جوهر
بروهي
غزل
واٽ
ويندي جو
لُٽيو ويو
قافلو منهنجو
هيو،
پوءِ
به منزل
تي
رَسيس هي
حوصلو منهنجو
هيو،
نالو
سچل ۽
ڀٽائي يا
عنايت شاهه
جو،
سنڌ
جي اتهاس
۾
هي
سلسلو منهنجو
هيو،
ٻڏندي
ٻڏندي
سير
۾
سهڻي وڏي
واڪي
چيو،
رازدارن جي
هٿان
بدليل دلو
منهنجو هيو،
حال
هيڻي جي
جياپي تي
سگهاري هيئن
چيو،
ڪنڌ
تنهنجي ۾ ته
ڪلهه
هٿ
گهر گهلو
منهنجو هيو
مون
ڏني
هئي سوکڙي
پنهنجي سڄڻ
کي
سڪ
منجهان،
پر
رقيبن کي ڏٺم پاتل
ڇلو
منهنجو هيو،
پوئين هڏڪي
وقت
جوهر! ساهه تي
جنهن
لتَ رکي،
پاليل منهنجو
هيو،
سو دادلو
منهنجو هيو.
بخشڻ
مهراڻوي
آخري
هڏڪي!
خود
فريبي آهي-
تنهنجي
ڳولا ۽ جستجو
جو
سفر!
پوءِ
به هي
اکيون،
پرديسي پکين
جيان
تنهنجي ديس
جون
متلاشي آهن،
جتي
جو ساحل
اسان
کان
رُٺل آهي
سمنڊ،
ڪنهن
پراڻي يار
جيان
پنهنجو
ڀاڪر آڇي
ٿو
منهنجي ندي
تنهنجي درشن
لئه
پياسي آهي
آءُ
آخري بار
توکي
ڏسڻ
ٿو
چاهيان
هڪڙي
آخري ساهه
توکي
تحفي ۾
ڏيئڻو آهي
هڪڙي
آخري هِڏڪي.
شاهه
محمد پيرزادو
ترائيل
دل
گهڻو ئي
ٿي
گهرُي، پر
ڪيئن
توکي
چاهجي،
هي
زمانو، لوڪ
جون
نـظرون ۽ پنهنجا
خالي
پيٽ
توکي
چُمجي توکي
پنهنجين اکڙين
۾
لاهجي
دل
گهڻو ئي
ٿي
گهُري پر
ڪيئن
توکي
چاهجي.
دل
کي
هاڻي
ڪيئن تنهنجي
چاهنا تان
لاهجي،
هي
سمو، انبوهه
ماڻهن جو
۽
تنهنجي اک
ٽيٽ
دل
گهڻو ئي
ٿي
گهري
پر
ڪيئن توکي
چاهجي
هي
زمانو، لوڪ
جون
نظرون ۽ پنهنجا
خالي
پيٽ.
مقصود گُل
ترائيل
(1)
هي
چنڊ جا
پيغام کڻي چاندني
آئي،
مان
سنڌ سان
الفت
سندو اظهار
ڪيان
ٿو،
ڪينجهر
سان
۽
منڇر سان
پڪو
پيار
ڪيان ٿو،
موهين جي
مٿان
کير
جو
ڇڻڪار
ڪيان ٿو،
سنَوَ عڪس
جهٽي
دل سندي
آ
درسني آئي،
ڀٽ
شاهه
جا مان
اُڀَ
تان ديدار
ڪيان
ٿو،
هي
چنڊَ جا
پيغام کڻي چاندني
آئي.
(2)
ڪنهن
لاءِ
چريا چنڊ
هي
چمڪار
ڪرين ٿو،
هر
رات ڊڪي اُڀ
جي
سيني کي لتاڙي،
ڪنهن
لاءِ
وڃين ٿو پيو
پولار پڇاڙي،
سينگار
ڇڏيئه يار! تون
پيرين به
اُگهاڙي،
ڪنهن
سان
ته لڪي
لوڪ
کان
تون پيار
ڪرين
ٿو،
ڏسِ
مون
کي
ڳجهي
ڳالهه
ڪنهين
ڏينهن
ڏهاڙي،
ڪنهن
لاءِ
چريا چنڊ
تون
چمڪار
ڪرين ٿو.
انجم
قاضي
وائي
آئي
تنهنجي سارَ،
جيون
ويو مهڪارجي!
مون
کي
تنهنجي عشق
هِنِ،
آڇيا
هيل خُمار،
جيون
ويو مهڪارجي!
سُرمئي ٿي وئي
شام
آ،
ڇوڙيا
وينگس وار،
جيون
ويو مهڪارجي!
پرچي
مون سان
پيار
مان،
پاتا
ڀاڪر
يارَ،
جيون
ويو مهڪارجي!
آڻيندي مون
لاءِ
ههءَ،
ڀريون
ڀري
پيارَ،
جيون
ويو مهڪارجي!
بخشل
باغي
غزل
الائي تنهنجن
اکين
۾
ڇا
هو، اسان
نه
ڄاتو
ڄَمار
ساري،
ڏسي
جي
توکي ڏٺي سين
دنيا
نظر پئي
آئي
خمار ساري،
نه
واس پاتو،
نه
ئي
ٽڙياسين نه
ڇڻياسين
سُڪي
هوا ۾،
ٻين
جي
رنگن ۽ خوشبوئن
کي
سڪي
ڏٺو
آ بهار
ساري.
نه
ڇانو
ڪڪرن
ڪئي
ٿڌيري،
نه اُڃ
صحرا
اُجهائي من
جي،
سُڪر
سنيهو
ڪڏهن نه
آيو،
رهي حياتي
ڏڪار
ساري.
اُداس
ٽاريون لُڇي
رهيون هن،
آ
ڏيک
ويران دور
تائين،
الائي
ڪهڙي هوا
گهُلي جو
ڇڻي
گلن
جي قطار
ساري.
نه
ديپ روشن
نه
ڇانورو
ڪو،
نه ئي
ڪو
ڪتبو
سُڃاڻ جو
آ،
نه
ئي ڌڻي ڪو رهيو
سندس
آ، تڏهن
ڦٽي
وئي
مزار ساري.
محمد
هنڱورجو
غزل
هي
وُٺي جو
واءُ
وهه واهه
وس
ولهارن سومرا!
ڀونءِ
ڀنل
جي
بوءِ سُرَهي
وڌ
بهارن سوُمرا!
پيو
جهمي جهڙ
جام
ڏس
هو جهانگين
جي
جوءَ تي،
ٿيا
سجايا سهڄ
پورا
سڀ سنگهارن
سومرا!
هو
وڃي وسندو
وري
ويتر وٺي
جي
پير تي،
هو
پلر پالوٽ
پڻ
هو پڊ
پهنوارن سومرا!
هو
چڙين چڻ
ڀڻ
لڳي
۽
چنگ چارڻ
کان
مِٺا،
سُڻ
سريلا سوز
وارا
سُر سنڀارن
سومرا!
هو
چمر
ڇٽڪار
ڇوهون، هو
ڇنا
هو
ڇيلڙا،
هو
دُنهيون ڏس، هو
دڙن
تي ڌڻ
ڌڻارن سومرا!
ڪين
ساوڻ
۾
سَرهايون ڪن سدا
سارين مون،
اڄ
به روئي
راهه
ماروُ نت
نهارن سومرا!
مال
خوش، ٿيا مينهن
محمد! پر سندم
مارو
ملول
خوب
ساري مون
کٿيرا
پيا
خمارن سومرا!
ستار
سُندر
غزل
پنهنجا آخر
پيار
۽
ماڻا
ڪاڏي ويا،
رولاڪين جا
ٿاڪ
پُراڻا
ڪاڏي ويا.
رات
سَموري چنڊ
طرف
اُڏري، اُڏري،
پئي
نه خبر
ته
چڪور هوُ
ساڻا
ڪاڏي
ويا.
جن
جي هڪڙي
گهور
اسان ۾ رنگ
ڀريا،
ڳوليان
پيو
سي نيڻ
نماڻا
ڪاڏي ويا.
هڪ
ڌماڪي
سان ويا
سرحد
پار
ڪري،
امن
پکي سڀ
هاءِ
اياڻا
ڪاڏي ويا.
درد
اسان جو
ساٿ
ڇڏي
ويو ڇو سُندر،
پهر
ڏُکن
جا لذت
هاڻا
ڪاڏي
ويا.
اسحاق سميجو
غزل
الميي جي
درد
جي واکاڻ
تان
آءُ
صدمي جيئن
گذران پاڻ
تان!
زندگيءَ کي
ڪيئن سمجهي
ٿو
سگهي،
جو
ڄٽن
وانگر لنگهي
ٿو
ڄاڻ
تان!
هڪ
گهڙيءَ ۾ هڪ
جنم
جو فيصلو
ڇا
نه
ڀوڳيوسين
اُنهيءَ
ڇڪتاڻ تان!
هُو
اڪيلي سر
وڙهي
ٿو
دؤر سان،
۽
اڪيلو ٿي کلي ٿو پاڻ
تان!
آءُ
پڳ پڳ
تي
وڇايان ٿو اکيون،
چنڊ
گذري ٿو اچي
مهراڻ تان!.
ساحر
راهوُ
غزل
ڪنهن
جي
ڪومل
هٿن جي
نرم
لمس ۾
ڪنهن جي
ساهن
جي مخمور
سُرهاڻ ۾،
چنڊ
مدهوش هو
سونهن ٿي مهربان
تن
بدن تي
ڀڳو
مُرڪ
آلاڻ ۾.
پهريون پٿر
هڻي
ڪنهن
ڪئي
پهل آ
روحُ
ڪنهن
آ وڌو
مُرده ماڻهو
اندر،
ڪير
چارڻُ هيو
چنگ
ڇيڙي
پرين
ڪنهن آ
هلچل
وڌي ماٺي
مهراڻ ۾.
جام
جا نيڻ
ها
ڪنهن
خيامي چپن
جائي
هيراڪ پر
مان
نه
ڄاڻي سگهيس،
مون
رُباعي پڙهي
دل
جي سوڙهي
گلي
ڦهلجي
آ وئي
ڪنهن
جي
واکاڻ ۾.
ورق
انجيل جا
مون
ورائي ڏٺا ۽
ڀٽائيءَ جي
بيتن
کنيو
ڪرُ
مٿي،
آدمي
آ اُتم
آ
مٿي ماڻهپو
پيار
امن آشتي
آ
چڱي پاڻ
۾،
شام
ڌنڌلا
ڪري
ڏيک
سارا پرين
ٿي
وڃي
دور ۽ واهڻن
جون
گوليون،
چاندني
ٿيون گهُرن
زندگي
ٿيون گهُرن
رنگ
ڪوئي
پري هرک
پهراڻ ۾،
دل
جي
ڳڙکي
کُليل منتظر
نيڻ
ها
ڪنهن جي
نازڪ
هٿن جي
نرم
چاهه لئه،
هوءَ
آئي ته
موسم
بدلجي وئي
مون
گُذاري سڄي
مُند
چانڊاڻ ۾.
ڪنهن
جي
زلفن جي
ڇانئن
خُماريون هيون،
ڪنهن
جي
ڪوري
بدن جا
ته
ڀاڪر
هئا،
خواب
جو ٿي گُمان
مون
کي
ساحر ٿيو ڄڻ هيُو
معجزو اک
نيراڻ ۾.
عامر
سيال
غزل
فضائن ۾ گونجي
صدا
ٿي
وئي آن
چئون
ڪئن
مگر بيوفا
ٿي
وئي
آن،
رکي
روح وارو
تون
رتبو پرين
۽،
اسان
جي بدن
کان
جدا
ٿي
وئي آن،
ڇهڻ
جي
آ ناڪام حسرت
رهي
جو،
تون
احساس آن،
تون
خدا ٿي وئي
آن،
ڪجي
قيد
توکي به
ڪهڙي
قَفس
۾،
چريا
تون ته
چنچل
هوا ٿي وئي
آن،
حياتي جي
شروعات ۽ تون
پُڄاڻي،
منهنجي ابتدا
تون
انتها ٿي وئي
آن،
آ
عامر به
هوشوءَ جي
نعري
جيان
ٿيو،
مٺي
تون جو
سنڌ
جي ڪٿا ٿي وئي
آن.
مولا بخش چانڊيو
هائيڪو
محب
مٺا منٺار
سارا
تنهنجي سونهن
جا،
انڊلٺ ۾ آثار.
سورج
مکيءَ تي،
چانديءَ جهڙي
اُس
۾،
پوپٽ
پهرو ڏي!
پَلُڪون اڌ
کُليل،
ڄڻ
ڪا
ڳالهه
اندر
جي،
اکين
۾
اَٽڪيل!
جوڀن
مکڙيءَ جان،
ٽڙي
پيو
پَل ۾،
ڪنهن
جي
ڇُهڻ
سان!
ايوب
کوسو
سنڌوءَ جو
آ
پاڻي
ڪاٿي!
چانڊوڪين جي
سُڃ
پُڇي ٿي!
اک
اک جي
اڄ
رُڃ پُڇي
ٿي!
ڪاٿي
آخر
ڪاٿي
آهي؟
پنڇين جي
پئي
اُڃ پُڇي
ٿي!
سنڌوءَ جو
آ
پاڻي
ڪاٿي؟
سنڌوءَ جو
ويو
انگ سُڪي
آ!
سنڌڙيءَ جو
ويو
رنگ اُڏي
آ!
هرڪو
جيون غم
۾
ورتل!
دل
دل جو
پيو
چنگ
ٽُٽي آ!
ڪاٿي
ٿو
مزدور لُڇي
۽،
سوچي
ٿي
هارياڻي
ڪاٿي!؟
سنڌوءَ جو
آ
پاڻي
ڪاٿي!؟
تنهنجي سنڌو
راڻي
ڪاٿي!؟
پيڙائن جا
گهوُر ڇڻي پيا!
سانگيئڙن تي
سوُر
ڇڻي
پيا!
واٽن
تي پئي
اُڻ
تُڻ جاڳي،
پاڻيارين جا
پُور
ڇڻي
پيا!
ڪاٿي
پيو
ڪو
سنڌي
ڪُٽجي!
سَٽجي پئي
سنڌياڻي
ڪاٿي!
سنڌوءَ جو
آ
پاڻي
ڪاٿي!؟
ڪينجهر
جي
وئي ننڊ
ڦٽي
آ!
منڇر
جو ٿيو روپ
مِٽي
آ!
سمنڊ
ڪري
پيو آر
اجايو!
المنظر جي
دانهن اُڀي
آ!
هيل
انبن جي
ٻُور
ڦُلاريل،
خوشبوءَ ناهي
ڇاڻي
ڪاٿي!
سنڌوءَ جو
آ
پاڻي
ڪاٿي!؟
ماڻڪ
ملاح
ڪهڙو
وَنجهه هَلايان
مان!؟
سنڌوءَ سير،
سُڪي
پئي آهي،
ڇولي
ڪيئن
جهُلايان مان؟
جهولي ڪيئن ڇهلايان مان؟
ڪهڙو
ونجهه هلايان
مان؟
سنڌوءَ سير،
سُڪي
پَئي آهي،
ڪير
کسي
ويو
ڇولي
ڇُلڻي،
چؤپاسي آ
واري
اُڏڻي،
ڪهڙو
پڳهه
پايان مان؟
ڇولي
ڪيئن
ڇُلايان
مان؟
جهولي
ڪيئن جهُلايان
مان؟
ڪهڙو
ونجهه هلايان
مان؟
سنڌوءَ سير،
سُڪي
پَئي آهي،
ويرانين ۾ ويڙهو
ڪهڙو،
بک
ڪري
پئي جهيڙو
جهيڙو،
ڪهڙو
سينو
ساهيان مان؟
ڇولي
ڪيئن
ڇلايان
مان؟
جهولي
ڪيئن جهُلايان
مان؟
ڪهڙو
ونجهه هلايان
مان؟
سنڌوءَ سير،
سُڪي
پَئي آهي،
دنيا
ڪيڏو
گولو آهي،
پوءِ
ڀي
جيون نئولو
آهي،
آهيان جي
وچ
ناهيان مان؟
ڇولي
ڪيئن
ڇلايان
مان؟
جهولي
ڪيئن جهُلايان
مان؟
ڪهڙو
ونجهه هلايان
مان؟
سنڌوءَ سير،
سُڪي
پئي آهي.
سنڌ
جو
ڳوٺ، شهر
۽
پاڙو، جيڪر
ٿي
پئي
تاڙو تاڙو،
ماڻڪ! مچ مچايان
مان؟
ڇولي ڪيئن ڇلايان مان
جهولي
ڪيئن جهُلايان
مان؟
ڪهڙو
ونجهه هلايان
مان؟
سنڌوءَ سير،
سُڪي
پئي آهي.
ضمير
ڦُل
غزل
سانوري شام
ڪيڏي
آ
پياري پرين!
سُوڌو تو
جيئن
لڳي ٿي لڄاري
پرين!
ڀَرن
ساک
ٿا
پيا سچي
سونهن جي
ڏِسُ،
سرنهن کيت خوشبو
چؤڌاري پرين!
اُفق
کي
شفق وٽ
جا
لالي لڳل
آ،
ڇا
توکان وتي
ٿئين
اُڌاري پرين؟
نيري
نڀ ۾ ستارو
اَڪيلو
ٻريو،
رات
جي راڻي
آهي،
ڦُلاري
پرين!
پُڇن
ٿا
اسان کان هوُ
مذهب
اسان جو،
اسين
سوُنهن سچ
جا
پُڄاري پرين!
ابرار ابڙو
غزل
وَڌيو آ
درد
رات جو
اکيون نٿيون
کڻي
سگهن،
ڳرو
وزن
حيات جون
اکيون نٿيون
کڻي
سگهن.
نه
چئهءَ ته:
”تنهنجي ساٿ
کان
گهڻو
پري هليو
وڃان“
هي
ٻوجهه
تنهنجي بات
جو
اکيون نٿيون
کڻي
سگهن!
اڃا
تلاش
ڪيتري
ڪيان اوهان
جي
دربدر؟
پهَرَ پَهرَ
هي
تات جو
اکيون نٿيون
کڻي
سگهن.
ٽُٽي
اوهان جي
ساٿ
مان ذرو
ذرو
وَياسي ٿي،
وکر
هي حاصلات
جو
اکيون نٿيون
کڻي
سگهن.
اڃا
به
ڪيتري رهي
ڊٺل
حيات
جهاڳندي؟
سفر
آ
کنڊرات جو
اکيون نٿيون
کڻي
سگهن.
مليو
آ انتظار
۾
اُداس رات
جي
سمئي،
ڏهاڳ
چنڊ
-
رات
جو اکيون
نٿيون کڻي سگهن!
روشن
گهانگهرو
غزل
اُداس ٿي ويهڻ
جي
اُماس آ
حاصلتا،
اُٿو
اُٿي ڪا آنيون،
جهان
۾
جاڳرتا،
حسين
تر کان پنهنجي،
حسين
ماتر
ڀومي،
اچو
ڪريون
ماتر جي
شعور
سان شيولتا،
اُجاڙ آشائن
۾
بهار
مهڪائي ٿي،
صباح
جي سورج
سان
سمونڊ جي
سندرتا،
شباب
جي چاونڊڪي
نگاهه جو
مرڪز
آ،
نصيب
چمڪائي ٿي وصال
جي
ڪوملتا.
سماج
۾
سو خوشبو
بهار
جي آ،
جنهنجي،
وجود
جي مندر
۾
ضمير
جي پوترتا.
اُماڙ چئني
پاسي
سَريرَ پڄرن
ٿا
پيا،
عروج
سان به قائم
آ
زمين جابرتا!
روبينه ابڙو
غزل
تون
ڇا
آهين، مان
ڇا
آهيان؟
ڪڏهن
ڪڏهن
ڄاڻڻ
ٿي
چاهيان!
مون
بِن تون
جي
ڪجهه
نا آهين،
توبن
مان ڀي
ڪجهه نا
آهيان!
هر
ڪا
واٽ رُڪي
تو
تائين،
تون
ئي چئه
مان
ڪاڏي
ڪاهيان؟
صوُرت صُورت
تنهنجو واسو،
شايد
تڏهين سڀ
کي
چاهيان!
آءُ
هتي عاشق
ٿي
آيس،
ڪَلَ
نه
آئي هُتڙي
ڇاهيان؟
عاشق
مَرندا ناهن
واقعي،
ڳالهه
نٿي
لوڪو! مان
ٺاهيان!
پنهنجو ساٿ
نه
جن ۾ سائين،
ڪيئن
لڪيرون سي
مان
ڊاهيان؟
ڪڏهين
سوچيان سڀ
ڪجهه
آهيان،
ڪڏهين
سوچيان
ڪجهه به
ته
ناهيان!
عابد
جاني مَلڪ
غزل
ٻول
جي
ٻولين
ته چپڙن
چنگ
ٿا
جهوُمي پون!
تون
اکر مُرڪين
ته
جاني! جهنگ ٿا جهوُمي
پون،
تنهنجي وارن
۾
سڳوريون سانوڻيون
آهن
سُتل،
زُلف
ٿو
کولين
ته سؤ سارنگ
ٿا
جهوُمي پون!
تنهنجي آمد
تي
هوائون رقص
ڪن
کيتن
سان
گڏ،
آجيان تنهنجي
۾
ٻنيون،
سَنگ
ٿا
جهوُمي پون.
ماڪ
۾
ڌوپي
پويتر ٿي جڏهن
مکڙيون
کلن،
مضطرب
ڀؤنرن جا
تڏهين انگ
انگ ٿا جهوُمي
پون.
جنوري جهڙي
جسم
۾
شوق شعلو
ٿي
ٻري،
جوُن
جهڙا جان
۾
آڙنگ
ٿا
جهوُمي پون!
تون
جي وسڪاري
کان
ٿورو
پوءِ
مُرڪين ٿو پرين،
اُڀ
تي انڊلٺ
جا
”عابد“،
رگ
ٿا
جهوُمي پون.
*
مرتضى ڦُل
غزل
ڀٽڪي
ٿو
هوُ
به مون
کان
ڪيڏو
اداس
چنڊ،
شايد
رهي ٿو هاڻي
پل
پل نراس
چنڊ،
دل
جي شفاف
بُت
جو پهراڻ
هو
اڳي پر،
هاڻي
بڻيو آراڻي
مون
لئه
ٽياس چنڊ.
اڪاس
منڪدي جان
تارا
لڳا پي
ساقي،
رندن
جو عڪس
مان
۽
هوا آ
گلاس
چنڊ،
اڃا
به پيو
هلي
هي جيون
جو
همسفر ٿي،
يادن
جي شن
جان
ڪو
هم
ڪلاس چنڊ،
شاعر
جي فطرتن
جي
پوري عڪاسي
هن
۾،
ٿورو
لڳي
ٿو
پاڳل
ٿورو حساس
چنڊ.
*
گل
بهار باغائي
غزل
ڪائناتن
جا
سمورا رنگ
تنهنجي پيار
۾
ها،
زندگيءَ جي
ساز
جهڙا چنگ
تنهنجي پيار
۾
ها،
سوچ
جا سارا
پکي
ها قيد
تنهنجي ساحريءَ
۾،
روح
تائين سڀ
جسم
جا انگ
تنهنجي پيار
۾
ها.
مرڪ
چپڙن ۽ نهارون
هير
جو احساس
ڏيندڙ،
۽
جيئڻ
جا
ڪيترائي ڍنگ تنهنجي
پيار
۾
ها،
مون
جوانيءَ جا
نڪورا گيت
تنهنجي نانءُ
ارپيا،
ڪيترائي
مون
ڏنا
جلترنگ تنهنجي
پيار
ها.
پيار
تنهنجو
ڇانورو منهنجي
مٿان
هو دل
لڳيءَ جو،
۽
ڪڏهن
ڇو
بي
رخيءَ جا
ڏنگ
تنهنجي پيار
۾
ها.
پيچ
نيڻن جو پڪو
اهڙو
پيو جو
روح
تائين،
مون
قبوليا ساهه
سان
سڀ رنگ
تنهنجي پيار
۾
ها.
خيال
سنڌي
غزل
ويندي ويندي
پٺيان نهاري
ويو،
در
تي پنهنجون
اکيون وساري
ويو.
شهر
مُردن ۾ زندگيون
ڳولي،
نيٺ
اڄ هوُ
به
آ گذاري
ويو.
انڌن
لاءِ مڃيم
رات
نه وئي،
پر،
هوُ
ته
ڪيئي هو
سج
اُڀاري ويو.
عجب
آ ڪو سڪيو
ٿي
مُرڪ
لئه ۽،
مئي
کي
ميرو چئي
ڪو
هاري
ويو.
سنڌ! تنهنجو
کنيو آ
جنهن
نانءُ سو،
دار
تي لٽڪيو
يا
ته ناري
ويو.
”خيال“
جي
روئڻ تي
رنو
اڄ هوُ،
شيشو
پٿر کي آهي
ڳاري
ويو.
مسڪين ابراهيم
ملاح
غزل
وري
آهي نيڻن
کي
سپنن
جي
ڳولا،
ڪندو
جيئن
شاعر آ
لفظن
جي
ڳولا،
ڀلي
ڪر
ستم
شوق سان
او
ستمگر،
اسان
کي
هميشه آ
دردن
جي
ڳولا،
الائي ڪٿي گم
ويا
ٿي
اسان
کان،
ڪيان
ٿو
وري
يار سُڏڪن
جي
ڳولا،
ڪٿان
کان
ڪَهي
رات
سپني ۾ ائين،
اکين
کي
اوهان جي
آ
قدمن جي
ڳولا،
لٽي
وقت جنهن
کي
ويو
ڌوڙ
۾
آ،
ڪيان
پيو
اُنهي يار
بچپن
جي
ڳولا.
وجهي
ونگ جيڪي
ڦاسائي
ويا
دل کي،
ڪجي
ڇو
نه
تن چور
زُلفن جي
ڳولا،
رهن
دل تنهنجي
۾
ٿا
مسڪين هر
دم،
اجايو
ڪرين ٿو تون
محبن
جي
ڳولا.
”ماروُ“ جمالي
غزل
روُح
ڪنهن
لئه اُداس
ٿي
پيو
آ،
ڪوبه
ڪونهي
نراس
ٿي
پيو آ.
دل
اندر درد
ٿا
پيا
ڇُلڪن،
هانءُ ڄڻ ڪو گلاس
ٿي
پيو
آ،
تو
سوا چنڊ
ڪيترو
نه
چري،
ڏس
ته
ڪيڏو
اُماس ٿي پيو
آ.
آهه
پاتل پرين
کي
يارو
ڀاڳ
وارو
لباس ٿي پيو
آ،
واٽ
ماروُ مٽي
وڃي ها پر،
هُن
جي گهر
کان
ڪراس
ٿي
پيو
آ.
شائق
ڪمبوهه
ڏيڍ
سٽا
* دل
ڄڻ
ته
ٻُڏي
پئي آ،
محبوبَ جي
يادن
جي، ڪا لام
لُڏي
پَئي آ!
* مَنُ
منهنجو منجهيل
آهي،
هڪ
هوءَ رُٺَل
آڇا،
ڄڻ
ڳوٺ
رٺل آهي!
* چانڊاڻ
۾
سوَ باتيون!
تو
ڪيئن
وَيون وسري،
رابيل سنديون
راتيون!
* رابيلَ
جي
ٻارن
۾!
ٿو
آءُ
ڏسان
توکي، هر
روز
ستارن ۾!
ساڀيا سانگي
وائي
منهنجي هٿ
تي
مينديءَ گُلڙا،
اکين
ساڻ لڳائي
ٿو،
ساجن
ڪيڏو
ڀانئي
ٿو،
سوري
سوري من
منهنجي کي
پنهنجي ساهه
سمائي ٿو،
ساجن
ڪيڏو
ڀانئي
ٿو،
چاهه
اسان کي آڇي
پر،
هو
ڇولين
جيان
ڇڙڪي
ساجن
ڪيڏو
ڀانئي
ٿو.
آءُ
لکان ٿي
ڪوتا هُن
تي
۽
هو
مون کي
ڳائي ٿو.
ساجن
ڪيڏو
ڀانئي
ٿو
ساڀيا سانئڻ
وار
ٿي
کولي،
پريتم راند
رچائي ٿو.
ساجن
ڪيڏو
ڀانئي
ٿو.
*
ياسر
قاضي
سائيٽ
مان
ته دل
جو
پَڪو ٿي وساريان
مگر،
در
دريون بند،
ڪمرو روئارن
پيا،
ڄَڻ
سڀئي
نانءُ تُنهنجو
اُچارن پيا،
مان
ملڻ جي
به
خواهش کي ماريان
مگر.
توکي
تصوير تُنهنجي
پُڪاري پئي،
منهنجي بستر
جي
سامهون جا
آهي
لڳل،
ٿا
رهن
نيڻ منهنجا
هميشه
ڀنل،
توکي
توصير تنهنجي
سنڀاري پئي.
سرد
راتين جي
سردي
ڏُکي
ٿي
لڳي،
چانهه جو
ڪوپ
پنهنجن چپن
تي
رکيم،
تَنهن اندر
تنهنجي چهري
جو
پاڇو
ڏٺم،
تو
بنا هرڪا
سُرڪي ڦڪي ٿي لڳي...
”منهنجي
وَس ۾ نه
آهي،
وسارڻ پرين!
آ
هَلي تون
مئل
کي
جيئارڻ پرين!
غلام
مصطفى سولنگي
غزل
عام
گهر جي
آشنائي جو
رواج،
ڪين
گهرجي پارسائي
جو
رواج،
عشق
جو اڳ
۾
به
هو قائم
وجود،
اڄ
به گهرجي
آشنائي جو
رواج،
مس
ڳنڍڻ
جي ٿو
ڪريان
ڪوشش پرين!
ڇو
وجهين ٿو تون
جدائي جو
رواج،
ڌوڙ
منهن
۾
ڪوڙ
جي وجهندا
رهو،
نيٺ
وجهڻو آ
سچائي جو
رواج،
ڏس
ته
ڪيڏي
رهزني ٿي هت
ٿئي،
واهه
جو آ
رهنمائي جو
رواج،
”مصطفى“
شل
آرسي
ڪنهن کي
ڏسيان،
ڇو
ته
هت آ
خود
نمائي جو
رواج.
نادر
شاهه فراق
غزل
گلشن
۾
ڪاٿي
آهي اهڙي
گلن
جي خوشبو،
جهڙي
پرين
کُلي ٿي تنهنجي
بدن
جي خوشبو،
پگهريل جو
زُلف
پيارا تو تڙ
تڪڙ
۾
کوليا،
هر
سوُ
کُلي ويئي
ڄڻ
مُشڪ
وختن جي
خوشبو،
باد
صبا کي
ڀانيم تنهنجي
طرف
کان
آئي،
تنهنجي رسي
وئي
آ غنچهءِ
دهن
جي خوشبو،
عرب
و عجم
هجي
يا پيرس
لنڊن
هجي ڪا،
مون
کي
عزيز آهي
پنهنجي وطن
جي
خوشبو.
تو
گفتگو ڪئي جو
محفل
ئي واسجي
وئي،
لالاڻ ۾ لڪل
هئي
تنهنجي لبن
جي
خوشبو.
منهنجي به
فڪر
کي
ڪرڪا
تو عطا
اي
جاني!
شوق
رسا جي
خوشبو شيرين
سخن
جي خوشبو.
رابيل کي نرالي،
ڇا
جا
گلاب چمپا،
عنبر
کان
اعلى دلبر،
آ
تنهنجي
تن
جي خوشبو.
ناڪام حسرتن
جي
داور دعا
قبوليو،
رسندي فراق هرجا تنهنجي
ئي
فن جي
خوشبو.
*
امر
اوڏ
غزل
آبشارن کان نظارن
تائين،
سونهن تنهنجي
آ
ستارن تائين
ها! توکي چاهيندو
رهندس،
دل
جي آخري
تارن
تائين
توسان ساٿ
هلندو رهندو،
خزان
کان
پرين بهارن
تائين،
پيار
جي خوشبو
وڃبي
پکيڙي،
ڌرتيءَ
کان
امبر
تارن تائين،
پريم
ڪهاڻي
هلندي پنهنجي،
محبت
جي ميبخوارن
تائين
توسان چاهت
رهندي امر
جي،
ساهه
جي آخري
اُڏارن تائين.
*
سنڌ
جي تاريخ
گهڻو
آڳاٽي زماني
کان
شروع
ٿئي
ٿي،
جا حد
کان
وڌيڪ
دلچسپ به
آهي،
نهايت اهم
به؛ مگر اها
اڄ
تائين
ڇڙوڇڙ ۽ بنا
ڪنهن
ترتيب جي
پيل
آهي. سنڌيءَ
يا
ڪنهن
ٻيءَ
زبان ۾
ڪوبه اهڙو
ڪتاب
نه
لکيو ويو
آهي،
جنهن کي سنڌ
جي
تاريخ جي
شروعاتي خاڪو
ڪوٺي
سگهجي؛ يعني
جنهن
مان هن
ملڪ
جا تاريخي
۽
تمدني حالات،
زمانيوار هڪ
هنڌ
معلوم ٿي سگهن. انقلابي
طوفان غالباً
هن
خطي کان زيادهه،
پاڪ
۽
هند جي
ڪنهن
به
ٻئي
خطي تي
ڪين
گذريا آهن.
قومن
۾
زندگيءَ جي
جذبن
۽
ولولن کي تازي
رکڻ
۽
منجهن عملي
جوش
لاءِ نئين
خون
پيدا ڪرڻ جو
سڀ
کان
اهم ذريعو
قومي
تاريخ آهي. قومي
تاريخ جي
ئي
صفحن تي
پنهنجي بزرگن
جا
اعلى
ڪارناما، آئينده
نسلن
لاءِ هميشه
واسطي زندگيءَ
جو
سبق بنجن
ٿا،
انهيءَ ئي
آئيني ۾ هر
قوم
پنهنجي ماضيءَ
کي
بي
نقاب ڏسي سگهي
ٿي
۽
پنهنجي عروج
۽
زوال
جي اسباب
۽
عوامل تي
ٿڌي
سيني
سان غور
ڪري،
آئينده جا
خودو
خال درست
ڪري
سگهي
ٿي.
جنهن قوم
وٽ
پنهنجي ماضيءَ
جي
تاريخ اکين
آڏو
نه هجي،
ان
لاءِ سمجهڻ
گهرجي ته
اها
زندگيءَ جي
ميدان ۾ عملي
محرڪات جي
هڪ
نهايت ئي
اهم
وسيلي کان محروم
آهي.
- سيد
حسام
الدين راشدي
سنڌ
جي سڄاڻ
عالمن جڏهن
اهو
اصول قبول
ڪيو
ته
سنڌي ۾
ڪتاب لکيا
وڃن
ته پوءِ
ان
اصول تي
پڪي
طرح عمل
ڪيائون. سندن
پنهنجي سڄي
تعليم جي
تڪميل فارسي
۽
عربي
ذريعي ٿي هئي،
پر
جڏهن پاڻ
سنڌي
۾
ڪتاب
تصنيف ڪرڻ شروع
ڪيائون،
تڏهن
هڪ ته
نج
سنڌي
ٻولي ڪم آندائون؛
ٻيو
ته
هر موضوع
کي
آسان
سنڌي ۾ بيان
ڪيائون
ته
جيئن عام
پڙهيلن بلڪ
اٻوجهن کي به
سمجهڻ ۾ سولائي
ٿئي.
اهو
سندن اعليٰ
علمي
صلاحيت جو
ڪارنامو
هو
جو الاهيات
۽
عقائد جا
ڳوڙها
مفهوم، فقہ
۽
تفسير جا
ڏکيا
موضوع توڙي
تصوف
۽
سلوڪ جا
مشڪل
مضمون سولي
۽
سهکي
سنڌيءَ ۾
ڪاميابيءَ سان
سمجهايائون.
سنڌي
عالمن جي
هن
ڪاميابي
جو مدار
سندن
اختيار ڪيل ٽن مکيه
طريقن تي
هو: پهريون ته
کين
هر
موضوع ۽ مضمون
جي
ماهيت ڪلي طور
معلوم هئي
۽
هر
موضوع ۽ مضمون
جي
مختلف مسئلن
جي
کين
پوري ڄاڻ هئي؛ ٻيو
ته
کين
هڪ طرف
عرب
۽
فارسي زبانن
تي
ته ٻئي طرف
سنڌي
ٻوليءَ
تي پوري
مهارت حاصل
هئي،
ٽيون
ته هر
موضوع کي صحيح
نموني ۽ آسان
عبارت ۾ سمجهائڻ
جي
ڪوشش
ڪيائون.
هنن
جڏهن
ڪنهن
به موضوع
يا
مسئلي تي
لکيو
ته ان
کي
اڳ
ڪيل
تحقيق جي
روشني ۾ جامع
نموني ان
سمجهڻ ۽ سمجهائڻ
جي
ڪوشش
ڪئي. معاشري
جي ڪن خاص
مسئلن کي سنڌ
جي
طبعي ۽ سماجي
ماحول جي
مناسبت سان
سمجهايو؛ سنڌي
۾
اهڙن
مسئلن ۽ موضوعن
کي
صحيح
نموني ۾ بيان
ڪرڻ
خاطر
عربي، فارسي،
۽
سنڌي
لفظن ۽ اصطلاحن
جي
ڇنڊڇاڻ
ڪئي.
- ڊاڪٽر نبي
بخش
خان بلوچ |