سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :5

اهڙيءَ طرح سنڌي ۽ گوجري ٻولين جي جملن جي ڀيٽ جا مثال محترم پرويش شاهين جي ڪتاب مان هيٺ نقل ڪجن ٿا.(92)

سنڌي

گوجري

گوجري

گوجري

مون کاڌو

مين کدو

مون کاڌو آهي

مين کدوهي

هن کاڌو

اُسي کدو

اُنهن کاڌو

اُن ني کدو

تو کاڌو

ٿي کدو

توهان کاڌو

تُم ني کدو

هن کاڌو آهي

اُسي کدوهي

اُنهن کاڌو آهي

اُن ني کدوهي

تو کاڌو آهي

ٿي کدوهي

توهان کاڌو آهي

تم ني کدوهي

ڪهڙو حال آهي؟

ڪي حال اي؟

سٺو آهي

اَڇو هي

تننجو نالو ڇا آهي؟

تير ڪي نا؟

هيءَ راهه ڪيڏانهن ٿي وڃي؟

يو راهه ڪن کا چلي؟

تون ويو آهين؟

تو گيا ايل؟

هو هليو ويو

وه جاريو

آءٌ ويو هوس

هُون گيو ٿو

مون ٽڪر (ماني) کاڌو.

مين ٽوڪ کاليو

هيءَ منهنجي ڌيءَ آهي

يا ميري ڌي اي

هيءَ اسان جي ڌيءَ آهي

يا مهاري ڌي اي

هيءُ اسان جو پٽ آهي

يو مهارو پوت اي

هيءُ منهنجو پٽ آهي

يو ميرو پوت اي

 

 

مون کي ٻڌاءِ تون ڪڏهين ايندين

منه دسو تو ڪدا آگو؟

هو اُت موجود نه هو

وه اُت موجود نهين ٿو

 

 

ماڻهن تپاس ڪئي/ پڇيو

لوڪان ني تپاس ڪيو

 

 

تون ڪٿي هئين؟

تو ڪيت ٿو؟

 

 

جملن جي انهن مثالن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته گوجر دراصل سنڌ جا جت آهن، جن کي بلوچستان ۽ ايران ۾ جدگال سڏيو ويو، جن کي اڳتي افغانستان جي تيره وادي ۽ پوءِ دير ڪوهستان ۽ سوات ڪوهستان طرف لڏي وڃڻ کانپوءِ، اُتي مال جا ڌڻ پالڻ ڪري گؤچر سڏيو ويو، جو بدلجي گوجر ٿي ويو، هنن جي رهڻي ڪهڻي، کاڌي خوراڪ، اُٿڻي ويهڻي، شڪل شبيهه، لباس، رسمن ۽ رواجن کانسواءِ سندن ٻوليءَ جي تقابلي اڀياس مان ظاهر ٿو ٿئي ته گوجر، نسلي لحاظ کان سنڌو- ماٿر جي لاڙ واري خطي جا رهاڪو جت آهن، ۽ اهوئي سبب آهي جو جتڪي، جدگالي، سنڌي ڪوهستاني، لاسي، ۽ گوجريءِ ۾ ايتري قدر گهڻي هڪ جهڙائي نظر اچي ٿي. هن ڏس ۾ تحقيق لاءِ وڌيڪ بهتر ٿيندو ته سنڌ مان علم اللسان ۽ علم الانسان جي کيتر ۾ دلچسپي رکندڙ سڄڻن تي مشتمل خواتين ۽ حضرات جو هڪ گروهه، ڪجهه عرصي لاءِ سوات- ڪوهستان جي گبرال، اوشو ۽ اتروڙ جي وادين ۾ وڃي گوجرن سان ڪجهه عرصو گذاري، ۽ انهن جي روزانو زندگيءَ ۽ ٻوليءَ تي معلومات هٿ ڪري، ساڳيو گروهه وري ڪجهه عرصي لاءِ مڪران ۽ ايران جي اُن علائقي ۾ وڃي جدگالن سان گذاري، ۽ اُنهن جي روزانه زندگيءَ ۽ ٻوليءَ تي مواد هٿ ڪري، ساڳيو گروهه پوءِ بلوچستان جي جدگال خطي ۾ وڃي، جدگالن کان مواد هٿ ڪري، اُن گروهه کي سنڌ جي ڪوهستاني علائقي (دادو ضلعي، ٺٽي ضلعي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي) ۾ آباد جوکين، جاکرن، برفتن، نومڙين، هملاڻين، پالارين ۽ اُنهن جي پاڙن نوتاڻين* برادراڻين، ميندن ۽ ملاراڻين ۽ نوحاڻين جي ٻوليءَ ۽ تهذيب و تمدن جو جائزو وٺي.

هيءَ هڪ تمام وڏو ۽ اهم موضوع آهي، هي مقالو علم الانسان ۽ علم اللسان جي کيتر ۾ محققن جي پياس پوري ڪري نه سگهندو، پر اُٽلو سندن اُڃ ۾ اضافو ڪندو ۽ مٿي ڄاڻايل مواد تي مڪمل تحقيق لاءِ منجهن اُتساه پيدا ڪندو.

 

ببليو گرافي ۽ سمجهاڻيون

(1) پاڪستان جي اُتر، اُتر- اولهه طرف پاڪستان اندر توڙي افغاني سرحد ۾، واخان واري پٽيءَ ۽ واخان جي اُتر طرف آزاد رياست تاجڪستان ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن، اُنهن جا نالا هي آهن:

(الف) پاڪ- افغان سرحد جي ٻنهي پاسي، هندوڪش جبلن ۾ رائج ٻوليون: اُرمڙي، اَشڪَن، پَشائي ڪناري درياهه جي وادي ۾ وائيگيل، کووار، دميلي، ڪَتي، مُنجي، يِدِگها، سنگليچي (زيبڪي)، لونڪو چيوار ۽ بشگالي

(ب) واخان پٽيءَ ۾ رائج ٻوليون: وَخي (اُترئين يارخن ۾ ڳالهائي ويندي آهي) ۽ اِشڪشمي

(ت) پامير واري مٿاهين پٽ ۾ رائج ٻوليون: پاميري ۽ شفني

حوالي لاءِ ڏسو:

George Margenetierne, Report on a linguistic Mission to North-Western India, Institute for sammenlignende, Kulturforsking, Serie CIII-I, 1932, Reprinted Karachi, Indus Publication, pp-16 74 & 42-50.

Also see: Yashodhare Wadhwani, Dr. The Origin of the Sindhi Language, off Print, P-196.

(2) اُهي ماهر ۽ ودوان، جن برصغير جي مغربي حصي ۽ اُن جي سرحد سان ملندڙ ملڪن جي ٻولين تي تحقيق ڪئي، ۽ جن جو ڇڏيل تحقيقي مواد ڪتابن ۽ مقالن جي صورت ۾ موجود آهي، اُنهن مان ڪن جا نالا هي آهن:

(i)  شُلز (Schultze) (ii) بيليگتي (Beligatti) (iii) امادُتيئس (Amadutius)، (iv) سموفنا (Ymphona)، (v) سروليئم جونز (Sir William Jones)، (vi) باپ (Bopp)، (Vii) ڪئري، ڊبليو (Carey, W.) (viii) مارشمئن (Marshman)، (ix) ڊبليو، وارڊ (W.Ward)، (x) اڪٽر فرئنسز بُخَنَن (Dr. Francis Buchanan)، (ix) ڊي، جي لائپڊن (D.J. Ledyen)، (xii) بيايڇ هاگسن، (B.H.Hodgson) (xiii) هنٽر (Hunter)، (xiv) مئڪس مُولر (Max Muller)، (xv) ڊاڪٽر ڪالڊويل (Dr. Caldwell).، (xvi) شمد ڊبليو (Schmidt, W)، (xvii) ميجر رابرٽ ليچ (Major Robert Leech)، (xviii) سرارسڪين پيري (Sir Erskine Perry)، (xix) اسٽيوينسن (Stevenson)، (xx) جون بيمز (John Beames)، (xxi) هورنلي (Hoernle)، (xxii) جورج ڪئمبيل (George cambell)، (xxiii) جون بدولف (John Biddulph)، (xxiv) آرل اسٽين (Aurl Stein)، (xxv) لورينر (Loriner)، (xxvi) اسڪومبرگ (Schumberg)، (xxvii) لائيٽنر (Leitner)، (xxviii) جون بيلي (John Baily، (xxix) جون بُدرُس (George Buddrus)، (xxx) مارٿي فِچ (Marthy Fitch)، (xxxi) ڊاڪٽر لور سئنڊر (Dr. Lore Sander)، (xxxii) ايماي يانگ (M.A.Yong)، (xxxiii) ووييچ اسڪُل مؤسڪي (Woiceich Skalmowski)، (xxxiv) رُٿ لائيلا سمٿ (Ruth Laila Scmidt)، (xxxv) جورج مورگنسٽيئرن (George Morgenstiesne)، (xxxvi) پروفيسر گئنڪوئسڪي (Prof: Gankovsky) (xxxvii) ڪارل ييتمار (Karl Yetmar)، (xxxviii) پروفيسر مچل (Prof: Mitchell)، (xxxix) پروفيسر تُربياني (ProfL Turbiani)، (xxxx) ڊاڪٽر ايٽرومپ (Dr.E. Trumpp)، (xxxxi) ڊاڪٽر ايڇٽي سورلي (Dr.H. T. Sorley)، (xxxxii) جورج اسٽئڪ (George Stack)، (xxxxiii) ڪئپٽن شرٽ (Captai Shirt)، (xxxxiv) ڊاڪٽر شمل (Dr. Shimmel)، (xxxxv) ڊاڪٽر رايا ييگورا (Dr.Raya Yegorava)، (xxxxvi) ڊاڪٽر شئڪل (Dr. Shackle)، (xxxxvii) ڊاڪٽر هيرماٿ (Dr. Hiremath)،

(3) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ثقافتي ورثو، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 1999ع.

(4)  محمد پرويش شاهين: ڪالام ڪوهستان“ (لوگ اور زبان)، منگوره، سوات، شعيب سنز، پبلشرز،1989ع، ص-41.

(5) مهر عبدالحق، ڊاڪٽر: ”ملتاني زبان اور اُس کان اردو سي تعلق“، ص-90

(6) Baloch, N.A, Dr. Some Lesser known dialects of Kohistan, an article published in Muhammad Shahidullah Felicitation Vol: edited by Muhammad Enamul Haq, Dacca, Asiatic Society of Pakistan, pp 50-55.

(7) Colin, P. Masica, the Indo Aryan Language, Cambridge Language Survey, Cambridge, 1991, pp 430-433, 436 & 440.

۽ پڻ ڏسو: الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، ڇاپو ٽيون، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1995ع، ص

۽ پڻ ڏسو: داد محمد، بروهي: ڊاڪٽر: ”سبيءَ جي ٻوليءَ“، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1992ع، 1413هه، ص ص6 ۽ 29

 (8) Grieson, G. A. Linguistic Survey of India, Reprinted with new name (Linguistic Survey of Pakistan), Vol: I, Part-1 Lahore, Accurate Printers, P-137.

(9) Ibid, Vol: III, part II, Op. Cit, pp2 & 137.

(10) Grierson, G.A. Op. Cit., ref: 9.

(11) John Buddul, Tribes of Hindookoosh, reprinted, Lahore, Ali, Kamran Publishers, 1986. Also seeL George Morgenstieme, Dr. Report on a Linguistic Mission to North- Western India, Karachi, reprinted by Indus publication, 1930, p p. 42-50 (12) Ibid.

 (13) محمد پرويش شاهين: ڪلام ڪوهستان“ حوالو 4، ص 69

(14)  ايضاً، ص 199.

(15)  محمد پرويش شاهين: حوالو4، ص 203.

(16)  ايضاً، ص 203

(17)  ايضاً، ص 21.

(18)  ايضاً، ص 221

(19)  ايضاً.

(20)  الانا غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1974، ص116.

Also seeL ibid, “Origin & Grwoth of Sindi Language.” Under print, Institute of Sindhology.

(21) Grieron, G.A Op. Cit, ref: 8, p. 173.

(22) Grieron, G.A. Op. Cit, Ref: 8

(24) Ibid

(25) Lewis, B. And Others, “The Encyclopaedia of Islam”, VolL ii, Leidn E.J. Brill, 1965, p.1122.

(26) Belleno, H.W “The Races of Afghanistan”, reprinted by Sang-e- Meel publications, Lahore 1979, p-21.

(27) Ibid

(28) نبي بخش خان، بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي  ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ڄامشورو، پاڪستان اسٽيڊي سينٽر، 1993 ع، ص 39.

(29) غلام رسول ميرجت: جتن جي تاريخ، ٽنڊو الهيار،1933ع، ص ص 25 ۽ 31.

(30) ايضاً

(31) ايضاً

(32) ايضاً، ص -45

(33) جيٽلي مرليڌر، ڊاڪٽر: انٽرويو، مهراڻ 1991ع، ص- 187

(34) Mir Ahmedyar Khan, “Inside Balochistan”, a Biography, Karachi, Royal Book Company, 1977, p-143.

(35) محمد پرويش شاهين: حوالو 4، ص 313.

(36) ايضاً، ص-307

(37) انور بيگ اعواڻ: دهني ادب اور ثقافت، چڪوال، ضلع جهلم، بزم ثقافت چڪوال، 1986ع، ص 146.

(38) ايضاً

(39) Hunter, W.W “Imperial Gazetteer of India” Vol: IX, scond edition, 1881, p-44.

(40) Lewis, B. & Others, Op. Cit: refL 25 p.102

(41) Bellew, H.W, Op, ref, 26.

(42) Ibid

(43) Ibid

(44)  غلام رسول ميرجت: حوالو 29.ص 6

(45) Sigrid Westphal, Dr. & Heinz Westphall Dr. “Jats of Pakistan”, Berlin, Dunker and Humbolt, 1964, p-104.

(46) Ibid, Also see: Tod, J. “Annals and Antiquities of Rajasthan”, Vol: I, George Routledge and Sons LtdL, 1914, pp. 52 55 & 88-89.

(47)  غلام رسول، مير جت: حوالو ڏنو ويو آهي.

(48) Bellew, H.W. Op. Cit. Ref: 26, p-65

(49)  انور بيگ اعواڻ: حوالو نمبر 38، ص 146

(50) Bellew, H. W. Op. Cit. RefL 26, P-65

(51) Cencus report of Makran Distict of Balochistan, 1961, pp.1-14

(52)  ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو جيڪب آبادي لهجو، مخزن پيار محبت، سنڌ هارس ائنڊ ڪئٽل شو، جيڪب آباد، 1988ع، ص 20

(53)  الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، ٻيو ڇاپو، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1973ع، ص 122.

(54) Bellew, H.W. Op. Cit., refL 15, p-65.

(55)  مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 22

(56)  الانا غلام علي، ڊاڪٽر: ڏسو حوالو، 53، ص 123،

(57)  ايضاً

(58)  داد محمد بروهي، ڊاڪٽر: ”سبيءَ جي ٻوليء، حيدرآبادسنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو، 1992ع، ص 6

۽ پڻ انور رومان، پروفيسر: بلوچستان ڪي قبائل، اردو ترجمو، بينظير انٽر پرائيرزز پبلشرس، ڪوئٽه 87-1986ع.

(59) Balochistan District Gazetteer Series, Makran, Karachi, Vol-iv, the Time Press, 1907, p p: 47-72

(60) Ibid, P: 86

(61) Ibid, P: 65

(62)  الانا غلام علي، ڊاڪٽر: حوالو نمبر 52 ۽ 53

(63)  ايضاً،لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخڄامشورو، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع، ص 113

(64)  داد محمد بروهي، حوالو58، ص114،

(65)  حوالو62، ص 114

(66) Grierson, G. Sir, Op. Cit, ref: 6, P-137,

(67) Colin P.Masica, Dr. the Indo Aryan Languages, Cambridge, 1991, P-428

(68) Ref: 44, p.104

(69)  داد محمد بروهي، ڊاڪٽر: حوالو57، ص 27

(70)  غلام رسول ميرجت: حوالو 29، ص 13

(72) Grierson, G. Op. Cit, ref: 8

(73) Ibid

(74) Colin Masica, Dr. Reg 67

(75) Sig. Westphal, Dr. & Heinz Westphal Dr. See ref: 45.

(76)  داد محمد بروهي، ڊاڪٽر: ڏسو حوالو 57

(77)  غلام رسول ميرجت: حوالو 29 ۽ 70

(78)  ايضاً

(79) Baloch, N.A. Dr, Some Lesser Known dialects of Kohistan, Op. Cit, Reg: 3

(80) Grierson, G. Op. Ct.8

(81)  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ڏسو حوالو 28، ص 39

(82)  ايضاً

(83)  ايضاً، ص 41

(84)  ايضاً

(85)  ڀيرو مل آڏاواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

(86) Caldwell

(87) Ibid

(88) Ibid

(89) Ibid

(90)  غلام رسول ميرجت: ڏسو حوالو

(91)  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ڏسو حوالو28، ص 43

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com