آزاد قاضي
”ديوان بيدل“ (از- گدومل هرجاڻي) بابت ڪجهه
حقيقتون
(مقالي- ”اڇي پڳ مَ پس… ’ديوان بيدل‘ جا مؤلف“ جي
وراڻي)
ٽماهي ”مهراڻ“ هڪ اهڙو تحقيقي رسالو آهي، جنهن ۾
هر ڀيري نت نئون مواد شايع ٿيندو رهي ٿو. گذريل
3/2011ع واري پرچي ۾ خبر ناهي ڪيئن اها سَهَوَ ٿي
ويئي آهي، جو منهنجي هڪ مهربان جو عبدالحسين شاهه
موسوي ۽ هرجاڻي گدومل واري ’ديوان بيدل‘ بابت اڳ
شايع ٿيل 13 صفحن تي مشتمل مضمون ٻيهر شايع ڪيو
ويو آهي. جنهن جو عنوان آهي: ”اڇي پڳ مَ پَس…
ديوان بيدل جا مؤلف (عبدالحسين شاهه موسوي ۽ گدومل
هرجاڻي جي محنتن جو تنقيدي جائزو)“ اهو مضمون هن
کان اڳ بيدل ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مواد تي مشتمل
ڪتاب بيدل-9 (2009ع) واري پرچي ۾ ”ديوانِ بيدل جا
مؤلف: گدومل هرجاڻي ۽ عبدالحسين شاهه موسوي (ٻنهي
مؤلفن جي محنت جو تنقيدي جائزو)“ عنوان سان ڊيمي
سائيز جي 22 صفحن تي شايع ٿيل آهي ۽ شايد ڪنهن
ڪراچيءَ جي غير معروف پرچي ۾ پڻ پڌرو ڪرايو ويو
هو. ان مضمون ۾ جيڪو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي
آهي، ان کي هر سمجهدار شخص اعتراض واري نظر سان
ڏسي ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل مضمون دراصل هڪ خاص مقصد سان لکرايو
ويو هو، جنهن جي بار بار پرچار ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي
رهي ٿي. اهو مواد مون پاران لکيل ٻن مضمونن- گدومل
کٽڻ مل ۽ ديوان بيدل (شايع ٿيل بيدل-6) ۽ ”ديوانِ
بيدل گدومل ۽ عبدالحسين موسويءَ جو تقابلي جائزو“
(شايع ٿيل بيدل-8) جي ميدان ۾ اچڻ ۽ گدومل جي
ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيل ”ديوانِ بيدل“ جي نئين سر
شايع ٿيڻ کان پوءِ لکرايو ويو هو. ان جي پويان خاص
مقصد اهوئي هو ته 25 ڪتابن جي مصنف/ مؤلف گدومل
هرجاڻي جنهن 1940ع ۽ 1942ع ۾ ٻن حصن تي مشتمل
ديوانِ بيدل شايع ڪرايو هو. جنهن تي ان وقت جي
’ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر‘ (هاڻوڪو سنڌي ادبي بورڊ)
کيس -/500 رپيا انعام پڻ ڏنو هو ۽ ڪِن عالمن کيس
همت افزائي وارا خط پڻ لکيا هئا. ورهاڱي ٿي وڃڻ
بعد گدومل پرڏيهه هليو ويو، تڏهن اتي به صوفين
واري سار هيٺ ڪجهه ٻين ساٿين جي صلاح سان ڪليان
ڪئمپ ممبئي ۾ ’صوفي ساهتيه منڊل نالي‘ ادارو برپا
ڪرايائين. جنهن صرف گدومل جا بيدل ۽ بيڪس جي حوالي
سان ست (7) ڪتاب پڌرا ڪيا. انهن ڪتابن مان هڪڙو
ڪتاب ”ديوانِ بيدل ۽ بيڪس“ (گڏيل) پڻ هو. اهو هن
1960ع ۾ پڌرو ڪيو. ان وقت تائين سنڌي ادبي بورڊ
پاران صوفي بزرگن جو ڪلام شايع ڪرڻ واري اسڪيم
شروع ٿي چڪي هئي. جنهن تحت عبدالحسين موسوي صاحب
اداري کي ڪتاب ”ديوانِ بيدل“ تيار ڪري ڏنو، جيڪو
1954ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. جنهن ۾ گدومل هرجاڻي واري
ديوانِ بيدل جي ڀيٽ ۾ ڪي جزوي تبديليون ٿيل هيون،
جن مان ڪجهه جو ذڪر مون پنهنجي مقالي ”ديوانِ
بيدل: گدومل ۽ عبدالحسين موسوي جو تقابلي مطالعو“
۾ ڪيو آهي. بيدل جي ڪلام شايع ڪرڻ جي سلسلي ۾،
سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت واري پبليڪيشن ڪاميٽي کي
ڪرڻ ائينءَ گهربو هو ته گدومل هرجاڻي وارو ”ديوانِ
بيدل“ جنهن کي اڳ بورڊ انعام سان پڻ نوازيو هو، ان
کي ئي شايع ڪرائي ها، پر ان وقت واري ماحول ۾ شايد
ائين ڪرڻ ڪارگر نه سمجهيو ويو. وچان موسوي صاحب جي
نالي ۾ مواد تيار ڪرائي شايع ڪيو ويو. اهو ڪم ڪيئن
ٿيو، ڪنهن ڪرايو، اها خبر خاوند کي. اهو ديوانِ
بيدل جڏهن هندستان پهتو تڏهن گدومل هرجاڻي جا ته
تاڪ لڳي ويا. 1960ع ۾ گڏيل ’ديوانِ بيدل ۽ بيڪس‘
هن پوءِ پڌرو ڪيو، جنهن ۾ پنهنجي ڪيل پورهئي جي
سلسلي ۾ ڪئين وضاحتون ڪيائين ۽ ان سان ٿيل هٿ
چراند تي هاءِ هاءِ ڪيائين. ان وقت موسوي صاحب پاڻ
به زندهه هو، پر اُن بزرگ خاموش رهڻ واري رويي کي
ترجيح ڏني، اهو شايد انڪري به جو ان وقت واري
بگڙيل فرقيوارانه ماحول ۾ مسلم/غير مسلم واري چڪر
۾ پوڻ کان پاسو ڪيو پئي ويو. ٻنهي ملڪن جا ناتا پڻ
ايتري قدر خراب هئا جو علمي مواد جي مٽا سٽا به
صحيح نموني ٿي ڪانه پئي سگهي، انڪري گدومل جو
اعتراض ۽ احتجاج وارو پڌرو ڪيل ”ديوانِ بيدل بيڪس“
چند ڪاپيون ئي سنڌ ۾ اچي سگهيون، اهوئي سبب آهي جو
سنڌ جي وڏين وڏين لائبريرين جهڙوڪ: سنڌالاجي، سنڌي
ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي لائبريريءَ ۾ ان ڪتاب جي
ڪاپي موجود ڪونهي. مون جڏهن پهريون ڀيرو ديوانِ
بيدل واري اها حقيقت حوالن سان ميدان ۾ آندي
(بيدل-6) ته اها ڄڻ ته انوکي ڳالهه پئي سمجهي ويئي
جنهنڪري ڪيترن ئي دوستن مون کان ان ڪتاب جون فوٽو
ڪاپيون گهرائي ورتيون. جن ماڻهن کي منهنجي پاران
اظهار ڪيل ڳالهيون ڏکيون لڳيون. تن مورڳو گدومل
هرجاڻي کي ڪين جهڙو ڪري پيش ڪرڻ واري مهم جي
شروعات ڪري ڏني.
حقيقت اها آهي ته ورهاڱي کان پوءِ هڪ طرف سنڌي علم
و ادب ۽ صوفياڻي فڪر جا محقق ۽ شارح وطن جي وڻن کي
الوداع ڪري ويا ته ٻئي طرف اهي پنهنجي ڪيل پورهئي
جي جيڪا پونجي ڇڏي ويا هئا، ان کي بدليل ماحول هيٺ
هڪ خاص منصوبي ۽ مخصوص حڪمت عملي سان ميسارڻ
واريون ڪوششون ڪيون ويون. اهڙي حڪمت عمليءَ هيٺ
غير محسوس ٿيندڙ طريقي سان اهڙو ته فرقه پرستيءَ
وارو رويو روا رکيو ويو، جنهن سان اهو تاثر جڙڻ
لڳو جهڙوڪ: صوفي، سنت ۽ درويش، شاعر ۽ سگهڙ رڳو
پيدا ئي مسلمانن ۾ ٿيا. اهوئي تاثر هو جنهنڪري
ڪلاسيڪي شاعرن ۾، ڪنهن هڪڙي به غير مسلم شاعر جي
ڪلام جو مجموعو نه جوڙيو ويو. مهراڻ جي 696 صفحن
واري ضخيم ”مشاهير نمبر“ (3-4-1957ع) لاءِ سنڌ جو
اهڙو ڪوبه غير مسلم درويش عالم يا اديب ڪونه هو
جنهن کي ان نمبر ۾ شايع ڪرڻ جي قابل تصور ڪيو وڃي.
غير مسلم مشاهيرن ۽ صوفي سنتن جي ڪردار کي اجاگر
نه ڪرڻ جون اُهي شعوري ڪوششون هيون.
وڏي مشڪل سان سالن گذرڻ بعد مس مس وڃي سامي
چينراءِ جو نالو ميدان ۾ آيو پر ان جي به شاعراڻي
عظمت کي ڇيهو رسائڻ لاءِ هڪ وڏي مسلمان عالم اها
راءِ قائم ڪئي ته: ”هو نڪي سنت (سوامي) هو، نه ته
ڪي وري عام سامين واري رنگ ۽ لباس ۾ هو. هو هڪ سيٺ
هو، واپار ۾ مشغول رهيو.“
اهڙي ريت سنڌ جي علم و ادب ۽ صوفياڻي فڪر بابت جن
به غير مسلم عالمن ڪم ڪيو هو، ان کي به جهڙوڪر گم
ڪيو ويو. اهڙي مخصوص حڪمت عمليءَ هيٺ ڪي اهڙا به
مسلم صوفي (غير مسلم صوفين جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي)
هئا جن جي ڪلام کي عوام اڳيان آڻڻ ضروري سمجهيو
ويو، ته ان لاءِ به حقيقت پسنديءَ واري واٽ وٺي اڳ
ٿيل ڪم کي ميدان تي آڻڻ يا ان مان مدد وٺڻ کان
پوءِ انهن جو حوالو ڏيڻ به ضروري نه سمجهيو ويو
بلڪ ان ڪيل پورهئي کي پنهنجي گهُرجن موجب ڦيرڦار
ڪري پيش ڪيو ويو.
سنڌي ادب جي اشاعتي سلسلي ۾ اهڙا ڪيئي مثال موجود
آهن، اهوئي سبب هو جنهن ڪري سالن تائين ساميءَ جا
سلوڪ گُم رهيا. هاڻ مس مس وڃي اهي اشاعت هيٺ آيا
آهن، پر ڇا رڳو سامي ئي صوفي سنت آهي ”دادو ديال“،
”جيون سنگهه“، ”’موهن فقير‘ دلپت“ ۽ ٻيا ڪيترائي
اهڙا صوفي شاعر ڪٿي آهن جن جو ڪلام اڃا تائين گُم
آهي ۽ اهو شعوري طور تي ميدان تي نه آندو ويو آهي.
ائين به ڪونهي ته ڪو اهو اڳ اشاعت هيٺ آيل ناهي.
رڳو ’دلپت‘ جوئي مثال وٺو. ”صوفي دلپت رام جا سنڌي
سلوڪ“ نالي پروفيسر مولچند جهنگنداس ٺڪر 1938ع ۾
ڪتاب پڌرو ڪيو هو، جيڪو اڄ به ڪتب خانن جي ڪنهن
ڪنڊ ۾ پيو هوندو پر ان کي ڪو ادارو ٻيهر شايع ڪرڻ
لاءِ تيار ڪونهي. ”دلپت“ تي ئي اڳتي هلي گدومل
هرجاڻي به ڪم ڪيو، اهو پڻ گُم آهي. اهو ته ٿيو
هڪڙو مثال. اهڙا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا.
اهڙوئي حال صوفي قادربخش بيدل جي مواد سان پڻ ٿيل
آهي، جنهن تي ابتدائي ڪم بيدل جي شهر واسي گدومل
هرجاڻي ورهاڱي کان اڳ ڪيو هو. گدومل وارو اهو
ابتدائي ڪم ايترو ته گم ناميءَ واري گوشي ۾ هليو
ويو، جو اڪثر عالمن جي نظر کان اوجهل ٿي ويو هو.
ان طرف پهريون ڀيرو ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر بيدل ادبي
ڪانفرنس جي موقعي تي ڪي سوال اٿاري ڌيان ڇڪايو هو،
جنهن کي بنياد بنائي راقم الحروف 2005ع واري بيدل
سائين جي عرس مبارڪ تي گدومل هرجاڻي واري ڪيل
پورهيي تي روشني وجهي پڙهندڙن کي ان بابت ڄاڻ ڏيڻ
واري خيال سان مقالو پيش ڪيو.
ان مقالي پيش ٿيڻ سان بيدل سائين جي مواد واري
حوالي سان ڪيتريون ئي نيون حقيقتون پڙهندڙن اڳيان
پهريون ڀيرو آيون. ان وقت مون بيدل يادگار
ڪاميٽيءَ کي گذارش ڪئي هئي ته اُهي گدومل وارو اڳ
ٻن حصن ۾ شايع ٿيل ”ديوانِ بيدل“ پڙهندڙن جي
سهوليت لاءِ هڪ جلد ۾ شايع ڪرائي ته جيئن ورهاڱي
کان پوءِ علم و ادب جي ميدان ۾ قدم رکندڙ عالمن
اديبن جي ان تائين رسائي ٿي سگهي. مون ناچيز جي
اپيل تي بيدل يادگار ڪميٽي ’ديوانِ بيدل‘ نئين سر
شايع ڪرائي هرجاڻي گدومل جي ڪيل بنيادي پورهيي کي
جيئن جو تيئن ميدان ۾ آڻي ڇڏيو.
اها ڳالهه عقيده پرستن جي دل تي گران گذري. ان
ردِعمل طور هرجاڻي گدومل خلاف واويلا شروع ڪئي
ويئي. اسان وٽ تعميري تنقيد جو فقدان پئي رهيو
آهي، ڇاڪاڻ ته هتي عشق ۽ عقيدي واري انداز تي وڏو
زور هوندو آهي پر ترقي ۽ واڌاري لاءِ اهو نقصانڪار
عمل آهي ڇاڪاڻ ته: ”عقيدت جو طلسم گهڻين ڪاوشن کي
ٻئي درجي جي شيءِ بڻائي وجهي ٿو. احترام جي هڪ غلط
سمجهاڻي اها آهي ته ماڻهو جيڪي ڏسي سو پنهنجي
موصوف جي شان وٽان نه سمجهي بيان ۾ نه آهي.“ (عشق
ڪيم اظهار، ص 10)
اهڙن سوچن واري صورتحال ۾ اڪثر ماڻهو تنقيد ۽
مخالفت ۾ فرق نه ڪري سگهندا آهن ۽ وڏي ڳالهه ته
صوفياڻي فڪر جي بنياد رواداري ۽ حقيقت پسندي وارن
نُڪتن کي به نظرانداز ڪندي عارضي مفاد ۽ ذاتي پسند
ناپسند هيٺ پنهنجي قلمي قوت ضايع ڪندا آهن. اهڙوئي
معاملو گدومل جي سلسلي ۾ ٿيو آهي. گدومل کي غير
منطقي حوالن ۽ خيالي دليلن سان علم کان اڻواقف ۽
سمجهه کان وانجهيل اديب ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي. عجب اهو آهي ته ان لکت ۾ هڪ طرف گدومل
هرجاڻي بابت راءِ زني ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جو ذڪر ڪيو
ويو آهي. (مهراڻ، ص 70) ٻئي پاسي سندس شخصيت ۽
ڪردار بابت ”تنگ نظر“، ”پاڻ پڏائڻ جي بوءِ وارو“
(مهراڻ 1972ع) تحقيق کان اڻ واقف، ڪريل ذهنيت جو
مظهر (مهراڻ، ص 62) جهڙا جملا استعمال ڪيا ويا
آهن. اهڙي قسم جي لکڻين ۾ پنهنجي مخصوص خيالن کي
تقويت ڏيڻ لاءِ فرضي قصا جوڙي انهن کي علمي ٽيڪو
ڏيڻ لاءِ ”ٿيو هوندو“. ”ويو هوندو“ ۽ ”ڪيو هوندو“
جهڙن مبهم جملن جو سهارو ورتو ويو آهي. دوستن جو
ان ڳالهه تي زور ڏيڻ ته ”گدومل، موسوي صاحب پاران
هوبهو ديوانِ بيدل نقل ڪرڻ جي ڳالهه لکي آهي. پر
ائين ڪونهي ان ۾ ته تبديليون ٿيل آهن“. انهن
تبديلين جي بنياد تي ئي اصل کي نقل، نقل کي اصل
ظاهر ڪرڻ لاءِ ايڏو تفصيلي مضمون لکيو ويو. برابر
تبديليون ٿيل آهن. اهڙي قسم جا جيڪي به ڪم ٿين ٿا
اهي جيئن جو تيئن ڪونه هوندا آهن، انهن ۾ ٿوري ٿڪي
ڦيرڦار لازمي ٿيل هوندي آهي. جنهن جو مون پنهنجي
تقابلي جائزي واري مضمون ۾ مختصر طور ذڪر ڪيو آهي.
علمي ڪوتاهي گدومل هرجاڻي سوڌو ڪنهن کان به ٿي
سگهي ٿي، ڪوبه ماڻهو غلطين کان پاڪ ڪونهي، انهن جي
نشاندهي ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ڪونهي پر اها ڪيڏي نه
عجب جي ڳالهه آهي ته ”گدومل جو مسودو، سنڌ ۾ رهجي
ويو.“ سندس بقول اهو ڦيرڦار سان 1956ع ۾ شايع ٿيو.
پر گدومل وارو اهوئي مواد ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيل
هو. هاڻ ڪنهن ڪنهن تان مواد کنيو، ان ڳالهه جو
اندازو پڙهندڙ پاڻ ئي ڪري سگهن ٿا.
صوفياڻو ڪلام شايع ڪرڻ جي منع ۽ اهڙي ڪوشش ڪرڻ
واري کي آيل تڪليفن جو گدومل پاران تفصيل سان ذڪر
کي ڳالهه مان ڳالهڙو ڪرڻ لاءِ بي جا تنقيد جو
نشانو بنايو ويو آهي. جڏهن ته اهڙيون ڳالهيون خالص
عقيدي ڀريي عشق سان واسطو رکن ٿيون، جنهن ۾ مشرق
جا ماڻهو هونئن ئي گرفتار آهن. مختلف درويشن بابت
اهڙا ڪيئي قصا روز ٻڌجن پيا. اڪثر صوفين جي حالاتِ
زندگيءَ ۾ ڪرامتن ۽ روايتن جو وڏو عمل دخل پئي
رهيو آهي. شايد ئي ڪو اهڙو صوفي بزرگ هجي جنهن جي
حالات زندگي سان روايتي ڪرامتون لاڳو نه ڪيون ويون
هجن جهڙوڪ: مختلف جانورن جو سلاميءَ لاءِ اچڻ،
شينهن تي سواري ڪرڻ، ٻاراڻي عمر ۾ ڪي گوهرانه گفتا
ڪڍڻ وغيره وغيره.
اهڙي قسم جا ڪرامتي قصا بيان ڪندڙ ماڻهن جو ان
بيان ڪرڻ مان مقصد، محض بزرگن کي ڪاني ڪرامت وارو
۽ ڄمندي ڄام ظاهر ڪرڻ پئي رهيو آهي. اهڙا احوال
مختلف تذڪرن ۾ ڪيترن ئي بزرگن بابت ملن ٿا.
گدومل هرجاڻي کي تنقيد جو نشانو بنائيندڙن پاران
اهڙن ئي ڪرامتي قصن لاءِ هڪ طرف چيو ويو آهي ته:
”الله جي پيارن جون ڪرامتون برحق“. (مهراڻ، ص 71)
پر ساڳي وقت جيڪڏهن گدومل ڪا اهڙي ڪرامت قلمبند
ڪري ٿو ته اها سندس اڻڄاڻائپ ظاهر ڪئي وڃي ٿي.
بهرحال مبهم ٻولي ۽ تصوراتي جملن سان، جنهن نموني
گدومل کي لوئڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ان جو بنياد
مسٽر ڊي.ڪي منشاراماڻي جي هڪ خط تي رکيو ويو، جنهن
جي حوالي سان اهو چيو ويو ته منشاراماڻي ۽ سيد
شاهنواز شاهه رضويءَ گڏجي گدومل جي گادي نشين
سبحان بخش جي چوڻ تي، بيدل جو جيڪو ڪلام چند بياضن
تان نقل ڪري، مسودو تيار ڪيو هو. اهو پوءِ ”سبحان
بخش“ کڻي گدومل کي ڏنو هوندو. جيڪو ٻنهي ڄڻن
(گدومل ۽ سبحان بخش) گڏجي ان وقت جي وڏي عالم ۽
اديب نرملداس سجانسنگهاڻي کان اهو سمجهڻ شروع ڪيو.
ضرور نرملداس صاحب به پنهنجي فرصت جي آڌار هنن کي
وقت ڏيندو هوندو! نرملداس ڪلام پڙهندو هوندو ۽
تشريح به ڪندو هوندو ۽ گدومل لکندو هو… گدومل به
سمجهڻ سان گڏ لکندو به رهيو جنهن ڪري هڪ الڳ مسودو
تيار ٿي ويو جنهن کي پوءِ گدومل ڇپرايو.“ (مهراڻ،
ص 67)
مٿي ذڪر ڪيل ”ڏيندو“، ”پڙهندو هوندو“ ۽ ”لکيو
هوندو“ جهڙي مفروضي واري اختيار ڪيل انداز جو جيئن
ته بنياد ڊي.ڪي منشاراڻي وارو خط آهي، تنهنڪري ان
جو اهو حصو هتي عڪسي ڏجي ٿو. جنهن منجهان خبر پوي
ٿي ته ان خط ۾ ته اهڙي ڪا ڳالهه لکيل ئي ڪانهي
جيئن منشاراماڻي ڏانهن منسوب ڪئي ويئي آهي ۽ نه
ڪو ان جو گدومل هرجاڻي سان ئي ڪو واسطو آهي، ان ۾
ته واضح طور لکيو ويو آهي ته اهو نقل ٿيل مسودو
رسالي سنڌو جو ايڊيٽر مسٽر بولچنداڻي کڻي ويو ۽ ان
اهو ڪجهه واڌارن سان پنهنجي نالي ۾ ڇپائي ڇڏيو.
هاڻ ”ڪيڏانهن جي جهار، ڪيڏانهن جي جهرڪي“، ڪٿي جي
ڳالهه ڪٿي وڃي گدومل سان ملائي اٿن، محض ان لاءِ
ته پنهنجي من گهڙت مقصد کي ٽيڪو ڏيڻ لاءِ مضبوط
حوالو ملي سگهي.
گدومل خلاف هلندڙ ان واويلا جو بنياد جيئن ته ان
ڳالهه تي رکيو ويو ته: ”گدومل ڪو محقق ڪونه هو.“
انڪري اهو ضروري آهي ته گدومل پاران بيدل ۽ ٻين
صوفي بزرگن جا تيار ڪيل ڪتاب ٻيهر شايع ڪرائي
پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايا وڃن ته جيئن هن
جلاوطن محقق واري ڪئين سال اڳ ڪيل ميڙاچونڊيءَ کان
نئون نسل به واقف ٿي سگهي.
قرآن جو پيغام
قرآن مجيد، الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان هدايت جو
اهو انمول ڪتاب آهي، جنهن جا جيترا به فضائل بيان
ڪجن، سي گهٽ آهن. حضور ڪريم ﷺ جن قرآن مجيد جي
اهميت کي اهڙو ته بيان ڪري ويا آهن جو قيامت
تائين، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير به بيان ڪري نٿو سگهي.
هيءُ واحد الهامي ڪلام آهي، جنهن ۾ انسانن سميت
سموري چرندڙ پرندڙجي ضابطهء حيات جا قاعدا قانون
سمجهايا ويا آهن.
”قرآن جو پيغام“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب ايڊيٽر محمد
يونس صاحب پيغام قرآن پبليڪيشن ڪراچي پاران جنوري
2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي قيمت
-/250 رپيا رکي وئي آهي، ترجمو حضرت مولانا تاج
محمد امروٽي صاحب وارو کنيل آهي ڪتاب جو انتساب
رحمة اللعالمين حضرت ﷴ ﷺ جن جي اسم گراميءَ سان
ڪيو ويو آهي. ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا پڙهندڙن جي
نالي محفوظ ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي پڻ ڇپائڻ ۽
ورهائڻ جي عام اجازت ڏني وئي آهي. ڪتاب ڊيمي سائيز
۾ 480 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب محترم يوسف ثانيءَ
تاليف ڪيو آهي.
مؤلف محترم يوسف ثاني هن ڪتاب بابت لکي ٿو ته:
”اسين مسلمان توڙي ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو رکندا
هجون، قرآن تي ضرور ايمان رکون ٿا. اسين صبح و شام
قرآن ته پڙهندا آهيون، پر عربي نه ڄاڻڻ سبب انهن
کي سمجهي نٿا سگهون. ”قرآن جو پيغام“ کي انهيءَ
ڪري ڇپايو ويو آهي ته جيئن عام مسلمان پڻ قرآن
ذريعي اسلام جي اصل روح کي پروڙي سگهن. اهو چوڻ
بلڪل غلط آهي ته قرآن کي سمجهڻ هرهڪ مسلمان جي وس
جي ڳالهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جو فرمان
آهي: بيشڪ اسين هن قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بڻايو
آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ (سوره القمر:
آيت 17). ”قرآن جو پيغام“ ٻين ترجمن ۽ تفسير جي
مقابلي ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ نهايت آسان آهي. هن ۾ هر
پاري جي مڙني آيتن کي مختلف پيرائن ۾ ورڇي ننڍا
عنوان قائم ڪيا ويا آهن ۽ پاره جي شروع ۾ اهڙن
سمورن عنوانن جي فهرست پڻ ڏني وئي آهي. هر
پئراگراف جي آخر ۾ سورة ۽ آيت جو حوالو پڻ لکيو
ويو آهي، ته جيئن ڪنهن آيت جو مطلب سمجهه ۾ نه اچي
ته ان حوالي سان قرآن جي اصل عربي متن کي ڏسي ان
جو ترجمو ۽ تفسير پڙهي سگهجي يا ڪنهن عالم سان
رجوع ڪري سگهجي. عربي متن نه هئڻ سبب هن کي وضوءَ
کان سواءِ پڻ دفتر ۾، گهر ۾، يا سفر دوران آسانيءَ
سان پڙهي سگهجي ٿو.“
ڪتاب جو ايڊيٽر ۽ ڇپائيندڙ محترم محمد يونس پنهنجي
نوٽ ۾ لکي ٿو ته:
”قرآن مجيد دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهندڙ ڪتاب آهي.
پر اها پڻ هڪ افسوس جوڳي حقيقت آهي ته هيءُ دنيا
جو اهو پهريون ڪتاب آهي جيڪو هر هر پڙهيو پيو وڃي
۽ ان مان اها اميد رکبي آهي ته قرآن مجيد جا سمورا
فائدا بغير سوچ ۽ سمجهه جي حاصل ڪري سگهجن ٿا.“
”قرآن جو پيغام“ مسلمانن لاءِ هڪ خوبصورت تحفو
آهي، جيڪو پيغام قرآن پبليڪيشن ڪراچي وارن ڇپائي
هڪ نيڪيءَ جو ڪم ڪيو آهي، ان جو اجر عظيم انهي
اداري جي مالڪن کي الله تبارڪ و تعاليٰ ضرور عطا
فرمائيندو ۽ گڏوگڏ سندن محنت ساب پوندي. ڪتاب
گهرائڻ لاءِ ناشر محمد يونس (03002012464)
سرڪيوليشن مئنيجر ارسلان يوسف (03212110373)
يا توڪل اڪيڊمي (03218762213)
سان رابطو ڪيو وڃي. هن وقت هيءُ ڪتاب اقبال بوڪ
هائوس صدر يا ريگل اتوار ڪتب بازار تي پڻ موجود
آهي.
- دين محمد ڪلهوڙو
ايڊيٽر ٽماهي ”مهراڻ“
حفيظ قريشي
پـــــاتــــڻــــي
ٻيڙي ڪرنا فليءَ جي لهرن تي هندوري جيان لُڏندي
پئي وئي. هُتان اوڀر ڏي چاٽگام جي ٽڪرين جي وڏن
ليٽن تي چانهه ۽ پانن جا کيت ڪنهن نانگڻ جيان
وروڪڙ کائيندا، هڪٻئي پويان گم ٿيندا پئي ويا.
ڍاڪا رسڻ لاءِ، اسان جي علائقي مان اهوئي ”شيام
گهاٽ“ هو، جتان ڪرنا فلي درياء جو ٻيٽ ٽن ميلن کان
به مٿي هوندو.
ٻيڙيءَ ۾ ويٺل پنج ئي مسافر پورهيت ٿي لڳا، چار
نوجوان هئا ۽هڪ اڌڙوٽ، سندن هٿن ۾ پورهيتن وارا
ميرانجهڙا، ڪپڙي وارا ٿيلها هئا، جن ۾ هو
ٻن پهرن جي ماني ٻڌي ايندا هئا.
پورهيتن مان هڪ ڄڻي، پن جي ٻيڙي دُکائي، پوءِ سڀئي
ٻيڙيون دُکائي ڇِڪڻ لڳا. پوڙهي پورهيت هڪ هڪ ٻيڙي
پاتڻي ۽ مون ڏانهن وڌائي- اسان ٻنهي مهرباني چئي
نهڪار ڪئي.
سڀئي پورهيت چپ چاپ پن جي ٻيڙي ڇڪيندا ۽ نڪ مان
دونهون ڪڍندا رهيا…
پوڙهو پاتڻي- ونجهه کي تڪڙا تڪڙا ڦيرا ڏئي رهيو
هو…
ٻيڙي هاڻي ڪرنا فليءَ ۾ ڏکڻ ڏانهن وڃي رهي هئي…
هاڻ پانن جا کيت گم ٿي ويا هئا، انهن جي جاءِ تي
سايون ٽڪريون ڌنڌليون ڌنڌليون، ڄڻ ڪوهيڙي ۾ ورتل
نظر اچي رهيون هيون…
پاتڻي جهونگاري رهيو هو…
هوريان هوريان سندس آواز مٿي ٿيندو ويو… مون ڌيان
ڏنو… شايد هو ڌنارن جو ڪو گيت ڳائي رهيو هو…
هي لهر لهر آ زندگي،
هي شهر شهر آ زندگي،
هي ڳوٺ ڳوٺ آ زندگي،
هي واٽ واٽ آ زندگي.
ڪو ديپ ٻاري، ساٿي هلون!
ڪا رات ٺاري، ساٿي هلون!
هي بحر بحر آ زندگي.
هي لهر لهر آ زندگي.
ڪو جوڙ ٺاهي، ساٿي هلون!
ڪو ٽوڙ ٺاهي، ساٿي هلون!
هي قهر قهر آ زندگي،
هي لهر لهر آ زندگي.
هن جهرمر تارن جان، ساٿي هلون!
هن نينهن نظارن جان، ساٿي هلون!
هي پهر به پهر آ زندگي!
هي لهر لهر آ زندگي.
ڪو ڏونگر ڏاري، ساٿي هلون!
ڪا ڏائڻ ماري، ساٿي هلون!
هي سحر سحر آ زندگي،
هي لهر لهر آ زندگي.
پاتڻي اکيون ٻوٽي ونجهه به پيو هلائي، گيت به پيو
ڳائي…
گيت پورو ڪري هن آلين اکين سان سڀني ڏانهن ڏسي
پڇيو…
”شهر جي ڪا نئين خبر؟“ ڪنهن به ورندي ڪانه ڏني…
شايد سڀئي هن جي ڌنارڪي ڌُن ڳاتل گيت جي ٻولن جي
اصل مفهوم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا…
”صبح جو ريڊئي ٻڌايو ته اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي
اڻڄاتل مدي تائين بند ڪيا ويا آهن، اگر تلاءَ
علائقي ۾ شورپور جي وسنديءَ ويجهو ديش دروهي پوليس
سان مقابلي ۾ مارجي ويا آهن، وٽانئن هٿيار به نڪتا
آهن… بچي ويل هڪ ديش دروهيءَ مڃيو آهي ته هو سرحد
پار کان ٿِي آيو آهي…“
امان ريڊئي جي اها خبر ٻڌي مون کي سوير ئي ننڊ مان
اٿاريو ۽ چيو ته تون وڃ ڀيڻ کي ڍاڪا مان وٺي اچ،
ڇو ته يونيورسٽي به بند ٿي ويئي آهي…
منهنجي ذهن ۾ پاتڻي جو ڳاتل گيت ڦرموٽري وانگي
ڦيرا پائڻ لڳو…
مون ويچاريو، اڇو ڪتو ته ڀڄي ويو، پر اڙجي ڪاري
ڪتي مان وياسين. ٻنهين ۾ ڪوبه فرق ڪونهي… هيءُ ڌڻن
جو رکوالو ٿو سڏائي پر آهه بگهڙ… ڇتو بگهڙ… هن کي
ڌڻ مارڻ ۾ مزو اچي ويو آهي، هن جي وات کي ماڻهوءَ
جو رت جو لڳي ويو آهي…! ڪيئن جند ڇڏائجي هن کان…!
ڳوٺ ۾ هڪ ڀيري ڪو ڪتو ڇتو ٿي پيو هو، پوءِ سڀني
ڳوٺاڻن لٺيون کڻي پويان ڊوڙياسين. ڇتو ڙي ڇتو!
ماريو ڙي ماريو! ۽ پوءِ نيٺ ماري وڌائونس.
پاتڻي ڪلام ڳائي پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري،
تيزيءَ سان ونجهه ڦيرائي رهيو هو. ونجهه کي ڦيري
ڏيڻ سان هن جي ٻانهن جا ڏؤنرا ڦوڪجي ٿي ويا. ٻيڙي
ڪرنا فليءَ جو سينو تيزيءَ سان چيريندي اڳتي وڌي
رهي هئي. اوچتو پاتڻي ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏٺو:
”تون ڪيڏانهن ويندين؟“
”ڍاڪا…“
”پر اتي توکي رسندي رات ٿي ويندي ۽ رات جو سخت
ڪرفيو آهي…“
”ڀلا ڍاڪا جو ڪهڙو حال آهي؟ گهڻا ماڻهو ماريا
اٿن؟“
”ريڊيو ته نو ڄڻا ٻڌايا آهن.“
مون وراڻيو: ”سڀ شاگرد هئا!“
”نه هڪ شاگرد هو، ٻيا سڀ پورهيت ۽ هاري هئا…“
پاتڻيءَ کان دانهن نڪري وئي، اکيون ڀرجي آيس،
سُڏڪڻ لڳو… سُڏڪندي سُڏڪندي ڀڻڪڻ لڳو: ”ڪهل ئي نه
آينِ مسڪينن کي ماريندي!!
اسان هنن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي…
جمهوريت گهرڻ ڏوهه! حق گهرڻ ڏوهه!“
سڀئي پورهيت کيس چتائي ڏسي رهيا هئا… هن جي منهن
تي رنگ ايئن آيا ۽ ويا پئي، جيئن ڪرنا فليءَ ۾ وير
چڙهندي هجي ۽ لهندي هجي.
”هاڻ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو…“ مون ويچاريو.
اسان لاءِ آزادي ائين آهي ڄڻ واڳونءَ جي وات مان
نڪري بگهڙ جي ور چڙهي وڃجي.
سڄاڻن، ”بنگلا بنڌو“ کي سختيءَ سان منع ڪيو ”پراڻن
تي اعتبار نه ڪر.“ اهي توکي دوکو ڏيندا… نون کي
اڳيان آڻ، نوان… جن دشمنن جي اوبر ناهي کاڌي، جن
جا ضمير نئين رُڪ جيان سگهارا ۽ چمڪندڙ آهن.“
ويهين صدي- آزادي جي صدي،
ڪوڙ! نسورو ڪوڙ!
ويهين صدي فوجي انقلابن جي صدي- ساڍا ٽي سؤ (350)
مٿي فوجي انقلاب… ٽين دنيا جي اڳواڻن لوممبا،
نڪروما، الينڊي، پبلونرودا، تيراڊانتي، سوئيڪارنو،
عدنان ميندريس، ڀٽو، مجيب… رت ۾ ڳاڙها… ٽياس تي
ٽنگيل آهن…
ڦاسيءَ جي ڦندن ۾ جهولين پيا!
ڍاڪا، ڌان منڊي ۾ سونار ديش جي بنگلا بُنڌوءَ جو
لاش، گهرجي ڏاڪڻ تي پيو آهي… ٻن نُهرن ٻن پٽن ۽
زال جا لاش ورانڊي ۾ پيا آهن… ڏاڪڻين کان هيٺ
باغيچي ۾ سندن رت گلاب جي ٻارين ۾ گڏ ٿيل آهي… هوا
لڳي ٿي… سونار ديش جي بنڌوءَ جي نُهرن جي ساڙين جا
پلاند هوا ۾ ڦڙڪي احتجاج ڪن پيا…
جارج بي گريفن ڍاڪا ۾ آهي…
وليئم ڪاسي چيڪ پيو ڏي…
آمريڪي ڪمپنيون- گهڻ قومي ڪمپنيون- پيسا پيون وٺن-
ميجر فاروق ڏند ٽيڙي- مير جعفر- جارج بي گريفن سان
ڀاڪرن ۾ آهي.
ماسٽر دا چاٽگام جي ٽڪرين ۾ مورچابند ٿِي وڙهي
رهيو آهي…
هاڻ هوا ڏکڻ پاسي گهُلڻ لڳي، پاتڻي ونجهه رکي ڇڏيا
۽ سڙهه چاڙهيائين، ٻيڙي پاڻ مرادو پتڻ ڏانهن وڌڻ
لڳي.
ڦاٽل گنجي، رنگ ڦٽل گوڏ، کٽل مٿو، سَرَ پيل نرڙ،
گهُنجن ۾ ورتل منهن، پاتڻيءَ جي منهن جي هر سَرَ
مان سونار ديش جي هزارن سالن جي تاريخ جا ڏک ليئا
پائي رهيا هئا.
پاتڻي، پتڻ اڪاريندڙ، هر گهٽ ۽ گهيڙ جي ساڃاهه
رکندڙ، هن کي هر پتڻ جي پور ۽ پيڙائن جي چڱيءَ ريت
پروڙ هئي، هر گهٽ ۽ گهيڙ تي ويٺل واڳن ۽ سيسرن جي
ساڃاهه هئس. هر دؤر ۾ پاتڻي طوفان مان ٻيڙا پار
اڪارڻ جي جاکوڙ ڪئي. ان پاتڻيءَ جڏهن ڪلائيوِ
(Clive)
سان جنگ جوٽي ته پنهنجن مان ئي ڪي ويري هئا جن
ڌارين سان گڏجي قوم جي ٻيڙيءَ کي وچ سير ۾ ٻوڙيو…
هاڻي هُن کرج جي سُرن ۾ نذرالاسلام جو گيت ڳائڻ
شروع ڪيو:
اڳتي وڌو، نوجوانو! اڳتي وڌو!
هٿيار کڻو! هٿيار کڻو!
اڳيان ويندڙ واٽهڙو! اڳتي وڌو!
اسان ٻرندڙ ڏيئي جي تيز لاٽ آهيون!
اسين نئين فصل لاءِ ٻج ٿا پوکيون،
اڳيان ايندڙ واٽهڙو! اڳتي وڌو!
ڇني وٺو پنهنجا حق! ڇني وٺو!
وڙهو انصاف لاءِ! وڙهو!
گڏجي هلو! هٿ هٿ ۾ ڏئي هلو!
مون ڀانيو گونگو نذرالاسلام وري ڳالهائڻ لڳو آهي،
وري ٻولڻ لڳو آهي، ڌرتيءَ کي ڄڻ زبان ملي وئي هجي،
پاتڻيءَ جي صورت ۾. پاتڻي هر دور ۾ ٻيڙي ڪُن مان
ڪڍڻ جي جاکوڙ ڪري پيو، ست سمنڊ پار جا طوفان. ڪنهن
پنهنجي اندر جي ويري جي اشاري تي گهر ۾ گهڙي آيا
آهن.
پنهنجي وجود جا ويري ٿي سامهون آيا آهن، ٻيڙيءَ جو
تختو تختي کان ڌار ٿي ويو، سِڙهه اڏامي ويا، مسافر
اوجهڙ ۾ اولجي ويا.
پاتڻي پوڙهيءَ گنگا وانگر، جمنا جي ڳولها ۾.
ڏيو ٻاري آواز پيو ڏي.
مسافرو! هلي اچو.
اچو ته اوهان کي پار پڄايان! مسافرو هلي اچو!
ڍاڪا مسجدن جو شهر…
سراج الدولہ جو ساڻيهه…
دوڌو ميان جي سون ورني ڌرتي…
سڄو بنگال ڪرن مُهاڻي وانگر ٿي لڳو، جيڪا ڦول
ماڇيءَ سان پريت ڪري ٿي.
ڪرن سج جي پهرئين ڪرڻي وانگر آسمان تان لٿي،
سنهڙي، سيپڪڙي، ساڙهي اوڍيل ڪرن، ڦول جو مُک چمي
ٿي، اوچتو وڄ ڪڙڪي ٿي، سخت طوفان لڳي ٿو، مينهن ۽
طوفان ۾ ٻئي گُم ٿي وڃن ٿا.
طوفان لٿي کان پوءِ ڪرن جي ماءُ ۽ ڦول جا مائٽ،
درياء ڦلورين پيا، رڇ وجهو! هي ڇا آهي؟
ٻئي هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ ٻکيل آهن، ٻئي امر ٿي ويا.
ٻئي امر ڌارو ڪرنا فلي آهن.
پاتڻي اڃا به ڳائي پيو…
اڳتي وڌو نوجوانو اڳتي وڌو.
کن پل لاءِ ائين ڀانئيو، اسين چاٽگام جا گوريلا
هجون، پاتڻي ماسٽر دا هجي، جيڪو اسان کي ڪنهن ڳجهي
مشن لاءِ ساڻ وٺيو پيو وڃي…
بنگال پريت جي ڌرتي…
بنگال انقلاب جي ڌرتي…
بنگال وفا جي ڌرتي…
نواب سراج الدولہ جي قبر تي سندس وني ويٺي آهي.
روئي به نٿي، ڪجهه کائي به نٿي، بک وگهي اتي پساهه
پورا ڪري ٿي. عورت جي وفا، سون ورني ڌرتيءَ جي
وفا، حُب الوطنيءَ جي وفا؟
مير جعفر ڪوڙهه ۾ ورتو، کٽ تي پيو آهي… سندس ٻئي
زالون مُني ۽ بَبو… ڀرسان نڪ تي ساڙهيءَ جو پلاند
رکي لنگهي ويون.
مير جعفر رڙي پيو… او مُني! او بَبو!!
ڪير به سندس آواز نه پيو ٻڌي…
”او مُني! پاڻي ته پيارجانءِ… آءٌ اُڃ مران پيو.“
مير جعفر رنڀي پيو…
پاتڻي نذرالاسلام جو ٻيو گيت ڳائڻ شروع ڪيو آهي…
”مان غدار آهيان! مان غدار آهيان!“
پاتڻي گيت ڳائي پورو ڪيو، سڀ مسافر هن جي آواز ۽
ڳاتل گيت جي لفظن جي سحر ۾ گرفتار آهن… پاتڻي جا
ڳايل گيت ڪرنا فلي جي لهرن تي هنج پکيءَ وانگر
هلورا کائي رهيا آهن… هو پنهنجو گهُنجيل ۽ سُرن ۾
وڪوڙيل منهن مٿي ڪري هوائن ۾ ڏسي رهيو هو، شايد
انهن روحن کي جيڪي آزاديءَ جي ويڙهاند ۾ کيٽن،
ڳوٺن ۽ شهرن ۾ لانگ بوٽن سان ڦوليا ويا، جن جون
ڇاتيون ڇيرن سان ڇاڻيون ويون…
آزادي ڪنهن کي ملي؟ بکين کي؟
دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي بک، مفادن جي بک…
دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي بک، اقتدار جي بک…
ڌرتي ڄڻ هڪ ديو جي قبضي ۾ هجي. ديو، ڌرتيءَ تي
ڌرڻو هڻي، ٽجوڙي اڳيان رکيو ويو آهي، ٽجوڙي ديو جي
ٻانهن جي وراڪي ۾ آهي، سڄي دنيا جا بکايل انسان،
ڪشڪول کڻي، قطارن ۾ ديو اڳيان بيٺا آهن، بکين جو
هڪ هٿ ڪشڪول ۾ ۽ ٻيو هٿ سندن پٺيءَ لڳل پيٽ تي
آهي، سڄي دنيا جون مانيون ديو جي وڏي ٽجوڙيءَ ۾
بند آهن، چاٻي ديو جي هٿ ۾ آهي.
جهيڻي آواز ۾ ڪنهن ڀڻڪيو: ”ديو کان چاٻي ڦُري،
مانيءَ کي آزاد ڪرايو!“
ديو جي ٻنهي هٿن ۾، ايٽم بم، کنڊ مار ميزائل!
اسٽار وار پروگرام ڏسي، بکايل هٻڪن پيا، پر قطار
قائم آهي…
1940ع کان 1943ع تائين ٻي مهاڀاري جنگ ۾ بنگال
ڏُڪرجي منهن ۾ پيو، ٽيهه لک سونار ديش واسي موت جي
وات ۾ هليا ويا، جيئن واڳونءَ جي وات ۾ مڇيون
وينديون آهن.
گوري سامراج کي رحم نه آيو…
”وامق“ بک تي هڪ گيت لکيو:
”ڀوڪا هي بنگال!“
بامبئي ۾ سرسوَتي ديوي، بک جو گيت ڳائي پئي، ماڻهو
روئن پيا، زالن زيور لاهي بکايلن لاءِ ڏنا، پيسن
جا مينهن پئجي ويا، بک تي ڇنڊو پئجي ويو…
1970ع ۾ ڪاري کي به رحم نه آيو، حق گهرڻ تي ٽيهه
لک (30,00000)
سونار ديش واسي راڪاس جي وات ۾ ڦٿڪي مري ويا.
ڪنهن نه لکيو ڏاڍ ۽ ڏمر تي، ٽي لک نياڻين جي حرمت
تي1
سراج الدولہ جي قبر تي بيٺل سندس بکايل ونيءَ جيان
سڄو بنگال بک ۾ ورتل آهي، بکايل جي ڳاڻيٽي ۾
واڌارو اچي پيو.
سڄي ڌرتي بک ۾ وڪوڙجي وئي.
هٿيار نه کپن! ماني کپي.
حق کپن! ماني کپي!
مير جعفر جي قبر کي ٿڏا وڪوڙي ويا!
ٿڏن سان قبر اونڌي ٿي وئي آهه
مير جعفر قبر مان پنهنجي ٽولي سوڌو نڪري آيو.
مير جعفر جي هٿ ۾ وڏو ڪشتو آهي. ڪلائيو پنهنجي قبر
مان ڀڙڪو کائي نڪري ٿو ۽ بگهڙ وانگر رومڙي ڪري مير
جعفر تي وڌي، کيس ڀاڪر پائي ٿو، ڪلائيوِ پنهنجي
کيسي مان ڪرسي ڪڍي، مير جعفر جي ڪشڪول ۾ وجهي ٿو.
مير جعفر ڏند ٽيڙي ڪرسيءَ کي ڏسي رهيو آهي.
سندس ٽولو هُنڀوڇيون پيو هڻي.
مير جعفر ۽ سندس ٽولي کي ڪَنَ ناهن، نَڪَ به نه
اٿن!
پاتڻي جو گيت اڃا ڪرنا فليءَ جي لهرن تي پوپري
مڇيءَ وانگر تڙڳي رهيو آهي.
نه ظلم ئي رهندو، نه غدار رهندا!
امڙ هن ڌرتيءَ تي، وفادار رهندا!
پتڻ ويجهو اچي ويو هو، پريان بانس جو جهنگ ڪَر
کنيو بيٺو هو.
”هو سامهون ديال ۽ نيزن جا وڻ ڏسو پيا، ڪيلن جي
باغ جي ڀر ۾ هو سامهون واريون جايون، اهو آ منهنجو
ڳوٺ ڪڏهن اوير سوير پار وڃڻو هجي ته مون کي ڳوٺان
اچي سڏي وٺجو، ڪنهن کان به پڇندا. هرڪو ٻڌائيندو،
ٻيڙيءَ واري بابا جو گهر… جيڪڏهن قهوو پيو ته هلي
ڳوٺ پياريانوَ. وير ڪونه لڳندي! مسافر پورهيتن
نهڪار ڪئي…
”تون ڇا پيو سوچين؟“ پاتڻي مون کان پڇيو. ”بابا!
اوهان جي ڳوٺ ۾ رات ترسڻ لاءِ جاءِ ملي سگهندي؟“
مون وراڻيو: ”ڇو نه، ڇو نه!“ پاتڻيءَ ٺهه پهه جواب
ڏنو.
اهو چوندي، هن جي منهن تي مُرڪ، ڪٽيل سڻيءَ جي کري
تي پوندڙ سج جي پهرين ڪرڻن جان پکڙجي وئي.
مون هڪ جهوپڙي مهمانن لاءِ ٺاهي آهي، چوڏهينءَ جي
راتين ۾ جڏهن ڪرنا فليءَ ۾ جوار ڀاٽو (وير چڙهڻ)
ايندو آهي تڏهن پراڙ ويندڙ مسافر مون وٽ ترسندا
آهن.“ هو يڪ ساهي چئي ويو.
پتڻ تي سڀ لٿاسين.
پاتڻي سڙهه لاهي، ٻيڙي پڳهه سان ٻڌي ڇڏي… سامهون
ڪمند ۽ سڻيءَ جا کيٽ جهومي رهيا هئا.
مسافرن، پاتڻيءَ کي پنج- پنج ٽڪا ڏنا، ٽيهه ٽڪا
کيسي ۾ وجهي، ٿڌو شوڪارو ڀري چيائين: ”الله تنهنجو
شڪر آهي.“
لهندڙ سج، پاتڻي جي کيسي ۾ ٽيهه ٽڪا ڏسي مرڪي رهيو
هو.
سامهون ڏکڻ ۾ سندر بن جو ٻيلو چاٽگام جي گوريلن
وانگر هٿياربند ٿي بيٺو هو، آءٌ پاتڻي جي پويان
هلي رهيو هوس، هو ننڍيون ننڍيون پر تمام تڪڙيون
ٻرانگهون کڻندو، پيچري تان اڳتي وڌي رهيو هو، مون
سندس تيز رفتاري ۽ بنگال جي نظام جي سُست رفتاريءَ
تي ويچاريو…
اي ڪاش! هن جهوني وانگر زماني جي گردشن ۾ پيڙهجندي
سيڙهجندي بنگال ائين هلندو رهي ها! ڌڪا ٿاٻا
کائيندو اڳتي وڌندو رهي ها!!
پاتڻي جي هلڻ سان پير- ڪڙين جو آواز اچي رهيو هو ۽
هو هڪ پراڻي قيديءَ وانگر هلي رهيو هو، جيڪو پير-
ڪڙين تي پورو ضابطو رکندو هجي. هن جي هڪ پير ۾ ٻه
لوهي پير- ڪڙيون پاتل هيون، اهو ڪو سنوڻ هوندو يا
مائٽن جي ننڍي هوندي جي ڪا باس هوندي. پير ڪڙين جو
مَڌرُ آواز ڪنهن ڏور، مندر جي گهنڊڙين جان ٿئي
لڳو.
هن هڪ ڀيرو لؤڻو هڻي مون ڏانهن ڏٺو، شايد نئين ۽
پراڻي نسل جي سنڌي کي پرکي رهيو هو يا مون کي تيز
هلڻ لاءِ چئي رهيو هو.
ڳوٺ جي مُهڙ ۾ ئي سندس جهوپي هئي، ٻاهر ٺهيل ڇپر
هيٺ هڪ ڇوڪري بانس جي ٺهيل کاريءَ ۾ مڇي پئي ڌوتي،
هن اندران بانس جي ٺهيل هڪ کٽ ڪڍي وائک تي رکي،
ڇوڪري هاڻي هٿ ڌوئي رهي هئي. ”برکا ڀاءُ کي
کيڪاريئي؟“
ڇوڪريءَ اڳتي ٿي زوري سلام ڪيو.
”هيءَ منهنجي ڌيءُ برکا آهي، هتي ئي اسڪول ۾
ماسترياڻي آهي، اسان ڪيترن ئي سالن تائين
وڙهياسين، تڏهن مس وڃي پر سال اسڪول منظور ٿيو، نه
ته هن کي هتان ڏهه ميل پنڌ ڪري ڪِرن شاهي ڳوٺ ۾
پڙهائڻ وڃڻو پوندو هو، اتي هن جا ناناڻا آهن، هن
اتي ئي پڙهيو هو. هن جو گهر وارو کلنا ۾ ڪاغذ جو
واپار ڪندو آهي.“ هن ٻڌايو.
”برکا! ڀاءُ اڄ رات پاڻ وٽ مهمان آهي، صبح جو ڍاڪا
ويندو.“
”پٽ تو پنهنجو نالو نه ٻڌايو؟“ پاتڻيءَ مون کي
مخاطب ٿيندي چيو.
مون کيس پنهنجي سڄي سڃاڻپ ڪرائي. هو ڳوڙهي فڪر ۾
اچي ويو.
کيس سوچيندي ڏسي برکا چيو: ”بابا! ادا کي ڳوٺ جو
چڪر هڻائي اچو ۽ ها!اسڪول ضرور ڏيکارجوس،
جيڪوڳوٺاڻن گڏجي ٺاهيو آهي.“
هو هر ڳوٺاڻي سان منهنجي سڃاڻپ ڪرائي رهيو هو،
سرمائي شام کيٽن تي پنهنجا پير پکيڙي رهي هئي. رکي
رکي ڪٿي ٽيٽيهر ٿئي ٻوليو…
ڪانگن جا ولر، ڪان ڪان ڪندا پنهنجن آکيرن ڏانهن
پئي ويا، هن گهر ڏانهن ايندي چيو:
”هن سال سانوڻيءَ ۾ ٻوڏون ٿينديون ۽ وڏا طوفان به
ايندا، ٽيٽيهرن به هيل آنا مٿي دڙن جي چوٽين تي
لاٿا آهن، ويهه سال اڳ به ائين ٿيو هو. ڪرنافلي جو
پاڻي چاٽگام جي ٽڪرين تي چڙهي ويو. برهمترا ۽
گومتي ۾ ايڏي ٻوڏ آئي جو سندربن ٻيلو سڄو ٻڏي ويو.
شينهن جا لاش گومتيءَ ۾ لڙهڻ لڳا، ڏاڍو جاني نقصان
ٿيو.“
”ممڪن آهي موسمي هوائن جا رخ ڦري وڃن ۽ ايترا
مينهن نه پون، نڪي طوفان اچن.“
منهنجي ڳالهه ٻڌي هو گنڀير ٿي ويو، هن جي منهن جا
گهنج گهاٽا ٿي ويا، هن هوريان چيو: ”هي هوائون، هي
ڪرنافليءَ جا ماٺا ڪپر، مون ساڻ ڪوڙ نه ٿا ڳالهائي
سگهن، اڌ صديءَ کان مٿي منهنجي هنن سان ڏيٺ ويٺ
آهي. هي ماڻهو ناهن جو ڪوڙ ڳالهائين!“
مون کي هن جي ڳالهه تي ويساهه اچي ويو ته هو فطرت
جي ڪڇ ۾ رهندڙ قدرت جو پٽ آهي. مون سوچيو: ”ڪاش
ايئرڪنڊيشنڊ اوطاقن ۾ ويٺل اسان جي سياستدانن
منجهه ايتري ساڃاهه پيدا ٿي وڃي، جو هو سياسي
فضائن مان، اکين جو نور ۽ دل جو درد وڌائيندڙ
تبصرو حاصل ڪري سگهن.
قدرت پاران آيل قهر جو قدرت ازالو به ڪري ٿي، ٻوڏن
سان ڪچو به ته ٻڏي ٿو ۽ پوءِ فصل به جام ٿين ٿا،
پر هاڻ گنگا ماتا تي ”فرخ ڊيمِ“ ٺاهي، ويري اسان
جو پاڻي بند ڪرڻ چاهين ٿا، پر اسان ائين ڪرڻ نه
ڏينداسين. گنگا ماءُ کي قيد ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان
کي قدرتي طوفان نٿا ماري سگهن، اسان کي…
گهر اوڏو اچي ويو هو، چوڏهين جو چنڊ ڪنڌ مٿي کڻي،
چاٽگام جي ٽڪرين ۾ سج کي لڪندي ڏسي رهيو هو.
برکا ديڳڙيءَ ۾ ڏوئي هلائي رهي هئي، سندس ٻئي ٻار،
جهوپڙيءَ مان نڪري اکيون مهٽي رهيا آهن، هوءَ
ديڳڙي لاهي پٽ تي رکي ٿي، پنهنجون ٻئي ٻانهون
کولي، پيار مان ٻارن کي سڏي ٿي، ٻئي اچي ماءُ جي
ڇاتيءَ ۾ لڪن ٿا.
پاتڻي خوشيءَ وچان گدگد پيو ٿئي. ”هي برکا جي
شاديءَ جي ڏهن سالن کان پوءِ ڄاوا آهن، اسان ننڍڙي
ٻار جي آواز لاءِ سڪي پيا هئاسين، ايستائين جو
برکا پنهنجي گهر واري کي چيو ته ”تون هاڻي ٻي شادي
ڪر!“ پر هو شريف ماڻهو آهي، الله تي رکيائين. پوءِ
رب پاڪ مهرباني ڪئي ۽ اسان کي سانوڻ ۽ جهرنا، ٻئي
هڪ ئي وقت ڏنائين. هاڻ اسان ڏاڍا خوش آهيون، پر هي
ڏاڍا شيطان آهن، هڪ ڏينهن پراڙ کان مسافر کڻي پتڻ
تي پهتس ته ڏسان ته ٻئي پتڻ وٽ ڇٻر تي پيا راند
ڪن، مون کين چيو: ”اڙي شيطانو! اوهين هتي ڪيئن
پهتا.“ چيائون: ”امان ماريو آهي، اوهان هلي امان
کي مار ڏيو!“ برکا ۽ پاتڻي ٻئي کلڻ لڳا، ٻار چٻرا
پيا ڏين، نانو به کين چيڙائي پيو.
برکا ٻارن کي ٿالهيءَ ۾ ڀت مٿان مڇي رکي ٿي ڏئي،
ٻئي کائن پيا ۽ ڀَتُ هيٺ ڪيرائن پيا.
ناريل جي تيل ۾ تريل مڇي، ڀت سان کائڻ ۾ ڏاڍي
سوادي آهي. اسان کائي ڍؤ ڪري اٿون ٿا، برکا وڌيڪ
ڪنهن گهرج لاءِ پڇي ٿي، برکا بارن کي پنهنجي هٿ
سان کارائڻ پئي چاهي پر ٻار سندن هٿن سان کائڻ ٿا
گهرن، ننڍڙو سانوڻ ڀت هاڻا هٿ ننڍڙي جهرنا جي ڪپڙن
سان اُگهي ٿو، جهرنا روئي ٿي، برکا منع ٿي ڪري پر
سانوڻ شيطان ٿو ڏسجي، ڀيڻ کي روئاري دنگ ٿو ڪري،
ماءُ کين هٿ ڌوئاري پرچائي ٿي. ٻئي، ماءُ جا وار
پٽي رهيا آهن.
برکا لالٽين ٻاري، لاٽ جهيڻي ڪري، اوطاق واري
جهوپڙيءَ ۾ رکي چوي ٿي: ”بابا سمهڻ مهل لالٽين
وسائي ڇڏجو.“
پاتڻي برکا جي ان ڳالهه تي ڪجهه ڦڪائي محسوس ڪئي،
انڪري وضاحت ڪندي چيائين: ”گاسليٽ مهانگو ٿي ويو
آهي.“
”پر چوڏهين جي رات ۾ لالٽين جي ڪابه گهرج ڪانهي.“
مون وراڻيو.
چنڊ هاڻي آڪاس جي نيري ڍنڍ ۾ ترندي بنگال جي کيٽن
۽ ڍورن جو نظارو ڪري رهيو هو. ڪرنافليءَ جون لهرون
چانڊوڪيءَ ۾ اکٻوٽ راند رهي رهيون هيون. اونچ نيچ
راند ڪندي ڪن لهرن چاٽگامي ٽڪرين تي چڙهڻ لاءِ ٽپ
ڏيندي شڙاپ شڙاپ جا آواز ٿي ڪڍيا، سال بني جي جهنگ
جي پريان نيزن جي وڻن هيٺان ڪرن ۽ فول هڪ ٻئي جي
چپن تي چپ رکي محبت جا جام پِي رهيا هئا.
مون سوچيو: محبت امر آهي! ڌرتي جيان.
محبت سوچڻ سيکاري ٿي، عقل ڏئي ٿي ۽ ڏاهپ سان
سينگاري ٿي.
پاتڻي رات جي ٿڌ ۽ ماڪ پوڻ جو ذڪر ڪندي کٽون اندر
ڪري ٿو. اوطاق جي جاري ۾ لالٽين ماٺ ميٺ ۾ اوندهه
جو مقابلو پئي ڪيو، ٻاهر ڌرتيءَ تي وکريل چانڊاڻ
ڪنهن ويڄ جيان ڌرتي جي سيني جي ڦٽن تي ٿڌاڻ جا پها
رکڻ جي ناڪام ڪوشش پئي ڪري.
ڳوٺاڻا جيئي سونار ديش چئي اچي ويٺا، سڀني جا منهن
لالٽين جي نالي ماتر روشنيءَ ۾ ٻهڪي رهيا آهن،
سگهارا هٿ هٿن سان ملن ٿا، ڀاڪر اتحاد جو سبق ڏين
ٿا.
پاتڻي قهوو کڻي آيو.
سڀ قهوو پيئن ٿا، ٻاهر لَٺِ جي ٽيڪ تي ڪو اچي پيو.
ڪنهن چيو: ”الاءِ ڪير پيو اچي؟“ برکا چيو: ”امان
ميگهي کان سواءِ رات جو ڪير ٿو اچي سگهي؟ شايد
مهمان جي اچڻ جي خبر ٻڌي اٿس.“
برکا جي سهاري ۽ لٺ جي ٽيڪ تي امان ميگهي اندر اچي
ٿي، سڀ اٿي بيهن ٿا. ”پٽ ويهو! ويهو! مهمان ڪهڙو
آهي؟“
امان ميگهي نڪ تي عينڪ ٺيڪ ڪندي پڇيو، آءٌ اڳتي
وڌي ويس، هٿ ڏنم، هن مون کي نرڙ تي چمي ڏني…
مون ڪتابن ۾ ٻن انقلابي عورتن، امان ميگهي ۽
بنيادي بابت پڙهيو هو، بنيادي چاٽ گام جي انقلابي
ماسٽر دا جي سياسي شاگرد هئي، هن گورنر جنرل تي
تڏهن پسٽل سان فائر ڪيو هو، جڏهن هو ڍاڪا
يونيورسٽيءَ جي ڪانوڪيشن ۾ آيو هو. پوءِ هو گرفتار
ٿي وئي. کيس وڏي ڪوشسن کان پوءِ ٽيگور آزاد ڪرايو
هو. ڳوٺاڻي امان ميگهي جا پنهنجي جوانيءَ ۾ بنگال
جي هڪ وڏي لوڪ ڳائڻي هئي، آزاديءَ جي هلچل هلندي
کيس هڪ ڀيرو چاٽگام جي ڇانوڻيءَ ۾ زوري راڳ ڳائڻ
لاءِ وٺي ويا، هن وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ هن
اُتي پهچي راڳ ٻڌائڻ بدران خنجر هڻي هڪ انگريز
ميجر کي قتل ڪري ڇڏيو، کيس عمر قيد جي سزا ملي.
پوءِ گوري جي راڄ وڃڻ بعد نيٺ کيس آزاد ڪيو ويو…
اسان ته ڪاليج ۾ جڏهن به سياسي جلسا ڪندا هئاسون
تڏهن امان ميگهيءَ جو حوالو ضرور ڏيندا هئاسون.
مون خوشيءَ ۾ چيو: ”امان اوهان ايڏي بهادري ڪيئن
ڪئي؟“
”پٽ هڪ ڏينهن ڪرن شاهيءَ ۾ وڏو سياسي جلسو ٿيو، تو
جهڙا پٽ آيا هئا، تن، سڀني ماڻهن کان هٿ کڻائي قسم
ورتو ته اوهان جو تن من ۽ ڌن سڀ ڌرتيءَ لاءِ آهي.
مون کين چيو ته آءٌ هڪ غريب ڳائڻي آهيان، مون تي
به ڪو ڪم رکو، هنن چيو ته تنهنجو فن تنهنجي وطن
واسين جي امانت آهه. پوءِ مون خيانت ٿيڻ نه ڏني…
مون ته وطن لاءِ شهيد ٿيڻ لاءِ سوچيو هو… پر خدا
کي اهو منظور نه هو…“
امان ميگهي کي ڏکارو ٿيندي ڏسي سڀ گنڀير ٿي ويا.
”انقلابي جو حملو دل جي هٿيار سان ٿيندو آهي“،
بنيادي رمناڪورس جي ميدان ۾ بنگلا بُنڌو سان گڏ
بيٺي چئي رهي هئي…………! دريءَ کان ٻاهر چنڊ ديال جي
شاهي وڻ جي لام تي کاڏي رکي ڪجهه سوچي رهيو هو،
چنڊ ۾ ويٺل پوڙهي سُٽ ڪتي رهي هئي، بنگال جي ڌرتي
مارشل لا ۾ ماٺ هئي… ڏور ڪرنافلي جا ڪنارا، ايندڙ
لهرن کي ڀاڪرن ۾ ٻکي سيسراٽ ڀري رهيا هئا.
پاتڻي ماٺ کي ختم ڪندي، ڳوٺاڻن جي سڃاڻپ ڪرائي ۽
چيو ته هي سڀ منهنجا دوست آهن پر منهنجو وڏو دوست
منهنجي ٻيڙي آهي. هن هٿن جا ڏنا ڏيکاريندي چيو مون
هن سان پڪو ساٿ نباهيو آهي، دوستي هئڻ به پڪي
گهرجي…
هيڪر وري سانت ڇانئجي وئي، مون ڀانيو اسان ڪنهن
عبادت خاني ۾ ويٺا هجون، اسان جو خلقڻهار، اسان جي
سامهون هجي… خلقڻهار جيڪو پاتڻي جهڙو اورچ ۽ اڻٿڪ
آهي…
آءٌ ٽٻيءَ ۾ اچي ويس: ”ڌرتي ڪيڏا ڏک ڏٺا آهن… ڌرتي
واسين سک ۽ امن جي گهڙين کي آڻڻ لاءِ ڪيڏو ته
پتوڙيو آهي…“
ڍاڪا جي بازارن ۾ انگريزن جا لامارا آهن… انگريز
ڍاڪا جي ململ پيا ڏسن…
اچرج وچان انگريزن جون اکيون ڦوٽارجي وڃن ٿيون…
”ناممڪن! ايڏو نفيس ڪپڙو، هي ڪارڙا، هٿن سان
ٺاهين!؟“ انگريز کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪير به اهڙي
نفيس شيءِ نٿو ٺاهي سگهي، واري هام جو ڀرم ٽٽي پوي
ٿو… ان جي جڳهه تي حسد ۽ ساڙ… نفرت ۽ وير جي
ڪاريهرن ڪَر کنيو.
مير جعفر انگريزن سان گڏ آهي.
ململ جي ڪاريگرن جا هٿ ترارن سان، ڪراين کان ڪپيا
ويا… پورهيت ڦٿڪن پيا… هاري ڳوٺ ڇڏي ڀڄن پيا…
1757ع ۾ سراج الدولہ قومي بقا جي جنگ وڙهي پيو…
مير جعفر، ڪلائيو سان گڏجي ساٿ پيو سٽي…
سراج الدولہ نعرو هنيو… ”بنگال، بنگالين جو آهي.“
”جيئي سونار ديش!“
جيئڻ جي جنگ جاري آهي…
1857ع ميرٺ مان ڪارا نڪتا، آزاديءَ جو اعلان ٿيو،
انگريز وائڙو ٿي ويو… جنرل بخت خان دهليءَ ۾ آهي…
بهادر شاهه ظفر يڪ ٽڪ ڏسي پيو…
مغل شهزادا آفيم کائي سُتا پيا آهن…
بخت خان کين ڌونڌاڙي ٿو… آفيم جي پنڪين ۾ ورتل
شهزادا پٺ ورائي ٻيهر سمهي رهن ٿا…
مجنون ميان بنگال جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو…
ڪلڪتو بند آهي… ڍاڪا جا رستا رت سان رڱيل آهن…
کلنا جي بازار کي باهه… ڪاڪس بازار ۾ قتلام…
بنگال نار رت هاڻو آهي…
آزادي ايندي! ايندي رهجي وئي…
انگريز بحث پيا ڪن: ”اسان کي ننڍي کنڊ ۾ هزارين
مير جعفر کپن، هر قوم ۽ هر ٻولي ڳالهائڻ وارن مان…
تڏهن اسان هتي راڄ ڪري سگهنداسين، مير جعفر ڳولجن
پيا…
انگريز وائڙو ٿي وڃي ٿو… ايترا سارا مير جعفر…!!
هي ڪٿي هئا؟ ايترا ڏينهن اسان جي نظرن کان ڪيئن
لڪل هئا؟
انگريزن مير جعفرن جون لسٽون ٺاهيون… پهرئين
جوڙجا… ٻئي جوڙجا… ٽئين جوڙجا…
سمورا مير جعفر قطار ڪري بيٺا آهن…
انگريز مٿن ٺپا پيو هڻي… مير جعفر جي ڪوٽن ۽
شيروانين تي انگريزن جا ٺپا، سر، راءِ بهادر، خان
صاحب، وارا لڙڪن پيا، مير جعفر انهن ٻلن کي اکين
تي لڳائي چُمن ٿا.
1885ع… انگريز ڪانگريس پيو ٺاهي.
1906ع… انگريز مسلم ليگ پيو ٺاهي.
ورهاڱو ٿي ويو… انگريز سياست جي شطرنج تي خطرناڪ
داءُ هڻي ويو…
1947ع پاڪستان زندهه باد!
1948ع بينگالي ٻولي هڪ افواهه آهي.“
”حڪمرانو پنهنجا لفظ واپس وٺو! نعرا، ڍاڪا ريسٽ
هائوس جو گهيراءُ، قائداعظم محمد علي جناح، ريسٽ
هائوس ۾ ڏاڍو پريشان پيو ٿئي… بنگلا ٻولي! قومي
ٻولي! جا نعرا پڙا ڏجن پيا.
1954ع ”بنگالي ٻوليءَ کي نوٽ تي آڻيو.“
حڪمران ڇتا ٿي پون ٿا… ”بنگلا ٻولي نوٽ تي ڪونه
ايندي!“
”بنگال گونگو ڪونهي، هن کي پنهنجي ٻولي آهه“… سڄو
بنگال رڙي پيو…
بنگال ۾ رهندي، بنگلا ٻولي!
حق ٻوليءَ جو جي نه ملندو، پوءِ… نعرا…
بنگلا ٻوليءَ جي بقاء لاءِ نڪري اچو! جنهن ملڪ ۾
بنگلا ٻوليءَ کي عزت نه هوندي، ان ملڪ ۾ بنگالين
کي ڪهڙي عزت ملندي؟
ٻوليءَ جو حق گهرڻ تي ڍاڪا ۾ گوليون هليون، ڇهه سؤ
ڇاتيون ڇاڻيون ڪري، ڄڀون بند ڪيون ويون. پر آواز
دفن نه ٿي سگهيو!
”اسان هن ملڪ ۾ اسلام جي جذبي هيٺ شامل ٿيا
هئاسون… هنديءَ جي عشق هيٺ ڪونه! بنگلا بُنڌو
تقرير پيو ڪري…
اوچتو پاتڻي جي ڳالهائڻ سان خيال جو سلسلو ٽُٽي
ٿو. مون پاتڻيءَ ڏانهن نهاريو، هو چئي رهيو هو،
”تون ته شاگرد رهيو آهين ۽ توکي پنجن سالن لاءِ
يونيورسٽيءَ مان خارج ڪيو ويو…“
هي سڀ قربانيون… اسان ڇو ٿا ڏيون…
انڪري ته پنهنجا به اسان سان ساڳي ڪار ڪن؟
هي ته گورن کان به وڌيڪ ظالم آهن…!
اسان جيڪا جاکوڙ ڪريون ٿا… جيڪو ظلم سهون ٿا… ان
ڪري ته انصاف ملي… حق ملن… آزادي اچي…
پاتڻيءَ جون اکيون هيري جي ڪڻين جيان چمڪڻ لڳيون…
جڏهن به ڌرتيءَ کي قرباني جي ضرورت پئي، اسان
پنهنجا جگر ڪڍي ڏنا… جيئن ڌرتي بچي وڃي…
پر ايڏي محنت کان پوءِ به… فصل تيار ٿيڻ کان اڳ…
ماڪڙ اچيو لهي… طوفان اچيو ڪڙڪن… ٻوڏون اچيو برباد
ڪن… ۽ آزاديءَ جا ساوا سلا ۽ ڳاڙها ڳڀ سُڪيو سڙيو
وڃن… انگريزن جو روحاني اولاد اسان تي حڪومت پيو
ڪري.
”اسان آزادي هنن لاءِ ڪونه ورتي هئي… اسان وٽ سچي
آزادي ڇونه آئي؟ ان ڪري جو اسان جا حاڪم اڃا تائين
ڌارين جا روحاني طرح غلام آهن، ۽ غلام ذهن آزاد
دنيا تخليق نه ٿو ڪري سگهي. غلام حڪمرانن جا سماج
به غلام هوندا آهن. ثقافتي طرح ۽ اقتصادي طرح ۽
سياسي طرح… اسان ڪٿي آزاد ٿيا آهيون؟“ هو جوش ۾
اچي ڳالهائيندو ويو…
”پر سال پراڙ جي نواب منهنجو ٻيڙيءَ جو اجازت نامو
(لائسنس) رڳو ان ڪري رد ڪرايو جو مون سندس انگريز
دوستن کي سندر بن ٻيلي ڏانهن وٺي وڃڻ کان انڪار
ڪيو هو… بنگال هاڻ انگريزن جي شڪار گاهه ڪونهي، اڄ
به اهي نواب! اهي حڪمران چاهين ٿا ته بنگال جي
شينهن جون کلون، انگريزن جي بنگلن ۾ سينگارجي
سامان جي صورت ۾ ٽنگيل هجن، پر اسان پنهنجا شينهن
هاڻ ڪونه مارائينداسين، مون نواب کي چيو ته،
سندربن ۾ بنگال جي ٽائيگرن جا جيئرا ۽ سونهرا جسم
اسان جي ٻيلي جي سونهن آهن… اوهان اها سونهن،
پنهنجي ڌرتي جو حُسن ختم ڪرڻ ٿا گهرو؟ ان سچي
ڳالهه تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ منهنجو پتڻ جو اجازت
نامو رد ڪرائي ڇڏيائين.
پوءِ هي منهنجا دوست! منهنجا ڳوٺ واسي نڪري پيا!
وڃي ڪمشنر جو گهيراءُ ڪيائون… ۽ پوءِ گهر ويٺي
منهنجو اجازت نامو بحال ٿي ويو… پٽ اها آهي ٻڌيءَ
جي طاقت، ڪيوليون به ٻڌي ڪن ته بگهڙ جي کل لاهي
سگهن ٿيون.“
”هاڻي مهمان کان ڪجهه ٻڌجي.“ امان ميگهي پاتڻيءَ
جي ڳالهه ڪٽيندي چيو: ”پٽ پاڻ ۾ اتحاد به ٿيندو يا
ائين ئي هيڪلا هيڪلا ٿيو پيا مارجنداسين.“
”قومي اتحاد، سدائين هم مفاد تنظيمن ۽ گروپن وسيلي
جڙندو آهي، متضاد مفاد رکندڙن جو اتحاد، قومي نٿو
ٿي سگهي، جيئن چور ۽ ڀاڳئي جو اتحاد ممڪن ڪونهي،
جيئن بگهڙ ۽ ٻڪريءَ جي اتحاد جو نتيجو ”ٻڪري، بگهڙ
جي پيٽ ۾.“
”ٻي ڳالهه ته اسان وٽ جيڪي اڳواڻ آهن سي ٺلها نالا
آهن… کين پنهنجي قد وڌائڻ کان سواءِ ٻي ڪابه
دلچسپي ڪانهي… ان ڪري هر جڙندڙ اتحاد ۽ اهي اڳواڻ
قد وڌائڻ تان وڙهندا آهن ۽ مقصد کي پوئتي اڇلي
ڇڏيندا آهن…“ مون سمجهاڻي گاڏڙ وراڻي ڏني.
”ان جو ڳالهه جو مطلب ته اتحاد ڪونه ٿي سگهندو؟“
امان ميگهي ڏکاري ٿيندي چيو:
”نه، نه اها ڳالهه ڪانهي، نوان آڳڙيا ايندا، جي
نئون رُڪ جوڙيندا. اهو رُڪ سج وانگر چمڪندو ۽
جرڪندو. ان کي ڪڏهن به ڪٽ نه لڳندو…“ مون امان
ميگهيءَ جي سوال جو جواب ڏنو.
”سچ ٿو چئين پٽ! ڪنهن قوم جي نوجوانن جي قيادت ۽
انهن جو هڪ سگهارو فيصلو ۽ پختو قدم، ان قوم جي
تقدير بڻجي ويندو آهي.“ سڀني جا چهرا ٻهڪي رهيا
هئا، جيئن پرهه ويل سچ جي ڪرڻن سان چاٽگام جون
ٽڪريون جرڪنديون آهن…
پاتڻي چيو: ”هر دور ۾ سراج الدولہ پيدا ٿيندا
رهندا ۽ هر دؤر ۾ مير جعفر به ڄمندا، اهو سلسلو
ايستائين هلندو، جيستائين سراج الدولہ جا ساٿي،
مير جعفر کي سندس ٽولي سوڌو ناس ڪن.“
پاتڻي تقرير واري نموني ۾ ڳالهائيندي چيو: ”اهو
زمانو اچي رهيو آهي، جڏهن ڌرتي هر قسم جي ڏاڍ کان
آجي ٿي ويندي، انهيءَ زماني ۾ پورهيو ڪندڙ مان
وارو هوندو، جيڪو پورهيو نه ڪندو، تنهن کان ماڻهو
ائين نفرت ڪندا، جيئن آڳاٽي زماني ۾ ڪوڙهين کان
نفرت ڪندا هئا، هيءَ ڌرتي انهن ماڻهن جي آهي، جن
پورهيو ڪري هن کي ٺاهيو ۽ سنواريو.“ امان ميگهي
پاتڻي کي ياد ڏياريندي چيو ته اها ڳالهه ته
نظرالاسلام هتي ڪئي هئي. جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ آيو
هو، تڏهن هن ٻيڙيءَ جو سير ڪندي هڪ گيت چيو هو،
مون کي اهو گيت ياد آهي، امان ميگهي… گيت جهونگارڻ
لڳي:
”ڌرتي ته امڙ آهي
ماڻهو سڀ هڪ برابر آهن
سڀني جا حق هڪ جيترا آهن
ڀلي پاتڻي هجي يا نواب
ڪونه هيڻي کي هاڻي ڦري
ڪونه مسڪين تي ظلم ڪري
جل ته جيون آ
ڌرتي امڙ آ
ماڻهو…
ٻئي جهونگاري رهيا هئا… مون کي هو ٻئي مقدس ويدن ۽
پراڻن جهڙا سچا ۽ امر لڳي رهيا هئا.
”رات کٽي ويندي پر… ڌرتي جي ڏُکن جون ڳالهيون نه
کٽنديون، ان ڪري هاڻ مهمان کي آرام به ڪرڻ ڏيو.
کيس پري به وڃڻو آهي.“ اهو چئي برکا موڪلائي اُٿڻ
لڳي، پوءِ سڀئي موڪلائي روانا ٿيا.
رات ڏاڍي سٺي ننڊ آئي، ڪير مون کي خواب ۾ چئي رهيو
هو: ”پٽ تون اڃا تائين سُتو پيو آهين، آءٌ چار
ٻيڙا پار اُڪاري آيو آهيان“، ”پٽ اُٿي نيرن ڪر…“
اک پٽيم ته پاتڻي نيرن کڻي بيٺو هو…
چانورن جي مٺي ماني قهوي ساڻ مزو ڏنو…
برکا جهڪي سلام ڪيو، مون کيس مٿي تي هٿ رکي
موڪلايو، ننڍڙو سانوڻ ۽ جهرنا اڃا ننڊ ۾ هئا…
پاتڻي پتڻ تي اچي موڪلائيندي، بسرام پور جو گس
ٻڌايو، جتان ڍاڪا لاءِ ٽيڪسيون ملنديون آهن…
پاتڻي ڀاڪر پائي، وڏيءَ اڪير سان موڪلائي وري اچڻ
جو واعدو ورتو.
چاٽگام جي جبلن مٿان ڳاڙهو سج نسري، ڌرتيءَ کي
اوندهه کان آجو ٿيڻ جي واڌائي ڏئي رهيو هو.
(2)
سَڌُون ۽ ساک
سڀ وڏي رستي تي، انتظار ۾ ائين بيٺا هئا، ڄڻ هو
صدين کان ائين رستن مان ڦُٽي نڪتا هجن، اڃا گاڏيون
ڪين پهتيون هيون، جنهن ۾ کين شهر رسڻو هو.
ٻار کِل کِل ڪري خوش ٿي رهيا هئا ۽ زالن رکي رکي
ٿي هڪ ٻئي جي ڪنن ۾ ٿي ڦسڪيو ۽ جوان هڪٻئي جي هٿن
کي مضبوطيءَ سان جهلي پينگهون ڏئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي
رهيا هئا، سڀني جا منهن خوشيءَ مان ٻهڪي رهيا هئا.
انهن ۾ لڌو ڪوري به پنهنجن چوڏهن ٻارن کي هڪ ٻئي
جي هٿن سان مضبوطيءَ سان جهلائي، کين جائتو ڪري
بيٺو هو، جيڪي کانئس ڀڳا ٿي ويا.
سڀني جون نظرون شهر واري رستي ۾ کُتل هيون. جتان
کيس شهر نيئڻ وارين گاڏين کي اچڻو هو. ڪالهه هڪ
وڏي اٽالي سان نيرن، پيلن ۽ ساون جهنڊين ۽ بينرن
سان سينگاريل گاڏيون انهيءَ ڪچي آباديءَ ۾ پهتيون
هيون، جنهن کي غريب آباد جي نالي سان ڄاتو ويندو
آهي. اتي اچي انهن گاڏين وارن لائوڊ لڳائي تقريرون
ڪيون جنهن کي ٻڌڻ لاءِ غريب آباد اچي مڙيو هو. هنن
وڏين گاڏين وارن چيو ته:
”اوهان اسان کي ووٽ ڏيو، اسان اوهان کي زندگيءَ جا
سمورا سُک ڏينداسين، اسان جي حڪومت اچڻ سان اوهان
جا درد ختم ٿي ويندا، هتي اوهان کي بجلي ملندي،
اسڪول ٺهي ملندا ۽ مفت علاج لاءِ اسپتالون ملنديون
۽ پڪا رستا ٺهي ملندا ۽ اسان جي سوڀ ٿيڻ سان ملڪ ۾
سهانگائي اچي ويندي.“
هنن جون تقريرون ٻڌندي، پوڙهين پنهنجن مٿن تي ڦاٽل
۽ ميرا روا سنوان ڪيا، ڪنوارين جا روا سندن مٿن
تان سِرڪي ڪلهن تي ڪري پيا، پوڙهن جي پٽڪن جا
پراڻا ۽ ميرانجهڙا طُرا مٿي ٿي ويا ۽ جوانن جا
شهپر سندن پُسيءَ رڱي چپن مٿان جهنگلي پوپٽن جيان
ڦڙڪڻ لڳا، اڌ اگهاڙا ٻار جيڪي ذر ساعت اڳ گوڙ ڪري
رهيا هئا سي هاڻ ماٺ هئا، ڄڻ سڀ ڪجهه سمجهندا هجن.
هنن تقريرون ڪري پوريون ڪيون ته ڪيترن ۽ پوڙهن ۽
پوڙهين جا ڳل آلا هئا ۽ جوانن ۽ ڪنوارن جون اکيون
مُڪيش مڙهيل چولن جيان جرڪي رهيون هيون ۽ ٻار
تاڙيون وڄائيندي بس ئي نه پيا ڪن.
تقرير ٻڌندي پوڙهي ڦاپان پنهنجي ڀر ۾ واقع شهر جي
بنگلن ۾ ٿانءُ ٻهاري ڪندڙ مائي سينت کي چيو:
”جي پر سال هتي اسپتال هجي ها آ ته منهنجي نُنهن
ويم جي سورن ۾ ٻار سوڌو نه مري وڃي ها.“
سِڻي جي مل ۾ ٻورين جا سيبا ڪندڙ ڦڪي منهن واري
مريم ٻهڪندي پنهنجي نٻل ڪاري پٽ کي سيني لائيندي
چيو ته: ”هاڻ هتي اسڪول ٺهندو ۽ منهنجو پٽ پڙهي
وڏو آفيسر ٿيندو.“
ڀرت ڀرڻ ۽ رليون ٺاهڻ وارين گندي نالي مٿان رهندڙ
بيواهن ۽ سندن ڌيئرن چيو ته: ”بجلي اچي وئي ته
اسان سياري جي ڊگهين راتين ۾ وڌيڪ ڀرت ڀرينديون
سين ۽ رليون ٺاهڻ جو ڪم وڌيڪ ڪنديونسين.“
آخر ۾ گاڏين ۾ آيل ماڻهن منجهان هڪ ٿلهي ماڻهو
لائوڊ تي اپيل ڪئي ته: ”سڀاڻي شام جو شهر جي وڏي
چؤڪ تي وڏي سائين جو جلسو آهي جتي اوهان سڀني کي
ماني کارائبي ۽ سؤ سؤ رپيا پڻ خرچي هرهڪ کي ملندي
۽ اوهان کي هتان گاڏيون کڻڻ ۽ رسائڻ اينديون.
سڀني ماڻهن وڏي واڪ چيو ته: ”اسان وڏي سائين کي
ٻڌڻ ضرور اينداسين.“
هنن جي وڃڻ کان پوءِ لڌو ڪوري تڪڙو تڪڙو پنهنجي
گهر ڏانهن ويو ۽ گهر ۾ گهڙندي ئي جوڻس کي چيائين:
”بختاور! آءٌ ٻارن کي سڀاڻي شهر وٺي ويندس، اتي
وڏي سائينءَ جو جلسو آهي جتي سڀني کي ماني ملندي ۽
سؤ ٻه سؤ رپيا خرچي پڻ ملندي.“
لڌي واري زال ڳالهه نه سمجهندي هڪدم چيو: ”ڪٿي آهن
چوڏهن سؤ رپيا مون کي ڏي ته ٻارن لاءِ اٽو وٺان!
لڌي وراڻيو ته: ”بختاور ڏوڪڙ ته شهر وڃڻ کان پوءِ
اتي ورهايا ويندا ۽ تون چاق نٿي رهين ته انهيءَ
بهاني توکي شهر به گهمايان ها.“
لڌي جي زال ڪڪ ٿيندي چيو ”چڱو چڱو! خيال سان ٻارن
کي وٺي وڃجانءِ، پرئينءَ اوهان کي آءٌ ٻن ويلن جي
اٽي مان پيٽ ڀري مانيون کارائيندس.“
لڌو ڪوري ننڍپڻ ۾ تڏهن پنهنجي ڳوٺ کان لڏيو جڏهن
ٻوڏ ۽ مينهن ڪارڻ بک ۽ ڏُڪر سندس ملڪ ۾ منهن اچي
ڪڍيو ۽ انهي ڪارڻ ڪارو ڏڪر پيو، سندس پيءُ کي نانگ
ڪَکي وڌو، ۽ پوءِ گهر ۾ ويلا پوڻ لڳا، ايستائين جو
منهن تي ڪانگ به لنوڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪُوا به راتو رات
ڳوٺ مان لڏي ويا.
جڏهن لڌي، گهر ۾ بکن کي ڊوڙون پائيندي ۽ واڪا ڪندي
ڏٺو، تڏهن هن پنهنجي اَڀرئي گڏهه تي رليون ۽
ڌڙڪيون رکيون ۽ ڏٻرا وهٽ ڪاهيندو پنهنجي پوڙهي
ماءُ ۽ ڀينرن ساڻ پراڙ واري شهر وڃي نڪتا، اتي شهر
کان ٻاهر هڪ هيٺاهين پٽ تي، جتي هڪ وڏي کڏ ۾ سڄي
شهر جو گندو پاڻي اچي نيڪاس ڪندو هو، اُتي تڏا هڻي
رهي پيا، اتي لڌي جهڙا ٻيا ڪيترا ڏتڙيل ۽ ٻوڏ سٽيل
پڻ اڳي ئي جهوپيون ٺاهيو رهندا هئا. اها آبادي
پوءِ غريب آباد جي نالي سان مشهور ٿي وئي، سڀني
وڏن شهرن جي پيرن ۾ اهڙا ڪيترائي غريب هوندا آهن،
لڌي جي ملڪ مان پاڻي ۽ ڏڪر ڪين ويو ۽ لڌو پوءِ شهر
۾ ئي رهي پيو منڍ منڍ ۾ هو شهر ۾ ڇُڙڪ مزوري ڪري
وقت گذارڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن پڄاڻان هن جو ۽ هن جي
ڀينرن جا وهانءَ اتي ئي رهندڙ پاڻ جهڙن پورهيتن جي
گهرن ۾ ٿي پيا. لڌي جو سهري لاڙ مان تڏهن لڏيو هو،
جڏهن وڏيري ٻه ٽريڪٽر ورتا جن کي اوپرا ماڻهو
هلائيندا هئا، پوءِ لڌي جي سهري ۽ ان جهڙا ٻيا
هاري ڪنهن ڪاڄ جا نه رهيا ۽ چاليهه جوڙن وارن مان
اٺٽيهه جوڙن وارا ڀرپاسي ڏانهن لڏي ويا ۽ لڌي جو
سهرو انهيءَ غريب آباد ۾ اچي رهيو. لڌو ۽ سندس
سهرو ڇُڙڪ مزوري ڇڏي هڪ مل ۾ مزوري ڪرڻ لڳا ۽ ڏاڍا
خوش رهندا هئا.
شادي ٿيڻ بعد لڌو ڏاڍو خوش رهندو هو، هڪ ڏينهن
نيرن ڪندي لڌي زال کي چيو: بختاور! پنهنجي وهانءَ
کان اڳ هڪ جوڳي مون کان پنج رپيا وٺي، ڍارو هڻي
مون کي ٻڌايو هو ته تنهنجو جلد ڀاڳ کُلڻ وارو آهي،
هڪ لڪل خزانو به ملندئي ۽ سچ پچ منهنجو ڀاڳ کليو،
جو توسان شادي ٿي آهي ۽ ٻي ڳالهه به ضرور پوري
ٿيندي.“
بختاور ڪاٺين جي باهه جي اُهاءَ ۾ مينهن وساڙي
جيان ڳاڙهي ٿي وئي.
پوءِ لڌي کي لڪل خزانو ته ڪونه مليو پر هر سال هڪ
ٻار جو واڌارو ايندو ويو تان جو لڌي کي چوڏهن ٻار
ٿي ويا، پر قدرت وري اها ته چوڏهن جا چوڏهن ٻار هڪ
لفظ کان سواءِ ٻيو لفظ ڪڇندا ئي ڪين هئا ۽ ماڻهو
ڏک ڪندا هئا ته لڌي ويچاري جا هڙئي ٻار گونگا آهن.
جيئن ته لڌي جا ٻار گونگا هئا، انهي ڪري منجهانئن
ماڻهن ۽ ملڪ کي ڪوبه خطرو ڪونه هو.
لڌي جا اڌ اگهاڙا، سنهڙا ۽ مرگهيل ٻار سڄو ڏينهن
گهٽين ۾ ڪچرن جي ڍڳن کي ڦهلوريندا ۽ ماٺ ڪيو غريب
آباد ۾ پيا گهمندا هئا ۽ لڌي واري زال انهن لاءِ
سڄو ڏينهن ماني پئي پچائيندي هئي جيڪا ڪڏهن به کين
پوري نه پوندي هئي.
هاڻ لڌي واري زال به رنگ روپ وڃائي هيڊ جيان پيلي
۽ سڪي ڦانگون ٿي وئي ۽ شادي جي شروعات واري بختاور
جيڪا ماکي جهڙي مٺي ۽ آسمان جيان خاموش رهندي هئي
سا هاڻ ڦري چهڙون ڏيندڙ، ڪرڪر ۽ گهپي ڪندڙ عورت ٿي
وئي هئي، لڌو اوور ٽائيم به ڪندو هو تڏهن به پورت
ڪانه ٿيندي هئي ۽ گهر ۾ گهڙندي لڌي جي زال کيس آري
تي ويٺل ڪڪڙ جيان طعنن ۽ مهڻن جي ٺونگن سان وڪوڙي
ويندي هئي. لڌو پنهنجي ٻارن جي گونگائپ ۽ کاڌي جي
اڻپورائپ تي ڏاڍو ڏکارو رهندو هو.
اڄ ٻنپهرن کان ئي سڀئي غريب آباد جا ماڻهو، اچي
وڏي رستي بيٺا هئا، انتظار ڪندي ڪندي ڪي جهونا،
وڻن جي ڇانورن ۾ ويهي رهيا هئا، ڪي جوان ائين تپيل
روڊ تي پلٿي هڻي ويهي رهيا هئا.
ايتري ۾ پريان کان نِيرن پيلن ۽ ساون جهنڊين سان
سينگاريل ٽَرڪَ ۽ ٽرالا ايندي ڏسي، جوانن جي واتن
مان ڪوڪرا نڪري ويا ۽ ٻار خوشي مان تاڙيون وڄائڻ
لڳا. ٽرڪ ويجهيون اچي بيٺا، ساڳئي ڪالهوڪي ٿلهي
ماڻهو داٻا ڏيندي چيو ته: ”جلدي جلدي گاڏين ۾
چڙهو، اسان کي ٻيا ماڻهو به شهر رسائڻا آهن.“
سڀئي ماڻهو تڪڙا تڪڙا وڃي ٽرڪن ۽ ٽرالن ۾ وڃي
چڙهيا، لڌو ڪوري به پنهنجي چوڏهن ٻارن ساڻ وڃي هڪ
ٽرڪ ۾ چڙهي ويٺو، ٿوري دير ۾ سموريون گاڏيون وڏي
شهر جي چوڪ تي اچي بيٺيون، هڪ هڪ ٿي سڀئي ماڻهو
هيٺ لهي پيا، سڄو چؤواٽو ماڻهن سان ڀريل ۽ جهنڊن ۽
بينرن سان سينگاريل هو، لڌو ۽ سندس غريب آباد جا
ماڻهو به اتي بيهي رهيا، ماڻهو گڏ ٿيندا رهيا، ٻن
ڪلاڪن کان پوءِ ساڳيو ٿلهو ۽ ان سان ڪجهه ٻيا
ماڻهو آيا جن اچي کين نيرن، پيلن ۽ ساون رنگن وارا
جهنڊا ۽ جهنڊيون ڏنيون ۽ کين سمجهائڻ لڳو ته جڏهن
آءٌ چوان:
وڏيرو عبدالله!
اوهان چئجو: زنده باد!
وري آءٌ چوان:
سائين عبدالله!
وزيراعليٰ کپي!
وري آءٌ چوان:
ڀوتار عبدالله!
اوهان چئجو: کپي! کپي!
ٿلهي ماڻهو لائوڊ تي جلسي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽
تقريرن جي وچ ۾ نعرا هڻائڻ شروع ڪيا:
وڏيرو عبدالله!
ماڻهن زوردار آواز ۾ وراڻيو: زنده باد!
جيئن ته لڌي جا هڙئي ٻار گونگا هئا ۽ رڳو هڪڙو لفظ
اُچاريندا هئا. ان ڪري لڌي جي سمورن ٻارن اهو هڪ
ئي اکر زور سان ورنايو:
ماني!!!!
پويان ڪن ماڻهن کان ”زندهه باد“ وارو اصلوڪو نعرو
وسري ويو ۽ انهن لڌي جي چوڏهن ٻارن جي يڪي ۽ وڏي
آواز: ”ماني!!!“ جي موٽ ۾ چيو: ”کپي! کپي!“
ٿوري دير ۾ سڄي جلسي تي لڌي ڪوري جي ٻارن جو اهو
آواز: ”ماني!!! ماني!!!“ ڇانئجي ويو ۽ موٽ ۾ ماڻهن
جو نعرو: ”کپي! کپي!… ماني کپي!“
پوءِ ٿلهو ماڻهو، وڏيري عبدالله سوڌو جلسي مان
اوچتو گُم ٿي ويو ۽ فرشتا لٺين سان اچي ڪڙڪيا،
لٺين جي وسڪاري سان ڪيترا ماڻهو ڦٽيا ۽ ڇڙوڇڙ ٿي
شهرن، بازارن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ پکڙجي ويا. ان سان
گڏوگڏ اهو نعرو به هرجاءِ ۽ هر وسنئون ۾ پڙلاءُ
ڪرڻ لڳو:
”کپي! کپي!“
”ماني کپي!“ |