ناسف علي شيراز
بيت
ٻاهر جهڙي ڀت، اندر آهه گهٽجي،
فنا ٿي آ فراق ۾، هيسيل هرڻي هت.
اندر آهون درد جون، ٻاهر جهڙي ڀت،
اهڙي ريت آ جت، تت فنا ٿِجي فراق ۾.
ڪيئن ٿي ريت نڀائي، سنڌ جي سيتا هت،
توڻي چڪي چِت، ته به ٻاهر آهه نه ارپي.
ساڳي ڌرتي، ساڳيا ماڻهو، ساڳيا آهن کيت،
ڇو ٿو جوڙين اهڙا بيت، اونداهيءَ جي اوٽ ۾.
ساڳي رتُ، ساڳي ريت، ساڳيا آهن ميتَ،
هن ڌرتيءَ جا گيتَ، ناسف چونڊيا چاهه مان.
پانڌيئڙا هن پنڌ جا، واٽ نه وسارين،
جيڏانهن نهارين، تيڏانهن رات رڃ جي.
پانڌيئڙن کي پنڌ ۾، جي پاڻي پيارين،
ته پار پهچائين، رڃ جي ريگستان مان.
جاڳي ساريون راتڙيون، لکيم شاعري،
ڇو آهي آئڙي، منهنجي وجود ۾.
لاک جي ساري رات، لکيم ڳاڙهي باک،
منهنجي آهي ساک، شاعريءَ جي منڊ ۾.
رسي ويئي مون کان، شاعريءَ جي ڏات،
ملي مون کي مات، لفظن جي لٻاڙ مان.
انڌيري آڪاس ۾، ڦولاري ڦوليندي،
توکي ڳوليندي، ٿڪ نه لاٿو مون ڪٿي.
اکين ۾ گهمنڊ، ڪارا ڪنواريل وار،
تنهنجا سڀئي آر، سهڻا پيا هن جنم ۾.
سانوڻ ۽ سمنڊ، ٻئي ترسن مند لاءِ،
هڪ مينهڙو وساءِ، ٻيو سنامي پالي پيٽ ۾.
اڃا اجهاڻي ناهي، ٽانڊن جي ٽانڊاڻ،
سهڪي آ سنداڻ، چڻنگن جي چاءُ ۾.
جسم جو اڀريل انگ، لڳو جڏهن ڇاتيءَ سان،
انگ انگ ويو ڪانڊارجي، ڳاڙهو ٿي ويو رنگ.
ڏکيا منهنجا سانگيئڙا، گوندر ۾ گذارين،
سک ٻيا ماڻين، ڏک سدائين ڏوٿين کي.
ڇوليون ڏيندڙ هرڻ اڳيان، رڃ رڳوئي رڃ،
هڪ ڊپ، ٻي اڃ، ٽيون ساهه سڪايو ماريءَ آ.
لهرون لهن چڙهن، سمنڊ جي سير مان،
جڏهن پرت پاڻيءَ سان، تڏهن لهرين ڊپ آ ڪهڙو.
گرميءَ جي اُس ۾، ڇپرَ جي ڇانوَ،
ٺاري ٿي هانوَ، جِياري ٿي جيءَ کي.
هر وقت آ انسان کي، ڳڀي جي ڳولا،
ڦوليندي ڦولا، چڙهي هٿ شڪارين جي.
هر وقت آ انسان پيسي جي پٺيان،
جيڪو آهيس اڳيان، ناهي شاڪر ان تي.
وساري نه ويٺس، ساريم سائي سٽ،
ڪالهه به ساڳيا مٽ، اڄ به ساڳيو مامرو.
گلبدن جاويد
ملاقات کان موت اڳ ۾ ڇو آيو (نظم)
هي واعدا ملڻ جا
نڀائڻ جا اقرار
۽ توکان مليل چاهه اڻ کُٽ
هي اڻ مٽ الفت ۽ چاهت
جا اظهار دلڪش
هي جبل جيڏا آٿت
پرينءَ جا
هي پهاڙن کان اوچا
ارادا پرينءَ جا
هي دلين جي اڱڻ تي
بهارن جي آمد
صنوبر وڻن تي
ڪوئل ڪوڪارون
هي آسُن اميدن جا
دلڪش نظارا
هي يادن جون
مهڪندڙ
ڪنولن قطارون
هي سرنهن جي گلن جئن
ڦلهاريل امنگون
۽ ڏيلهن جي گؤنچن جئن
جذبا گلابي
۽ ڳاڙهن گلابن جئن
چپ هي عُنابي
ڄڻ خيام جي رباعي
ائين خماريل جواني
پرينءَ جون هي قاتل
۽ قاتل ادائون
سرڪي ڀرڻ لئه
گونجيون پئي صدائون
سمنڊ ڇولين جئن
بي تاب ٻانهون
محبت ۾ مخمور
شرابي شرابي نگاهون
پرين پسڻ کان اڳ ئي کُلي ڇو ويون
ڀريل وسڪي بوتل جئن ڇُلي ڇو ويون
هي وڇوڙي جا ماريل
جدائي جلايل
بن بن ۾ ڀٽڪيل
مسافر.... مسافر
سُورن ۽ صدمن ۾
سَٽجي هليا ويا.
زندان زندگيءَ جي ۾
مٽجي هليا ويا
عشق جي راهن تان
هلندي هلندي
هي عاشق منزل ملڻ کان ئي اڳ
لُٽيرن هٿان ڇو لُٽجي هليا ويا
۽ نيڻن کان روحن تائين
ڦٽجي هليا ويا
ملاقات کان اڳ ئي
هي ڇا ٿي هليو ويو
دلبر ڇو دل جو
خفا ٿي هليو ويو
جو جيءُ جو هو جانب
جدا ٿي هليو ويو
۽ ساهه جسم کان
جدا ٿي هليو ويو
ڀڃي جام پيالو
چيو روئي ساقي:
اٿو مئڪشو، اڄ جڳ کي جاڳايو
سُڌ سُور جي سپرين کي سڻايو
مئخاني ۾ ماتم
جدائي ملهايو
ملاقات کان موت اڳ ۾ ڇو آيو
ملاقات کان موت اڳ ۾ ڇو آيو.
فياض چنڊ ڪليري
غزل
اُداس درد
جي موسم، سڏي رهي آهي،
خوشي اکين مان اچانڪ، لڏي رهي آهي.
وري به هجر
ئي ٽڙندو، گلاب جان دل ۾،
سکي به ڪنڌ جُهڪائي، ڇڏي رهي آهي.
اُهائي روح
کي روشن، ڪندي ڏياٽين جيان،
جا تانگهه، تڙپ اسان جي، تڏي رهي آهي.
چپن سان جام
ڇُهي، مون طرف وڌائيندي،
جوان جسم جي گرمي، گڏي رهي آهي.
او چنڊ! شل
ڪڏهن، سانوري نه مرجهائي،
اکين ۾ خواب جا مُرڪي، اڏي رهي آهي.
غزل
اچ ته جوڙيون عشق جو، اتهاس جانان!
پيار جو قائم رهي، وشواس جانان!
نيڻ، تُنهنجا مَڌُ جو، معراج آهن،
تون سراپا پياس جي آن، پياس جانان!
تون ته فطرت
جي، حُسن جي هاڪ آهين،
خوشبوئون تومان وٺن ٿيون، واس جانان!
شال لفظن ۾، سمائي مان سگهان،
تنهنجي چاهت، آرزو، احساس جانان.
ڊيل ونگر لوڏَ، تنهنجي سانوري!
مور جيان معصوم منهنجي، آس جانان.
ڇا ڪبيون محبوب- ريءَ جڳ شهُرتون،
”چنڊ“ لاءِ بس رڳو تون، خاص جانان!
غزل
مُرڪي دلبر، ڳالهايو آ،
پٿر پٿر، ڳالهايو آ.
چُور ٿيا هن، شيش محل سڀ!
جڏهين بي گهر، ڳالهايو آ.
ٽوڙ انا جون، ديوارون سڀ،
آخر اندر ڳالهايو آ.
جوڳي! هڪڙي، رات ٽڪي پئه!
آڌيءَ جو در، ڳالهايو آ.
سؤ سهڻن کان، هڪڙو بهتر،
من جي مندر، ڳالهايو آ.
پياس سنڀالي، رکجانءِ شاعر!
ساهَه- مسافر، ڳالهايو آ.
”ڇڏ اوسيئڙو، هاڻ هليو آءٌ!“
دلبر جي در، ڳالهايو آ.
”چنڊ!“ لهي آ، چاهه ورهايو،
هڪ، ڪاري، تِرَ ڳالهايو آ.
غزل
مينديءَ رتن هتن ۾، خوابن جا لاش هوندا،
ڪنهن ڀي نه سوچيو هو، گلابن جا لاش هوندا.
لالچ هٿان ڪُٺو ويو، قومي شعور کي آ،
فوٽ پاٿ تي سجايل، ڪتابن جا لاش هوندا!
بُک، غربتن محبت جا، سڀئي سوال لوڙهيا،
اکڙين ۾ ٿي دفن ويا، جوابن جا لاش هوندا.
کن جي خوشيءَ جي خاطر، ڌن جي غلام دنيا،
ساڳئي ڪفن ۾ ويڙهيل، نوابن جا لاش هوندا.
او چنڊ! کير جهڙي، ناري ڪيئن ٿي ڪاري؟
احسان دانش
غزل
درد جي ناءُ تي، تري ويندس
زندگيءَ ڏي وري، وري ويندس
ڇا
ته تيزاب، نگاهون تنهنجون
مان ته هڪ پلَ ۾، ئي ڳَري
ويندس
هڪ دفعو تُنهنجي، گرم ٻانهن مان
آءٌ نِڪتس ته، پو ٺري ويندس
تلخ
لهجن جا، تون پٿر نه اڇل
ڇوته شيشي جيان، ڏري ويندس.
سچ
جو زهر، ٿو مرڪي پيئان
جيئندس مان، اگر مري ويندس
غزل
هي جيت ڇاهي، ۽ مات ڇاهي
ڪوئي ٻڌائي، حيات ڇاهي
نه
سمجھ توکي، ڪُڏي ڪُسڻ جي
پو ڪنڌ ڪهڙو، ۽ ڪات ڇاهي
اندر
۾ وهمن، جا بت ٺاهي
چوي ٿو لات و، منات ڇاهي
خوشي خريدي، سگھيو نه هاڻي
پڇي ٿو غم جي، نجات ڇاهي
اجھو
اداسيءَ جي، اوڙهي چادر
ٻڌائيندو اُڀُ، رات ڇاهي
اگھاڙي
ٻالڪ جي، بُکَ ڀُڻڪي
ڪوئي ڪَنائي، ته بات ڇاهي
لُڇي ٿو ڄاڻي، حساس شاعر
ته ڏک ڇاهي، ۽ ڏات ڇاهي.
غزل
هڪڙي دل ئي ته، منهنجي ذاتي آ
جيڪا بس، پيار لاءِ آتي آ
هن سان ناتو، ٽُٽي ته ڪيئن ٽُٽي
غم به ڄڻ منهنجي، گھر جو ڀاتي آ
حالتن کان، فرار ناممڪن،
ڄڻ ته پولار، ۾ حياتي آ
ڇاڙڪيءَ جيتري، خوشي آهي
جيڪا دُک جي، بدن تي پاتي آ
هر ڪا ظالم، نظر نهاري ٿي
زندگيءَ جي، اگھاڙي ڇاتي آ
کيس لڙڪن سان، لاهڻي پئي آ
هن جا ميندي، هٿن تي لاتي آ
سچ جي ڌارَ، آ تکي ڏاڍي
ڪوڙ جي ڪنڌ، مٿان ڪاتي آ
پير ڌرتيءَ تي، اُڀ تي نظرون
سوچ منهنجي، به ڪائناتي آ
|