سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :5

ڪوثر هالائي

پارس جهڙا پارکُو

(ڊاڪٽر بلوچ کي ڀيٽا)

پارس جهڙا پارکُو

(ڊاڪٽر بلوچ کي ڀيٽا)

مڃتا جي موڙ تي،

جڳن جي جاکوڙ تي،

نانءُ تنهنجو ئي اچي ٿو،

تو جي هي تاريخ ۾ پيرا ڇڏيا،

ڀلائيءَ جا ڀيرا ڇڏيا،

ڄاڻ جي جاگير جو نگران تون،

لوڪ آکاڻيءَ جي ڪردار جيئن،

۽ پرهه جي پار جيئن،

ياد ايندين تون زماني کي سدا،

آستانا تو ڪتابن ۾ اڏيا،

جن ۾ ڏاهپ جا خزانا تو ڇڏيا،

خوابن جون گهڙيون به تنهنجون،

جاڳ ۾ گذري ويون،

تو گذرگاهون ڏٺيون تاريخ جون،

تون رهندين هر دور جي دل ۾ ضرور،

سنڌ جا وينجهار توکي!

پارس جهڙا پارکُو!

جس هجئي جاکوڙ تي،

مڃتا جي موڙ تي.

 

تو! اسان جو پيار توريو هو

تو!

اسان جو پيار، توريو هو،

مينهوڳيءَ مند ۾ مِلندي،

ڪيل اظهار، توريو هو،

اسان جو پيار توريو هو.

اسان جي بيقراريءَ جو،

لڳايو تو نه ڪاٿو، هو،

 

دل جي تخت تان مون کي،

کڻي تو هيٺ لاٿو، هو،

زمانو جيئن ڪندو آهي،

ائين واپار، توريو هو،

اسان جو پيار، توريو هو.

 

هزارين چاهتون آيون،

نه ٻئي سان دل لڳي پنهنجي،

نه ڪجهه منظور ٿيو توکي،

تڏهن هيءَ دل ڀڳي پنهنجي،

هڪ ڏينهن توئي مون کي دل،

هينئن جو هار، توريو هو،

اسان جو پيار، توريو هو.

 

زماني جي نشاني تي،

اسان هر وار، آياسين،

سندس سامهون دليريءَ سان،

ڪرڻ اِنڪار، آياسين،

اسان هِڪَ تنهنجي سِرَ ڪارڻ،

سڄو سنسار، توريو هو،

اسان جو پيار، توريو هو.

 

نه ڀڳڙن مُٺِ وڪاڻاسين،

لڳا ڪئين واڪ، ويرين جا،

ارادا ڪونه اَگهِيا جي،

هئا ناپاڪ، ويرين جا،

جبل جي جوڙ جهڙو تو،

منهنجو سهڪار، توريو هو،

اسان جو پيار، توريو هو.

 

پرين! تو پيار پنهنجي کي،

ڏنو هيءُ موڙ، ڪهڙو هو؟

پريميءَ جي ڪهاڻيءَ کي،

مليو هيءُ توڙ، ڪهڙو هو؟

تو ڪيئن هيءَ ماپ ماڻن سان،

سونهن جو سوار، توريو هو؟

تو!

اسان جو پيار، توريو هو.

وسيم سومرو

 

سونهن کي ڇا ڪندي، سج جي آرسي،

جر اڳي پوءِ آ، برف ٿيندي رجي.

سا هينئر هڪ تصور، جي ميراث آ،

پاڻ ڪئي جا اکين، سان ڪچهري نجي.

دل اُڀن شاهه ۾، هيءَ بدلجي وڃي،

جي اچي خواب ٿي، خوبصورت ڏِجي.

نيڻ منهنجا وڻن، ڏي نهاري وسيا،

ياد تنهنجي جڏهن، ڪو ڪڪر ٿي کِجي.

اي ’وسيم‘ ڀٽن، جي هوائن جيان،

مور جي ناچ تي، تون به وڃ موهجي.

 

غزل

تون ڀلي ڪا خوشي، نه ٿي مون لئه،

ها مگر اجنبي، نه ٿي مون لئه!

مون تي نيڻن نهار، رکي پنهنجي،

راهه جي روشني، نه ٿي مون لئه.

ٿي جهڙاليون ٿڌيون، ٿڌيون شامون،

سج جي برهمي، نه ٿي مون لئه.

تنهنجي تصوير ۾، هجي ڪو،

اهڙي ڪا آرسي، نه ٿي مون لئه.

خواب ئي خواب، ٿي وڃان تولئه،

نِنڊ جي دوستي، نه ٿي مون لئه.

ڪي صدين جون وري، صدائون ٿي،

بي اثر زندگي، نه ٿي مون لئه.

آ سفر پٿرن، مٿان منهنجو!

ريشمي ريشمي، نه ٿي مون لئه. 

غزل

ڪا چڱي ناهي، هيءَ خاموشي،

هاڻ جهوريندي، جيءَ خاموشي.

آءٌ جيئري ئي، دفن ٿي ويندس،

جي ڏني ڏاجُ، پيءَ خاموشي.

برفباريءَ سان، گڏ کڻي آيا،

سرد راتين ۾، سيءَ خاموشي.

دُور ميلي جي، ٺڳن کان ٺڳجي،

پئي روئي لڄ، ليءَ خاموشي.

هڪڙي پاڇي جيان، ورهائي پئي،

پاڻ ۾ ماءُ، ڌيءَ خاموشي.

 

غزل

دل ٿي چاهي، ته مان لکان توتي،

پنهنجي احساس، جا گهڙا اوتي.

هاڻ لڻجان پيو، صديون جاڳي،

خواب ڪيڏا نه، مون ڇڏيا پوکي.

منهنجو سڏڪن سان، سڏ پڙاڏا ٿي،

پيو پهاڙن منجهان، سڏي توکي.

هاڻ هر شخص، تو حياتيءَ لئه،

موت جي بستري، مٿان سوچي.

مورڙي جون نه، ساڙ اڄ ٻيڙيون،

سمنڊ سگهندين، نه تون سڀان روڪي.

هي سبق آ، ’وسيم‘ جوڳين جو،

زندگيءَ کي، گذارجي لوچي.

رخسانه ’پريت‘

غزل

 

پير اوندهه هو، جئن ڌريو من ۾!
عشق فانوس ٿي، ٻريو من ۾.
ڪونه آ رابطو، پرين ممڪن،
ياد ٿورو گهڻو، ڪريو من ۾.
ساز دردن جا، سڀ ڇِڙي پيا ها،
چنگ چاهت جو، جِئن چُريو من ۾.
لڙڪ دامن سڄو، پسائي ويا،
ڇا ته هُو ميڻ جيان، ڳريو من ۾!
جو ڏٺئين غير سان، سندءِ دلبر،
ويل تنهن ڪيترو، جُهريو من ۾.
جنهن کي چوندو هو، توسان نفرت آ،
تنهن کي قدرت کان، هُن گُهريو من ۾.
ڪونه اظهار ٿي، سگهيو هن کان،
”پريت“ سالن کان، سنبريو من ۾.
 

غزل

حال ڪهڙي ۾ آ، وطن کان پڇو،
ديس ڇا هي، جلاوطن کان پڇو.
اڄ ته سنڌو ندي، به پياسي آ،
درد ان جو ته، ساحلن کان پڇو.
هانءُ هاري وهن، ڪي ٻيا هوندا،
ڀل اسان جي هي، حوصلن کان پڇو.
منهنجي ڌرتي، صدين کان منهنجي آ،
ڀل ته تاريخ جي، صفحن کان پڇو.
نينهن اکڙين مان، سڀ نمايان آ،
ڇو ٿا سڀ ڪجهه، اوهان چپن کان پڇو.
ٿيندا ناڪام، رهندا هارايل،
ڪجهه ته ڪوڙن کان، ڪانئرن کان پڇو.
ڪوڙ جو هيءُ، قلم نه آ قائل،
ٿيون ڏسنِ آڱريون، هٿن کان پڇو.

غزل

سوچ جي آوارگي، وڌندي وئي،
تنهن ڪري ئي شاعري، وڌندي وئي.
 

پاڻ پئي پوڄا، ڪئيسين پيار جي،
ڏيهه جي ناراضگي، وڌندي وئي.
 

جيئن ڏکن جو ڏار، ٿي من ۾ وڌيو،
ڏات ۾ تيئن تازگي، وڌندي وئي.
 

پاڻ رهجي پوئتي، وياسين اڳيان،
پئي ڏٺيسين زندگي، وڌندي وئي.
 

پيار تي وڌنديون ويون، جيئن بندشون،
تيئن اڳيان هوءَ سانوري، وڌندي وئي.
 

زندگي ڀرپور هئي، پردي اڳيان،
پر پٺيان پئي خودڪشي، وڌندي وئي.
 

جيئن اسان تي پيار هو، جل ٿل وسيو،
اڃ تيئن ويتر سکي، وڌندي وئي.
 

عڪس آئيني ۾، پئي پنهنجو ڏٺم،
عمر ڄڻ مون تي کلي، وڌندي وئي.

 

امتياز ’عادل‘ سومرو

اکين جي آبشارن کي!!

ڀٽائي ڀُونءِ تنهنجيءَ تي، ڏکين ڏوٿين ڏکارن کي،
وجهي ڏهڪاءَ ڏاڍا ٿا، ڪنبائن قربدارن کي.
 

ستم جي روز گهاڻي ۾، پيا ٿا پيڙهجن سانگي،
بلالي موت ماريو ٿو وڃي، پيو تنهنجن مارن کي.
 

چمن اميد جو مايوس ٿو، ڏسجي ڏسون ويٺا،
خزائن جو وڌي خطرو، ويو بادو بهارن کي.
 

نه ساڳيون رونقون سنڌڙي جي، گلشن ۾ رهيون هِن،

خدا ڄاڻي نظر ڪنهن جي، لڳي نرمل نظارن کي.
 

ولر کان جي ويون وڇڙي، وري وڇڙيون مليون ناهن،
وڇوڙي جو لڳو ڪو واءُ، ڪونجن جي قطارن کي.
 

ڀڄي پيا بند ڳوڙهن جا، ڏسي حالت سنگهارن جي،
لڪائي ڪيئن ڇڏيان، پنهنجي اکين جي آبشارن کي.
 

وري وسنديون ٿيون ويران، جهانگيئڙن ڇپر ڇڏيا،
وڪوڙيو باهه چوڌاري، لين لاڻين ليارن کي.
 

ڏکن جي ڏيهه ۾ ويهي، ڏجن ڪنهن ڪنهن کي ڏوراپا،

مرم پنهنجن جو ٿو، ماري ستائن ٿا سنگهارن کي.
 

اسان جا پنهنجا پنهنجن جا، ڏسو ماري ٿيا آهن،
فريب آهي مليو ڪيڏو، اسان جي اعتبارن کي.
 

ڏمر کان ڏاڍ کان عادل، ڇڏي ويا جوءِ جهانگيئڙا،
اڃا تائين پيا سارن، اُهي پکڙا پنهوارن کي.
 

وائي

 

ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ!

وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ!

 

مرڪون وٺ ۽ مون کي ڏي تون، اکڙين جي آلاڻ،

وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ!

 

منهنجي بت مان وئي نه تنهنجي، ڀاڪر جي سرهاڻ!

وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ!

 

ويهه ته تنهنجي اکڙين ۾، مان ڳوليان پنهنجو پاڻ،

وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ!

 

شال اسين ائين ڌار نه ٿيون، جيئن ڪاڇو ۽ مهراڻ

وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ!

 

تنهنجو خيال خزانو منهنجو، ياد خوشين جي کاڻ!

وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ!

 

تو ڏي جيئن ٿو تاڻيان مان پيو، تيئن تون مون ڏي تاڻ،

وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ!

 

پيار سڏي ڏي پنهنجو ڪجهه تون، منهنجي محبت ماڻ

وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ!

 

مرڪي ڪالهه پڇيائين عادل، توکي ڇاجي ڪاڻ!

وڻي ٿي ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com