دُعا
آزي
بسم الله
الله توهار!
چئو ساٿيو!
آزي ڪيون ٿا، الله جي در تي،
ان جي پاڪ رسول ﷺ،
۽ پنجتن پاڪ جي صدقي،
صدقي سڀني بزرگن، ولين ۽ شهيدن جي،
صدقي شهيد ميان آدم شاهه جي،
صد قي ميان شاھل محمد جي،
صد قي ميان شاهل محمد جي،
صدقي ميان دين محمد جي،
صد قي ميان نصير محمد جي،
صد قي ميان يا ر محمد جي،
ميان نور محمد،
ميان غلام شاهه،
ميان سرفرارز،
ميان غلام نبي،
ميان عبدالنبي شاهه جي،
صد قي شاهه گودڙئي،
شاهه پنجي،
سڀني سڳورن، ولين ۽ شهيدن جي،
اچو ته آزي ڪيون،
چئو! الله توها ر!
اچو ته جهولي ڦهلايون، ڌڻيءَ جي در،
مولا! شل خير هجي،
هن ڌرتيءَ جو،
آباد رهن،
هر جنجل کان آزاد رهن،
منهنجا مارو،
منهنجا ماڻهو،
خوشحال رهن،
ڀاڳين جا ڀاڻ سلامت،
عظمت جا اهڃاڻ سلامت،
مارو مُرڪن،
چهرا چمڪن،
شال! اسان جي پڳ سلامت،
دنيا ساري، جڳ سلامت،
راڄ سلامت، ڀاڳ سلامت،
پورهئو، پنڌ ۽ ماڳ سلامت،
ڌرتي ماءُ! او ڌرتي ماءُ!
شل! نه لڳئي ڪوسو واءُ
اسين ٻچڙا آدم شاهه جا،
اسين فقير ميان نصير جا،
تنهنجي جهولي ۾ جهُلون،
پلجون؛ نپجون،
وڌئون ويجهون!
چئو الله توهار!
اچو ته شهيدن جي رت جي،
ساک کڻئون،
اسين اولاد آدم شاهه جو،
وچن ڪريون!
چئون الله توهار!
سنڌي ٻوليءَ جي بقاءَ ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ
ڊگهيرڻ حماقت آهي. ڀائرو، سنڌي ٻولي فقط ايستائين
زنده رهي سگهي
ٿي، جيستائين
اوهين
زنده آهيو
۽
هڪ
صحتمند زندگي
گذاري رهيا
آهيو.
حقيقت ۾ سنڌ
اڄ
به اوهان
جي
طفيل زندهه
ناهي، مگر
اُهي، جي
ٻه
سؤ
ورهيه اڳ
جيئرا هئا،
تن
خاطر پيئي
پساهه
کڻي. سنڌ
انهن
جي نيڪين
سببان تڳي
رهي
آهي، ۽
نه
اسان جي
عملن
ڪري.
جڏهن اوهين
پنهنجي شاندار
ماضيءَ مان
سبق
حاصل ڪرڻ ڇڏي
ڏيندا ۽ پنهنجي
فڪر
۽
قوت تخليق
ذريعي نون
خيالن پيدا
ڪرڻ
بدران محض
جامد
جسم بڻجي
ويندا، تڏهن
قانون فطرت مطابق
نه
توهين رهندا نه
توهان جي
ٻولي.
ڪوبه
سياستدان يا
دانا
انهيءَ حالت
۾
اوهان کي جيئاري
نه
سگهندو ۽ ازلي
آواز
صدا
ڏيندو ته
”ظالم
قوم
کي
پري ڪيو وڃي.“
”فبعد
اللقوم الظالمين.“ شال
ڌڻي
تعالى اهڙو
ڏينهن
نه
ڏيکاري.
-علامه
آءِ.
آءِ. قاضي.
خاتون اول،
بيگم
صهبا مشرف
جي
سيوهڻ ۾ آمد
جي
موقعي تي
سنڌي
ادبي بورڊ
جو
اعزازي سيڪريٽري
غلام
رباني آگرو،
علمي
ادبي نوادرات
جي
نمائش ۾ محترمه
کي
اورنگزيب عالمگير
جي
دؤر جو
هڪ
ناياب قلمي
قرآن
مجيد
ڏيکاري رهيو
آهي. بيگم صهبا
مشرف
سان گورنر
سنڌ
جي اهليه
پڻ
نظر اچي
رهي
آهي.
گذارش
تازو، حيدرآباد
جي
هڪ اخبار،
سنڌي
ادبي بورڊ
بابت،
ڄاڻي
ٻجهي غلط
خبرون
ڇاپيون، ۽
سرڪار توڙي
پبلڪ
۾
مونجهارو پيدا
ڪرڻ
لاءِ
غلط پروپئگنڊا
ڪئي. اُنهن
۾
هڪ
غلط خبر
اها
به هئي،
ته
بورڊ جا
هزارن ۽ لکن
رپين
جا
ڪتاب تازين
برساتن ۾ ٻڏي ويا. بورڊ
جو
ته
ڪوبه
ڪتاب يا
رسالو خراب
ڪونه
ٿيو
هو. سو، بورڊ
جي
انتظاميه فوراً
وضاحت جاري
ڪري،
غلط
خبرن جي
ترديد
ڪئي. پر،
غلط
خبرن
ڇاپڻ جو
سبب
ڪهڙو
هو؟
2. سنڌي ادبي
بورڊ، سنڌي
ادب
جي ترقيءَ
لاءِ
قائم ڪيل هڪ
سرڪاري ادارو
آهي،
سرڪاري ادارا
هميشه رٿيل
سرڪاري پاليسيءَ
موجب
ڪم
ڪندا
آهن، بورڊ
جهڙن
نيم خود
مختيار ادارن
جو
ڪم
هلائڻ لاءِ
سرڪار مقرر
ميعاد لاءِ
اداري جا
ڪي
بورڊ
يا
ڪاميٽيون مقرر
ڪندي
آهي. سنڌي ادبي
بورڊ
جا ميمبر
به
ٽن
سالن لاءِ
مقرر
ٿيندا
آهن: پر،
جيسين نوان
ميمبر مقرر
ٿين،
تيسين اڳيان
ميمبر دستور
موجب، ڪم هلائيندا
رهندا آهن. بورڊ
۾
اڳي
ائين ئي
ٿيو
آهي
ته جيسين
نون
ميمبرن مقرر ٿين تيسين ٽن سالن لاءِ مقرر ٿيل ميمبرن پنج ڇهه سال به ڪم
هلايو آهي. موجوده جي ميمبرن جو
ٽن
سالن
جو مدو،
گذريل جولاءِ
۾
پورو
ٿيو،
سو ڪن
”مفاد پرستن“ سوچو
ته
ڪو
هُل هنگامو ڪريون،
ته
مَنَ ڪو داءُ
لڳي
وڃي. شايد
اسان
کي
بورڊ جي
چيئرمني، ميمبري
يا
ڪو
ٻيو
عهدو ملي
وڃي!
3. ليڪن،
سرڪار انهيءَ
غلط
طريقه ڪار تي،
ڪنهن
به
اداري جي
نئين
سر تشڪيل
ڪانه
ڪندي
آهي. هت بورڊ
جو
مثال وٺجي. سرڪار
سوچي
سمجهي، سنڌ
جا
سينئر عالم،
اديب
۽
دانشور ۽ منتظم
مثلاً: شمس العلماء
ڊاڪٽر
دائود پوٽو،
علامه آءِ. آءِ. قاضي،
سائين جي.
ايم.
سيد، پير
حسام
الدين راشدي،
مولانا دين
محمد
وفائي، خانبهادر
محمد
ايوب
کهڙو، پير
علي
محمد راشدي،
مولانا قاسمي،
قاضي
محمد اڪبر،
مخدوم محمد
زمان
طالب المولى،
۽
ٻيا
اهڙا
عالم ۽ اديب
مقرر
ڪندي
آهي. سرڪار
جي
انهيءَ ئي
پاليسيءَ جو
اهو
نتيجو آهي،
ته
اڄ سنڌ
توڙي
پاڪستان ۾
ڪوبه اهڙو
ادبي
ادارو
ڪونه آهي،
جيڪو
دعوى ڪري سگهي،
ته
انهيءَ بورڊ
کان
وڌيڪ
علمي ادبي
ڪم
ڪيو
آهي.
4. سنڌي
ادبي
بورڊ هڪ
وڏي
عرصي کان مالي
مشڪلاتن ۾ آهي،
بورڊ
جي سالياني
گرانٽ ملازمن
جي
پگهارن لاءِ
به
پوري
ڪانه آهي. ٻئي
طرف
سرڪار ڪن
ڪامورن جي
غفلت
ڪري،
گذريل ڏهن سالن
کان
بورڊ
جي گرانٽ
۾
هڪ
رپئي جو
به
اضافو
ڪونه
ڪيو. گذريل سال
سنڌ
جي تعليمي
وزير
محترمه انيتا
غلام
علي ۽ مالي
سيڪريٽريءَ توڙي
چيف
سيڪريٽريءَ انهيءَ
ڳالهه
جو
نوٽيس ورتو
۽
موجوده انتظاميه
جي
ڪوشش
ڪري،
گرانٽ ۾ ويهن
لکن
رپين جو
اضافو تجويز
ڪيو.
ان
کي
به ساڳين
سنڌي
ڪامورن
ڌڪ
هڻي، رد
ڪرايو. اها
به
سفارش
ڪرايائون، ته
بورڊ
جي پريس
بند
ڪري
ڇڏيو. نه
رڳو ايترو،
پر
هنن هڪ
سال
ته سرڪار
کي
بورڊ
جي سالياني
گرانٽ
ڪاٽي، اڌو
اڌ
ڪرائي
ڇڏي. اهڙيءَ
صورت ۾، مالي
مسئلن جي
تنگيءَ
ڪري، مسئلن
جو
پيدا ٿيڻ پڌرو
پيو
آهي. اهو به
سمجهڻ
ڏکيو
ڪونهي، ته
بورڊ
اڳي جيترا
ڪتاب
۽
رسالا مارڪيٽ
۾
ڇو
نٿو
آڻي سگهي،
توڙي
جو وٽس
ڇپائيءَ
لاءِ
اعلى کان
اعليٰ ڪتابن جا
انبار رکيا
آهن.
5. ڳوٽ
هميشه عقل
سان
ڀڄندي
آهي، سنڌ
جي
گهڻگهرن ۽ خير
خواهن جو
اهو
فرض آهي،
ته
هو بورڊ
سميت
سنڌ جي
سمورن ادارن
بابت
همدرديءَ سان
ويچار ڪن.
انهن جي
حقيقت معلوم
ڪن.
افسوس آهي،
ته
سنڌ جي
هڪ
به اهڙي
اخبار، يا
ٻيو
ڪو
اهڙو
فورم
ڪونه ٿو سُجهي،
جنهن
سرڪار کي اپيل
ڪئي
هجي،
ته ڏهن سالن
کان
به
وڌيڪ عرصي
۾
بورڊ
جي گرانٽ ڇو
ڪونه وڌائي
وئي
آهي؟ انجمن
ترقي
اردو
ڪراچيءَ جي
سالياني گرانٽ
چئن
لکن مان
وڌائي چوڏهن
لک
ڪئي
وئي آهي،
پر
سنڌي ادبي
بورڊ
(۽
ٻين
علاقائي ادارن) جي
گرانٽ گذريل
ويهن
ورهين کان اُهائي
ساڳي
آهي!
سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ باهه
لڳي.
لکين رپين
جو
نقصان
ٿيو، پر،
ڪنهن
جي
اک ۾
ڳوڙهو
ڪونه آيو.
سنڌ
جا سڄڻ
ڪٿي
آهن؟
سنڌ جي
ادارن سان
اهو
سلوڪ ڇو آهي؟
نواز
شريف اسلام
آباد
۾
پنجابي ۽ مهاجر
اديبن کي لکين
رپيا
ڪيش
انعام
ڏنا، پر
ڪنهن
به
سنڌي اديب
کي
انعام
ڪونه
ڏنو. سنڌ
جي
اديبن سان
اهو
سلوڪ ڇو آهي؟
اهي
سڀ
ڳالهيون سنڌ
جي
محب وطن
ماڻهن لاءِ
توجهه طلب
آهن. ن. ا. ش
”اسان
جي وڏي
۾
وڏي
وٿ، جا
اسان
کي
پاڻ وسارڻ
کان
مانع
آهي ۽ ٻين جي
بنگلن تي
ڀُلجي
پنهنجين جهوپڙين
کي
نه
ڇڏڻ
جو سبق
سيکاريندي، سا
وطن
جي حُب
آهي.
”اسان
کي
اسان جو
سدا
جيئرو شاعر
شاهه
عبداللطيف
ڀٽائي عليه
الرحمة چئي
ويو
آهي ته
سنڌ
تي سُڪار
۽
سُک
ٿيڻ
جو اونو
رکجو؛ پنهنجن ويڙهيچن،
وطني
ڀائرن،
ڀَر
۾
پکا اڏي
ويٺلن، اوهان
سان
جنم گذارڻ
وارن
کي
نه وسارجو؛ ۽
ٻين
جي
محلاتن، عمدن
طعامن، خوبصورت
ڪپڙن
وغيره تي
ڀُلجي،
سون
تي سيڻ
نه
مٽائجو، لوئي نه
لاهجو؛ ڪُرَ نه
لڄائجو، ملير
نه
وسارجو،
ڪوٽن ۾ خوش
ٿي
مزا نه ماڻجو؛ سدائين
ڪوٽن
جي
ڪرڻ،
زنجيرن جي
ٽُٽڻ
۽
بندن
جي ڀڄڻ جي
تمنا
رکندا اچجو! ... آخر،
ڪڏهن
نه
ڪڏهن،
مولا مهر
جا
مينهن وسائيندو،
۽
ڏولائي
جا
ڏينهن
گذري ويندا،
ساڻيهه وسندو
۽
سُڪار
ٿيندو!،
- جي.
ايم. سيد
شاعري
سي
ئي جوڀن
ڏينهن،
جڏهن
سڄڻ سفر
هليا،
روئان، رهن
نه
سپرين، آيل! ڪريان
ڪيئن،
مون
کي
چاڙهي چيئن،
ويو
وڻجارو اوهري.
**
اڄ
پڻ وايون
ڪن،
وڻجارا وڃڻ
جون،
مون
بيٺي ئي
هليا، بندر
جي
تَڙن،
سرتيون سور
سندن، مون
ماريندو جندڙي.
**
وڻجاري وري
پرهه، پڳهه
ڇوڙيا،
اوليون پَسي
اُنِ
جون، پيئڙم
ڳچ
ڳَري،
وينديس ماءَ
مري،
ساري سامونڊين
کي!
**
اُلوڙڻ نه
ڏئي،
ور
وڌائين ونجهه
کي،
رهه
اڄوڪي راتڙي،
لالڻَ مون
لائي،
وڃ
۾
ڦوڙائي،
ايڏي سفر،
سپرين!
**
اولا
کڻي
اُوءِ، پڳهه
ڇوڙي
پنڌ
پيا،
آيل،
سامونڊين جي،
آهي
اڙانگي جوُءِ،
ڪڏهين
ڏسندين
روءِ، وري
هن
اکين سين!
**
تَن
جن جي
تانگ، سي
سڄڻ
سفر هليا،
لئج
لات،
”لطيف“ چئي،
ڪڏهن ايندم،
ڪانگ!
ڪنهن
سٽاڻي سانگ،
پرين
پرڏيهي ڪيا.
**
لاهيان جي
نه
چِتان، الا
اُن
مَ وسران،
مڙهيو منجهاران،
جيءُ
منهنجو جن
سين!
**
آءُ
جن آساري،
مٿي
تڙ گذاريان،
مون
کي
وساري، شال
مَ
وڃن اوهري.
**
اونهي ۾ اوهري،
جڏهن
جي ويا،
سانداري سمونڊ
جي،
نهوڙي نيا،
وڃي
تِت پيا،
جِت
نهايت ناهه
ڪا.
شاهه
عبداللطيف
ڀٽائي
”شاعر
هِن
لوڪ کي پرلوڪَ
سان
ملائڻ واري
هڪ
ڪَڙي
آهي، هو
مِٺي
پاڻيءَ جو
اُهو
چشمو آهي،
جنهن
مان اڃايل
روحَ
پنهنجي پياس
پوري
ڪن
ٿا،
هو سُندرتا جي
درياهه،
ڪناري، تارن،
ڦُلن سان
ڀرپور
وڻ
آهي، جنهن
مان
بکايل دليون
سَير
ٿين
ٿيون. هو
شاعريءَ جي
لامُن تي
اُڏامندڙ بلبل
آهي،
جا مٺا
مٺا
گيت
ڳائي دل
جي
خالي
ڪُنڊن کي ميٺاج
جي
رس سان
ڀري
ٿي،
هو
اُنهيءَ سفيد
بادل
سمان آهي،
جو
ڳاڙهيءَ
شفق جي
ڪناري
تان
اُٿي، وڌندو
اچي
ٿو،
۽
پوءِ سڄي
آڪاس
۾
ڦهلجي
وڃي ٿو:
وري برسات
جي
روپ ۾ وسي
ٿو،
ته
زندگيءَ جي
باغيچي کي گلزار
ڪريو
ڇڏي،
۽
هر
هنڌ مکڙيون
ٽڙيو
پون. هو خدا
جو
موڪليل فرشتو
آهي،
جيڪو انسانن
کي
سندس
پيغام پهچائي
ٿو.
هو
ڌرتيءَ
تي
ڦهلجي ويندڙ
روشني آهي،
جنهن
تي
ڪڏهن به
انڌڪار اُپڙي
نٿو
سگهي. هو
محڪم
ارادي وارو
آهي،
جو پريم
۽
سنگيت جي
ديويءَ کان پنهنجو
پرڪاش حاصل
ڪري
ٿو.
- خليل جبران
شيخ
اياز
*
ڇا
سڄو
آب تاب
گذري
ويو؟
خواب
۾
ڄڻ
ته خواب
گذري
ويو!
عُمر
پنهنجو پڙاءُ
ڪِٿ
نه
وڌو،
قافلو هو،
شِتاب گذري
ويو.
ياد
تُنهنجي جڏهن
جڏهن
آئي،
موتُ
جئن ڪو جواب
گذري
ويو.
هي
جواني هئي؟
خبر
ناهي!
لَهر
تي ڪو رباب
گذري
ويو.
وقت
جو وهڪرو
اُهو
ئي آ،
آدمي؟ ڄڻ حُباب
گذري
ويو.
سيءَ
۾
اڄ ڇڏي
”اياز“ آخر،
عشق
جو آفتاب
گذري
ويو.
*
وري
اچون ٿا گناهگارو،
اسان
مڃي مات
ڪانه
آهي،
پِئو
پِئو صبح
جا
ستارو، وَئي
وَئي
رات
ڪانه آهي.
اچي
ويون اوچتيون
گهٽائون، وَري
وٺي
جون لڳيون
هوائون،
ڪَساب
ٿي
ويا
ڦڙي
نه پئي
آ،
گهڙي به
برسات
ڪانه آهي.
نه
ماهتابي ائين
کِڙي
آ،
ڪڏهن
به ناريل
جي
ڇَڙين
۾،
اچين
پئي ياد
ڪيترو
تون،
مگر ملاقات
ڪانه
آهي.
ڏِسين
نِٿي
وقت آهه
قاتل؟ جيءَ
جذبا
مدُام رهندا!
نه
تون اُها
آن،
نه آنءُ
آهيان، نه
تانگهه آهي،
نه
تات آهي.
مِلين
ڪڏهن تون
مَسين مَسين
ٿي،
خبر
نه آهي
ڪٿي
وَسين ٿي!
گلاب
جهڙي
ڪڏهن
ڏسين ٿي ته
ماڪ
جئن هي
حيات
آهي!
ڪڏهن
ڪڏهن
تون
اَچي ملين
ٿي،
ڄڻ
نئين
زندگي
ڏئين ٿي،
حيات
آ قيد
جي
علامَت، رُڳو
محبت
نجات آهي،
جڏهن
جڏهن رات
شبنمي آ،
”اياز“ اِن
۾
ڪٿي
ڪَمي
آ؟
اِنهيءَ ڪري آهي
خوبصورت، نه
ڪابه
اِن
کي
ثبات آهي.
*
ڇو
ڪنهن
سان
اک اڙائين
ٿي،
ڇو
ڇوري
پيار
وَڌائين ٿي؟
آزاد
هوا جئن
آهين
تون، ڇو ڳٽُ
ڳچيءَ ۾ پائين
ٿي؟
تقدير به
پنهنجي آهين
تون،
زنجير نه
وجهه
تدبير مٿان،
ڇو
ڪنهن
سان
عشق نڀائين
ٿي،
ڇو
پُٺتي موٽَ
نه
کائين
ٿي؟
ميهارُ جڏهن
تو
ڪوٺي
ٿو،
تون آنهه
هوا
۾
ڄڻ
ته گهڙو،
ڇا
تنهنجي لاءِ
انوکو آ،
تون
ڪيئي
پيارَ
ٻُڌائين ٿي!
هي
مرد به
ساڳيا فَرد
آهن،
هابيلَ جيان
قابيل جيان،
هي
پاڻ مَرَن
پر
ڀائن
ٿا،
تون تن
جو
خون وَهائين
ٿي!
ٿا
ماڻهوسي سنسارُ
پَسن، هر
وقت
جِتي ملهار
وَسن،
جنهن
وقت هوا
۾
هيرون ٿي، تون
ڇيل
ڇٻيلي
ڳائين
ٿي!
ڇو
آزادي قربان
ڪرين،
ڪنهن
لاءِ
ڳرين
ڪنهن
لاءِ مرين؟
ڪيڏو
نه
”اياز“ وَڻين
پيئي، جي
تنها
ساز وڄائين
ٿي!
*
ڄڻ
ته
جهومي ٿي پئي
هيءُ
ڪائنات،
تون
ڪٿي
آهين پرين
اڄ
عيد رات؟
آن
آهيان مات
پنهنجي موت
جي،
تون
ڀُلو
آن، موت
منهنجي ناهِ
موت،
چنڊ
مون لئه
جامَ
ٺاهي
ٿو
اچي،
تون
صراحي ٿي
ڀرين اي
ڪائنات!
موت
هر
ڪنهن ڏي اچي
ٿو
اي
پرين،
پيار
تُنهنجو پيار
جي
ٻي
آهه بات؟
ٿيون
اچن
ڪاريون
گهٽائون مون
مٿان،
آزمايو جام
منهنجي جي
ثبات؟
وارَ
کولي
ڪالهه
تون آئي
هُئينءَ،
ڄڻ
گهٽائون ٿي وئي
هئي
ڪائنات!
ڄڻ
ازل
۾
ٿو
ڏئي
وَر وَر
ٽُٻي،
نِم
تان
ڪهڙي پکيءَ
جي
آهه لات؟
ڄَڻُ
اُتر
جو واءُ
هن
لئه آ
چَهو،
جيئن
ٿي
ڏونگر
ڏسي،
تيئن تيز
ڏات!
ڪو
پَرندو هئن
ڏٺو
آهي
نه مون،
جيئن
پڃري مان
اُڏامي ٿي حيات؟
جندڙي رهندي
خلا
۾
ڪيترو؟
مون
چيو:”
اکٻوٽَ
وانگر آ
ممات“
درد
کي
پنهنجو وجود
آهي ”اياز“
موت
آهي ننڊ
وانگر
ڏينهن رات.
*
جو
ڇُٽو
ڪونه،
گهاءُ آهين
تون،
رَت
ٽِمي
ٿو
چِڪاءُ آهين
تون.
ڄڻ
ته
رابيل مان
ڦُٽي
آهين،
ايترو جو
هڳاءُ آهين
تون!
دوُر
تان اِئين
اچين
پئي مون
ڏي،
چاندنيءَ جو
چٽاءُ آهين
تون،
پيار
۾
ڀاڪرين
پَئي منهنجي،
آگ
آهين، اُلاءُ
آهين
تون!
ڄڻ
ته
رڳ رڳ
رچي
وئي آهين،
ڄڻ
ته
لنءَ لنءَ
لڳاءُ آهين
تون!
پوههَ جي
اُس
جيئن
ڪونه آهين،
پر
جياپي جٽاءُ
آهين
تون.
ٻيو
ڪويتا
اُپاءُ
ڪونه
کپي،
آهه
جي ڪو اُپاءُ
آهين
تون.
رات
جي لڙڪ
ٿي
لهين
ٿي
تون،
باک
کان
اڳ اُهاءُ
آهين
تون،
پاڻُ
سورج مُکيءَ
جيان
ٻوٽيان؟
سانجهه ٿي آ،
سماءُ آهين
تون،
ڇو
ڦڪي
ٿي
ٿئين ”اياز“ اڳيان،
جي
اُٻهرو چٽاءُ
آهين
تون.
*
چنڊ
درياهه سان
جيئن
ڏُوران
هلي،
جيستائين هلي
ساٿ
توسان هلي.
ڪابه
ڊوهي
نه
آ، هَٿُ
ڇو
هي
نه آ،
پيار
توُ ساڻُ
ٿو
سانوڻيءَ جان
هلي.
عُمر!
تُنهنجي ندي
بيهڻي
ڪانه آ،
جيستائين
ڇُلين پيار
توسان هلي.
جو
به پَل
تو
گذاريو ويو
موت
۾،
جهولَ تولئه
جهَلي موتُ
پٺيان هلي.
موت
جي
ڳالهڙي
ٿورڙي آ ”اياز“
اک
پورِي مگر
جڳ
اڳي جان
هلي.
*
تون
ئي سراءِ
۾
رهه
مون کي نه
آهه
رهڻو،
موٽان يا
نه
موٽان آ
دوُر
دوُر
ڪَهڻو،
اي
دوست! تنهنجو
منهنجو سارو
حساب
چُڪتو،
هن
ننڊ منجهه
ڪنهن
جو
ڪنهن
ڏي
نه آهه
لَهڻو،
ساجهر سوير
آندي
مون لاءِ
ناهه
سواري،
پر
قافلو وڃي
ٿو
مون
کي
به آ
اُسهڻو،
جيڪي
گهڙيون گذاريئه،
مون
سان چڱيون
گذاريئه!
ٿو
اڄ
به جيءُ
جرڪي، هيءُ
ڳالهه
ڳالهه
گهڻو.
آغوش
سي ڪٿي اڄُ،
ڪَلهه
جن
۾،
ننڊ آئي؟
هاڻي
ته راتڙيءَ
جو
ڪنهن
هنڌ آهه
ڊَهڻو.
راهِي ”اياز“ ڪيئي ويندا
لَهو
لَهان ٿي،
بس
پنڌ ياد
رکجو، تَن
جو
اداس پهڻو.
*
شام
ٿي،
سورج مکي
مُرجهائيا،
هنج
جي اُڏاري
ويا
ها، آئيا؟
باک
تو تان
لاکَ
ڪنهن
لاهي وَتي،
روئندي مون
گيت
تُتهنجا
ڳائيا!
تو
ڪيو
ڪاٿو
ته ها
ڪيڏا
هرڻ،
اوچتو جي
رُڃ
ڪلهه
رولائيا؟
باغ
ساري تي
سَرءُ وئي
ڇانئجي،
چار ڳاڙها گل،
اُهي
ڪنهن
چائيا!
گردنون
ڪيڏيون
ڪَپيون
ڏاٽي پئي،
۽
هٿوڙي
ڪيترا سِر
گهائيا!
”فيض“
اڳ
۾
ئي مري
ويو
اي ”اياز“!
جيئرا شاعر
سَوين شرمائيا.
سرويچ سجاولي
غزل
ڀلن
جي
ڀيٽ
لئه نڪتس،
ته
آئين ڀيٽ مان
نڪتا،
خوشيءَ جا
ڄڻ
ته
منهنجي لئه
خزانا کيٽ مان
نڪتا،
ڇپر
کڻندي،
نظر
جڏهن، مبارڪ
مُنهن مٿي
پييم،
ته
ڪو
لشڪر، سجَن
چنڊن، جا
چَمڪي چيٽ
مان
نڪتا،
جڙاءُ ۽ جوڙجڪ
جڏهن، ڏٺم تنهنجي
ته
ڏندن
جي،
ته
سمجهيم ڪي سچا
موتي،
سِپَن
جي پيٽ
مان
نڪتا.
اچي
اچرج ۾ ويا
ماڻهو ته
آيو
ڪير
آهي هي؟
اچڻ
جنهن جي
جا
احوالا، اُها
اُپٻيٽ مان
نڪتا.
صديون
”سرويچ“ گُذرن ته
به
سُخن تنهنجا
سدا
جيئرا،
مٽيءَ جي
مهڪ
مان مهڪي
۽
رڱجي
ريٽ مان
نڪتا.
عبدالجبار
جوڻيجو
پَل
پَل ڇِن
ڇِن، پُور
اوهان جا،
پُور
اوهان جا،
سوُر
اوهان جا.
دل
کي
هردم ويجها
آهن،
درشن
توڙي دوُر
اوهان جا،
پوُر
اوهان جا.
وسرڻ
جا سي
هرگز
ناهن،
من
اندر مذڪور
اوهان جا،
پوُر
اوهان جا
هاڪ
حُسن جي
هردم
هر هنڌ،
ماڻا
پڻ مشهور
اوهان جا،
پوُر
اوهان جا،
عبدالجبار چئي
ناز
۽
غمزا،
منظور
ڪيم، منظور
اوهان جا،
پوُر
اوهان جا.
تاج
بلوچ
غزل
ڪنهن
جي
گُداز جسم
جو
جلوو ٻري پيو،
ڪافر
چپن
تي هيج
مان
ڪلمو
ٻري
پيو.
پاڻي
پيو جي
باهه
تي سُڏڪو
ٻري
پيو،
سڏڪي
جي ساهه
۾
ڪوئي
اُڌمو ٻري پيو.
وسري
ويا فراق
جا
مون کان سڀئي
عذاب،
وجدان ۾ ڪو وصل
جو
لمحو ٻري پيو.
پنهنجي خيال
۾
ائين
مون ٿي پڙهيو
غزل،
هن
جو هو
عڪس
عڪس ٿي چهرو
ٻري
پيو،
مستي
۾
ڪائنات
کي
رقصان ڏٺو اٿم،
چوڙين جي
چاڳ
جو جڏهن
ڀُڻڪو
ٻري
پيو.
پازيب هُن
جي
پير مان
ڀڻڪي
پيو
ائين،
منهنجي غزل
جو
تاج ڪو مصرعو
ٻري
پيو!
*
مُحسن
ڪَڪِڙائي
غزل
باهه
ٿي
آئي ۽ پاڻي
ٿي
پَئي،
زندگي
ڀاڪر ۾ ساڻي
ٿي
پئي،
خُشڪ
چَپَ ۽ گرم
ساهن
جي تَپش،
ٻن
دلِين جي
رات
راڻي ٿي پئي،
هوءَ
ته بس
ٽانڊو
کڻڻ
آئي
هُئي،
پَر
ڏِٺوسين
گهر- ڌياڻي ٿي پئي.
هونءَ ته
اهڙي
ڳالهه
ڪائي
ڪانه
هئي،
هُن
جڏهن مُرڪيو
ته
هاڻي ٿي پئي،
شڪر
جو
ڪنهن اَک
ڀَڃي
آٿت
ڏنو،
نا
اُميديءَ جي پڄاڻي،
ٿي
پئي،
ڳالهيون
مُحسن
ڪيون سين
روبرو،
وهم
سڀ ويا
هِڪَ
هِڪاڻي ٿي پئي.
*
ولي
محمد وفا
پلي
گيت
هيئن
ڪيئن
رات گذرندي
ڙي؟
ڪو
گيت
هجي، ڪو ميت
هجي!
ڪو
راڳ
هجي، ڪا آڳ
هجي،
ڪا
منزل
ڪوئي
ماڳ هجي،
هيئين ساٿي
ري
ڪيئن
سَرندي ڙي؟
ڪو ساز هجي، آواز هجي،
ڪو دوست دم آغاز هجي،
ها آس ته پوءِ آسرندي ڙي.
ڪو ساز هجي، آواز هجي،
ڪو دوست دم آغاز هجي،
ها آس ته پوءِ آسرندي ڙي.
ڪو
ساقي
مئي ۽ جام
هجي،
بدمست ازل
لئه
عام هجي،
ها
عام هجي
دل
ٺرندي
ڙي!
*
وفا
ناٿن شاهي
غزل
ڪوئي
ته
فرضِ جواني
ادا
ڪري
ڇڏيون،
اچو
ته حُسن
کي
پوڄي
خدا ڪري
ڇڏيون.
اچو
ته حسن
جون
دشواريون
ڪيون آسان،
اچو
ته پيار
جا
پَرچم
کَڙا ڪري
ڇڏيون.
اچو
ته زهر
جو
هڪڙو ٻه ڍُڪ ڀري يارو!
سدائين لاءِ
ڏکن
جي
دوا ڪري
ڇڏيون.
اوهان تي
ئي
هو سڄو
زندگيءَ جو
دارومدار،
اوهان ئي
راهون اسان
کان
جدا
ڪري
ڇڏيون،
رڻن
۾
ڇو
ته رُلون
حُسن
جو ڇڏي پهلو،
ڇو
پنهنجي پاڻ
کي
جيئري فنا
ڪري
ڇڏيون.
رهيو
نه
ڪجهه به
وفا زخم بيڪسيءَ
کان سواءِ،
اهو
به چئو
ته
اوهان تان
فِدا
ڪري
ڇڏيون.
*
احمد
خان
”مدهوش“
غزل
تنهنجي ناز
و
ادا ۾ گُم
آهيان،
ڄڻ
جمالِ خدا
۾
گُم
آهيان،
سوچ
۾
گُم
ڪري، وري
مون
کان،
ٿو
پُڇين تون
”ته
ڇا
۾
گم
آهيان.“
لوڪ
ڇا
ڇا
گهُري، سندس
مرضي،
مان
ته تنهنجي
دعا
۾
گُم آهيان،
هيءَ
وڏي منهنجي
خوش
نصيبي آ،
پيار
جي ”هوُ هَوا“ ۾
گُم
آهيان.
موت
کي
هٿ اچي
سگهان ها،
پر،
صورتِ دلربا
۾
گُم
آهيان،
جيڪا
مدهوش سان
ڪئي
تو،
ها،
اڄ
تائين اُنَ
”ها“ ۾
گُم
آهيان.
ادل
سومرو
غزل
منهنجي اکين
۾
پاڻي
ڪونهي،
هاڻي
ڪابه
ڪهاڻي
ڪانهي،
ڪيئن
ڇڻي
ها
درد اسان
جو،
دل
آ پيارا
ڇاڻي
ڪونهي،
سارا
لفظ
کُٽي ويا
آهن،
ورندي تو
ته
اُماڻي
ڪونهي.
منهنجو هانءُ
وڃي
ٿو
ٻُڏندو،
دريائن ۾ پاڻي
ڪونهي.
تُنهنجو پيار
مليو
جي ناهي،
ڄڻ
ته
حياتي ماڻي
ڪونهي،
پنهنجا ڀاڳ به
ويچارا هِن،
پاڻ
کي
ملڻي راڻي
ڪونهي،
آس
ته جيون
گُذري ويندو،
خوابن جي
ته
پُڄاڻي
ڪونهي.
*
اياز
گل
غزل
سڀ
رستا،
ڌڪارَ جا
رستا
ڳولِ
پيارا، ڪي پيارَ
جا
رستا،
دردَ
جي ديسَ
ڏي
وٺي
ٿا
وڃن،
سُورَ آهن
هيِ
سار جا
رستا.
ياد
ناهي ڪٿي وڃايا سي،
هلندي هلندي
ها
يار جا
رستا.
مون
کي
جيڪي مليو،
اکين
تي دوستَ!
توکي
پرَتا بهارَ
جا
رستا.
پيارَ وارن
جي
لاءِ هونديون
هِن،
دوُريون ڀي ته
دارَ
جا رستا،
سڀ
رستا
کُٽي وڃن
ٿا
نيٺ،
خوفَ
جا يا
خُمارَ جا
رستا.
نورالهدى شاهه
آزادي
-
غلامي
آزاديءَ ۾
چنڊ
به
ڏاڍو سُهڻو
لڳندو آهي:
سپرينءَ جي
چهري
جيان
۽
ڏينهن
به
روشنيءَ جي
درياهه جيان
وَهندو محسوس
ٿيندو
آهي
پنهنجي مٿان
۽
سج
سچ
ڀانئبو
آهي
ازل
کان
ابد
جو!
پر
غلاميءَ ۾
اُهوئي چنڊ
آمر
جي اک
محسوس
ٿيندو آهي
جيڪا
شڪارکي ٿي تاڙي
۽
ڏينهن،
اهو
آدمخور شينهن
آهي
جيڪو
پنهنجي واڇن
کان
ٿو
ماڻهوءَ جو
رت
چَٽي
۽
سج
محض
آگ جو
گولو
آهي
جيڪو
ماڻهوءَ جي
ڪيپراٽيءَ
۾
ٿو
ٻَري.
نصير
مرزا
5- محرم
الحرام
تي....
درد به آهي،
ته اُهو ئي در:
گهر به آهي،
ته اُهوئي گهر؛
۽ آفيس
اُها ڀي ساڳي-
اوپرا منش،
اڄاتل ڳالهيون
ڪوئي محبوب
نه ڪو هرجائي
ڪوئي پنهنجو
نه ئي ڪا پنهنجائي
سانجهه آهي،
ته ستارا ناهن؛
درد ايڏو
جو ڪنارا ناهن!
احمد سولنگي
غزل
خوابَ- نگر جا نقشا کُلندا،
بند دريون دروازا کُلندا.
سمنڊ اُڏامي اک ۾ ايندو،
پکيءَ پکيءَ جا پاڇا کُلندا،
تنهنجن سلجهيل وارَن وانگر
الجهيل الجهيل لمحا کُلندا
اُسَ ۾ گُل تي خوشبوءَ سان گو_
پوپٽ جا ڪي پرڙا کُلندا
رستن مان ويا رستا کُلندا
کوڙ اڃان ٻيا رستا کُلندا
ڪوئي ننڊ ۾ رنگَ ڀريندو
بند اکين ۾ سپنا کُلندا.
سوز
هالائي
گيت
سپني
۾
آئي، اسان
وٽ
ڪائي،
سار
اوهان جي
سپرين،
ڄڻ
ڪا
واٽ
ڀُلي
پئي،
منهنجي اک
کُلي
پئي.
ساڀيائن جي
ديس
جي، ٿي شهزادي
آئي،
جهولي منجهه
جهلي
پئي،
هوريان هوريان
ڪن
۾،
ڪائي
ڳالهه
سڻائي،
شهر
سڄي ۾ هُلي
پئي،
نازڪ
ٻانهن
هٿن مان،
سٽ
ڏئي
ڇڏائي
دل
جي دري
کُلي
پئي.
ڀيڄ
ڀنيءَ
جي
ويل، ۽ چوڏس
چٽائي،
ٿڌڙي
هير
گهلي پئي،
هيءَ
جا خوشبوءَ
پيار
جي، ساهن
سمائي،
ڦڳڻ
جيئن
ڦُلي
پئي،
منهنجي اکي
کُلي
پئي.
منير
سولنگي
غزل
دوستن جي
اثر
۾
رهيس،
دشمنن جي
نظر
۾
رهيس.
سور
ساٿي ڪري پاڻ
سان،
زندگيءَ جي
سفر
۾
رهيس.
پيار
۾
مان ته
ڦُرجي
ويس،
پوءِ
به
ڪيڏو ڪثر ۾ رهيس،
جنهن
به پاسي
وڌايم قدم،
تنهنجي ڏاڍ ۽ ڏمر ۾ رهيس،
خيال
جذبا ۽ سوچون
کڻي،
بيوفا جي
شهر
۾
رهيس
مان
ته سڀ
ڪجهه
لٽائي منير
عشق
واري اکر
۾
رهيس.
خاڪي
جويو
وائي
آءُ
پرين! ڳوليون،
نئون
نينهن حياتيءَ
جو،
صدين
جي سُٽ
جا،
ڦورا
ڪي
ڦوليون،
آءُ
پرين
ڳوليون
رهزن
رَتَ پياڪن
کي،
رُڃن
۾
روليون،
آءُ
پرين
ڳوليون،
ڏاڍ
ڏمر
ڏولاون
۾،
ڏيهه
نه
هي
ڏوليون،
آءٌ
پرين
ڳوليون،
ننڍڙي لاکان
نينهن جون،
لَهوءَ
ڏنيون لوليون.
آءُ
پرين
ڳوليون
ٽڙي
پون
ٽارئين
ٽهڪن
جون
ٽوُليون.
آءُ
پرين
ڳوليون
نيئر
ناريءَ ذات
تان،
خاڪي آ
کوليون،
آءُ
پرين
ڳوليون.
سرڪش
سنڌي
غزل
آدم
کان
آدميءَ تي
جڏهن
ديد ٿي پوي،
ڪنهن
اڻ
ڏٺل
جي ذوق
تي
تنقيد ٿي پوي.
پَلُ
پَلُ پڇي
رهيو
آ پيڙا
۽
پوُر
۾،
ٿي
بي
قرار چَئن
جي
اميد ٿي پوي.
هڪ
غم هزار
خوشيون پوريون
نٿيون پون،
لُڙڪن
ڀريل اکين
۾
ڳري
عيد
ٿي
پوي.
جنهن
سان اسين
اُهو
به اسان
جو
ٿئي
جڏهن،
الفت
جي
ڪائنات ۾ تجديد
ٿي
پوي
دنيا
کان
درد غم،
سڀ
واپس وٺي
ڇڏيو،
ڪائي
ته
زندگيءَ جي
تائيد ٿي پوي.
ان
کي
ميار ناههِ
ته
ڪنهن
کي
ڏجي
ڀلا،
ٻئي
کي
ڏيڻ
سان
ضربجي توحيد
ٿي
پوي،
جيڪي
ٻُڌو
اٿم يا
جيڪي
مڃيو اٿم،
سرڪش
انهيءَ جي
جيڪر
ترديد ٿي پوي. |