سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2001ع

مضمون

صفحو :4

5- ماهرن جو خيال آهي ته سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن ۽ ڪوهستان وارن علائقن ۾، اُتر - اولهه طرف چترال ۽ اُتر طرف ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اهڙيون ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن، جن جو داردي خاندان وارين ٻولين يا ٻين گروهه وارين ٻولين سان ڪوبه واسطو ڪونهي، پر اُنهن ٻولين جو واسطو، هڪ لحاظ سان سڌو سنئون، سنڌي ۽ لهندي گروهه وارين ٻولين سان آهي. سنڌي ۽ لهندي گروهه واريون ٻوليون، جيئن سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته غير - آريائي ٻوليون آهن، جيڪي سنڌو - ماٿر ۾، آرين جي اچڻ کان ڪافي زمانو اڳ، سنڌو - ماٿر ۾، ماڻهن جي روزمره واري زندگيءَ ۾ رائج هيون. انهن ٻولين جون پاڙون، سنڌو - ماٿر واريءَ تهذيب ۾ کُتل آهن، جنهن جي باري ۾ سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ۽ Origin and growth of Sindhi Language  ڪتابن ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.(20)

سرگريئرسن، حالانڪ انهن ٻولين کي Indo- Aryan Languages  جي “Outer sub-branch”  ٻارهن شاخ ٿو سڏي،(21) پر انهن ٻولين جي تقابلي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته اهي ٻوليون سنڌو - تهذيب جي اصلوڪن رهاڪن جون اصلوڪيون ۽ مقامي ٻوليون آهن، جيڪي سنڌو-  ماٿر جي بنيادي ۽ اصلوڪي ٻولي سئنڌؤئيءَ جون شاخون هي آهن:

(1) ڏاکڻي يعني سئنڌوئي شاخ، (2) لهندي شاخ، (3) وسطي شاخ، (4) اُترين شاخ، يعني ڪشميري، (5) اُڀرندين شاخ، (6) اُتر - اوڀر واري شاخ، (7) اُتر - اولهه واري شاخ، (8) براهوئي شاخ، (9) اولهه ۽ ڏکڻ - اولهه واريون شاخون، (10) قديم درواڙي.

نقشي نمبر ٻئين ۾ اُترين شاخ ۽ اُڀرندين شاخ ۾ شامل ٻولين جو وچور ڏنو ويو آهي. اُڀرندين شاخ ۾ (الف) سئو راشسٽر ڪاٺياواڙ جي اڳوڻين رياستن مان ڪن ۾ رائج ٻوليون، جيڪي ڪاٺياواڙ اُپسمنڊ تائين پکڙيل آهن، اُتر - اوڀر شاخ ۾ (الف) موجود هرياڻا پرانت ۾ رائج ميواتي / الورشاهي ۽ بانگڙو ٻولي (ب) اڳوڻي اُڌيپور رياست  ميواڙ ۾ رائج ميواڙي ٻولي آهي، سرگريئرسن ۽ ڊاڪٽر عزيز انصاريءَ ميواڙي ٻوليءَ کي اُترين راجستاني سڏيو آهي؛ (ث) مائوجي جيڪا اڳوڻي گجرات ۽ مهاراشٽر رياستن جي سرحدي علائقي ۾ ڀيلي جي نالي سان سڏبي هئي، (ج) اڳوڻي بيڪانير رياست جي اُتر - اوڀر ۾ اصلوڪن ۽ قديم رهاڪن جي ٻولي باگڙيءَ جي نالي سان مشهور آهي، اهڙيءَ طرح اُترين شاخ داردي ٻولين تي مشتمل آهي.

6- گوجري ٻولي سوات جي ڪوهستاني علائقي ۾ ۽ ڪاغان توڙي ٻين خطن ۾، گهمندڙ ڦرندڙ خانه بدوش قوم گوجر جي پنهنجي ٻولي آهي، جنهن کي گوجري ٻولي سڏيو ويندو آهي، اها گوجري ٻولي، غير - آريائي ۽ غير - ڪوهستاني ٻولي آهي. اها ٻُلي، صوتي، صوفي ۽ نحوي لحاظ کان  ميواتي، سنڌي  ۽  لهندي  ٻولين سان سئو في صد هڪ جهڙائي رکي ٿي، جيئن اڳتي هلي مثالن سان سمجهايو ويو آهي، گوجري ٻولي، ڪشميري، ڊوگري ۽ پنجابيءَ سان به ڪجهه قدر هڪجهڙائي رکي ٿي، هن ٻُليءَ جي ڳالهائيندڙ، گوجر قبيلا، سوات ڪوهستان جي اُترئين علائقي ۾، ڪالام، گبرال ۽ پشمال (Pishamal) واري واديءَ ۾، سوات نديءَ جي ڪناري تي اُن (سوات نديءَ) جي اسريت (Isret) ۽  ڪارن دُکي (Karan  Dukhi) شاخن جي وچ واريءَ ماٿريءَ ۾ رهندا آهن. اهي گوجر قبيلا، گوجري ٻولي ڳالهائيندا آهن. پشمال واريءَ سڄي واديءَ ۾ اِهي گوجر قبيلائي رهندا آهن.

گجرال واريءَ واديءَ کان سواءِ گوجرن جا ٽولا سوات نديءَ جي جابلو لاهين ۽ ترائين  ۾، چراگاهن ۽ ميدانن ۾، پنهنجي مال سان گڏ، گهمندي پرندي، ڏسڻ ايندا آهن، ان ڪري گبرال جي وادي ۽ هن علائقي ۾ ٻيا اُهي ٺاڻا ۽ ٺڪاڻا، جتي گوجرن کي گهمندي ڦرندي ۽ سندن مال جي سانگي، اڄ هِت سڀاڻي هُت يعني  اَجڙ  يعني خانه بدوش اَجڙ، ٻڪريون چاريندڙن کي چئبو آهي - ڀٽائي سرڪار جو بيت عمر! آجڙين کي زندگي گذارندي ڏسبو آهي. گوجر قبيلن جي اها زندگي علم اللسان، علم لانسان ۽ جاتي ڀاشا - وگيان (ethno linguistics)  سان دلچسپي رکندڙ محققن لاءِ، تحقيق ۽ کوجنا جو وسيع ميدان ۽ مواد مهيا ڪري ٿي، ثقافتي ورثو ڪتاب جي چوٿين باب ۾ هن علائقي ۾ رائج ٻولين ۽ ماڻهن جي ثقافتي زندگيءَ جي باري ۾ تفصيلي جائزو پيش ڪيو ويو آهي.

7. هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته اِهي گوجر ڪير آهن؟ اِهي قبيلا هن خطي جا اصلوڪا رهاڪو آهن يا اهي هت، ڪٿان ٻئي هنڌان آيا آهن؟ هنن، انهيءَ ڪوهستاني خطي ۾، ڪوهستاني گروهه وارين ٻولين جي اثر رسوخ ۽ تسلط جي باوجود پنهنجي انهيءَ (گوجري) غير- ڪوهستاني گروهه واريءَ ٻوليءَ جي وجود کي ڪيئن قائم رکيو ويو آهي؟ گوجري ٻوليءَ جي ميواتي اتر راجستاني سنڌي ۽ لهندي گروهه وارين ٻولين سان هڪ جهڙائيءَ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ انهن ۽ اهڙن ٻين سڀني سوالن جي جوابن جي هن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

مؤرخن، گجرات پاڪستاني پنجاب جي گجرن ۽ سوات - ڪوهستان ۽ هزاره جي واديءَ ۾ گهمندڙ خانه بدوش گوجر قبيلن کي بنيادي طور، هڪ ئي قوم ۽ هڪ ئي قبيلو سمجهيو آهي، ۽ گجرن ۽ گوجرن ۾ ڪوبه فرق نه سمجهيو آهي. سرگريئرسن گوجرن جي اصل نسل بابت لکي ٿو.

گُرجَرَ، گُجرن جا ابا ڏاڏا (Ancestors) آهن، اُهي شايد پنجين يا ڇهين صدي عيسويءَ ڌاري برصغير ۾ داخل ٿيا، اُنهن مان ڪي جنگجو قبيلا بنجي ويا ۽ راجپوت سڏجڻ لڳا.

گوجر، اصل ۾ شملا پهاڙين ۾ سپادَ لَڪُش علائقي ۾ رهندا هئا، جتان هنن لڏپلاڻ ڪئي، اُنهن مان ڪي ٽولا گنگانديءَ جي وادي ڏانهن لڏي ويا، ڪي ميوات کان ٿيندا راجپوتانا واري علائقي ۾ وڃي ويٺا. راجپوتانا مان ڪن ٽولن، اُتر - اولهه طرف لڏپلاڻ ڪئي، ۽ پنجاب تي ڏکڻ - اوڀر کان حملو ڪيائون.

سوات کان ڪي ٽولا، جمنا نديءَ جي ڪنارن کان، هماليه جبلن جي پيرانديءَ ۾، سنڌو نديءَ تائين پکڙجي ويا. ايتريءَ لڏپلاڻ جي باوجود هنن پنهنجي ٻولي ترڪ نه ڪئي، جيئن جيئن هيٺين پهاڙين تائين پهچجي ٿو تيئن تيئن مقامي گوجري ٻوليءَ جو وڌيڪ پتو پوي ٿو. اها ٻولي، مقامي گوجر قبيلا ڳالهائيندا آهن. اُن ٻوليءَ گوجري ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ڄڻ ته غير - مقامي ماڻهو هئا. جيئن جيئن جابلو علائقي ۾ اڳتي اندر وڃجي ٿو؛ تيئن تيئن گوجري ڳالهائيندڙن جو تعداد وڌيڪ نظر اچي ٿو، ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته گوجري ٻوليءَ تي پاڙي وارين ٻولين جو ڪو اثر ٿي ئي نه سگهيو آهي، ۽ اها ٻولي گوجري) سڀني اثرن کان آجي آهي.(23)

سرگريئرسن اڳتي لکي ٿو ته:

سوات جي جابلو علائقن ۾، خانه بدوش گوجر نظر ايندا آهن، هن علائقي ۾ هنن کي گوجر يعني ڳائي مال جا ڌڻ ڌاريندڙ ۽ ڌڻ پاليندڙ ۽ آجير يعني رڍون پاليندڙ چوندا آهن، اهي قبيلا اڃا تائين چراگاهن ۾ پنهنجي مال جي سانگي رهندا آهن، ۽ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، مال سان گڏ گهمندا ۽ رلندا وتندا آهن، ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن واري گوجري ٻولي ڳالهائيندا آهن.(24)

انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام جي مؤلف جو رايو آهي ته :

گجر (Gudjar) هڪ قبيلي جو نالو آهي، جيڪو بر-  صغير پاڪ - هند ۾ جدا جدا علائقن ۾ پکڙيل آهي. هي قبيلو راجپوتن مان آهي، ۽ اُنهن سان هڪجهڙائي رکي ٿو.

هي قبيلو جاٽن (Djat) ۽ اَهيرن سان ملي جلي ٿو، جيڪي گجر هجڻ جي دعوا ڪن ٿا، مغربي ۽ مقامي مؤرخ اهو تسليم ٿا ڪن ته اهو قبيلو، هندستان ۾، وچ مشرق کان پنجين صدي عيسويءَ ڌاري لڏي آيو. اهي ماڻهو قداور، سهڻا ٺاهوڪن مهانڊن وارا هئا، هنن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي ستين يا سفيد هُنن جي اولاد مان آهن.

تاريخ نويسن جو رايو آهي ته گُجر اهي مقامي قبيلا آهن، ۽ ڪٿان ٻاهران ڪونه آيا اهن، پر هن راءِ کي ڪو گهڻو سهڪار نٿو ملي، اهي قبيلا کيتي ٻاڙيءَ جي ڪرت ڪرڻ، مال ڌارڻ ۽ کير توڙي اُن (کير) مان ٺهيل شين جي وڪري جي ڪرت ڪندا آهن، پر تعليم جي فروغ کان پوءِ انهن مان ڪن ٻيا ڌنڌا پڻ اختيار ڪيا آهن، ۽ هاڻ خانه بدوش رهڻ جي بدران سڪونت واري زندگي پڻ اختيار ڪئي اٿن(25)

مسٽر بيليو (Bellew) پنهنجي ڪتاب The Races of Afghanistan  ۾ لکي ٿو ته:

جت، ڪٽي ۽ سٿيا دراصل سنڌو - ماٿر جا رهاڪو آهن، جيڪي هتان لڏي، هندوڪش جبلن ڏانهن ويا، يورپي ماهرن جي خيال موجب جت (Getes) ۽ ڪٽي  (Catti) هن علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ نظر ايندا آهن، جتن کي هاڻ هت گوجر سڏيندا آهن(26)

مسٽر بيليو اڳتي لکي ٿو ته:

.جت، ڪٽي ۽ سٿيا، افعانستان ۾ پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ڌاري لڏي آيا، پر هت افغانستان ۾ هاڻ جتن جي نالي سان ڪوبه قبيلو نٿو رهي. اُهي هاڻ گوجر سڏبا آهن.(27)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جتن کي ٻاهران آيل قوم ٿو بيان ڪري، هو پنهنجي ڪتاب، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته:

ٻي ۽ ٽي صدي عيسويءَ ۾ جڏهن ساڪن (Scythian) ڏکڻ - اوڀر ايران واري ڀاڱي (سيستان) تي قبضو ڪيو، تڏهن جت - بلوچ قبيلن اُتان مڪران، موجوده بلوچستان ۽ سنڌ طرف هجرت ڪئي، ساڪ به سيستان فتح ڪرڻ بعد مڪران، بلوچستان ۽ سنڌ کي فتح ڪري هيٺ ڪاٺياواڙ - گجرات طرف وڌيا، ساڪن جي انهن ڪاهن سببان، هجرت ڪندڙ جت - بلوچ قبيلن، جبلن ۽ رڻن پٽن کي وسايو، بلوچن اها سڀ کان آڳاٽي هجرت ڪئي، جنهن ۾ هڪڙن قبيلن بروهي - بلوچن سنڌ، ته ٻين قبيلن (جت- بلوچن) وڌي، اچي ۽ سبيءَ جي بيابانن کي پنهنجو وطن بنايو، ۽ ايندڙ ٽن صدين واري عرصي ۾ هو مقامي باشندن سان ملي هڪ ٿيا، ۽ مقامي ٻوليون اختيار ڪيون. اُتر ۾ سبي ۽ ناڙي جي ميدانن ۾ ۽ هيٺ لاڙ طرف، جاتي ۽ ڪڇ ۾، ٻني ۽ ٻين بياباني علائقن ۾ سنڌي جت - بلوچن جي آبادي انهي آڳاٽي هجرت جو يادگار آهي.(28)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن راءِ کي جڏهن مير احمد يار خان، ڊاڪٽر زيگويسٽ فال، مسٽر بيليو ۽ محمد پرويش شاهين توڙي محترم غلام رسول مير جت جي راين سان ڀيٽجي ٿو، تڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن راءِ سان اتفاق نٿو ڪري سگهجي.

جتن جي اصل نسل جي باري ۾، محترم غلام رسول ميرجت پنهنجي ڪتاب، جتن جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته:

اسان کي پهرين اهو سمجهڻ گهرجي ته آيا جت، آرين آهن يا سٿين؟ اسان پهرين آرين ۽ سٿين جي برصغير ۾ آمد جي وقت تي نظر ڪنداسون، ڇاڪاڻ ته ٻنهي قومن جي آمد جي عرصي جي وچ ۾ سوين نه، بلڪ هزارن سالن جو ويڇو آهي. قديم تاريخ ۾، سنڌ ۾ آرين جي آمد دراوڙن کانپوءِ بيان ڪئي ويئي آهي، جيڪي سنڌ جي قديم تهذيب جا معمار تسليم ڪيا وڃن ٿا، ۽ ان بعد آرين جي آمد ٿئي ٿي.

آرين جو مشهور واقعو ويد لکڻ کانسواءِ؛ هن ڌرتيءَ تي پانڊون ۽ ڪورون جي وچ ۾ جنگ آهي. اها جنگ، مهاڀارت واري زماني ۾، 1400 ق. م ڌاري لڳي هئي. سٿين جي آمد جو زمانو، مهاڀارت واري جنگ کان گهڻو پوءِ جو آهي، تاريخن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته مهاڀارت واري زماني ۾،  پانڊون ۽ ڪورون جي جنگ جي احوال ۾ جتن جو ذڪر به ملي ٿو. اها لڙائي راجا جئدرٿ جي وقت ۾ لڳي هئي، جنهن ۾ راجا جئدرٿ، ڪورون جي طرفداري ڪئي هئي.  (29)

محترم غلام رسول ميرجت، جت قبيلن کي، ٻاهران آيل قوم ٿو بيان ڪري ۽ لکي ٿو ته:

جتن جي سنڌ ۾ آمد جو دور اُن وقت ٿيو، جڏهن موهن جي دڙي جو شهر موجود هو، ۽ پنهنجي اوج کي پهتل هو.30))

پر وري اڳتي ڊاڪٽر ايڇ .ٽي. لئمبرڪ ۽ آرل اسٽين جي حوالي سان، جتن ۽ ميرن کي سنڌو ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو ٿو تسليم ڪري، هو لکي ٿو ته:

موهن جي دڙي وارا ڪيترين قومن جو گاڏڙ هئا، تنهن هوندي به اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته منڇر ڍنڍ وارا مهاڻا، سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جي هجڻ جي، سنڌ جي ڪنهن به ٻيءَ قوم کان وڌيڪ امڪان رکن ٿا.....

هن صاحب لئمبرڪ) جي راءِ موجب (جيڪا سنسڪرت ڪتابن تي قائم آهي جاٽ، جت ۽ ميد به سنڌ جي قديم باشندن منجهان آهن، انهن مان ميد ٻيڙيون هلائيندا هئا ۽ جت چراگاهن سان چاهه رکندڙ قوم هئي.(31)

محترم غلام رسول ميرجت، پنهنجي هن بحث جو نتيجو ۽ تت هيٺ ڏنل لفظن موجب ڪڍيو آهي:

(i) جت، سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو آهن.

(ii) جت، سنڌ جي اولاهن علائقن کانسواءِ ملتان ۽ منصوره جي علائقن ۽ مڪران ۾ رهندا هئا.

(iii) جتن جي قوم سنڌ ۽ هند جي انهن پراڻين قومن مان هڪ هئي، جيڪا ڌنڌي ۽ روزگار جي ڪري ايران ۽ عرب جي علائقن ۾ وڃي آباد ٿي.(32)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي راءِ پٽاندر جت قبيلا، نه آريا آهن ۽ ئي سنٿيا آهن، پر اُهي (جت) قبيلا دراصل سنڌو- ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو آهن. هو ڊاڪٽر جيٽلي مهراڻ رسالي نمبر 1/ 1991ع ۾، پنهنجي انٽرويو صفحو 18 ۾ فرمائي ٿو ته موهن جي دڙي واري واديءَ جي اصلوڪا رهاڪو دراوڙ نه پر آريا هئا، ۽ جت قوم جو نسل انهن آرين جي باقيات آهي.

ڊاڪٽر جيٽلي وڌيڪ فرمائي ٿو ته:

هاڻ تازو، ڊرئويڊيئن ٿيئوري به رد ڪئي ويئي آهي، هينئر جيڪي آرڪيالوجسٽ آهن يا هسٽريءَ جي ماهر، ائنٿراپالاجيءَ جا، انهن سرجان مارشل جي ٿيئوري رد ڪئي آهي ته ڪو دراوڙ لوڪ، موهن جي دڙي ۾ رهندا هئا، جن تي آرين لوڪن حملو ڪري ڏکڻ هندستان ڀڄائي ڇڏيو، جنهن تي پوءِ آرين، اُتر هندستان ۾ اچي پنهنجو راڄ قائم ڪيو، اهو نظريو هاڻ بلڪل غلط ثابت ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ جو هاڻ جيڪي کوجنائون ٿيون آهن، ته سرجان مارشل کي لاشن جون کوپڙيون هٿ لڳيون هيون، جيڪي هن لنڊن موڪليون هيون، ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ، تيستائين هو مري ويو، ۽ اُن جي رپورٽ ڪونه پهتي 1930ع جي اها ڳالهه آهي، جيڪا هاڻ وڃي اها رپورٽ ظاهر ٿي آهي، جنهن ڪري هندوستان ۾ جيڪي آرڪيالوجسٽ آهن، تن انهيءَ ڳالهه کي سمجهايو آهي ته انهيءَ رپورٽ جي آڌار تي انهن ٻڌايو ته جت، جاٽ قوم جيڪي پنجاب يا بلوچستان ۽ ڪڇ واري علائقي ۾ آهن، تن جي کوپڙي سان اهي ملن ٿيون، هاڻي اهي آهن سڀئي جاٽ، جيڪي آريائي نسل جا آهن، تنهن ڪري هاڻي اها ٿيئوري رد ٿي چڪي آهي ته ڪو موهن جي دڙي ۾ ڊرئويڊيئن يعني دراوڙ نسل رهندا هئا.  (33)

جناب مير احمد يار خان، جدگالن کي بلوچستان جا قديم رهاڪو ٿو مڃي، هو لکي ٿو ته:

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر انهن قبيلن بلوچن مڪران ۽ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسويءَ کان اچڻ شروع ڪيو، بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ، هن خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جدگال گهڻي تعداد ۾ رهندا هئا. (34)

محترم محمد پرويش شاهين هڪ طرف گوجرن جو وجود راءِ گهراڻي جي حڪومت واري زماني ۾ ٿو بيان ڪري ته ٻئي طرف انهن کي 400  ق. م ڌاري آباد ٿيل قبيلو ٿو سمجهي هو محمد پرويش شاهين، ڊاڪٽر صابر آفاقيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته:

گوجر، اراولي ٽڪرين جي آسپاس واري خطي ۾ ئي رهندا هئا، سندن گوجري زبان، انهيءَ خطي ۾ ئي جنم ورتو. گوجري زبان جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو پتو 400 ق . م ڌاري پوي ٿو.(35)

ساڳيو مصنف محمد پرويش شاهين چيني سياح هيون- سئنگ جو به حوالو ڏئي ٿو. هي سياح (هيون- سئنگ) راءِ گهراڻي جي حڪومت جي آخري زماني ۾، سُنڌو- ماٿر ۾ موجود هو. هيون- سئنگ به گوجرن جو ذڪر ڪيو آهي، محمد پرويش شاهين لکي ٿو ته:

گوجرن جي وجود جو ثبوت حضرت مسيح جي ولادت واري زماني کان به اڳ ملي ٿو.

هيون- سئنگ هنن گوجرن کي ڪوچي لو (Klu-che-lo) جي نالي سان سڏيو آهي. (36)

هن سلسلي ۾ وڌيڪ مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هزاره، سنڌو- ڪوهستان، سوات ڪوهستان، دير- ڪوهستان ۽ پنجڪوره ڪوهستان وارن علائقن ۾ جتن جي نالي سان ڪوبه قبيلو نٿو رهي، پر انهن کي هاڻ گوجر سڏيو ويندو آهي، محقق بيليو جي راءِ موجب گوجر هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو چوپائي مال جي ڌڻ يا ڌڻن پاليندڙ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. چوپائي مال جي ڌڻن پاليندڙن کي گوجر سڏو ويندو آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته گوجر لفظ، مال پالڻ جي ڪرت يا ڌنڌي سان نسبت رکي ٿو، ۽ اُن ڪرت ڏانهن اشارو ڪري ٿو.

پنجاب (پاڪستان) جي هڪ مشهور مؤرخ، محترم انور بيگ اعواڻ جي راءِ موجب، گوجر لفظ گؤچر گؤ +چر مان ٺهيو آهي، جنهن جي معنى آهي، ڳائو مال چاريندڙ يا پاليندڙ(37). (ساڳيو مصنف مترجم انور بيگ اعواڻ) اڳتي لکي ٿو ته:

افغانستان جو گوجر قبيلو ۽ اُتي جو پيشائي (هنديءَ جو پشو- پسون، معنى جانور) قبيلو، جن جي زبان کي پشائي زبان چوندا آهن، جڏهن برصغير ۾ داخل ٿيا ته اُنهن کي گوجر سڏيو ويو، اهي ماڻهو سوات، دير، تيراه، ڪاغان، هزاره، ڪشمير ۽ تبت ۾ به سڏبا آهن، اهي قبيلا پنهنجي خاص زبان گوجري ڳالهائيندا آهن(38).

امپيريئل گزيٽيئر آف انڊيا ۾ ڄاڻايل آهي ته:

افغانستان ۾ رهندڙ جت قبيلا، بلاشڪ، جتن جي قديم قبيلن سان واسطو رکن ٿا، ۽ انهن منجهان آهن، ۽ جت جيڪي هاڻ لاهور کان وٺي ڪراچيءَ تائين آباد آهن، ۽ جن جو بُڻ بنياد (Obscure) آهي، وڏيءَ آباديءَ تي مشتمل آهي.(39)

انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام ۾ هڪ هنڌ ائين به ڄاڻايل آهي ته:

پاڪستان ۾ هزاره ۽ ڀارت ۾ ڄمون، ڪانگڙا ۽ ڪشمير جي ڪن حصن ۾، گجرن جا ڪي ٽولا رهندا آهن، جيڪي خانه بدوش زندگي گذاريندا آهن، اهي قبيلا مال جي سانگي سان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن گهمندا رهندا آهن، کين جتي به مال لاءِ چراگاهه ملندا آهن، اُتي پنهنجا خيما کوڙيندا آهن. هو جيڪا ٻولي ڳالهائيندا آهن، تنهن کي گوجري سڏيو ويندو آهي.“ (40)

محقق بيليو ۽ ٻين ماهرن جو خيال آهي ته:

پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ۾ جتن ۽ ڪٽين مقامي رهاڪن گنڌارين کي اولهه طرف هيلمند (Helmond) جي واديءَ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو، هن دعوا جي تصديق هن حقيقت مان به ملي ٿي ته جتن جي باقيات، هن وقت به انهن علائقن ۾، پشاور جي واديءَ ۾ پکڙيل نظر ايندي آي، پر اُهي قبيلا هاڻ، جت نه پر گوجر سڏبا آهن. هنن جي ڪرت ۽ ڌنڌو مال جا ڌڻ پالڻ ۽ کيتي ٻاڙي آهي.“ (41)

ساڳيو مصنف (مسٽر بيليو) اهو به ڄاڻائي ٿو ته:

سنڌ- ماٿر جي ڏاکڻئين خطي مان ڌڪجڻ کان پوءِ جتن، پنجاب ۾ هاري بنجي سهارو ورتو ۽ جاٽ سڏجڻ لڳا، پنجاب جي جاٽن جو هڪ پاڙو گجر آهي، جنهن جي وڏي آبادي گجرات، گجرانوالا ۽ گوجر خان واي علائقي ۾ پکڙيل آهي.“(42)

ڊاڪٽر بيليو اڳتي لکي ٿو ته:

گجر۽ گوجر، به جدا جدا قبيلا هئا گوجر، پنجاب جي جاٽن واري ساڳئي نسل مان آهن، ۽ نه ڪو گجرن واري نسل مان.“ (43)

لهاذا ڊاڪٽر بيليو جي انهيءَ راءِ مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته گوجر اصل ۾ جت آهن، جيڪي سنڌو- ماٿر جي هيٺئين (لاڙ واري) خطي مان لڏي اُتر- اولهه ۽ ڏکڻ- اوڀر طرف ويا.

محترم غلام رسول مير جت، جتن جي لڏپلاڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

قديم زمانن ۾، سنڌ ۾ آباد ٿيڻ کانپوءِ، جتن جي ڪجهه قبيلا، سنڌ جي ڀرپاسي جي ملڪن طرف نقل مڪاني ڪري ويا.  جيڪي جت قبيلا بلوچستان ۽ مڪران ۾ وڃي رهيا ته ان ڪري اهي بلوچ چوائڻ ۾ آيا، ۽ ساڳئي وقت انهن مير جو لقب به اختيار ڪيو، اهو لقب مڪران يا بلوچستان جي جتن کي تڏهن مليو، جڏهن مسلم خليفي پاران محمد بن هارون جت، مڪران جو گورنر مقرر ٿيو.“ (44)

هن ڏس ۾ علم الانسان (Anthropology) جو مشهور بين الاقوامي جرمن عالم، .ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال  (Dr. Sigrid West phal)  ۽ اُن جي ودوان بيگم ڊاڪٽر هائينس ويسٽ فال (Dr. Heinz West phal) جو رايو وڌيڪ وزنائتو ٿو لڳي؛ جتن جي باري ۾ هيءُ ماهر جوڙو لکي ٿو ته:

جت قوم، اسلام جي ظهور کان اڳ ڪڇ، راجستان ۽ سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ آباد هئي، هن قوم جا ڪي قبيلا ۽ ٽولا سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ، سنڌ مان لڏي، بلوچستان، ايران، عراق، اردن ۽ عربستان ۾ وڃي آباد ٿيا.“(45) هي ٻئي جرمن ماهر اڳتي لکن ٿا ته:

عراق ڏانهن لڏي ويل جت، اڃا تائين عراق جي ڏاکڻئين حصي ۾ آباد آهن، ۽ پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ جي ڪري عراق جي ٻين قومن کان مختلف آهن.“ (46)

محترم غلام رسول ميرجت به، ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال ۽ اُن جي بيگم جي راءِ سان اتفاق ٿو ڪري ۽ لکي ٿو ته:

پهرين صديءَ عيسويءَ ڌاري، اسان کي سنڌي قبيلي جت جا عراق جي بصري شهر جي ڀرسان بطلاع ماٿريءَ ۾ آباد ٿيڻ، زراعت ڪرڻ ۽ مينهون پالڻ جا ثبوت مليا آهن.“ (47)

(الف) مٿي بيان ڪيل راين ۽ نظرين جي اڀياس جي مدد سان ائين چئي سگهجي ٿو ته گوجر بنيادي طور جت آهن، پر مال جي ڌڻن پالڻ ڪري، انهن قبيلن کي سنڌ ۽ بلوچستان کان ٻاهر پهرين گؤچر ۽ پوءِ گوجر سڏيو ويو، جيئن جتن کي بلوچستان ۾ جدگال، پنجاب ۾ جاٽ ۽ عراق ۾ مدان سڏيو ويو.

(ب) جت قبيلا، افغانستان ۽ سوات- ڪوهستان واري علائقي ۾ ڪيئن لڏي ويا ۽ ڪٿان لڏي ويا، تنهن جي باري ۾ مسٽر بيليو (Mr.Bellow)  جو رايو آهي ته:

جت قبيلا جيڪي افغانستان جي ڏکڻ- اوڀر واري علائقي جي تيراه واديءَ ۾ وڃي آباد ٿيا هئا، تن کي گوجر سڏيو ويو. اُهي(گوجر) افغانستان جي يوسف زئي خطي ۾ ۽ افغان سرحد جي ڏکڻ- اوڀر ۾، خاص ڪري پاڪستان جي باجؤڙ ايجنسيءَ ۽ بونير خطي ۾ رهندا هئا، جتان هنن، سوات- ڪوهستان طرف لڏپلاڻ ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ خطي ۾ چراگاهه جام هئا.

جاگرافيءَ جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته افغانستان وارو يوسف زئي خطو ۽ تيراه وادي پاڪستان جي باجوڙ ايجنسيءَ وارو علائقو ۽ بونير خطو، دير- ڪوهستان جا پاڙيسري خطا آهن، اُن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته گوجر قبيلا افغانستان جي مٿي ڄاڻايل خطن (يوسف زئي ۽ تيراه وادي) مان لڏي، مال جي سانگي سان ۽ چراگاهن جي سهوليت ڪري، سوات- ڪوهستان ۾ لڏي ويا هوندا، جيئن هتان ٻيا قبيلا پڻ لڏي ويا هئا.“(48)

هن سلسلي ۾ انور بيگ اعواڻ صاحب جو خيال آهي ته:

گوجر قبيلا، افغانستان جي تيراه علائقي مان لڏي، دير ڪوهستان ۽ سوات ڪوهستان وارن خطن ۾ وڃي آباد ٿيا هوندا.“(49)

بهرحال انهن مڙني راين جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته گوجر اصل ۾ جت آهن، جيڪي بنيادي طور سنڌو- ماٿر جا رهاڪو هئا، جتان اهي پهرين اوڀر، ڏکڻ- اوڀر ۽ اُتر- اوڀر طرف لڏي، ۽ پوءِ اولهه ۽ اُتر- اولهه طرف بلوچستان جي ڌار ڌار خطن ۾ وڃي ويٺا، بلوچستان ۾ اهي جت ۽ جدگال سڏجڻ آيا. جدگال پوءِ بلوچستان مان لڏي ايران ۽ افغانستان طرف هليا ويا. افغانستان ۾ تيراه واديءَ ۾ وڃي ويٺا، اُتان پوءِ دير ڪوهستان ۽ سوات- ڪوهستان وارن علائقن ڏانهن لڏي ويا. لهاذا محَق بيليو جي هيءَ راءِ بلڪل وزندار ٿي لڳي، جنهن موجب هن دعوا ڪئي هئي ته:

گوجر، اصل جت آهن، جن کي پوءِ افغانستان جي يوسف زئي خطي ۾ گوجر سڏيو ويو.“ (50)

(10- الف) بلوچستان جو ڪڇي- گنداوا علائقو ميداني علائقو آهي، هن علائقي مان مولا ۽ بولان لڪ (دزا) شروع ٿين ٿا. هن علائقي (ڪڇي ۽ گنداوا) جي آباديءَ جو سارو دارو مدار ناڙي ۽ لهڙي ندين تي آهي، انهن مان ناڙي ندي مشهور آهي.

ڪڇي ۽ گنداوا جي رهاڪن ۾ جت اڪثريت ۾ رهن ٿا، پر هن علائقي توڙي ساري بلوچستان ۾ جتن کي جدگال سڏيو ويندو آهي، مڪران ضلعي جي1961ع واري آدمشماريءَ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته:

هن علائقي ۾ رهندڙ جت پاڻ کي جدگال سڏيندا آهن، جيڪي هزارن سالن کان هن حصي ۾ آباد آهن.“ (51)

(ب) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب، پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته:

بلوچستان جي اڪثر علائقن جا ماڻهو سنڌي ٻوليءَ کي جدگالي (جغالي) چوندا آهن، جٽڪي توڙي جدگالي ٻنهي جو مطلب ساڳيو آهي بلوچ قومون سنڌي ڳالهائيندڙ کي مجموعي طرف جت/جٽ چونديون آهن ’گال‘ جو مطلب ’ٻولي‘ جدگالي معنى جت يعني جتن يا ڄٽن واري ٻولي جٽڪي ٻوليءَ جو مفهوم به ساڳيو ئي آهي.“ (51)

بهرحال جدگال لفظ دراصل ٻن لفظن يعني جد = جت گال = ڳالهه يعني ٻوليءَ جو مرڪ آهي. جدگال معنى جتن جي ٻولي، هيءَ (جت) قوم بلوچستان ۾ پنهنجي ٻوليءَ جي نسبت سان جدگال سڏجڻ لڳي. (59)

(ت) قديم سنڌ جي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته راءِ گهراڻي جي حاڪم، راءِ ديوراج (ديوائج) جي حڪومت واري زماني ۾ جدگال سنڌي فوج ۾ سپاهي هوندا هئا، پنجين صدي عيسويءَ ڌاري جڏهن سفيد هن (White Huns) بلوچستان ۾ آيا، تڏهن بلوچستان ۾ جت قبيلا وڏي تعداد ۾ آباد هئا.(60) ستين صدي عيسويءَ ۾، عربن جي سنڌ تي ڪاهن واري زماني ۾، بلوچستان ۾ مير ۽ جت قومون وڏي تعداد ۾ آباد آهيون. ميد، ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آباد هوندا هئا، ته جت وري ساڳئي ئي علائقي يعني ڏکڻ- سنڌ ۾ ساحلي علائقي کانسواءِ ڪڇ، راجپوتانا ۽ پنجاب کانسواءِ بلوچستان ۾ ڪڇي، گنداواهه، لس ٻيلي ۽ مڪران ۾ آباد هوندا هئا.(61)

جدگال، مال پالڻ کانسواءِ کيتي ٻاڙيءَ جي ڪرت پڻ ڪندا هئا، اٽڪل يارهين صدي عيسويءَ ڌاري بلوچستان ۾ خشڪ ساليءَ جو زمانو شروع ٿيو، جنهن ڪري چراگاهه گهٽجڻ لڳا، جنهن جو اثر هتي جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي پڻ ٿيو. اُن وقت بلوچستان ۾ بروهي قوم جو تعداد گهڻو وڌي ويو. انهن چراگاهن تي هڪ طرف جدگالن جو قبضو هو ته ٻئي طرف بروهين پڻ انهن چراگاهن تي قبضو ڪرڻ تي چاهيو، نيٺ جدگالن ۽ بروهين جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ بروهي جدگالن تي غالب پئجي ويا ۽ اقتدار بروهين جي هٿ ۾ آيو.

بروهين کان شڪست کائڻ کانپوءِ جدگالن جا ڪي ٽولا بلوچستان جي جدا جدا خطن، ماڳن ۽ مڪانن ڏانهن لڏي ويا ۽ هزارن جي تعداد ۾ جدگالن جا ڪٽنب، افغانستان، سرحد صوبي ۽ ايراني بلوچستان ۾ وڃي آباد ٿيا. (62)

هن وقت جدگالن جي لڳ ڀڳ هڪ لک کن آبادي ايراني بلوچستان ۾ رهي ٿي، ايران ۾ اسلامي جمهوريه جي انقلاب اچڻ کانپوءِ ڪيترائي ايراني جدگال ڪراچيءَ طرف لڏي آيا، انهن مان هڪ صاحب، جيڪو ايراني بلوچستان واري علائقي مان، اڳوڻي ايراني پارليامينٽ جو ميمبر پڻ هو، تنهن ٻڌايو ته جدگال، ايران ۾، ايراني جدگالي ٻولي ڳالهائيندا آهن.“ (63)

ڊاڪٽر داد محمد بروهي، پروفيسر انور رومان جي حوالي سان لکي ٿو ته:

جدگالي محاورو، بلوچستان جي مڪران علائقي جي ڏاکڻين حصي ۾ ڳالهايو وڃي ٿو، جيڪو اڳتي هلي جيوڻي، اورماڙي، پسني ۽ گوادر تائين پکڙيل آهي.(64)

11- جنهن زماني ۾ (ڏهين صدي عيسوي) مشهور سياح ابن حوقل مڪران پهتو هو، تنهن زماني ۾، مڪران تي جدگالن جو قبضو هو.(65) جدگال هن علائقي ۾ قديم زماني کان رهندا هئا.(66) اهي قبيلا، قديم زماني ۾ سنڌ کان لسٻيلي ۽ لسٻيلي کان هت اچي آباد ٿيا هئا.(67) ان زماني ۾ ڪرمان کان به اڳتي، ايران اندر سارو ملڪ، سنڌ جوانن جو وڏو تعداد شامل هوندو هو. اُنهن مان ڪي اڃا تائين بلوچستان، دسٽ ۽ ڪرمان واريءَ ايراضيءَ ۾ رهن ٿا ۽ پاڻ کي ’جدگال‘ سان سڏين ٿا.(68) هو (جدگال) پنهنجيءَ ٻوليءَ کي جدگالي ٻولي سڏيندا آهن، جدگال قبيلا هزارين سالن کان ڪرمان ۽ زاهدان جي وچ واري علائقي ۾ آباد رهندا ٿا اچن.

جدگال، سامونڊي واپار ۾ به مار ۽ تيز هوندا هئا، ان وقت باهو، دشتياري، ميرجاوا مهدان ۽ ايراني نار مشهور سامونڊي بندر ۽ واپاري مرڪز هوندا هئا. هن وقت به باهو ۽ دشتياريءَ ۾ جدگال گهڻي قدر رهن ٿا. باهو ۽ دشتياريءَ، جون بستيون گوادر جي اُتر- اولهه طرف آهن، ساڳيءَ طرح ڪلانچ واريءَ ايراضيءَ ۾ پڻ جدگالن جي گهڻي آبادي آهي، جدگالن جي پاڙن مان ڪي تربت، ڪيچ ۽ پنجگور جي ماٿريءَ، گوادر جي آسپاس، ڪولوا ۽ پشوڪون کان اولهه طرف مڪران ۾ به پکڙيل آهن. جيتوڻيڪ اهي هاڻ بلوچن سان گهڻي قدر گڏجي مسجي ۽ گاڏڙجي ويا آهن، پر تنهن هوندي به پنهنجي جدگالي ٻولي قائم رکندا ٿا اچن.(69) انهن جي ٻوليءَ جا مثال ايندڙ صفحن ۾ ڏنا ويا آهن.

جدگالن جي پاڙن مان رئيس، مڪران جي اندرئين حصي ۾، ڪيچ ۽ پنجگور جي ماٿرين ۽ ساحلي ايراضيءَ ۾ پشوڪن جي اولهه طرف باهو ۽ دشتياريءَ تائين پکڙيل آهن، جدگالن ۾ ٻيو پاڙو سنگر آهي. سنگر قبيلي وارا جدگال، لسٻيلي کان وٺي اولهه طرف ايراني سرحد تائين پکڙيل آهن، هن قبيلي وارا اها دعوا ٿا ڪن ته اهي اصل ۾ سنڌ ۾ رهندڙ .جوکيا قوم سان واسطو رکن ٿا. (70) تاريخي حوالن مان معلوم ٿو ٿئي ته هو (سنگر قبيلي وارا) سنڌ مان لڏي اچي قلات ويٺا، ۽ پوءِ پندرهين صدي عيسويءَ ۾ بروهين سان ويڙهه ۾ هارائڻ کانپوءِ، مڪران طرف هليا ويا. سنگر گهومو ۽ خانه بدوش قبيلو آهي، هي قبيلو اُٺ پالڻ جي ڪري مشهور آهي، مڪران ۾ هنن جي خاص ڪرت مال پالڻ ۽ مال ڌارڻ آهي، رپ ساڳئي وقت اهي کيتي ٻاڙيءَ جي ڪرت پڻ ڪندا آهن، اهڙيءَ طرح جدگالن جا ٻيا به ڪيترائي پاڙا آهن، جن جو سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. (71)

گذريل صفحن ۾ ماهرن جي حوالن سان چيو ويو آهي ته جدگال ٽولا جڏهن بلوچستان مان افغانستان جي تيراه واديءَ ۾ پهتا انهن قبيلن کي ’گوجر‘ سڏيو ويو. تيراه واري واديءَ مان گوجرن جا ٽولا سرحد پار ڪري، دير، سوات- ڪوهستان، پنجڪوره- ڪوهستان واري واديءَ ۾ آيا، جتان انهن جا ٽولا، سندن مال سان گڏ، ڪاغان جي واديءَ ۾، ڪُنهار نديءَ جي ڪناري تي ۽ پڻ ٻين وادين ۾، سنڌو- درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي داسوءَ تائين، بلڪه تانگير ۽ داريل وارين ماٿرين ۾ موسم آهر ڏسبا آهن سندن مال ۾ رڍون ۽ ٻڪريون هونديون آهن، هاڻ هو اَجڙ زندگيءَ ۾ ڍڳيون ڪونه ڌارين. هنن سان گڏ انهيءَ رولڙي واري زندگيءَ ۾ سندن خطرناڪ ڪُتا ۽ سگهارا گهوڙا به هوندا آهن. گوجرن جا ٽولا گرميءَ جي موسم ۾ اُتر طرف ڪاهيندي، ۽ سرديءَ جي موسم ۾ ڏکڻ طرف ورندي ڏسبا آهن.

13- شڪل شبيهه ۽ لباس:

(الف) مٿي چيو ويو آهي ته گوجر اصل ۾ سنڌ جا رهاڪو جت آهن، ۽ ڪڇ ۽ لاڙ ۾ رهندڙ جت، ڳاڙها ڳٽا ۽ رُشٽ پُشٽ لڳندا آهن.(72) پر مال سان گڏ، تتيءَ ٿڌيءَ رولڙي سبب، هو جلدي پيرسن لڳندا آهن.

گوجرن جا ٽولا گرميءَ جي موسم ۾ چراگاهن جي ڳولا ۾ مال ڪاهي نڪري پوندا آهن، ۽ جؤ جي تلاش ۾، کين جتي پيئي، اُتي ويهاڻي، اها سندن روزانه معمول واري زندگي آهي، محنت ۽ مشقت، طوفان، مينهن ۽ واچ ۽ سردي ۽ برفاني هوائن سان مقابلا ڪندي ڪندي، سندن نرڙن تي، پيرسن ٿيڻ کان اڳ ئي ٻڍاپڻ جا گهنج پئجي ويندا آهن. هو (گوجر) سورج مکيءَ جي گلن وانگر رنگ جا پيلا ٿي ويندا آهن.

گوجرن جا مرد به جتن ۽ جدگالن وانگر لاگ ڍڪين، سندن زائفائون ڪارا گهاگها پائين، انهن (گهگهن) جي اڳئين يعني ڇاتيءَ واري حصي تي ڀرت ڀرين، جيڪو فقط گوجر قوم جي عورتن تائين ئي محدود هوندو آهي، ٻيءَ ڪنهن به قوم ۾، سواءِ جتن ۽ جدگالن جي، هن قسم واري ڀرت جو رواج ڪونهي. گوجرن جي پوشاڪ، سندن زيور، مڻڪا، ٻالڪپڻ، جواني۽ بڍاپڻ ۽ سندن روان دوران زندگي ۽ اهڙيون ٻيون حقيقتون علم الانسان جي ماهرن جو ڌيان ڇڪائين ٿيون.

14- رهائش، کاڌو خوراڪ ۽ معاشي زندگي:

گوجر به جتن ۽ جدگالن وانگر وانڍن ۾ رهن، سندن وانڍن کي لوڙها يا ويڙها ڪونه ٿين. هو وانڍن جي اڳيان پنهنجا ڌڻ واڙين ته جيئن جهنگلي جانورن کان اهي (مال جا ڌڻ) محفوظ رهي سگهن. سياري جي سخت ٿڌ ۽ برفاني موسم ۾، ماڻهو ۽ مال، وانڍن اندر، ڇپرن جي سهاري، هڪ ئي ڇت هيٺ رهن.

جتن ۾ جدگالن وانگر گوجرن جي خوراڪ به کير، لسي ۽ مکڻ آهي. جانورن (گهوڙن، رڍن، ٻڪرين ۽ ڪتن) سان رات ڏينهن گڏ گذارڻ سبب، سندن جسم مان هڪ خاص قسم جي بوءِ پيئي ايندي آهي. اها ساڳي پوءِ سندن کاڌي خوراڪ کائڻ وقت به محسوس ڪبي آهي.

جتن ۽ جدگالن وانگر گوجر به نکٽ نهارڻ، تارن ۽ سيارن جي مدد سان موسم جي اڳ ڪٿي ڪرڻ، ڀرمن، وهمن، سنسن ۽ ٽوڻن ڦيڻن ۾ به ڀروسو رکندا آهن. سندن چوري ٿي، جن جي حالت ۾، جتن ۽ جدگالن وانگر، هن قبيلي جا ماڻهو به پيرا کڻن ۽ چور جي پيرن سڄڻ جا ماهر آهن.

گوجرن جي روزمره جي زندگي، خصوصاً سماجي زندگي، ماهرن جو توجهه گهري ٿي، نکٽن ۽ تارن جي ڄاڻ کانسواءِ، هيءُ جاتي گهريلو يعني ديسي علاج ۽ ديسي ٽوٽڪن جي باري ۾ به گهڻي ڄاڻ رکندي آهي. ان کانسواءِ جانورن جي بيمارين، ڏسي جانورن جي پالڻ ۽ سار سنڀال ۾ هي ماڻهو ماهر آهن.

گوجرن جي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جو ٻيو خزانو موجود آهي، گوجرن جي لوڪ ادب ۾ دوها، بيت، ٻارهن ماسا، سهن ۽ بيساک وغيره جون صنفون موجود آهن، جيئن ته هي لوڪ، عام ماڻهن سان ميل جول ڪونه رکن، تنهن ڪري سيد، لوڪ ادب صدري ادب (Oral Litereature)  ئي رهيو آهي، ۽ لوڪ ادب جو اهو سارو خزانو سيدن ستن ۾ ئي سٿيل رهيو آهي، جنهن جي هٿ ڪرڻ لاءِ، هن وقت تائين، ڪنهن به محقق ڪوشش ڪانه ڪئي آهي، اُن جو هڪ سبب هي به آهي، جو سوات، هزاره ۽ ڪوهستان ۾ رهندڙ ٻيا قبيلا گوجرن کي عزت بلڪل ڪونه ڏين. انهن (گوجرن) سان ميل جول رکڻ به پسند ڪونه ڪندا آهن، ان جو هڪ سبب هي به آهي جو انهيءَ خطي ۾ رهندڙ ماڻهن کي اها شڪايت هوندي آهي ته انهن (گوجرن)، سيد احمد بريلويءَ جي خلاف، هن خطي ۾ سکن جي مدد ڪئي هئي.

15- گوجري ٻولي:

(الف) سرگريئرسن جي حوالي سان شروع ۾ عرض ڪيو ويو آهي ته راجسٿان جي ميواتي ٻولي ۽ گوجري ٻولي پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿيون. هن (سرگريئرسن) جو اهو به خيال آهي ته گوجري ٻولي، ميواتي ٻوليءَ جو هڪ بگڙيل روپ آهي.(73)

(ب) علم الانسان جو هڪ ماهر ڪولن ماسيڪا (Colin Masica) لکي ٿو ته:

گوجري ٻولي، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ به ڳالهائي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته اُن علائقي ۾ به گوجر گهڻائي ۾ رهن ٿا، هيءُ ٻولي راجسٿانيءَ جي ميواتي لهجي سان ملي جُلي ٿي. پاڪستان جي سوات واري ڪوهستان، ڪاغان واري خطي ۾، خانه بدوش ماڻهو نسل واري گوجري قوم به هيءُ ٻولي (گوجري) ڳالهائيندي آهي. سرگريئرسن، هن ٻوليءَ کي پنجاب ۾ رهندڙ گوجر قوم جي ماڻهن جي ٻولي سڏي ٿو.(74)

پر ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال جي حوالي سان اڳ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته: سنڌ جا جت قبيلا سنڌ مان لڏي ڪڇ ۽ راجسٿان جي جدا جدا خطن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن. اُنهن (جت) قبيلن مان هڪڙا پنجاب طرف ويا، جيڪي جاٽ سڏجڻ لڳا، ٻيا ڪڇ ۽ راجسٿان طرف ويا، ٽيان بلوچستان واري علائقي ڏانهن لڏي ويا، جن مان وڏو تعداد جدگال سڏجڻ ۾ آيو. بلوچستان مان اهي قبيلا (جدگال) ايران طرف ويا. ايران ۾ به اُنهن کي جدگال سڏجي ٿو. ايران مان ڪي عراق، اُردن ۽ عربستان ويا. عراق ۾ اُنهن کي مدان سڏيو ويو ۽ عربستان ۾ اُهي رُط سڏجڻ لڳا.(75)

گريئرسن جو خيال آهي ته بلوچستان مان ڪي جدگال قبيلا، افغانستان جي يوسف زئي خطي جي تيراه واديءَ ۾ وڃي ويٺا، جتان وري سرحد پار ڪري، سوات- ڪوهستان ۽ دير- ڪوهستان ڏانهن لڏي ويا، جتي هو خانه بدوش زندگي گذارين ٿا.

(ت) گوجرن جي ماڳن ۽ مڪانن، ٺاڻن ۽ ٺڪاڻن ۽ گوجري ٻوليءَ جي جاءِ وقوع جي باري ۾ مٿي تفصيل سان لکيو ويو آهي، پر حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته گوجري، ميواتي ۽ سنڌيءَ جي لهجن جتڪي، سنڌي- ڪوهستاني (سنڌ جي لاڙڪاڻي، دادو، ٺٽي ۽ ڪراچي اُترئين ضلعي جي اُتر، اوڀر ۽ ملير ضلعي جي ڪوهستاني خطن ۾ رائج سنڌي ٻوليءَ جو جيڪو لهجو ڳالهايو ويندو آهي، اُن کي سنڌي ٻوليءَ جو ڪوهستاني لهجو چئبو آهي، اُهو لهجو (ڪوهستاني) جاکرا، جوکيا، برفت، پالاري، نومڙيا، نوحاڻي ۽ ٻيون قومون ڳالهائينديون آهن ۽ لاسي لهجي جي وچ ۾ تمام گهڻي مشابهت ۽ هڪجهڙائي محسوس ٿئي ٿي. اُن جا خاص ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ سبب هيءُ آهي ته سنڌو- ماٿر جي قديم تهذيب ۾ رائج سئنڌوئي ٻُوليءَ جي اُڀرندين شاخ (ڏسو نقشو نمبر-2) سنڌو- تهذيب واري علائقي ۾ جيڪو اڳوڻي راجپوتانا جي رياستن ۾ اراولي ٽڪرين تائين پکڙيل هو، ڳالهائي ويندي هئي، ميواتي موجوده هرياڻا پرانت ۾ اڳوڻي الور رياست جي زبان الور شاهي يا ميواتي سڏبي هئي. سنڌو- تهذيب جي ايڏي وڏي پهچ، پکيڙ ۽ ڦهلاءُ سبب بيڪانير جي باگڙي / ڊونگري ٻولي، جوڌپور جي مارواڙي ٻولي، اُڌيپور جي ميواڙي يا ڀيلي ٻوليءَ، سئوراشٽر جي ڪاٺياواڙي ٻولي، سنڌ جي ڍاٽڪي، ڪڇي، لاسي ۽ ڪوهستاني لهجن ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي.

ٻيو سبب هيءُ آهي ته گوجر دراصل سنڌ جا رهاڪو جت آهن، جيڪي سنڌ مان بلوچستان طرف لڏي وڃڻ ۽ اُتي وڃي آباد ٿيڻ کانپوءِ، جدگال سڏجڻ ۾ آيا، ۽ سندن ٻوليءَ کي جدگال ٻولي سڏيو ويو. جدگال جڏهن بلوچستان مان افغانستان جي تيراه وادي ۾ وڃي ويٺا، تڏهن اُتي انهن قبيلن کي گوجر سڏيو ويو. اهڙيءَ طرح سوات ڪوهستان، دير، ڪاغان ۽ هزاره جي وادين کان سواءِ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ به هنن کي گوجر سڏيو ويو.

(ث) جتن جي ٻوليءَ کي سنڌ، ڪڇ (ڀارت ۽ بلوچستان جي سبي ۽ ڍاڍر واري علائقي يعني ڪڇي ۽ گنداواه ۾ جتڪي سڏيو ويندو آهي، اهڙي طرح جتڪي، جدگالي، لاسي، فراڪي، جعفرڪي ۽ کيتراني سنڌي ٻوليءَ جا لهجا آهن.

هت اهو بيان ڪرڻ ضروري آهي ته جتڪي، جدگالي ۽ لاسي ٻولين جو جڏهن گوجري ٻوليءَ سان تقابلي مطالعو ٿو ڪجي، تڏهن ثابت ٿو ٿئي ته اهي سڀئي ٻوليون، هڪ ئي گروهه يعني هڪ ئي خاندان واريون ٻوليون آهن. ڊاڪٽر داد محمد بروهيءَ جو خيال آهي ته:

جتڪي ٻولي، جغدالي محاوري جي ننڍي محاوري جي حيثيت رکي ٿي، جنهن کي جتڪي به چئبو آهي.“(76)

پر منهنجي سمجهه مطابق، ڊاڪٽر داد محمد بروهيءَ اُبتي ڳالهه ڪئي آهي، دراصل جغدالي لهجو جتڪي ٻوليءَ جو محاورو يعني ننڍو لهجو آهي ۽ نه جتڪي جغدالي محاوري جو ننڍو محاورو آهي. هن ڏس ۾ محترم غلام رسول ميرجت لکي ٿو ته:

سبيءَ جي چئني طرفن کان فراڪي ۽ جغدالي لهجا ڳالهايا وڃن ٿا. لسٻيلي ۾ لاسي لهجو موجود آهي، جڏهن ته فراڪي، جغدالي ۽ جدگالي لهجا پڻ سنڌي ٻولي جي لهجن جي حيثيت رکن ٿا. (77)

ساڳيو مصنف (محترم غلام رسول ميرجت، پنهنجي ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي لکي ٿو ته:

سرائڪيءَ کي جتڪي زبان به چيو ويندو آهي، هيءَ زبان اڪثر عام طور بلوچ قومون ڳالهائينديون آهن. خيرپور، جيڪب آباد، نوابشاهه ۽ دادو ضلعن جا جت پڻ اڪثر سرائڪي زبان ڳالهائيندا آهن، جڏهن ته جدگالي حقيقي معنى ۾ جتڪي آهي، جدگاليءَ جي معنى آهي، جتن جي ڳالهه، تاريخ ۾ بعض هنڌن تي جتن کي جدگال يا جدغال به ڪوٺيو ويو آهي.“ (78)

گوجري ٻوليءَ، جيئن اڳ ۾ دعوا ڪئي ويئي آهي، ڪوهستاني گروهه جي ٻولي نه آهي، ۽ نه ئي وري ڪو هن ٻوليءَ جي داردي گروهه وارين ٻين ٻولين سان واسطو آهي. هيءَ ٻولي دراصل غير- داردي ۽ غير- آريائي ٻولي آهي، پر هيءُ ٻولي سنڌو- ماٿر جي اصلوڪي ٻوليءَ يعني سئنڌوئي جي ڏاکڻي شاخ جي هڪ ٻولي آهي، جيڪا سنڌ جي لاڙ ۽ ڪڇ واري حصي ۾ رهندڙ جتن جي جتڪي ٻوليءَ جو هڪ روپ آهي.

گذريل صفحن ۾ اهو چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ گوجري ٻولي به، صوبي سرحد جي ڪوهستاني علائقن ۾ ڳالهائي ويندي آهي، پر اها (گوجري) ٻولي، غير- آريائي ٻولي آهي. سرگريئرسن جي خيال موجب: ”گوجري ٻولي، لهندا ۽ سنڌي ٻولي سان مشاهبت رکي ٿي.“(69) گوجر قبيلا پنهنجي مادري زبان گوجريءَ کانسواءِ، ڌار ڌار هنڌن تي ڪوهستاني گروهه جون ڌار ڌار ٻوليون به ڳالهائيندا آهن؛ جهڙوڪ: ڪُشتيا واري / ڪساري / ڪشتياني ۽ ڪالامي وغيره.

گريئرسن جو رايو آهي ته:

گوجري، پشمال واديءَ جي هڪ ٻولي آهي. هيءَ وادي، سوات نديءَ جي ساڄي طرف، سوات نديءَ جي ٻن شاخن، اسريت (Isret) ۽ ڪارن دکي (Karan Dukhi) جي وچ ۾ گهيريل آهي، پسمال جي واديءَ ۾ فقط گوجر رهندا آهن، جيڪي گوجري ٻولي ڳالهائيندا آهن، هيءُ (پشمال) وادي، گوجرن جي جوءِ (Home Land) ۽ تَرُ آهي.“(80)

اهڙيءَ طرح سوات نديءَ جي اُترئين علائقي جي اُتڙور اُوشو، گيرال ۽ ڪالام جي وادين ۾ رهندڙ گوجر به گوجري ٻولي مادري زبان طور ڳالهائيندا آهن.

هن کان اڳ وارن صفحن ۾ اها دعوا ڪئي ويئي آهي ته جتڪي، جدگالي ۽ گوجري ٻوليون، ساڳيءَ ٻوليءَ جا مختلف روپ آهن، انڪري اهي ٻوليون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون ۽ هڪ ٻئي سان مشابهت رکن ٿيون، اها هڪ جهڙائي، صرف هڪجهڙن لفظن يا لغوي خزاني تائين محدود نه آهي، پر انهن ٻولين ۾ صوتياتي، صرفي ۽ نحوي ساخت، يعني وياڪرڻي هڪ جهڙائي جا ڪيترائي مثال ملن ٿا.

دراصل جت، جاٽ، جدگال، گوجر، مدار ۽ رُط هڪ ئي نسل واريءَ جاتيءَ سان واسطو رکن ٿا، جنهن تي ڌار ڌار خطن ۾ آباد هجڻ جي ڪري، ڌار ڌار نالا پئجي ويا آهن، پر سندن ٻولي ساڳي آهي: اُن ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. اهوئي سبب آهي جو تقابلي اڀياس ۽ مثالن جي مدد سان، اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته گوجري ٻولي دراصل جتڪي، سنڌي ڪوهستاني (جاکرن، جوکين، پالارين، نومڙين ۽ برفتن وغيره ڪوهستان ۾ رهندڙ جاتين جي ٻولي) ۽ جدگالي ٻولين جو هڪ الڳ روپ يا نمونو آهي، گوجري ڪو الڳ لهجو يا زبان ڪانهي، پر اها گوجري سنڌي ٻوليءَ جي هڪ نسلي جاتي (Ethnic) لهجي جو هڪ روپ يا نمونو آهي. نسلي لهجن جي لحاظ کان، سنڌي ٻوليءَ جا ٻيا به ڪيترائي نمونا يا قسم آهن؛ جهڙوڪ: مهاڻن جي ٻولي، ريٻاڙڪي ٻولي، ماڇڪي ٻولي، شڪارين جي ٻولي، وغيره. انهن ۽ اهڙن ٻين نسلي لهجن ۾، قديم سنڌي ٻوليءَ جي خاڪي جا اُهڃاڻ اڃا تائين موجود آهن:

هن سلسلي ۾ ڊاڪٽڙ بلوچ صاحب جو رايو آهي ته:

جتن جي ٻوليءَ ۾ قديم سنڌيءَ جي خاڪي جا وڌيڪ اُهڃاڻ موجود آهن.“ (81)

بلوچ صاحب پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ لکي ٿو ته:

جتن جي ٻولي هڪ قديم مقامي سنڌي ٻوليءَ جي يادگار آهي، جيڪا ڪن جت- بلوچ قبيلن صديون اڳ، سنڌ جي ڪنهن ڀاڱي ۾، مستقل طور تي آباد ٿي اختيار ڪئي، سندن اها ٻولي قديم سنڌي ٻوليءَ جو هڪ خاص محاورو (Dialect) هئي.“ (82)

پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پنهنجي ساڳئي ڪتاب جي ٽئين ڇاپي ۾، سندس راءِ ۾ ٿوري ڦيرڦار ڪئي آهي ۽ لکي ٿو ته:

سٽاءُ جي لحاظ سان، جتن جي ٻولي ۽ موجوده سنڌي ۾ ڪو فرق ڪونهي، مگر جتن جي ٻوليءَ ۾ ڪي خصوصيتون باقي آهن، جيڪي غالباً قديم سنڌي ٻوليءَ جي اشارن ۽ اُهڃاڻن جون يادگار آهن.“ (83)

18- وياڪرڻي هڪجهڙائي: ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سرگريئرسن جي حوالي سان، سنڌي ۽ گوجري جي انهن لفظن ۾ وياڪرڻي صورتن جو لڙهيون ۽ مثال ڏنا آهن، جيڪي ٻنهي ٻولين ۾ هڪجهڙايون ثابت ٿيون ڪن، مثال طور(84):

(الف) سنڌي ۽ گوجريءَ ۾ حاصل مصدر جي علامت ڻ آهي، ۽ ٻنهي ٻولين ۾ اها پڇاڙي ساڪن ڪانه هوندي آهي، ۽ ڻ جي پويان ڇوٽو سر اُچاريو ويندو آهي، جيئن:

سنڌي           گوجري

ڪَرَڻُ           ڪَرَڻَ

پيئڻُ           پيئڻَ

ڏيئڻُ           ڏيئڻَ

ويهڻُ           ويهڻَ

 (ب) ٻنهي ٻولين يعني سنڌي ۽ گوجريءَ ۾ ڪي مذڪر اسم او پڇاڙيءَ ۾ ختم ٿين ٿا ۽ اهڙن لفظن جي مؤنث روپ ٺاهڻ لاءِ او پڇاڙيءَ کي اي پڇاڙيءَ ۾ بدلايو ويندو آهي. جيئن:

سنڌي

 

مذڪر                  مؤنث

گهوڙو                  گهوڙي

ڪُتو                   ڪُتي

ٻلو                     ٻلي

 

گوجري

 

مذڪر                  مؤنث

گهوڙو                  گهوڙي

ڪُتو                   ڪُتي

بِلو                     بِلي

 (ت) اهڙيءَ طرح اسمن جا ڪي روپ اهڙا به آهن، جن جا مؤنث روپ ٻنهي ٻولين ۾ نٿا ٺهن؛ جيئن:

 

سنڌي          گوجري

ديرو            ديرو

ڪوٺو          ڪوٺو

ڀرونٽو          ڀرونٽو

 (ث) سنڌي ۽ گوجريءَ ۾، عدد شماريءَ وارا انگ ساڳيا ڪم ايندا آهن؛ جيئن:

سنڌي                  گوجري

هڪ/ ايڪ             ايڪ

چار                     چار

ست                    ست

ڏهه                     دَهه

تيرهن                  تيرهه

سورهن                 سورهه

اوڻيهه                  اُنين

ٻَه                      دوَ

پنج                    پنج

اَٺَ                     آٺ

يارهن                  يارهه

چوڏهن                 چودهه

سترهن                 سترهه

ويههَ                    بي

ٽي/ ٽري              ترئي

ڇهه/ ڇيهه             ڇَهه

نَوَ                      نئون

ٻارهن                  بارهه

پندرهن                پندرهه

ارڙهن/ اَٺارهه          اَٺارهه

گوجريءَ ۾ انگن ڳڻڻ وارو اهو طريقو سنڌيءَ جي لاڙي لهجي ۾ اڄ به قائم آهي.

(ج) ويهون ڳڻڻ وارو ايڪو: ڪاڪي ڀيرو مل سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: سنڌو- ماٿر جي قديم زبان ۾ ويهون، ايڪي طور ڳڻن جو رواج، دراوڙي زبانن جي ڪري آهي.(85) گوجري ٻوليءَ ۾، انگن ڳڻڻ جو اهو طريقو اڄ به جاري آهي؛ مثال طور:

سنڌي                  گوجري

ٻاويهه                  دوتي بي

ٽيويهه                 تري تي بي

ٽيهه                   تري

چاليهه                 چي

اوڻيتاليهه              ايڪ گهٽ چي

اوڻونجاهه               نوتي چي

پنجاهه                 دهه تي چي

ايڪونجاهه             يارهه تي چي

ايڪهٺ                        ايڪ تي تري بي

اوڻهٺ                  نو تي تري بي

ستر                    دهه تي تري بي

اوڻاسي                 ايڪ گهٽ چار بي

اَسي                    چار بي

(خ) گوجري ٻوليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪڇي ۽ ڍاٽڪي لهجن وارو عدد قطاريءَ وارن انگن ڳڻڻ جو طريقو ساڳيو آهي؛ جيئن:

ڪڇي/ ڍاٽڪي                       گوجري

پهلو                           پهلو

دوجو                           دوجو

تريجو                          تيجو

چوٿو                           چوٿو

پنجمو                         پانجمو

ڇٺو                            ڇهيمو

ساتمو                          ستمو

اٺمو                            اَٺمو

نَومو                            نومو

دسمو                          دهمو

(خ) گوجري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڍاٽڪي ۽ پارڪري لهجن ۾ ڪي ضمير، ساڳئي نموني استعمال ٿيندا آهن؛ مثلاً:

مٿياري سنڌي         ڍاٽڪي/ سنڌي               گوجري

آءٌ                      هُون                    هُون

توهان جو               ٿارو                    ٿارو

تنهنجو                        تيرو                    تيرو

منهنجو                        ميرو                    ميرو

اسان جا                        امهارو                  امهارو

ڇا                      ڪي                   ڪي

(د) گوجري ۽ سنڌيءَ جي ڪڇي، ڍاٽڪي ۽ لاڙي لهجن ۾، رنگن لاءِ، ساڳيا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن.

سنڌي                  گوجري

ڪارو                   ڪائو

نيرو                    نيلو

اَڇو/چٽو                        چٽو

ڀورو                    ڀورو

رتو                     رتو

 (ر) حرف جر جي هڪجهڙائي: (الف) ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:

دراوڙي ٻولين (تامل) ۾ حالت جريءَ جي ڦيري لاءِ اسم يا ضمير جي پويان ڪ (Ku) حرف جر استعمال ڪبو آهي، تيليگو ۾ حرف جر جا ٻه روپ ڪ (Ku) ۽ ڪي (Ki) آهن.“ (86)

ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:

هند يورپي ٻولين جي ڪنهن به شاخ ۾ Ku يا ki سان مشابهت رکندڙ حرف جر نٿو ملي، البت هنديءَ ۾ ڪو (Ko) بنگلا ۾، ڪي (Ke)  ۽ سنڌي ۾ کي، (khe) دراوڙي حرف جر ڪُ (Ku) سان هڪجهڙائي رکن ٿا.“ (87) انهيءَ بيان کان پوءِ ڊاڪٽر ڪالوڊويل اڳتي لکي ٿو ته:

دراوڙي ٻولين ۾ هندي، بنگلا ۽ سنڌي ٻولين ۾ اهڙيءَ هڪجهڙائيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته دراوڙي ٻولين ۽ ڏيهي ٻولين ۾ ڪا ويجهي مائٽي آهي.“ (88)

ڊاڪٽر ڪالڊويل اها به راءِ ڏني آهي ته:

سنڌيءَ جو حرف جر کي (Khe) ديسي بچيل سرمايو يعني قديم ٻوليءَ جو لفظ آهي، اهو حرف جر سنڌيءَ ٻوليءَ، قديم زماني کان وٺي پاڻ و سانڍيو آهي، ۽ قديم زماني کان استعمال پئي ڪيو آهي، ۽ اڄ به اُن ۾ استعمال ٿيندو رهي ٿو.“ (89)

(ب) سنڌي جي کي حرف جر لاءِ جتن جي ٻوليءَ ۾ ڪ لفظ ۽ جاکرن، پالارين ۽ جدگالن جي ٻوليءَ ۾ ک حرف جر استعمال ڪيو ويندو آهي، لحاذا ڪ يا ک جي استعمال مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ٻولين ۾، سنڌو- ماٿر جي اصلوڪي زبان سئنڌوئي جي اِها وياڪرڻي خصوصيت پاڻ وٽ سنڀالي رکي آهي.

محترم غلامر سول مير جت، سنڌيءَ ۽ جتڪيءَ جا هيٺ موجب مثال ڏنا آهن:

سنڌي                  جتڪي

مون کي               ماڪِ

توکي                  توڪِ

هن کي                        هوڪِ

اسان کي               ساڪِ

اوهان کي              واڪِ

هنن کي               تيجاڻڪ (90)

جتن جي ٻوليءَ ۾ ڪ حرف جر جي استعمال جا مثال ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ ڏنا آهن، (91) لهاذا هيٺ حرف جي هڪجهڙي استعمال جا مثال ڏجن ٿا:

سنڌي

جتڪي

ڪوهستاني

جدگالي

گوجري

مون کي/ مان کي

ماڪِ

ماکِ

مين کِ

مين کِ

اسان کي

ساڪِ/ سان ڪِ

ساک/ سانکِ

ساکِ

ساکِ

توکي

توڪي

توکِ

توکِ

توکِ

توهان کي

تانڪِ

تانکِ

تانکِ

تانکِ

هن کي

هوڪِ

هُوکِ

هُوکِ

هُوکِ

انهن مثالن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته حالت جريءَ جي صورت ۾ سنڌي حرف جر کي قديم سنڌي زبان ۾ ڪ يا ک استعمال ڪيو ويندو هو. سنڌي حرف جر کي جدگالي ۽ گوجري ڪوهستاني جتڪي ٻولين ۾ اڄ به قائم آهي.

19- صوتياتي هڪجهڙائي: چوسڻا آواز: (1) گوجري ۽ سنڌيءَ جو صوتياتي مطالعو به دلچسپ آهي، ڪافي زماني کان، هڪ ٻئي کان، هزارين ڪلو ميٽر پري هجڻ ۽ هڪ ٻئي سان ڪنهن به قسم جي ناتي نه هجڻ جي ڪري، گوجري ٻوليءَ مان چوسڻا آواز (ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ) گم ٿي ويا آهن، اهي آواز دراصل سنڌيءَ، لهنديءَ ۽ گجراتي ٻولين ۾ صوتيات جون خاص خصوصيتون سمجهيا ويندا آهن. لهندي ٻولين مان، سرائڪي، ٻوليءَ، اهي چوسڻا آواز قائم رکيا آهن، پر هندڪو، پوٺاهاري، ڇاڇي، اعواڻڪي، ڌني ۽ شاهه پوري وغيره ٻولين ۾ هاڻي اهي چوسڻا اواز نٿا اُچاريا وڃن.

(2)  آوازن جا تبادلا: سنڌي، لهندي ۽ گوجريءَ ۾ (ب)  ۽ (و)، (ل) ۽ (ر) ۽ (س) ۽ (هه) آوازن جا هڪٻئي ۾ تبادلا ممڪن آهن؛ جيئن:

سنڌي

لهندي

گوجري

تبادلا

ويهڻ

ٻيسڻ

بيسڻ

و<ب/ ٻه<ب

ٻار

بال

بال

ر<ل<ٻ<ب

ويهه

بِي

بِي

و<ب

 (19) جملن جي رچنا ۾ هڪجهڙائي: سنڌي، ڪوهستاني، لاسي، جدگالي ۽ گوجري ٻولين جي جملن جي ساخت ۽ جملن اندر لفظن جي بيهڪ واريءَ سٽاءُ جو مطالعو به ڏاڍو دلچسپ آهي، هيءُ هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي ۽ انهن ٻولين جي جملن جي تقابلي اڀياس تي تحقيق جي ضرورت آهي، انهن ٻولين جي فقرن ۽ جملن جي نحوي سٽاءُ به ساڳي آهي، جملن ۾ اسمن، فعلن ۽ حرف جر جا، حالتن جي صيغي ۾ گردان ۽ ڦيرا به هڪجهڙو طريقو ظاهر ڪن ٿا. هن موضوع تي تفصيلي مطالعي جي ضرورت آهي. هن مقالي ۾، نموني طور ڪي مثال ڏجن ٿا ته جيئن پڙهندڙ به ڪا راءِ قائم ڪري سگهن. هيٺ ڏنل جملا ڀيٽي سگهن ٿا. اهڙي طرح سنڌي ۽ گوچري ٻولين جي جملن جي ڀيٽ جا مثال محترم پروشين شاهين جي ڪتاب مان هيٺ نفصيل ڪجن ٿا (92).

سنڌي ٻولي

آءٌ ماني کيان تو

آءٌ ماني کايان تو

مون کي چيو آئيس

مون ڏٺو

مون توکي ڏٺو هو

روپيو صندوق منجهه پيو آئي

روپيو صندوق ۾ پيو آئي

تون جو نالو ڇا آئي؟

هو بيٺو آئي

هو اُڀو آئي

مون کي ماري ٿو

ڪٿي پيا وڃون

 

جتڪي

آيو ماني کايين تو

ماڪِ چيائين آئي

مانهين ڏٺو

مان توڪِ ڏٺو

روپيو صندوق منجهاران پيو هئي

تون هون نالو مشوري؟

هو ڀو اي

مون ڪِ ماري تو

ڪيتي تو وڃين؟

 

سنڌي/ ڪوهستاني

آن ماني کائين پيو

ماک چيائين آئي

ما ڏٺو

ما توکِ ڏٺو

روپيو صندوق منجهارا پيو هئي

تو جو نالو ڇو آئي؟

هو ڪَني بيٺو آئي

مون کِ ماري تو

ڪيڏ تو وڃين؟

 

لاسي

آن ماني کيان پيو

ماکِ به چيائين آئي

مين ڏٺو

مان توکِ ڏٺو

روپيو صندوق منجهان راپيو هئي

تو جو نالو ڇو ڙي؟

او ڀو اي

مون کي ماري تو

ڪيڏ تو وڃين؟

 

جدگالي

مين ماني کائين سو

مين ک به چيائين سو

مين ڏٺو

مين توکي ڏٺو

روپيو صندوق مان راپيو هئي

تو جو نالو سوئي؟

او بيٺو ڇوءِ

مين ک ماري سو

ڪيڏڪي تو وڃين؟

 

گوجري

مين ماني کائين سو

مين ک به چيائين سو

مين ڏٺو

مين توکِ ڏٺو

روپيو صندوق مان پيو هئي

تو جو نالو سوئي؟

او بيٺو ڇوءِ

مين ک ماري سو

ڪيڏڪي تو وڃي؟

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com