جيڪي خوجا هئا، انهن شاگردن کي اهڙي ڳالهه
ٻولهه ڪا گهڻي نه وڻي. اسڪول مان موڪل ٿيڻ کان
پوءِ اهي سڀ شاگرد بورڊنگ هائوس ويا، جتي اهي سڀ
رهائش پذير هئا. انهن شاگردن گڏجي هائوس ماسٽر کي
سڄي ڳالهه پيرائتي ۽ ڪجهه وڌائي چاڙهي پيش ڪئي، ته
اسان جو ماستر هيئن ۽ ههڙيءَ ريت اسان کي سبق
پڙهايو آهي. شاگردن جون اهڙيون ڳالهيون ٻُڌي هائوس
ماسٽر، جيڪو پڻ خوجو هو، بنهه ڪاوڙجي پيو. انهيءَ
زماني ۾ مدرسي جو پرنسپال مسٽر ٿامس هو. خوجو
هائوس ماسٽر، وٽس منهنجي باري ۾ شڪايت کڻي ويو.
مسٽر ٿامس کيس چڱي ريت ٻُڌو ۽ انهيءَ کان پوءِ کيس
چيائين ته استاد پنهنجي شاگردن جي چڱائيءَ ۾ هوندا
آهن، ۽ آءٌ اهو ٿو سمجهان ته مسٽر جويي جيڪا به
ڳالهه ڪئي آهي، اها سنڌ جي حالتن سان ٺهڪندڙ آهي،
ان ۾ ڪا به خرابي نه آهي. خوجو هائوس ماسٽر اهڙو
رُکو جواب ٻُڌي واپس وريو ۽ اچي پنهنجي برادريءَ
جي شاگردن کي اُڪسايائين ته ڪو به شاگرد انهيءَ
استاد جو ڪلاس اٽينڊ نه ڪندو.
ٻئي ڏينهن تي خوجا شاگرد ڪلاس ۾ نه آيا، اڪيلو
شاگرد جيڪو ڪلاس ۾ آيو، اهو شمشيرالحيدري هو، جيڪو
پڻ خوجن واري بورڊنگ هائوس ۾ رهائش پذير هو. شمشير
جي ڪلاس ۾ اچڻ سان، مون اهو ڀانيو ته ڪالهه جيڪا
ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، اها کيس وڻي هئي. بهرحال ڪلاس
۾ اچڻ جي سزا طور شمشير جي بورڊنگ هائوس مان ميمبر
شپ ختم ڪئي ويئي ۽ کيس ٻئي هنڌ رهڻ جو بندوبست
ڪرڻو پيو.
اهو زمانو سڄي دنيا ۾ وڏيءَ اُٿل پُٿل وارو هو. ٻي
مهاڀاري ويڙهه هلي رهي هئي، جنهن جا اثر هرهنڌ ڏٺا
پئي ويا. ننڍي کنڊ ۾ پڻ ان جا اثر واضح نموني،
سماج جي هرهڪ تهه ۽ طبقي تي محسوس ڪيا پئي ويا.
اُستاد هجن يا شاگرد، مزدور هجن يا هاري، سياستدان
هجن يا سرمائيدار، سڀني تي ان زماني جا اثر هئا،
هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي حساب ۽ نسبت سان ڳالهه
ٻولهه پئي رکي. انهيءَ زماني ۾ ترقي پسند تحريڪ پڻ
عروج تي هئي. بمبئي ۾ قيام دوران آءٌ ايم.اين.راءِ
جي ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کان گهڻو متاثر ٿيو
هوس ۽ ان جي مون هتي پنهنجن دوستن سان گڏجي هڪ شاخ
پڻ قائم ڪئي هئي. انهيءَ زماني ۾ هر هڪ ماڻهو
پنهنجي سياسي نظريي جي پرچار جا پراثر طريقا پيو
سوچيندو ۽ ڳوليندو هو. هڪ استاد جي حيثيت ۾ آءٌ پڻ
ان ڳالهه جو تمنائي هوندو هوس، ته ڪنهن طرح پنهنجن
خيالن جو اظهار ڪريان ۽ انهن کي سنڌ جي ٻين حلقن
۽ـ پڻ شاگردن تائين پهچايان.
انهيءَ سلسلي ۾ شاگردن جي ذهني صلاحيتن کي اجاگر
ڪرڻ ۽ پڻ انهن کي اظهار جي آزادي ڏيڻ جي حوالي کان
هڪ وال پيپر شروع ڪيو ويو، انهيءَ مقصد لاءِ اسڪول
۾ هڪ خاص ڪُنڊ مخصوص ڪئي ويئي، جنهن جي ڀت تي
شاگرد پنهنجي پسند جا شعر، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ٻيا
ليک لکي چنبڙائيندا هئا ۽ اهڙيءَ ريت اُهي هڪٻئي
جي خيالن کان واقف ٿيندا هئا ۽ انهن وچ ۾ ذهني
چٽاڀيٽيءَ جو هڪ رشتو جڙيو، انهيءَ وال پيپر جو
ايڊيٽر شمشير کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو به شاگرد ڀت
تي پنهنجو ليک چنبڙائڻ گهرندو هو، انهيءَ جي
منظوري شمشير ڏيندو هو. ان جو مطلب هيءُ آهي ته
شمشير پنهنجي شاگرديءَ واري ڄمار کان وٺي نهايت
هوشيار ۽ ٻين شاگردن جي ڀيٽ ۾ ذهني طرح وڌيڪ اسريل
هو. هن ۾ شروع کان ئي هڪ اديب ۽ ايڊيٽر ٿيڻ واريون
۽ خاصيتون موجود هيون.
شمشير کي منهنجي ڪري ڪيترائي ڀيرا مصيبتن کي مُنهن
ڏيڻو پيو. هڪ ڀيرو هڪ بورڊنگ هائوس مان نيڪال ٿيو
هو ۽ ٻئي ڀيري وري ٻيو واقعو پيش آيو، جيڪو ڪجهه
هن ريت آهي: اها سال 1947ع جي جون مهيني جي ڳالهه
آهي، جڏهن مون ڪتاب ”سيوِ سنڌ، سيوِ دَ ڪانٽيننٽ“
لکيو هو. انهيءَ ڪتاب لکڻ ڪري، مون کي سنڌ مدرسي
مان نيڪالي ڏني ويئي. اهڙي سرڪاري عمل خلاف تنهن
زماني ۾ نوجوانن ۽ شاگردن گڏجي تحريڪ هلائي هئي،
انهيءَ تحريڪ جي سرواڻي شمشيرالحيدري ڪري رهيو هو،
جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ مدرسي ۾ شاگرد هو. هن ڀيري
پڻ اهڙي تحريڪ هلائڻ جي سزا طور کيس سنڌ مدرسي مان
نيڪالي ڏني ويئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر کيس منهنجي ڪري
ڀوڳڻو پيو.
سنڌ مدرسي مان نيڪاليءَ کان پوءِ ڪيترو عرصو آءٌ
بيروزگار رهيو هوس، جنهن کان پوءِ ٺٽي ۾ منهنجي
دوست موليڏني عباسيءَ هڪ خانگي اسڪول قائم ڪيو،
جنهن لاءِ مون کي هيڊ ماستر مقرر ڪيائين، شمشير
ڪراچيءَ ۾ هڪ اخبار ۾ وڃي ملازمت اختيار ڪئي.
اها سن 1951ع جي ڳالهه آهي، جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾
مان سيڪريٽري مقرر ٿيس. تنهن زماني ۾، سنڌي ادبي
بورڊ جي آفيس ڪراچيءَ ۾ هئي. اهو ورهاڱي کان پوءِ
نئون نئون زمانو هو، ۽ سنڌ جي علم ۽ ادب جي سلسلي
۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پيو. انهيءَ مقصد واسطي جيڪي به
پڙهيا لکيا سنڌي عالم ۽ اديب هئا، اهي گڏ ٿياسون.
اهڙيءَ ريت اهو سلسلو اڳتي وڌيو، جڏهن بورڊ پاران
’مهراڻ‘ رسالو جاري ٿيو ته انهيءَ جي ايڊيٽرشپ جي
ذميواري غلام محمد گراميءَ جي حوالي ڪئي ويئي.
جيئن ته اهو هڪ اهم ۽ نفيس نوعيت جو ڪم هو، انهيءَ
ڪري
غلام محمد گراميءَ کي هڪ ساٿيءَ جي گهرج هئي.
منهنجي ذهن ۾ شمشيرالحيدريءَ جو نالو موجود هو،
جنهن لاءِ مون کي گهڻي همدردي هئي. هو هڪ لائق ۽
روشن خيال نوجوان هو، ۽ منجهس نه رڳو ڪم ڪرڻ جي
صلاحيت هئي، پر منجهس محنت جو جذبو پڻ هو.
اهو خيال دل ۾ رکي مون شمشير سان ملاقات ڪئي ۽
کانئس مهراڻ رسالي جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ
بابت راءِ معلوم ڪئي. هن هائوڪار ڪئي، جنهن کان
پوءِ غلام محمد گرامي کيس بورڊ ۾ وٺي آيو،
جيتوڻيڪ، انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي پڙهيل لکيل
نوجوان هئا، جن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هئي، پر
جيئن ته شاگرديءَ واري زماني کان وٺي شمشير منهنجي
ويجهو رهيو هو، تنهنڪري مون کي هن تي گهڻو اعتماد
هو، ته هو اسسٽنٽ ايڊيٽر جي ذميواري ڀليءَ ڀت
نڀائيندو ۽ واقعي شمشير اسان سڀني جي اميدن تي
پورو لٿو.
شاگرديءَ واري زماني کان وٺي شمشير جو شعر ڏانهن
پڻ گهڻو لاڙو هو. انهيءَ زماني ۾ شعر جي ميدان ۾
ڪيترائي شاگرد موجود هئا، جن پنهنجي تخليقن وسيلي
سنڌي علم ۽ ادب کي طاقت بخشي ٿي. اهڙن گهڻن نالن
منجهان هيءُ پڻ هڪ هو، جنهن پنهنجي جديد اسلوب ۽
انداز وسيلي جلد پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ جوڙي ورتي.
خاص طرح آزاد نظم جي ميدان ۾ هن نهايت اعليٰ ۽ من
تي اثر ڪندڙ شعر لکيا آهن. شمشير پنهنجي آزاد نظم
جي حوالي کان يگانو شاعر انڪري به هو، جو هن
موضوعاتي شعر کي وڌيڪ اهميت ڏني جڏهن ته سندس آزاد
نظم پڙهبا ته ائين لڳندو ته اهي سڀ منظوم ڪهاڻيون
آهن. سندس موزون ۽ آزاد شعر کي سهيڙي، اڳتي هلي
”لاٽ“ جي عنوان سان اِنهن کي ڪتابي صورت ڏني ويئي،
جنهن جو مهاڳ پڻ مون لکيو هو، ان مهاڳ ۾ مون لکيو
هو:
”شمشير جو شعر آءٌ شروع کان پڙهندو پئي آيو آهيان،
پنهنجي هن جوان عمر ۽ جوان طبع شاعر کي آءٌ، سنڌي
ادب لاءِ انهيءَ صبح جي نديمن منجهان شمار ڪريان
ٿو. آمريڪا جي عظيم قومي شاعر،
’والٽ وِٽمن‘، 36هين ورهين جي عمر ۾، پنهنجي شعر
جو پهريون مجموعو فقط 95 صفحن ۾ شايع ڪيو هو.
فرانس جو لاقاني اديب، ’پيري گوئي‘، جنهن لاءِ چيو
ويو آهي ته مستقبل جا ماڻهو جيئن پوءِ تيئن زياده
هن جي عظمت محسوس ڪندا ۽ مڃيندا، تنهن جڏهن پنهنجي
شعر جو پهريون ڪتاب پيش ڪيو، تڏهن ان ۾ فقط 75 شعر
هئا. شمشير جو هيءُ 88 صفحن جو مجموعو پڻ انهيءَ
ساڳئي مشعل جي ”لاٽ“ آهي، جيڪا هرهنڌ ۽ هر حال ۾
حق، حسن ۽ خير جي تلاش لاءِ پنهنجي روشني، انهيءَ
نموني، انسان جي اڳيان پيش ڪندي پئي آئي آهي.
مون کي ته شمشير جي هنن لفظن ۾، شايد کانئس به
زياده اعتماد آهي:
حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي،
اڄوڪي دور جو دانا ڪري پيو محنت،
زمانو طي ڪري آيو خيال جي بستي،
نرالي نُور کي روڪي نٿي سگهي طاقت.
(1967ع)
سن 1984ع ۾ مون ۽ شمشير گڏجي
”هدايت“ اخبار شروع ڪئي. اهو زمانو ضياءَ شاهيءَ
جي خطرناڪ ۽ ڌڪار جوڳي آمريت جي لحاظ کان مشهور
آهي. اها اخبار جون مهيني کان وٺي ڊسمبر تائين هلي
سگهي ۽ پوءِ ان تي پابندي پئجي ويئي. انهيءَ تي
پابندي رڳو انڪري وڌي ويئي، جو ان ۾ سنڌ ۽ سنڌي
ماڻهن جي حق ۾ خبرون، تبصرا ۽ ايڊيٽوريل شايع ڪيا
پئي ويا.
شمشيرالحيدري پنهنجي مزاج ۾ ارڏو ۽ بيباڪ انسان
هو. هن زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا، پر ڪڏهن
به مايوس نه ٿيو ۽ نه ئي ڪڏهن حالتن کان مات کاڌي.
ان کان سواءِ سندس ذهن ۽ مَن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن
جي محبت ۽ اُڪير ڇانيل رهندي هئي. هن رڳو ئي رڳو
وطن جي واسطي پنهنجي ڪُل ڄمار گذاري ۽ هڪ بردبار ۽
ڀلي انسان وانگي گذاري. شريف ڪميشن وسيلي سنڌي
ٻوليءَ کي سوڙهي ڪرڻ واري سازش هجي، يا ون يونٽ
لاڳو ڪري سنڌ جي تاريخي شناخت ختم ڪرڻ وارو معاملو
هجي، شمشير انهن مڙني تحريڪن ۽ جدوجهدن جو سرگرم
ڪردار هو. هو ”سدائين ڳنڍيندڙ ئي رهيو ۽ ڇنڻ مُور
نه سکيو.“
شمشيرالحيدري پنهنجي ڪم ۽ عمل وسيلي سڀني سان گڏ
رهندو هو، جيئن اسان سان گڏ شيخ اياز ۽ ٻيا انيڪ
وڇڙي ويل ساٿي پنهنجي ڇڏيل پورهيي وسيلي گڏ آهن.
انسان حقيقت ۾ ڪڏهن به نٿو مري، جيڪڏهن ان ڪو
پنهنجي گهاريل زندگيءَ ۾ انوکو ۽ مثالي ڪم ڪيو
آهي. ڪنهن به شڪ کان سواءِ شمشيرالحيدري هڪ مثالي
انسان هو ۽ هن هڪ مثالي زندگي گذاري.
(روزانه ”ڪاوش“ جي ٿورن سان)
مولانا غلام محمد ”گرامي“
شمشيرالحيدري جو
تعارف
سنڌيءَ جو باڪمال شاعر، اديب ۽ مصور،
شمشيرالحيدري، بدين ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪڍڻ ۾
15- سيپٽمبر 1932ع تي ڄائو ۽ بدين ۾ پرورش
ورتائين. ابتدائي تعليم بدين ۾ وٺي، 1947ع ۾
ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. حالتن جي
ناسازگار هئڻ ڪري، تعليم ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو. ڪجهه
وقت بي.ڊبليو.ڊي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ پوءِ ٽن سالن
تائين بدين جي ڪوآپريٽو بئنڪ جو مئنيجر ٿي رهيو.
وقت جي لهر کيس حيدرآباد رسايو، اتي پهرين روزانه
”هلال پاڪستان“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو ۽ پوءِ 1956ع
۾ سماهي ”مهراڻ“ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو.
مسٽر حيدري ”مهراڻ“ جي جيڪا مسلسل ٻارنهن سال خدمت
ڪئي آهي، اها سنڌي ادب ۾ يادگار جي حيثيت رکي ٿي.
1963ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم.اي
ڪرڻ وقت ”آزاد نظم“ تي جيڪو مونوگراف لکيو اٿس، سا
هڪ بهترين تحقيقي ۽ عالمانه تاليف آهي. 1967ع کان
پاڪستان پبليڪيشنس ڪراچيءَ جي ماهوار ”نئين
زندگيءَ“ جو ايڊيٽر آهي. سندس شعرن جو مجموعو
”لاٽ“ ڇپيل آهي.
شمشيرالحيدريءَ جي بلندپايه شاعري، سنڌي ادب ۾
متنوع، رنگين، جاذب ۽ زندگي بخش مثال آهي. اگرچه
سندس ڪلام گهڻو نه آهي پر معنوي اعتبار سان ثقه به
آهي ۽ معياري به. سندس مختصر ڪلام، قديم ۽ جديد
ادبي رجحانات، هيئت ۽ اسلوب جي جديد اقدار ۽ معيار
تي مشتمل، صحتمند شاعرانه تجربو آهي.
حيدري پنهنجي فڪري ۽ شعوري مشاهدات ۽ ڪيفيات کي
تلخ ۽ ترش لب لهجي ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇا
لاءِ ته زندگيءَ جا حقائق ۽ عوامل، قدر ۽ معيار،
جيئن پوءِ تيئن تلخ ٿيندا ٿا وڃن. زندگيءَ جا
سماجي عوامل، مادري ۽ مذهبي، فڪري ۽ سائنسي اثرات
کان متاثر ٿي، اڄ اهڙي مرحلي تي پهتا آهن، جتي
انساني شعور ۽ تنقيدي زاويه نگاهه صحتمند اصولن کي
پرکي رهي آهي.
ادب ۽ شعر جي موجوده دور ۾ نه فقط هيئت جي اعتبار
سان، پر مواد ۽ انداز بيان جي لحاظ سان به
وڏوانقلاب آيو آهي. اهو انقلاب، قابلِ قدر به آهي
۽ زندگي بخش به. شعور انساني جو اهو انقلاب آور
معيار بتدريج ارتقا ڪندو آيو آهي. انسان جي ترقي
پذير قدرن، فڪري اثرن، علمي لاڙن ۽ ادبي نتيجن ئي
انسان جي نطق و بيان ۽ شعر و سخن کي نوان نوان
اسلوب عطا ڪيا آهن.
حيدريءَ جي فن کي تنقيدي نُڪتهء نظر سان ڏسڻ کان
پوءِ آءٌ ان راءِ تي پهتو آهيان ته حيدري جي
تخليقي قوت، فڪري مطالعو ۽ نڪتهء آفرين افتاد طبع
پنهنجي معاصر احباب ۾ منفرد آهي. سچ پچ سندن مختصر
۽ جامع ڪلام هن دور جي شعوري رجحانات ۽ ارتقا پذير
شعري قدرن سان گهڻي ڀاڱي هم آهنگ ٿي چڪو آهي.
يقين آهي ته هيءُ شاعر، بدتريج تجربي، مشق ۽ فڪري
رياضت کان پوءِ شايد جديد دور ۾ وڏو مقام حاصل ڪري
سگهي.
(روزاني ”هلچل“ 19- مئي 2012ع تان کنيل)
ڊاڪٽر غلام علي الانا
شمشير
الحيدري: هڪ مسلسل جدوجهد جو نالو
1- شمشيرالحيدري زندهه آهي. هو جسماني طور هن دنيا
مان اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر جيستائين سندس
ڇپيل سنڌي ادب جو ذخيرو اسان وٽ موجود رهندو،
تيستائين سنڌي ادب جو هيءُ هڪ عظيم دانشور، نقاد،
ڪالم نگار، ڊراما نگار، هڪ روشن خيال جديد ۽ ترقي
پسند بيباڪ ۽ مزاحمتي شاعر، روحاني طور اسان وٽ
هميشه زندهه رهندو. مرندا اهي آهن جيڪي پنهنجي
پٺيان ڪجهه به ۽ ڪوبه سرمايو ڇڏي نه ويندا آهن، پر
شمشير ته پنهنجي پٺيان سنڌي ادب جو هڪ وڏو ۽ بي
بها سرمايو ڇڏي ويو آهي. انهيءَ ڪري سنڌي ٻولي ۽
ادب جي هن دانشور کي مان مرحوم نه چوندس.
2- (الف) شمشير هڪ اصول پرست ۽ خود دار انسان هو.
هو هڪ بلڪل مسڪين ماڻهو هو. سندس مسڪينيءَ واري
حالت کان آءٌ ذاتي طور تڏهن واقف ٿيس جڏهن هو
حيدرآباد ۾، سلاوٽن جي پاڙي ۾، منهنجي گهر جي
ويجهو هڪ مسواڙي جاءِ ۾ اچي رهيو، ساڻس پراڻي
واقفيت ۽ هم جماعت هجڻ سبب، سندس ڪٽنب وارا ۽ سندس
ٻار ٻچا منهنجي گهر ۾ بنا ڪنهن حجاب جي اچڻ وڃڻ
لڳا ۽ سندس مسڪينيءَ واري حالت جي خبر پئجي وئي.
(ب) اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ ٻچڙيوال اديب ۽
شاعر صرف شعر و شاعريءَ سان پنهنجو گهر ڪيئن هلائي
سگهندو، ان لاءِ ته سڀ ڪجهه گهرجي جيڪو هن مسڪين
وٽ ڪونه هو، پر شمشير جي مهانتا اها هئي جو هن
پنهنجيءَ مسڪينيءَ ۽ ڪسم پرسيءَ واريءَ حالت جو
ڪڏهن به ڪنهن سان ڪو ذڪر نه ڪيو.
(ت) شمشير جي مهانتا اها هئي جو هو مصلحت پسند
ماڻهو نه هو، ۽ نه ئي وري هن ڪا پنهنجي ڌار ادبي
لابي ٺاهي. سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾، سنڌي ادب جي
ماحول ۾، سنڌ جي نوجوان ۽ اُسرندڙ اديبن ۽ شاعرن
وٽ سندس وڏي مڃتا هوندي هئي، پر هن ڪڏهن به اديبن
جو ڪو پنهنجو گروهه نه ٺاهيو، ۽ نه ئي وري هن
پنهنجي مخالف نظرئي رکندڙ ڪنهن به اديب يا شاعر جي
ڪڏهن پڳڙي لهرائي. زرار پيرزادي بلڪل درست لکيو
آهي ته:
”شمشيرالحيدريءَ جي ان کان وڏي مهانتا ڪهڙي ٿي
سگهي ٿي ته سنڌي ادبي سنگت هجي، علمي ۽ ثقافتي
ادارا هجن، سنڌي اخبارون هجن، رسالا، ٽي.وي، ريڊيو
۽ فلم هجي، ايستائين جو ڪيترائي وزير ۽ ڪامورا به
سندس تخليقي پورهئي جي دم تي هلندا ۽ ترقي ڪندا
رهيا.
شمشيرالحيدريءَ جي ان کان وڏي مهانتا ڪهڙي ٿي سگهي
ٿي جو هو زندگيءَ جي پريشانين تڪليفن، بيروزگاريءَ
واري حالت ۽ بيمارين وغيره کي ڪڏهن به پاڻ تي حاوي
ٿيڻ نه ڏيندو هو، پر انتهائي بهادريءَ سان، انهن
کي منهن ڏنو.“
3- (الف) نصير مرزا توڙي ڪن ٻين سڄڻن
KTN
چئنل يا ڪن مجلسن ۾، اهو اظهار پئي ڪيو آهي ته
شمشير جو پهريون ادبي استاد، مرحوم مولوي احمد
ملاح هو، ته وري ڪن اها هام هنئي ته شمشير جو
پهريون ادبي استاد محترم محمد ابراهيم جويو هو، پر
مان انهن سڀني سڄڻن سان، سندن انهن راين سان
اختلاف ڪندي هيءُ عرض ڪندس ته شمشيرالحيدريءَ جو
پهريون ادبي استاد ۽ ذهني پرورش ڪندڙ، لاڙ جو
مشهور سماج سڌار، قوم پرست اڳواڻ، مرحوم ڊاڪٽر
نذير حسين حيدري هو. شمشير، پنهنجي نالي پٺيان
”حيدري“ تخلص به، مرحوم ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ
کان متاثر ٿي رکيو هو.
(ب) مرحوم نذير حسين حيدريءَ سان منهنجا ناتا ۽
واسطا 47-1946ع کان ٿيا هئا جڏهن آءٌ ٽنڊي محمد
خان مان، ”مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ“ جي شاگرد
تنظيم سان گڏ، مرحوم مير غلام علي خان ٽالپر جي
اليڪشن جي ورڪ لاءِ بدين ويو هوس. جتي مرحوم ڊاڪٽر
نذير حسين حيدريءَ سان منهنجي ملاقات ٿي. ڊاڪٽر
صاحب سان پوءِ ته ڪئين ملاقاتون ٿيون.
شمشيرالحيدريءَ سان به پهرين ملاقات، ڊاڪٽر
حيدريءَ وٽ ٿي هئي.
شمشيرالحيدريءَ ۾ قومي جاڳرتا ۽ قوم پرستيءَ لاءِ
سجاڳيءَ جهڙا جذبا، مرحوم ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ
جي صحبت جي ڪري ئي پيدا ٿيا، جيڪو رشتي ۾ شمشير جو
مامو به هو. ڊاڪٽر نذير حسين حيدري هڪ شعلهء زبان
مقرر، شاعر، نثر نويس، ۽ بيباڪ صحافي هو. هن صاحب
پوءِ ”اعلانِ حق“ جي نالي سان هڪ هفتيوار اخبار به
ڪڍي جيڪا هن وقت سندس نيڪ فرزند، ظهير حسين حيدري
جاري رکيو اچي.
ڊاڪٽر نذير حسين حيدري، لاڙ جي بدين واري خطي ۾ هڪ
سڄاڻ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ هو.
(ت) محترم عبدالعزيز عقيليءَ، ”ٻه اکر“ جي عنوان
سان، شمشير جي ڪتاب: ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“ ۾
بلڪل واضح طور لکيو آهي ته:
”هن جي تربيت ۾ سندس خاندان جي اهم شخصيت ۽ سندس
مامي، ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ جو وڏو اثر رهيو
آهي، جيڪو پنهنجي دور جو مشهور سماج سڌار ۽
انقلابي ماڻهو ٿي گذريو آهي. هو لاڙ ۾ هاري
ڪميٽيءَ جو اهم اڳواڻ هو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئيءَ جو اعتماد جوڳو ساٿي هو. لاڙ ۾ سندس وڏي
مڃتا هئي. شمشيرالحيدريءَ اهڙي عالم، اديب ۽ اڳواڻ
شخصيت جو تربيت يافته هو. هو چوندو آهي ته هو جيڪي
ڪجهه آهي، سو پنهنجي مامي، نذير حسين حيدريءَ جي
قربت ۽ تربيت، محبت ۽ شفقت جي ڪري آهي.“
4- (الف) سنڌ جي سياسي، سماجي اقتصادي، علمي،
ادبي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جدوجهد جي تاريخ ۾، پاڪستان
جي قيام، خاص ڪري ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري
فيصلي کان وٺي، 1954ع ۾ ون يونٽ جي قيام، ۽ پوءِ
1958ع ۾ ايوب خان جي مارشل لا نافذ ڪرڻ واري زماني
کان وٺي، سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان جيڪي ڏاڍ، ڏمر،
ظلم ۽ زبردستيءَ جون ڪاروايون ڪيون ويون، تنهن
لاءِ ون يونٽ واري زماني کان وٺي، جنرل ضياء جي
دور ۾، 1983ع ۾، ايم.آر.ڊي تحريڪ واري زماني ۾،
تخليق ڪيل سنڌي ادب، هڪ وڏو شاهد آهي. ظالم
حڪمرانن طرفان، سنڌي ادب جي تخليق تي بندش وڌي
وئي؛ ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن تي به بندش وڌي وئي،
تنهن هوندي به سنڌي ادب جي مزاحمتي ڌارا، ڪوبه
ظالم حاڪم روڪي نه سگهيو.
جنهن زماني ۾، سنڌ جي نالي وٺڻ يا سنڌي ٻوليءَ ۾
تقرير ۽ تحرير ذريعي، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ
هڪ وڏو گناهه سمجهيو ويندو هو، ان زماني ۾، سائين
جي.ايم.سيد، مرحوم حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز،
عبدالڪريم گدائي، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش
پليجو، محمد فاضل راهو، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر نذير
حسين حيدري، محمد خان مجيدي، تنوير عباسي، نياز
همايوني، مولانا گرامي، امداد حسيني، جمال ابڙو،
امر جليل، نسيم کرل، ذوالفقار راشدي، رشيد ڀٽي،
عبدالغفور انصاري ۽ ٻيا ڪيترائي قومپرست ۽ ترقي
پسند اديب ۽ شاعر، مزاحمتي، ڪهاڻين، ڪالمن، خاڪن ۽
شاعريءَ ذريعي، ان وقت جي حڪومت طرفان، سنڌ جي
عوام تي ڪيل ڏاڍ، ڏمر ۽ ظلم جي داستانن جو کليءَ
طرح اظهار ڪندا هئا. هن ڏس ۾، شيخ اياز، محمد خان
مجيديءَ، شمشير حيدريءَ، نياز همايونيءَ ۽
عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ مان سون جي تعداد ۾
مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. مثال طور، شمشير اُن زماني
۾ علي الاعلان اهو چيو ته:
قوم چاهي ٿي، وري شاههؒ ۽ سچلؒ جيان،
سچ جا ڀنڀٽ وڏا ڀڙڪائجن،
سچ تي ميڙا ڪجن ۽ وري،
ٽانڊن تي واريل گيت ڳاڙها ڳائجن،
قوم چاهي ٿي ته ڪي نغما انوکا ڳائجن،
سونهن ۽ سرهاڻ سان ناتا نوان ڪي لائجن
هجر جا ۽ وصل جا مفهوم بدلائجن،
عشق کي نظرن کي ڪجهه وسعت ڏيئي،
حسن جا معيار ٻيا ڪي ٺاهجن،
۽ سڄي تاريخ تي ليڪا ڏيئي،
جنگ جا، ۽ امن جا مطلب سڀئي ڦيرائجن.
(ب) اُن زماني ۾، ماهوار ”روح رهاڻ“،”سهڻي“،
”نئين زندگي“، ”انسان“ ۽”ٽماهي مهراڻ“ کان سواءِ،
روزانه سنڌي اخبارن، بيباڪيءَ سان، مزاحمتي ادب جي
اشاعت سان، سنڌ جي عوام جو آواز، وقت جي ظالم
حڪمرانن تائين پهچائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا
پرواهه ڪانه ٿئي ڪئي.
انهيءَ زماني ۾، شيخ اياز کان پوءِ
شمشيرالحيدري،
تنوير عباسي، نياز همايوني، محمد خان مجيدي ۽
عبدالڪريم گدائيءَ، سنڌ جي عوام جي جذبات جي
نمائندگي، پنهنجي ڪلام ذريعي ٿي ڪئي.
(ت) مون اڳ ۾ عرض ڪيو آهي ته شمشيرالحيدريءَ جي
ڪابه ادبي لابي ڪانه هئي. هن هڪ مخلص، خوددار ۽
باوقار اديب، نقاد، ڪالم نگار، ڊراما نگار، شاعر ۽
قومپرست سنڌي دانشور جي حيثيت ۾، ڪنهن به قسم جي
مصلحت کان سواءِ، بيباڪيءَ سان لکيو. سندس شاعري،
سندس تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا، سندس مزاحمتي خيالن
سان ڀريا پيا آهن.
(ث) سنڌ جي قومي جاڳرتا جي تاريخ جي مطالعي مان
معلوم ٿو ٿئي ته شمشير جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ
هئي. هن جي سڃاڻپ کيس ڪنهن به مير، پير، سيد يا
ڪنهن وڏيري جي پٺڀرائي حاصل ڪانه هئي، ۽ نه وري هن
سنڌ جي خدمت لاءِ اهڙو ڪو سهارو چاهيو ٿي.
5- (الف) مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته
شمشيرالحيدري، تخليقي ذهن رکڻ وارو شخص هو. هن ڪي
ادارا به ٺاهيا پر ڪڏهن به اهڙي ڪا هام نه هنيائين
ته فلاڻو ادارو مون ٺاهيو هو يا فلاڻي اداري ٺاهڻ
۾ منهنجو ڪو هٿ هو. مثال طور: سنڌ جي مشهور سماج
سڌار اداري ”سنڌ گريجوئيشن ائسوسيئيشن“ جو باني،
شمشير الحيدري هو. شمشير سان هن اداري جي ٺاهڻ ۾،
مرحوم ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۽ ڪراچيءَ جي ڪن ٻين
قومي ڪارڪنن جو به اهم ڪردار هو. 3 کان 5 مارچ
1975ع تي، سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت کاتي طرفان، مرحوم
پيار علي الانا جي سرواڻيءَ ۾، ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل،
”سنڌ صدين کان“، بين الاقوامي سيمينار جي انتظام
ڪرڻ ۾، هن اداري جي ڪارڪنن اهم ڪردار ادا ڪيو هو،
مان اهو انهيءَ ڪري ٿو چوان جو ان سيمينار جي
آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جو آءٌ جنرل سيڪريٽري هوس ۽
ٻين ڪميٽين جا چيئرمئن، عبدالحميد آخوند، سراج
الحق ميمڻ، ظفر ڪاظمي، تاج محمد صحرائي، سيد غلام
مصطفيٰ شاهه، سيد پناهه علي شاهه ۽ ڊاڪٽر محمود
الحسن هئا.
(ب) ٻيو اهم ادارو جيڪو پڻ شمشير صاحب جي قومي
جذبي جو ثبوت آهي، اهو ادارو هو: ”سنڌي زبان
سوسائٽي“.
سنڌ جي نئين نسل مان شايد ئي ڪن کي اهو معلوم هجي
ته سال 1958ع ۾، جنرل محمد ايوب خان جڏهن پاڪستان
۾ مارشل لا لڳائي، حڪومت تي قبضو ڪيو تڏهن،
پاڪستان ۾ سڌارن جي آڻڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪميٽيون
ٺاهيون. انهن مان هڪ ڪميٽي، تڏهوڪي سيڪريٽري
تعليم، محمد شريف جي سربراهيءَ ۾ ”شريف تعليم
ڪميشن“ جوڙي ويئي. هن ڪميشن، ملڪ ۾ تعليم جي سڌاري
لاءِ جيڪي سفارشون ڪيون، انهن مان هڪ سفارش، سڄي
ملڪ ۾ ذريعه تعليم جي باري ۾ هئي، انهيءَ سفارش ۾
مذڪوره ڪميشن ڄاڻايو هو ته:
”آئنده سڄي ملڪ ۾، پرائمري تعليم جي سطح کان وٺي،
ذريعه تعليم صرف اردو هوندي.“
ان ڪميشن ۾ جيئن ته سنڌ مان ڪوبه نمائندو ڪونه
هو، انهيءَ ڪري انهيءَ ڪميشن اها به سفارش ڪئي ته
صرف سنڌ صوبي ۾ جتي پرائمري تعليم کان وٺي، اعليٰ
سطح تائين تعليم جو ذريعو سنڌي زبان آهي، اتي
آئنده فقط پرائمري سطح کان وٺي ڪلاس ٽئين تائين،
سنڌي ٻوليءَ کي ذريعه تعليم طور قائم رکڻ جي اجازت
ڏني وڃي پر ڪلاس چوٿين کان وٺي، سنڌ ۾ به، اعليٰ
سطح يعني گريجوئيشن واريءَ سطح تائين، ذريعه تعليم
اردو ٻوليءَ کي رائج ڪيو وڃي. شريف ڪميشن جي
انهيءَ سفارش کي، پهرئين ڏينهن ته سنڌي اخبارن،
جيئن جو تيئن، هڪ اهم خبر طور شايع ڪيو.
(ت) اُن زماني ۾ مان، تلڪ چاڙهيءَ تي، سنڌي ادبي
بورڊ جي آفيس جي بلڪل ويجهو رهندو هوس. انهن ڏينهن
۾ مان يونيورسٽيءَ مان سڌو گرامي صاحب وٽ، سندس
آفيس ۾ ويندو هوس جتي شمشير به اسسٽنٽ ايڊيٽر طور
موجود هوندو هو.
اُنهيءَ ڏينهن، منهنجي پهچڻ تي، شمشير صاحب،
ڪاروان اخبار منهنجي سامهون رکي ۽ چيائين ته:
”سائين! هيءَ خبر پڙهي اٿوَ؟“ شمشير پوءِ سڀ
اخبارون منهنجي سامهون رکيون. اها خبر پڙهي مان به
حيران ٿي ويس. شمشير، گرامي صاحب کي چيو ته:
”گرامي صاحب! ماٺ ڪري ويهي رهجي ڇا؟ ڪجهه ته
سوچيو.“ اڳتي چيائين ته:
”هونئن ته سنڌي ادبي سنگت خاموش تماشائي ڪانه بڻبي
پر ڪن سينيئر اديبن کي به ڪجهه ڪرڻو پوندو. هن
مسئلي لاءِ تعليمي ماهرن ۽ ڪجهه سينيئر اديبن جي
ڪا اهڙي ڪميٽي ٺاهجي، جنهن ۾ سنڌ جي تعليمي ماهرن
کان سواءِ هر طبقي جا ماڻهو، اُستاد، اديب، شاعر،
وڪيل، صحافي، دانشور ۽ اخبار جا ايڊيٽر به هجن.“
پوءِ، گرامي صاحب جي صلاح تي، شمشير ۽ مان گڏجي،
مرحوم مخدوم امير احمد صاحب جيڪو تلڪ چاڙهيءَ تي،
زنانه ٽريننگ ڪاليج جي پٺيان رهندو هو، اُن وٽ
وياسين. مخدوم صاحب هڪ ته کهڙن جي ديني عالمن
منجهان هو ۽ ٻيو ته انهن ڏينهن ۾، حيدرآباد جي
هيرآباد واري علائقي ۾ ”سنڌ اوريئنٽل ڪاليج“ قائم
ڪيو هئائين. اُن کان سواءِ مخدوم صاحب کي سنڌ جي
علمي ۽ ادبي حلقي ۾ وڏي مان ۽ مرتبي وارو عالم
سمجهيو ويندو هو. مخدوم صاحب اسان کي گهڻي پيار
سان مليو. شمشير صاحب کيس گرامي صاحب جا سلام
پهچايا، ۽ اسان جي وٽس حاضر ٿيڻ جو سبب عرض ڪيو، ۽
کيس اخبارون به ڏيکاريون جن ۾ شريف ڪميشن جو
سفارشون ڇپيل هيون. مخدوم صاحب جن سوچڻ لڳا ته
شمشير کيس عرض ڪيو ته:
”سائين! اوهان جي سربراهيءَ ۾ اهڙي ڪا ڪميٽي ٺاهجي
جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي هن مسئلي کي هٿ ۾ کڻي.“ مخدوم
صاحب صلاح ڏني ته: ”بهتر ٿيندو ته سڀاڻي سنڌ
اوريئنٽل ڪاليج ۾ في الحال حيدرآباد جي اديبن،
شاعرن، شاگردن ليڊرن ۽ صحافين جي ڪا گڏجاڻي رکجي،
۽ اُن گڏجاڻيءَ ۾ وڌيڪ سوچڻ ۽ عملي قدمن کڻڻ لاءِ
ڪي فيصلا ڪجن.“
ٻئي ڏينهن حيدرآباد ۾، سنڌ اوريئنٽل ڪاليج ۾ اها
گڏجاڻي رکي ويئي. شمشير همٿ ڪري اديب، شاعر،
صحافي، دانشور ۽ سينيئر سياستدان گڏ ڪيا. ڪاليج جو
سڄو هال، مختلف طبقي جي ماڻهن، شاگرد ليڊرن،
صحافين، اديبن ۽ شاعرن سان ڀرجي ويو، انهن مان
قابل ذڪر ماڻهن جا نالا پيش ڪري سگهجن ٿا. انهن ۾،
روزانه مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر سيد سردار علي شاهه،
روزانه آفتاب اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد، مرحوم
محمد عثمان ڏيپلائي، عبدالله ”خواب“، محمد ”ڪارو“
وڪيل، مقبول ڀٽي، سرور علي ”سرور“، منظور نقوي،
مولانا غلام محمد گرامي ۽ ٻيا به ڪيترائي اديب،
شاعر، صحافي ۽ دانشور موجود هئا.
مخدوم صاحب، شمشيرالحيدريءَ کي گذارش ڪئي ته هن
گڏجاڻيءَ جو مقصد بيان ڪري. شمشير پوءِ، اخبارن ۾
ڇپيل انهن سفارشن جو ذڪر ڪيو، ۽سنڌي ٻوليءَ لاءِ
پيدا ٿيندڙ مسئلن جو ذڪر ڪيو، ۽ پوءِ اها به سفارش
ڪيائين ته هن مسئلي تي سوچڻ ۽ اڳتي سڄيءَ سنڌ ۾
تحريڪ هلائڻ لاءِ ”سنڌي زبان سوسائٽي“ نالي ڪا
ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ ان ڪميٽيءَ جو اڳواڻ مخدوم امير
احمد صاحب کي چونڊيو وڃي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي
بچاءَ ۽ بقاء لاءِ ڪجهه ڪري سگهجي. هن گڏجاڻيءَ ۾
مقبول ڀٽيءَ کي هن سوسائٽيءَ جو وقتي سيڪريٽري
مقرر ڪيو ويو.
پوءِ سنڌي زبان سوسائٽيءَ ۽ سنڌي ادبي سنگت جيڪا
گڏجي تحريڪ هلائي، ان لاءِ ٽماهي ”مهراڻ“ جا شمارا
۽ ان وقت جون روزانه اخبارون شاهد آهن. سنڌي ادبي
سنگت، سڄيءَ سنڌ مان ماڻهن جي صحيحن گڏ ڪرڻ جي
تحريڪ هلائي، ۽ انهن صحيحن تي مشتمل اسڪرول به
تيار ڪيو جيڪو ان وقت سنڌالاجي ميوزم ۾ رکيو ويو
هو. منهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقاء“ ۾،
ورهاڱي کان پوءِ ”سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد“ ۾
مون اهي سڀ ڳالهيون عرض ڪيون آهن، جيڪي سنڌ دوست
ماڻهن ضرور پڙهيون هونديون.
28- آگسٽ 2012ع تي، سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان
ڪوٺايل ادبي ميڙ ۾، محمد علي ڏيپلائي صاحب ۽ ڊاڪٽر
ادل سومري صاحب، شمشير جي انهن خدمتن جو ذڪر ڪيو
هو.
6- (الف) شمشير الحيدريءَ جي علمي ۽ ادبي خدمتن
جو ته هڪ وڏو رڪارڊ موجود آهي، جنهن جو وستار هن
مقالي ۾ ته ڪري ئي نه سگهبو. پاڻ ڪيترن ئي ادبي
ادارن، انجمنن ۽ اخبارن توڙي رسالن سان، ڪنهن نه
ڪنهن حيثيت ۾ لاڳاپيل رهيو. هن صاحب ڪيترائي علمي
۽ ادبي اوارڊ پڻ حاصل ڪيا جن ۾ پاڪستان ٽيليويزن،
سنڌي ادبي سنگت، نئين زندگي رسالي، سگا، سنڌي
اڪيڊمي دهلي ۽ مارئي سنسٿا دهلي شامل آهن.
(ب) شمشير نه فقط هڪ وڏو نقاد، ڪالم نگار، هڪ
صحافي، شاعر، ڊراما نگار، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم هو، پر
ساڳئي وقت هو هڪ ڪامياب منتظم پڻ هو. سنڌي ادبي
بورڊ جي سيڪريٽري هجڻ واري زماني ۾ جيتوڻيڪ بورڊ
جو چيئرمئن، سنڌ جو مشهور اديب، شاعر، نقاد ۽ سندس
ڳوٺائي هو، پر ان صاحب جو شمشير سان سلوڪ غير
همدردانه هوندي به، شمشير چيئرمئن سان ادب ۽
احترام سان پيش ايندو رهيو ۽ بورڊ کي نهايت ئي
ڪامياب طريقي، ايمانداريءَ، سليقه منديءَ ۽ جرئت
سان هلايائين. سنڌي ادبي بورڊ ۾ شمشير جي انتظامي
فرائضن جي بجاء آوري مثالي رهي جنهن کي اڄ به هر
ڪارڪن ياد ٿو ڪري.
(ت) شمشير، سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي پنهنجا
ڪيترائي علمي ۽ ادبي معيار جا مقالا ۽ ڪتاب لکيا.
انهن مان ڪي سندس طبعزاد ۽ تخليقي صلاحيتن جي
گواهي ڏين ٿا ته ڪي ترجمو ڪيل ۽ ترتيب ڏنل آهن.
انهن ڪتابن جو تفصيل ڪجهه هن طرح آهي:
(1) انسان ڪامل، 1953ع
(2) ڪاروان ڪربلا، 1954ع
(3) تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب ڏنل ڪهاڻين جو
مجموعو)، 1961ع
(4) لاٽ (شاعري)، 1962ع
(5) تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور (ترجمو)، 1963ع
(6) آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو)، 1963ع
(7) سوکڙي (سنڌي شعبي جي پهرين مخزن- ترتيب ڏنل)،
1964ع
(8) سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر، 1964ع
(9) بهترين سنڌي افسانا (ترتيب ڏنل)، 1969ع
(10) سجاڳ سانگهڙ (گزيٽيئر ترتيب ڏنل)
(11) تاريخ جو ڪچرو (شاعري)، 1965ع
(12) پيار جا نوَ گيت (جرمن شاعريءَ جو منظوم
ترجمو)
(13) زينت (ڊرامو مرزا قليچ بيگ جي ناول، زينت جو
اردوءَ ۾ ڊرامائي انداز ۾ جوڙيل)
(14) ڪاڪ محل
(15) لاٽ (وڌايل شاعريءَ سميت ٻيو ڇاپو)، 2002ع
(16) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس، 2012ع
(17)
Sindh Update
(انگريزيءَ ۾، انور پيرزادي سان گڏ)، 2003ع
(18)
Flute of flame
(شاهه لطيفؒ جي ڪلام جي باري ۾ انگريزيءَ ۾ لکيل)
(19)
Poet of the Time
(ترتيب ڏنل)
اهڙيءَ طرح هن صاحب پي.ٽي.ويءَ لاءِ 150 کان به
وڌيڪ ڊراما، ڊاڪيومينٽريون ۽ گيت لکيا، ريڊيو
پاڪستان لاءِ ڊراما، گيت ۽ نغما لکيائين. اهڙيءَ
طرح، شمشير صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جا تبصرا، مهاڳ ۽
اخبارن لاءِ ڪالم به لکيا.
7- (الف) ”سنڌي شاعريءَ اجو اڀياس“ ڪتاب، حقيقت ۾،
شمشير جو ايم.اي لاءِ سندس طرفان پيش ڪيل ٿيسز جو
اضافو آهي. هن ڪتاب ۾ حصو ٻيو، وڌايل آهي. ايم.اي
لاءِ سندس ٿيسز ”سنڌ ۾ آزاد نظم“ جي عنوان سان
سنڌالاجيءَ طرفان، اڳ ۾ ڇپائي وئي هئي پر سندس
ڪتاب، ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“ تازو 2012ع ۾، ڪلچر
ڊپارٽمينٽ طرفان، سندس ياد ۾ ڪوٺايل ادبي ميڙ ۾
پڌرو ڪيو هو.
(ت) منهنجي خيال ۾، جديد ۽ ترقي پسند سنڌي ادب جي
سلسلي ۾، ڊاڪٽر تنوير عباسي، امداد حسيني، تاج
بلوچ، شمشيرالحيدري، تاج جويو وڏا نقاد رهيا آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي هن موضوع تي اعليٰ معيار وارا
تجزيا، مقالن جي صورت ۾، انهن ماهر نقادن جهڙا
سنڌي ادب جو ڪوبه نقاد، اڄ ڏينهن تائين لکي نه
سگهيا آهن، البت اردو زبان ۾، ”جديد سندهي ادب“ جي
عنوان سان، سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙ، سيد مظهر
جميل جو ڪوبه ثاني ڪونهي. اهڙيءَ طرح ڀارت ۾، سنڌي
ٻوليءَ جي نقادن جهڙوڪ: جڳديش لڇاڻي، هيري ٺڪر ۽
قيمت هري سنگهاڻي وغيره موجوده دور ۾ وڏو تعريف
جوڳو تنقيدي ڪم ڪيو آهي، ۽ تخليقي ۽ تنقيدي ادب ۾
سٺو اضافو ڪيو اٿن.
8- (الف) شمشير الحيدريءَ جو تخليقي ۽ تنقيدي ادب
۾، ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“ سندس هڪ معياري ڪتاب
آهي. هن ڪتاب جا سڀ باب، گهڻي ڌيان ۽ سوچ سان پڙهن
جي ضرورت آهي.
هن ڪتاب جا ٻه حصا آهن. پهرئين حصي ۾ ”آزاد نظم جي
اوسر“ جو جائزو پيش ڪيل آهي. هن حصي جا باب هي
آهن: ”جديد شاعري“، ”سنڌي شاعريءَ جو مزاج“، ”آزاد
نظم جو تاريخي پس منظر“، ”غزل کان آزاد نظم
تائين“، اهو باب وري ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. اهڙيءَ
طرح باب ڇهون ”آزاد نظم جي فن“ جي باري ۾ آهي. ان
کان پوءِ باب ستون، ”سنڌي آزاد نظم جي مستقبل“ جي
باري ۾ آهي.
(ب) ٻئي حصي ۾، شمشير جي لکيل تحقيقي ۽ تنقيدي
مقالن کي شامل ڪيو ويو آهي. هن يعني ٻئي حصي جو
عنوان آهي: ”جديد شاعريءَ جو اڀياس“، هن حصي ۾
جيڪي مقالا شامل ڪيل آهن، انهن جا عنوان هي آهن:
(1) سنڌوءَ جي ساک
(2) سنڌيءَ ۾ رومانوي شاعري
(3) سنڌيءَ ۾ جمالياتي شاعري
(4) سنڌيءَ ۾ رمزيه شاعري
(5) سنڌيءَ ۾ مزاحيه شاعري
(ب) منهنجي خيال ۾، انهن موضوعن تي، اهڙيءَ
ناقدانه نظر سان، هن کان اڳ ڪوبه نقاد، تنقيدي
جائزو پيش ڪري نه سگهيو آهي. شمشير صاحب، هن حصي
جي مهاڳ ۾ اهو اعتراف ڪيو آهي ته:
”سڀ مقالا، پنهنجن موضوعن جي پکيڙ آهر نامڪمل آهن،
تنهن جو احساس اول مون کي خود آهي. اهي سڀ موضوع
ڌار ڌار مڪمل ڪتاب گهرن ٿا، پر اهي سڀ ڇاڪاڻ ته
”نظريه ضرورت“ هيٺ لکيل آهن، تنهنڪري ائين ئي لکجي
سگهياٿي. ”مزاحي“ ۽”جمالياتي“
شاعريءَ وارا مضمون، ريڊيائي تقريرون آهن، جيڪي اڳ
ئي مقرر ڪري ڏنل مختصر وقت جي ڪري ايتريءَ ئي پکيڙ
۽ اهڙي ئي انداز ۾ لکيا ويا. اهي پوءِ ترتيب وار،
ماهوار ”نئين زندگي“ ڪراچيءَ جي، آڪٽوبر 1964ع ۽
ماهوار ”سهڻي حيدرآباد جي ڊسمبر 1974ع“ وارن پرچن
۾ ساڳيءَ ريت شايع ٿيا. رومانوي شاعريءَ وارو
مضمون جيئن منجهس شروع ۾ ڄاڻايل آهي، ”ٽماهي
مهراڻ“ ۾ ڇپجندڙ هڪڙي ٻئي مضمون جي مختصر تعارف
طور ئي لکيو ويو هو. چوٿون مضمون، ”سنڌيءَ ۾ رزميه
شاعري“، 1965ع واريءَ پاڪ ڀارت جنگ کان پوءِ،
مرڪزي سرڪار جي ”پاڪستان پبليڪيشن“ پاران ڇپجندڙ
ڪتاب ”سوڀون سر گهرن“ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ مون کان
لکرايو ويو جيڪو ان ۾ شايع ٿيو، جيتوڻيڪ اهو
مضمون، ٻين مضمونن جي ڀيٽ ۾ خاصو وڏو آهي، تنهن
هوندي به اول ته اهو سنڌ ۾ ٽالپري دور تائين
پهچندي ختم ڪرڻو پيو هو ۽ ٻيو ته جنهن پيرايي ۾
اهو موضوع کنيو ويو آهي، تنهن مطابق ڪافي آسا پاسا
ڇڏجي ويا، تنهنڪري منجهس تشنگي ضرور محسوس ٿئي
ٿي.“
(ب) شمشير صاحب، مهاڳ جي آخر ۾ اهو احساس پڻ ظاهر
ڪندي لکيو آهي ته:
”انهن چئني مضمونن کي تفصيل ۽ تڪميل سان لکڻ لاءِ
نئين تياريءَ، وقت ۽ موقعي جي ضرورت هئي. ان طرح
هيءُ ڪتاب ڇپائيءَ پڄاڻان وري به انهيءَ ساڳيءَ
صورت ۾، يا وري ڪڏهن به شايع نه ٿئي ها، تنهنڪري
جيڪي ڪجهه هو، تنهن کي محفوظ ڪرڻ جي خيال سان،
ائين ڀانئي ڇاپڻ لاءِ ڏجي ٿو ته سنڌي شاعريءَ جي
اڀياس لاءِ انهن موضوعن جي اهميت کي محسوس ڪندي،
ڪي ٻيا دوست وڌيڪ واضح، درست ۽ ٺوس انداز ۾
پنهنجون تصنيفون رٿيندا.“
9- (الف) شمشير پنهنجي هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾،
”موزون ڪلام“ جي عنوان هيٺ، ”سنڌي ٻوليءَ جي مزاج“
جي باري ۾، سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن، خاص ڪري نقادن
جو ڌيان ڇڪايو آهي، هن عنوان هيٺ، شمشير صاحب هڪ
اهم بحث ڪيو آهي. هُو لکي ٿو:
”روايتي شاعريءَ ۾، بحرن جي مقرر رُڪنن ۾ قافئي جي
پابنديءَ کي لازمي سمجهيو وڃي ٿو. ايتريقدر جو
انهن کان سواءِ عروضدان ڪنهن به شعري تخليق کي
”غير موزون ڪلام“ چون ٿا. اول ته اڄ تائين ڪٿي به
انهن ٻنهي چيزن کي شاعريءَ جي وصف ۾ شمار نه ڪيو
ويو آهي، بلڪه انهن کي ”ترنم“ ۽ ”تاثر“ پيدا ڪرڻ
جو هڪ وسيلو سمجهيو ويو ۽ استعمال ڪيو ويو آهي، پر
تعجب آهي ته انهن جي نه هجڻ سبب ڪو شعر ”غير
موزون“ ڪلام ڪيئن ٿو چئي سگهجي، جڏهن ته ”وزن“ الڳ
شئي آهي ۽ ”بحر“ ۽ ”قافيو“ الڳ. هن فارسي شاعريءَ
جي تتبع تي ۽ ٻين اهڙين سڀني صنفن کي ”ڪلام غير
موزون“ جي اصطلاح هيٺ آڻين ٿا، حالانڪ هيءَ ڳالهه
ظاهر آهي ته انهن سڀني صنفن جي شاعريءَ ۾ ”وزن“
موجود آهي: ڪي چيزون، هندي ڇند جي وزن تي آهن ۽ ڪي
موسيقيءَ جي وزن تي. عربي عروض واريءَ شاعريءَ ۾،
بحر جي وسيلي وزن پيدا ڪيو وڃي ٿو، تنهنڪري اُن جي
نه هجڻ ڪري ٻيءَ هر قسم جي شاعريءَ کي ”ڪلام غير
موزون“ چوڻ غلط آهي.“ (ص 26)
(ب) شمشير صاحب، هن ئي موضوع تي صفحي 26 ۽ 77 تي،
”بحر ۽ قافيو“ جي عنوان هيٺ، سنڌي ٻوليءَ جي ويا
ڪرڻ ۽سنڌي لسانيات جي اصولن کي سامهون رکي، وڌيڪ
وضاحت سان بيان ڪيو آهي. منهنجي مطالعي موجب،
شمشير صاحب پهريون ئي نقاد آهي، جنهن هن موضوع تي،
چٽيءَ طرح سان، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
مثال طور هو لکي ٿو:
”سنڌي شاعريءَ جي اوسر جا اوائلي سرچشما ڪهڙا به
هجن، بيت ۽ وائيءَ جي ڪلاسيڪي هيئت اُن جو بنياد
آهي. اهي ٻئي صنفون آڳاٽيون آهن جيڪي فارسي بحرن
تي ٻڌل نه آهن، پر سنڌي شاعريءَ جو سڀ کان عظيم
سرمايو آهن. بيت، هندي ڇند تي ٻڌل آهي ۽ وائي
راڳداريءَ جي اصولن تي. سنڌي شاعريءَ تي انهن صنفن
جي مواد ۽ قائم ڪيل روايتن جو ايترو ته اونهو اثر
آهي جو هڪ سؤ سالن جو روايتي شاعريءَ وارو دور به
ان کي ختم ڪري نه سگهيو. غزل جو اهو فارسي بحرن
وارو نظام، جيتوڻيڪ حاڪمن جي تسلط هيٺ ”فارسي
گهوڙي چاڙهسي“ جي انعام ۾ اڀريو، پر سنڌيءَ جي
ڪنهن به وڏي شاعر نه رڳو فارسي عروض وارن قاعدن کي
ڪڏهن به مڪمل صورت ۾ نه قبوليو، بلڪ مدافعت به
ڪئي:
”جي تون فارسي سکيو، گولو توءِ غلام.“
(لطيف)
فارسيءَ ۾ عروضي سرشتو، سنڌيءَ تي تيستائين پنهنجو
مڪمل اثر ڄمائي نه سگهيو، جيستائين شاعريءَ ۾
مقامي ماحول کي بدلائي، ايراني ماحول کي نه آندو
ويو، ٻين لفظن ۾ ائين ڪرڻ لاءِ گويا شاعريءَ جي
مقامي روايتن کان ناتو ٽوڙيو ويو، پر پنهنجي اصل
مزاج کان اها علحدگي پوءِ عمل ۾ آئي، جڏهن سنڌي
شاعري پنهنجي جديد دور ۾ داخل ٿي رهي هئي، جنهن ۾
ان جو بنياد ڪلاسيڪي روايتن تي قائم رکندي، نوان
تجربا ۽ اضافا ڪيا ويا“. (ص 21)
(ت) اڳتي هلي شمشير صاحب اهو واضح طور لکيو آهي
ته:
”جيتري قدر فارسي بحرن جو تعلق آهي، اهي دراصل
سنڌي شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪندڙ نه آهن. فارسي
بحر، متحرڪ ۽ غير متحرڪ حرفن جي ترتيب سان رٿيل
آهن، جنهن موجب شاعر تي ڪنهن به مڪمل بحر ۾ لکڻ
لاءِ بحر جي رڪن جي ترتيب سان، ساڪن حرف جي جڳهه
تي متحرڪ حرف آڻڻو آهي.“ (ص 26)
(ت) اڳتي هلي، شمشير صاحب، مٿينءَ ڳالهه جي وضاحت
ڪندي لکي ٿو ته:
”بحرن جي سمورن رڪنن جو آخري حرف، فارسي زبان جي
اصولن موجب، ساڪن آهي. جهڙوڪ: فاعلاتن،
فاعلاتن،فعولن، مفعولن، مستفعلن وغيره. ان جي
برعڪس، سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبه آخري حرف ساڪن ڪونه
ٿيندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن ”پابنديءَ“ وارو خيال
ڪجي ته پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته اڄ تائين جيڪا
به شاعري، فارسي بحرن تي، سنڌيءَ ۾ ڪئي وئي آهي،
سا انهن تي پوري بيٺل ڪانهي. هيٺ هڪ اڌ مثال
جاچيون ٿا، جنهن مان اسان کي معلوم ٿيندو ته انهن
بحرن جي ڪري سنڌي اچارن ۽ سنڌي لهجي کي به غلط
بنائي ڇڏيو ويو آهي، ۽ ان طرح لفظن جي اصل معنيٰ
پڻ بدلجي وڃي ٿي.“ (ص 3)
ان ڏس ۾ شمشير صاحب، صفحي 77 ۽ 78 تي سنڌي شعر جا
ڪي مثال ڏيئي، اهو ثابت ڪيو آهي ته فارسي بحر،
دراصل سنڌي شاعريءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج سان
ٺهڪندڙ نه آهن. حقيقت ۾، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي
شاعريءَ جي مزاج جي لحاظ کان هيءُ هڪ وڏو ۽ اهم
بحث آهي. جنهن تي ڪجهه به نه لکيو ويو آهي، يا ته
اهو مواد منهنجي نظر مان ڪونه نڪتو آهي. هن موضوع
تي، سنڌي ٻوليءَ جي نقادن کي قلم کڻڻ گهرجي.
(ث) شمشير صاحب، پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي صفحي 50 تي،
واضح طور لکيو آهي ته:
”مٿين مثالن کي ڏسندي، سنڌي شاعريءَ ۾ فارسي بحرن
جو اهڙو لساني مسئلو سامهون اچي ٿو، جنهن جي اهميت
سنڌي ٻوليءَ جا عالم هڪدم محسوس ڪري سگهن ٿا.
فارسي بحرن جي مقابلي ۾، بيتن واري
”ماترڪ ڇند“ ۾ ساڪن ۽ متحرڪ حرفن جو ڪوبه مسئلو
ڪونهي. ان ۾ ”وزن“، ماترائن جي تعداد تي بيٺل آهي.
هن قسم جي وزن ۾، سنڌي ٻوليءَ جا نه فقط اچار
پنهنجيءَ اصل صورت ۽ معنيٰ سان ادا ٿي سگهن ٿا،
بلڪه مختلف فقرن تي ”زور“ (Stress)
آڻي، لهجي جي گهربل تبديليءَ سان، معنويت ۾ به
اضافو آڻي سگهجي ٿو.“ (ص 80)
اهڙيءَ طرح هن بحث کي ختم ڪندي، صفحي 81 تي، شمشير
صاحب، هيٺيان نتيجا ڪڍيا آهن:
(1) فارسي بحرن جي پابندي، شاعريءَ لاءِ لازمي
ڪانهي.
(2) سنڌي شاعريءَ ۾، فارسي بحرن جي پابندي نٿي ڪري
سگهجي.
(3) فارسي بحرن ڪري سنڌي زبان جا اچار صحيح نموني
ادا نٿا ڪري سگهجن، ۽ انهن جي معنيٰ ۽ لهجو غلط
ٿيو پوي.
(4) سنڌي شاعريءَ لاءِ هندي ڇند مناسب آهي.“
10- (الف) شمشيرالحيدريءَ جي زندگيءَ ۾ سندس
ڪاميابين جي باري ۾،
KTN
سنڌ چئنل توڙي اخبارن ۾ ڪافي ڪجهه اچي چڪو آهي، پر
انهيءَ مواد جي زندگي فقط هڪ ڏينهن لاءِ هوندي
آهي. انهيءَ ڪري مناسب ٿيندو ته مقالن ۽ ڪتابي
صورت ۾، شمشير صاحب جي ادبي،
شخصي
۽ ثقافتي سرگرمين جي باري ۾ ڪجهه لکجي ته جيئن اهو
مواد وڏي عرصي تائين، سنڌ جي نئين نسل جي سامهون
هڪ يادگار رڪارڊ طور قائم رهي سگهي.
(ب) پڙهندڙ کي معلوم هوندو ته
شمشيرالحيدري،
اياز قادري صاحب جي استعيفا ڏيڻ کان پوءِ، سنڌي
ادبي سگنت جو وڏي عرصي تائين، سيڪريٽري جنرل رهيو،
۽ سنگت کي صحيح معنيٰ ۾ فعال بنايائين.
11- شمشيرالحيدري ”هڪ مسلسل جدوجهد“ جو نالو آهي.
هو لطيف سائينءَ جي هن مصرع:
”سک نه ستا ڪڏهين، ورچي نه ويٺي۔“
وانگر هن سڄي زندگي،
جدوجهد ۽ ڪشمڪش ۾ گذاري. هو هڪ اڻٿڪ انسان هو.
شمشير، اسي سالن جي عمر ۾ به ڪڏهن به ٿڪو ڪونه. هن
صبر، استقلال ۽ هڪ آدرشي انسان وانگر پنهنجي زندگي
گذاري. عمر جي آخري گهڑين
تائين سندس هوش ۽ حوصلو بلند رهيو.
مون چاهيو ٿئي
ته شمشير صاحب جي شاعريءَ ۽ سندس نثر نويسيءَ جي
ڌار ڌار موضوعن جي حوالي سان، سندس ادبي خدمتن تي
هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪريان پر جيئن ته منهنجو هيءُ
مقالو ڪافي ڊگهو ٿي ويو آهي، تنهنڪري آخر ۾ هيءَ
التجا ٿو ڪريان ته سنڌ جي يونيورسٽين، ادبي ۽
ثقافتي ادارن طرفان، شمشير صاحب جي ادبي خدمتن ۽
ڪارنامن جي باري ۾ محققن کان تحقيق ڪرائي، سنڌي
ٻوليءَ جي هن قداور
دانشور جي ڪيل خدمتن جو حق ادا ڪيو وڃي.
|