َامر
کهاوڙ
غزل
ملو مرڪي، ڇڏيو ٺاري اسان کي،
بِرهه ٿو باهه جئن ٻاري اسان کي.
هلون ٿا اوپرن وانگي گسن تي،
نظر سان ئي، ڪو کيڪاري اسان کي.
لکيل ٿئه ٻانهن تي نالو ته ڇا ٿيو!
ڇڏيئه پر دل تان ميساري اسان کي.
ضرورت آ، ته حاضر هُون خوشيءَ سان،
ڀلي ڪو ٻاٽ ۾ ٻاري اسان کي.
اسان هن دؤر جا منصور، سرمد،
نِيو سوريءَ تي سينگاري اسان کي.
اسان سارا، سٻاجها، روز دنيا،
نوان نِت ڏيک ڏيکاري اسان کي.
ڏنيون سين جيءَ ۾ جايون حاسدن ۾،
ڪَکيو ڪهڙي هُيو ڪاري اسان کي.
ٻُڏون ٿا پاڻ نيڻن جي نديءَ ۾،
هتان شل ناکئو تاري اسان کي.
ڪڏهن جا پاڻ مِٽجي ئي وڃون ها!
”امر“ هُون، موت ڪئن ماري اسان کي.
غزل
جي اَنا جي جنگ کان هر ڪنهن جي نَهڪر ٿي پوي،
حالُ پنهنجي قوم جو، ڪيڏو نه بهتر ٿي پوي.
هاءِ! مورک! بن عمل جي روز سوچين ٿو رڳو،
هِينءَ مقدر ٿي پوي يا هُونءَ مقدر ٿي پوي!
موت آڏو مات ڪنهن جوڌي مڃي ڪڏهين ميان!
جُهومندا سرويچ ايندا، ڀل ته محشر ٿي پوي.
ماءُ ٺاهيندي رلهي سوچي پئي شل پُٽ سندس،
هنِ ڪمائِي مان پڙهي ڪنهن ڏينهن افسر ٿي پوي!
جيل، گهاڻي، دار تائين جو سفر ڪا ڳالهه آ!؟
”سڀ سڻائي ٿي پوي، جي عشق رهبر ٿي پوي.“
پيار ۾ اقرار کان انڪار تائين جي ڪَٿا،
مان لکڻ چاهيان جيئن، ٿو مُوڊ ٻيو پَر ٿي پوي!
آجپي جي جُهد ۾ جي ٿي ”امر“ جو خُون پئي،
هڪ دفعي جي ڳالهه ڇاهي، ڇو نه هر هر ٿي پوي!
’نور‘ راهوجو
وائي
ڪيئن دل پليون،
سجني! تون ئي چؤ کڻي.
جهلئي جهلجي ڪين ڪي،
تنهن کي ڪيئن جهليون.
سجني! تون ئي چؤ کڻي.
خوشبوئن جو شهر هي،
واسيل ڳوٺ ڳليون.
سجني! تون ئي چؤ کڻي.
هر هر هُرن هينئن ۾،
ڳالهيون تنهنجون ڀليون.
سجني! تون ئي چؤ کڻي.
ور ور وڪوڙن پيون،
يادن جون هي وليون.
سجني! تون ئي چؤ کڻي.
نينهن نهوڙيو ’نور‘ کي،
ڳالهيون ڇا ته سليون.
سجني! تون ئي چؤ کڻي.
وائي
ڪيڏا سور سهيڙيا مون،
ڌرتي وارث بڻجڻ لئه.
پل پل ۾ پڄري پڄري،
ڪي گيت غزل ميڙيا مون.
ڌرتي وارث بڻجڻ لئه.
نفرت جو هي ڪوٽ ته ڪرندو،
پيار جا ٻج پکيڙيا مون.
ڌرتي وارث بڻجڻ لئه.
ڏاڍا تنهنجو ڏاڍ نه رهندو،
ڪيئي جهيڙا ڇيڙيا مون.
ڌرتي وارث بڻجڻ لئه.
نيٺ ته باغ ڦولاربو،
آس جا کيت جو کيڙيا مون.
ڌرتي وارث بڻجڻ لئه.
اياز لطيف دايو
وائي
سنڌ توسان ڀلا،
ڪوئي ڪيئن هلي.
مان ته مُرڪي مران!
راهه رسم ناهي رڳو،
جِيءُ ڪو ڪو جَلي.
مان ته مُرڪي مران!
هُونءَ ويڇا گهڻا،
رُوح ڇڏيو رَلي.
مان ته مُرڪي مران!
چيچ چَمڪي پَئي،
ڇرڪي پاتس ڇَلي.
مان ته مُرڪي مران!
ڳاٽَ اُوچا اٿن،
پيارُ پنهنجو پَلي.
مان ته مُرڪي مران!
پُور پنهنجا پرين،
سُور سڀ ڪا سَلي.
مان ته مُرڪي مران! |