2. ڳوريءَ جا سورهن- ٻارهن سينگار:
هن مضمون جي اڳئين قسط ۾ تفصيل سان بيان ڪيو ويو
هو ته هنديءَ ۾ جيتوڻيڪ ’سولهه سنگار باره اڀرن‘
(يعني سورهن سينگار ۽ ٻارهن زيور) جو تصور موجود
هو، مگر ان جي وڌيڪ تشريح يا تعريف ناپيد هئي. سنڌ
جي سڄاڻ سگهڙن انهيءَ نظريي کي پنهنجي انوکي تخيل
جي قالب ۾ سموهي ”سورهن ۽ ٻارهن سينگارن“ جو هڪ
نئون نظريو قائم ڪيو جنهن موجب ’سورهن سينگار‘
عورت جي فطري حسن سان مخصوص ڪيائون ۽ باقي’ٻارهن
سينگار‘ عورت جي جڙتو جنسارن سان لاڳو ڪيائون، ۽
پڻ ٻنهي قسمن جي وڌيڪ تشريح ڪري سورهن ۽ ٻارهن
سينگارن مان هرهڪ جي سڃاڻپ جا اصول مقرر ڪيائون
ته:
چار چلنت، چار اُڏنت، چار ڦول، ڦل چار،
اهي سورهن ئي سينگار: ابرنوي، اٺ چار.
يعني ته سهڻو محبوب جن سورهن فطري وصفن سان
سينگاريل هجي، تن مان چار وصفون گهمندڙ جاندارن
(چلنت) واريون هجن، چار اڏامندڙن (اڏنت) واريون،
چار گلن (ڦول) واريون، ۽ چار ميوَن (ڦَل) واريون
هجن، ساڳيءَ طرح ’اَبرنوي‘ يعني عورتن جي ٻارهن
بناوتي سينگارن جي پڻ سڃاڻپ مقرر ڪيائون. سندن
انهيءَ تحقيق ذريعي ’سورهن ۽ ٻاهرن‘ سينگارن جو
چرچو عام ٿي ويو ۽ انهن جي معنيٰ ۽ ماهيت مڙني کي
معلوم ٿي وئي. انهيءَ ڪري سنڌ جا هنرمند شاعر
انهيءَ ڳالهه جا محتاج نه رهيا ته هو پنهنجي
’سينگار شاعري‘ ۾ ويهي ’سورهن ۽ ٻارهن سينگارن‘ جو
تفصيل بيان ڪن. جهڙيءَ طرح صوفي شاعرن، مثلاً ميين
شاه عنايت ۽ ڀٽائيءَ صاحب، سمجهيو ته سندن مخاطب
سنڌ جي ڪُهنن قصن (عمر مارئي، سسئي پنهون وغيره)
جي تفصيل کان اڳئي واقف آهن، اهڙيءَ طرح ’سينگار
شاعريءَ‘جي استاد شاعرن کي به خاطري هئي ته سندس
سامعين ’سورهن ۽ ٻارهن سينگارن‘ جي معنيٰ ۽ ماهيت
کان اڳيئي واقف آهن. هندي شاعر پنهنجي ’سنگار رس‘
شاعريءَ ۾ اڃا محض ابتدائي منزل طئي ڪري رهيا هئا
۽ انهيءَ ڪري محبوب جي حسن بابت سندن تخيل توڙي
بيان محض مختفل تشبيهن تائين محدود هئا، مگر سنڌي
شاعرن جي تخيل جو پروانو هاڻي پري وڃي پهتو: هنن
هي نقطو واضح ڪيو ته جو سڄڻ سڀني پرين سهڻو آهي سو
سورهن ۽ ٻارهن سينگارن جو ته يقيني طور حامل آهي:
يعني ته جاندارن، اڏامندڙن، گلن توڙي ميون واريون
فطري سهڻيون وصفون، توڙي لباس ۽ ڳهن جا جملي جنسار
سندس حسن ۽ سينگار جا ادنيٰ ڪرشما آهن، انهيءَ ڪري
انهن کي ڪهڙو شمار ۾ آڻبو! سهڻو محبوب جنهن جي حسن
جو معيار گهڻو بلند ۽ بالا آهي سو انهن ڳاڻ ڳڻين
وصفن کان اڃا ڪي افضل ۽ اعليٰ آهي. بقول هن سٿ جي
هڪ شاعر جي:
وڍي وڍي وڻراه، آءٌ ڪوڙين قلم جوڙيان،
ڌرتي ڌر ڪاغذ ڪري لکان لعلڻ لاءِ،
مس جو، مراد علي چئي، سمنڊ پاڻي پاءِ،
ته به ساجن ڳڻ سنداءِ، آءٌ قلم چاڙهيان ڪيترا!
دراصل سنڌ جي سڄاڻ شاعرن جي فڪر تي تصوف جو رنگ
چڙهيل هو، ۽ جيتوڻيڪ هنن مجازي شاعريءَ جي ميدان ۾
پئي ڪئونتل ڪڏايا، ته به سندن ذهن، فڪر ۽ طبع
حقيقت ڏانهن مائل هئا. انهيءَ ڪري جڏهن پنهنجي
سينگار شاعريءَ ۾ سورهن ۽ ٻارهن سينگارن جي مضمون
کي پيش ڪيائون تڏهن مجموعي طور ’سورهن ۽ ٻارهن‘
سينگارن جو اهڃاڻ ڏيئي، نموني طور چند تشبيهون
بيان ڪري، آخر ۾ نتيجي طور هن حقيقت کي واضح
ڪيائون ته حقيقي محبوب جو حسن جمله ظاهري وصفن کان
بالاتر آهي. درويشن جلال رنگريز پهريون دفعو سورهن
۽ ٻارهن سينگارن جي مجازي رنگ ۾ حقيقي حسن جو اهو
بلند تخيل پيش ڪيو، ۽ انهيءَ معنيٰ ۾ سندس هيٺيون
بيت پوين شاعرن لاءِ پڻ مشعل راهه بنيو.
جلال: 1.
حب گوري گهنا ڪري ’اٺ ڏوڻا‘ اغماز،
2.
’ده دو‘ دائم درس رکي ڪل ڪامڻ ويس قواز،
3. ان جي چرنن طير چريا ڪيا، پس وتن پرواز،
4.
آهو، مين مشاهدي، ڪن طائوس تواض،
5. ترنگن طرح تپاسيا، ڪن نيون نانگ نياز،
6.
سروَ، صنوبر سر زمين، ڪم ڪنچن ماه ڪماز،
7.
انهان دور دراز، منهنجا جانب وڌ جلال چئي.
يعني 1. جڏ اها ڳوري حسين عورت فطري حسن جي سورهن
(اٺ ڏوڻا) غمزن کي پنهنجو ڳهه ۽ زيور بنائي ٿي، ۽
2. ٻارهن (ده
+
دو) قسمن جي ويس وڳن ۽ سينگارن کي پن اها ڪامڻ عجب
هنر (قواز
=
قواعد) سان هميشہ قائم رکي ٿي، 3. (تڏهن سندس حسن
۽ سينگار، ناز ۽ انداز اهو اثر رکي ٿو جو) سندس
قدمن (چرنن) جي سهڻي ٽور (هنجهه، مور، پاريهر ۽
ڪبوتر وغيره) پکي (طير) چريا ڪري ڇڏيا، جي ڏس ته
(انهيءَ ديوانگيءَ ۾ سرگردان ٿيا) اڏامندا وتن: 4.
هرڻ (آهو) توڙي مڇي (پهريون سندس سهڻين اکين ۽ ٻي
سندس ننڍڙي سهڻي گول وات جي) مشاهدي ۾ (حيران)
آهن، ۽ (سندس سهڻي رفتار سببان) مور (طائوس) پڻ
تواضع ڪري رهيا آهن، 5. ڊگهن ڪارن وارن (ترنگن)
کين تعجب ۾ حيران ڪيو (تپاسيا) جو ڪارا واسينگ
نانگ پڻ نياز ۾ نمي رهيا آهن. 6. (سندس سنئين قد
جي ڀيٽ ۾) روءِ زمين جي سرو ۽ صنوبر وڻن جي سڌائي
گهٽ آهي، ۽ (سندس چهري جي سهڻي رنگ ۽ رونق جي آڏو)
سون (ڪنچن) توڙي چنڊ جو جلوه ڪم آهي. 7. پر ان
(ايڏي حسن ۽ ناز واري سهڻي عورت) کان به، جلال ٿو
چوي ته، منهنجا پرين اڃا ڪي گهڻو وڌيڪ آهن.
جلال جي هن بيت ۾ اسلوب بيان جي لحاظ سان هيءُ
نقطو قابل غور آهي، ته جلال غالباً پهريون بلند
شاعر هو جنهن هندي ’سنگار رس‘ شاعريءَ جي بدران
سنڌي ’سينگار شاعريءَ‘ کي فروغ ڏنو. جئن ته ’سورهن
يا ٻارهن سينگار‘ جي مضمون جي ابتدا هندي ’سنگار
رس‘ کان ٿي، جلال پڻ ان تاريخي تسلسل جي لحاظ سان
پنهنجي بيت جو پهريون فقيره، ”جب گوري گهنا ڪري“،
هندي ٻوليءَ جي اسلوب بيان جي مناسبت سان قائم
ڪيو. سندس اهو دلچسپ عنوان ايترو ته مقبول پيو جو
ٻين ڪيترن ئي شاعرن سندس بيت جو اهو ساڳيو عنوان
يا مضمون سامهون رکي طبع آزمائي ڪئي. اسان انهن
مڙني وڏن خواه ننڍن شاعرن جا انهيءَ رنگ ۾ چيل
بيت، جي اسان کي ايستائين معلوم ٿي چڪا آهن، هيٺ
ڏيون ٿا انهيءَ لاءِ ته سنڌي سينگار شاعريءَ جي
عام مقبوليت ۽ هن خاص عنوان جي جابجا چرچي جو
اندازو لڳائي سگهجي.
(کٽي)
هيٺيان ٻه بيت ساڳئي جلال واري عنوان تي، مگر
زياده مجازي رنگ ۾ چيل آهن. جلال ڪن جاين تي
پنهنجو تخلص ’کٽي‘ به ڪم آندو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته
اهي بيت سندس هجن. البته هنن بيتن ۾ جلال جي اسلوب
بيان واري خاص ڳوڙهائي ذرا گهٽ آهي ۽ انهيءَ ڪري
ممڪن آهي ته سندس ٻئي ڪنهن عزيز ساٿي جا هجن.
1. جب گوري گهنا ڪري، ريزا پرهي راس،
ڪنجل، هنجهه ڪنبي وئا، ٽهل پسي ٽوراس،
ڀرون سي ڀنوراه جان سونهن خوب سندياس،
منهنجو خيال، کٽي چوي، پيو تنهني جي پاس،
تنهن پاٻوهي پاتاس، پسو پيچ پريان کي.
(1).
جب گوري گهنا ڪري، گهري پاس گگن،
ڪرن موٺ ڪريل ڦر، سِر سالون سوسن،
ڏنو کيس، کٽي چوي، ايءُ جورو جوڀن،
ميان منهنجي من، ڪئا نينهن تنهين جي نجهرا.
ڪبير شاهه(2)
1. جب ڳوري ڳهڻا ڪري، نوَ سَت نرمل نار،
’اٺ‘ رکي اغماز سين، ٻيا چڱا چئنچل ’چار‘
مهندان محبوبن جي، ’چلڻت‘ آه چه ڪار؟
’اُڏڻت‘ اولي سين پئا(3)،
پري پريان کوءن يار،
’ڦول‘ ڦڪا ڪيا سڄڻين، ’ڦل‘ ڦاٽي ٿيا ڦار،
اهي سڀ نظر ساڻ نڪار، ڪئا ڪامڻ ڪبير شاه چئي.
2. جب ڳوري ڳوري ڳهڻا ڪري، سيلا(1)
سر سنگين،
ڪيل، برق قربان ٿئا، مٿان بئنسر، بين،
ڪنچن، بيضا ڪم ٿئا، ديکي جلوه جبين،
سيس، سسيهر سسئا، پئا مرگهه ملحظي مين،
دادر دوبين ڀلائيون، سنگ صدقي تان چين،
ڌاران عشق نه ڌار ٿا ٻولي ٻولن ٻي نه:
اهڙ امحب مهين، منهنجا ڪامل ڪبير شاهه چئي.
(2)
جب ڳوري ڳهڻا ڪري، زيور ذاتئون ذات،
ڪر ويس وڳا واسينگ ڪيا بادل ۾ برسات،
پنگم روءِ پريان جو، جلوو وڌ جبات،
ڪنجل، هنجهه ڪنبي ويا، مڙي ڪري مصلات،
ڪن سرو سلامان سڄڻين، نميو نمن نخلات،
ديهي پسي ڌم ڇپي، ٿي ورسي منجهه ولات،
شمس، قمر صورت سان، ٻئي محبوبن ڪئا مات،
مور ڪنٺ(3)،
مک مين جئن، سچ سونهن سقلات،
ڏوڏر دڇن دهان ۾، لب لالي لاک لغات،
پسي انف عجيب جو، سئيءَ لڳي سڪرات،
نواڙو تنهن نرمل کي، پوڄي ٿو پرڀات،
ڪوئل، ڪبير شاه چئي، چپ ڪي وائي وات،
حورون هنڌ لڄائيون، گهور تنهين جي گهات،
تنهن فهميدي فرحات، دلبر ڏنيم دل کي.
يوسف
1. جب ڳوري گهڻا ڪري، سالون سر سامان،
’ڏه ڏون‘ ڏسجن ڏينهن ۾، ’نوست‘ نال نشان:
’چلڻت‘ چال چريا ڪيا، ’اُڏڻت‘ ۾ ارمان،
’ڦل‘ ’ڦل‘ ڦور ڦٽي ڪئي، روءِ پسي رويان،
تنهن جي قد برابر ڪانه، يقينا يوسف چوي،
2. جب ڳوري ڳهڻا ڪري، زيور ذاتيون ذات:
جهينگن جهالارن ۾ ڇم ڇپي ڪي ڇات(؟)
مونکي طلب تنهن جي تات، يقينا يوسف چوي.
هوندن(1)
جب ڳوري ڳهڻا ڪري، ’ڪارهن پنج‘ پرهاڻ،
’نو‘، رکي سا ناز سان، ڪئو ٽيلو ’ٽن‘ ٽڪاڻ:
پسي ڪيس قريب جا ڪٽئين ڇڏي ڪاراڻ،
هنجهه، گنير(1)،
هوندن چوي، ٿئا هلڻ پسي حيران،
لوڏ مقابل لهن ڇا انهيءَ جا اهڃاڻ!
سورج، چنڊ شرمائيا، سونهن تنهن جي ساڻ،
جڏ پرين نڪتا پاڻ، تڏ حورون هنڌ لڄائيون.
شير خان(2)
1. جب ڳوري ڳهڻا ڪري، اونها اُرگ اَگم،
قمر ڇپائي ڪامڻي، ڪر باني سان بيگم،
آهو عين عجيب جا، ڇا ڇم برابر ڇم!
سهج پريان جي سم، منهنجو سو جهي سور صفا ڪيو.
2. جب ڳوري ڳهڻا ڪري، سر سنها سالور،
هرڻ، سسو، سهه، سارنگ، سڀ گهايائين منجهه گهور،
ماريو مسڪينن جا، پيو چين ڪري چڪچور،
وه جوڀن جا پور، جنهن درد دکايم دوست جو.
3. جب ڳوري ڳهڻا ڪري، سر سالوُن سوڪو،
شارق ڀي، شيرخان چئي، تاب جهلي ٿو ڪو!،
چوي چرو ڪو، ڪيوَ چئنچل! روح چڪور جان.
راڄن شاه(1)
جب ڳوري گهڻا ڪري ’سورهن‘ هار حسين،
’ده دو‘ دائم درس رکي، جلوه دار جبين،
’چلڻت‘ چور چڪي ٿيا، هٽيا هرڻ پسي هستين،
ديهيءَ کان ان ڌم ڇپي، ڪي بس موتين تجلي مين،
ڇڏي ڦور ’ڦول‘ ڦڪا ٿيا، بيٺا ڦل ڦسين،
جي هرجاءِ اهل هنر جا چوءڻا عاقل چين،
آئي تصوير نه طرح تنين کي، ٿيا منجهه غم انهيءَ
غمگين،
ڪئين سي ناتر ناز نهوڙئا، ٿيا تختئون تالابين،
هردم حڪم حبيب اڳيئون، ڪا ناهي جاءِ نگين،
ٻيو ساڻن جوڙيان ڪونڪو، ظاهر سر زمين،
مرڪي لوٽيئون لوڏ سين، موهي مون مسڪين،
روح ۾، راڄن شاه چئي، آهي سچي سڪ سندين،
عشقئون املهه امين، هنئڙو کنئونم کسي ويا.
3. سوڀياوان سنڌي عورت پنهنجي فطري ماحول ۾:
هندي ’سنگار رس‘ شاعريءَ ۾ عورت جي سورهن سينگارن
توڙي ٻارهن ڳهن ۽ زيورن وارو نظريو تڪلف کان خالي
نه آهي. هندي شاعرن جي آڏو اها محبوبه آهي جا
پنهنجي فطري حسن جي علاوه ’فيشن‘ ۾ به پنهنجو مٽ
پاڻ آهي، ۽ ظاهر آهي ته هو شهري تمدن جي پيداوار
آهي سماج جي رنگينيءَ جي رازدار آهي. هوءَ بدن جي
آڍمک، ارگجا عطر، سينڌ سرمي، مسي مساڳ، ويس وڳن ۽
زيورن جي هار سينگار سان پنهنجي حسن کي چمڪائي ٿي،
۽ اکين جي الحاظ، ناز ۽ انداز، سهڻي گفتار ۽ ڪبڪ
رفتار سان ويتر دليون گهائي ٿي. مطلب ته هي محبوبه
حريف ۽ هوشيار آهي ۽ سرتاپا تڪلف آهي.
سنڌ جي سڄاڻ شاعرن هن روايتي مضمون کي بطور هڪ فني
عنوان ۽ فرضي تخيل جي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ پڻ
سمايو: بلڪ ان کي ويتر وڌيڪ وڌايو ۽ ويجهايو، ان
جي هر پهلو کي ورجايو، ان جي هر نقطه ۽ معنيٰ کي
نباهيو، ۽ مجموعي طور سان ان کي نهايت سهڻي نموني
۾ ڳايو ۽ واه جو ڳايو!
مگر سندن سليم طبع محسوس ڪيو ته هندي ’سنگار رس‘
واري محبوبه جو تخيل بهرحال هڪ هوشيار ۽ حريف شهري
عورت جو آهي، ۽ سنڌ جي سادي زندگي ۽ ٻهراڙيءَ جي
عام فطري ماحول ۾ اهڙو تخيل محض هڪ فرضي تخيل
ٿيندو. سنڌ جي عوام جي حقيقي محبوبه ٻهراڙيءَ جي
عورت آهي جنهن جي فطري حسن کي ٻهراڙيءَ جو فطري
ماحول چمڪائي ٿو. هوءَ عموماً هڪ ڪم ڪندڙ عورت آهي
جنهن کي سندس روزاني مشغول زندگيءَ ۾ هارن ۽
سينگارن جي تصنع ۽ تڪليف لاءِ نه وقت آهي ۽ نه
ضرورت. انهيءَ ڪري سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ عوام جي
انهيءَ حقيقي محبوبه کي سندس ٻهراري واري فطري
ماحول ۾ پيش ڪجي: ٺاهجي ته اهو مضمون ٺاهجي ۽
ڳائجي ته انهيءَ کي ڳائجي.
جلال:
جلال غالباً پهريون بلند شاعر هو جنهن انهيءَ نئين
عنوان جي ابتدا ڪئي. مجموعي طرح سان، ٻهراريءَ جي
سوڀياوان زال ۽ سندس فطري ماحول جو تخيل جو جلال
پيش ڪيو، سو هيءُ هو ته: مينهن جي مند آهي ۽ مال
وارن سانگي ماڻهن جا گهر آهن. ٻيو مال پهري ويل
آهي باقي کير پياڪ ننڍڙا ڦر واڙي جي آسپاس پيا
گهمن. اوچتو ڪڪر ڀرجي اچن ٿا ۽ مينهن جي ڦڙ ڦڙ پوڻ
شروع ٿئي ٿي. گهر واري نوجوان حسين زال کي ننڍڙن
ڦرن جو خيال ٿئي ٿو ۽ ٻاهر نڪري اچي انهن ڦرن کي
واڙي ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. انهيءَ تڙ تڪڙ ۾ سندس
وار ڪلهن تي وکري پون ٿا ۽ منهن تي مينهن جا ذرا
ذرا ظاهر بنجي بيهن ٿا. انهيءَ فطري ماحول ۾ سندس
چهرو ٻهڪي ٿو ۽ حسن چمڪي ٿو: سندس انهيءَ بي مثال
پاڪيزه سونهن جي تعريف بيان کان ٻاهر آهي.
جلال اهو انوکو تخيل پنهنجي هيٺين بي نظير بيت ۾
پيس ڪيو ته:
1. گورب وجهندي گوند، ڪريا ڪيس ڪلاه تان،
2. ال اليهر انسرا، نين ته نرگس نوند،
3. ٿي ڦڙ ڦڙ ڦوهارن، جئن دڌ ست صاف سموند،
4. ميگهه پسي مستان ٿيو، برسي بادل بوند،
5. ڇا خوبي خورشيد جي، مک آڏو محمود،
(6).
چئين چڳين چڳ چوند، ڪنهنجي ناهي جوت جلال چئي.
يعني ته 1. اٺين جا گورڙا (گورب) ننڍڙي واڙي يا
گوندي ۾ واڙيندي، سندس وار (ڪيس) ڪلهن تي وکري
پيا، 2. (۽ مٿان مينهن جي بوند سببان اهي الا ٿي
ڪلهن تي ائين چپڪي بيٺا جو ڄڻ ته) ڪارن نانگن
(اليهر) جا اڻ سرندڙ (انسرا) ننڍڙا ٻچا (ال) آهن.
(ان سوڀياوان جون) اکيون (نين) اهڙيون ته سهڻيون ۽
نيم خوابي آهن جهڙو نرگس گل، جو اڃا پورو کليو
ناهي
(نوند) 3. (سندس حسين چهري تي) مينهن جي ڦڙين
جا پاڻي جا قطرا ائين چمڪي رهيا آهن جهڙا سمنڊ جا
سچا موتي (دڌ
=
درياء
+
ست
=
پٽ سمنڊ يعني درياء جو پٽ
=
موتي). 4. خود مينهن جو بادشاه ميگهه پڻ سندس سهڻي
صورت ڏسي مدهوش ٿي ويتر وڌيڪ بوندون وسائڻ لڳو. 5.
انهيءَ فطري ماحول ۾ سندس سهڻي منهن (مک محمود) جي
جلوه جي ڀيٽ ۾ خود سج (خورشيد) جي تجلي ۽ سهڻائي
به هيچ آهي، ۽ 6. بقول جلال، سندس اهڙي سهڻي صورت
سان، ٻي ڪنهن به چئن چڳن واري چونڊ زال جي سونهن
ڀيٽ ۾ ئي نٿي اچي سگهي.
جلال جو هيءُ نئون مضمون ٻين شاعرن لاءِ مشعله راه
بنيو- نه معلوم الائجي ٻين ڪهڙن ۽ ڪيترن سڄاڻ
شاعرن هن مضمون کي نباهيو هوندو جن جا نالا، زماني
جي لٽ سبب، اسان تائين نه پهتا آهن، اسان جي
موجوده تلاش ۽ تحقيق سان هن عنوان تي ٽن چئن ٻين
شاعرن جا بيت هٿ آيا آهن، جنهن مان ظاهر آهي ته هي
نئون مضمون ڪافي مقبول پيو ۽ ’سنڌي سينگار
شاعريءَ‘ جو هڪ مخصوص عنوان بنيو.
ميون شاهه عنايت(؟):
ڀٽائي صاحب جي رسالي (سر سارنگ: د. ا) ۾ هن مضمون
تي هڪ بيت ’ميين‘ جو موجود آهي، ۽ اسانجي خيال ۾
اهو بيت ’سيد ميين شاهه عنايت رضوي‘ جو آهي(1).
ميون شاهه عنايت، جلال جو همعصر هو، ۽ هن کان اڳ
بيان ٿي چڪو آ ته صوفي شاعرن مان ميون شاهه عنايت
غالباً پهريون شاعر هو جو سنڌي سينگار شاعريءَ جي
مضمونن کان متاثر ٿيو ۽ انهيءَ رنگ ۾ بيت چيائين.
هيٺين بيت ۾ ميين شاهه عنايت ساڳئي جلال واري فطري
ماحول جا اهڃاڻ ڏيندي چيو آهي ته:
1. لار لئيندي وڇڙا، چيهي پير رَتَاس،
2. کُڙيون کُنهبي ورنيون، موتي منهن ڳُتاس،
3. پسو! ميگهه، ميون چوي، جو هر جال جَڙياس،
4. جُهومَڪ بئَنسِرياسِ، وَسي مينهن پُسائيا.
يعني ته 1. ميينهن جا ننڍڙا (لار) وڇڙا ٻڌندي
(لئيندي)، پهرئين وسڪاري تي موريل چيهي گاه تي هلڻ
سان ان گاه جي رس سببان سندس پير ڳاڙها ٿي پيا
آهن، 2. ۽ انهيءَ ڪري قدم کڻڻ وقت سندس کڙيون
ڳاڙهيون کنهبي ورنيون نظر اچن ٿيون، (مينهن جي
ڦڙين) سندس حسين چهري تي ڄڻ موتي مڙهي ڇڏيا آهن.
3. ميون ٿو چوي ته، ڏسو ته سارنگ جي وس ڪيترا نه
اهڙا جواهر سندس بدن توڙي ڳهن تي جڙي ڇڏيا آهن، 4.
۽ مينهن جو بوند سندس جهومڪن ۽ نٿ کي پڻ آلوده ڪيو
آهي.
ڏاتو کٽي: ڏاتو کٽي جو غالباً جلال جي عزازت مان
هو، تنهن ميين شاه عنايت جي بيت جي آخري فقره کي
مدنظر رکي پنهنجي هيٺين بيت ۾ هن حسين محبوبه جي
حسن جي تعريف کي وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪيو ته(1)
1. وسي مينهن پسائيا، ان جا منهن ۾ مرگهه ته مين،
2. سبزه لتاڙڻ هليون، ڪري بجليون برسڻ بين،
3. منهن ته مرگهين سهڻو، ٻي چيلهه چيلائي چِينِ،
4. عين عجب، پڳ پالٽو، ٻيا گم گام بروبر ڪين،
5. ان جي گن گهرائيءَ سين، اچن ڪئيسر ڪين،
6. سيني گڏيا شير دو رنگي گل رشين،
7. سي ڏسڻ سين، ڏاتو چئي، ٿا ڏک کسيو سک ڏين،
8. جي اهڙي حسن حسين، تن ماه مشابهت ناه ڪا.
يعني ته 1. مينهن جي بوندن، ان محبوبه جي منهن ۾
جي ’مرگهه‘ (=
هرڻ
= اکيون) ۽ ’مين‘ (=
مڇي يعني ننڍڙو وات مڇيءَ جهڙو) آهن، تن کي آلو
ڪيو. 2. (جڏ اها صورتمند ٻاهر نڪتي ته سندس حسن جي
سلامي خاطر بي انتها خوشيءَ مان) کنوڻيون به ساٺ
سينگار سان چوء طرف ساون ميدانن مٿان تجلا ڪري هلڻ
لڳيون 3. ان سهڻي سڄڻ جو رخ، سهڻين اکين جي لحاظ
سان، هرڻن (مرگهن) جو همسر آهي ۽ سندس سنهي چيلهه
چيلاٽي جي چيلهه (چين) جهڙي سنهي آهي. 4. سندس
اکيون عجب سهڻيون، ۽ پير اهڙا ته پوشيدا آهن جو
ٻيو ڪوبه سندس نازڪ خرامي (گم
=
هلڻ، گام
= قدم يا وک) سان برابري ڪري نٿو سگهي. 5. سندس گهري گلابي رنگ
(گن
=
گون
=
رنگ) سان ڪئيسر جي ڇا مجال آهي جو مقابلو ڪري
سگهي. 6. سندس سيني ۾ کير جا ٻه سر چشما (يعني
پستان) ڄڻ ٻه گؤنٽا گل آهن. 7. اي سهڻا محبوب،
ڏاتو ٿو چوي ته، پنهنجي هڪ نظر سان سڀئي ڏک ميٽي
سکن سان بدلائي ٿا ڇڏين. 8. اهڙن سونهن ڀرين سڄڻ
سان چنڊ جي ڇا مجال جو مشابهت جي ميدان ۾ بيهي
سگهي.
ڄام مراد علي:
ملير جي ڄامن مان ڄام مراد علي جوکيي، ميين شاه
عنايت جي بيت واري ساڳي زمين ۾ هيٺيون بيت چيو ته(1).
1. سارنگ نين سج جيئن، وه جي آگمياس!
2. انگ قمر، ڪيس ڪڪر، اوڍڻ ڪئسر ياس،
3. سبزه لتاڙڻ هليون، بوندون برسياس،
4. ڦڙيون فيروزن جئن لڱن لال لڳياس،
5. منهن ۾ ميگهه، مراد علي چئي، جوهر جال جڙياس،
6. بينا بينئون بجليون، هيرن هار هياس،
7. واڙي وَڇ وڌياس، ڪچوئل ڪوءنر ڀڄائيا.
يعني ته 1. سندس سهڻيون اکيون (سارنگ نين) جن ۾ سج
واري تجلي ۽ تاب آهي، سي عجيب نموني ۾ آگمجي يعني
خمار جي ڳاڙهيون ٿي بيٺيون آهن. 2. سندس بدن (انگ
=
عضوا ۽ اندام) جي رونق چنڊ جهڙي، وار (ڪيس) ڪڪرن
جهڙا ڪارا، ۽ لباس ڪئيسر جهڙو رنگين ۽ مهڪندڙ آهي.
3. مينهن جون بوندون سندس استقبال ۾ ساوا ميدان سر
ڪرڻ هليون ۽ مٿس گهور ٿي وسڻ لڳيون 4. سنهيون
سنهيون ڦڙيون سندس سهڻي لال بدن تي پنهنجي پاڻيءَ
جا قطرا ڄڻ فيروزن وانگي بنائي بيٺيون 5. مراد علي
ٿو چوي ته ميگهه ملار پنهنجي بوندن سان سندس وارن
۽ منهن تي ڄڻ اڪيچار جواهر جڙي ڇڏيا آهن. 6. سندس
سهڻي نڪ جي ڪنار جا تجلا بجي جهڙا آهن، جن (وس ڪري
پنهنجي ڦڙين ذريعي) سندس ڳچيءَ ۾ ڄڻ هيرن جا هار
وجهي ڇڏيا آهن 7. (انهيءَ ميگهه ملار واري ماحول ۾
هن صورتمند) پنهنجي مينهن جي وڇ کي ورائي واڙي ۾
پوريو آهي، جنهن ڪري سندس وار (ڪچوئل
= ڪچ
=
وار) ۽ نازڪ ٻانهون (ڪونئر
= اصطلاحا بمعنيٰ پٻڻ جي ڪوني جهڙيون سنهيون لسيون يا ڪنول گل
جهڙيون سهڻيون نازڪ ٻانهون) پسي پيا آهن.
بلوچ: هن ساڳئي زمين ۾ ڪنهن بلوچ شاعر، جنهن جو
نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، بيت چيو ته(1)
1. سرس سدا سارنگ جان، ڪنڊن ڪؤنر ڪياس،
2. عشق پيچ اڻين تي، کٽڻهار کڙياس،
3. سنها موتي منهن ۾، لبن لال ڳتاس،
4. هلڪو هار هڪيءَ تي، بئنسر واه بنياس!
5. برسي بوند، بلوچ چئي، ڀرون ڀونر ڀناس،
6. گڏي ڪامڻ ڪانڌ کي، ڪئيسر يا ڪڍياس،
7. جيلانہ واڙي وچ وڌياس، تيلانہ ڪچوئا ڪچوئا ڪؤنر
پسائيا.
يعني ته 1. سدا سائي ۽ سرهي سارنگ وانگر، سندس
ڪرايون (ڪوءنر=
اصطلاحا بمعنيٰ ڪرايون) ’سر ڪنڊي‘ جي گلن (جن کي
پوئي ڪراين ۾ ٻڌو اٿس) سينگاري سرهيون ڪيون آهن.
2. اکين جي اڻين مٿان سندس سهڻا ڀرون ’عشق پيچ‘
گلن وانگر ٽڙي بيٺا آهن، ۽ کلڻ وقت سندس سهڻا ڏند
اها سهڻائي ۽ سٽاءُ ڏيکارين ٿا جو ڄڻ ’کٽڻهار‘ گل
کڙي پيا آهن. 3. مينهن جي بوندن جا ذرا سندس منهن
تي ڄڻ سنهڙا موتي بنجي بيٺا آهن، ۽ سندس لال لب
بوند ۾ پسي ويتر اهڙا لعل ٿيا آهن جو ڄڻ مٿانئن
لعلون مڙهيل آهن. 4. (سندس ڳهه مختصر ۽ سادا آهن
پر سندس فطري حسن سببان اهي ڪي ٺهن ٿا!) هڪ ننڍو
هلڪو هار ڳچي ۾، ۽ سهاڳ جي نٿ نڪ ۾ ٻئي واهه جا
سهڻا لڳن ٿا! 6. کيس پنهنجي ٻاهران موٽندڙ مڙس کي
گڏجڻو آهي، انهيءَ ڪري هن زعفران مثل رنگين ۽
مهڪندڙ لباس ڪڍي پاتو آهي. 7. هن ميگهه ملار ۾ جئن
جو وڇ کي ورائي واڙي ۾ پوريو اٿس، ته سندس نرم وار
(ڪچوئا) ۽ نازڪ ٻانهون (ڪونئر) بوندن ۾ پسي پيا
آهن.
جلال، ميين شاهه عنايت ڏاتي، ڄام مراد علي ۽
’بلوچ‘ مٿين بيتن ۾ سنڌ جي ٻهراريءَ جي سوڀياوان
عورت کي ميگهه ملار جي فطري ماحول ۾ پنهنجو گهرو
ڪم ڪار ڪندي پيش ڪيو آهي. بلوچ پنهنجي بيت ۾ هي
نقطو پڻ صفا ڪيو آهي ته هن پاڪيزه اخلاق عورت جيڪي
ٿورا گهڻا ڳهه ۽ خاص رنگين ڪپڙا پاتا آهن سي محض
پنهنجي خاوند جي خوشنوديءَ خاطر.
ڪبير شاهه پنهنجي هيٺين بيت ۾ مضمون توڙي ماحول کي
ذرا تڪلف سان پيش ڪيو آهي: هڪ حسين معشوقه آهي
جنهن کي زندگيءَ جون سڀ نعمتون نصيب آهن. اها موسم
بهار جي بوندن ۾ هڪ باغ ۾ سير جي بهاني سان پنهنجي
محبوب کي ملڻ لاءِ مشتاق آهي. سڀئي ساٺ سينگار ڪري
آئي آهي ۽ ليمي جي لام ۾ ٻڌل پينگهه تي اچي لڏي
ٿي. بالاخر محبوب سان ملي ٿي ۽ ان سان ويهي ورونهه
ڪري ٿي. ساغر ۽ صراحي پڻ موجود آهن. ٻن وڇڙيلن جي
انهيءَ وصال واري موقعي تي، مٿان بادل بوندون
وسائين ٿا ۽ ٻنهي جا ڪپڙا ڀڄي پون ٿا:
سرس سدا رنگ سارنگ جا، گل ڦل ’جايون‘ جام
’ستبرگ‘، ’چمپا‘ ’ڪيوڙو‘، ’ڪيتڪي‘، ’دائودي‘ دل
دام،
’ارزن بار‘ ’گلاب‘ ’ڪرنا‘ ’سيوتي‘ ٿا ’سورج‘ ڪن
سلام،
’بيل‘ ’چنبيلي‘ ’سرڪنڊي‘، زرد ’اُپمان‘ عام،
’دو پهري‘ ’دل پيچ‘ هوا، تنهن سان ’تڪمان‘ طرح
تمام:
انهيءَ باغ بنئي ۾ بره سين، هڪ هئي ڪامڻ اهو گام،(1)
تنهن ’ٺوٺي‘ ’ٺامر‘ تي ٺيڪ ڪئي، مٿي مک مدام،(2)
سا کنوڻ جان کُنهبا ڪريو، ٿي لڏي ليمي لام،
تان مليس چنڊ چمن ۾، جنهن هئي ڄوليندي ڄام،(3)
تڏ دست بتي، ڏي پيالو پر کي- ائين گڏيا گل اندام(4)
تتهين ڪوئل، ڪبير شاهه چئي، ٿي ٻُلي ٻولي مام،
وسي بادل مٿان بام، بوند ڀڄاين ڪپڙا.
4. تشبيهات ۾ وسعت: سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن ۽ شاعرن،
هندي شاعريءَ جي ’سورهن سينگارن ۽ ٻارهن زيورن‘
واري ابتدائي نظريي جي نئين سر تقسيم ۽ تعريف ڪري،
ان ۾ معنوي لحاظ سان وڏي وسعت پيدا ڪئي. مثلاً،
سورهن فطري سينگارن کي هڪ هڪ ڪري ڳڻائڻ بدران،
انهن کي چئن جنسن ۾ تقسيم ڪيائون ته چار وصفون
زمين تي هلندڙن واريون، چار اڏامندڙن واريون، چار
گلن واريون ۽ چار ميون واريون هجن. ٻارهن بناوتي
سينگارن مان به ڪم از ڪم ٻن کي ڪپڙن ۽ ڳهن جي جنسن
۾ شمار ڪيائون. هن نظريي موجب انهن ڇهن جنسن، يعني
ته زمين تي هلندڙ جاندران، اُڏامندڙ جاندارن، گلن،
ميون، ڪپڙن ۽ ڳهن، جا جملي مختلف قسم اچي ٿي ويا ۽
انهيءَ ڪري تشيبهات جي دائري ۾ وڏي وسعت پيدا ٿي.
انهيءَ نئين تقسيم ۽ تشريح ۾ زمين توڙي هوا جون
مکيه شيون، جن سان حسن جي مختلف خوبين جي ڀيٽ ممڪن
هئي اچي ٿي ويون. مگر سنڌ جي سڄاڻ شاعرن جي خيال
جي گهرائي هڪ طرف زمين کان هيٺ وارين سهڻين شين
سون، چاندي، هيرن جواهرن، فيروزن، لالن، مرجانن
وغيره، توڙي سمنڊ اندر موتين ۽ ماڻڪن تائين پهتي،
ته ٻئي طرف سندن تخيل جو پرواز پکين جي پرواز کان
مٿين فضا ۾ بادلن، کنوڻين ۽ قوس قزح جي رنگينين کي
طيء ڪري ڃا به آسمان طرف اڏاڻو، ۽ سج، چنڊ، نکٽن ۽
تارن جي بلندين کي وڃي سميٽيائين.
هيرن ۽ جواهرن، ماڻڪن ۽ موتين، سج ۽ چنڊ، تارن ۽
نکٽن سان محبوب جي حسن جي مختلف رعناين ۽ خوبين جي
تشبيهن جا ڪي مثال هن کان اڳ آندل بيتن ۾ موجود
آهن، البته سارنگ جي سونهن ۽ سٽا، جهڙ بادلن جي
بهار ۽ ميگهه ملار جي رنگين فضا جي ماحول سان
محبوب جي حسن جي مجموعي تمثيل، يا ان ماحول جي
مختلف جزن سان محبوب جي حسن جي مختلف وصفن جون
تشبيهون، سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ هڪ خاص انداز رکن
ٿيون، جن جو بيان دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو.
جلال:
حضرت جلال پنهنجي هيٺين بيت ۾ غالباً پهريون دفعو
’ابر بهار‘ جو عنوان ٻڌو، ۽ محبوب جي مڌ ڀرين
ڪڪوريل اکين کي ميگهه ملار سان، ۽ آگمن جي اوسر ۽
نظاري کي، سهڻي سرت ڀريي (عارف) محبوب جي آمد سان
ڀيٽ ڏيئي (مصرع 1)، سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ تشبيهه
۽ تمثيل جو هڪ نئون ورق ورايو(1)
1. جئن سي ابر بهار، تئن ڪنول ڪيس قريب جا،
2. اليهر وانگي الٽيا، اچي ڍريا بدن ڍار،
3. سرو ڪنان سوڌا پرين، مک موتين کوءن موچار،
4. هنجهه ڏسي لوڏ لڪي ويا، بس گنير(2)
ڪي گفتار،
5. ٻڌي ٻولي ٻاجهه ڀري، ڪي ڪوئل نا ڪوڪار،
6. ڇڏي شمس شعاء ويو، گڏجي منجهه غبار،
7. آهن چين چڪور، جان، پي پپيهل پار،
8. ڀنڀا ڀرون ڀونئر جان، اکيون ميگهه ملار،
9. سينو موڪرو سڄڻين، گلبدن گلزار،
10. عارف جي اچڻ جا، آگم ٿيا اظهار،
11. ساجن ۾ سنسار، جانب وڌ، جلال چئي.
هيٺين بيت ۾ جلال قوس قزح يا انڊلٺ جي تشبيهه جو
عنوان قائم ڪيو آهي، ۽ ٻي مصرع ۾ محبوب جي حسن جي
تجليءَ جي سلسلي ۾ کنوڻين جي تجليءَ ڏانهن اشارو
ڪيو اهي. جلال جو هيءُ انوکو بيت نهايت ئي ڳوڙهن
لفظن ۾ ادا ڪيل آهي جن جي معنيٰ غور طلب آهي.(2)
1. آهرين لهرين عين، قوس قزح ڪهڪار ۾،
2. ڪنب، وتافر، ڪورخؤن، مان چورائي ويا چين،
3. ڪنتر ڪوٽ، ڪپول موٺ، گن ته غزالي غين،
4. مان مندر منهن موج ۾، جوت جمن ۾ جين،
5. سر نايو سڀ سين، ڪن جهار جلال چئي.
يعني ته 1. محبوب جي منهن جي چوڌاري ڊگهن لهردار
ڪارن وارن (اهر
=
اهه
= وار) وچ ۾ مدڀريل ڪڪوريل اکين جي رنگيني ۽ روشنائي ائين آهي،
جئن جبلن جي ڪاراڻ (ڪهڪار
=
ڪوه
+
ڪار
= پڻ اصطلاحا، ڪڪرن جي ڪاراڻ) جي پس منظر ۾ گول انڊلٺ (قوس قزح)
جو سهڻو رنگين نظارو 2. انهن سهڻن سڄڻن پنهنجي
ڳوري لعل چهري سببان ڄڻ ته (مان) ڳاڙهي کنهبي (ڪنب
=
ڪسنب) سون (وتافر) توڙي تجليدار کنوڻين کان (ڪورخ
=
ڪروخ
=
کنوڻ. ڪوءرخوءن
=
کنوڻين کان) آرام (چين) کسي ڇڏيو آهي. 3. سندن
ڪنڍو نڪ طوطي (ڪنتر
=
ڪؤنتر) جهڙو، ڳل (ڪپول) موٺ (مينهن وساڙو جيت) مثل
ڳاڙها، ۽ سندس سهڻيون اکيون توڙي لاڏ ۽ ڪوڏ هوبهو
هرڻ (غزالي غيب
=
’غزال‘ جو هرڻ جو نالو آهي تنهن نالي جو بلڪل
پهريون حرف ’غ‘) وارا آهن. 4. سندس منهن پاڪيزگيءَ
۽ ڏيا (موج ۾) سببان ڄڻ ته مندر آهي، جنهن ۾ سندس
اکين جي گول دائرن ۾ روشن تارا ڄڻ ته (جين
=
جئن نه. ’جمن‘
= ٺڪر جو ڪپو) روشن ڏيئا پيا ٻرن، ۽ 6. بقول جلال، (ان مندر جا
مشتاق عاشق) سر جهڪايو صدائون (سين) ۽ بندگيون
(جهار) پيا ڪن.
جلال جي هنن بيتن بعد سارنگ جي سونهن، ميگهه ملار،
بادل ۽ کنوڻيون ’سينگار شاعريءَ‘ جي تشبيهات جا
عام موضوع ۽ استاد شاعرن جي بيتن جا خاص عنوان
بنيا انهيءَ سلسلي جا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا.
وڌو: شاعر وڌي ميگهه ملار جي ماحول کي پنهنجي
هيٺئين بيت جو منڍ بنايو آهي ته:
1. بنيا ميگهه بناوَ سان مک سر محبوبن،
2. پسي ڪچ قريب جا، ڇڏيو تليهر تجلن،
3. ڏسي، برجم بانوريا، لالي لال لبن،
4. سسون، سسيهر، مور، هنجهه سهمايا سيڻن،
5. رجل پنهنجي راءِ سان جت جانب جاءِ کڻن،
6. وسون تت، وڌو چوي، ڇڏيو لوڏ لڪن،
7. اهڙن عجيبن، آ ساه سوگهو ڪيو سيم جان.
يعني ته: 1. محبوبن جي منهن (جو لال رنگ، ڪڪوريل
اکيون ۽ چمڪندڙ ڏند،) ۽ سر تي ڪارا وار انهن جو
مجموعي نظارو ساڳيو ميگهه ملار (جي رنگين انڊلٺ،
کنوڻين جي تجلي ۽ ڪڪرن جي ڪاراڻ) وارو آهي. 2.
محبوب جي ڪارن وارن (ڪچ) جي چمڪ کي ڏسي کنوڻِن
(تليهر
=
سنهو ڊگهو نانگ
=
اصطلاحا، ’ٻڪرار‘ کنوڻ جو سنهو ورن وڪڙن وارو
چمڪدار ليڪو) پنهنجا تجلا ترڪ ڪيا. 3. چپن جي
لالائي کي ڏسي، مينهن وساڙا جيت (برجم؟) مست ٿي
پيا. 4. چنڊ (سسون)، ڀونئر (سسيهر؟)، مور ۽ هنجهه
انهن مڙني کي محبوبن پنهنجي مختلف سهڻين وصفن سان
موهي شرمندو ڪري ڇڏيو. 5. جنهن جاءِ تي اهي سهڻا
سڄڻ راضي ٿي پنهنجي سهڻي ٽور وارا قدم (رجل
= پير) کڻن، 6. ته، بقول وڌو، ات هاٿي (وسون) پڻ پنهنجي لوڏ ڦٽي
ڪري شرم وچان وڃيو لڪن 7. اهڙن سهڻن سڄڻن، منهنجي
ساه کي وڻ ويڙهيءَ (سيم) جان وڪوڙي سوگهو ڪيو آهي.
ملان خوشحال:
ملان خوشحال، نهايت ئي ڳوڙهي اسلوب بيان ۾ چيل
سندس هيٺين بيت کي ڪڪرن ۽ قوس قزح جي تشبيهات سان
شروع ڪيو آهي ته:
1. ترنگ تليهر طرحان، ڪڪر ڪيس قريب جا،
2. ابرو عين عجيب جا، قوسن حاجت ڪانه،
3. مستڪ ماه مڙو مان ديکيو، ان جو ڀال ڀلو کوءن
ڀان،
4. ڇم ڇيهل، ناس ڪ ڪيلي، هنڊوي هوٺ ردان،
5. مرواري ماڌو ٿيا، ڏسي ڏهر سندان،
6. دهن ’ميم‘، ملان چوي، صاحب سرت سجان،
7. احمر انارئون اڳرا، ڪنگوءَ ڪر ڪران،
8. سو ڪيور ڪل ڪڪر، ديهه تنگوءَ تجلان،
9. ڏني کين، خوشحال چئي، صورت سا سبحان،
10. چيهوءن چرن چڱان، سرني سڀ سُڪي ويا.
يعني ته: 1- پياري محبوب جي ڊگهن گهنڊيدار وارن
(ترنگ) جا تجلا کنوڻين (تليهر
=
هڪ سنهو ڊگهو نانگ
=
اصطلاحا ’ٻڪرار کنوڻ‘) وارا آهن، ۽ اهي ڪارا وار
(ڪيس) ڪارن بادلن مثل آهن. 2. سهڻي سڄڻ جون اکيون
۽ ان جي مٿان ڪمان مثل ڀرون انهيءَ منظر سان انڊلٺ
جي مقابلي جي جاءِ تي نه آهي. 3. (شايد مطلب ته)
چنڊ (ماه) ۽ مينهن وساڙو جيت (مڙو) ٻنهي کي مون
مست ڏٺو، بلڪ ان سهڻي محبوب جي چهري جو تجلو ته سج
(ڀان
=
بان
= بانا
=
سج) کان به سوايو آهي. 4. سندس سهڻيون اکيون (ڇم)
هرڻ (ڇيهل) جهڙيون، نڪ (ناس) طوطي (ڪيل) جهڙو (ع.
ڪ
= مثل. يا ڪ
=
ڪر
=
ڄڻ ته)، ۽ سندن لب (هوٺ
=
هونٽ) مينهن وساڙي (هنڊوو) جيت مثل لال رتل آهن
(ردان). 5. سندن سهڻن ڏندن (ڏهر) کي ڏسي مرواريد
به جهڪا ٿي ويا (ماڌو ٿيا). 6. انهيءَ سهڻي سرتيي
سڄڻ جو وات، ملان ٿو چوي ته، حرف ’ميم‘ جي ننڍڙي
گول گهيري جهڙو آهي. 7. اهي محبوب سندن لال ڳوري
رنگ ۾ ڏاڙهون کان (انارئون) به وڌيڪ لال (احمر)
آهن، ۽ سندن سنهيون نازڪ ڪرايون ڪنگوء جهڙيون لال
۽ سنهيون آهن. 8. (هن مصرع جي صحيح روايت ۾ معنيٰ
اڃا تحقيق طلب آهي). 9. خوشحال ٿو چوي، ته اهڙي
سهڻي صورت کين خالق طرفان ڏات ڏنل آهي. 10 سندن
ڳورا پير (چرن) چيهي گاه (جي رس جي لالائيءَ) کان
ڪثر، بلڪ اڃا به اهڙا وڌيڪ لال آهن جو انهن کي ڏسي
لال ’سرني‘ گل به شرم وچان ڪومائجي سڪي ويا.
ڄام مراد علي:
ڄام مراد علي کنوڻين ۽ بادلن جي تشبيهن کي پنهنجي
هيٺين بيت جو عنوان بنايو آهي(1)
1. وڄون عين عجيب جا، ڪارا بادل ڪيس،
2. سانوڻ منهن محبوب جا نور نديون نت نيس،
3. شام رنگئون رنگ بادليا، ڪن ڪئيسريا وس ويس،
4. ڪوئل، پپيهل، آهو، گينور محب مڃايا ميس،
5. تن محبن جي، مراد علي چئي، منهنجي روح وڻي ٿي
ريس،
6. لالن جي لبيس، حورون جهڙپ جهپي نيون،
قادو:
قادو پنهنجي هيٺين نسبتا ننڍي ۽ سليس مگر فصيح بيت
۾ وڄن کي محبوب جي تجلن جو سلامي بنايو آهي ته:
لوڏي لاڏ ڀريون، ٻئي کنيائين ٻانهڻيون،
قادو چوي، ڪامڻ جون، اکيون آب ڀريون،
پسي اوش ان جا، وڄون ات وريون،
پاسن منجهه پريون، اچن عرض ڪهنديون.
سليمان:
سڄاڻ شاعر سليمان پنهنجي هيٺين بيت ۾، جو قافيه جي
لحاظ سان غالباً جلال جي بيت ”تمهر روپ ترنگ- الخ“
(ڏسو 191) جي ڀران چيل آهي، محبوب جي حسن ۽ سينگار
جي تعريف ڪرڻ بعد آخر ۾ هي نئون نقطو نروار ڪيو
آهي ته ان پياري سڄن جي سهڻي صورت خود سارنگ جي
سونهن کي به سسائي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي(1)
1. تليهر ترنگ، اُڀي جهاڙي جهاڙ ڀر،
2. ان جو ورن وساڙان وترو، الڊه جهڙس انگ،
3. ڪنگو ڪوءنر ڪرائيون، ڀرون ڀؤنر ڀونگ،
4. قيصر لڪي ڪامڻي، ڪي انيچا نيڻ ڪُرنگ،
5. تنهنجو جلوو جوڀن روپ ڄڻ ماه کِڙيو سرَ گنگ،
6. سيڻن، سليمان چئي، سسايا سُارنگ،
7. وڄون منجهه مهنگ، ڪنبي پيٺيوُن ڪڪرين.
يعني ته: 1. اها سهڻي محبوبه جنهن جا وار (ترنگ)
ڊگهن ڪارن نانگن (تليهر) مثل آهن، سا هڪ وڻ (جهاڙ)
جي ڀرسان بيٺي نهاري رهي آهي (اُڀي جهاڙي). 2.
سندس چهري جو لال رنگ (ورن) مينهن وساڙي کان به
لالائيءَ ۾ وڌيڪ آهي. ۽ سندس نازڪ عضوا ۽ اندام
(انگ) مکڻ (الڊه) جهڙا ڪونئرا ۽ نرم آهن. 3. سندس
سهڻيون لال رنگ تي مائل ڪرايون ڪنگوء جهڙيون، ۽
ڀرون ڀونئرن ۽ ڪارن نانگن (ڀونگ) جهڙا ڪارا نڀور
آهن. 4. ان محبوب (ڪامڻي) جي سنهي چيلهه، شينهن جي
باريڪ ڪمر جهڙي (قيصر
=
شينهن. لڪ
=
چيله) آهي. ۽ (پنهنجن سهڻين اکين سان) هن هرڻ
(ڪرنگ) جي اکين کي به شرمائي هيٺ ڪيو آهي. 5. سندس
جوانيءَ جي حسن جي جلوي کي اها رونق آهي جو ڄڻ چنڊ
درياء (گنگ) جي مٿان اڀري بيٺو آهي. 6. سليمان ٿو
چوي ته، اهڙن سهڻن سڄڻن (پنهنجي گوناگون حسن سان)
سارنگن جي سهسين رنگ سونهن کي به گهٽ ڪري ڇڏيو
آهي. 7. سندس حسن جي جلوي جي تاب کان بيتاب ٿي
وڄون پڻ آسمان (مهنگ) ۾ ڪنبدي ڪنبدي ڪڪرن ۾ گم ٿي
ويون آهن.
5. محبوب جي جامع حسن بابت جلال جو هڪ عجيب خيال:
’سورهن سينگارن‘ جي تخيل مطابق، زمين تي هلندڙ
جاندارن جي سهيڻين وصفن مان محبوب جي فطري حسن
لاءِ ڪم از ڪم چار وصفون لازمي سمجهيون ويون. سنڌ
جي شاعرن ۽ سڄاڻ سگهڙن اڳتي قدم وڌائي هي نقطو
واضح ڪيو ته محبوب جي معياري حسن ۾ جملي شين،
جاندارن خواه غير جاندارن، جون سهڻيون وصفون سمايل
آهن ڇاڪاڻ ته پنهنجي حسن ۾ سهڻو محبوب جامع صفات
آهي. انهيءَ تخيل موجب، جلال هڪ نئون نقطو نروار
ڪيو ته جيتوڻيڪ ڪي جانور توڙي ڪي غير جاندار شيون
هڪ ٻئي جو ضد آهن ۽ ساڳئي وقت يڪجاءِ جمع نٿا ٿي
سگهن، مگر هيءُ محبوب جي جامع صفات حسن جو معجزو
آهي، جنهن هڪ ٻئي جي ضد ۽ مخالف شين جي وصفن کي
پاڻ ۾ سمائي ڄڻ ته انهن کي يڪجاءِ جمع ڪيو آهي.
انهيءَ انوکي تخيل کي جلال پهريائين پنهنجي هڪ بيت
۾ راز ۽ معما طور پيش ڪيو. افسوس جو سندس هن بيت
جي مڪمل ۽ صحيح روايت نه ملي سگهي آهي، مگر اسان
ٻن ناقص روايتن(1)
جي ڀيٽ سان، هن بيت جي هيٺين صورت کي ترجيح ڏيئي
قلمبند ڪريون ٿا، ۽ سگهڙن وٽان ان جي ٻڌل معنيٰ
(جا ڪن حالتن ۾ اڃا تحقيق طلب آهي) لکون ٿا:
1. ٿانگر ڍڍن پارڌي لاس ٿٿيڦن ڌار،
2. ڪنيل ڪنجل، آرن اُڀڍڳ، سمجهه سالڪ سار،
3. اهي سڀ اظهار، آهن جانب منجهه جلال چئي.
يعني ته: 1. هڪ طرف هرڻ (ٿانگر؟) ٻيلو (ڍڍن؟) ۽
شڪاري (پارڌي؟) ۽ ٻي طرف مور (لاس) ۽ نانگ (ٿٿيفن)
يڪجاءِ رهي نٿا سگهن، (بلڪ اهي ڌريون ئي ڌار آهن
ڇاڪاڻ ته نه هرڻ ٻيلي ۾ رهي ۽ نڪي شڪاري جي سامهون
بيهي سگهي، ۽ نڪي نانگ مور سان گڏ جالي سگهي ڇاڪاڻ
ته مور نانگ جو ماري آهي). 2. پڻ ساڳيءَ طرح
سمجهدار سالڪ! تون ويچار ڪري ڏس ته نڪي شينهن
(ڪنيل) ۽ هاٿي (ڪنجل) گڏ جالي سگهن (ڇا ڪاڻ ته عام
روايت موجب هو هڪ ٻئي جا دشمن آهن) ته نڪي وري سج
(ارن) پنهنجي اصل روشنائيءَ سان ان وقت چمڪي
سگهندو جڏهن ڪارا ڪڪر (اڀڍڳ؟) ڇانيل هوندا. 3.
مگر، جلال ٿو چوي ته، محبوب (جي حسن) ۾ اهي جملي
شيون (پنهنجن حقيقي وصفن سان) صاف طور نظر اچن
ٿيون.
هاڻي سوال آهي ته ڪيئن انهن مخالف شين کي سهڻي
محبوب پنهنجي حسن جي معجزي سان يڪجاءِ جمع ڪيو
آهي؟ غالباً جلال جي هن ڳجهارت کي ٻيو ڪو سالڪ
ڳولي نه سگهيو، انهيءَ ڪري هن پنهنجي هيٺين بيت ۾
انهيءَ راز کي ذرا وڌيڪ واضح ڪيو ته(1).
1. اهو جتهين آه، ماري ڀي ان ماڳ تي:
2. سپ سري ڀر مور جي، سو ڀي سرس سوا(1)،
3. هاٿي شرطان شير جي(2)،
لوڏئون ڪين لکاءِ،
4. سج ڪناري جهڙ جي بيٺو پاڻ پساءِ(3)،
5. سي نس دن دائم دوست سين(4)،
رچي رنگ رتاءِ،
6. اهي جنگ مڙيئي هڪ جاءِ(5)،
آهن جانب ساڻ جلال چئي.
يعني ته 1. جتي هرڻ (محبوب جون سهڻيون اکيون) آهي،
ماري (پنبڻين جا تير) به بلڪل انهيءَ ساڳئي جاءِ
تي موجود آهي. 2. نانگ (محبوب جا ڪارا وار) مور
(محبوب جي ڳچي) سان لاڳيتو بنا ڊپ جي سرس ۽ سوايو
ٿي پيو سري، 3. هاٿي (محبوب جي سهڻي رفتار) شينهن
(محبوب جي سنهي چيلهه) سان شرط هڻڻ سببان پنهنجي
سهڻي لوڏ ۾ ذري جيترو به ڪونه ٿو لکائي (يعني ته
شينهن کان ڊڄي ڀڄي ڪونه ٿو). 4. سج (محبوب جو سهڻو
منهن) ڪارن ڪڪرن (محبوب جا ڪارا وار جي منهن جي
ٻنهي طرفان لٽڪيل) جي ڪناري سان لاڳيتو پيو چڪمي،
5. اهي جملي شيون رات ڏينهن (نس دن)، بلڪ هر هميشہ
سهڻي سڄڻ سان گڏ هجڻ ڪري سندس رنگ ۾ رچي لال ٿيون
آهن، 6. جلال ٿو چوي ته، اهي سڀيئي زوراور (جي هڪ
ٻئي جا مخالف آهن)، سهڻي محبوب (جي حسن جي معجزي)
ساڻ يڪجاءِ جمع ٿي گڏ گذاري رهيا آهن.
6. محبوب جي لاثاني حسن جو تخيل:
هندي ’سنگاررس‘ شاعريءَ ۾ محبوب جي حسن جو تخيل
اڃا ابتدائي منزل تي هو، ۽ حسن جي تعريف ۽ تشريح
تشبيهات جي دائري ۾ بند هئي. ٻيو ته اهو تشبيهات
جو دائرو پڻ انهيءَ ابتدائي منزل تي نسبتاً محدود
هو. سنڌي سينگار شاعريءَ جي استادن نه صرف تشبيهن
۽ تمثيلن جي دنيا ۾ هڪ وڏي وسعت پيدا ڪئي، مگر
محبوب جي معياري حسن کي اصولا لاثاني تسليم ڪري،
تشبيهات ۽ تمثيلات واري روايتي مضمون کان قدم اڳتي
وڌايائون، ۽ هي نقطو نروار ڪيائون ته سهڻي محبوب
جي معياري حسن جي بي بها وصفن جي ڀيٽ ۾ جاندار ۽
پکي، گل ۽ ميوا، سج ۽ چنڊ، تارا ۽ ڪتيون، بادل ۽
بجليون ڪابه حيثيت ئي نٿا رکن. جئن ته لاثاني
محبوب جو حسن بي مثال آهي، انهيءَ ڪري محبوب جي
سهڻين وصفن کي انهن شين سان ڪهڙي تشبيهه ڏبي! بقول
ڀٽائي صاحب ”سپيريان جي سونهن جو نڪو قد نه مد“.
جو حسن بي مثال آهي تنهنجو ڪهڙو مثال ٿيندو! جا
سونهن بي نظير آهي تنهن جو ڪهڙو نظير ٿيندو! جا
صورت لاجواب آهي تنهن جو ڪهڙو جواب ٿيندو! دنيا
جون جملي سهڻيون شيون محبوب جي معياري حسن کان نه
صرف متاثر آهن بلڪ ان جون سلامي آهن.
جلال:
حضرت جلال پنهنجي بيتن ۾ غالباً پهريون دفعو محبوب
جي بي مثال حسن جو تخيل پيش ڪيو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ٻِن
جملي شين کي سهڻي سڄڻ جي غلاميءَ ۽ سلاميءَ جي
لائق ڄاڻايو. سندس اڪثر بيتن ۾ هيءُ خيال عام طور
سمايل آهي. هت نموني طور سندس ٻه بيت ڏجن ٿا، جن
مان پهريون بيت جلال جي انوکي ۽ ڳوڙهي اسلوب بيان
جو هڪ بهترين مثال آهي.
(1)
1. پهه رپ پاڄي پر جو، نس رپ راس نه روءِ،
2. ال- رپ ادب ۾ اُڀا، اُن رپ آب نه اُوءِ،
3. ڦن رپ ڦور ڦٽي ڪئي، سُت رپ سانگ نه موءِ،
4. ڪنجل جو رپ ڪارڌو! مئنڊڪ جو رپ موءِ!!
5. آگم- رپ نه اُگمي، ڪنڪن اچي نه ڪوءِ،
6. هڪ تنهنجو جلوو جوءِ، ٻيو جلوو ناهه جلال چئي.
يعني ته 1. (پهه
= ماڪ. رپ
=
آفت. پهه رپ
=
ماڪ جي آفت
= سج جو پنهنجي گرمي سان ماڪ کي سڪائي ڇڏي. نس
= ڪاري رات. رپ
=
آفت. نس رپ
=
ڪاري رات جي آفت
= چنڊ جو رات جي اونداهيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏي.) سج باوجود سندس
تيز روشني جي محبوب جي حسن جي تجلي جي ڀيٽ ۾ گهڻو
گهٽ آهي، ۽ انهيءَ ڪري پرينءَ جو پازي ۽ خذمتگار
آهي، ۽ چنڊ ته محبوب جي حسين منهن (روءِ) جي
برابريءَ ۾ ئي ناهي. 2. محبوب جي سهڻي نازڪ ۽
مهڪندڙ چهري کي ڏسي ڪنول گل (ال رپ
=
ڀونئر جي آفت
=
ڪنول گل جنهن ۾ ڀونئر ويهي ته مٿان ٻوٽجي وڃي) ادب
۾ بيٺل آهن، ۽ سندس ڳوري ٻهڪندڙ رنگ جي ڀيٽ ۾ باهه
(اُن رپ
=
اُن جي آفت جا اُن کي ساڙي بسم ڪري ڇڏي) کي اهو
پنهنجو آب ۽ تاب نه رهيو آهي، يا باهه کي محبوب جي
حسن وارو آب ۽ تاب نه آهي. 3. ان نازڪ خرام دلبر
جي سهڻي ٽور کي ڏسي هڪ طرف مور (ڦن رپ
= نانگ جي آفت
=
مور جو نانگ کي ماري) پنهنجو ناز ڀريو ناچ ختم
ڪيو، ته ٻئي طرف هنجهه (ست رپ
= موتي جي آفت
=
هنجهه جو موتي چڳي) محبوب سامهون (سو) هلي اچڻ
(سانگ سانگي اچڻ) يا عجب ناز انداز ۽ ويس ورن سان
بنجي نڪرڻ (سانگ ڪرڻ) ڇڏي ڏنو. 4. (محبوب جي سنهي
باريڪ ڪمر سان) هاٿي (ڪنجل) جي ماريندڙ (رپ) يعني
شينهن (ڪارڌو) جي سنهي چيلهه ڇا لڳي! ۽ محبوب جي
ڪارن وارن (موءِ) سان ڏيڏر (مئنڊڪ) جي ماريندڙ
(رپ) يعني ڪاري نانگ جي ڇا مجال آهي جو برابري
ڪري!! 5. سهڻي سڄڻ جي گوناگون سينگارن يا حسن جي
رنگينين کي ڏسي انڊلٺ (آگم رپ
=
جهڙ جي آفت
= يعني انڊلٺ جا اڪثر مينهن جي پڇاڙيءَ ۾ جهڙ ڇڄڻ ۽ سج نڪرڻ وقت
ظاهر ٿئي) به نڪري نروار نه ٿئي (نه اگمي
=
اڀري، نه اُسري)، ۽ محبوب جي منهن ۽ بدن جي لالائي
کي ڏسي سون (ڪنڪن) سندس گهٽيءَ (ڪوءِ يا عام بازار
۾ ئي نه اچي. 6. جلال ٿو چوي ته، محض تنهن سهڻي
محبوب جي (يا اي محبوب! محض تنهنجو) حسن جو جلوو
ئي دنيا (جوءِ
=
اصطلاحا، سر زمين، دنيا) ۾ ڪار فرما آهي ۽ ٻيو ڪو
حسن آهي ئي ڪونه.
هيٺين بيت ۾ جلال ذرا زياده عام فهم اسلوب بيان ۾
ساڳيو نقطو نروار ڪيو آهي ته(1):
1. ڪونئر ڪرائين ڪا، پيرين رونق پي جي!
2. خوبيءَ طير خروس جا، ڇا پڳ برابر يا!
3. ارتي، آبي، عود، اگر، اگن نه اهڙي آ،
4. سنکر سهميو ساه ۾، شير سنگيو شرما،
5. منڇرن ميم مشاهدي، ڇيهل ايندو ڇا!
6. چترڪ چين چريا ڪئا، ڪوئل ڪيل ڪمال،
7. ٻيو ڪو رنگ روا، اڳيان جانب روءِ جلال چئي!
يعني ته: 1. سهڻي محبوب (پي) جي نرم سهڻين ڪراين
جي ڪا نزاڪت آهي، ۽ سندس پيرن جي لالائيءَ جي ڪا
رونق آهي!! 2. ٻانگي (خروس) قسم جي پکي (يعني مور)
جي پيرن جي سهڻائيءَ (خوبيءَ پا)، يعني سهڻي ٽور،
ڪا محبوب جي قدم (پڳ) جو مٽ آهي! 3. ’ارتي‘ ۽
’ابي‘ گل، عود ۽ اڳر جي خوسبوءِ، توڙي باه (اگن)
جو چمڪو ۽ لالئي آهي مڙيئي محبوب (جي عضون ۽
اندامن جي مختلف سهڻين وصفن) جهڙيون نه آهن. 4.
سندس سهڻي ٽور کي ڏسي هاٿي (سنکر) هڪ طرف ساه
سڪائي هٽي ويو، ته ٻئي طرف وري سندس باريڪ ڪمر کي
ڏسي شينهن شرم وچان لرزي ٿو. 5. مڇيون محبوب جي
’ميم‘ حرف جي گهيري جهڙي ننڍڙي وات کي ڏسڻ ۾ حيران
آهن، (۽ سندس اکين جي ڏيا جي سامهون) هرڻ (ڇيهل)
ڪهڙي پيش قدمي ڪندو! 6. سندس مٺي گفتار هڪ طرف
چنڊول پکي (چترڪ) جو چين ۽ آرام پٽائي ڇڏيو آهي ته
ٻئي طرف ڪوئل ۽ چتون (ڪيل) ساڳيءَ طرح (ع. ڪما
=
اهڙيءَ طرح) حيران پريشان آهن. 7. جلال ٿو چوي ته،
محبوب جي منهن جي سهڻي لال ڳوري رنگ جي آڏو ٻئي
ڪنهن رنگ جي ڀيٽ به ڪا روا آهي!
هيٺ اسان انهن شاعرن جا بيت نموني طور قلمبند
ڪريون ٿا، جن جلال جي نقش قدم تي هلي، سهڻي لاثاني
محبوب جي حسن کي ٻين مڙني شين جي سهڻين وصفن کان
مٿاهون ڪري مڃيو، ۽ انهيءَ مرڪزي خيال کي ئي
پنهنجي بيتن ۾ پيش ڪيو.
(الف) محبوب جو حسن مڙني عام مروج تشبيهن کان
مٿاهون:
نواز، سليمان، انڙ ڪنڀار، ۽ دوس محمد جا نالا خاص
طرح قابل زڪر آهن جو انهن جلال جي نقس قدم تي هلي،
لاثاني محبوب جي حسن کي عام مروج تشبيهن کي اعليٰ
۽ اڳرو ثابت ڪيو. ’سينگار شاعريءَ‘ جي روايتي
مضمون ۾ خصوصاً جاندارن (هرڻ، هاٿي، شينهن، نانگ،
ڀونئر، مينهن وساڙو جيت وغيره)، پکين (مور، هنجهه،
چيهو، ڪونج، ڪوئل، چتون، پاريهل وغيره)، ميون
(ڏاڙهون، ڪيلو)، گلن ۽ ڪائنات جي ڪن ٻين عام شين
جي سهڻين وصفن جون محبوب جي حسن جي مختلف سهڻين
وصفن سان تشبيهون عام مروج هيون، هنن شاعرن انهن
مڙني عام مروج تشبيهن کان محبوب جي حسن کي مٿاهون
ڪري پيش ڪيو.
نواز:- نواز پنهنجي هيٺين ننڍي مگر موءثر بيت ۾
هاٿي (ڪانجل)، شينهن (قيصر)، مور (طائوس)، هرڻ
(مرگهه) توڙي سج (آفتاب) کي محبوب جي حسن جي ڀيٽ ۾
هيچ ڪري ڄاڻايو ته:-
ڪنجل، قيصر ڪنبئا، ٿا طائوس ترڪ،
نيڻن کان، نواز چئي، ڇڏيو مرگهه مرڪ،
آفتاب عرق، ڪئو محسن منهن محبوب جي.
سليمان:- سليمان پنهنجن هيٺين ٻن نهايت ئي سهڻن ۽
فصيح بيتن مان پهرئين ۾ عام مشابهه شين کي محبوب
جي حسن جي مقابلي ۾ گهٽ ثابت ڪيو آهي، ۽ ٻئي ۾ خاص
طرح ياقوتن ۽ جواهرن کي هيچ ڄاڻايو آهي:
(1)
1. جبهين گام گلال، ساجن کڻي سبيل مان،
2. هاٿي، هنجهه حيران ٿيا، دم تنهين در حال،
3. آئنگي کان(2)
عجيب جو، آ قابو ڪر ڪمال،
4. لئون لئون سينڌ صفا گهڻو، لب لائيءَ کان لال،
5. آهو عينن کي ڏسي، پيو ڪرمش منجهه ڪنگال(3)،
6. رو ڪنچن(1)،
ماه، ڪنگور ون، ناهن جوڙ جمال،
7. آهه ڪارو(2)،
اودي تڳي، ته ڪي موءِ مثال!
8. قد قامت ڪهڙا پرين، صنوبر کان سال!
9. تن جي نام نهال، ڪئو هيءُ سر سليمان چئي.
(3)
1. هو جو پيتم سر پگهار، تنهن ياقوتن کي ياف ڪئو:
2. نڪري رخسارن تي، احمر، ٿيا اظهار،
3. آءُ جوڀن جا جوهري، تون نرتون ڪر نهار،
4. طرح تماشو تان ڏس، ويهي تون وينجهار،
5. هڪ اڳ ساجن سان سينگار، ٻي وڏي جوت جڙاو کي.
(انڙ):
انڙ ذات جي نامعلوم شاعر، محبوب جي لاثاني حسن کي
هن طرح ڳايو آهي ته:
1. اوهر کئون اونها پرين، آ جيءُ تنين سان جال،
2. هرنو نه هيسي تن جو، وڌ آهوءَ کوءن اقبال،
3. ميس نه موافق سپرين، هن لاکئون چڱا لال،
4. انهن جي، ”انڙ“ چوي، ڪج صفت سوائي سال،
5. تنهن ماکيءَ ڇا مجال، جو ميٺ پريان جي مٽ ٿئي.
(ڪنڀار):
ڪنڀر ذات جي نامعلوم شاعر، محبوب جي بي مثال حسن
کي هن طرح واکاڻيو آهي ته:
سرها سر کنڊ ۾ ڪيا، ترني لوئي تل،
2. لوڏ ڪنجل جي ڪم ٿي، چال پسي چئنچل،
3. مورن مرڪڻ ڇڏيو، ڪا جا پئڙن ڪل،
4. قريبن، ”ڪنڀار“ چوي، درس وکايا دل،
5. تنهين ماڳ مهل، ٿي سرهائي ساه کي.
دوس محمد: دوس محمد لس ٻيلي يا ملير جي طرف جو
سگهڙ شاعر هو جو ’سنڌي سينگار شاعريءَ‘ جي نسبتاً
پوئين گروهه جي شاعرن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سينگار
شاعريءَ جي اصطلاحن ۽ محاورن جي پوري واقفيت ۽
زبان تي ملڪي سببان هن نه فقط سينگار شاعريءَ جي
عنوانن کي نهايت ئي سهڻي نموني ۾ نباهيو، مگر هن
مشڪل فن ۾ نسبتاً جملي ٻين شاعرن کان ڊگهي ۾ ڊگها
بيت چيا. هيٺين بيتن ۾ هن ’سينگار شاعريءَ‘ جي
اڪثر مروج تشبيهن جو جائزو وٺي، مڙني مشابهه شين
کان محبوب جي حسن کي بلند ۽ بالاتر ثابت ڪيو آهي.
(1)
1. سونهن سخاوت شان، سڀ ڳڻ لائق سپرين،
2. چيهان چرن چڱان گهڻو، پاريوُر پَڳ پا نه،
3. سڄڻ سوڌا سرو کان، ڪيهر ڪٺ ڪسلان،
4. ڪنجل هنجهه ڪنبي ويا، چال برابر چان نه،
5. ديهي ان جي ڌم ڇپائي، شمس قمر شَمدان،
6.
ڪم ڪنچن اگن عجيب اڳيئون، مات ٿيا مرجان،
7.
اُلڊهان انگ عجائب اڳرا، ريشم ڪرمچ ڪل قربنا،
8.
وڌ ڪيلان ڪر ڪرائيون، ڌئا دست ديا جي دان،
9.
ڏسي قائم ڪر قريب جو، ويا آئنگي جا اوسان،
10.
ڪوئل ڪونج ڪڇي نهين لفظ نه ڪنهن لسان،
11.
لبن لالي لعل کان ڇا رونق رنگ رُمان!
12.
هيرا حيرت ۾ وڌا ڏوڏر دڇن دهان،
13.
سالڪ سال سڀين پرين صورت سُرت سُبحان،
14. دوس مٺا، ”دوس محمد“ چئي، تلخ تنهين وٽ تا نه،
15.
روءِ رمز پسي رخسارن جي، ٿيا هنڊوا هنڌ حيران،
16.
چيهون چِڀ چريا ڪيا، ڀونر ڀرن بيران،
17.
ڪئونتر نيف نمائيا، اليهر ۾ ارمان،
18. ساجن جي سينگار جا، بيحد باب بيان،
19. ڪا مٽ تنهنجي ڪانه، جنس جُڙي ٻي جوڙ ڪا.
(2)
1.
ترنگهن تليهر، ابرن ڀونر عرق ڪئا،
2.
آهي نيف عجيب جو، ڪنا ڪيل ڪثر،
3.
نينن مرگهه نمائيا، فوڳان وڌ فوڳر،
4.
لبن لالي لعل کان، ارنا ات اڌر،
5.
ديکيي دند دهان ۾، ڏري پيا ڏوڏر،
6.
ڪوئل وائي ڪم ڪي انهيءَ جي ائنچر،
7.
ماکئان مصرائان مٺا گهڻو، سهان ڳاٽ سکر،
8.
ڪيلان ڪر ڪرائيون، دست چڱا دلبر،
9.
پسي آنگشتيون عجيب جون جهپئا سڀ جنوهر،
10.
تنهنجي ديهي ڌم ڇپائي عرشين منجهه اپر،
11.
قيصر ڪٺ ڪنبائيو، گئي گت گنير،
12.
چرن چڱا وڌ چوڙ کان، پڳ کان پاريور،
13. تنهن جون ڏسي جانب جي اچي نايو ڪنڌ قمر،
14. صورت سپيرين جي ٿي آفتابان اجگر،
15. سي ديک سڄت ”دوس محمد“ چئي، تان آهن گڏ اندر،
16. نائي ڪنڌ نهار تون، ٻئا ڇو دوئين در،
17. رک سو نافع منجهه نظر، ته منجهان تو معلوم
ٿئي.
3
1.
ڪنجل قيصر ڪنبئا، چال چريا ڪئا چين،
2.
ديهي ڌم ڇپائي، ڇا ماه مشابت مين؟
3.
مرگهه مٽ محبوب سان ڪوئل ڪونج ڪبي نه،
4.
سي دوست مٺا، ”دوس محمد“ چئي، سالڪ سرت سنگين،
5. هلي ڏس حَسين، ڇا شمع ٻري شمدان ۾!
(ب) اسان هن کان اڳ بيان ڪري آيا آهيون، ته محبوب
جي حسن ۽ سينگار جي بيان لاءِ موزون تشبيهن جي
تلاش کي سنڌ جي سُڄاڻ شاعرن نه صرف زمين ۽ هوا جي
جاندارن وغيره. شين تائين محدود رکيو، مگر سندس
تخيل جي پرواز جهڙ بادلن، پينگهن ۽ کنوڻين واري
فضا کي به هيٺ ڇڏي مٿي آسمان جي جنسارن يعني ته سج
۽ چنڊ، نکٽن ۽ ستارن تائين پهتي. ’سينگار‘ جي
روايتي مضمون موجب سنڌ جي استاد شاعرن سڄڻ جي
سونهن کي سج، چنڊ، تارن ۽ ستارن جي تشبيهن ذريعي
به نهايت سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو، مگر محبوب جي
’لاثاني حسن‘ واري تخيل هيٺ هنن هي نقطو پڻ نروار
ڪيو ته محبوب جو حسن انهن مڙني کان مهنڊ ۽ مٿاهون
آهي. جلال پنهنجي هڪ بيت ۾ محبوب جي حسن جي جلوي
جي ڀيٽ ۾ چنڊ جو حال هن طرح بيان ڪيو ته: ”اُت قمر
ڪين ڪمائيو، ويو گڏجي منجهه غبا“. مگر هن سلسلي ۾
ڀٽائي صاحب جا هيٺيان بيت (سر کنڀات) جي سينگار
شاعريءَ جي اسلوب بيان ۾ ادا ڪيل آهن، غالباً
پهريون سڄا سارا بيت آهن جن ۾ انهن چمڪندڙ آسماني
جسمن کي محبوب جي بي مثال حسن جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ
قرار ڏنو ويو آهي
1. کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪئائون ناز نظر:
سورج شاخون جهپيون، ڪوماڻو قمر،
تارا ڪتيون تائب ٿيا ديکيندي دلبر،
جهڪو ٿين جوهر، جانب جي جمال سين.
2. چوڏهينءَ چنڊ تون اڀرين، سهسين ڪرين سينگار:
پلڪ پريان جي نه پڙين جي حيلا ڪرين هزار،
تون جهڙو سڀ ڄمار، تهڙو هڪ دم دوست جو (سرکنڀات)
ان بعد ’سينگار شاعريءَ‘ جي استاد شاعرن مان ڪبير
شاهه پنهنجي هڪ بيت ۾ اهڃاڻ ”نواڙو تنهن نرمل کي
پوڄي ٿو پرڀات.“ ٻين استاد شاعرن به پنهنجي بيتن
جي ڪن مصراعن ۾ انهيءَ تصور جي تائيد ڪئي. مگر هن
گروه جي شاعرن مان خاص طرح ڏتي کٽيءَ ۽ مينهن
وسايي مڱڻهار محبوب جي حسن جي جلوي کي آسماني جسمن
جي چمڪي کان اُتم ۽ اعليٰ ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا
سڄا سارا بيت وقف ڪيا. مثلاً:
ڏتو کٽي
ماه! مٿان محبوب جي، تون ادب سان ٿي آءُ،
تو چنڊ! ڪئي چانڊوڻي، پر هت ڪيو سائينءَ شم شماع،
متان لٽجي وڃين لڙ ۾، ڏسي تابس تاءُ،
اچي پؤ پيش پرينءَ جي، تون ڇُٽڪي وانگي واءُ،
ساجن جو سهاءُ، اٿئي اهڙيءَ ڏس ڏتو چوي.
مينهن وسايو
مٽ نه آهين محبوب جو، جي چوڏهينءَ اُڀرين چنڊ!
تنهنجي اوجر کي اُف ڪيو، محب پريان جي منڊ،
لاٿو ڪس قلب تان، عجيباڻي اُڪنڊ،
ورڇ پريان جي ونڊ، تو ’قمر‘ آ ڪوٺائيو.
(ج) سهڻي محبوب جي لاثاني حسن واري ساڳئي تخيل
هيٺ، سينگار شاعريءَ جي استادن محبوب جي نازڪ بدن،
سهڻائيءَ ۽ هٻڪار جي ڀيٽ ۾ گلن جي نزاڪت، رونق ۽
خوشبوءِ کي گهٽ قرار ڏنو. مختلف شاعرن پنهنجي بيتن
جي ڪن مصراعن ۾ هڪ ٻن گل جو مثال ڏيئي هي نقطو
واضح ڪيو. مگر جانو چارڻ ۽ شيخ سائينداد جا هيٺيان
بيت هن معنيٰ ۾ هڪ جامع حيثيت رکن ٿا، جن ۾ هنن
شاعرن ڄڻ جملي گلن جي جنس کي سهڻي نازڪ محبوب جي
ڀيٽ ۾ گهٽ ڪري ڄاڻايو آهي. وضاحت خاطر گلن جي نالن
مٿان (ايڪوڻيون واڪ جون) نشانيون ڏنيون ويون آهن:
جانور چارڻ
1. ٿيا گلزار ’گلاب‘، ’جنگي‘ جوڙ وڏا ڪيا،
’هر هر‘ حسن ڏسي ڪري ٿيو ’هيمون‘ حيرت هاب،
جيءَ ۾ چوٽ ’چنبيل‘ کي، ٿيو ’شاهو‘ شوق شتاب،
تان ’خيالي‘ ڇڏيو خواب، پسڻ ساڻ پرينءَ جي.
2. آهي ’ڪلنگو‘ ڪير، جو ڪندو بحث برابرو!
’نا فرمان‘ نه ڪو ڪري، ٿيو ’فرمانيءَ‘ ۾ ڦير،
’دوسر‘ سيلو ٿو ڌري پرين جڏهن ني پير،
اٺ ڏهه دفعا عطر کئون سرهو سرهو سير،
تان ’بخمل‘ ڇڏيو ڀير، لالائي ’لالا‘ ڏسي.
3. ’بدهر‘ باسي باس، ’سورج‘’گوشا‘ سير جا،
سوڀي ساجن کي سڪي پاڻ اتيئي ’پاس‘،
’ڪرنائي‘ پيو ’ڪيتڪي‘ وهسي وساري واس،
’ارنا‘’اما‘’آڙمان‘ عاجز ’املداس‘،
ناز ڏياري ’ناز بوءُ‘’ناسگ‘’ناسو ناس‘،
انهيءَ جي اخلاص، کڻي من تن متوالو ڪيو.
4. کليا باغ ’بهار‘، پسي بوند ’بنست‘ جي،
’شونقي‘ ۾ شاخان ٿيون ’کجوري‘ کلهار،
بيٺا ’لال‘ گلال ٿي ’ارنائي‘ به ’انار‘،
’چوگردي‘ ۾ ’چاندنن‘ ڪيا گل ’گوني‘ گلزار،
جڏهن ساجن هليو سير تي پير وجهي پيزار،
تڏهن سڀڪو بيٺو سهمجهي، عاجز ۾ ختيار،
هوءَ جا عينن منجهه عجيب جي لالائيءَ جا لار،
تنهن ڏورئون ٿي ڏهڪاريا، ’سورج‘ جا سينگار،
تان ’هرنو‘ ڀي هيڪار، اچي محب اڳيئون پيو موءِ تي.
5. صورت منهن محبوب جي ’جامو جم‘ ڪياس(1)،
تارا جي ’تورام‘ جي پل نيائين پاس،
ڇا هوندو گل ’ڪيتڪي‘، ڇا هي ’چندن‘ چاس!
ڇا هي ’جنگي‘ جوت ۾، ڇا هي گل ’گلاس‘!
ڇا گل ’سورج‘’سورتي‘ ڇا ’مهتاب‘’مجاس‘!(2)
ڇا هي گل ’گلاب‘ جو، ڇا ’موتيو‘ ڇا ’رابيلو‘ راس(3)،
ڇا گل ’خيالي‘ خيال ۾، ڇا هي ’طهر‘ تپاس،
لک واري گل ’لال‘ کي، جوڙيون جوڙ اُتاس،
’جليلي‘، جانو چوي، ’آنوپر‘ ان راس(4)،
’تاب‘ نه تاب جهلي سگهي، ڏيون ’تور‘’تپاس‘،
توڙي اڏامي آڪاس، تان ڀي ڪندو ڪونه برابرو.
شيخ سائينداد پنهنجي هيٺين بيت(1)
جي شروع ۾ اهڃاڻ ڏنو آهي ته، جو محبوب سڀني وصفين
سهڻو آهي تنهن جي حسن جي بهار ۾ گل گل جي ذات واري
وصف سمايل آهي، آخر ۾ اها گواهي ڏني اٿس ته توڙي
کڻي هزار گلن جا هجن ته به سهڻي سڄڻ جي سونهن سان
اهي هڪ وار جي ويهين ڀاڱي جيتري برابري به نٿا ڪري
سگهن:
چست گني چئنچل پرين، تنهن وٽ گن جا باغ بهار ميان
گل ’ڦل‘ گل ’ڪيتڪي‘، ٻيا کڙن ’کٽڻهار‘ ميان،
گل ’ايلاچان‘، گل ’سورتي‘ بهوت چڱا بسيار ميان،
گل ’ڪوپ‘، گل ’ڪيوڙا‘، رنگ ’چمن‘ رنگدار ميان،
گل ’لالا‘، گل ’گلابي‘، گل ’دائودي‘ دلدار ميان،
گل ’جاءِ‘، گل ’جافر‘، ٻيا گل وڏا گلزار ميان،
گل ’ڪيسر‘، گل ’قيمتي‘، گل ’عشق پيچ‘’انار‘ ميان،
گل ’ريحاني‘، گل ’سورجا‘، گل چڱا ’چنار‘ ميان،
گل ’سبزي‘ گل ’ارزن‘، گل ’چوگردا‘ چوڌار ميان،
گل ’چندن‘، گل ’جاوٽي‘، گل ’ابيض‘ ئي اپار ميان،
گل ’ڪرني‘، گل ’ڪچنا‘، گل ’زيتون‘ زينتدار ميان،
پر ڇا گل ڦل، غلام حسين چئي، جيتوڻي هون هزار
ميان،
تان ڪونهي مٽ محبوب جو، اُن مان ويهه پڻ ڀاڱي وار
ميان،
شمس قمر شرمائيا، پسي دلبر جا ديدار ميان،
حورون پريون پيمان ٿيون، ڏسي ساجن جا سينگار ميان،
ڪڏهن وسرنم ڪينڪي، سي ڪامل ڪنڪن هار ميان،
جهڙس ڪونهي جڳ ۾، ايهو قسم ڪريان ڪلتار ميان،
اي محب پرين منٺار ميان! تنهنجي سڀ جلوي جهڙپ
جهپائيا.
7. تصوف جو اثر ۽ حقيقي محبوب جو تخيل:
جهڙيءَ طرح سڄي هندوستان لاءِ سنڌ اسلام جو پهريون
دروازو بني، اهڙيءَ طرح اڳتي هلي سنڌ جي سرزمين
اسلامي تصوف جو پڻ مکيه مرڪز بني. سڀ کان اول
’سهروردي‘ طريقو سنڌ مان ئي هندوستان طرف پکڙيو، ۽
ان بعد ’قادري‘ توڙي ’نقشبندي‘ طريقي جا وڏا درويش
۽ روحاني رهبر سنڌ ۾ پيدا ٿيا جن ملڪ کي پنهنجي
فيض سان مالا مال ڪيو. سنڌ جي انهن خداشناس بزرگن
پنهنجي علمي توڙي عملي تبليغ ذريعي هتي جي رهاڪن
کي توحيد ۽ حق پرستيءَ جو سبق ڏيئي سندن دلين کي
هڪ موليٰ ڏانهن متوجهه ڪيو، تان جو هر ننڍو توڙي
وڏو سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح توحيد جو طالب بنجي ويو ۽
هر هڪ کي الاهي عشق جي ٿوري ڪي گهڻي ورڇ نصيب ٿي.
انهيءَ فيض جوئي اثر هو جو سنڌ ۾ ’شاعري‘ شروع کان
ئي محض انهيءَ الاهي عشق ۽ محبت جي تبليغ جو هڪ
ذريعو بني، ۽ ’شاعري‘ ۽ ’درويشي‘ ٻئي لازم ملزوم
جُز بنجي ويا. جيڪڏهن ڪو شاعر هو ته ساڳئي وقت
درويش به هو، ۽ هر صوفي درويش، تصوف جي اصولي
نظريي موجب ’مجاز‘ کي ’حقيقت‘ جي پل تسليم ڪري،
انسان جي محبت واري فطري جذبي کي بالاخر هڪ موليٰ
ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مشغول هو.
جڏهن سنڌ ۾ شاعريءَ جي شروعات ٿي تڏهن اهو اعتقاد
عام ٿي چڪو هو ته حقيقي محبوب اهو خالق آهي جنهن
انسان کي حسين بنائي خلقيو، ۽ انسانن ۾ انسان ڪامل
۽ موليٰ جو سهڻي ۾ سهڻو محبوب نبي صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جي معياري حسن واري عقيدي ۽ تخيل کان
متاثر ٿي، سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ مجازي حسن جي
تعريف جو رخ به انهيءَ حقيقي ۽ معياري حسن ڏانهن
موڙيو. هندي ’سنگار رس‘ شاعري محض مجازي دائري ۾
محدود هئي، مگر سنڌي سينگار شاعري مجازي منزل طئي
ڪري حقيقت ڏانهن مائل ٿي. ’سنڌي سينگار‘ جي اڪثر
شاعرن، بطور آخري مقصد جي، نبي صلي الله عليہ وآلہ
وسلم کي پنهنجو حقيقي محبوب ڪري ڄاتو، ۽ نبي صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جي سونهن کي ئي معياري حسن
ڪري مڃيائون. انهيءَ نظريي ۽ خيال جي زير اثر ’فن
سينگار‘ کي عام طور ’ نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جو سينگار‘ ڪري تلسيم ڪيو ويو. اڄ تائين سنڌ جي
سگهڙن وٽ ’سينگار‘ جي تعريف ’ نبي صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جو سينگار‘ آهي، يعني اهي بيت جن ۾ نبي
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي معياري حسن کي مجازي
رنگ ۾ ڳائجي.
سنڌي سينگار شاعريءَ جي هنرمند شاعرن ۽ سجاڳ سگهڙن
جو اهو نظريو مجموعي طور صحيح آهي. ڪن شاعرن جا
بيت بيشڪ خالص مجازي رنگ ۾ چيل آهن، مگر سنڌي
سينگار شاعريءَ جي هر نامور شاعر مجازي حسن جي
تعريف جو رخ بالاخر انهيءَ حقيقي محبوب ڏانهن
موڙيو آهي. محبوب جي بي مثال ۽ لاثاني حسن وارو
نظريو، جنهن کي مٿي بيان ڪيو ويو آهي، سو حقيقي
محبوب جي حسن جي تخيل جي پيدا وار آهي. سنڌي
سينگار شاعريءَ جو پهريون بلند شاعر جلال نبي صلي
الله عليہ وآلہ وسلم تي عاشق هو، ۽ انهيءَ ڪري هن
پنهنجي هر بيت ۾ اهڃاڻ ڏنو آهي، ته سندس محبوب جو
حسن مڙني کان مٿاهون آهي: ”انهان دور دراز، منهنجا
جانب وڌو جلال چئي“، ڀٽائي صاحب به انهيءَ حقيقي
محبوب جي حسن کي واکاڻيندي چوي ٿو ته ”سپريان جي
سونهن جو نڪو قد نه مد“. غور ڪبو ته مجموعي طور
سان سينگار جي اڪثر بيتن ۾ مجازي حسن جي تعريف جي
ماتحت انهيءَ نظريي جا اهڃاڻ نظر ايندا. مجازي حسن
جي تعريف کي بالآخر حقيقت ڏانهن موڙڻ جو بهترين
مثال شاعر دوس محمد جي هيٺين لاڳيتن بيتن ۾ ملي
ٿو، جن کي نقل ڪري اسان هن مضمون کي ختم ڪريون ٿا:
1
1. سڀ ڪنهن ويل سڄڻ جو خاصو خوب خيال،
2. شان سخاوت اڳرا قائم زور ڪمال،
3. صورت، سرت، شبيهه ۾ ڪونهي ماهه مثال،
4. درسن ۾، ”دوس محمد“ چئي، جانب وڌ جمال،
5. تنهن سان لڳي لالي ڪانه ڪا، سو لعلون ئي لال،
6. تنهن نظر ساڻ نهال، منهنجو من مهتاب ڪئو.
2
1. سڀڪنهن ويل سڄڻ جو اوچو ني اغماز،
2. قمر، شمس قريب کي نيو ڪن نياز،
3. ڀڄي پري ٿيءُ بامني! ڏس درسن دور دراز
4. ڪنجل قيصر ڪنبئا، ڪن لوڏان ڪٺ لحاظ،
5. ترڪ تليهر ڀونئر ڀرُن ڪئا، ترنگن آڏو تواض،
6. ڪرنگ، ڪئونتر ڪم پئا، هن جو حوران وڌ هجاز،
7. ساجن جي سينگار جو، ڪنهن ڪن ڪونه قواز،
8. اڳيان دلبر، ”دوس محمد“ چئي، ايءَ سڀ رنگ رواز،
9. تنهن ڏسي مک محبوب جو، ٿيو منهنجي من مجاز،
10. دل سوڙهي ويا دم ۾، جئن سو بحري باز،
11. تڏ حرف وڄيو گڏ ’هوءِ‘ سين، ساهه سنڀي ٿيو ساز
12. ’تون هي‘’تون هي‘ تن مان آيو ايء آواز،
13. ٿيو روح تنهين سين راز، جنهن پاتا پيچ پران
کي.
3
سڀ ڪنهن ويل سڄڻ جي جوت ڪري جلوا،
2. لالي تنهن لال سين ڪانه اچي ٻي ڪا،
3. سپيريان جي سونهن کي سورج ڪن ثنا،
4. صورت سون جهڪائيو، محبوبن جي ماه،
5. منهنجا دلبر، ”دوس محمد“ چئي، آهن برق ڪنا بي
با،
6. روح اچي ريلو ڪيو، تنهن ڏي عشق منجهان ارواح،
7. سو شافع شفاعت اڳرو، مير محمد شاهه (صلعم)،
8. تنهن نافع جي نگاه، منهنجو من مهتاب ڪيو.
...........................
”ادب“ جي حسن ۽ حقيقت سان وابسته هجڻ جي ڪسوٽي آهي
”سچائي“ جيڪڏهن اسان کي مواد ۽ اسلوب مان ڪنهن هڪ
کي قربان ڪرڻو پوي، ته پوءِ مواد کي اسلوب تي ئي
ترجيح ڏيڻي پوندي: ڇا لاءِ ته جو ادب زندگيءَ جي
حقيقت سان واسطو نه ٿو رکي، ۽ جيڪو انسان جي
آفاقي، بنيادي ۽ بلند حيثيت کان پري آهي، اهو بي
معنيٰ ۽ بيڪار آهي. اسان کي ان سان ڪو واسطو نه
آهي. پوءِ ڀلي ته ان ۾ ڪيتريون ئي فنڪارانا خوبيون
ڇو نه هجن! (ڊبليو بيسل ورمسفولڊ)
|