سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :8

گلن جي ٽوڪري (ماهوار):

هي رسالي نومبر 1934ع کان ڏيارام. ڪي. واڌواڻي جي ادارت ۾ شايع ٿيو. هن ٻاراڻي رسالي ۾ ٻارن لاءِ نصيحت ڀريون اخلاقي آکاڻيون ڏنيون وينديون هيون. تعلمي معيار وڌائڻ لاءِ هن رسالي ۾ چڱو مواد ڇپبو هو. (45)

هي رسالو ڊاڪٽر پرڀداس اُتمچند آهوجا آڪٽوبر 1934ع کان جاري ڪيو. بيغم، گڻيش پرنٽنگ پريس سکر ۾ ڇپبو هو. هن رسالي جون ٻه هزار ڪاپيون شايع ٿينديون هيون، هي رسالو 1935ع ۾ بند ٿي ويو.

 

هندو وير (ماهوار):

هي رسالو شري سناتن ڌرم لوڪ سڀا“ سکر پاران هندو ڌرم جي واڌاري ۽ تبليغ لاءِ اپريل 1935ع کان جاري ٿيو. رسالي جو ايڊيٽر گوپالداس، ايم ورما هو. هن خالص ڌرمي رسالي ۾ عمدا ڌرمي مضمون پوندا هئا. حالات حاضره جون خبرون ۽ ٽوٽڪا به شايع ڪيا ويندا هئا، جن سان گڏ رنگين تصويرون به ڏنيون وينديون هيون، جيڪي گيتا پريس“ گورکپور مان ڇپايون وينديون هيون. جڏهن ته ٻيو سمورو رسالو تلڪ پريس“ سکر مان ڇپايو ويندو هو. (46)

 

سجاڳي (هفتيوار):

هي اخبار 1937ع ۾ مسٽر نرسومل جي ايڊيٽريءَ ۾ جاري ٿي. سن 1947ع تائين ڏهه ورهيه نڪرڻ کان پوءِ بند ٿي ويئي.(47)

ڪمار بليٽن (ماهوار):

هي ماهوار رسالو ڪمار ٽاڪيز“ سکر جي اهتمام هيٺ سن 1937ع کان جاري ٿيو. رسالو سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ هو. منجهس مفيد ڌرمي آکاڻيون ۽ تصويرون ڏنيون ويون هيون، جي بمبئي مان ڇپايون وينديون هيون. ڪمار بليٽن، پرماتماپرنٽنگ پريس“ ۽تلڪ پرنٽنگ پريس“ فريئر روڊ سکر مان ڇپبو هو. شاگردن لاءِ به رسالي ۾ بهترين مواد پوندو هو. (48)

 

ڪانگريس (هفتيوار):

هي اخبار سن 1937ع کان ٺاڪرداس گلومل جاري ڪئي هئي، اخبار جي نالي مان ئي پڌرو آهي ته ان جي پاليسي ڪانگريس پارٽي جي ترجماني ڪرڻ هو. هيءَ اخبار سکر  ان جي اردگرد چڱي مشهور هئي. ڪجهه عرصو شايع ٿيڻ کانپوءِ بند ٿي ويئي.

 

سنڌ سئن فئن بليٽن (ماهوار):

هي رسالو جنوري 1938ع کان جاري ٿيو. سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ نڪرندڙ هن رسالي جو ايڊيٽر پريم داس، جي. ڇا ٻڙيا هو. تلڪ پريس سکر ۾ ڇپجندڙ هن رسالي ۾ فلمي خبرون ۽ رنگين تصويرون پڻ ڏنيون وينديون هيون.

 

نوجوان (ماهوار):

هي رسالو اپريل 1939ع کان آسر داس ارجنداس پرسواڻي امر پرنٽنگ پريس“ سکر مان ڇپائي پڌرو ڪيو. نوجوان ۾ سماجي، تعليمي، هنري ۽ اخلاقي مواد ۽ شاعري ڇپبي ئي.(49)

 

هندو متر (ماهوار):

هي رسالو آگسٽ 1941ع کان مهاشيه وڌڻمل ورما جي ايڊيٽريءَ ۾ نڪتو.(50)

 

هندو ساهتيه (ماهوار):

هي رسالو سيٺ گرداس مل راءِ صاحب گوڪلداس، سيٺ هريرام ۽ مهاشيه کيمچند جي سهڪار سان سيپٽمبر 1941ع کان نڪرڻ شروع ٿيو. هن اداري جو لاڙو ڌرم ڏانهن هو، پر رسالي ۾ قومي ۽ سماجي مضمون به پوندا هئا. لعل چند آريه“ رسالي جو ايڊيٽر هو. هي رسالوتلڪ پريس“ فريئر روڊ سکر ۾ ڇپبو هو. (51)

]نوٽ: اخبارن ۽ رسالن جي مٿئين معلومات لاءِ آءُ سنڌ يونيورسٽيءَ جي لئبرري انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر الهرکئي، ٻُٽ صاحب جا دل جي خلوص سان ٿورا مڃان ٿو، جنهن پنهنجي ذاتي لائبرريءَ مان مون کي پنهنجو قلمي مواد استفلاه لاءِ نهايت فراخدليءَ سان ڏنو ۽ منهنجي هر طرح رهنمائي ڪئي.[

 

اخبار نويس

شمس العلماء مرزا مخلص علي علوي:

شمس العلماءِ مرزا مخلص علي (1795ع- 1877ع) ولد سلطان محمود علوي، سنڌ ۾ فارسي ۽ سنڌي اخبار نويسيءَ جو باني آهي، سندس وڏا اصل قزوين (اصفهان) جا رهواسي هئا. سندس والد سلطان محمود سن 1801ع ۾ پنهنجو اصل وطن ڇڏي دهلي اچي رهيو. ٿوري ئي عرصي کان پوءِ اتان ملتان هليو آيو ۽ اتي ئي رهي پيو. ملتان ۾ ئي پنهنجي باقي ڄمار گذاري وفات ڪيائين.

مرزا مخلص علي علوي والد جي وفات کان پوءِ سنڌ ۾ اچي رهيو. مولانا گرامي لکي ٿو ته: شمس العلماء مرزا مخلص علي پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ فاضل، شاعر ۽ اديب هو. سندس تعليمي، صحافتي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس شمس العلماء“ جو خطاب مليو. مرزا صاحب اول ڪراچيءَ ۾ مفرح القلوب، 1851ع ۾ جاري ڪيائين. اها اخبار بلا ناغي پورا پنجاهه سال هلي. مفرح القلوب“ جي هلندي، 1860ع ۾ شمس العلماء مرزا مخلص علي مطلع خورشيد“ اخبار سکر مان جاري ڪئي.(52) مرزا مخلص علي علوي 14 ڊسمبر 1877ع مطابق 12- رمضان 1794ع ۾ شڪارپور ۾ وفات ڪئي. سندس مزار شڪارپور ۾ آهي، جا راقم 22- ڊسمبر 1990ع تي ڳولي لڌي ۽ ان موضوع تي هڪ معلوماتي مضمون قلمبند ڪيو ويو، جو ”نئين زندگي“ مئي- جون 1991ع جي شماري ۾ شايع ٿيو. مزار جي ڪتبي تي هيٺين عبارت درج ٿيل آهي:

 

بسم الله الرحمان الرحيم

الله- محمد- علي- فاطمه- حسن- حسين

قبر مطهر سلسل الاطياب مويدالاسلام شمس العلماء فردوس آشيان

جناب آقا مخلص علي ميرزا علوي خلف الصدق خلد آشيان

مويد الاسلام جناب آقا سلطان محمود خان ميرزا لعلوي القزويني

 مونس دار الطبعه اسلاميه و اسلاميه و اخبار نامه مطلع خورشيد

 در سکهر نؤو جريده فارسي در ڪراچي سند موسوم به مفرح القلوب

 وصد انجمن محفل اول و قديم اماميه و جماعت صلح کل علويه رحمة

الله عليه وفات مرحوم در عمر 82 سالگي 1294هه رمضان 21

درين سراي سپنجي وفا مجود و داد

که از ازل به فنا طرح او شده بنياد (53)

مرزا مخلص علي علوي جي وفات کانپوءِ 5-آڪٽوبر 1897ع تي سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر سر ائنڊريو ونگيٽ، ڪي سي آءِ اي گورنمينٽ هائوس ڪراچي کان هڪ خط ۾ مرزا محمد صادق خان، سندس ڀاءُ مرزا محمد مقيم ۽ پروفيسر مرزا محمد جعفر ڏانهن سندن والد مرحوم شمس العلماء مرزا مخلص علي، باني، مطع خورشيد“ ۽ مفرح القلوب“ متعلق لکي ٿو ته:

“Their well known and learned Father, entitled Shamsul-Ulema, at the advice of his friend, the late Sir Bartle Frere established here the first lithographic press and very ably conducted the Mufarrihul-Kaloob, the well-known first persian Jounal in the world”. (Extract from a letter by Sir Ansew Wingate, K.C.I.E (Former Commissioner in Sindh, Government House, Karachi, and 5th October 1897)

[”سندن مشهور ۽ معروف ۽ وڏي علم وارووالد، ملقب به شمس العلماء، پنهنجي دوست آنجهاني سربارٽل فريئر جي مشوري سان، هتي پهرين ليٿو گراف پريس جاري ڪئي، ۽ نهايت قابليت سانمفرح القلوب“ اخبار هلايائين، جا دنيا ۾ مشهور پهرين فارسي اخبار آهي.“]

مرزا مخلص علي علوي جي وفات تي محمد تقي تائب“ ۽ مخدوم محمد ابراهيم خليل“ ٺٽوي هيٺيون قطعه تاريخون قلمبند ڪيون: (55)

 

محمد تقي ’تائب‘:

آه از جور چرخ کج رفتار وز جفاهائ بي محابايش

که چمن را دهد ببادِ خزان      آتش اندر زند بگلهايش

آنکه درکشور سخنداني ڪس نبوده عديل و همايش

آبرو بخش رشتهاي گهر سطري از نظم و نثر انشايش

کرد روشن دقايقِ اسرار نيرِ فڪر عالم آرايش

داغ حسرت نهاد اَز هجرت ابد بر دل احبايش

داغ حسرت نهاد از هجرت ابد بر دل احبايش

يعني آن مخلص علي که عيان بود حب علي ز سيمايش

رخت بر بست زين جهان خراب داد خالق بلخلد ماوايش

خواست سال وفات او تائب از دلِ زار نا شکيبايش

گفت هاتف بگو ڪه بي سر جود ببهشتِ برين بود جايش

1294هه

 

مخدوم ابراهيم خليل“ ٺٽوي

خادم مرسل و علي مخلص سوئ خلدِ برين روان باشد

مخلصِ اهل بيت پيغمبر خوش بجنات جاودان باشد

آه ڪز انتقال اين مخلص اشڪ از ديده ها، روان باشد

بي سرِ افتڪار خوان سالش جائ مخلص علي جنان باشد.

1294هه

مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته مرزا مخلص علي علوي هڪ بهترين نثر نويس ۽ نشاء پرداز کان علاوه سٺو شاعر به هو. سندس ڪلام مفرح القلوب“ ۾ به شايع ٿيندو هو. هت هڪ غزل پيش ڪجي ٿو:

ازمي لعلِ لبِ صياد هستم در قفس

موسمِ گل رفت از ياد و نشستم در قفس

بر بهارءِ عارضِ دلدار مستم درقفس

ديده را از ديدنِ اغيار بستم در قفس

ذوقِ ديدارِ رخِ جانان چنان محوم نمود

اين نميدانم ڪه رستم يا ڪه هستم در قفس

ياد بزمِ همصفيران بر دلم ناخن زد است

بادهء غم مخلصا تاڪي پرستم در قفس(56)

 

مرزا محمد شفيع ’مشتري‘:

مرزا محمد شفيع’ مشتري‘، مرزا مخلص علي علوي جو پهريٽي پٽ هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ مفرح القلوب“ ۽ مطلع خورشيد“ اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. ان سان گڏ ايران سرڪار پاران ڪراچيءَ ۾ قونصل“ به هوندو هو، جيئن ترڪيءَ پاران مرحوم حسن علي آفندي قونصل ٿي رهيو هو. مرزا محمد شفيع مشتري 7- شوال1301هه تي انتقال ڪري ويو. هڪ فارسي شاعر قاضي علي محمد بن قاضي محمد يحى’ فقير‘ هيٺين قطعه تاريخ قلمبند ڪئي:

واحسرتا دريغ ز بيداد آسمان

پير و جوان ز فرط غم ازرده شد بجان

ذي مجد ذي تجمل دي جاه عطا

خوش خلق ميرزائ محمد شفيع خان

آن قدوهء اماثل و اعيان نامور

مجموعهء فضائل يبوعهءِ هنر

ڪرده سفر ز عالم گيتي چو اختيار

گرديد شور حشر براحباب آشڪار

پرسيد اين فقير چو ڌاريخ نقل ان

بشنيد اين حکايت آندم ز آسمان

خواني بسال واقعه آن مجد پائگاه

شد اسوهء اماثل و اعيان دهر آه (57)

1301هه

 

حاجي عبدالرحمان ميمڻ:

سيٺ حاجي عبدالرحمان ٿارياڻي جنرل مرچنٽ هو، جنهن کي ٽي پٽ حاجي احمد، عبدالله ۽ محمد هئا. سيٺ حاجي احمد کي فريئر روڊ تي البرٽ پرنٽنگ پريس“ هئي، جتان آفتاب سنڌ“ ۽ مرڪينٽل گزيٽ“ اخبارون ڇپبيون هيون. (58)

محمد سليمان شيخ:

بابو محمد سليمان ولد جان محمد شيخ اصل ڪراچيءَ جو رهاڪو هو. ابتدا ۾ پارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪري، پوءِ مشن اسڪول ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جا چار درجا پڙهيو. ٽپال کاتي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ بوشهر مسقط ۾ پوسٽ ماسٽر رهيو. اتان نوڪري ڇڏي ايران هليو ويو. جتي فارسي ۽ انگريزي جو مترجم مقرر ٿيو. ڪجهه سالن کانپوءِ اتان سنڌ ۾ واپس اچي ڪوٽڙي ريلوي ۾ ڪلرڪ ٿيو ۽ هيڊ ڪلرڪ ٿيڻ کانپوءِ نوڪري ڇڏي سکر ۾ پريس قائم ڪيائين. ڪوئيٽا مان بلوچستان گزيٽ“ نالي اخبار به شايع ڪندو رهيو. سن 1895ع ۾ سکر ۾ سخت پليگ پيئي جنهن ۾ هزارين ماڻهو مري ويا. انهن ڏينهن ۾ محمد سليمان ڪيترن لاوارث ۽ نادار انسانن جي موت پڄاڻان ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو. هن صاحب سکر مان الحق اخبار جاري ڪئي، جنهن جو ذڪر هن کان اڳ ڪيو ويو آهي. محمد سليمان شيخ 8 جون 1908ع تي وفات ڪئي، کيس شيخ شينهن جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. (59)

 

شمس الدين بلبل:

شمس الدين ولد بهادر خان شينو سن 1857ع ۾ ميهڙ ۾ توليد ٿيو. والدين هن جو نالو پريل رکيو هو، مگر سندس مامي آخوند نهال خان جي چوڻ تي مٿس شمس الدين نالو رکيو ويو. ميهڙ جي مڪتب ۾ سنڌي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪري انجنيئري کاتي ۾ داروغو مقرر ٿيو. ننڍپڻ کان ئي پنهنجي ذهانت سبب مقبول هو. سندس قابليت ۽ ادبي ذوق کي ڏسي هڪ انگريز انجنيئر کيس فردوسيءَ جي شاهنامي جو هڪ نسخو جو سونهري حرفن ۾ لکيل هو، تحفي طور ڏنو، جو بعد ۾ هڪ ڪليڪٽر حامد علي، دهليءَ جي عجائب خاني ۾ ڏياري موڪليو. شمس الدين شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص بلبل ڪندو هو. سن 1889ع ۾ بلبل ميهڙ مان ڪراچي هليو ويو، جتي حسن علي آفندي سان سندس ملاقات ٿي، جنهن سندس علميت ۽ قابليت کان متاثر ٿي، کيس پنهنجي ويجهو ڪيو. ان وقت سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جي سرپرستي ۾ معاون اخبار جاري ڪئي ويئي، جنهن جو ايڊيٽر بُلبل کي مقرر ڪيو ويو. ائين ئي پاڻ صحافت جي دنيا ۾ پير پاتائين. بلبلوقت بوقت جيڪي اخبارون ايڊٽ ڪيون، تن ۾ ڪراچي گزيٽ، خير خواهه“ لاڙڪاڻو، مسافر“ حيدرآباد، الحق“ سکر ۽ آفتاب سنڌ“ سکر آهن،. آفتاب سنڌ“ جي اجراء وقت سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اديب، شاعر ۽ صحافي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هن طرح کيس منظوم خراج پيش ڪيو آهي. جنهن جي آخري مصرع مان آفتاب سنڌ“ جي اجراء جو سن نڪري ٿو:

 

شمس الدين بلبل جو سي شيرين مقال

سندهه مين شاعر سي عالي مرتبه

هي ايڊيٽر آفتاب سندهه“ ڪا

جلوه گر جس کان سخن سي همچو همه

پرچهء الحق هوا هي اور بهي

حضرت بلبل ڪي اب زير نگه

کهدو يون سال تقرى صغير

روشن الحق، آفتابِ دين سي هي وه.

1313هه- 1895ع(60)

بلبل جي صحافتي قائدانه صلاحيتن جو اعتراف ڪندي، پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته: ”جڏهن اک پٽيم ته اهو ڏٺم ته هن مڙس (بلبل) جو ساريءَ سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو، جوءِ ۾ ٻيا به گهڻائي لکيل پڙهيل ماڻهو هئا، پر بلبل جو مٽ ڪونه هو.“ راشدي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته:

مطلب ته بلبل سنڌ جو بلبل هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو. سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو. سنڌي تهذيب جو راکو هو، ڪو ڏينهن ايندو، جڏهن ستل سنڌ ڪر ڀڃي اُٿندي ۽ بلبل جي احسانن جو قرض ان صورت ۾ لاهيندي ته ميهڙ جو بي معنى ۽ ڪوجهو نالو مٽائي بلبل آباد يا بلبل ديرو رکندي.“(61)

شمس الدين بلبل 13-سيپٽمبر1919ع تي انتقال ڪيو. وقت جي وڏن شاعرن کيس خراج پيش ڪيو ۽ قطعه تاريخون لکيون.

 

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ:

شاعر ملڪ سند شمس الدين ڪه از و بود عالمي شگفت

بلبل بود اوکه بامنقار در معنى عجيب ترمي سفت

بود او شمس برسپهر سخن ڪرد آخر غروب و روتي نهفت(62)

 

جمع خان غريب:

هئو سر سخندان مرحوم بلبل ادب جي دل و جا: مرحوم بلبل

هو اعلي ادب جي فلڪ تي فلڪ سان رهيو شمس تابان: مرحوم بلبل

هجي هن تي وسندڙ سدا ابرِ رحمت وٺي شان شايان: مرحوم بلبل

پڇيو سال رحلت جو هاتف ڪنان مون چيئين! ڇا داستان: مرحوم بلبل

هومغفور“ ۽ با سردل وري چؤ حق! اعلى تر انسان: مرحوم بلبل

1337      هه

سر دل ويو! عيسوي سال ٿي ويو، هو جنت ۾ ذيشان: مرحوم بلبل“1919ع

غريبا هي شمسي نظام آهي اعلى رکي پر ضيا تن کي شل رب تعالى(63).

 

ويرومل بيگراج:

مهاشيه ويرومل (جنم: 24- جنوري 1874ع، ديهانت: 16- جولاءِ 1956ع) بيگراج ڀوراڻي، اصل شڪارپور جو باشندو هو ۽ شڪارپور ۾ ئي تعليم حاصل ڪري، 18- مئي 1893ع تي سکر جي البرٽ پريس ۾ نوڪري ڪيائين. ٽن سالن کانپوءِ سن 1895ع ۾ پريس جي نوڪري ڇڏي، سڌار سڀا“ ۾ حصو وٺڻ لڳو ۽ ڪنيا پاٺشالا ۾ ماستر ٿي ڪم ڪيائين. سن 1901ع ۾ پنهنجي ايڊورڊ پريس“ سکر ۾ قائم ڪري سنڌي“ جي نالي سان اخبار ڪڍيائين، انهيءَ پريس جو بعد ۾ نالو بدلائي تلڪ پريس“ رکيائين. (64)

ويرومل بيگراج شروع ۾ ڪانگريسي خيالن جو محنتي ورڪر ۽ جوشيلو جوان هو ۽ صحافت کي به انهن خيالن جي ترويج ۽ مقبوليت لاءِ استعمال ڪيائين، پر بعد ۾ جڏهن ڪٽرپڻي واري سياست زور ورتو، تڏهن هو ڪانگريس ڇڏي وڃي مها سڀا“ ۾ شامل ٿيو. مها سڀا ۾ شموليت کان پوءِ اهڙو ڪٽرمها سڀائي ٿيو، جو سُتت ئي کيس سنڌ هندو مها سڀا“ جو صدر چونڊيو وي (65)

ويرومل بيگراج سن 1909ع ۾ حيدرآباد ۾ راڄنيتي ڪانفرنس جي موقعي تي پنهنجو ڪو ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن تي کيس سيٺ چيٽو مل سان گڏ ٽي سال جلاوطني ۽ پنج سال جيل ڀوڳڻ جي سزا ملي، اهڙيءَ طرح سن 1922ع ۾ مٽي مٽڪ“ واري ڪيس ۾ به کيس ٻه سال سزا ملي، پاڻ ڪيترن سالن تائين ميونسپل جو مکيه ميمبر رهيو. هو سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي به خلاف هو. پنهنجي ارادي تي اٽل هئڻ سبب هو ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ به پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي، هندستان نه ويو ۽ سڄي ڄمار اِتي ئي رهيو. پير علي محمد راشدي جي بقول: ذاتي طرح چڱي سڀاءَ جو صاحب هو. ڳالهائڻ جو نمونو وڻندڙ ۽ سنجيدو هوس. دل ۾ ڪجهه به هجيس، پر سڏيندو هر ڪنهن کي منهنجا پيارا ڀاءُ.“ هٿ جي ٺهيل کڌر جا ڪپڙا پهريندو هو- ڌوتي، قميص ۽ گاندي ٽوپي، ڳالهائڻ ۽ لکڻ ٻنهي ۾ اثر هوس. ڌاري حڪومت اڳيان ڪڏهن به سيس نه نوايائين، پنهنجي هندو جاتيءَ جي شيوا جو عشق هوس.“ (66)

سيٺ ٺاڪرداس گلومل:

سيٺ ٺاڪرداس سکر جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڊرائنگ ماستر ٿي ڪم ڪيائين. سن1921ع ۾ سرڪاري نوڪري تياڳ ڪري سوراجي سپاهي بڻيو. هندن ۾ درزڪي ڪم لاءِ چاهه پيدا ڪيائين، ٻه ڀيرا ميونسپل جو ميمبر پڻ ٿي رهيو، پراڻي سکر جي پبلڪ لائبرري، اپاشنا منڊلي، ڪرشنا، منڊل ۽ ناري شالا جي برپا ڪرڻ ۾ هن جو به هٿ هو. سوديشي ۽ ڪانگريس اخبارن جو سمپادڪ ٿي رهيو. (67)

مولانا دين محمد وفائي:

مولانا دين محمد وفائي (جنم : 4 اپريل 1894ع وفات: 10 اپريل 1950ع) ولد گل محمد ڀٽي، ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ تولد ٿيو. فارسي جي تعليم مولوي محمد عالم کان حاصل ڪري، مولوي غلام عمر جتوئي وٽ تحصيل ڪيائين. مختلف مڪتبن ۽ شهرن ۾ تعليم ڏيئي، سن 1920ع کان صحافت جي ميدان ڏي منهن ڪيائين. الوحيد جو اول اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو ۽ پوءِ ايڊيٽريءَ جو منصب سنڀاليائين.ان کان علاوه ماهوار رسالو ”توحيد“ جاري ڪيائين. اهڙي طرح ”الجزب“ ايڊٽ ڪيائين شهيد الله بخش سومري جي وزارت پاران جاري ڪيل ’آزاد‘ سنڀاليائين. مطلب ته سموري ڄمار سماجي سجاڳي ۽ علمي جوت جلائڻ لاءِ قلم جي جنگ جاري رکيائين. لاتعداد ڪتاب پڙهيائين ۽ هزارين مضمون لکيائين. ڪيترائي ڪتاب قلمبند ڪيائين، پير علي محمد راشدي جي بقول:مولانا دين محمد وفائي انهن جانباز غريبن مان هو، جن دماغ ۽ قلم جي زور سان پنهنجون عمريون آزارن ۾ گذاري، سنڌ اندر آزاديءَ ۽ عزت نفس جو جذبو جاڳايو ۽ پنهنجن پوين پساهن تائين ان جي پوئواري ڪندا رهيا. مڻن منهين مس کپايائين. بي حساب نيڻن جو نور هاريائين، ان لاءِ ته مَن سنڌين ۾ ڪا لوئيءَ جي لڄ پيدا ٿئي.“ (68)

مولانا دين محمد وفائي، مولانا عبيدالله سنڌي جي علوم ۽ فڪر توڙي شاهه ولي الله دهلويءَ جي فڪر جي فروغ لاءِ سنڌ ۾ ڪوششون ورتيون.

ڊاڪٽر محمد يامين قريشي:

ڊاڪٽر محمد يامين ولد قمر الدين قريشي سن 1912ع ۾ جالنڌر کان هجرت ڪري سکر اچي رهيو ته سکر جو ئي ٿي ويو. جنهن به سندس شخصيت تي قلم کنيو، تنهن هن جي ارادن ۽ نيڪ نامين ۾ واهڙ وهائي ڇڏيا آهن، جيئن پير حسام الدين راشدي هڪ هنڌ لکي ٿو ته: خالق جڏهن سندس خمير تيار ٿي ڪيو، تڏهن اخلاص ۽ محبت جي جنس جيڪا به وٽس موجود هئي، ان کي هن تي استعمال ڪري ڇڏيائين. باقي جيڪو اگرتگر يا جيڪا مير سير بچيل هئي، سا ٻئي هِن هُن جي خمير ۾ ڪتب آئي، انهيءَ ڪري ئي ته ڊاڪٽر صاحب سراپا اخلاص ۽ محبت هو، سڄو سچ، سارو سون. (69)

ڊاڪٽر صاحب سکر جو مشهور دندان ساز ۽ اخبار نويس هو. اسلامي فڪر سندس نس نس ۽ ساهه پساهه ۾ سمايل هوس، جنهن ڪري اسلامي جلسن ۽ تحريڪن ۾ ڀرپور بهرو وٺي پنهنجي روح کي تسڪين ۽ طراوت ڏيندو هو. خلق جي خدمت ۽ دوستن سان دلي همدردي هن جو مول ۽ متو هئا، اندر جو اجرو ۽ صاف گو انسان هو. سن 1958ع ۾ حج تي ويو ته اتي ئي وفات ڪيائين، کيس دفن به اتي ئي ڪيو ويو هونءَ به هن جو ڏاڏاڻو ڏيهه به اُهو ئي هو ۽ اُتان ئي سندس وڏا شاهجهان جي دور ۾ لڏي هندستان اچي آباد ٿيا هئا.

 

ابو شوڪت حمزو:

ابو شوڪت حمزو اصل چڪ جو رهواسي ۽ ذات جو مهر هو، مولانا شوڪت عليءَ سان خاص الخاص عقيدت ۽ محبت هجڻ ڪري پٽ ڄائي مٿس نالوئي شوڪت علي رکي، پنهنجي ڪُنيت ئيابوشوڪت“ ڪري ڇڏيائين، جيئن مولانا شوڪت علي ڌارين ۽ فرنگين جي خلاف، تيئن ابو شوڪت زميندارن، ڪامورن ۽ پيرن جي مخالف، نه رڳو ڳالهه کي ڳالهه تائين رکيائين، پر عملي طور به طوفان کڙا ڪري ڇڏيائين، ان مد ۾ پنهنجي قلم جي جهاد سان گڏ ڪلام به جوڙيائين ته تقريرون ۽ واعظ به خوب ڪيائين. هن جي تحريڪ ئي نظر ڪجي ٿي ته چئجي ٿو ته هي اڪيلو انسان هو ادارو“ هو ۽ هڪ تحريڪ هو، جا اڄ رڳو تاريخ جي صورت ۾ اسان تائين ان خسته مخطوطي وانگر پهتل آهي، جنهن جا سڀئي صفحا سالم ۽ ثابت ڪونه آهن. چڪ وارن قلم ڌڻين ۽ سُڄاڻ ڌُرين کي جڳائي ته غريبن، نادارن ۽ هارين جي هن هردم حمايتي، همدرد ۽ مهان ماڻهوءَ جو تاريخ ۾ مهانڊو چٽوڪري چٽيو نه ته ايندڙ دور ۾ اهو ڌنڌلو عڪس هميشه لاءِ ميسارجي ويندو!

ابو شوڪت حمزي جو ظاهري سڪو سهڻو، قد جو ڊگهو، چاپئين ڪاري ڏاڙهي، شدکڌر جو لباس، مٿي تي ڪاري ڪلائين اڀي ٽوپي، صورت خواهه سيرت ۾ شاندار مڙس هو، سندس اصول هو هر ظلم، هر زبردستيءَ ۽ هر قسم جي غلاميءَ ۽ مجبوريءَ جو مقابلو ڪرڻ، جبر ۽ استبداد جي هر ديوار ڊاهڻ لاءِ مٿو ٽَڪرائڻ، پوءِ جي ديوار نه ڪري ته ڀل پنهنجو مٿو ٽڪر ٿي وڃي. چوندو هو ته: انساني حياتيءَ جو مقصد ئي اهو آهي ته ظلم خلاف جهاد ۾ صرف ٿئي. ظلم خلاف ضمير بغاوت نه ڪئي ته سمجهڻ گهرجي ته ضمير مري چڪو يا حياتي بيڪار ٿي ويئي. (70)

پاڻ پنهنجي آخري پساهن تائين اصولن تي اڏول رهيو ۽ جدوجهد ڪندي جان گنوايائين. هڪ زميندار جي خلاف اليڪشن لڙندي نمونيا جي سَٽ لڳڻ سبب جڏهن فوت ٿيو، تڏهن سنڌ جي ڪامورن ۽ سکر ضلعي جي وڏيرن دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهيا: ير  چڱو ٿيو، الله کڻي جند ڇڏائي!“ ليڪن قوم ۽ ملڪ جي دل مان دانهن نڪري ويئي، سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. (71)

ابو شوڪت جي شعرن جو هڪ مجموعو انقلابي ڏنڊو“ شايع ٿيل آهي، جنهن مان چند اشعار:

خدا پاڪ توکان مدد ٿو گهران تهان پوءِ هٿ ۾ قلم ٿو کڻان

لکان حال هارين غريبن سندو دنيا جي وڏن بدنصيبن سندو

هجي عمر خصري ڪريان ان جو بيان نه پورو ٿئي ان جو هڪ داستان

اکين ۾ هجي آب تالاب جان وڃي خشڪ ٿي جي انهن تي روئان

سمهن ٿا اهي ظلم جي سر مٿان وڏيرن هٿان سود خورن هٿان

وڏي ڊيگهه آهي انهيءَ ڳالهه کي نه طاقت قلم کي لکي ڇا لکي

نڪو دين تن ۾ نه دنيا وٽن جهالت ڪيو آ برو حالت تن

ڏسڻ ۾ ته انسان آهن اُهي حقيقت ۾ حيوان آهن اُهي. (72)

پير علي محمد راشدي:

(جنم: 5- آگسٽ 1908ع، وفات: 14- مارچ 1987ع)

سنڌ جي نامور اديبن، عالمن، محققن ۽ صحافين ۾ شمار ٿيندڙ پير علي محمد راشدي ولد سيد حامد شاهه راشدي جي دوُر انديشي ۽ بيدار دماغيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هن جي ذهانت ۽ قابليت جو اندازو لڳائڻو هجي ته سندس ڪتابن، مضمونن، ڪالمن ۽ ايڊٽ ڪيل اخبارن جا ايڊيٽوريل نظر مان ڪڍبا ته انهيءَ نتيجي تي آسانيءَ سان پهچي سگهبو ته هو مذهب، تاريخ، اديبات، سياست، ۽ صحافت جي هر هڪ رخ تي بي مثال دسترس رکندڙ هو. سندس صحافت جي اوائلي دؤر ۾ سنڌ ۾ هندو اخبار نويس جڏهن مذهبي ڇڪتاڻ ۽ ڇيڙ ڇاڙ ڪري مسلمانن جي دل آزاري پئي ڪئي، تڏهن هن نهايت بي باڪيءَ سان انهن سان کي اهڙا منهن ٽوڙ جواب ڏنا، جو ٻيو چارو نه ڏسي، چپ ڪري ويهي رهيا. سنڌ زميندار“ ۽ ستاره سنڌ“ اخبارن جي اشاعت جي دور ۾ هندو جاتي“ ۽ ٻين اخبارن سنڌ جي تاريخ جي ڪن ڪردارن ۽ واقعن کي جڏهن ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، تڏهن راشدي صاحب اڪيلي سر ايڏي معرڪه آرائي ڪري حقيقتن کي حقيقتن طور تسليم ڪرائي عالمن وٽ پاڻ مڃرايو. سندس دور جي صحافت جي اڀياس مان معلوم ٿيندو ته ان ميدان ۾ مذهبي، سياسي، نظرياتي، سماجي ۽ تاريخي مخالفت ڪندڙ مهاپرش نه رڳو اشاعتي ادارن، ڇاپخانن ۽ اخبارن توڙي رسالن تي گهڻائيءَ ۾ قابض هئا، پر پنهنجي زور ذلل ۽ ڏاڍ ڏهڪاءُ جي لحاظ کان يڪ مشت هجڻ ڪري وڏو دٻدٻو به رکندا هئا. ان انتهائي نامواقف ماحول سان مُهاڏو اٽڪائڻ ڪو چرچو ڪونه هو. اڳ ۾ بلبل اهڙي بهادري ڪئي ۽ بعد ۾ ان جي مسند پير علي محمد راشديءَ اچي سنڀالي ۽ هي نوجوان لکن جو مٽ ٿي اُڀريو ۽ اُسريو. صحافت جي سڀني رمزن ۽ ريتن کان واقف ٿي، وقت ۽ حالتن مطابق نانگ کي نوڙي ۽ نوڙيءَ کي نانگ بنائڻ واري جادوگري به ڄاتائين ته حقيقتن تان پرده چاڪ ڪرڻ جي ڏات ۽ ڏانءُ به رکندڙ هو. قدرت کيس ذهانت سان گڏ جنهن انفرادي اسلوب جو مالڪ بڻايو هوس، سو واقعي مثالي ۽ مٿانهون آهي، اهو انداز ۽ اها طرز سنڌيءَ ۾ نه اڳ موجود هئي ۽ نه مستعمل. هن جي نثر ۽ عبارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اصل روح ۽ روپ قائم ۽ دائم پيو پسبو. نه عربيءَ جو دقيق الفاظ، نه فارسيءَ جون ڏکيون ترڪيبون ۽ نه هنديءَ جا شبد، ضرورت مطابق جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جا الفاظ اختيارڪري استعمال ۾ به آندائين ته عبارت ۾ سراسر پيا ٻهڪندا، جنهن ڪري پڙهندڙ هن جي تحرير جي سحر ۾ ويندو منڊبو ۽ نتيجي ۾ هن جو قائل ٿي پوندو.

پير علي محمد راشدي صحافت  اخبار نويسيءَ ۾ نيون راهون تلاش ڪيون ۽ روشن مينار کڙا ڪيا آهن، جن جي جوت سدائين قائم رهڻي آهي.

پير حسام الدين راشدي:

(جنم: 20- سيپٽمبر 1911ع، وفات: 1- اپريل 1982ع)

پير حسام الدين شاهه راشدي ولد سيد حامد شاهه راشدي، سنڌ جوعظيم مؤرخ ۽ محقق، جنهن کي سنڌ جي تاريخ ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندي، پير صاحب تاريخ نويسيءَ ۾ پنهنجا منفرد موقف ۽ معياري قدر متعين ڪري، نه رڳو سنڌ، هند ۽ ايران جي اسڪالرن کي عجب ۾ وڌو، پر دنيا جا مڃيل مؤرخ کيس سندس قابليت تي خراج پيش ڪرڻ لڳا، افسوس، جو اڃان تائين اسان جي ڏيهي ڏات ڌڻين جي پير صاحب جي بلند مقام تائين نظر ڪانه پهتي آهي. ايران وارن سندس جيئري قدر ڪندي، کيس تمغا، اعزازي سندون، ڊاڪٽريٽ ۽ انعام اڪرام عطا ڪيا، پر پنهنجن ان سلسلي ۾ ڪهڙي پيش رفت ڪئي، سا ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي.

ڊاڪٽر محمود الحسن صديقي هڪ هنڌ لکي ٿو ته: پير صاحب قومي تعمير جي اعلى ۽ شاندار گهرجن جو پورائو ڪيو ۽ پنهنجي دور جي لاءِ ايندڙ ٽهيءَ جي لاءِ علم، ادب ۽ فن جي ميدان ۾ نيون راهون مقرر ڪيون. تحقيق ۽ تاليف جو شعور پيدا ڪيو ۽ ڪوشش ۽ عمل جو جذبو جاڳايو. اهڙيءَ ريت سندس زندگي هڪ مقصد جو تعبير ۽ هڪ معنى جي تڪميل هئي، جنهن فڪرو نظر، ڪوشش ۽ عمل جون شاندار روايتون قائم ڪيون.“ (73)

ڊاڪٽر جميل جالبي جي بقول: پير حسام الدين راشدي، بنيادي طور تي تاريخ جا عالم هئا ۽ تاريخ جي نسبت سان ئي سندن نظر مختلف علمن ۽ فنن تي هئي، پير صاحب، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جي بنيادي ماخذن کي مرتب ڪري، شايع ڪرائي، سنڌ جي علمي ۽ تهذيبي زندگيءَ کي نئين حياتي بخشي.“ (74)

پير حسام الدين راشدي جي ابتدائي علمي زندگي تي نظر ڪرڻ سان اها ڄاڻ ملي ٿي ته سندس تربيت ۾ سندس وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ جو هٿ هو ۽ مٿس ان جو اثر به واضح نظر اچي ٿو، پير صاحب جي سوانح ۾ سکر جي قيام واري دؤر جي وڏي اهميت آهي، جتي نه رڳو صحافت سان سندس وابستگي رهي، پر مختلف علوم ۽ فنون جي اڀياس، تاريخ ۽ تحقيق جي وسعتن ۽ گهراين کي جاچڻ جا موقعا به ميسر ٿيا، جن جو پاڻ به ذڪر ڪندو هو. ان ئي دور ۾ پير صاحب فدائي تخلص ڪري سخنوريءَ سان به چاهه رکيو ته افسانه نگاريءَ ڏي به مائل ٿيو. سندس ڪجهه افسانا ان وقت جي معياري رسالي سنڌو ۾ به شايع ٿيا.

پير صاحب پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو گهڻو احوال پنهنجي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ لکيو آهي، جيئن هڪ هنڌ لکيو اٿس ته: ”اُهو ئي زمانو هو، جڏهن مان ڳوٺ ڇڏي، سنڌ زميندار اخبار جو ايڊيٽر ٿي، سکر وڃي رهيس، جتي  مون کي سنڌي نثر لکڻ جو گهڻي ۾ گهڻو تجربو حاصل ٿيو ۽ جتي آغا نظر علي خان جي صحبت ۽ سنگت منهنجي آئيندي زندگيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي هَٿي ثابت ٿي. گويا انهيءَ ٽه واٽي تان دورنگي دنيا جي تجربن ۽ ابتدائي لاهن ۽ چاڙهن جو پتو پيو؛ ڏکڻ خواهه سکن سان سابقو ٿيو، ورنه واهڻ واري زندگي ته اهڙي سنئين ۽ سڌي هئي، جو ان ۾ مَد و جزر لاءِ گوشو هو نه گنجائش.“ (75)

پير صاحب پنهنجي ڄمار جو هرهڪ پهر، پل ۽ پلڪ اڀياس، قلم ۽ قرطاس جي حوالي ڪري، نئين سنڌ جي تعمير ۾ سڀ کان سرس ڀاڱي ڀائيواري ڪئي. سندس تصنيفون، تحقيقون ۽ تاريخون اسان لاءِ نيون راهون روشن ڪن ٿيون.

هاسارام سندر داس پمناڻي:

هاسارام سندر داس پمناڻي اصل روهڙيءَ جو رهواسي هو، سکر مان نيو سنڌ ٽائيم“ اخبار جاري ڪيائين. نوڪري ڇڏي قطع تعلقات تحريڪ ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪيائين. سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. سن 1917ع ۾ ست سنگ ولاس“ پتر ڪڍيائين، شاعر ۽ ليکڪ هو.(76) سندس لکڻيون ماهوار رسالي سنڌو“ ۾ به شايع ٿينديون هيون. سن 1940ع ۾ نامعلوم ماڻهوءَ جي هٿان گوليءَ جو نشانو بڻيو.

آرتمل پنجابي:

اصل جاڳڻ ضلعي شڪارپور جو رهواسي هو، بعد ۾ سکر وڃي رهيو، جتي ڪجهه عرصي لاءِهندو ليگ گزيٽ اخبار جي ادارت جا فرائض سنڀالي هندو اخبار نويسيءَ جي روايتن کي برقرار رکي اختلاف ۽ احتجاج وارا عمل اختيار ڪندو رهيو.

حافظ خير محمد اوحدي:

اصل شڪارپور جو رهواسي هو. پنهنجي دور جو نالي وارو اديب، شاعر ۽ صحافي ليکبو هو، سندس نثر ۽ نظم ۾ فڪري ۽ فني پختگي نظر اچي ٿي. خدا داد خان جي لب تاريخ سنڌ“ جو سنڌي ترجمو ڪيائين، جو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران شايع ٿيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com