سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2011ع

مضمون

صفحو :13

پروفيسر لطيف الله

سنڌيڪار: صوفيه پنهور

مولانا روميؒ جي مثنويءَ ۾ عشق جو پيغام

مثنوي معنوي جا هيٺ ڏنل شعر، مولانا روميؒ جي عشق جي پيغام جو اصل ۽ اساس آهن. مثنوي جا اڪثر مقامات، شمس تبريزيءَ جي ديوان جي گهڻن شعرن ۾ فيہ مافيہ جي ڪن ملفوظات ۾ انهن شعرن جي صدا پڻ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.

بشنو از نے چون حکایت می کند

وز جدائیہا شکایت می کند

بانسري (انساني روح) کان ٻُڌ، اُها ڇا ٻڌائي ٿي ۽ اها پنهنجي هجر ۽ فراق جي ڪهڙي شڪايت ڪري ٿي.

کز نیستاں تا مرا ببریدہ اند

از نفیرم مرد و زن نالیدہ اند

جڏهن کان مون کي بانس جي جهنگ مان ڪٽيو ويو آهي. (عالمِ ارواح) کان جدا ڪيو ويو آهي) منهنجي آه و زاري کان مرد ۽ عورتون رُئن ٿيون.

ہر کسے کو دور ماند از اصلِ خویش

باز جوید روزگارِ وصلِ خویش

جيڪو شخص پنهنجي اصل (ملڪ) کان ڏور ٿي ٿو وڃي، اهو پوءِ پنهنجي زمانئهِ وصل جي جستجو ڪندو آهي.

آتش ست این بانگ ناے و نیست باد

ہر کہ ایں آتش ندارد نیست باد

اهو بانسري جو آواز باهه آهي، هوا نه آهي. جيڪو شخص اُن باهه کان محروم آهي، اُهو نيست و نابود ٿي وڃي.

آتشِ عشق ست کاندر نے فتاد

جو ششِ عشق ست کاندر مے فتاد(1).

اِها عشق جي باهه آهي، جيڪا بانسري (انساني روح) ۾ لڳي رهي آهي. اِهو عشق جو جوش آهي، جيڪو شراب ۾ موجود آهي.

هنن شعرن جي مفهوم جو اختصار اِهو آهي ته انساني روح جيڪو عالم ارواح کان جدا ڪيو ويو آهي، سو بي قرار ٿي واويلا ۽ فرياد ڪري رهيو آهي. اهو وري ان اڳوڻي ڪيفيت جو طلبگار آهي، جڏهن اهو عالمِ ارواح ۾ هو، جتي ان کي حق تعاليٰ جو قرب ۽ ان سان گفتگو جو ذوق حاصل هو. انساني روح جي اها آهه و زاري باهه آهي، هوا نه آهي. اهو عشق جو جوش آهي، جيڪو هن جڳ جي چئني پاسين موجود آهي. پنهنجي اصل کان ڏور ٿيڻ جو شديد احساس ۽ ٻيهر پنهنجي اصل سان ميلاپ واري نعمت حاصل ڪرڻ انساني روح جو مقصد آهي، اهوئي مولانا روميؒ جي عشق جو پيغام آهي. مولانا روميؒ جي عشق جي پيغام جو اصل ماخذ سورة اعراف جي آيت نمبر 171 آهي. اها پاڪ آيت هيءَ آهي:

وَاِذْ اَخَذَ رَبُّكَ مِنْۢ بَنِيْٓ اٰدَمَ مِنْ ظُهُوْرِهِمْ ذُرِّيَّتَهُمْ وَاَشْهَدَهُمْ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ ۚ اَلَسْتُ بِرَبِّكُمْ  ۭ قَالُوْا بَلٰي ڔ شَهِدْنَا ڔ

ترجمو: (۽ اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ ماڻهن جي پُٺين مان سندن اولاد کي ڪڍيو ۽ انهن (جي وجود) کي خود سندن نفسن تي شاهد ڪيائين. (چيائين) ته ڇا آءٌ اوهان جو پاليندڙ نه آهيان، انهن چيو ته هائو آهين. اسين ان جي شاهدي ڏيون ٿا.

صوفين انهيءَ آيت سڳوريءَ جو مفهوم انهيءَ مقصد جي مطابق سمجهيو آهي، جيڪو مولانا روميؒ جي ڏنل شعرن ذريعي واضح ٿئي ٿو. حضرت يعقوب چرخيءَ شرح ديباچه مثنوي مولانا رومؒ المعروف  ”رساله نائيه“ ۾ لکيو آهي:

”هُن (مولانا روميؒ) ڪتاب جي شروع ۾ تصوف ۽ ان جي اصلي مقصد يعني حقيقي محبوب جي جدائيءَ کان پوءِ ان جي وصل جي طلب کي بانسري جي قصي ۾ مختصر ۽ مفصل انداز ۾ بيان ڪيو آهي ۽ اهو مقصد ٻن شين مان حاصل ٿئي ٿو. يعني بُرن ڪمن کي ڇڏي ڏين ۽ سٺن ڪمن ڪرڻ سان، تنهنڪري (مولانا رومؒ ڪتاب جي شروع ۾) حقيقي محبوب کان وڇڙي وڃڻ کان پوءِ ان جي وصال جي طلب ڪرڻ جي طرف اشارو ڪيو آهي، جنهن کي ”سيرالي الله“ چيو ويندو آهي ۽ حقيقي ايمان اهوئي آهي. (ڇو ته چيو ويو آهي حُبُّ الوَطَن مِنَ الاِيمَانَ (وطن سان محبت ايمان جو حصو آهي) (2).

مولانا يعقوب چرخيؒ جا اهي فرمان بلڪل واضح آهن. ان کان علاوه ان حديث شريف ”حُبُّ الوَطَن مِنَ الاِيمَانَ“ جو مفهوم به واضح ٿي وڃي ٿو ته ان حديث پاڪ ۾ ”وطن“ عالم ارواح جو استعارو آهي. صوفين جي گروهه ۾ وطن جي معنيٰ جي اِها روايت اڄ به بطور هڪ حقيقت جي، جاري آهي. حاجي امداد الله مهاجر مڪّي قدس سّرهٗ (م 1317هه) هڪ مثنوي ”غذائـﻶ روح“ جي عنوان سان تصنيف ڪئي هئي، ان مان ڪجهه شعر هتي ڏنا وڃن ٿا، فرمائن ٿا:

ظاہر و باطن یہ علم اے نیک تن

کہتے ہیں ایماں سے ہے حُبّ وطن

یہ وطن ہند و عراق و شام کے

وہ وطن ہے اور جس کا نام لے

یہ وطن دنیا کے ہیں سب اے اخی

کب کرے تعریف دنیا کی نبی

نیک طالع ہیں وہی اے نیک تن

جن کو رغبت ہے سوے اصلی وطن

چھوڑ کر کے اپنا خانہ زر نگار

اس نجاست پر ہے تو مفتون یار

کب تلک اے شاہبازِ پُر فتوح

تو رہے گا دور از اقلیمِ روح

کرکے کوشش بندپا سے دور کر

اور اُڑا تو آپ کو پھر عرش پر(3).

انهن شعرن مان چٽيءَ ريت واضح ٿي وڃي ٿو ته، وطن جي محبت جيڪا ايمان منجهان آهن، ان مان مراد هند، عراق ۽ شام وغيره نه آهي، بلڪ اسان جو وطن اصلي عالم ارواح آهي. جتي اسان کي حق تعاليٰ جي قريب ۽ ڪلام جو شرف حاصل آهي. اُتان جدا ٿيڻ کان پوءِ اسان جو مقصد، اصلي وطن جي طرف موٽڻ ۽ جن نعمتن کان محروم ٿي آيا آهيون، انهن کي وري حاصل ڪرڻ آهي.

”فيہ مافيہ“ ۾ هڪ ملفوظ آهي جنهن ۾ مولانا روميؒ حديث قدسي، لَولاَک لَمَا خَلَقُتُ الاَ فَلاَک (اي حبيب جيڪڏهن توهان جي ذاتِ مقصود نه هجي هان ته مان زمين آسمان پيدا نه ڪريان ها) ۽ حديث شريف، يَالَيتَ رَبِّ ﷴ لَم يَخُلُق ﷴاً (ڪاش ﷴؐ جو رب ﷴ  کي پيدا نه فرمائي ها) ۾ مطابقت پيدا ڪري رجوع الي الاصل کي ورجايو آهي. ملفوظ هي آهن:

یکی از شیخ پر سید کہ مصطفیٰ با آن عظمت کہ لولاکَ لما خلقت الا فلاک میگوید یالیت رب محمد لم یخلق محمدا این چون باشد۔ شیخ فرمود سخن بمثال روشن شود ایں را مثالی بگویم تاشمارا معلوم گردو، فرمود کہ درد ہے مردے برزنے عاشق شد و ہر دوراخانہ و خرگاہ نزدیک بود و بہم کام و عیس میراندند، واز ہمدیگر فربہ می شدند ومی بالیدند، حیاتشان از ہمدیگر بود، چوں ماہی کہ بآب زندہ باسد سالہا بہم می بووند، ناگہان ایشان راحق تعالیٰ غنی کرد گوسفندان بسیار و گاوان و اسپان و مال و زر و حشم و غلام روزی کرداز غایت حشمت و تنغم عزم شہر کروند ہریکی سرای بزرگ پادشاہانہ بخرید و بخیل و حشم در آن سر منزل کرد، این بطرفی، او بطرفی و چون حال باین مثابت رسیدنمی توانستند آن عیش و ان وصل راورزیدن، اندر و نشان زیر زیرِمی سوخت، نالہای پنہانی می زوند، و امکانِ گفت نے، تا این سوختگی بغایت رسید کلی ایشان درین آتش فراق بسوخت، چون سوختگی بنہایت رسید، نالہ درمحلِ قبول افتاد اسپان و گوسفند ان کم شدن گرفت بتدریج بجائے رسید، کہ بدان مثابتِ اول باز آمدند بعد مدت دراز بازبآن دہ اول جمع شدند، و بعیش و وصل و کنار مشغول گشتند، از تلخی فراق یاد کردند آن اواز ابر آمد کہ یالیت رب محمد لم یخلق محمدا چون جان محمد مجرد بود درعالم قدس و وصل حق تعالیٰ می بالید، در آن دریای رحمت ہمچون ماہی غوطہ ہامیخورد ہر چند درین عالم مقامِ پیغامبری و خلق را رہنمائی و عظمت و پادشاہی و شہرت و صحابہ شداما چون بازبآن عیس اول باز گردو گوید کہ کاش کہ پیغامبر نبودمے و باین عالم نیامدمے کہ نسبت بآن وصال مطلق ان "ہمہ بار و عذاب و رنگ است"۔(4)

هڪ شخص، شيخ (مولانا روميؒ) کان پڇيو ته مصطفيٰ ﷺ باوجود ان عظمت جي، پاڻ سڳورن جي ذات دنيا جي پيدائش جو سبب آهي. مثال سان واضح ٿيندي. ان جي لاءِ مان توکي هڪ مثال ٻڌايان ٿو، جيئن تون سمجهي سگهين. فرمايائين ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ شخص هڪ عورت تي عاشق ٿي پيو، ٻنهي جا گهر ويجها هئا، ڏينهن رات عيش و عشرت ۾ بسر ڪرڻ لڳا. ٻئي هڪ ٻئي جي قريب سان ترو تازه ۽ سگهارا ٿي ويا. ٻنهي جي زندگي هڪ ٻئي جي دم سان هئي، جيئن مڇي پاڻيءَ ۾ ئي زندهه رهندي آهي. سندن ڪيئي سال انهيءَ حالت ۾ گذري ويا. حق تعاليٰ اوچتو انهن کي دولتمند بڻائي ڇڏيو. تمام گهڻيون ٻڪريون، مينهون، گهوڙا، مال ۽ زر ۽ نوڪر چاڪر عطا ڪيا. هنن گهڻي شان، شوڪت، مال ۽ دولت جي فراواني جي ڪري شهر ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو. هرهڪ پنهنجي لاءِ شاهاڻا محل خريد ڪيا. نوڪرن چاڪرن سان گڏ رهڻ لڳا. هڪ شهر جي هڪ طرف ته ٻيو شهر جي ٻئي طرف. صورتحال ان حد تي وڃي پهتي جو عيش و عشرت سان زندگي گذارڻ هنن لاءِ ممڪن نه رهيو. هنن جي دل اندر ئي اندر سڙندي رهندي هئي، لڪي ڇپي آهه و زاري ڪندا رهندا هئا. ٻنهي کي هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ هڪ ٻئي کي ڪجهه چوڻ آکڻ جو موقعو نه ملندو هو. اهو درد ۽ غم انتها تائين پهچي ويو. وڇوري جي باهه کين مڪمل طور تي ساڙي ڇڏيو. جڏهن اها حالت حد کان ٽپي وئي ته حق تعاليٰ کي انهن جي هن هيڻي حال تي رحم آيو. سندن مال متاع گهٽجڻ لڳو ۽ هوريان هوريان هو پنهنجي پهرين حالت ۾ اچي ويا. ڪافي عرصي کان پوءِ هو پنهنجي اڳوڻي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳا.

جيئن ته عالم قدس ۾ ﷴ ﷺ جو پاڪ روح تنها هو، حق تعاليٰ جي قرب ۾ ترو تازه رهيو ٿي. رحمت جي درياء ۾ مڇي جي مثل خوش ۽ خُرم هو، توڙي جو هن دنيا ۾ پاڻ سڳورن ﷺ کي رسالت جو منصب، مخلوق جي رهنمائي، عظمت ۽ بادشاهي، شهرت (۽ مقبوليت) ۽ صحابهؓ (جي جان نثاري) حاصل ٿي. پر جڏهن عالم قدس جي اُها روحاني راحت ياد ايندي هئن ته فرمائيندا هئا: ”ڪاش مان نبي نه هجان ها ۽ هن دنيا ۾ نه اچان ها ڇو ته ان مطلق قرب ۽ وصال جي مقابلي ۾ هي سڀ ڪجهه رنج ۽ آزار آهي.“

هن گفتگوءَ جو مطلب هيءُ آهي ته مولانا روميؒ جي خيال ۾ عالمِ ناسوت ۾ رياضتن ۽ مجاهدن ذريعي عالم ارواح جي اها پهرين حالت حاصل ڪرڻ جي شديد طلب ۽ عشق جي آرزو آهي ۽ عالم انسانيت جي نالي سندن اِهوئي پيغام آهي.

’فيہ مافيہ‘ جي هڪ ملفوظ ۾ مولانا ؒ مختصر طور ٻڌايو آهي ته عشق ڇا آهي ۽ ڪامراني ڪهڙي نموني حاصل ٿيندي آهي. ملفوظ هي آهن:

فصل در آدمی عشقی و دردے و خارخارے و تقاضائے ہست کہ اگر صد ہزار عالم

مِلک او شود کہ نیا ساید و ارام نیابد۔ این خلق بتفصیل در ہر پیشہ و صنعتے و منصبے و تحصیلِ نجوم و طب و غیر ذلک می کنند و ہیچ آرام نمی گیرند زیرا آنچ مقصود ست بدست نیامد است آخر معشوق را دلآرام میگویند یعنی کہ دل بوے آرام گیردپش بغیر چون آرام و قرار گیرد این جملہ خوشیہا و مقصودہا چون نرد بانیست و چوں پایہائے نرد بان جائے اقامت و باش نیست ازبہرِ گذشتن است، خنک اور اکہ زوردتر بیدار و واقف گردد تاراہِ دراز بروکوتہ شود و درین پایہائے نردبانِ عمرِ خود را ضایع ننکند۔(5)

ترجمو: انسان ۾ عشق، درد، تڪليف ۽ خواهش جون ڪيفيتون آهن. جيڪڏهن هڪ لک جَڳ ان جي ملڪيت ۾ اچي وڃن تڏهن به کيس آرام ۽ سڪون نصيب نه ٿيندو. هيءَ مخلوق تفصيل سان گڏ هر پيشي، صنعت، منصب، نجوم ۽ طب وغيره جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندي رهي ٿي پر آرام کان محروم رهي ٿي. سب اهو آهي ته جيڪو مقصد آهي سو حاصل نه ٿو ٿئي. معشوق کي دل آرام چوندا آهن. ڇو ته دل کي ان سان آرام ملي ٿو. اهي سموريون خوشيون ۽ ڪاميابيون ڏاڪڻ ۽ ان جي ڏاڪن مثل آهن ۽ ڏاڪڻ جو ڌاڪو گذرڻ جي لاءِ آهي. بيهي رهڻ جي جاءِ نه آهي. اُهو شخص خوشنصيب آهي، جيڪو ننڊ مان سُجاڳ ٿئي ۽ واقف به، ته جيئن ان جو ڊگهو رستو مختصر ٿي وڃي ۽ هو پنهنجي عمر ڏاڪڻ جي ڏاڪن تي بيهي ضايع نه ڪري.

عشقِ زندہ در رَوان و در بصر(6)

ہر دمے باشد زغنچہ تازہ تر

زنده (معشوق يعني حيّ و قيَوم) جو عشق (ئي) هردم جان ۽ نظر ۾ مُکڙي کان وڌيڪ تازو رهندو آهي.

 

عشقِ آں زندہ گزین کو باقی ہست

وز شرابِ جانفزایت ساقی ہست

(اي طالب) ان زندهه (حقيقي معشوق) جو عشق اختيار ڪر جيڪو سدائين سلامت آهي ۽ جيڪو (محبت جو) جانفزا شراب توکي پيئارڻ وارو آهي.

 

عشقِ آں بگزین کہ جملہ انبیا

یافتند از عشقِ او کار و کیا

ان ذات پاڪ جو عشق اختيار ڪر جنهن جي عشق سان سمورا نبي (سڳورا) معزز ۽ ممتاز ٿيا.

مولانا روميؒ ۽ ديوان جي زمين ۾ زنده عشق جو هيءُ باغ پاڻ لڳايو آهي. ان کي طرح طرح جي گُلن سان سينگاريو آهي. ناليون ۽ ٻاريون پاڻ ترتيب ڏنيون آهن. نهرون پاڻ ڪڍيون آهن ۽ انهن کي آبِ حيات سان لبريز ڪيو آهي. هن اهڙا آبشار تعمير ڪيا آهن جن جي جهرڻن مان وجد ۾ آڻيندڙ سُرن جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، هر گُل جو رنگ جُدا، هر ٻاري جي بيهڪ الڳ، هر موج جو اُڀرڻ بي مثل، پر سڀني جي زبان حال تي هڪ ئي نغمو ۽ هڪ ئي پيغام آهي:

 

اے خدا! از عاشقاں خوشنود باد(7)

عاشقاں را عاقبت محمود باد

عاشقان را از جمالیت عید باد

جانِ شان در آتشت چوں عود باد

دست کردی دلبر!! در خونِ ما

جانِ مازین دست خون آلود باد

ہر کہ گوید کہ "خلاصش دہ زعشق"

آں دعا از آسمان مردود باد

مہ کم آید مدّتے در راہِ عشق

آن کمی عشق جملہ سود باد

دیگراں از مرگ مہلت خواستند

عاشقاں گویند نے نے زود باد

آسمان از دودِ عاشق ساختہ ست

آفرین بر صاحبِ این دود باد

ترجمو:

1.             اي خدا! عاشقن کان راضي ٿي، عاشقن جي سهڻي انجام جي آخرت ۾ تعريف ڪئي وڃي.

2.           عاشقن کي تنهنجي جمال (جي مشاهدي) مان خوشي نصيب ٿئي، انهن جي جان تنهنجي (محبت جي) باهه ۾ عُود وانگر ٻرندي رهي.

3.           اي دلبر! تون اسان جي رت ۾ هٿ رڱي ڇڏيو، اسان جي جان ان هٿ کان رتو رت آهي.

4.           جيڪو شخص اهو چوي ٿو ته کيس عشق کان ڇوٽڪارو ملي وڃي، اهڙي دعا آسمان مان رد ڪئي وڃي.

5.            عشق جي راهه ۾ چنڊ هڪ عرصي تائين گهٽ ئي ايندو آهي. اي خدا عشق جي اها کوٽ سموري فائديمند ٿي وڃي.

6.           ٻيا (غير عاشق) ماڻهو موت کان مهلت گهرندا آهن (پر) عاشق چوندا آهن: ”نه نه جلد موت اچي.“

7.           آسمان عاشق جي (دل جي) دونهين سان بڻايو ويو آهي، ان دونهين جي مالڪ تي آفرين هجي.

 

حاشيا

1.             مترجم مولانا اشرف علي ٿانويؒ

2.           شرح ديباچو مثنوي مولانا رومؒ المعروف رساله نائيه مصنف- حضرت يعقوب چرخي. اردو ترجمو: ڊاڪٽر نذير رانجها لاهور 2004ع، ص 50

3.           ڪليات امداديه تصنيفات- حاجي امداد الله مهاجر مڪي، دارالاشاعت ڪراچي 1976ع، ص 170-171

4.           فيہ مافيہ ص ص 203-204 مترجم: پروفيسر لطيف الله.

5.            ايضاً، ص 64، مترجم- پروفيسر لطيف الله

6.           مثنوي دفتر پهريون اشعار 218 کان 221 تائين مترجم- مولانا محمد نذير عرشي

7.           ديوان شمس تبريز، غزل 827، ص 353، مترجم- پروفيسر لطيف الله

عنايت بلوچ

جي هينئڙي منجهه هُرن

(قبله غلام نبي ’اُداسي‘ جي ياد ۾)

ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه  کڻي  پنڌ پيا،

بندر بازاريون، سُڃا سامونڊين ري.

                                        (شاهه)

1988ع جو سال هو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد م هڪ ڏينهن اوچتو منهنجي آفيس جو در کُليو ۽ آواز آيو: ’سائين اندر اچڻ جي اجازت آهي؟‘ ڏٺم ته سائين نياز همايوني بيٺو هو. ڪرسيءَ تان اُٿي وڃي کيس ڀاڪر پاتم، دستور موجب وڏي چاهه مان مليو، هاڻي اسان چانهه پيئندي ڪچهري ڪري رهيا هئاسين.
نياز صاحب پنهنجي کيسي مان هڪ پنو ڪڍي مون کي پڙهڻ لاءِ ڏنو. مون کي حيرت لڳي جڏهن ڏٺم ته منهنجي والد بزرگوار جو شاهڪار ’حمديه نظم‘، جيڪو نياز صاحب جي هٿين اکرين ان پني تي لکيل هو.

غلام نبي ’اُداسي‘

محترم نياز همايونيءَ ٻڌايو ته هو منٺار فقير راڄڙ جي ميلي تي ويل هو جيڪو هر سال کاڻي راڄڙ، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ لڳندو آهي، اُتي خيرپورميرس جي هڪ راڳي فقير اهو ڪلام ڏاڍي سوز ۽ گداز سان ٿي ڳايو، جنهن نه رڳو مون کي متاثر ڪيو پر مون تي محويت جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. ڳائڻ واري جڏهن هڪ مصرع پورو ٿي ڪيو ته مون کيس فرمائش ٿي ڪئي ته ان مصرع کي وري دهرائي، تان جو ڳائڻي کي هر هڪ شعر ٻيهر ڳائڻو ٿي پيو ۽ مون جهڙا ڪجهه ٻيا ماڻهو به اُتي موجود هئا جيڪي پڻ ان حمديه شعر تي بيحد داد ڏئي رهيا هئا. جڏهن فقير ڳائي اسٽيج تان لٿو ته مون وڃي سندس پاسو ورتو ۽ کانئس پڇيم ته: اهي لاجواب ٻول ڪهڙي شاعر جا هئا ته راڳيءَ وراڻيو ته سائين اهي ٻول اسان جي تَرَ يعني خيرپورميرس جي هڪ وڏي شاعر سائين غلام نبي اُداسي جا آهن جيڪو گهڻو وقت اڳي انتقال ڪري ويو آهي. مون ڳائڻ واري فقير کان پڇيو: ”اُداسي صاحب مرحوم کي ڪو اولاد به آهي ۽ انهن جو تعلق به شعر و شاعريءَ سان آهي يا سنڌ جي ڪيترن علمي ادبي خاندانن وانگر سندس پونيرن وٽ به ڀينگ لڳي پئي آهي؟“ نياز همايوني بيحد خوش ٿيندي مون کي ٻڌايو ته: ’عنايت صاحب! ان وقت آءٌ خوشيءَ ۾ ڪپڙن ۾ نٿي ماپيس جڏهن فقير (جنهن جو نالو هينئر ياد نه پيو اچي) ٻڌايو ته: ”سائين عنايت بلوچ جو نالو اوهان ضرور ٻڌو هوندو جيڪو خود به شاعر ۽ هاڻي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ڊائريڪٽر آهي، ته اهو اداسي صاحب جو وڏو پٽ آهي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ هدايت بلوچ به شاعري ڪندو آهي.“ نياز صاحب ٻيهر اُٿي مون کي ڀاڪر پاتو، ڳل تي چمي ڏني ۽ مون کان اڳواٽ معافي وٺندي مون کي چيائين: ’پيارا عنايت! اُداسي صاحب سنڌ وارن سان ظلم ڪيو آهي جو پنهنجي شاهڪار شاعري پنهنجي زندگيءَ ۾ ڇو نه ڇپرايائين ته جيئن سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس اعليٰ پايي جي شاعريءَ مان حظ حاصل ڪن ها.‘

نياز همايوني (مرحوم) فقط چار بند لکي آيو هو جيڪي راڳائي فقير اتي ڳايا هئا پر مون کين بابا مرحوم جن جي حمديه نظم جا ڪجهه وڌيڪ شعر ٻڌايا ته نياز صاحب پنهنجا تاثرات بيان ڪندي مون کي چيو: ’عنايت صاحب! مان خوشامدي ماڻهو هرگز نه آهيان پر مان حق سچ جي ڳالهه ڪريان ٿو ته اهڙي شاعري جنهن ۾ قرآني آيتون پوري وزن بحر ۽ ٺهڪندڙ معنيٰ سان استعمال ٿين، مون ٻين شاعرن ۾ يا ته گهٽ پڙهي آهي ۽ جيڪڏهن پڙهي به آهي ته اُنهيءَ شاعريءَ ۾ تخيل جي ايتري بلندي ۽ شاعريءَ جي ايتري خوبصورتي مون کي مشڪل سان نظر آئي هوندي.‘ سائين نياز همايوني هاڻي فرمائش ڪئي ته ان حمديه نظم جا جيڪي به شعر مون کي ياد هئا، اُهي کيس ٻڌايان جيڪي هتي مهربان پڙهندڙن جي مطالعي لاءِ پيش ڪجن ٿا:

اَحد انسان جي صورت اندر اظهار ٿي آيو،

نفي اثبات ۾ نازل عيان انوار ٿي آيو.

ڪٿي آدم اندر اول علمبردار ٿي آيو،

نظاري نينهن جي سان نوح ۾ نروار ٿي آيو.

ڪٿي جَنات تجري تهتها الانهار ٿي آيو،

ڪٿي ڏهڪار ڏئي ڏاڍو عذابُ النار ٿي آيو.

ڪري ڪٿ موج مشغولي ٿيو مسعول ۽ سائل،

الست بربڪم قالو بليٰ اقرار ٿي آيو.

ڏسو محبوب کي من ۾ اکيون عبرت سنديون کولي،

اندر فرقان فاعتبرو اولي الابصار ٿي آيو.

ڏئي اطلاع عالم کي ٿو سبحٰن الذي اسريٰ،

مگر حق پاڪ خود هِت هُت همہ اطوار ٿي آيو.

الم اندوهه کان آزاد ٿيو آهي ’اُداسي‘ اڄ،

غلامي جنهن سندي آهي، سو خود غمخوار ٿي آيو.

قبله بزرگوار غلام نبي اداسي جي ڄم جي صحيح تاريخ ته نه ملي آهي باقي سندن چوڻ موجب:  هو 1916ع ۾ پنهنجي ڳوٺ حاجي يارمحمد کوسو، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو. سندن والد حاجي يارمحمد کوسو هڪ مڻيادار انسان هئڻ سان گڏ بلوچڪي هشمت ۽ رعب تاب رکندڙ شخص هو، جنهن پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ طرف پورو توجهه ڏنو، پر اسڪولن جي پري پنڌ تي هئڻ ۽ اچڻ وڃڻ جون سهولتون نه هئڻ سبب والد صاحب ۽ سندن ٻي نمبر ڀاءُ ۽ منهنجي وڏي چاچا غلام اڪبر ’مير‘ چوٿين پنجين درجي سنڌي پڙهڻ کان پوءِ تعليم ڇڏي ڏني. چاچا غلام اڪبر شاعر نه هو پر سندس امڙ کيس پيار ۽ لاڏ ڪوڏ مان ’مير‘ جي نالي سان سڏيندي هئي، تنهنڪري هو مير جي نالي سان مشهور ٿي ويو. چاچا مير سڀني سان پيار جا ٻول ٻولڻ وارو ۽ محبتون ونڊڻ وارو شخص هو، تنهنڪري مٽن مائٽن ۽ دوستن عزيزن ۾ سڀ ساڻس پيار ڪندا هئا. منهنجي ننڍي چاچا غلام مصطفيٰ ’مهجور‘ پنهنجي تعليم انٽر تائين حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ هن هڪ نيم سرڪاري اداري ۾ نوڪري اختيار ڪري ڇڏي. چاچا غلام مصطفيٰ مهجور پڻ سٺو شاعر هو ۽ سندس شعر توڙي ڪجهه ڪهاڻيون ٿوري وقت لاءِ ’سوجهرو‘ ۽ ’نئين زندگي‘ ۾ ڇپيون.

جناب شفقت الله کوسي پنهنجي مضمون
’گوهر ناياب‘ ۾ قبله اداسي صاحب جن جو تعارف هن ريت ڪرايو آهي:

”خيرپورميرس جي والي ۽ شاعر حڪمران مير علي نواز ’ناز‘ جي شاهي دربار مَتل هئي، هند ۽ سنڌ جا نالي وارا شاعر محفل ۾ موجود هئا ۽ هندستان کان ڪَهي آيل قوال پنهنجي مخصوص ڳائڻ جي رنگ ۾ محوَ هئا، رياست جي عوام لاءِ مير صاحب جي دربار ۾ اچ وڃ جي آزادي هئي، تنهنڪري محفل ۾ ٻڌندڙن جو هڪ وڏو انگ موجود هو. قوال مصرع کنئي:  اُتي ٻڌندڙن منجهان سورهن سالن جو هڪ نوجوان اُٿي ٿو ۽ هٿ جي اشاري سان قوالي روڪرائي ٿو، مَتل محفل ۾ سانت ڇانئجي وڃي ٿي. ماڻهو هن ڳڀرو نوجوان تي حيرت ۽ خوف کائن ٿا جنهن رياست جي واليءَ جي شاهي دربار ۾ رخنو وڌو هو. هزهائينس مير علي نواز ’ناز‘ پڇيو: ’قوالي ڇو بند ٿي وئي آهي؟‘ کين ٻڌايو ويو ته هڪ نوجوان قواليءَ تي اعتراض ڪيو آهي. مير صاحب ان ڳڀرو نوجوان کي پاڻ وٽ گهرائي ٿو جيڪو مير صاحب جو ڌيان غلط ۽ گستاخي وارن ٻولن طرف ڇڪرائي ٿو ته دراصل: 

مير علي نواز ’ناز‘ جيڪو خود به سٺو شاعر ۽ سخندان هو، هن نوجوان جي سخن شناسيءَ تي کيس دل کولي داد ڏنو ۽ قوالن کي درست شعر پڙهڻ جو حڪم ڏنائين جيئن نوجوان کين ٻڌايو هو، مير صاحب هڪدم پنهنجي کيسي مان سؤ رپين جو نوٽ نوجوان کي ڏيندي کيس چيو: ’پنجاهه رپيا تنهنجي سُخن شناسي ۽ ٻيا پنجاهه رپيا منهنجي محفل بند ڪرائڻ جي جرئت ڪرڻ ۽ مدني مصطفيٰ ﷺ جن جي شان ۾ گستاخي جي گناهه کان اسان سڀني کي بچائڻ جو انعام آهي. (هي 33-1932ع جو زمانو هو ۽ ان وقت جا سؤ رپيا اڄ جي هڪ لک رپين کان به شايد مُلهه ۾ مٿي هوندا). اهو خوبصورت ۽ ڳڀرو نوجوان غلام نبي اداسي هو، جنهن جو نالو جيتوڻيڪ اڄ سنڌي ادب ۾ گمنام آهي پر حقيقت اها آهي ته هو پنهنجي دؤر جو وڏو شاعر، هڪ نفيس انسان ۽ ٻهڳڻو شخص هو.

مير علي نواز جي دربار سان ان وقت نه رڳو سنڌ پر هند جا پڻ ناليوارا شاعر لاڳاپيل هئا جهڙوڪ: حفيظ جالنڌري، نسيم امروهوي (جنهن خيرپورميرس جي تاريخ لکي) آغا شاعر قزلباش، شميم امروهوي، بهار ملتاني وغيره. پر غلام نبي اداسي جي باوقار مزاج کيس ميرن جي دربار کان پرڀرو رکيو، نه ته مٿي بيان ڪيل واقعي ۽ شاعراڻي طبعيت سبب نازڻ جهڙي سخي ۽ روشن خيال حاڪم سان ويجهڙائي پيدا ڪرڻ ته اداسي صاحب جن لاءِ ڏاڍي آسان ڳالهه هئي جڏهن ته اڄ سنڌيءَ جا اڪثر اديب ۽ شاعر ايوانِ اقتدار جي پيچرن جا پانڌي بڻيل آهن.“

ننڍپڻ کان ئي قبله اداسي صاحب جن جي طبعيت جو لاڙو شعر و شاعري ۽ موسيقيءَ طرف مائل رهيو ۽ سندن چوڻ موجب 12-13 سالن جي عمر کان ئي هن شعر و شاعريءَ جي ميدان ۾ قدم رکيو. سندن شروعاتي همعصرن ۽ ذاتي دوستن ۾ عطا محمد حامي خيرپوري، رشيد احمد لاشاري، سيد اظهر گيلاني، عبد عاقلي، پير علي اصغر شاهه راشدي، حافظ محمد اسلم مهيسر، محمد عمر مڱريو ۽ ڪجهه ٻيا هئا. جن سان گڏجي پاڻ طرحي توڙي غير طرحي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا ته هڪ ٻئي جي اوطاقن ۾ پڻ ذاتي محفلون مچائيندا هئا ۽ ان سان گڏ راڳ رنگ جون روح رهاڻيون به اڪثر ٿينديون رهنديون هيون. منهنجي خيال ۾ راڳ رنگ جي اهڙين رهاڻين ۽ موسيقي جي ماهرن سان ويجهي صحبت جو ئي اثر هو جو قبله اداسي صاحب ڪلاسيڪي راڳ جي سُرن ۽ خيالن کي سڃاڻڻ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. هوڏانهن ڪنهن راڳي آلاپ شروع ڪيو ته فوراً سڃاڻي وٺندا هئا ته اهو ڪلياڻ، ڀاڳيسري، مالڪئنوس، جيجيوَنتي، ڀيروي وغيره مان ڪهڙوخيال هو. هڪ دفعي آل انڊيا ريڊيو تان ڪلاسيڪي موسيقي نشر ٿي رهي هئي ۽ اسان جي اوطاق ۾ بابا جن جي ڪجهه دوستن جي ڪچهري ٿي رهي هئي، اداسي صاحب جن پنهنجن دوستن کان پڇيو: ”اهو ڪهڙو خيال آلاپجي رهيو آهي؟“ ڪنهن دوست هڪڙو ٻڌايو، ٻي ٻيو ۽ ٽئين ٽيون، بابا جن اعتماد سان کين چيو: ”اوهان ٽنهي مان سُرَ کي ڪنهن به نه سڃاتو آهي، اهو هنڊول جو خيال آهي جنهن کي سڃاڻڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه به نه آهي. نيٺ خيال پوري ٿيڻ تي آل انڊيا ريڊيو جي انائونسر ٻڌايو ته ’هاڻي اوهان فلاڻي ڳائڻي کان راڳ هنڊول ٻڌي رهيا هئا.‘ ٽن دوستن مان هڪڙي دوست بابا جن کي اُٿي ڀاڪر پاتو ۽ اعلان ڪيائين ته ٽن ڏينهن کان پوءِ ڇنڇر جي رات غلام نبي خان اداسيءَ جي مانَ ۾ مون وٽ رات جي دعوت آهي جتي اداسي صاحب جن کي راڳ جي استاد جي پڳ ٻڌرائي ويندي. آءٌ تڏهن ڇهن ستن سالن جو هئس. ڇنڇر تي پير ڳوٺ کان ٿورو ٻاهر هڪ عاليشان بنگلي ۾ هڪ پُروقار دعوت جو انتظام ڪيو ويو هو، جتي تَر جي سڀني ڳائڻن شرڪت ڪئي. بابا جن مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا. وري به ڪي راڳ اهڙا ڳايا ويا جن جي سڃاڻپ فقط قبله اداسي صاحب جن ئي ڪري سگهيا. آخر ۾ محفل جي پڄاڻيءَ تي بابا جن کي لُنگيون پارايون ويون ۽ پير علي اصغر شاهه راشديءَ بابا جن کي ’راڳ جي استاد‘ جي پڳ ٻڌرائي. ڏاڍيون تاڙيون وڳيون ۽ هرهڪ راڳائي بابا جن کي جُهڪندي سلام ۽ احترام جو نذرانو پيش ٿي ڪيو. سندن بعد وارن ادبي دوستن ۽ همعصرن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، سليم ڳاڙهوي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، عطا محمد ڀنڀرو، نديم انصاري، الله بخش حباب، منير سولنگي، اُميد خيرپوري، محمد علي حداد، عزيز ڳاڙهوي، خادم رفيقي ۽ غازي فقير سيال هئا. آخر ۾ بيان ڪيل ٻن دوستن بابا جن کان ڪيتري عرصي تائين شاعريءَ جي اصلاح حاصل ڪئي هئي، تنهنڪري اُهي قبله اداسي صاحب جن کي استاد جي لقب سان مخاطب ٿيندا هئا.

قبله اداسي صاحب جن جي غزلن مان ڪجهه انتخاب هتي پيش ڪجي ٿو:

 

کڻي بادِ صبا وڃ هي عريضو انتظاريءَ جو،

پرينءَ جي پيش ڪج سارو، بيان هن بيقراريءَ جو

ڇڏيو جهولي جدائيءَ جي چمن ساڙي سڄو دل جو،

گمان هاڻي نٿو ڏسجي منجهس بلڪل بهاريءَ جو.

ڳجهو ڪو درد دل ۾ جي هجي ڪنهن بادشہ کي ڀي،

ته ڏيندو ڇا مزو تنهن کي تجمل تاجداريءَ جو.

ستائي سوز فرقت جي اُداسي آ ڪيو آخر،

سراسر سور سارو حال آ دل درد ماريءَ جو.

هڪ ٻي غزل مان چونڊ شعر پيش ڪن ٿا: جنهن ۾ مهربان پڙهندڙ سندن ڪمال جي تجنيس حرفيءَ تي به غور ڪن:

 

دلارا دردمندن جي نه دائم دل دکائي ڪر،

اجايو پنهنجي ارڏائي نه اڪثر آزمائي ڪر.

رهين نرمل سدا ناراض ناحق نيازمندن تي،

خدارا پر نه هرگز تون، عدوءَ سان آشنائي ڪر.

اسان سان مِل، اسان سان کِل، اسان سان روح رچنديون ڪر،

دکن دردن جي ماريل دل، نه اي سهڻا ستائي ڪر.

اسان جو ساهه تنهنجي ساهه سان سهڻا سلهاڙيل آ،

اداسي پنهنجي عاشق سان، نه بيجا بيوفائي ڪر.

جناب شفقت الله کوسو پنهنجي ساڳئي مضمون ’گوهرِ ناياب‘ ۾ اڳتي هلي قبله اداسي صاحب جن جي هڪ اردو مشاعري ۾ شرڪت ڪرڻ بابت احوال هن ريت ٿو ٻڌائي:

”تنهن زماني ۾ مصرع طرح جو رواج هوندو هو ۽ سڀني شاعرن کي طرحي مشاعري ۾ پنهنجو ڪلام تيار ڪرڻو پوندو هو. علامه اقبال جي هڪ سٽ کي مصرع طرح لاءِ چونڊيو ويو: ’خموشی گفتگو ہے، بے زبانی ہے زباں میری.‘ ان تي سڄي هندستان جي شاعرن کي شعر لکڻ جي دعوت ڏني وئي. هندستان جي تاريخي شهر آگره ۾ مشاعري جي محفل جو اهتمام ٿيو جنهن ۾ اداسي صاحب پنهنجو غزل ٻڌائي اردو وارن کي به حيران ڪري ڇڏيو. ان غزل جا ڪجهه شعر جيڪي عنايت بلوچ صاحب مون کي ٻڌايا، اهي پڙهندڙن جي مطالعي لاءِ هتي پيش ڪجن ٿا:

نہیں حالت ذرا مخفی و محتاجِ بیاں میری،

سراپا یاس و حسرت بن چکی ہے داستاں میری،

تمنا خاک میں ملتی رہی ہے، ہر زماں میری،

مٹے گی شو مئی قسمت کبھی اے آسماں میری،

کہین الفاظ دل کی ترجمانی کو نہیں ملتے،

خموشی گفتگو ہے، بے زبانی ہے زباں میری،

وصالِ یار پر اب ہجر کو ترجیح دیتا ہوں،

جدائی میں ہوئی ہے آرزو پل کر جواں میری،

اُداسی نام جب ہے پھر تمنا شادمانی کیا،

موافق نام کے رہتی ہے حالت جاوداں میری۔

سنڌ جي هن سنڌي شاعر اردو ۾ پنهنجو شاهڪار غزل پيش ڪري ماڻهن جي وڏي ميڙ کان وڏو داد وصول ڪيو. ساڳيو غزل جناب اداسي صاحب بجنور مان ڇپجندڙ هڪ مشهور رسالي ۾ موڪليو ۽ ان وقت جي روايت موجب هنن ان غزل کي ٽيون نمبر انعام ڏنو جيڪو پنجاهه رپيا هو. پهريان ٻه انعام اردو جي شاعرن وصول ڪيا جڏهن ته سنڌ مان فقط اداسي صاحب جن جي غزل کي ٽئين نمبر جو مستحق قرار ڏنو ويو.“

قبله اداسي صاحب جي اردو شاعريءَ جو ذڪر نڪتو آهي ته هڪ تذڪرو ڪرڻ ضروري ٿي پيو آهي. اُداسي صاحب جن ڪنهن تاريخي ڪتاب ۾ پڙهيو ته عظيم فاتح سڪندراعظم سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل هڪ شاندار مندر ڏٺو جنهن کي ڏسڻ ۽ ان کي اندران گهمڻ کان پوءِ ان جي بناوٽ، بيهڪ ۽ تعمير جي فن کان بيحد متاثر ٿيو ۽ ان جي تمام گهڻي تعريف ڪيائين. اداسي صاحب سڪندراعظم جي تاثرات کي اردو شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو ۽ ان تي ڇهه سٽون لکيون جن مان مون کي فقط ٽي سٽون ياد آهن ۽ اُهي جڏهن به اردو جي ناليوارن شاعرن اڳيان پڙهندو آهيان ته اُهي به دنگ رهجي ويندا آهن. اداسي صاحب جن لکيو:

 

سمندر کے بندر پر مندر کے اندر سکندر ستمگر کبھی گُھس گیا،

بناوٹ، سجاوٹ، لطافت، لیاقت، عمارت کی دیکھی تو پھریوں کیا،

جہاں کے مکان کا بیاں کیا یہاں کچھ عیاں ہے عمارت بہ اوصافھا۔

قبله اداسي صاحب ’بزمِ سليم‘ ڳاڙهي موري ۾ به باقاعدگيءَ سان شريڪ ٿيندا رهيا ۽ مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا. ڳاڙهي موري ۾ هر مهيني هڪ مشاعري جي محفل جو اهتمام ٿيندو هو. مون کي ياد آهي ته پهرئين مشاعري ۾ مصرع طرح هيءُ هو:

’اڃا تائين نه سڌري قوم جي حالت الائي ڇو؟‘

مون پهريون ڀيرو ڪنهن مشاعري جي محفل ۾ پنهنجو شعر پيش ڪيو جنهن جي اصلاح قبله اداسي صاحب جن ڪئي هئي، هن مشاعري ۾ سليم ڳاڙهوي ۽ قبله اداسي صاحب جن جي شعرن تي کين ڀرپور داد ڏنو ويو ۽ سليم ڳاڙهوي صاحب بابا جن کي گذارش ڪئي ته جيئن ته ايندڙ ماهانه مشاعري جي محفل نعتيه رکي وئي آهي، تنهنڪري ان جو مصرع طرح به اداسي صاحب جن صادر فرمائن. بابا جن هڪ ٻه منٽ سوچڻ کان پوءِ هيءَ طرح پيش ڪئي جنهن کي خوشيءَ سان قبول ڪيو ويو:

ٻي مهيني جي مشاعري جي محفل ۾ قبله اداسي صاحب سڀني شاعرن تي حاوي رهيا ۽ محترم سليم ڳاڙهوي توڙي نديم انصاري صاحب مشاعري ختم ٿيڻ کان پوءِ نجي محفل ۾ بابا جن کي گذارش ڪئي ته پنهنجو نعتيه شعر ٻيهر پڙهن. مون کي شروعاتي فقط ٻه بند ياد آهن ۽ جهڙي نموني قبله اداسي صاحب جن پنهنجي نعتيه نظم جي شروعات ڪئي آهي، اهو شايد فقط اُنهن جوئي ڪمال هو:

سڪوت- منجمد ۾ شور شعله بار ٿيو پيدا،

اچانڪ احديت اندر عجب اطوار ٿيو پيدا،

گروهه انبياء و اصفيا ابرار ٿيو پيدا،

رموز و راز جو هڪ محرم- اسرار ٿيو پيدا،

نبَين ۾ اُتم افضل علمبردار ٿيو پيدا.

ڪڏهن هي نور ننڍپڻ ۾ ٿو ٻارن سان گهڙيون گهاري،

ڪڏهن بيبي خديجه وٽ تجارت جي لڳو لاري،

پري پردو ڪري پنهنجو نه جلوو جلد ڏيکاري.

شهه- ڪونين باطن ۾ ۽ ظاهر ٻڪريون چاري،

وري اهڙو زماني ۾ نه ٻيو ٻڪرار ٿيو پيدا،

ڌڻن ۾ ۽ ڌڻين ۾ هڪ عجب اسرار ٿيو پيدا.

 

سليم ڳاڙهوي پنهنجا تاثرات بيان ڪندي لکي ٿو: ’اُداسي صاحب ان وقت جي چوٽيءَ جي قادرالڪلام شاعرن منجهان هڪ هو. بزمِ سليم طرفان ٿيندڙ ماهانه مشاعرن ۾ باقاعدگي سان شريڪ ٿيندو هو ۽ پنهنجي دلنواز شعر ۽ معياري مقالن کي نهايت سريلي انداز ۽ رس ڀرئي لهجي م پيش ڪندو هو.‘

ڊاڪٽر نواز علي شوق پنهنجي ڪتاب ’آديسي اُٿي ويا‘ ۾ لکي ٿو:

”سائين غلام نبي اداسي نه صرف اعليٰ پايي جو شاعر هو پر ٻين وڏين خوبين جو مالڪ پڻ هو. مون سندس صحبت مان گهڻو ڪجهه پرايو.“

محمد علي حداد لکيو ته:

”اداسي صاحب وڏي شاعر هئڻ سان گڏ گوناگون صفتن جو مالڪ هو، سندس فرزند عنايت بلوچ ۽ هدايت بلوچ سندس سهڻي تربيت جا مظهر آهن.“

شاگرديءَ جي زماني ۾ خيرپور جي ڪرنل شاهه هاسٽل ۾ رهندا هئاسين، هڪ ڏينهن مون پنهنجو غزل استاد حامي صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيو ته اُهي ان ۾ ضروري اصلاح ڪن. حامي صاحب تڏهن هاسٽل جو وارڊن هو. غزل ڏسي هڪدم چيائين: ”پهريون ته هن ۾ اصلاح ڪرڻ جي ڪابه گنجائش ناهي، پر پُٽ اداسي صاحب جي هوندي توکي ٻي کان اصلاح وٺڻ جي ضرورت ئي ڪانهي ڇو ته هو سچ پچ ته مون کان به وڏو شاعر آهي.“ بهرحال پوءِ مون وضاحت ڪئي ته ’شاعريءَ ۾ منهنجا استاد قبله اداسي صاحب جن ئي آهن، پر جيئن ته هاسٽل ۾ رهڻ ڪري اوهان وڌيڪ ويجها هئا تڏهن مون پنهنجو شعر اوهان کي ڏيکاريو.‘

قبله اداسي صاحب جن جون انساني خوبيون:

آءٌ هڪ پٽ جي حيثيت ۾ قبله والد بزرگوار جي انساني ڳڻن جي تعريف نٿو ڪريان پر جيڪي به پاڙي اوڙي جا عزيز، مِٽ مائٽ يا سندن دوست جن کي بابا جن جي ويجهڙائيءَ واري صحبت نصيب ٿي هئي، اُهي سندن وفات جي ستيتاليهن سالن گذرڻ جي باوجود به قبله اُداسي صاحب جي انساني خوبين، همدردين ۽ ڏکن ۾ سندن حال ڀائي ٿيڻ جي ڳڻن کي ياد ڪري اڃا تائين هنجون پيا هاريندا آهن. پاڙي ۾ ڪو بيمار ٿيو، ڪنهن کي ڏک پهتو، ڪنهن سان زيادتي يا ظلم ٿيو، پوليس ڪنهن کي بيجا تنگ ڪيو ته قبله اداسي صاحب سڀني کان اڳ اُتي پهچندا هئا ۽ جيستائين پاڙي واري غريب جي تڪليف دور نه ٿيندي هئي، تيستائين کين چينُ نه ايندو هو. جيڪڏهن رات جي اويلي وقت پاڙي اوڙي جو ڪو ماڻهو اوچتو سخت بيماريءَ جي تڪليف ۾ مبتلا ٿيندو هو ته بابا جن ان جي دوا درمل ۽ ٽهل ٽڪور ۾ لڳي ويندا هئا ۽ تيستائين سندن ننڊ آرام ڦِٽل هوندو هو جيستائين ان مريض کي مڪمل آرام اچي وڃي. رڳو انسان نه پر ڪو جانور به بيمار ٿيندو هو ته بابا جن کي ان جي به پريشاني هوندي هئي، جانورن جي ڊاڪٽرن ڏي ويندا هئا ۽ دوائون وٺي پاڻ جانورن کي کارائيندا هئا.

اداسي صاحب مهمان نوازيءَ ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ هو. اسان جي اوطاق هر روز مهمانن سان ڀريل هوندي هئي. تڏهن رستا روڊ ۽ بجليون به اسان وٽ ڪونه هونديون هيون، تنهنڪري ڪو ميل- ٻه پري وارو مهمان به ايندو هو ته رات رهي پوءِ پنهنجي ڳوٺ روانو ٿيندو هو. بابا جن لاءِ مشهور هوندو هو ته غلام نبي خان جو دسترخوان ڪشادو ۽ هو پاڻ اوطاقي مڙس ۽ سخي مرد آهي.

هڪڙي دفعي مسافرن جو هڪ قافلو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ٽيهارو کن مرد ۽ عورتون شامل هيون ۽ وڏيون پيٽيون به سندن مٿن تي رکيل هيون، اسان جي اوطاق تي پهچي ويا، هنن ڪٿي رات گذارڻ ٿي چاهي، ٻن چئن اوطاقن تي ويا پر ٽيهن ڄڻن جي قافلي کي ڪوبه ترسائڻ لاءِ تيار نه ٿيو، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کين صلاح ڏني ته اسان جي ترَ ۾ فقط غلام نبي خان اداسي ئي اهڙو سخي مڙس آهي جيڪو اوهان کي شايد رات جو ترسڻ به ڏيندو ته ماني به کارائيندو. بابا جن بنا دير جي انهن لاءِ کٽن هنڌن ۽ ماني ٽِڪيءَ جو انتظام ڪيو. منهنجي امڙ پوءِ مون کي ٻڌايو ته تنهنجو پيءُ اڄ ان ڪري گهڻو خوش آهي جو چوي ٿو ته روز ويٺا رڳو دوستن کي مانيون کارايون ۽ سندن خوشامدون ڪريون پر اڄ خوش قسمتيءَ سان خدائي مهمان اسان وٽ آيا آهن سو مون کي تاڪيد ڪيو اٿائين ته ماني سٺي ٺاهجو جنهن ۾ ٻه- ٽي طعام ضرور هئڻ گهرجن. بابا جن اڌ رات جو اُٿي مسافرن جي سارسنڀال لهڻ لاءِ اوطاق ۾ ويا ته خدانخواسته هيترن سارن ماڻهن مان ڪنهن کي ڪا تڪليف ته ڪانه هئي. هڪ پوڙهو مسافر سمهڻ جي بجاءِ پنهنجي کٽ تي ويٺل نظر آيو. اداسي صاحب جن کانئس پڇيو ته کيس ڪا تڪيلف يا بيماري هئي جو ننڊ نٿي ڪيائين. پوڙهي شخص پهريون ته نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر زور ڀرڻ تي هن بابا جن کي ٻڌايو ته هو حُقي ڇڪڻ جو موالي هو، پَن جون ٻيڙيون به وٽس کُٽي ويون هيون تنهنڪري کيس ننڊ نٿي آئي. اداسي صاحب هڪدم گهر ويو پر گهر جا سڀئي ڀاتي آرامي هئا. مڪمل صوفي هئڻ جي باوجود به بابا جن کي خبر هئي ته تماڪ ڪٿي رکيل هو ۽ حُقو ڪٿي پيل هو ڇو ته گهر جا هڪ ٻه بزرگ حُقو ڇڪيندا هئا. باهه ٻاريائون ۽ حُقو ٺاهي اڌ رات جو وڃي مسافر کي ڏنائون. قبله اداسي صاحب جن پوءِ ٻڌايو ته ان پوڙهي مسافر آسمان ڏانهن پنهنجا ٻئي هٿ کڻي مون کي ايتريون ته دل سان دعائون ڏنيون جو يقين اٿم ته اُهي اگهاڻيون ته منهنجي هن زندگي توڙي آخرت لاءِ منهنجو وڏي ۾ وڏو سرمايو آهي.

قبله والد بزرگوار جي انساني وصفن ۽ عظمتن جون ايتريون ته ڳالهيون ياد اٿم جو لکڻ تي ايندس ته وري شايد ان کان به ڪجهه وڌيڪ لکي ويندس جيترو هنن لفظن تائين لکيو اٿم. افسوس رڳو اهو اٿم ته بابا جن جي وفات کان ستيتاليهه سالن جي ڊگهي عرصي گذرڻ کان پوءِ قلم کنيو اٿم. ان جو سبب فقط هڪ آهي ته بابا جن جي وفات کان پوءِ ڪو سندن عاشق يا وري ڪو شاهينگ ’ديوانِ اُداسي‘ چورائي کڻي ويو. سالن جا سال ڪوششون ڪيون سين، جن جن دوستن ۽ شاعرن سان بابا سائين جن جو تعلق هو، انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي سون پر ’ديوان اُداسي‘ هٿ نه آيو.

هتي هڪ ٻي ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته بابا سائين جن جو ڪلام سنڌي ادبي بورڊ ڇپرائڻ لاءِ تڏهن منظور ڪيو هو جڏهن مرحوم غلام رباني آگرو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو. (رباني صاحب جا خط مون وٽ اڃا تائين محفوظ آهن). اُهو ڪتاب مون کي ترتيب ڏيڻو هو، پر جيئن ته سڄو ڪلام غائب ٿي ويو، تنهنڪري بابا سائين جن جو ڪلام سنڌي ادبي بورڊ کان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي نه سگهيو، هينئر مون ڪوشش ڪري قبله اداسي صاحب جو ٽڙيل پکڙيل ڪلام هٿ ڪيو آهي، جيڪڏهن زندگي وفا ڪئي ته ان کي سهيڙي سموهي سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو ويندو.

6- جولاءِ 1963ع تي قبله اداسي صاحب جن اسان کان جدا ٿي، پنهنجي حقيقي خالق سان وڃي مليا. انالِله وَ انا اليہ راجعون. سندن وڇوڙي تي مون پنهنجا تاثرات هن ريت بيان ڪيا:

حال ڀائي ۽ نڪو محرم رهيو،

داغ سيني ۾ ۽ دل ۾ غم رهيو.

گهاءُ گهرو ٿي وڏو ناسور ويو،

ڪا دوا درمل نڪي مرهم رهيو.

مست مُکڙيون اڄ نظر آيون اداس،

روڄ تن ۾ غم الم ماتم رهيو.

جنهن سندن صحبت ۾ ڪا گهاري گهڙي،

سو وڇوڙي ۾ سدا پُرنم رهيو.

سک ويا، آيو ڏکن سان ڏورڻو،

پيچ مون سان تن سندو پيهم رهيو.

ڏينهن، هفتا، ماهه گذري سال ويا،

پر تصور هر گهڙي هردم رهيو.

جنهن عنايت ڪئي ’اداسي‘ خوش هجي،

جنهن جو غم درد و الم دم دم رهيو.

(منهنجي شاعريءَ جي ڪتاب ’تند ڪٽارو ڪنڌ‘ ڇپيل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com