محمد ايوب جوڻيجو
نظم
ٽوپي اجرڪ، وارا ماڻهو،
سنڌي سهڻا، سارا ماڻهو.
مٺڙي پنهنجي، سنڌي ٻولي،
جنهن ۾ ڏني، جيجل لولي،
محبتي مٺڙا، پيارا ماڻهو.
سچل، شاهه، سامي سنڌ ۾،
بيوس، شيخ، بخاري سنڌ ۾،
قوم جا هن، سهارا ماڻهو.
پنهنجي ثقافت، سهڻي سهڻي
پياري پنهنجي رهڻي ڪهڻي
مهمان نوازي، وارا ماڻهو.
سنڌ سان پنهنجو، چاهه آهي،
ٻولي ۾ پنهنجو، ساهه آهي،
جيئن جيءَ، جيارا ماڻهو.
تهذيب پنهنجي، آهي پراڻي،
راڄن ۾ سا، آهي راڻي،
سونهن ۾ سرس، سارا ماڻهو.
قديم آهي، ديس اسان جو،
ٽوپي پٽڪو، ويس اسان جو،
پڌرا لکن ۾، پيارا ماڻهو.
اچو ته علم، ادب کي وڌايون،
پنهنجو پنهنجو، پاڻ ملهايون،
ملڪن ۾ ٿيون، موچارا ماڻهو.
غزل
ڪڏ ايندين اڱڻ،
منهنجا محب مکڻ.
ساهه ساري توکي،
ڪري ياد کلڻ.
وڃي ويٺين پري،
ڇڏ تون ڏور رهڻ.
ڇڏ ڪاوڙ کي تون،
روا ناهي رسڻ.
ڏي پيار پرين،
ٿي پوي جيئڻ.
اکيون آليون تولاءِ،
آهن تنهنجي سڪ
۾ سڄڻ
مان چاهيان ٿو،
توکي هر هر ڏسڻ.
غزل
مک مهتاب آ،
سونهن شباب آ.
ٻنهين جو ناتو،
ڇا ته لاجواب آ.
جذبا ۽ چاهتون،
نينهن نواب آ.
قربتون ۽ محبتون،
ونڊڻ ثواب آ.
سوال تي سوال ٿيا،
جواب جو نه جواب آ.
جاني جي تعريف ۾،
ثواب ئي ثواب آ.
دوست سومرو
وائي
تو جي سڱ ڇنو.
مري پونديسانءِ مان!
لوڪ ڀلي ڪجهه ڀي چوي،
تو جي ڏوهه ڏنو.
مري پونديسانءِ مان!
مهڪين شل موتئي مِثل،
جي تو منهن ڀِنو.
مري پونديسانءِ مان!
تون جي رٺين مون هٿان،
ڀڄندو آئينو.
مري پونديسانءِ مان!
وائي
چنڊ ڇا ڳولهين پيو؟
ڇا وڃايو ٿَئِي هِتي؟
هر طرف هر جاءِ تي،
روح کي رولين پيو.
ڇا وڃايو ٿئي هتي؟
جوتڙي سج کان وٺي،
رات ۾ گهولين پيو.
ڇا وڃايو ٿئي هتي؟
ڇو رهين خاموش ٿو؟
چپ نٿو چورين پيو.
ڇا وڃايو ٿئي هتي؟
”دوست“! ڊوڙين ٿو ته ڇو؟
ڪجهه نٿو ٻولين پيو.
ڇا وڃايو ٿئي هتي؟
عاجز فهيم گبول
غزل
ماٺ پنهنجي، جا هاڪ وانگي آ،
دل ڊٺل ڄڻ ته، ٿاڪ وانگي آ.
ڪيئن نه ڦاسي، شڪار ٿين ماڻهو،
هن جو گهر به ته ، ڪاڪ وانگي آ.
تنهنجي چهري ۾، آ شفا سڀ جي،
هي به بيمار، چاڪ وانگي آ.
تنهنجي اک مان، ڪرڻ هي ڳوڙهي جو،
صبح جي ڄڻ ته، مال وانگي آ.
غزل
نفرتن جو آهي، گهيرو ڇا ڪجي؟
چئني پاسي آ، انڌيرو ڇا ڪجي؟
ظالمن جي ظلمتن، پنهنجو هتي،
آ ڄمايو خوب، ديرو ڇا ڪجي؟
زندگي تنهنجو، سهارو پئي گهري،
تو ڀڳو نه يار، ڀيرو ڇا ڪجي؟
محنتن ۽ محبتن، عيوض هتي،
پيا جلائن جان، جيرو ڇا ڪجي؟
مان تمنا ٿو رکان، هي دل اندر،
وقت آڻيندو، سويرو ڇا ڪجي؟
احمد آزاد
مان تنهنجو قرضدار ئي رهندس
مان تنهنجو قرضدار ئي رهندس
جڏهن ساهن جا پکي
آسمان ڏانهن
اُڏامي ويندا
جتان آءٌ تڙيو ويو هُئس
زندگي مون کي
هتان به تڙي ڇڏيندي
هر دفعي منهنجي ڌڪارَ
مون ڏانهن ئي واپس آئي
منهنجي محبت جيان
توکي آخري ڀيرو
ڏسي نه سگهندس
توکي هڪ پراسرار ڳالهه
ٻڌائي نه سگهندس
چپن تي اُهي لفظ
آڻي نه سگهندس
جيڪي رڳو
ڪاغذن تي لکجي ويا
تنهنجي دل
۽ تنهنجي اکين تي
لکجي نه سگهيا
مون لاءِ جڏهن ڪائنات جا
سڀئي دروازا کوليا ويندا
تڏهن تنهنجي دل تي
دستڪ ٿيندي
جنهن کي تون
ٻڌي نه سگهندين.
سڃاڻپ
هر برباديءَ کان لاتعلق
هُو نئين حمل لاءِ
پاڻ کي تيار رکن ٿيون
ته جيئن وڌيڪ
تنهائين ۾
ڏکن ۾
ڳوڙهن ۾
۽ انهن لاشن ۾
اضافو ٿيندو رهي
جن جي
سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ
ڪوبه
موجود نه هوندو آهي |