ڊاڪٽر
غلام
محمد لاکو
ٺٽو:
ڪلهوڙن
جي دور
۾
ٺٽو
سنڌ جو
هڪ
قديم شهر
آهي،
هي شهر
ديبل
جي
ڦِٽڻ سان
آباد
ٿيڻ
شروع
ٿيو، تاريخي
شاهدين موجب
ديبل
جي بربادي
۽
ٺٽي
جي
آبادي، سومرن
جي
دور ۾ ٿي
(1)
سومرن جي
سياسي زوال
751هه
/1351ع
۾
ٿيو،
ان
کانپوءِ سمن
ڄامن
جي
حڪومت قائم
ٿي.
هن
دور ۾
ڄامن سلطان
ساموئي ڇڏي ٺٽي کي سنڌ
جو
تختگاهه بنايو.
ان
ريت ٺٽي جو
واڌارو ۽ هار
سينگار شروع
ٿيو.
ارغون دور
۾
به
هن شهر
کي
ساڳيو رتبو
حاصل
رهيو. مرزا
شاهه
حسن ارغون
962هه
/ 1556ع
۾
فوت
ٿيو. کيس پُٽاڻو
اولاد
ڪونه هو،
انڪري سنڌ
جو
ملڪ، سندس
اميرن ٻه حصا
ڪري
پاڻ
۾
ورهائي
کنيو: هيٺين
سنڌ
ترخانن جي
حصي
۾
آئي، جن
حسب
دستور ٺٽي کي تختگاهه
رهڻ
ڏنو:
جڏهن ته
اتر
سنڌ سلطان
محمود کي ملي،
جنهن
بکر کي پنهنجو
سرڪاري مرڪز
بنايو(2) سن
982هه
/
1574ع
۾
سلطان محمود
فوت
ٿيو
ته اڪبر
جي
لشڪر اُتر
سنڌ
کي
پنهنجي قبضي
۾
آڻي،
اُن کي ملتان
جي
صوبي سان
ملائي
ڇڏيو.(3) جيتوڻيڪ
1000هه
/1592ع
۾
اڪبر جي
سپهه
سالار ٺٽي کي حيلن
بهانن سان
حاصل
ڪري،
مغل شهنشاهت
۾
ملائي
ڇڏيو.(4) اُن
هوندي به
ڪجهه
شرطن
تي اڪبر
ٺٽي
جو
ملڪ جاني
بيگ
کي
مرحمت
ڪيو. هي
سلسلو آخري
ترخان حاڪم
ميرزا غازي
بيگ
جي موت
01021هه
/1612ع
تائين هلندو
آيو،
غازي بيگ
جي
وفات سان
ٺٽو
سڌي
طرح مغلن
جي
عمل دخل
۾
اچي
ويو.(5) اُن
بعد
ٺٽو
مغل سرڪار
جو
هڪ صوبو
بنجي
ويو(6). هڪ
راءِ
موجب سيوهڻ
سرڪار به
ملتان صوبي
۾
شامل
هئي. ٻي راءِ
موجب
ٺٽي
صوبي ۾ چار
سرڪارون:
ٺٽو، نصرپور،
چاڪر
هالا ۽ چاچڪان-
شامل
هيون. سيوهڻ
سميت
ٺٽي،
صوبي ۾ ڪل ايڪونجاهه
پرڳڻا يا
محال
هئا.(7) مغل
دور
۾
ٺٽي
تي مرڪز
پاران گورنر
مقرر
ٿيندا
هئا، جن
کي
اُن
دور جي
سرڪاري زبان
۾”صوبيدار“
يا
”نواب“ سڏيو
ويندو هو.
ٺٽي
صوبي
تي مغلن
جو
قبضو
1150هه
/1737ع
تائين رهيو
(8).
سمن
ڄامن
کي
شڪست
ڏئي، ارغونن
سن
927هه
/
1520ع
۾
سنڌ تي
قبضو
ڪيو.
ملڪ لاءِ
هيءَ
تبديلي نهايت
هاڃيڪار ثابت
ٿي.
مؤرخن اُن
کي
”خرابيءَ
سنڌ“ سان
تعبير
ڪيو.(9) ملڪ
کڄڻ
بعد
هر سنڌي
قبيلو
ڌارين سان
برسر
پيڪار
ٿيو. هر
شهر
۾
معرڪا
ٿيا. سنڌ
جي
ڳوٺ
ڳوٺ
۽
وستي واهڻ
۾
حڪمرانن کي للڪاريو
ويو.
هيءَ صورتحال
برابر ٻه صديون
جاري
رهي. مغل
دور
۾
لکيل اڪثر
تاريخي ماخذ
هن
حقيقت جي
تصديق ڪن ٿا. مغل
مخالف قبيلن
۾
ڪلهوڙن
کي
نمايان اهميت
حاصل
آهي. ستر
اسي
سالن جي
ويڙهه
کانپوءِ کين سنڌ
جي
حڪومت حاصل
ڪرڻ
جي
جزوي
ڪاميابي حاصل
ٿي.
ميان
نصير محمد
سن
1092هه
/1681ع
ڌاري
هي
ڪاميابي حاصل
ڪئي،
کيس
چانڊڪا پرڳڻي
۾
اختياري حاصل
ٿي.
هن
جو مرڪز
”ڳاڙهي“
ڪاڇي
جي
علائقي ۾ هو.
بعد
۾
ميان دين
محمد
اقتدار جو
ڌڻي
بنيو. هن
جي
وفات
1111هه
/1700ع
۾ ٿي،
(10)
سال
کن
جي
وقفي کان پوءِ
ميان
يار محمد
همت
ڪري،
اتر سنڌ
۾
ڪلهوڙن
جو
ٻيهر
اقتدار قائم
ڪيو.
هن
کي
بکر ۽ سيوهڻ
۾
ڪامياب
ٿي،
نيٺ
شهنشاهه اورنگزيب
جي
تائيد سان،
هن
کي
سبي ملڪ
تائين سوڀ
حاصل
ٿي.
پنهورن جي
شهر
”شڪارپور“ کي
”خدا
آباد“ جو
نالو
ڏئي
ميان يار
محمد
پنهنجو تختگاهه
مقرر
ڪيو.
هن
1131هه/1719ع
۾
وفات
ڪئي. (11)
ميان
يار محمد
کان
پوءِ
هن جو
پٽ
ميان نور
محمد
حڪمران بنيو،
اتر
سنڌ ۾ بروهين،
افغان ۽ دائودپوٽن
کي
مطيع
ڪيائين.
هن جي
دور
۾
سن
1150هه/1737ع
۾
ٺٽو
صوبو پڻ
ڪلهوڙن
جي
حڪومت ۾ داخل
ٿيو،
جڏهن
آخري مغل
نواب
صادق علي
خان
ناڪام ٿي ٺٽي مان
هٿ
ڪڍيا
(12).
نور
محمد
ڀاڳن وارو
حاڪم
هو، جو
هن
ارغونن کان پوءِ
سڄي
سنڌ کي متحد
ڪري،
اُن
تي حڪومت
ڪرڻ
جو
موقعو مليو
هو.
ڪلهوڙن
جو سياسي
زوال
1197هه
/1783ع
۾
ٿيو،
ان ريت
ڏسجي
ٿو
ته
ٺٽي
تي
ڪلهوڙن ستيتاليهه
سال
راڄ
ڪيو.
ڪلهوڙن جي
حوالي سان
ٺٽي
جي
تاريخ گهڻو
ڪري
محفوظ شڪل
۾
ملي
ٿي.
اسين هن
مقالي ۾ ڪن مکيه
عنوانن تي
روشني وجهنداسين.
ڪلهوڙا
حڪمران ٺٽي ۾:
جنهن
وقت ٺٽو شهر
يا
صوبو
ڪلهوڙن جي
قبضي
۾
آيو، ان
وقت
سموري سنڌ
سياسي طور
متحد
ٿي،
مقامي حاڪمن
جي
حڪومت ۾ اچي
چڪي
هئي. ان
وقت
”خدا
آباد“ ملڪ
جو
تختگاهه هو.
هن
شهر جا
ڦٽل
آثار
اڄ به
دادو
ضلعي ۾ موجود
آهن.
ڪلهوڙن
کي
ٺٽو
مليو، تڏهن
به
تختگاهه جي
تبديلي نه
ڪيائون.
هن
پس منظر
۾
ٺٽي
جو
زوال به
شروع
ٿي
ويو. مير
علي
شير قانع
جي
ڪتابن
مان ٺٽي ۾ حڪمرانن
جي
آمد ۽ سرگرمين
جي
خبر پوي
ٿي.
ڪلهوڙن
پاران هتي
جو
پهريون نائب
شيخ
غلام محمد
مقرر
ٿيو،
هڪ سال
پوءِ
نادر شاهه
جي
اچڻ جو
ٻڌي
ميان
نور محمد
انتظام خاطر
لاڙڪاڻي ويو
۽
صاحبزادي محمد
مراد
ياب کي ٺٽي موڪليائين.
پاڻ
ذوالقعد
1151هه /جنوري1739ع
۾
ٺٽي
پهتو، تڏهن
ڌاراجا
جو
حاڪم راڻو
اجمال ۽
ڪڪرالي جو
ڄام،
هن
سان معرڪو
ڪرڻ
لاءِ
سامونڊي آرماڙ
مٺي
درياءَ ۾ وٺي
آيا،
خشڪي توڙي
پاڻي
تي جنگيون
لڳيون.
ڪلهوڙن جي
لشڪر
کين
شڪست
ڏني، شوال
1152هه
/
ڊسمبر1739ع
تائين مرادياب
ٺٽي
۾
رهي
معاملن کي سُلجهايو
۽
هتان
ئي والد
سان
ملڻ لاءِ
عمرڪوٽ روانو
ٿيو،
جو
نادري حملي
جي
ڪري
اُتي اچي
پهتو
هو.
(13)
نادر
شاهه جو
عملدار مظفر
علي
خان
1155هه/1742ع
۾،
سورت بندر
وڃڻ
لاءِ
ڪراچي بندر
کان
ٺٽي
آيو.
ميان نور
محمد
هن جي
آڌر
ڀاءُ
لاءِ خود
ٺٽي
آيو
۽
اڍائي مهينا
هن
شهر ۾ رهيو.
(14)
ميان
صاحب جي
سرگرمين بابت
وڌيڪ
علم نٿو
پوي،
پر پوءِ
به
پڪ آهي
ته
هتي رهندي
ميان
صاحب، هيٺين
سنڌ
جي حالت
بابت
ڄاڻ
حاصل
ڪري،
ڪجهه مکيه
فيصلا ڪيا هوندا.
ميان
نور محمد
جو
پٽ صاحبزادو
محمد
خدا داد
خان
به ٺٽي ۾ سرڪاري
ڪم
سان
آيو هو.
سن
1160هه
/1747ع
۾
ڌاراجا
جي راڻي
جي
چرچ تي،
هڪ
سئو جابلو
ويڙهاڪ ٺٽي جي
آسپاس کي ڦرڻ لاءِ
آيا.
ٺٽي
جو ناظم
مسو
فقير، شيخ
شڪر
الله ۽ بولى
خان
جاکرو لشڪر
وٺي،
پير پٺي
وٽ
کين
سامهون
ٿيا. هزارن
جي
لشڪر سَون
جي
لشڪر کان شڪست
کاڌي،
ان
پس منظر
۾
صاحبزادو خداداد
خان
وڏو لشڪر
وٺي
ٺٽي
آيو. مسو
فقير
کان
نائبي
کسي، ٺٽي تي
بلاول نائچ
کي
مقرر
ڪيو
ويو. بلاول
فقير
مهم کي
ڪامياب ڪرڻ لاءِ
بجار
جوکيي جي
مدد
ورتي.(15) شايد
اهوئي دور
آهي،
جڏهن صاحبزادي
جي
حڪم تي،
مڪليءَ تي
جلوه
گاه امامين
جي
گنبذ جي
تعمير
ٿي.(16)
ميان
نور محمد
1167هه/1753ع
۾
وفات
ڪئي. ان
بعد
محمد مرادياب
حڪمران ٿيو.
هن
کي ذوالحج
1170هه
/
آگسٽ
1775ع
معزول
ڪيو
ويو. بعد
۾
ملڪ
۾
افراتفري پکڙجي
ويئي. غلام
شاهه، عطر
خان
۽
احمد يار
خان
۾،
اقتدار جي
حاصلات لاءِ
ڪشمڪش
جاري
رهي. هن
صورتحال کي افغان
درٻار خوب
استعمال
ڪيو، ۽ سنڌ
ملڪ
جي بربادي
ٿيندي
رهي.
هڪ مرحلي
تي
ملڪ جا
ٽي
حصا
ڪيا
ويا. هڪ
حصو
شاهه
ڳڙهه کان نصرپور
تائين، جنهن
۾
ٺٽو
پڻ
شامل هو،
ميان
غلام شاهه
کي
مليو، ۽ باقي
سنڌ
جا رهيل
ٻه
حصا
عطر خان
۽
احمد
يار خان
جي
حوالي
ٿيا.(17) شوال
1172هه/مئي1759ع
۾
آخرڪار غلام
شاهه
ڀائرن
تي غالب
اچي،
سڄي سنڌ
تي
پنهنجي حاڪميت
بحال
ڪري
ورتي. ان
کان
پوءِ
ميان غلام
شاهه
پوري شان
۽
شوڪت
سان سنڌ
تي
حڪمراني ڪئي.
جيتوڻيڪ هن
جو
ٺٽي
۾
اچڻ ثابت
ڪونهي،
اُن
هوندي به
کيس
ٺٽي
سان
ايتري دلچسپي
ڏسجي
ٿي،
جيتري سندس
والد
۽
ڀائرن
کي
هئي. ملڪ
۾
گهرو
جنگ جي
دور
۾
جوکيا قبيلي
جي
ماڻهن شهر
جي
مولا ٺٽي محلي
کي
ڏينهن
ڏٺي
جو
ڦُريو.
غلام شاهه
جڏهن
پوري سنڌ
تي
حڪمراني بحال
ڪئي،
تڏهن
محمد قائم
ڪوڪلتاش
کي
ناظم
مقرر
ڪري، ٺٽي جي
انتظام طرف
ڀرپور
توجهه
ڏنو.(18) ٺٽي لاءِ
ٻيهر 1182هه
/ 1768ع
۾
خطرو پيدا
ٿيو.
نومڙيا قبيلي
جي
سردار ڄام بجار
جوکيي تي
حملو
ڪرايو.
ان وقت
بجار
گهٻرائجي ٺٽي اچي
پهتو. ميان
غلام
شاهه ڇهه هزار
ماڻهو نومڙين
جي
ڪن
مهٽ لاءِ
موڪليا. ٻن هزار
فوجين جي
مستقل دستو
ٺٽي
جي
حفاظت لاءِ
پڻ
مقرر ڪرڻ جو
حڪم
ڏنو.(19)
ميان
غلام شاهه
سن
1186هه
/1772ع
۾
وفات
ڪئي. ان
بعد
هن جو
پُٽ
ميان سرفراز
سنڌ
جو حڪمران
بنيو. هن
کي
1189هه 1775ع
۾
معزول ڪيو ويو.
ٺٽي
سان
سرفراز جي
تعلق
بابت سڌو
حوالو نٿو
ملي،
البته قانع
لکيو
آهي ته
مخدوم نعمت
الله
سان سرفراز
وڏي
عقيدت رکندو
هو
۽
پاڻ کي مخدوم
جو
مريد سمجهندو
هو.(20) ميان
سرفراز
کانپوءِ
ڪلهوڙن اٺ
سال
راڄ
ڪيو. هن
عرصو
سنڌ ۾ گهرو
لڙاين جو
دور
شمار ٿئي ٿو. ان
حالت
۾
حڪمرانن جو
ٺٽي
ڏي
خاص
ڌيان
نٿو
ڏسجي، ۽ نه
وري
هن دور
جي
حوالي سان
شهر
جي تاريخ
به
محفوظ رهي
آهي.
سن
1197هه
/1783ع
۾
ڪلهوڙن جو
راڄ
ختم ٿيو.
ٺٽي ۾
ڪلهوڙن جا
ناظم:
مغلن
جو ٺٽي لاءِ
آخري
نواب صادق
علي
خان هو،
سن
1150هه
/1737ع
۾
مغل درٻار
۾
ڪلهوڙن
جي
وڪيل شيخ
غلام
محمد کي آگاهه
ڪيو
ويو
ته ٺٽي تي
ڪلهوڙن
جي
بالادستي قائم
ڪئي
ويئي
آهي، حسن
اتفاق سان
غلام
محمد ئي
ٺٽي
جو
پهريون
ڪلهوڙو ناظم
مقرر
ٿيو.
(21)
ڪلهوڙن
جي
دور ٺٽي جي
حاڪم
کي
مغل نوابن
جي
ڀيٽ
۾
گهٽ اختيار
حاصل
هئا.(22) ان
پس
منظر ۾ مير
علي
شير قانع،
انهن
حاڪمن لاءِ
”نواب“ يا ”صوبيدار“
بجاءِ
”ناظم“
يا ”نائب“ جو
لقب
اختيار ڪيو آهي.
شيخ
غلام محمد
هن
عهدي تي
ٻه
سال
رهيو.(23) ان
کان
پوءِ
سلطان سامٽيو
ناظم
مقرر ٿيو ۽1160هه
تائين
هن عهدي
تي
رهيو.(24) بعد
۾
هن
جو پٽ
مسو
فقير ٺٽي جو
حاڪم
بنيو، هن
جي
دور ۾
ڌاراجا جي
لشڪر
ٺٽي
تي يلغار
ڪئي،
جنهن
کي
مسو فقير
منهن
نه ڏئي سگهيو
۽
عهدو
وڃائي ويٺو.(25)
شيخ
غلام محمد
جو
ڀاءُ
شيخ شڪر
الله
به هن
سان
شريڪ ڪار
ڏسجي
ٿو.(26) ان
کانپوءِ
بلاول فقير
نائچ
ناظم بنيو.
هن
بجار جوکيي
جي
مدد سان
ڌاراجا
جي
راڻي کي ختم
ڪيو.
(27)
سن1163هه
۾
گل محمد
خراساني ٺٽي جو
ناظم
بنايو ويو.
1167هه
۾
آقا محمد
صالح
شهر جو
ناظم
ڏسجي
ٿو.(28)
هن دور
۾
احمد
شاهه ابداليءَ
جي
يلغار ۽ ميان
نور
محمد جي
وفات
سبب، ٺٽي ۾ گهڻي
بدنظمي پيدا
ٿي.
غلام
شاهه جي
دور
۾
ٺٽي
جي انتظام
لاءِ
1173هه
۾ محمد
قائم
ڪوڪلتاش
مقرر
ٿيو، کيس تاڪيد
ڪيو
ويو
ته گهر
لڙاين جي
دور
۾،
ٺٽي
کي
پهتل صدمن
جو
زالو ڪيو وڃي.(29)
محمد
قائم شايد
1184هه
تائين هن
عهدي
تي رهيو.
بعد
حبيب
فقير
نائچ ناظم
ٿي
آيو.
حبيب فقير
کان
پوءِ
محمد حسين،
۽
ان
کان
پوءِ وري
حبيب
فقير نظامت
سنڀالي، سن
1188هه
۾
اسين مراد
فقير
نظاماڻيءَ کي هن
عهدي
تي
ڏسون ٿا.
(30) ورندڙ
اٺن
نون سالن
۾
شهر
۽
علائقي جي
نظامت جي
باري
۾
اسان کي معلومات
ميسر
ڪانهي.
تمدني ۽ علمي
صورتحال:
جيتوڻيڪ
ڪلهوڙن جي
دور
۾
”ٺٽو“
زوال
پذير شهر
ڏسجي
ٿو،
ان
هوندي به
هي
تاريخي ماڳ
اڃا
تائين پنهنجي
ڀرپور
علمي
۽
تمدني رنگ
۾
موجود هو.
ٺٽي
ٻارهين
صدي
هجريءَ جو
پهريون اڌ
مغل
نوابن جي
حاڪميت ۾ گذريو،
۽
آخري
اڌ
ڪلهوڙن جي
حڪومت ۾ بسر
ڪيو.
ان
پس منظر
۾
تمدني ۽ علمي
سرگرمين ۾ ڪو خاص
فرق
نه آيو.
هن
دور ۾ شهر
اندر
ڪيئي
محلا ۽ پاڙا
هئا،
جتي اڪثر
تعليمي مرڪزن
۾
وقت
جا نامور
عالم
درس
ڏيندا هئا.
هئملٽن صديءَ
جي
آغاز
ڌاري (1111هه
/1699ع)
ٺٽي ۾ پهتو
هو.
پاڻ لکي
ٿو
ته
شهر ٽي ميل
ڊگهو
۽
ڏيڍ
ميل
ويڪرو هو.
صوبي
جو هي
وڏو
شهر نهايت
شاهوڪار آهي.
هن
شهر ۾ اعلى
تعليم لاءِ
چار
سئو
ڪاليج آهن،
جتي
مذهب، سياست
۽
فلسفي جي
بهترين تعليم
ڏني
وڃي
ٿي.(31)
هن دور
۾
ڪجهه
عالم
۽
استاد ٺٽي کي ڇڏي حجاز
مقدس
ويا ۽ اُتي
وڃي
سنڌ جو
نالو
روشن
ڪيائون.
ڪجهه استادن
مکيه
ديني
ڪتاب لکيا،
جي
اڄ تائين
عرب
دنيا ۾ نصاب
۾
داخل
آهن. هن
ڏس
۾
علامه ابوالحسن
ڪبير،
حاجي محمد
قائم، مخدوم
محمد
هاشم، مخدوم
محمد
معين
ابوالحسن
صغير جا
نالا
وڏي اهميت
رکن
ٿا.
هن
دور ۾ ٺٽي اندر
ڪيئي
عالم، اديب
۽
شاعر
ٿي
گذريا، جن
عربي، فارسي
۽
سنڌي
ٻولين
۾
سوين
ڪتاب لکيا،
لکندڙن جو
هڪ
وڏو تعداد
ڪلهوڙن
جي
دور ۾ پيدا
ٿيو،
جن
بابت سيد
حسام
الدين راشدي،
هڪ
جائزو تيار
ڪري
ڇپرايو
هو.(32) اسين
هتي
ڪجهه
مکيه اديبن
جو
سرسري ذڪر
ڪنداسين.
مخدوم محمد
هاشم
ذات جو
پنهور اصل
ٻهراڙيءَ
جو
۽
پوءِ لڏي
اچي
ٺٽي
۾
رهيو، وڏو
عالم، اديب
۽
استاد ٿي گذريو،
عربي، فارسي
۽
سنڌي
ٻولين
۾
سوين ديني
ڪتاب
لکيائين. سن
1174هه/1761ع
۾
فوت ٿيو ۽ مَڪلي
ٽڪڙيءَ
تي
مدفون
ٿيو. مخدوم
محمد
معين لاکو
علمي
دنيا جو
هڪ
ٻيو
وڏو نالو
آهي.
هن جي
وفات
1161/هه1748ع
۾ ٿي. هن
جو
مدفن به
مڪليءَ تي
موجود آهي.
عربي
۽
فارسي
ٻولين ۾ اڪثر
ڪتاب
لکيائين. مخدوم
محمد
هاشم سان
قلمي
معرڪا
ڪيائين. شاهه
عبداللطيف
ڀٽائي صاحب
جو
گهرو دوست
هو.
مخدوم محمد
معين
۽
شاهه ولي
الله
دهلويءَ جو
تعلق
به، علمي
دنيا
۾
بحث هيٺ
رهيو
آهي، پر
ان
تي نئين
انداز سان
ويچارڻ جي
ضرورت
ڏسجي ٿي. ادبي
دنيا
جو هڪ
مکيه
نالو محمد
محسن
آهي. فارسي
گو
شاعر ٿي گذري،
جيڏو
وڏو شاعر
هو،
سندس زندگي
ايتري ئي
ڪسمپرسيءَ
۾
گذري. هن
جي
وفات
1163/هه1750ع
۾ ٿي. غلام
رسول
مهر لکي
ٿو
ته
رڳو ٺٽي ۾ ئي
نه
بلڪ ساريءَ
سنڌ
۾
هن جي
پايي
جو شاعر
ڪنهن
به
دور ۾ نظر
نٿو
اچي.(33) هن
جو
فارسي ديوان
سنڌي
ادبي بورڊ
1963ع
۾
ڇپيو
آهي. اڄ
اسين
ٺٽي
سميت سڄي
سنڌ
جي سياسي
توڙي
تمدني تاريخ
جو
اڀياس، جنهن
اهل
قلم جي
ذريعي
ڪيون ٿا، ان
کي
به
ٺٽي
شهر
ڪلهوڙن جي
دور
۾
جنم
ڏنو. اُن
جو
نالو مير
علي
شير
”قانع“
آهي.
هن جي
مکيه
تاريخي
ڪتاب ۾: مڪلي
نامہ، مقالات
الشعرا، تحفة
الڪرام ۽ معيار
سالڪان طريقت-
کي
وڏي
اهميت حاصل
آهي.
پهريان ٽي
ڪتاب سيد
حسام
الدين راشدي،
سنڌي
ادبي بورڊ
ذريعي
ڇپرائي پڌرا
ڪيا.
جڏهن
ته آخري
ڪتاب
ڊاڪٽر
خضر
نوشاهي ايڊٽ
ڪري
تازو
2000ع،
ساهن
پال شريف
پنجاب مان
ڇپرايو آهي.
مير
علي شير
قانع
سن
1203هه
/1788ع
۾ وفات
ڪئي
۽
پنهنجي خانداني
قبرستان ۾ مڪليءَ
تي
دفن
ٿيو. هتي
اسان
کي
ٺٽي
جي شيخ
محمد
اعظم کي به
نه
وسارڻ
کپي، جنهن
ڪلهوڙن
جي
دور ۾ (1190هه
/1776ع)
هڪ
تذڪرو
”تحفة
الطاهرين“ جي
نالي
سان تيار
ڪيو
هو.
هي
ڪتاب اسان
کي
مڪلي
۽
ٺٽي
۾
مدفعون هستين
کان
علاوه شهر
جي
جاگرافيءَ بابت
پڻ
مناسب رهنمائي
فراهم ڪري ٿو (34).
ڪلهوڙن
جي
دور ۾ ٺٽي اندر
ڪي
ناليرا خوشنويس
(Calligraphers)
ٿي
گذريا،
ڪجهه خوشنويسن،
جو
ذڪر همعصر
تذڪره نگار
مير
علي شير
قانع
ڪيو
آهي. تازي
دور
۾
هن متعلق
ڪي
مکيه
نڪتا، نروار
ٿيا
آهن.
محمد عالم
بن
محمد پناه
ٺٽوي،
وڏي
پايي جو
خوشنويس هو،
ڪنهن
سبب
جي ڪري هڪ
ڪلهوڙي
حاڪم؟ هن جا
ٻئي
هٿ
وڍائي
ڇڏيا هئا،
هن
فن ۾ سندس
ڪوبه
جوڙ
نه هو.(35)
ٺٽي
جي
هڪ ٻئي بهترين
ڪاتب
۽
خوشنويس حبيب
جو
هڪ
ڪتبو اڄ
به
”خدا
آباد“ دادو ۾، هن
جي
هنر جي
ساک
ڀري
رهيو آهي.
(36).
ٺٽي
جي
تمدني زندگيءَ
جي
جهلڪ مير
علي
شير قانع
”مڪلي
نامه“ ۾ ڏني
آهي. هونئن
ته
سڄو ٺٽو شهر
تهذيبي سرگرمين
جو
مرڪز هو،
ليڪن
هن ڏس ۾ مڪلي
ٽڪريءَ
تي
موجود درگاهون،
اُتي
ٿيندڙ
ميلا ملاکڙا،
راڳ
رنگ جون
محفلون، عيدن
جي
موقعن تي
نظر
ايندڙ سرگرميون
۽
ڪن
خاص
موقعن تي
ادبي
۽
شعري مجلسون
وڏي
اهميت رکن
ٿيون.
سيد
حسام الدين
راشدي ان
بابت
هڪ جهلڪ
ڏيکاريندي
لکيو
آهي ته:
”ٺٽي
۽
مڪليءَ جي
وچ
۾
جيڪا هيٺاهين
زمين
آهي، ان
۾
پاڻي
ايندو هو؛
مرد
۽
عورتون
ٻيڙين ۾ چڙهي
سيرو
تفريح
ڪندا هئا؛
ڳڀرو
جوانن ۽ حسين
عورتن جا
ميلا
لڳا ٿي. نهايت
ٺاهوڪيون
عورتون پٽ
پٽيهر پهري
رنگ
روغن لائي
ٺهي
جڙي،
جنهن وقت
بزرگن جي
مقبرن تي
باسون کڻي اچي
پهچنديون هيون،
انهيءَ وقت
نظر
باز جوانن
لاءِ
جنسي
ڪاري قيام
ٿي
ويندي هئي،
سڄي
مڪلي رنگ
برنگي پوشاڪن
۽
سهڻين صورتن
سبب،
ڄڻ
باغ ۽ بستان
بڻجي
ويندي هئي،
جاڏي
کڻي
ڏس،
ڄڻ
بهار پنهنجي
ڦوه
تي
هرهنڌ منزل
انداز ۽ خيمه
زن
هو.“
(37)
اقتصادي سرگرميون:
جيئن
مٿي هئملٽن
جو
حوالو ڏنو ويو
آهي،
ان موجب
ارڙهين صدي
(ٻارهين
صدي
هجري) جي
آغاز
ڌاري،
ٺٽو
سنڌ جو
هڪ
وڏو ۽ سکيو
ستابو شهر
هو.
ظاهر آهي
ته
ان جي
خوشحاليءَ جا
ڪي
مکيه
بنياد هئا.
ٺٽو
صدين
کان
وٺي آباد
۽
وسندڙ
شهر
هو. سمن
جي
دور کان وٺي
لڳاتار ملڪ
جو
تختگاهه ۽ سرڪاري
مرڪز
رهندو ٿي آيو.
ان
کان
علاوه سامونڊي
ڪناري
۽
لاهري بندر
جي
نزديڪي پڻ
ٺٽي
جي
اقتصادي اهميت
کي
وڌائڻ ۾ مکيه
ڪردار
ادا
ڪيو.
شهر جي
تجارت ۽ صنعت
بابت
مختلف لکندڙن
۽
خاص
ڪري
پرڏيهي سياحن
توڙي
واپارين جي
رڪارڊ مان
اسان
کي
گهڻي معلومات
ملي
ٿي.
ذڪر هيٺ
دور
۾
ٺٽي
جي اقتصادي
صورتحال بابت،
ڊاڪٽر
ڇٻلاڻي
اسان
جي رهنمائي
ڪئي
آهي،
ڪجهه
مکيه مکيه
نڪتا
هن طرح
آهن.
ٺٽو
چوڏهين صديءَ
جي
وچ کان وٺي
ارڙهين صديءَ
جي
وچ تائين،
سنڌ
جو هڪ
مکيه
شهر هو.
هتي
بافتو،
ڇيٽون، ململ
۽
وائل
جي صنعت
موجود هئي.
ريشم
مان
ٺهندڙ شين
۽
چمڙي
جي ڪم جي
سٺي
ڪاريگريءَ
لاءِ پڻ
ٺٽو
بيحد
مشهور هو.
سنڌ
جي ٻين علائقن
۾
ٺهندڙ
ڪپڙي،
چمڙي
جي سامان،
نير،
شوري، چانور،
کنڊ،
لوڻ
۽
مکڻ جي
هي
هڪ وڏي
مارڪيٽ هو.
ان
صنعت ۽ مارڪيٽ
جي
ڪري
ٺٽي
جا ملتان،
لاهور، آگري
۽
احمد
آباد سان
گهرا
واپاري تعلقات
ڏسجن
ٿا.
ٺٽي
جو
واپاري تعلق
صرف
هندستان تائين
محدود نه
هو،
پر ايران،
افغانستان، وچ
ايشيا ۽ اولهه
يورپ
سان به
هن
شهر جو
بهترين لاڳاپو
قائم
هو.
(38)
ڪلهوڙن
جي
آغاز
ڌاري ٺٽو ملڪ
جي
وڏي مارڪيٽ
۽
تمام
وڏو خوشحال
شهر
هو، جنهن
جي
ڊيگهه
ٽي
ميل ۽ ويڪر
ڏيڍ
ميل
هئي. هتي
دولت
جام هئي.
زمينون
ڀلوڙ هيون،
ملڪان ملڪ
هلندڙ واپار
۽
بهترين صنعت
توڙي
فن جو
مرڪز
هو. هن
دور
۾
شهر ۾ ايندڙ
زوال
کي
محسوس ڪيو ويو
هو،
پوءِ به
ڪلهوڙن
جي
زماني ۾ انگريزن
جي
واپاري
ڪوٺي قائم
ٿي
۽
پرڏيهي واپار
ڀلان
ڀل
ٿيندڙ
هو.
(39)
ميان
غلام شاهه
جي
دور
1171هه/1758ع
۾،
ايسٽ انڊيا
ڪمپني
ٻيهر
سنڌ
۾
پنهنجو واپار
شروع
ڪيو.
ڪاروبار
جو هي
سلسلو ميان
سرفراز جي
زماني ۾ سن
1189هه
/1775ع
تائين جاري
رهيو.
ڪمپني سنڌ
۾
ڪاروبار
جي
خاتمي لاءِ
ميان
سرفراز جي
پاليسين کي ذميوار
سڏيو. دلچسپ
حقيقت هي
آهي
ته ايسٽ
انڊيا
ڪمپني، سنڌ
اندر
پنهنجي واپاري
سرگرمين لاءِ
ٺٽي
کي
هيڊ
ڪوارٽر
طور منتخب
ڪيو
۽
شاهه
بندر کي مکيه
چونڪي
(Out Post)
جي
حيثيت ۾ ڪتب آندو.(40)
تازي
دور ۾
ڪلاڊ مارڪووٽس
(Claude Markovits)
شهر جي
واپاري ۽ خاص
ڪري
ڪاروباري
طبقي
جي هڪ
جهلڪ
اسان کي
ڏيکاري آهي،
هو
لکي ٿو ته:
جيتوڻيڪ ٺٽو هن
دور
۾
زوال پذير
ٿيڻ
شروع
ٿي
ويو هو،
پر
هتان جا
واپاري خاص
ڪري
”ڀاٽيه“
ڪاروبار ۾ زور
هئا،
۽
سندن واپار
مسقط
۾
اوج تي
هو،
جتي اُنهن
پهريون هندو
مندر
تعمير
ڪرايو هو.
ٺٽي
جي
ڀاٽين
مسقط کان علاوه
نار
جي ٻين رياستن
جهڙوڪ بحرين
وغيره تائين
پنهنجي
ڪاروبار کي توسيع
ڏني
هئي.(41) هن جائزي
ذريعي
ڪلهوڙن جي
دور
۾
ٺٽي
جي اقتصادي
اهميت اجاگر
ٿئي
ٿي.
مجموعي جائزو:
اسان
مٿي مختلف
رخن
کان
ڪلهوڙن
جي دور
۾،
ننگر
ٺٽي
جو هڪ
جائزو پيش
ڪيو
آهي.
هتي
ڪجهه وڌيڪ
واقعن ۽ مامرن
جو
تجزيو پيش
ڪنداسين،
عام
طرح
ڪلهوڙا حڪمرانن
کي
ٺٽي
جي
زوال لاءِ
ذميدار سڏيو
وڃي
ٿو،
ليڪن تاريخي
حقيقتن جي
روشنيءَ ۾ ائين
چوڻ
درست
ڪونهي، جنهن
وقت
1150هه
/1737ع
۾
ڪلهوڙن
کي
ٺٽو
صوبو مليو،
ان
وقت
”خدا
آباد“ تختگاهه
طور
هڪ مکيه
۽
اهميت رکندڙ
شهر
هو. ميان
نور
محمد ٺٽي بجاءِ
خدا
آباد کي تختگاهه
رهڻ
ڏنو.
هن دور
۾
ٺٽي
جي
هڪ صوبي
واري
درجي کي به
ڌڪ
لڳو
۽
ٺٽو
هڪ مقامي
انتظامي يونٽ
طور
نروار
ٿيو. جتي
حاڪمن، ناظمن
جي
مقرري
ڪئي، جن
کي
مغل
صوبيدارن جي
ڀيٽ
۾
گهٽ
اختيار حاصل
هئا،
خدا آباد
کان
پوءِ
ڪلهوڙن
محمد آباد،
الهه
آباد، مراد
آباد
۽
شاهه پور
جهڙا
سرڪاري مرڪز
وجود
۾
آندا. ليڪن
آخرڪار ميان
لام
شاهه سن
1182هه/1769ع
۾
”حيدرآباد“ جو
شهر
تعمير
ڪرايو، جو
سنڌ
جو تختگاهه
پڻ
بنيو. هن
شهر
جي وجود
۾
اچڻ
سان ٺٽي تي
منفي
اثر پوڻ
شروع
ٿيا.
ان هوندي
به
ڪلهوڙن
جي حڪومت
۾
سول
ملازمن جو
وڏو
انگ ٺٽي مان
ڀرتي
ڪيو
ويو،
جنهن ۾ ناظم،
قاضي، روينيو
علمدار ۽ منشي
اچي
ويا ٿي.
ڪجهه عملدارن
جا
نالا هن
طرح
ملن ٿا جن
جو
تعلق ٺٽي سان
هو:
شيخ عزيز
الله، شيخ
غلام
محمد، شيخ
محمد
محفوظ، شيخ
قمر
الدين، محمد
حسين
(ناظم)،
مخدوم عبداللطيف،
مخدوم ابراهيم،
چتر
ڀوڄ
۽
شيوڪ رام
عطارد وغيره
(42).
جيئن
ته ٺٽو تختگاهه
نه
رهيو هو،
ان
ڪري
ڪلهوڙن
هتي ڪا مستقل
تعمير نه
ڪرائي،
جلوه
گاه امامين
جو
ذڪر مٿي
اچي
چڪو آهي،
جنهن
کي
صاحبزادي خداداد
خان
جي حڪم
تي
ٺاهيو
ويو هو.
ٺٽي
جو
ناظم سلطان
سامٽيو ٺٽي ۾ فوت
ٿيو.
هن
کي
مڪليءَ تي
رضوي
ساداتن جي
حاطي
۾
دفن ڪيو ويو.
سيد
حسام الدين
راشدي هن
جي
ڊٺل
رانڪ جي
نشاندهي ڪئي آهي.(
(43سيد
علي ٺٽي جي
مکيه
صوفين ۾ وڏي
اهميت رکي
ٿو.
ڪزنس
لکي
ٿو
ته جوکيا
هن
جا مريد
هئا،
جن عطر
خان
جي دور
۾
ڏينهن
ڏٺي
جو
شهر کي
ڦُريو هو،
انهيءَ قبيلي
هن
دور ۾ پنهنجي
مرشد جي مزار
تي
قبو
ٺهرايو هو.(44)
تعميرات جي
حوالي سان،
ٺٽي
اندر
ذڪر هيٺ
دور
جو ٻيو
ڪوبه حوالو
ميسر
ڪونهي.
ڪجهه
مؤرخ
ٺٽي
جي زوال
لاءِ
ڪلهوڙن
کي
ذميوار سڏين
ٿا.
حقيقت ۾ هندي
مغلن
جي زماني
کان
ٺٽي
جو
زوال شروع
ٿي
چڪو
هو.(45) مغل
دور
۾
ٺٽي
اندر
”عطا“
نالي
سان مشهور
فارسي گو
شاعر
ٿي
گذريو آهي.
هن
جي شعر
۾
مغل
نوابن جا
پرڪار، شهرين
جي
خراب حالت
۽
ٺي
جو
زوال چڱيءَ
طرح
ڏسڻ
۾
اچي
ٿو.(46)
ڪلهوڙن
جي دور
۾
نادر
شاهه ۽ احمد
شاهه
ابداليءَ جي
حملن
جتي سڄي
سنڌ
کي
دگردون
ڪيو، ٺٽي تي
پڻ
انهن حالتن
جو
اثر پوڻ
لازمي هو.
ان
دور ۾ ٺٽي کي سخت
بدانتظاميءَ سان
منهن
ڏيڻو
پيو ۽ شهر
جو
ڪوبه
ڌڻي
سائين نه
رهيو. ايراني
۽
افغان شريف
شهرين کي گهليندا
۽
نپوڙيندا رهيا.
اهڙين حالتن
۾
ٺٽي
جي
رهاڪن جو
وسيلو ۽ واهر،
صفهان جو
آقا
محمد
ڪريم بنيو.(47)
البته پاٽنجر
جو
اهو بيان
درست
ڪونهي
ته نادر
پاڻ
ٺٽي
آيو هو،
جنهن
سبب شهر
کي
ڪاپاري
نقصان رسيو
هو.(48) افراتفريءَ
جي
حالتن ۾ مقامي
قبيلن پڻ
ٺٽي
کي
ڦريو
۽
لٽيو
هو، جنهن
جو
ذڪرمٿي اچي
چڪو
آهي.
ٺٽي
جي
زوال ۾ مغلن
نوابن توڙي
ڪلهوڙن
جي
ناظمن جي
ڪوتاهين
۽
ڌارين
ڌاڙيلن
جي
حملن سبب
پيدا
ٿيل
بدنظميءَ کان علاوه،
قدرتي تبديلين
۽
موسمي حالتن
جو
به وڏو
ڪردار
آهي.
ڪلهوڙن
جي دور
۾
اورنگا بندر
جي
جاءِ تي
شاهه
بندر جي
تعمير ٿي، ليڪن
ٺٽي
جي
آسپاس درگاهه
۾
لَٽ
اچڻ سبب
هي
بندرگاهه به
ناڪاره ٿي ويو
۽
هڪ
نئون بندرگاهه
”ڪراچي“
وجود
۾
اچي ويو.
ان
پس منظر
۾
ٺٽي
جو
ڪاروبار
۽
صنعت به
ختم
ٿيڻ
شروع ٿي.
ڪراچي، حيدرآباد
۽
شڪارپور جهڙا
نوان
واپاري مرڪز
مٿي
اچڻ لڳا.(49)
انهن
حالتن ۾ شهري
آدمشماري،
ڪارخانا ۽
ڪاريگر، ٺٽي کي ڇڏي نون
مرڪزن ڏي منتقل
ٿيڻ
لڳا،
ان طرح
مغل
دور ۾ ظاهر
ٿيل
ٺٽي
جي
بربادي تيز
ٿي
وئي،
۽
هڪ شاهي
شهر
معمولي بستيءَ
۾
تبديل ٿي ويو!
حوالا ۽ حاشيا
1- سيد
حسام
الدين راشدي،
”مڪلي
نامه“ حاشيه)
ص12-14 سنڌي
ادبي
بورڊ
1967ع.
2- مير
محمد
معصوم بکري:
”تارخ
معصومي“ مترجم:
مخدوم امير احمد،
ڀاڱو
ٽيون،
مختلف صفحا،
سنڌي
ادبي بورڊ
حيدرآباد
1959ع.
3- Ansar Zahid Khan: “History and Culture of
Sind”, p.68 Royal Book Company.
4- مير
علي
شير قانع:
”تحفة
الڪرام“،
مترجم: مخدوم
امير
احمد، ص ص 194-198، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد،
1976ع.
5- سيد
حسام
الدين راشدي:
”مرزا
غازي بيگ
ترخان اور
اس
کي
بزم ادب“،
ص107،
انجمن ترقي
اردو
پاڪستان
ڪراچي
1970ع.
6- Irfan Habib: “An Atlas of the Mughul Empire,”
Map 5 A, Oxford University Press, New York,
1986.
7- ابوالفصل:
”آئين
اڪبري“ جلد
اول
(حصه
دوم)، مترجم:
مولوي محمد
فدا
علي طالب،
ص
ص
1051-1054، سنگ
ميل
پبليڪيشنس لاهور،
8- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو)، ص
ص
253
- 254.
9- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو)، ص 139
10- راقم
جو
مقالو:
”ڪلهوڙا
ڪڏهن
۽
ڪيئن
حڪومت ۾ آيا؟“
(ڪتاب:
”مقالا“
مطبوعه
سنڌي ادبي
بورڊ
سال
1988ع)
11- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو) ص 262.
12- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو) ص 267.
13- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو) ص
ص
267 -268
14- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو) ص 269.
15- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو) ص
ص
27 - 281
16- شيخ
محمد
اعظم:
”تحفة
الطاهرين“،
ترتيب: بدر
عالم
دراني، ص 77، سنڌي
ادبي
بورڊ
1956ع.
17- تاريخ
ڪلهوڙا،
جلد
ٻيون
(سنڌي
ترجمو) ص
529، سنڌي
ادبي
بورڊ 1964ع.
18- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو) ص
ص
278 - 279
19- تاريخ
ڪلهوڙا،(
جلد
ٻيون
(سنڌي
ترجمو)
ص 572
20- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو) ص 555.
21- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو) ص 254، ص 267
22- لب
تاريخ سنڌ،
مترجم:
حافظ
خير
محمد اوحدي،
ص
128،
سنڌي
ادبي بورڊ
1989ع.
23- تحفة
الڪرام، ترتيب:
سيد
حسام الدين
راشدي، ص 422، سنڌي
ادبي
بورڊ
1971ع.
24- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو)، ص 27.
25- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو)، ص 27.
26- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو)، ص 271.
27- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو)، ص
ص،
27-271
28- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو)، ص272
29- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ڇاپو)، ص289
30- تحفة
الڪرام
(راشدي
-
فارسي
ايڊيشن)، ص
ص
477 - 478.
31- S.P ChablaniL “Economic Conditions in
Sindh,” P. 54, Orient Longmans Ltd, Bombay,
1951.
32-
”ننگر
ٺٽي
۾
تصنيف ۽ تاليف
جو
جائزو“،
(مقالو)
رسالو
”مهراڻ“،
1- 2/1980ع.
33- تاريخ
ڪلهوڙا،
جلد
ٻيون
(سنڌي
ترجمو)، ص
920.
34- تحفة
الطاهرين
-
فارسي
(بدر
عالم
دراني) سنڌي
ادبي
بورڊ
1956ع
۾
ڇپيو آهي،
جڏهن
ته اُن
جو
سنڌي ترجمو
(ڊاڪٽر
عبدالرسول قادري)
پڻ
سنڌي ادبي
بورڊ
شايع ڪيو آهي.
(سال1990ع)
35- مخدوم
محمد
ابراهيم خليل:
”تذڪره تڪمله
مقالات الشعراء“،
ترتيب: سيد
حسام
الدين راشدي،
ص549،
سنڌي
ادبي بورڊ
ڪراچي 1958ع.
36- M.A Ghafur: “The Calligraphers of Thatta,
“p.53, Plate xxxiv, Institute of Central and
West Asian Studies, Karachi University, 1978.
37- مڪلي
نامه، ص
3
-4،
تعارف: سيد
حسام
الدين راشدي
38- S.P Chablani, p. 52.
39- S.P. Chablani, P.55
40- H.T. Sorley: “Shah Abdul- Latif of Bhit,
p.p. 38-39. Sindhi Kitab Ghar Karachi, 1988.
41- Claude Markovits: “The Global World of
Indian Merchants, 1750-1950 (Traders of Sindh
from Bukhara to Panama), p.35, Cambridge
University Press 2000.
42- غلام
محمد
لاکو:
”ارڙهين
صديءَ ۾ سنڌ
جون
سماجي- سياسي
حالتون ۽ ادارن
جو
مطالعو“ ص
ص
175 - 188
(اڻ
ڇپيل).
43- مڪلي
نامه، ص 451.
44- Henry Cousens: “The Antiquities of Sind,”
p.p 113-114, Karachi 1975/
45- Henry Pottinger: “Travels in Beloochistan
and
Sind”
p.352, London, 1818, Reprint: Indus Publication
Karachi, 1986.
46- ديوان
عطا،
مطلبوعه سنڌي
ادبي
بورڊ،
ڏسجي
”مقدمو“
از
سيد محمد
مطيع
الله راشد
برهانپوري.
47- تحفة
الڪرام
(سنڌي
ترجمو)،
باب
ٻارهون، مختلف
صفحا.
48- Henry Pottinger, p.p. 352-353, akso Foot-
note (p.352-3)
49- H.T, Sorley, P.49, p.94. |