ڊاڪٽر
انور
فگار هَڪڙو
سکر
جي صحافت
جي
تاريخ
1860)ع
کان
1947ع
تائين(
بکر،
سکر
-
سونهن
۽
سوڀيا وارو
شهر
آهي. سنڌوءَ
جي
ڪناري
تي هئڻ
سبب
اهو صدين
کان
وٺي
سائو ۽ سکيو
ستابو رهيو
آهي،
مؤرخن اُن
کي
شڪر،
شڪورا، شاڪرا،
سڪله
نالن سان
سڏيو
آهي، ۽ مهراڻ
جي
ساڄي ڪپ تي
هئڻ
ڪري
ساگر به
سڏيو
ويو هو.
اهو
نالو
ڪثرت سان
استعمال ٿيڻ ڪري
”سکر“
بنجي
ويو، ڇو ته
فارسي تاريخن
۾
”سکر“
ڄاڻايل
آهي.(1) مولائي
شيدائي جي
بقول: ”بطليموس سڪندر
جي
ڪاهه وقت بکر جو نالو بينا ننگر ڄاڻايو آهي، يعني بينا جو شهد
شايد سڪندر جيڪا
(اندازن
232
ق.م)
وقت سکر
۽
بکر
۾
بينا قوم
رهندي هئي.“(
(2اهڙيءَ طرح فرشته ۽
شير
ڳڙهه
جي نالن
سان
به سڏيو
ويو.
مير
علي شير
قانع
سکر کي ٺٽي جو
همسر
سڏيندي لکيو
آهي
ته:
”لاڙ
۾
ٺٽو
۽
سري
۾
بکر
(سکر) ٻئي تمدني
مرڪز
۽
نزهتگاهون آهن
۽
اُتان جي
ماڻهن ۾ انسانيت
جا
گڻ، نفاست
۽
قابليتون آهن.“
(3)
سکر
جتي تاريخ
جو
وڏو ورثو
رکي
ٿو،
اُتي اهو
ثقافت جو
به
گهوارو رهيو
آهي.
هي
شهر هر
دور
۾
علمي ۽ سياسي
تحريڪن جو
به
ڳڙهه
رهيو آهي.
لاتعداد اڳوڻا
عالم، شاعر
۽
صوفي
هن شهر
۾
مدفون آهن،
جن
جو تذڪرو
تاريخن ۾ موجود
آهي،
اهوئي سبب
آهي
جو سکر
کي
اوليائن جي
سرزمين به
سڏيو ويو آهي،
سکر
جي تاريخي،
علمي
۽
ثقافتي سرمايي
کي
هڪ
هنڌ گڏ
ڪرڻ
سان
واقعي ٺٽي
کانپوءِ ان
جي
حيثيت کي اجاگر
ڪري
سگهبو.
سکر
جو نئون
اوج
۽
عروج انگريزن
جي
دور کان شروع
ٿئي
ٿو،
جديد
تعليم، ترتيب،
علم
۽
ادب، واپار
۽
آمدرفت جي
فروغ
سان سکر
جي
رونقن ۾ اضافو
ٿيندو
رهيو
آهي، سکر
جي
مختلف تاريخي
رخن
۾
هڪ رخ
”صحافت جي
تاريخ“ جو
به
آهي، جنهن
جي
تحقيقي مطالعي
سان
معلوم ٿئي ٿو ته
هن
شهر جي
صحافت انگريزن
جي
اوائلي دور
کان
شروع
ٿي
۽
اها مختلف
فني
۽
فڪري مرحلا
طئي
ڪندي
اچي جديد
دور
۾
داخل ٿي آهي،
سکر
جي تعليم،
علم
۽
ادب، سياست
۽
ثقافت کان علاوه
مذهبي ۽
ڌرمي لاڙن
جي
پرچار ۽ فروغ
۾
”صحافت“
تاريخي
ڪردار ادا
ڪيو
آهي،
ان طرح
وڻج
واپار جي
واڌاري جي
ڏس
۾
پڻ
ان جا
اثر
نمايان رهيا
آهن.
صحافت جي
تاريخ جي
حفاظت سبب
اسين
چٽائي ۽ آسانيءَ
سان
سماج جي
تبديل
ٿيندڙ تصوير
جو
تصور ڪري سگهون
ٿا.
سکر
جي صحافت
جي
تاريخ کي ٻن حصن
۾
ورهائي سگهجي
ٿو:
هڪ
حصو سن1947ع
کان
اڳ وارو
۽
ٻيو
حصو
آزاديءَ کان پوءِ
وارو
ٿيندو.
ورهاڱي کان اڳ
جي
دور جي
تاريخ تي
نظر
ڪرڻ
سان معلوم
ٿئي
ٿو
ته
سکر مان
اخبارن جي
باقاعده اجراء
کان
اڳ
سکر جون
خبرون چارون
ڪراچيءَ
مان
شايع
ٿيندڙ مختلف
زبانن جي
اخبارن ۾ شايع
ٿيل
ملن
ٿيون،
جن ۾
”مفرح
القلوب“ (1851ع)، ”ڪراچي ايڊورٽائيزر“
(1844ع)
”سنڌين“ (1854ع)
۽
”سنڌ
قاصد“
مکيه
آهن،
مختلف نوعيتن
جي
شايع ٿيل خبرن
مان
اسان کي ان
وقت
جي سماجي
صورتحال معلوم
ٿي
سگهي
ٿي،
جا تحقيق
لاءِ
نهايت
ڪارآمد ثابت
ٿيندي.
سکر
۾
اخبار نويسي
يا
صحافت جي
ابتدا ۽ ارتقا
جي
ڄاڻ
لاءِ جيڪڏهن
سکر
جي تاريخ
متعلق شايع
ٿيل
تصنيفات
ڏانهن رجوع
ٿيون
ٿا
ته
اسان کي سير
حاصل
معلومات
ڪانه ٿي ملي.
”سکر
سونهارو“ جي مصنف
پرسرام ويرومل
مسند
فقط اَٺن
اخبارن جو
ذڪر
هن ريت پيش
ڪيو
آهي:
-
”-سنڌي“
1906ع
۾ مهاشيه
ويرومل بيگراج
چالو
ڪئي.
-
”ڌرم وير“1908ع
۾
مهراج امرداس
برپا
ڪئي،
جا
1940ع
۾ بند
ٿي.
-
”سنڌ
زميندار
“1918ع
۾ آغا
نظر
علي خان
برپا
ڪئي.
-
”دعوت
اسلام“1928ع
۾
ڊاڪٽر محمد
يامين برپا
ڪئي.
”هندو
ليگ گزيٽ“1931ع
۾
مسٽر آرت
مل
برپا ڪئي.
-
”سکر
گزيٽ“1935ع
۾ مسٽر
بيکچند برپا
ڪئي.
-
”سجاڳي“1937ع
۾
مسٽر نرسي
مل
برپا
ڪئي.
(4)
”سنڌ
گزيٽيئر“ (ضلعي
سکر) 1928ع
۾
ڄاڻايل
آهي ته
هتان
ست اخبارون
ڇپيون
آهن،
جن مان
’سنڌي‘،
’الحق‘
۽
’زميندار‘
مکيه
اخبارون آهن.
اخبار سنڌي
رڳو
سنڌي
ٻوليءَ ۾
ڇپبي آهي،
جڏهن
ته الحق
۽
سنڌ
زميندار ٻن
ٻولين ۾ شايع
ٿين
ٿيون،
انهن
جي اشاعت
نهايت قليل
آهي.
ضلعي اندر
چوڏهن پريسون
قائم
آهن، جن
مان
ست سکر
۽
ست
شڪارپور ۾ آهن.(5)
انهيءَ کان علاوه
رحيمداد خان
مولائي شيدائي
”تاريخ سکر“
۾
ورهاڱي کان اڳ
جي
جن اخبارن
۽
رسالن جو
ذڪر
ڪيو
آهي، انهن
۾
”آفتاب
سنڌ“،
”الحق“،
”سنڌ
زميندار“،
”سنڌي“
”دعوت
اسلام، المنار“،
”ستاره
سنڌ“،
”انقلاب“،
”ڌرم
وير“،
”هندو
ليگ گزيٽ“،
”سکر
گزيٽ“،
”ڪانگريس“
۽
”سجاڳي“
وغيره شامل
آهن.(6) انهيءَ
ڄاڻ
کان
علاوه مولائي
شيدائي جا
مضمون:
”آزادي
کان
اڳ
سکر جون
اخبارون“
(مهراڻ تي
مجلس) ۽
”ماحول
جو
عڪس اخبار“
”آفتاب سنڌ
سکر“
نئين زندگي
آڪٽوبر
1965ع
شايع
ٿيل
آهن، جن
مان
پڻ مفيد
معلومات ملي
ٿي،
مگر
اڄوڪي تحقيقي
دور
۾
انهن تي
اڪتفا ڪرڻ
ڪافي
ڪونه آهي،
ڇاڪاڻ
ته
مٿين تصنيفن
۽
مضمونن مان
ملندڙ ڄاڻ
ڪجهه مشاهدي
۽
قدري
يادگيرين جي
بنياد تي
قلمبند ٿيل محسوس
ٿئي
ٿي،
جنهن
کي
جامع ۽ مستند
سمجهڻ
ڏکيو آهي،
هونءَ به
اها
سموري ڄاڻ
ٽيهه پنجٽيهه
سال
اڳ جي
فراهم ڪيل آهي
۽
ان
سموري عرصي
اندر
سنڌ ۾ تحقيق
۽
تجسس
جو هڪ
نئون
دور شروع
ٿي
چڪو
آهي، جنهن
جي
بنياد تي
مستند انداز
سان
گهڻي ڄاڻ پڻ
ملي
آهي، تنهن
هوندي به
اهو
چئي نه
ٿو
سگهجي ته
مليل
سموري معلومات
ڪا
حرف
آخر ٿي سگهي
ٿي.
البت
معلومات جي
اضافي ۾ هڪ
پيش
رفت ۽ تحقيقي
تسلسل واري
ڳالهه
وزنائتي ٿي سگهندي.
هن
هيٺ اسان
سکر
جي صحافت
جي
تاريخ تي
قلم
کڻڻ
سان گڏ
رڳو
ورهاڱي کان اڳ
جي دور (1860ع- 1947) واري
معلومات گڏ
ڪرڻ
جي
ڪوشش
ڪئي
آهي ۽ وس
آهر
ٽڙيل
پکڙيل مواد
کي
يڪجا
ڪرڻ
جا جتن
ڪيا
آهن.
مطلع
خورشيد
(هفتيوار)
سکر
مان جاري
ٿيل
پهرين اخبار
”مطلع
خورشيد“ سن
1860ع
۾
مرزا مخلص
علي
علوي جاري
ڪئي.
اخبار جو
ايڊيٽر سندس
فرزند مرزا
محمد
شفيع مشتري
مقرر
ٿيو.
”مطلع
خورشيد“ جي
جلد
پهرين جي
شماري
21
رمضان 1277هه
۾
لکي ٿو ته:
”در
سکهر نو
صرف
به همت
و
تفقدات
کثير، چهاپخانه
لتها
ڪرافڪ
موسوم
”مطلع
خورشيد“ جاري
گشته، والانه
اين
مرد مان
از
نام چها
پخانه واقف
نه
بودند.“
ان
دور ۾ ليٿو
پريس
جي پٿرن
جي
تلاش
ڪندي مرزا
مخلص
علي مرحوم
کي
بهترين پر
هٿ
آيو، جو
ولايت جي
پر
کان
به وڌيڪ
مضبوط ۽
ڪارآمد هو.
ان
پٿر جي
دستيابيءَ متعلق
لکي
ٿو:
کان
سنگ
چهاپ در
ڪوهستان
سکهر
نوبه سي
مهتمم
”مطلع
خورشيد“ سکهر
نو
برآمد گرديد،
که
ازان
منافع قوم
و
افاده مردم
بيوپاري و
مطابع تمام
هندوستان وغيره
بالاد متصور
و
نيڪ نامي،
علاوه برآن
ڪه،
اين
سنگ از
اول
از
ڪوهستان جرمن
برآمده ڪه سوداگران
ولايت لندن
آن
در تمام
اقليم هند
وغيره آورده
اڪنون بفضل
الاهي کان سنگ
چهاپ
در سکهر
نو
موجود.“ (29-رمضان 1277هه- 1960ع)
”مطلع
خورشيد“ اخبار
جو
مواد ٻن
ڪالمن ۾ ورهايو
هو.
هڪ
ڪالم ۾ فارسي
عبارت ڏني ويندي
هئي
۽
ان جي
سامهون ٻئي
ڪالم ۾ سنڌي
ترجمو ڏنو ويندو
هو.
(7)
گرامي صاحب
جي
بقول ملڪ
جي
ان وقت
جي
وڏي عالم،
شمس
العلماء مولانا
محمد
حسين آزاد
۽
فرينچ مستشرق
گارسان دتاسي
پارن
عالمن پڻ
”مفرح
القلوب“ ۽
.مطلع
خورشيد جو
ذڪر
ڪيو
آهي. مولانا
آزاد
”سخندان
فارس“ ۽ آسفر
نامه
ايران ۾ ۽ گارسان
دتاسي خطبات
۾
شمس
العلماء مرزا
مخلص
علي علوي
۽
سندس
فرزند مرزا
محمد
شفيع جي
تعريف ڪئي آهي.
(8)
”مطلع
خورشيد جي
ڪتابت
لاءِ
فيض محمد
نالي
جون خدمتون
حاصل
ڪيون
ويون هيون،
جو
خيرپور رياست
جي
والي مير
علي
مردا خان
ٽالپر
جو
منشي ۽
ڪاتب رهي
چڪو
هو.
”مطلع
خورشيد“ جي
ايڊيٽر مرزا
محمد
شفيع مشتري
کانپوءِ
سندس
ننڍو
ڀاءُ مرزا
محمد
جعفر
”مطلع
خورشيد“ ايڊٽ
ڪندو
هو،
جو ڊي جي،
سنڌ
ڪاليج
ڪراچي
۾
عربي ۽ فارسيءَ
جو
پهريون پروفيسر
(1887ع
مقرر ٿيو هو.
گڏوگڏ هو
بمبئي يونيورسٽيءَ
جو
فيصلو ۽ ايم
اي
جو ممتحن
پڻ
هو.
اهڙيءَ
طرح
پاڻ پنجاب
يونيورسٽيءَ ۽ بمبئي
يونيورسٽي جو
گهڻي
مدت تائين
ممتحن به
رهيو. پروفيسر
مرزا
محمد جعفر
ڪراچيءَ
مان
پڻ هڪ
اردو
اخبار
”دوربين“
جي
نالي سان
شايع
ڪئي،
جنهن جو
ذڪر
”ڪراچي
گائيڊ “1893ع
۾ موجود
آهي.(9)
”مطلع
خورشيد“ اخبار
۾
ڏيهي
خبرن
چارن کان علاوه
مضمون به
پوندا هئا،
جي
هر هڪ
موضوع موجب
هئا،
سرڪار پاران
وقت
بوقت ظاهر
ٿيندڙ
۽
لاڳو
ٿيندڙ
قاعدن ۽ قانونن
کي
به
سماع ۾ عام
ڪرڻ
لاءِ
شايع ڪيو ويندو
هو.
ملڪ ۾ پيش
ايندڙ واقعا
۽
حادثا به
هر
هفتي ڏنا ويندا
هئا.
”مطلع
خورشيد“ جو
هڪ
ڪالم
مالدار ۽ زميندارن،
آبادگارن ۽ هارين
جي
خبر چار
تي
پڻ مشتمل
هوندو هو،
جيئن
هڪ
ڪالم ۾ روهڙي
جي
روئداد هن
طرح
ڏنو
آهي.
”احوال
دوهفتي گذري
جو
ابتدائي تاريخ
28 –
نومبر1860ع لغايت
تاريخ
11 –
ڊسمبر1860ع
ڏينهن منگل
جي
تاءِ هن
ريت
آهي، جو
آبادڪار
(آبادگار) اڪثري
ٻاريءَ
(ٻاريون)
خريف
1277هه
جيءَ
(جون) کڻي ويا
آهن
۽
جيڪي ٽڪر رهندا
اوبي
(اهي
به) کڻن ٿا.
-2-
ڪڇ
(ڪجهه) فصل
پيشرس
1277هه
جي
جاري آهي
۽
ٽن
تپن
هر هڪ
ڪنگري،
ڪنڌر
۽
ٻوهارا
فيصل
ٿي
آهي، ٻين تپن
مڻج
(منجهه)
جاري آهي.
3-
آبادڪار مڻج
(منجهه)
ڪرڻ
آبادي فصل
ربيع
1277هه
جي ۾ بالڪل
گڻي
(گهڻي)
سعي
(سعيي) وارا
آهن
جو آبادي
اڄ
تاءِ ڪل
....
سئو
جريب
ٿي
آهي.
-4-
پاڻي
دريائي ۾ اڳي
هفتي
کان
گهٽ
(اڳئين هفتي
کان
گهٽ
آهي.
-5-
هن
هفتي
۾
برسات باران
جي
ڪان
(ڪانه)
ٿي
آهي.
-6-
ڪاغذ پٽ
۽
روزانامان
کاتا مختيارڪا،
-7جا
۽
تپيدارن جا
موجب
رسڻ رپورٽ
اُنن
(انهن)
جي برابر
آهن.“
”مطلع
خورشيد“ اخبار
جي
صفحن مان
معلوم ٿئي ٿو ته
هر
شماري جا
صفحا
12
کن
هوندا هئا،
پر
صفحن جا
نمبر
پهرين پرچي
کان
وٺي
سال ختم
ٿيڻ
تائين مسلسل
هلايا ويندا
هئا،
اهو التزام
به
جدت تي
مبني
هو.
(10)
ڪمرشل
گزيٽ
(هفتيوار)
هي
اخبار1885ع
کان جاري
ٿي
۽
وڪٽوريا پريس
سکر
۾
ڇپبي
هئي، هن
اخبار جي
ادارت اي-
بي
اين مينجريا،
شيخ
محمد سليمان
۽
شيخ
عبدالعزيز جن
جي
حوالي رهي،
سن
1910ع
۾
هن اخبار
جي
سرڪيوليشن
450
تائين
پهتل
هئي. مانوارو
ڊاڪٽر
الهرکيو ٻُٽ لکي
ٿو
ته:
”ڪمرشل
گزيٽ
سنڌ جي
ٻي
انگريزي اخبار
هئي.
سن
1894ع
۾ اها
شيخ
محمد سليمان
جي
هٿن ۾ پهتي،
جنهن1921ع
تائين ان
کي
بهتر
نموني هلايو،
مگر
شيخ سليمان
پنهنجي اخبار
الحق
جي جاري
ٿيڻ
کانپوءِ
ان
تي ڪو خصوصي
توجهه
ڏيئي نه
سگهيو.“
(11)
مرڪينٽل گزيٽ (هفتيوار)
هي
اخبار1890ع
کان جاري
ٿي،
هن
اخبار جو
ايڊيٽر حاجي
عبدالرحمان هو.
هي
اخبار البرٽ
پريس
سکر مان
ڇپبي
هئي.
انڊس
ويلي اسٽيٽ
ريلوي ايڊورٽائيزر
(هفتيوار):
انگريزي زبان
۾
شايع
ٿيندڙ
هي اخبار
”انڊس
ويلي اسٽيٽ
ريلوي پريس“
سکر
۾
ڇپبي
هئي، چيو
وڃي
ٿو
ته هي
اخبار سکر
مان
شايع
ٿيندڙ پهرين
انگريزي اخبار
هئي.
هن اخبار
جي
ايڊيٽر جي
ڄاڻ
پئجي
ڪانه
سگهي آهي.
آفتاب سنڌ
(هفتيوار)
هي
اخبار 26- مئي1895ع
کان
حاجي عبدالرحمان
ميمڻ
جاري
ڪئي.
(12)
مولائي
شيدائي لکي
ٿو
ته
”مسلمانن ۾ اتحاد
۽
سياسي شعور
پيدا
ڪرڻ
لاءِ سيٺ
حاجي
احمد، فريئر
روڊ
تي پرنٽنگ
پريس
کولي
روزانه اخبار
”آفتاب سنڌ“
سنڌيءَ ۾ جاري
ڪرائي.
”بلبل
سنڌ“ مرحوم
شمس
الدين بلبل
کي
ايڊيٽريءَ جي
واڳ
حوالي
ڪئي، جو
وقت
جو جيد
عالم
۽
نظم توڙي
نثر
۾
يدطولى رکندڙ
هو.
روزاني
”آفتاب
سنڌ“
جو بلاڪ
به
حضرت استادي
بلبل
تيار
ڪرايو هو.
آفتاب نالي
جي
پاسي
کجيءَ جو
وڻ
۽
هلال
(چنڊ) هو،
پر
تاري جي
بدران برطانوي
بادشاهه جو
تاج
هو، انهن
ٽن
شڪلين جو
مقصد
هن طرح
هو
ته
کجيءَ جو
وڻ
۽
هلال
(چنڊ) معنى
”آفتاب سنڌ“
اسلامي اخبار
هئي
۽
برٽش تاج
جي
معنى هئي
ته
اخبار انگريزن
جي
طرفدار ۽ وفادار
هئي.
بلبل
جو قلم
۽
اخبار جي
مزاحيه پر
ظرافت
ڪالم سڀ
کان
اڳ
پادرين جا
ڍڍر
ڪري
ڇڏيا،(13)
ڇاڪاڻ
جو
عيسائي مشينري
پاران پادري
پوليس جي
حفاظت هيٺ
شهر
جي چوسولن
تي
بيهي
کليو
کلايو عيسائيت
جي
تبليغ
ڪندي، اسلام
۽
باني
اسلام تي
حملا
ڪندا
هئا، پويون
فتنو
مسلمانن لاءِ
ناقابل برداشت
هو،
مگر مسلمان
بيوس
هئا، جو
شهر
جي ميونسپل
جو
صدر سکر
جو
عيسائي يورپين
ڪليڪٽر
هجي
۽
نائب صدر
هندو
ته پوءِ
اهڙي
پُر آشوب
ماحول ۾ مسلمان
هر
حال ۾ بيوس
هئا.(14) انهيءَ صورتحال
کي
”آفتاب
سنڌ“ سٺو
منهن
ڏنو.
شمس
الدين بلبل
هڪ
دفعي لکيو
ته:
”ڪالهه
مارڪيٽ جي
چوسول تي
سفيد
جبو پاتل
شيطان ابن
شيطان کي وعظ
ڪندي
ڏٺم،
جنهن
جي چيلهه
سان
صليب ٻڌل هو.
افسوس، مون
وٽ
دمشق جي
خمدار ترار
ڪانه
هئي،
جو هن
جي
هڪ ڌڪ سان
ڪٻر
جي
سسيءَ وانگر
ڌڙ
کان
ڌار
ڪري
”ايوبي
سنت“ کي تازو
ڪيان
ها!
(15)
شمس
الدين بلبل
جي
قلم، روزاني،
جولاني ۽ طنز
و
مزاح سبب
بهترين اسلوب
کي
عام
ڪري،
”آفتاب سنڌ“
جي
ذريعي قوم
جي
جا خدمت
ڪئي
آهي،
سا
ڪڏهن به
فراموش
ٿيڻي نه
آهي،
بلبل سنڌي
صحافت جي
ابتدائي دور
۾
پنهنجي صلاحيتن
سان
ثابت ڪري
ڏيکاريو ته
سنڌي
صحافت نه
رڳو
حالتن موجب
اڳتي
وڌي سگهي
ٿي،
پر
اها منفي
حالتن کي مثبت
حالتن
ڏانهن موڙڻ
جي
قوت ۽ صلاحيت
به
رکي ٿي، اهوئي
ڪارڻ
آهي،
جو پير
علي
محمد راشدي
بلبل
کي
سنڌي اخبار
نويسي ۽ لٽريچر
جو
ڏاڏو
آدم سڏيو
آهي.(12)
بلبل
”آفتاب
سنڌ“
کي
نه رڳو
قومي
ترجماني جو
سگهارو آواز
بنائڻ لاءِ
جتن
ڪيا،
پر ان
لاءِ
پنهنجون سڀ
صلاحيتون وقف
ڪري
ڇڏيون.
”آفتاب سنڌ“
لاءِ
سندس جذبن
جو
اظهار
ڏسڻو هجي
ته
هن جي
هيٺين فارسي
ڪلام
تي
نظر ڪري سگهجي
ٿي،
جو
”آفتاب سنڌ“
جي
تقريب سال
نو
(نومبر
1960ع)
تي چيو
آهي:
سال
نو آمد
مبارڪ بهر
ديوان آفتاب،
جاه
احمد، زيبِ
ملت،
روز اخوان
آفتاب،
درج
گوهر، علم
و
حڪمت، برج
اختر، پندو
وعظ،
جان
پرور، کان درر
درس
لقمان آفتاب،
درکشايس طبع
و
خواهش، عدل
وار
آيش جهان،
فرحت
دل، جعد
حڪما، تاجِ
سلطان آفتاب،
از
سرور انشاءِ
نظاره، نظارين،
باغ
بيان،
باده
گلگون، چشم
نرگس، گل
گلستان آفتاب،
باب
حڪمت، آبِ
دانش، تاب
مضمون پر
بهار،
کانِ
منطق، خط
صلحا، زيب
دامان آفتاب،
از
براءِ تنگ
نظران، حال
قوم
تشنه لب،
نور
بينا، چشمه
فيضان، آب
حيوان آفتاب
بانوائي نغمه
بلبل
حسن مطلب
قول
صدق،
تاج
هد هد
جان
عالم، صبح
خندان آفتاب،
از
خيال لطيف
مئي
شعرو سخنِ
شيرين بيان،
جام
مئي نو،
رزم
شعراءِ، بزم
رندان آفتاب
درگروه همسران،
باگوئي تحريرِ
قلم،
صدر
ارکان، تيز
جولان، مرد
ميدان آفتاب،
مظهر
عدل و
سياست، منظرِ
احوال ملڪ،
داد
گستر،
ڪارفرمان، جود
احسان آفتاب،
واعظِ هر
دل
عزيز ونا
صح
مشفق شفيق،
سايه
نور اهل
ايمان، فيض
بزدان آفتاب،
برسرِاعدائي دين،
گرگ
وسگ، روبه
خصال،
ريگ
سوزان، برق
لمعان، شير
دوران آفتاب،
نزد
اربابِ علوم
و
شهسوارانِ فنون
هديه
معنى، سيربستان،
عرصه
چوگان آفتاب،
اسم
دارد بامسمي،
نور
دارد در
ظهور،
سعد
ڪوڪب،
شمس عالم،
مهرتابان آفتاب،
در
فضاحت، دربلاغت،
در
هدايت، اهل
دين،
بانگ
طوطي، ناله
بلبل
باغ ايقان
آفتاب.
(17)
اخبار جي
حوالي سان
بلبل
هڪ هنڌ
لکي
ٿو
ته:
”سکر
۾
پليگ
(سن1893ع)،
پريس ۾ ماڻهو
نه
ٺهي،
مايا جو
سوال
درپيش! نه
ڪو
مددي، نه
ڪو
حال
پڇڻ وارو،
ظلم
هي جو
ڪو
مسلمان
ڪنهن به
مضمون جو
انگريزي ۾ ترجمو
ڪري
نه
ٿو
ڏئي!
ايڏي بيدردي،
ايڏي
سنگ دلي،
ايڏي
غفلت، مٿن
ڇانيل
آهي،
جو
ڀانئجي ٿو ته
هاڻي
اسان جو
آخري
وقت، شايد
غير
قوم جي
پيرن
۾
ائين ٿڏا
کائي مرنداسين،
ڇو
ته
اسان کي قوميت
جو
ذرو به
احساس
ڪونهي، لاچار
پنهنجي جڏي
سڏي
حال موجب،
جيترو ٿي سگهيو
آهي،
اوترو مسلمانن
جي
سمجهائڻ ۽ سندن
حقن
بچائڻ لاءِ
پنهنجي حتمي
المقدور
ڪوشش ڪئي ويئي
آهي،
آئينده اختيار
خدا
جي.
(18)
پرڀات
(هفتيوار):
هي
اخبار سن1891ع
۾
ليکراج تلوڪچند
شروع
ڪئي
هئي.
(19)
الحق
(هفتيوار)
سنڌ
۾
مسلم صحافت
جو
مضبوط ۽ اثرائتو
آواز
جيڪڏهن هو
ته
الحق اخبار
ئي
هو. هن
اخبار جو
مقصد
سنڌ جي
مسلمانن ۾ آزاديءَ
جو
شعور، سياسي،
سماجي، تعليمي
۽
اخلاقي حالت
سڌارڻ هو.
ملڪ
جا نامور
دانشور ۽ اديب
هن
اخبار ۾ لکندا
هئا،
هي اخبار
سنڌ
جي ماڻهن
جي
حالت تي
برابر لکندي
هئي
۽
سندن ڏک سور
حڪومت تائين
پهچائيندي هئي.
اخبار
”مجمع
معاون“ جي
ڏانو
تي
نڪرندي هئي،
جنهن
جو مقصد
اهو
هو ته
ڪانگريس
سان
شامل نه
ٿجي
۽
آزاديءَ لاءِ
مسلمانن کي سجاڳ
ڪجي. (20)
الحق
جو اجراءُ
سن1901ع
۾
اول سکر
۾
ٿيو،
شروع
۾
اخبار
”وڪٽوريا
پريس“ سکر
۾
ڇپبي
هئي
۽
ان جي
سرڪيوليشن يارهن
سئو
ڪاپين
تائين پهتل
هئي.(21) اخبار
جو
ايڊيٽر شيخ
عبدالعزيز محمد
سليمان هو.
الحق
جي اجراء
تي
شمس العلماء
مرزا
قليچ بيگ
هڪ
قطعو هن
طرح
لکيو آهي:
دوش
اندر گوش
هوشم
از سروش
آمد
نويد
شد
شروع اخبار
الحق
هم بايازد
سعيد
اختر
عزوشرف طالع
شد
درملڪ سند
رونق
تازه ازان
اسلام راخواده
رسيد
بهرِ
سالش فڪر
ڪردم
هاتفم گفتابلي
رونق
اسلام شد
در
سند از
الحق
پديد.
(22)
پير
علي محمد
راشدي لکي
ٿو
ته:
هن اخبار
جي
اجراء ۾ مسلمان
ڪامورن
۽
خيرپور جي
وزيرن جو
هٿ
هو. سر
علي
محمد خان
دهلوي، جو
بعد
۾
بمبئي
ڪائونسل جو
ناميارو پريزيڊنٽ
بڻيو، الحق
جو
پهريون ايڊيٽر
ٿيو.(23)
ان
کانسواءِ
شمس الدين
بلبل
به الحق
جي
ادارت جا
فرائض سرانجام
ڏنا.
شيخ
عزيز الحق
جي
ايڊيٽرن ۾ بلبل
کانسواءِ
محمد
هاشم مخلص
۽
مولانا فتح
محمد
”صغير“
سيوستاني جا
نالا
به ڏنا آهن.(24)
ڊاڪٽر
الهرکيي ٻٽ صاحب
پڻ
الحق جي
ايڊيٽرن ۾ مٿين
نالن
کان
علاوه علي
محمد
خان دهلوي،
قاضي
محمد حسين،
شيخ
تاج محمد،
اي
اڇ دريشاڻي،
عبدالوهاب خان
۽
غلام
رسول جا
نالا
ڄاڻايا
آهن.(25) گرامي
صاحب
لکي ٿو ته
”الحق“ جو
بنياد امن
سڀائي خيال
وارن
انگريز پسند
ماڻهن جي
باهمي تعاون
سان
وڌو ويو.
ان
جو ايڊيٽر
شيخ
محمد سليمان
ٿيو.
”الحق“
جي پاليسي
هڪ
طرف انگريزن
جي
ستائش ۽ ثناءَ
تائين محدود
هئي
ته ٻئي طرف
آزاد
خيال ۽ جداگانه
سياسي مطالبن
ڪندڙ
مسلمان گروهه
جي
خلاف هئي،
ٽئين
طرف
رشوتخور
ڪامورن جي
مالي
امداد تي
تڳندي،
ڪامورن جي
بيجا
خوشامد ۾ مبتلا
هئي.
”الحق“
جي
مالي حيثيت
ايتري ته
چڱي
هئي، جو
خيرپور رياست
جي
ڪن
وزيرن پس
منظر
۾
رهي، انگريز
جي
خوشنودي حاصل
ڪرڻ
لاءِ
هزارن رپين
جي
امداد
ڪئي. جيستائين
شيخ
محمد سليمان
”الحق“ جو
ايڊيٽر رهيو،
تيستائين
”الحق“
جي
پاليسيءَ ۾
ڪوبه
ڦيرو نه
آيو،
سندس وفات
کانپوءِ
جڏهن
سندس فرزند
شيخ
عبدالعزيز ايڊيٽر
ٿيو،
تڏهن
”الحق“
جي
پاليسي به
بدلائي ويئي.
شيخ
عبدالعزيز نه
فقط
ڪامورا
شاهيءَ جي
خلاف
احتجاج بلند
ڪيو،
پر
ان سان
گڏ
انگريزن جي
تعريف ۽ ستائش
کان
به
الحق کي بچائڻ
۾
ڪامياب
ويو.
شيخ عبدالعزيز
جي
وفات
کانپوءِ سندس
ننڍي
ڀاءُ
شيخ عبدالحڪيم
جي
دور ۾
”الحق“
پنهنجي آزاد
خيالي کان دور
ٿي
ويئي؛ تان
جو
هڪ رواجي
چار
ورقي اخبار
تائين وڃي
پهتي، جا
رڳو
سرڪاري اشتهارن
جي
رحم ۽ ڪرم تي
پئي
تڳي.(26)
”الحق“
اخبار سکر
کان
پوءِ
حيدرآباد مان
به
نڪرڻ لڳي
۽
وچ
۾
ڪجهه
وقت بند
به
ٿي
پئي ويئي.
جيئن
شيخ عزيز
لکي
ٿو
ته
”هن
اخبار
جي مسلم
پرستيءَ جو
هيءُ
نتيجو نڪتو
جو
اخبار
ڪئين گهمرا
بند
ٿي
۽
وري جاري
ٿي.“
”الحق“
سکر مان
حيدرآباد منتقل
ٿيڻ
کانپوءِ
”الحق
پريس“ حيدرآباد
مان
ڇپبي
هئي، ان
عرصي
دوران هن
اخبار ۾ تپيدار
اسڪول حيدرآباد
جي
هيڊ ماستر
هاسي
مل جي
خلاف
ڪجهه
ليک شايع
ٿيا
هئا،
هاسي مل
سنڌ
جي
ڪمشنر جي
اجازت سان
جون
1916ع
۾
اخبار جي
ايڊيٽر تي
حيدرآباد جي
سٽي
مئجسٽريٽ جي
ڪورٽ
۾
مقدمو دائر
ڪيو
هو،
جنهن جي
پهرين حاضري
پهرين جولاءِ
1916ع
تي ٿي هئي.
انهي
ئي زماني
۾
هن
اخبار تڏهوڪي
وزير
خيرپور جي
انتظام تي
پنهنجي تنقيدي
راءِ
ڏني
هئي.
ان
کانسواءِ گهرو
اختلافن سبب
اخبار جي
ايڊيٽر عبدالعزيز
پنهنجي ننڍي
ڀاءُ
عبدالحڪيم
(جو
انهن
ڏينهن
۾
سکر ميونسپالٽي
جو
ميمبر پڻ
هو)
تي
به ڪي ليک
ڏنا
هئا.
هن موقعي
جو
فائدو وٺندي
خيرپور جي
وزير
عبدالحڪيم کي هشي
ڏيئي
”الحق“
۽
ان جي
ايڊيٽر
(عبدالعزيز) تي
سکر
جي فرسٽ
ڪلاس
مئجسٽريٽ جي
ڪورٽ
۾
پنهنجي والد
جي
ملڪيت ورهائڻ
بابت
ڪيس
ڪيو
هو.(27) انهن
مقدمن کان علاوه
هوم
رول واري
تحريڪ دوران
پڻ
اخبار تي
مقدمو دائر
ڪيو
ويو هو.
ان
وقت اخبار
جو
ايڊيٽر شمس
الدين بلبل
هو،
ان مقدمي
جو
ذڪر
ڪندي
ڊاڪٽر محمد
ابراهيم خليل
لکي
ٿو
ته:
”هندن
جي
هوم رول
واري
تحريڪ ۾ بلبل
هندن
کي
پاسي ۾
ڪنڊي وانگر
ٿي
چڀيو. بلبل
نهايت جوان
مردي
۽
حوصلي جو
ثبوت
ڏنو
۽
الحق
اخبار
۾
انهن جو
سختيءَ سان
مقابلو
ڪيو. هندن
به
خيال ڪيو ته
جيڪڏهن هڪڙي
قابل
مسلمان اخبار
نويس
کي
کير
جي مک
وانگر ڪڍي ڦٽو ڪبو ته
پوءِ
مسلمانن جو
آواز
هميشه لاءِ
خاموش ٿي ويندو،
تنهن
ڪري
انهن بلبل
تي
هندن تي
حملي
ڪرڻ
۽
مسلمانن کي انهن
جي
برخلاف
ڀڙڪائڻ جي
ڏوهه
۾ 153
قلم
ا.
پ .
ڪ هيٺ)
مقدمو داخل
ڪيو.
هندن
جي طرفان
ديوان هرچندراءِ
وڪيل
ٿيو
۽
بلبل جي
پاران
ڪراچي جو
مشهور وڪيل
ريمنڊ هو
ڪجهه
وقت
ڪيس
هلڻ
کانپوءِ ريمنڊ
وڪيل
الحاق اخبار
جي
مالڪ شيخ
عبدالعزيز ۽ ان
جي
ايڊيٽر شمس
الدين بلبل
کي
راضي
نامي ڪرڻ ۽ معافي
وٺڻ
جي صلاح
ڏني،
مگر
بلبل جي
غيرت
اهو برداشت
نه
ڪيو.
مسٽر غلام
حسين
هدايت الله،
جو
پوءِ سر
جي
خطاب سان
مشهور ٿيو ۽ سنڌ
جو
پهريون گورنر
به
مقرر ٿيو هو،
تنهن
قومي همدرديءَ
سبب
بنا في
وٺڻ
جي وڪالت
ڪئي.
بلبل
سنڌ جي
سڀني
هندو اخبارن
مان
اهڙا حوالا
ڳولهي
ڪڍيا
۽
ثابتيون هٿ
ڪري
ڪورٽ
۾
پيش
ڪيون،
جو ڪيس هلائيندڙ
فاصل
جج مسٽر
اي
سئنڊس کيس بي
ڏوهي
ٺهرائي
ڇڏي
ڏنو
۽
اٽلندو فريادي
ڌر
تي
پنهنجي فتوى
۾
ڇنڊا
وڌائين، ان
جو
نتيجو اهو
نڪتو
جو مخالف
پارٽيءَ کي نه
رڳو
ملڪ جي
سياست ۾ شڪست
آئي،
بلڪه مرحوم
بلبل
جي پارٽيءَ
کي
تقويت ملي،
جنهن
۾
سيد الهندو
شاهه، حسن
علي
آفندي، شيخ
صادق
علي ۽ شيخ
محمد
ابراهيم وزير
خيرپور وغيره
هئا.“(28) شيخ عبدالعزيز
کان
پوءِ
سندس ننڍو
ڀاءُ
شيخ
عبدالحڪيم الحق
جو
ايڊيٽر
ٿيو، جنهن
جي
زماني ۾ اخبار
جو
اهو اوج
نه
رهو، اهڙو
ذڪر
هن کان اڳ
به
ٿي
چڪو آهي،
ان
دور جو
ذڪر
ڪندي
پير علي
محمد
راشدي لکي
ٿو
ته:
”جنهن
زماني ۾ آءُ
سکر
آيس، ان
کان
اڳ
ئي الحق
جو
طبعي عمر
پوري
ٿي
چڪي هئي
۽
فقط
سرڪاري اشتهارن
ڇاپڻ
لاءِ
پيئي پساهه
کڻندي
هئي،
هفتي پندرهن
ڏينهن
اشتهار آيا،
پرچو
نڪتو، ورنه
ٿيو
ڀلو،
مون
پاڻ
ڪجهه وقت
ان
اخبار ۾ مضمون
لکيا
۽
ڪوشش
ڪيم
ته منجهس
دوباره جان
ڦوڪيان،
پر
پرچي جي
پاليسي هئي
ته
وقت جي
سرڪار جي
ثناخواني ڪجي ۽ اشتهار
وٺجن، انهن
ڏينهن
۾
ڪافي
سياسي سجاڳي
به
اچي چڪي
هئي،
تنهن ڪري اهڙي
پرچي
کي
همتائڻ لاءِ
پبلڪ
تيار نه
هئي.
(29)
سنڌي
(پندرهن
روزه
/
روزاني)
سن1901ع
کان
سنڌي ۽ انگريزي
ٻولين
۾
شايع
ٿيندڙ
”سنڌي“ اخبار،
سنڌ
جي مشهور
اخبار هئي،
جنهن
جو ايڊيٽر
ويرومل بيگراج
هو،
جو ڪٽر آريا
سماجي ۽
ڪانگريسي هو.
ڊاڪٽر
الهرکيي ٻٽ جي
بقول
سنڌي جا
ويرومل بيگراج
کان
علاوه مولچند
ڀاڳچند
مولچند
ويرومل بيگراج
به
ايڊيٽر رهيا.
اول
اخبار
”ايڊورڊ
پريس“ مان
ڇپبي
هئي
۽
پوءِ
”تلڪ
پريس“ مان
ڇپبي
رهي.
شروع ۾ اخبار
جي
سرڪيوليشن
800
ڪاپيون هئي،
جا
وڌندي وڃي.
1200
ڪاپين
تائين پهتي
هئي.
(30)
سنڌي
جي
باني ۽ مک
سمپادڪ ويرومل
بيگراج هندستان
۾
ڌارين
جي
حڪومت جي
مخالفت سبب
ڪيترائي
ڀيرا
سزائون به
ڀوڳيون،
پهرين جنگ
عظيم
کان
ترت پوءِ
برطانوي حڪومت
انڊين پريس
ايڪ،
(1) 3،
تحت
اخبار جي
ايڊيٽر کان هزار
روپين جي
ضمانت ورتي،
جيڪا
سن1920ع
۾ عام
معافي تحت
واپس
ٿي.
پير
علي محمد
راشدي لکي
ٿو
ته
”سياسي ميدان
اندر
سنڌي
ڪافي ڪم
ڪيو، انگريزن
خلاف
باهه
ٻاري
ڇڏيائين، ٻه دفعا
ويرومل کي جيل
ڪاٽڻو
پيو،
جنهن جو
مجموعي ميعاد
پنج
سال هو،
پر
ڀائي
صاحب ويرومل
پنهنجي اصولن
تان
هٽيو
ڪونه، آزاد
هوندو ته
هر
ڇهين
مهيني
ڪونه ڪو مچ
مچايون ويٺو
هوندو هو.“(31) راشدي
صاحب
وڌيڪ لکي
ٿو
ته:
”سن1927ع
۾
لاڙڪاڻي ۾ هندو-
مسلم
فساد
ٿيو. سنڌ
جي
تاريخ اندر
ان
قسم جو
اهد
پهريون فساد
هو،
ان جا
شعلا
ساري سنڌ
اندر
پکڙجي پيا
۽
هندن
مسلمانن جي
ذهنيتن ۽ باهمي
تعلقات ۾ وڏو
فرق
پئجي ويو.
هندو
ڪارڪن
هندن جي
تنظيم ڪرڻ لڳا
۽
مسلمان
ڪارڪن مسلمان
جي
ڪيترا
هندو
ڪارڪن
ڪانگريس کي ڇڏي
”مهاسڀا“
۾
ڪاهي
پيا،
جا ڪٽر هندن
جي
جماعت هئي،
مسٽر
ويرو مل
به
ڪانگريس
مان استعيفا
ڏيئي
وڃي،
مهاسڀا جي
اڳواڻي اختيار
ڪئي
۽
ان
جي پرچار
ڪندي،
ٿوري
ئي
عرصي اندر
هڻي
وڃي هنڌ
ڪيائين،
سکر
جي فضا
ايتري خراب
ٿي
ويئي، جو
ان
کانپوءِ
جيڪي به
هندو
مسلم فساد
ٿيا،
سي
سکر ۾ ئي
ٿيا.
29- 1930ع
۾
روهڙي
ڊويزن اندر
هندو
مسلم مارا
ماري
ٿي.
سال اڌ
بعد
خود سکر
شهر
اندر ان
قسم
جا واقعا
ٿيا،
جيئن
پوءِ تيئن
ڪشيدگي
وڌندي ويئي
۽
آخر
1940ع
۾
منزل گاهه
واري
سوال تي
سکر
شهر ۽ پسگردائي
۾
ايتري قدر
خونريزي ٿي، جو
الامان والحفيظ!
سوين
ماڻهو مارجي
ويا،
تقريباً ٻن
ڪروڙن جي
جائداد سڙي
خاڪ
ٿي
ويئي، ۽
ڪيس، مقدما،
جيل
جون سزائون
۽
ڦاسيون
ان
اپرانڌ!
سکر
جي واقعات
سنڌ
جي سياست
تي
مستقل اثر
ڇڏيو،
انهن
ڏينهن
کانپوءِ
هندو مسلم
ميلاپ ناممڪن
ٿي
پيو.
(32)
مسجد
منزل گاهه
جي
تحريڪ وقت
سکر
جي
ڊسٽرڪٽ مئسٽريٽ
مسٽر
ٽي.
ٽي.
ڪوٺاوالا
سنڌي اخبار
جي
ايڊيٽر ويرو
مل
بيگراج
ڏانهن هڪ
نوٽيفڪيشن
MISCELLANEOUS NOTIFICATION
هن طرح
جاري
ڪيو.
(33)
No: C- 107 Where as it has been made to appear
to me that you have been writing and are about
to write in your newspaper articles, regarding
the Sukkur Manzilgah agitation, which are likely
to agitate the Public and rouse and inflame the
religious sus ceptiblities of the Hindu and
Muslim communities, resulting in imminent danger
to humm lige or safety or in the disturbance of
the pulic tranquillity or in riot or in affray
tending to a breach of the Public Peace:
I therefore, under Section 144, Criminal
Procedure Code, do here by prohibit you writing
and publishing any articles in connection with
the agitation and order you to obtain from
making any references to it in your paper.
If you disobey these orders, you will be liable
to Prosecution under section 188, Indian Penal
code.
Given under my hand and seal of the court, this
17th day of November 1939.
T.T KOTHAVALA
District Magistrate, Sukkur
17th November, 1939.
ساڳئي
ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ
مسٽر
ٽي.
ٽي
ڪوٺوالا
23
نومبر
1939ع
تي
هيٺيون آرڊر
جاري
ڪيو.
(34)
By Distric Magistrate
Order
No: 10416- The order regarding the writing and
Publication of articles in connection with
Manzilgah agitation issued under Section 144,
Criminal Procedure Code, against the following
Editor is rescinded under Sub- section of the
Section.
Mr Virumal Begraj Bhurani.
Editor “Sindhi” Sukkur.
”سنڌي“
اخبار جي
پاليسي مسلم
دشمني کان علاوه
سکن
۽
سناتن ڌرم وارن
جي
به مخالفت
۾
هئي،
انهن کي پاڻ
۾
ويڙهائڻ جا
جتن
ڪندي
هئي.
سنڌ ايڊووڪيٽ
(هفتيوار):
هي
اخبار سن1913ع
۾
”ايڊورڊ
پريس“ سکر
مان
ڇپجي
پڌري ٿي، اخبار
جو
پهريون ايڊيٽر
پرڀداس
ڪندن مل
هو،
جو سکر
جي
ميونسپل جو
ڪلرڪ
هو
۽
نالي ماتر
ايڊيٽر جي
حيثيت رکندڙ
هو،
حالانڪه پس
پرده
ادارت ويرومل
بيگراج جي
حوالي هئي.
ويرومل بيگراج
ٿوري
عرصي
کانپوءِ
اها اخبار
”ايڊورڊ پريس“
جي
بجاءِ پنهنجي
”تلڪ
پريس“ ۾ ڇپڻ لڳو.
انگريزي زبان
۾
شايع
ٿيندڙ
هي اخبار 25-
اپريل
1918ع
کان سکر
کان
شڪارپور منتقل
ڪئي
ويئي، جتي
ويرومل جو
پٽ
مولچند اخبار
جي
ادارت جا
فرائض سرانجام
ڏيندو
هو.
شڪارپور ۾
”سنڌ
ايڊووڪيٽ“ اخبار
انگريزي زبان
سان
گڏ سنڌي
زبان
۾
به اجراء
هيٺ
ايندي هئي.
ڪمرشل گزيٽ
(هفتيوار):
هي
اخبار شيخ
عبدالعزيز سن
1916ع
کان
جاري ڪئي هئي،
جا
سن1921ع
تائين
هلي بند
ٿي
ويئي.
ڪمرشل گزيٽ
جون
ٻه
سئو
ڪاپيون
ڇپبيون هيون،
هي
اخبار
”وڪٽوريا“
پريس
سکر ۾
ڇپبي هئي.
سنڌ مسلم
(هفتيوار):
هي
اخبار 16- فيبروري
1917ع
کان
شيخ عبدالعزيز
محمد
سليمان جاري
ڪئي
هئي
۽
”سنڌ
مسلم وڪٽوريا
پريس“ سکر
۾
ڇپجي
هئي،
سن
1960ع
تائين
”سنڌ
مسلم“ شايع
ٿيڻ
کانپوءِ
بند
ٿي
ويئي.
ستوادي
(پندرهن روزه
/
هفتيوار):
هي
اخبار يارهين
جولاءِ
1919ع
کان اول
جيوڻ
لال ۽ پوءِ
مولچند ويرومل
جي
ادارت ۾
”هريسنگ
پريس“
سکر
مان
ڇپجي
پڌري
ٿيندي هئي.
ستوادي آگسٽ
1960ع
کان
تارا چند
ڏيئو
مل
گاجرا شڪارپوري
جي
ادارت ۾
”شيام
سندر
پريس“ شڪارپور
مان
ڇپجي
پڌري ٿيڻ لڳي.
سن
1910ع
جي انڊين
پريس
ايڪٽ
(1)
جي
تحت
ستوادي اخبار
جي
اداري کان اخبار
جي
500
سئو
رپيا سيڪيورٽي
ڊپازٽ
طلب
ڪئي
ويئي، جا
فيبروري
1960ع
۾ واپس
ڪئي
ويئي
هئي، ستوادي
سنڌي
۽
هندي زبانن
۾
شايع
ٿيندي.
سوراج
(روزاني):
31- جنوري
1921ع
کان
”سوراج پريس“
سکر
مان
ڇپجندڙ روزاني
اخبار سوراج
جو
سمپادڪ سيٺ
چونٿرام
ٽيڪچند وليڇا
هو،
جو
”نيو
انگلش هاءِ
اسڪول“ سکر
۾
ماستر به
هو
کانئس
پوءِ
ڀوڄراج موٽومل
اجواڻي سوراج
ايڊٽ
ڪندو
هو. وليڇا
۽
اجواڻي آل
انڊيا
ڪانگريس پارٽي
جا
پختا ۽ سرگرم
رڪن
هئا.
ڌرم وير
(هفتيوار):
هي
اخبار
30-
مارچ
1921ع
کان سوامي
امرداس نالي
ٻائي
جي
ادارت ۾ پڌري
ٿي.
چوئٿرام لالواڻي
به
هن جو
سمپادڪ رهيو.
هي
اخبار سوامي
هرنامداس اُداسي
جي
يادگيري ۾ جاري
ڪئي
ويئي
هئي، سن1921ع
کان
1924ع
تائين چئن
ٻولين
ديوناگري، گرمکي،
انگريزي ۽ سنڌي
۾
ڇپبي
هئي،
بعد ۾ هي
اخبار ماهوار
رسالي جي
صورت
۾
رڳو سنڌي
ٻوليءَ
۾
شايع
ٿيندي
هئي.
”ڌرم
وير“ امر
پريس
سکر ۾
ڇپبي هئي.
سن
1927ع
کان
”ڌرم
وير“
رسالي ۾ انگريزي
زبان
۾
ڪالم
درج ڪيا ويا.
”ڌرم
وير“
۾
مسلمانن ۽ خالصن
خلاف
مواد شايع
ڪيو
ويندو هو،
جنهن
ڪري
ان تي
سن
1936ع
۾
”هندو
ليگ گزيٽ“
پاران بدناموسيءَ
جو
ڪيس
داخل ڪيو ويو
هو.
سنسار چڪر
(ماهوار):
سکر
جي مشهور
پبلشر ۽ ڪتب فروش
هريسنگهه جي
پٽ
خوبسنگهه هي
رسالو آگسٽ
1922ع
کان
جاري ڪيو هو.
منجهس جاسوسي
ادب
متعلق لکڻيون
شايع
ڪيون
وينديون هيون،
جنهن
ڪري
رسالي بيحد
مقبوليت حاصل
ڪئي
۽
سکر
کانسواءِ
سموري سنڌ
جي
شهرن ۽
ڳوٺن ۾ پڙهيو
ويندو هو.
ڌرم
درشن
(ماهوار):
هي
ماهوار رسالو
سوامي امرداس،
سوامي هرنامداس
اداسي جي
ياد
۾
جنوري
1923ع
کان جاري
ڪيو
هو.
ڌرم
درشن ۾ رڳو
ڌرمي
مضمون ۽ مواد
ڇپبو
هو.
رسالي جي
قيمت
3
روپيا هئي
۽
ان
جون هڪ
هزار
پنجاهه
ڪاپيون شايع
ٿينديون
هيون.
سنڌ زميندار
(هفتيوار):
هي
اخبار 24- فيبروري
1922ع
(35)
کان
ماستر عبدالوهاب
خان
غلام رسول
جي
ادارت ۾
”سنڌ
زميندار پريس“
سکر
مان
ڇپجي پڌري
ٿي.
هن
اخبار جا
ايڊيٽر احمد
علي
عيلگ، پير
علي
محمد راشدي،
پير
حسام الدين
راشدي (29-1933ع)
آغا
نظر علي
خان،
مولوي عبدالغفور
سيتائي، در
محمد
اويسي ۽ حافظ
خير
محمد اوحدي
رهيا.
”سنڌ
زميندار“ اخبار
سنڌ
جي وڏن
زميندارن جي
مفادن جي
بچاءَ لاءِ
سندن
ئي سهاري
سان
شايع ٿي. خان
بهادر مير
هزار
خان
کوسو، عبدالحميد
خان
۽
خان بهادر
خدا
داد خان
ان
جا مکيه
حصيدار رهيا.
سن
1926ع
کان
اخبار خان
بهادر
کوسي جي
هٿ
وس رهي
۽
سرڪار نامدار
جي
حمايت ۾ هلندي
رهي،
جنهن ڪري پبلڪ
۾
به
چڱو اثر
پيدا
ٿيو،
پر علي
محمد
راشدي،
”سنڌ
زميندار“ جي
ايڊيٽر ماستر
عبدالوهاب متعلق
لکي
ٿو
ته:
”هو
حقيقت
لکندو، علمدارن
جي
ڌيان
کي
دعوت
ڏيندو، حڪومت
سان
واسطو رکندڙ
تحريرن ۾ ادب
۽
انڪسار جي
ازلي
حدن کي لازماً
ملحوظ رکندو.
مضمون ۾ نه
مرچ
وجهندو نه
مسالو، نه
مثالي شعر
ڏيندو،
نه
ڪو
جوشيلو جملو،
تحرير جي
سطح
ايتريقدر هيٺاهين
رکندو ۽ زبان
اهڙي
سهل لکندو
جو
معمولي کان معمولي
سنڌي
پڙهيل انگريز
آفيسر به
آسانيءَ سان
مطلب
سمجهي سگهي،
۽
روزمره پاڻ
وٽ
ايندڙ درخواستن
۽
هن
اخبار ۾
ڇپيل مضمونن
جي
روح ۽ انداز
۾
ڪو
فرق
محسوس نه
ڪري.“
(36) پير
صاحب
وڌيڪ لکي
ٿو
ته:
”ماستر عبدالوهاب
جي
انتقال
کانپوءِ مسٽر
احمد
علي عليگ
ايڊيٽر مقرر
ٿيو،
۽
مئي
1929ع
۾
مون پڻ
وڃي
مسٽر احمد
علي
جي
ڇڏيل
ڪرسي سنڀالي،
منهنجي
ڏينهن ۾ اخبار
جي
پاليسي بلڪل
ڦري
ويئي. ان
ڪم
۾
قدرت
به مدد
ڪئي.
اصلوڪا
ڊائريڪٽر مري
کپي
ويا
هئا، پريس
جو
سارو انتظام
خانبهادر محمد
ايوب
کهڙي
جي قبضي
۾
اچي
ويو هو.
ساڳئي وقت
عام
حالتن ۾ به
تبديلي اچي
ويئي
هئي، تنهن
ڪري
اخبار جي
تحريرن کي تيز
ڪندي
منهنجي رستي
۾
ڪابه
رڪاوٽ
ڪانه پئي،
البت
ڪيترا
ڀيرا
وقت جا
عملدار ضرور
ناراض ٿي پيا.
(37)
”سنڌ
زميندار“ اخبار
جي
پاليسيءَ متعلق
پير
حسام الدين
راشدي لکي
ٿو
ته:
”سنڌ
زميندار“ درحقيقت
الوحيد جي
مقابلي لاءِ
انگريزن جي
چرچ
تي سرڪار
پرست
مسلمانن ڪڍي هئي.
بظاهر ته
زميندارن جي
حقن
جي محافظ
ليڪن
در پردي
الوحيد جي
ڦهلايل
زهر
لاءِ
ترياق، ان
جا
مالڪ، ان
جا
خريدار ۽ جن
جو
ان سان
تعلق
هو، سي
سڀئي
انگريزي اقتدار
جا
پروردا ۽ پيدا
ڪيل
هئا،
جيڪي لوڪ
لڄا
سبب ظاهر
خاني
پاڻ کي اعتدال
پسند
قومي رهنما
سڏيندا وتندا
هئا.
”سنڌ
زميندار“ ننهن
چوٽيءَ جو
زور
ڏئي
بيٺي، ليڪن
الوحيد جو
لکيو
مسلمانن جي
دل
۽
دماغ تان
مٽائي
ڪونه سگهي.(38) ”سنڌ
زميندار“ جي
سرڪيوليشن ٻين اخبارن
جي
ڀيٽ
۾
گهڻي وڌيل
رهي،
سن
1930ع
۾ ان
جون
1450
ڪاپيون
شايع
ٿينديون
هيون ۽1935ع
۾ اهي
وڌي
وڃي
1700
تائين
پهتيون. هي
اخبار وڏي
سائيز ۾
ڇپبي هئي.
مسد
منزل گاهه
جي
تحريڪ دوران
سکر
جي ٻين اخبارن
سان
گڏ سکر
جي
ڊسٽرڪٽ
مئجسٽريٽ مسٽر
ٽي
ٽي
ڪوٺاوالا
”سنڌ
زميندار“ جي
مئنيجر آغا
نظر
علي خان
ڏانهن
نوٽيفڪيشن جاري
ڪيو،
جنهن
جو متن
اُهوئي هو،
جو
مٿي سنڌي
اخبار جي
ذڪر
۾
آندل آهي.
راجپوت
(ماهوار):
سکر
جي مشهور
ڪتب
فروش
هريسنگهه
(وفات
1917ع)
جي
پٽن هي
رسالو هن
1923ع
کان
جاري ڪيو هو،
جو
باتصوير پڻ
هيو.
سال جي
آخري
شماري سان
گڏ
هڪ
ڪئلينڊر پڙهندڙن
کي
مفت
ڏنو
ويندو هو.
سنڌ مومن
(هفتيوار):
هي
اخبار
18-
سيپٽمبر
1925ع
کان عبدالحڪيم
شيخ
جاري
ڪئي، اخبار
جي
ايڊيٽريءَ جا
فرائض محمد
تقي
شاهه ۽ عبدالله
شاه
تقوي جن
سرانجام
ڏيندا رهيا.
هي
اخبار
”وڪٽوريا
پريس“ سکر
۾
ڇپبي
هئي
۽
سن
1926ع
تائين
جاري رهڻ
کانپوءِ
بند
ٿي
ويئي.
هندو
پرڪاشڪ
(هفتيوار):
هي
اخبار
12-
مئي
1923ع
کان هنسراج
هري
سنگهه جاري
ڪئي
هئي،
آريه سماج
جي
ترجماني
ڪندڙ هن
اخبار جي
پاليسي مسلمانن
جي
سخت خلاف
هئي.
گلستان
(ماهوار):
سن
1925ع
کان
منوهرداس
ڪوڙيمل جي
ادارت ۾
”ساهتيه
منڊل“
جي
سهاري هيٺ
شايع
ٿيندڙ
هر رسالو
اول
حيدرآباد مان
پڌرو
ٿيندو
هو، مگر
چئن
پرچن جي
اشاعت
کانپوءِ اهو
سکر
مان منظر
عام
تي اچڻ
لڳو،
حيدرآباد ۾ رسالو
”هند
آفتاب پرنٽنگ
پريس“ مان
ڇپبو
هو
۽
سکر مان
”امر
پرنٽنگ پريس“
مان
ڇپجي
نڪرندو هو.
هي
رسالو هيو
ته
ٻارن
لاءِ مخصوص،
پر
ان ۾ زرعي
مضمون ۽ ادبي
معياري مواد
به
ڏنو
ويندو هو.
رسالي جي
پاليسي هئي
ته
ڏهن
نون گراهڪن
ٺاهي
ڏيندڙ
کي
گلستان مفت
مهيا
ڪيو
ويندو هو.(39)
الراشد
(ماهوار):
هي
ماهوار سن
1926ع
۾
پير علي
محمد
راشدي سکر
مان
جاري ڪيو هو،
رسالي جا
پهريان پرچا
”سنڌ
زميندار پريس“
سکر
۾
ڇپيا،
مگر پرچي
۾
وڏيرن جي
خلاف
تکي نڪتچيني
هئڻ
سبب ”سنڌ زميندار
پريس“ وارن
وڌيڪ
رسالي ڇپڻ کان نابري
واري
۽
رسالي جي
وڌيڪ
ڇپائي
شڪارپور مان
ميان
ڪريم
بخش
ٽانوري جي
”الحنيف پريس“
مان ٿيندي رهي.
(40)
الحزب
(هفتيوار):
هي
اخبار مولانا
دين
محمد وفائي
سن
1927ع
۾
جاري ڪئي هئي،
الحزب مسلم
فڪر
۽
سماج جي
ترجمان
ڪندڙ هئي.
اخبار جون
فقط
300
ڪاپيون
ڇپجي
منظر
عام تي
اينديون هيون.
سن
1928ع
۾
ئي اخبار
اختتام کي وڃي
رسي.
آريه جاتي
(هفتيوار):
هي
اخبار آرتمل
کٽڻمل
پنجابي آريه
جاتي
جي ادارت
۾
سن
1928ع
کان
پڌري ٿيڻ لڳي،
اخبار
ڌرمي ۽ سماجي
مواد
کان
علاوه سناتن
ڌرم
۽
مسلمانن خلاف
ليک
شايع
ڪندي هئي،
اخبار جي
قيمت
رڳو
3
آنا
هئي،
ان جو
ڇهه
سئو
ڪاپيون
نڪرنديون هيون.
هندو ڌرم
(هفتيوار):
هي
اخبار پهرين
ڊسمبر
1927ع
کان
نيچلداس گلاڻي
جي
ادارت ۾
ڇپجي پڌري
ٿي،
پنڊت
سوديشور شرما
۽
پنڊت
طوطارام شرما
پڻ
هن اخبار
جا
ايڊيٽر ٿي رهيا. ”هندو
ڌرم“
اخبار آنچل
پريس
سکر ۾
ڇپبي هئي.
اخبار هندو
ازم
جي پرچارڪ
هئي.
ان جو
1
جون
1928ع
تي شايع
ٿيل
شمارو
”پريتم
ڌرم
سڀا“
شڪارپور جي
نالي
سان يادگار
طور
شايع ڪيو ويو
هو.
هي اخبار
رڳو
ٻه
سال شايع
ٿيڻ
کانپوءِ
بند
ٿي
ويئي.
سماج:
سوامي گوانند
سماج
نالي هڪ
رسالو سن
1928ع
۾
جاري ڪيو هو،
جو
ڪجهه
وقت هلي
بند
ٿي
ويو.
سکر گزيٽ
(هفتيوار):
آرتمل
کٽمڻل پنجابي
جي
ادارت ۾ شايع
ٿيندڙ
هي
اخبار 2-
ڊسمبر
1927ع
کان سکر
پرنٽنگ پريس
مان
ڇپجي
پڌري ٿي.
”سکر
گزيٽ“
ڪجهه عرصو
مولچند هريسنگهه
پڻ
ايڊٽ
ڪئي. آريه
سماج
جي ترجماني
ڪندڙ
هي
اخبار سن
1930ع
کان
پوءِ بند
ٿي
ويئي.
سنڌ واسي
(هفتيوار):
هي
اخبار چوئٿرام
ٽيڪچند
وليڇا ماڊل
پريس
ڪراچي
مان
ڇپائي سکر
مان
پڌري
ڪندو هو،
سماجي سڌارن
لاءِ
جدوجهد
ڪندڙ وليڇا
جي
هن اخبار
جي
پاليسي به
اهڙيءَ ئي
هئي
۽
ان سوچ
جي
تحت ئي
”سنڌ
واسي“ ۾ مواد
اشاعت هيٺ
ايندو هو،
هي
اخبار
1927ع
۾
بند ٿي ويئي.
آريه
ڪمار
(هفتيوار):
هي
اخبار
1928ع
کان
ڀڳوانداس جئسورام
پنجابي جي
ادارت ۾ شايع
ٿي
۽
1929ع
تائين رڳو
هڪ
سال هلي
بند
ٿي
ويئي.
دعوت اسلام
(پندرهن
روزاه
/
روزاني):
سنڌي
۽
اردو زبانن
۾
شايع
ٿيندڙ
”دعوت
اسلام“ جو
اجراءُ
ڊسمبر
1927ع
کان
ڊاڪٽر محمد
يامين ولد
قمر
الدين قريشي
دندان ساز
جي
ادارت ۾
ٿيو، هي
اخبار اول
”مفيد
عام پريس“
سکر،
”سياست پريس“
سکر
۽
پوءِ
”وڪٽوريا
پريس“ سکر
مان
ڇپبي
هئي.
”دعوت
اسلام“ مسلمانن
جي
حقن جي
ترجماني
ڪندڙ هئي،
مسلم
ليگ جي
سرگرميءَ واري
دور
۾
هيءَ اخبار
به
ليگ جي
حمايت
ڪندڙ هئي،
جنهن
ڪري
مسجد منزل
گاهه
جي تحريڪ
دوران سکر
جي
ٻين
اخبارن سان
گڏ
سکر جي
ڊسٽرڪٽ
مئجسٽريٽ مسٽر
ٽي.
ٽي.
ڪوٺاوالا
”دعوت
اسلام“ جي
ايڊيٽر
ڊاڪٽر محمد
يامين
ڏانهن تنبيهه
نامو
(نوٽيفڪيشن)
جاري ڪيو هو.
”دعوت
اسلام“ رسالي
جي
صورت ۾ به
شايع
ٿيندي
هئي، انڪري
صحافت جي
تاريخ ۾ ان
کي
رسالن ۾ شامل
ڪيو
ويو
آهي،
”دعوت
اسلام“ جي
ادارت جا
فرائض بعد
۾
محمد
يامين قريشي
جي
پٽ عبدالعزيز
به
سرانجام پئي
ڏنا.
اخبار جي
مونوگرام تي
عينڪ
۽
ڏند
به
ڇپيل ڏٺا ويا
آهن،
اُن جو
سبب
اهو هو
ته
محمد يامين
قريشي سکر
جو
دندان ساز
پڻ
هو.
ڀارت
(هفتيوار):
هي
اخبار ڀوڄراج موٽومل
اجواڻي جاري
ڪئي.
ان
جو پهريون
پرچو
2
جولاءِ
1929ع
تي
”ڀارت
پريس“ سکر
مان
ڇپجي
پڌرو
ٿيو. اخبار
۾
ميونسپل جا
مسئلا ۽ سماج
جا
مامرا وڏي
شدمد
سان شايع
ڪيا
ويندا هئا.
ڀارت
جي
اشاعت
1934ع
کان پوءِ
بند
ٿي
ويئي.
هندو ليگ
گزيٽ
(روزاني/ هفتيوار)
هي
اخبار پهريائين
روزاني هئي
۽
بعد
۾
هفتيوار جي
صورت
۾
پڌري
ٿيندي هئي.
اخبار جو
پهريون شمارو
8
ڊسمبر
1929ع
تي پڌرو
ٿيو.
هن
اخبار جي
ادارت سيتلداس
کٽڻمل
۽
سانوڻمل جي
حوالي رهي.
”هندو
ليگ گزيٽ“
”ڪوهنور
پريس“ سکر
۾
ڇپبي
هئي.
آرتمل پنجابي
به
هندو ليگ
گزيٽ
جو ايڊيٽر
رهيو.
المنار
(ماهوار):
هي
ماهوار ادبي
رسالو سن
1930ع
۾
جاري ڪيو ويو.
هن
رسالي جو
پهريون ايڊيٽر
ميان
عبدالرحيم کرل هو.
ميان
عبدالرحيم آزاد
کرل
پوءِ
خيرپور رياست
جو
چيف جج
پڻ
ٿي
رهيو هو.
رسالي جو
پرنٽر ۽ پبلشر
به
هو پاڻ
ئي
هو. آخر
۾
خود
ئي رسالي
جي
ادارت جا
فرائض سرانجام
ڏيندو
هو.
پير علي
محمد
راشدي ۽ پير
حسام
الدين راشدي
رسالي جا
خاص
ليکڪ هئا.(41)
پير
حسام الدين
راشدي جي
بقول:
”انهي
رسالي اڳتي
هلي
هفتيوار اخبار
جي
صورت اختيار
ڪئي.(42)
مزدور
(هفتيوار):
هي
اخبار
26-
اپريل
1931ع
کان
1932ع
تائين
شايع ٿي. اخبار
جي
ادارت حافظ
عبدالمجيد ڀٽي ۽ ابو
شوڪت
حمزي چڪ
واري
جي حوالي
هئي.
مزدور اخبار
”محموديه پريس“
سکر
۾
ڇپبي
هئي. مزدورن
جي
حمايت
ڪندڙ هي
اخبار هندن
جي
سخت مخالفت
ڪندڙ
هئي.
نيو ايرا
(هفتيوار):
انگريزي زبان
۾
شايع
ٿيندڙ
هي اخبار
26-
فيبروري
1932ع
کان پير
علي
محمد راشدي
جي
ادارت ۾
”سنڌ
زميندار پريس“
سکر
مان
ڇپجي پڌري
ٿي.
”نيو
ايرا“ ۾ سماجي،
تاريخي ۽ مذهبي
مواد
چڱي مقدار
۾
ڇپبو
هو.
باضابطگي نه
هئڻ
سبب هي
اخبارن ٻن سالن
کانپوءِ
بند
ٿي
ويئي.
نيو سنڌ
ٽائيم
(هفتيوار):
هي
اخبار 20-
جنوري
1933ع
کان سنڌ
۽
انگريزي
ٻولين ۾ ها
سانند سندر
داس
پمناڻي جي
ادارت ۾
”اپر
سنڌ
پرنٽنگ پريس“
سکر
مان
ڇپجي پڌري
ٿي.
اداري جي
پاليسي موجب
اخبار ۾
ڏيهي خبرن
کان
علاوه سياسي،
سماجي ۽
ڌرمي
ڪالم
ڪثرت سان
شايع
ٿيندا
هئا.
سوديشي
(هفتيوار):
ٺاڪرداس
گلومل مسند
جي
ادارت ۾ شايع
ٿيندڙ
هي
اخبار 13-آڪٽوبر
1933ع
کان
”امر
پريس“ سکر
مان
ڇپجي
منظر عام
تي
آئي، سماجي
۽
ڌرمي
خبرن
لاءِ وقف
ٿيل
سوديشي رڳو
هڪ
سال شايع
ٿيڻ
کانپوءِ،
بند
ٿي
ويئي.
سنڌ
واسي
(هفتيوار):
ساڌو
رام آتمارام
ڪالاڻي
جي
ادارت ۾ شايع
ٿيندڙ
هن
اخبار جو
اجراءُ 21-
فيبروري
1934ع
کان
ٿيو. ”سنڌ واسي“
”اپر
سنڌ پريس“
سکر
۾
ڇپبي
هئي.
سناتن گزيٽ
(هفتيوار):
هي
اخبار
ڪشنچند
ڌنراج مل
واسديو جي
ادارت ۾ پهرين
مئي
1934ع
کان
”فائن
آرٽ پريس“
سکر
مان
ڇپجي پڌري
ٿي.
اخبار جو
ايڊيٽر چڱو
سياسي شعور
رکندڙ ۽ ذهن
ماڻهو هو،
تنهن
ڪري
سياسي خبرن
۽
ڪالمن
کان
علاوه سول
نافرماني متعلق
لکڻ
سبب اخبار
مقبوليت حاصل
ڪئي،
منجهس
ڌرمي مواد
به
شايع
ٿيندو هو.
ستاره سنڌ
(روزاني/
هفتيوار):
سکر
جي هي
مشهور ۽ مقبول
اخبار
8
جون 1934ع
کان
”سنڌ
گزيٽ پريس“
سکر
مان
ڇپجي پڌري
ٿي،
سنڌي
ٻوليءَ
جا ناميارا
اديب، محقق
۽
صحافي پير
علي
محمد راشدي
۽
پير
حسام الدين
راشدي ان
جا
ايڊيٽر رهيا.
حافظ
خير محمد
اوحدي جي
بقول:
”پير
علي
محمد راشدي
جڏهن
محمد ايوب
کهڙي
جي
اخبار
”سنڌ
زميندار“
ڇڏي، تڏهن
سردار نبي
بخش
خان
ڀٽي، راشدي
صاحب
کي
”ستاره سڌ“
جو
ايڊيٽر مقرر
ڪري،
اخبار لاڙڪاڻي
کان
سکر
منتقل
ڪئي. اخبار
کي
هلائڻ ۽ اُن
کي
مقبول بنائڻ
لاءِ
خاص رقم
مخصوص ڪئي ويئي.
ان
سان گڏ
پريس
(سنڌ
گزيٽ پرنٽنگ
پريس) به
خريد
ڪئي
ويئي. اخبار
شايع
ٿيندي
ئي آسمان
صحافت تي
آفتاب عالمتاب
وانگر چمڪڻ
لڳي.
اخبار جي
ٻوليءَ
۾
شگفتگي، رواني
۽
ادبي
لطافت هئي،
جنهن
ڪري
پنهنجي سڀني
همعصر ۽ حريف
اخبارن کان گهڻو
گهڻو
اڳتي وڌي
ويئي.
اخبار تي
خرچ
ڪيل
رقم ۽ راشدي
برادران طرفان
صرف
ڪيل
صلاحيتن جي
نتيجي ۾ اخبار
جي
مالڪ سردار
نبي
بخش خان
ڀٽي
انڊين سينٽرل
اسيمبليءَ جي
چونڊن ۾ شاندار
ڪاميابي
حاصل
ڪئي.
ان
اليڪشن جي
مهم
کانپوءِ
به اخبار
اشاعت هيٺ
ايندي رهي
۽
اهل
ذوق جي
وجدان کي تسڪين
بخشيندي رهي، مگر
گهڻو
وقت هلي
نه
سگهي. سن
1936ع
کان
1937ع
تائين هفتيوار
جي
صورت ۾ شايع
ٿيڻ
کان
پوءِ
بند ٿي ويئي.
اخبار جا
ٻه
خاص
نمبر هر
هڪ
”عورت
نمبر“ ۽
”بهار
نمبر“ بيشڪ
يادگار طور
شايع
ٿيا.(43)
مولائي شيدائي
لکي
ٿو
ته: هن اخبار
سياست ۽ ادب
۾
چڱو
نالو
ڪڍيو، ان
جو
مزاحيه
ڪالم
”ملالٽر“
مشهور هو.
سيد
حسام الدين
راشدي، لطف
الله
بدوي ۽ مولائي
شيدائي ان
جا
خاص مضمون
نگار
هئا.
(44)
سئنيما گزٽ
(هفتيوار):
هي
ماهوار رسالو
آڪٽوبر
1934ع
کان بيکچند
چيلارام واسواڻيءَ
جي
ادارت ۾
”امر
پريس“ سکر
مان
ڇپجي
پڌرو
ٿيندو هو.
فلمي
اداڪارائن جي
تصويرن ۽ مواد
سبب
رسالو مقبول
هو
۽
آسانيءَ سان
ان
جون هزار
ڪاپيون
کپنديون
هيون. |