سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1955ع

مضمون

صفحو :2



 

 

”سرشار“ عقيلي

 

منهنجي محب جو ناهه ڪو مٽ، ڙي اديون،
توڙي آءٌ چري چرٻٽ، ڙي اَديون.

 

1. ڌوٻيءَ جيان مانکي، ڦرهي پڇاڙي،
سورٿا ڪن سٽ سٽ، ڙي اديون.


2. بره دکائي ٿي، ذرڙي، پرزي،
جئن کامي ڏئي جي وٽ، ڙي اديون.


3. دلڙي ڏئي، سوء سور پرايم،
اهڙي ڪا ٻي مٽ سٽ، ڙي اديون!

 

4. هوت جا پائن، پير ۾ پنهنجي،
آءٌ تنهن جتيءَ کان گهٽ، ڙي اديون.

 

5. نينهن واچوڙي، وڻ وڻ اُکوڙيو،
پاڙون پٽي پئون سٽ، ڙي اديون.

 

6. ڏاگها رڙن، سي ٿيا ماٺ مون ڀيري،
جهڙپيا جتن جهٽ پٽ، ڙي اديون.

 

7. ڄاڻين تون ڄاڻڻهار سڀوئي،
آءُ ڄام نسوري ڄٽ، ڙي اديون.

 

8. ڪلمي پاڪ تنوار ڪنديس مان،
جو قلب تان لاهي ڪٽ، ڙي اديون.

 

9. نينهن نشي ”سرشار“ نچايم،
پير نه آهيم پٽ، ڙي اديون.

 

 

علي بخش ”رضا“

چوري چاڪ، سڄڻ، دل چور ڪيئي،
ڏئي درد، ڌڪي ڇو دور ڪيئي!

 

1. هڪ سڪ ٻيو رئڻ، ٽيون نيڻ ٽمن،
اهو سور سندو دستور ڪيم،
سدا ياد رهن، هنئين منجهه هرن،
ڏاڍي مام ڏئي، مذڪور ڪيئي.

 

2. هلي واٽ وندر جي مان ووڙينديس،
اهو سور سفر جو منظور ڪيم،
سر ساهه سڄڻ تان هي گهورينديس،
ڏئي وره مٺا وهلور ڪيئي.

 

3. جيئري شال ملان، آهي آس اڃان،
اچي پيش پوان، جي قصور ڪيم،
ملي محبن سان، ”رضا“ خوش ٿي کلان،
رکي رمز سڄڻ گهائي گهور ڪيئي.

 

حسين بخش ”خادم“

هي ڪيفي ڪڪوريل، ڪنڍيون يار ڪاريون،
تو مارڻ لئي منهنجي، اي دلدار ڌاريون.

 

1. عزم ساڻ اڀري، امالڪ اچن ٿيون،
وڙهڻ لاءِ وريو وڪڙ ور وجهن ٿيون،
اسين پيا ادب سان اي نرمل نهاريون.

 

2. ڪشي قرب جا ڪان قهري هڻين وئين،
نماڻيءَ نظر سان کسي دل کڻي وئين،
دکيءَ دل کي هاڻي، ٿا دم دم ڌتاريون.

 

3. ٿيون موهن مٺا مون کي هي من موهڻيون،
نه مٽ ڪو سندن آهه، سدا سرس سهڻيون،
سوا سرمين سهڻا، سونهن ٿيون سونهاريون.

 

4. اکيون ڪيئن ”خادم“ اڙن ٿيون اکين سان،
نه هرگز هلي ٿو، ڪو حيلو هنن سان،
کٽي هاڻ قسمت، پو جيتيون يا هاريون!

 

مير محمد ”ميرل“

اسان ستل هسي، ننڊ نشي وچ،
آڪر ڪنهن جڳايا، مست بنايا!

 

1. نور دي اِڪ تجلي آئي، باه بره دي بجلي آئي،
هوش عقل وڃايا، مست بنايا.

 

2. نظر مين ڪيتي جيوين سامهون، سڄڻ کڙا ها آمهون سامهون،
درس جو ديد وکايا، مست بنايا.

 

3. دوبدو دلبر دي جڏ ٿيوسي، ڏوهه گناه دي معافي ڳڌ يوسي،
رب نون ٻهه ڪي ريجهايا، مست بنايا.

 

4. آواز آيا اڪ الستي، ڇوڙ ڏي ”ميرل“ اها تون مستي،
عاشق نام رکايا، مست بنايا.

 

طفيل احمد ”طفيل“

جت لاڻن جي ٿي ڇانگ ڇڻي، مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي.

 

1. جا لوئي لڄ جي لاهي لٽي، جا ڀونگن سان محلات مٽي،
سا ڄائي شال نه ماءُ ڄڻي: مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي.

 

2. جي سون جي تند ۽ تارن سان، مٽ ڪين ٿين جي مارن سان،
ڀل ڪيڏي ڪوئي هام هڻي، مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي.

 

3. ڏٿ ڏوٿيڙن کي ساهه سڪي، دل محلاتن ۾ ڪين ٽڪي،
هي مون تان قادر قيد کڻي، مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي.

 

4. اڏ ماڙي ڪيم ۽ ڪوٽ نه ٻڌ، جي روڪيندين ته به سال يا اڌ،
مان ٿر ڏي وينديس ٿوري گهڻي، مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي.

 

5. هت ڪوٽ ۾ مارئي ويچاري، بس آه ”طفيل“ ڏکن ماري،
تقدير جا ويٺي ڏينهن ڳڻي، مونکي پنهنجو ملڪ ملير وڻي.

 

(وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي)

مصري شاهه مرحوم

عشق سڄوئي امام، مذهب محبت عين مبارڪ!

1. سڻ خليفا، معلم خبرون، ذوق وڃايم زيرون زبرون،
پيش پري ٿيا، جزمون لام، فرحي اُن کان ٿيا سون فارق.
2. قاضي، ڪامل، ڪاتب، قاري، برهه ڇڏايم بزرگواري،
حسن هلايو حڪام، تاب انهي ڪيو تن کي تارڪ.
3. سٽ سڪڻ جي پڙهه تون ساري، ورق وهم جا سارا وساري،
آءُ ته ٻڌون احرام، طلب اٿئون تن تات تبارڪ.
4. منهن ٿيو محراب پرينءَ جو، سجدو ساب پيو ”مصريءَ“ جو،
ڀلي چون بدنام، غمزي انهيءَ ۾ ٿياسون غارق.

 

پير حسين بخش جيلاني

هن عشق جي آڙاهه، ڪئين هزار ٻهڳڻ ٻاريا،
هر دو جهان نينهن جي نشي جوڳي جنگ جياريا.

 

1. برهه باب جي عتاب، ٻيا ڪتاب ڪل وساريا،
ڪئين جوان منجهه طوفان، ڪن جا ڏيل ڪرٽ ڏاريا.

 

2. ڪربلي قرب ڪبريا، قهري قتل ڪاريا،
اُهي مير مڙيا ڪين، جن جي موڙ سر ملهاريا.

 

3. مجني مير امير تي، بر ۾ گل بهاريا،
جنهن کي ليلا هڪڙي لاڏ سان، سو سبق سور سيکاريا.

 

4. مچ عشق جي محال، ”آنا الحق“ اُجاريا،
منصور جهڙا منصف، جن سوليءَ سر سينگاريا.

 

5. چاڪ صاحب تخت جي، اسباب ڪل اُڏاريا،
جهنگ سيال جي خيال، رانجهن ڀاڻ ٻهاريا.

 

6. ”حسن بخش“ هوتن لاءِ، هي هي لڙڪ هاريا،
قربان تن جي نام تان، جن قول ”قالوءَ“ جا پاريا.

 

رمضان واڍو

بشري بيک بتا اظهار، هر قدرت دا ڪمڙا ڪيتم!

1. طور تي موسيٰ مين چڙهايا، ”لن تراني“ مين پڙهايا،

 

تجلي ڪر ڪي مين ساڙايا، آڙه ڪيتم باغ بهار،
چڙهه آسمان تي ڪپڙا سيتم!

 

2. نور نبي دا نيهن ڪيتا مين، روز ميثاق دا ڏينهن ڪيتا مين،
نوح طوفان دا مينهن ڪيتا مين، چوطرف چوڌار،
تار پاڻي اُتي ٻيڙا نيتم!

 

3. ”الانسان سري اَنا سره“، ”لا يتحرڪ ذره“ ظاهر،
”ونحن اقرب“ مين هون ماهر، ڦرڪا ڦيريم ليل نهار،

 

”موتي قبلل“، مري وت جيتم!

 

4. خوشي ميڏي غم غمي تي، سختي ميڏي نم نرمي تي،
لهه لاهوتئون آيا زمين تي، ”واڍا“ ٿي ڪي وچ وڻڪار،

 

’رمضان‘ اپنا نانءُ رک ڏيتم!

 

 

 

غلام شاهه

اٿم اميدون اڃان، پاندڙو پائينديس، پرين پرچائينديس!

1. درد ونديءَ کي دم دم دلبر، درد فراق جا دل ۾ دفتر،
ڳالهين جا ٿم ڳڃان:

ڳجهو ڳالهائينديس، ساري ته سڻائينديس.

 

2. جڏهين منهنجو جانب آيو، جنهن سان منهنجي روح جو رايو،
سرتيون اوهان کي سڃان:

کنڊون کارائينديس، وٽون به ورهائينديس.

 

3. سڄڻ هليو، ۽ مون کي منهن ٿيو، پرين ڌاران ويهڻ وهه ٿيو،
ڪين وهان، آءٌ وڃان:

وڃي ته ورائينديس، روئي ته رهائينديس.

 

4. سوين سال ٿيا، ورهين ويهان، آءٌ ته ”غلام شاهه“ راتو ڏيهان،
ڀاڃ اها ويٺي ڀڃان:

گهر گهرائينديس، گهورون ته گهمائينديس.

 

”محمد“ فقير صوفي، کٽياڻ

عشق اويڙا قدم ڪڏايا،

 

ڪيفي ڪيف ڪلال دا، ڪمال دا!

 

1. حسن هلان ڪر حڪم هلايا،
جلوا کول جمال دا! جلال دا!

 

2. قلب قتل دا قرب ڪمايا،
فالم ٿي في الحال دا! برحال دا!

 

3. صوفي ٿي سر صاف سڃاتا،
دلبا ديد دلال دا! ڌمال دا!

 

4. گم ٿي ’محمد‘ ويک تماشا،
بيسر بيک بحال دا، خيال دا!

 

”جهان شاهه“ ٿاڻو بولا خان

تنهنجا نين خماري ناز ڀريا، سي ته مفت مسافر مارن ٿا!

1. قوس صفت تنهنجا ابرو ڪارا، تير ڪشي ٿا ڪن سي وارا،
چچري ڪن ٿا، دل ”سي پارا“، ”مصحف“ منهن سي ڏيکارين ٿا!
2. کول نقاب تون نرمل سائين، ڇوٿو حجاب جي چادر پائين،
”مظهر“ ۾ وريو منهن کي لڪائين، سهڻا ته پاڻ سينگارن ٿا!
3. تنهنجا تهدل تابع عاشق، فڪر فنا ڪيا آهن فائق،
شاهه گدا سڀ تنهنجا شائق، لک طالب توڏي نهارن ٿا!
4. ”جهان شاهه“ سي آيا جاني، ماه لقا منهنجا يوسف ثاني،
من گهريا ڪري مهرباني، پت پيارل پارن ٿا!

 

زمان شاهه ”ساقي“

1. جنهن سان دل لڳي، تنهن کان ڌار ٿيڻ،
اهو جاڙ جيڻ، تنهن کان زهر پيڻ،

 

اهو ناهه مرڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟

2. دل تي دود دکن، لکين پور پون،
سوين سور سجهين، دل تان ڪين لهن،

 

اهو ناهه رئڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟

3. جنهن کي نينهن نيو، تنهن کان سڀ ويو،
مون کي ڏس ڏيو، ڏکيو پيچ پيو،

 

اهو ناهه ڦسڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟

4. ملي ماه لقا، جنهن تان آهيان فدا،
ڪيو قهر قضا، ٿيو يار جدا،

 

اهو ناهه جلڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟

5. ماندي يار مران، پکي روز پڇان،
”زمان“ مان ملان، اها آس رکان،

 

اهو ناهه سڪڻ، ٻيو ڇاهي ڙي؟

 

مرحوم محمد عالم شاهه ’عالم‘ ٽکڙائي

هليا جنگ جوڳي سي نروار نانگا،
لتاڙي لنگهيا لڪ لڪيون ۽ لانگها!

 

1. نه ٻولين ڪنهن سان، ٻڌن ڪانه ڪنهنجي،
رکن ڪانه پرواه، پرائي نه پنهنجي،

 

ڇنا سڱ سامين، سياڪا ۽ سانگا.

2. وڌئون بک بگري، کنيئون سڃ سمر لا،
رميا راه رڃ جي، ڪشي تن ڪمر لا،

 

چڙهي چوٽ ٿيئڙا ڏسڻ کان مهانگا.

3. شريعت سندا شمس، تارا طربقت،
سندا معرفت مهر، هادي حقيقت،

 

وڃي پار پهتا، تري تار تانگها.

4. اٿي ڳول ان لئي، ڳليون ڳوٺ ’عالم‘،
سونهي جن جي صحبت، سنگت صاف سالم،

 

انهن کان سکج عشق جا انگ اڙانگا.

 

گيت

”برده“ سنڌي

مستاني رت

نيهن نڀائڻ جا ڏينهن آيا،
آئي رت مستاني.....
آءُ وري تون جاني!

 

نهر ڪناري، ڪنگ تنواري، ساريائين ڪو ساٿي،
’پي پي‘ ڪري پپيهي پنهنجي، من تان مونجهه ته لاٿي،

 

ڪير چوي؟ هي ماڪ جا قطرا، لڙڪ اُداسي دل جا!
واريءَ تي هي ڇوليون ڄاپن، ڦٿڪا ڪنهن بسمل جا:

 

او شل جواني ماڻين مٺڙا!
مل آ مهل سُهاني.....
آءُ وري تون جاني!

 

سياري جي هر رات هيڪاندي، مون آ ڏسڪي ڪاٽي،
اُلڪي کان، سيرانديءَ سيري، رکان روز ڏياٽي،

 

بيهي چائنٺ وٽ چتايان، روز صبح جو راهون،
ڀير ڏسان ڪو تنهنجي ڀورل، دل مان نڪرن دانهون:

 

پر نه اڻاسيءَ جا اجهڙا تو،
اچي ڪئي احساني.....
آءُ وري تون جاني!

 

انبن ٻور جهليو، نم هاڻي ڪاڪ پن ٿي ڇاڻي،
آئي آهه بهاري، تون ڀي آءُ پرين هن ٽاڻي،

 

نيرا گل چڻن جا ناسي موريءَ جا گل مرڪن،
سنگ جهنڊولا، ڪئنرا ڪئنرا، هير تي بيٺا ڍرڪن:

 

هاءِ جيئن لهرائن پوکون،
جهومي دل ديواني....
آءُ وري تون جاني!

 

ڀيڄ ڀنيءَ جو، ڀنيءَ فضا ۾، تنهنجي ياد ستائي،
سا جهٽ ڀاڳ سهاڳ جي ڀايان لالڻ ليئڙو پائي،

 

پاسا چوريان، ۽ ڪر موڙيان، هاءِ! اچن اوٻاسيون،
عشق جو مُشڪ، ڇُلي پيو ڇپرين، ڳوٺ ڳليون سڀ واسيون،

 

سيني ساڻ لڳائي روئان،
”بردا“ نيهن نشاني....
آءُ وري تون جاني!

 

شيخ ”اياز“

تون مونکي، مان توکي ڳوليان،

 

لڪي ليئا پايان،
واجهه وجهي واجهايان!
روز ازل جون رمزون تنهنجون،
سُر ۾ ڪيئن سمايان،
ڳوڙهن ۾ ڪئن ڳايان!
سور سوين سانڍي مان تڙڦان،
توکي ڀي تڙڦايان،

 

لونءَ لونءَ منجهه لڇايان!

 

بات برهه جي ڳوڙهن- گاڏڙ،
مرڪي ڪيئن مڃايان،
سڏڪن ساڻ سڻايان!
ساري رات سڄڻ مان سوچان،
تارن کي ترسايان،
ڳالهه ڳجهي ڳالهايان!
تون چنڊ ته مان چانڊوڪي تنهنجي،
پاڇو ٿي پڇتايان،
چوء، توکي ڪئن چايان!

 

تون مون کي مان توکي ڳوليان،
لڪي ليئا پايان،
واجهه وجهي واجهايان!
هري ”دلگير“

تو ڇو دلڙي لاٿي، ساٿي!

تـو ڇو دلڙي لاٿي؟

ساٿي تنهنجا ساٿ ڇڏي ويا، تون ئي اڪيلو ڪاهه،
ويل آويل ڏسين ٿو ڇا لاءِ، سانجهه سويلو ڪاهه،

 

هِن هُن جي پرواهه ڪرين ڇو؟

ناداني داناءَ ڪرين ڇو؟

ويو اڄ توکي ڇا ٿي، ساٿي!

تو ڇو دلڙي لاٿي؟

ڪنڊا جي رستي ۾ ايندا، پيرن هيٺ لتاڙي هل،
پربت جي روڪين ٿا راهي، تن کي چيري ڦاڙي هل،

 

ڌرتيءَ کي گلزار ڪري ڇڏ،

خوشبو سان سنسار ڀري ڇڏ،

سرڳ پوي دنيا ٿي، ساٿي!

تو ڇو دلڙي لاٿي؟

رستو ڪارو، ٻاٽ انڌارو، آشا جوت جڳاءِ
پنهنجي لاءِ ۽ جڳ جي لاءِ پڻ روشن راهه بڻاءِ،

 

سو سج تنهنجي راهه تڪيندا،

مــــــــــــاڻهو توڏي ڊوڙي ايندا،

سڀ پوندا تنهنجا ٿي، ساٿي! تو ڇو دلڙي لاٿي؟

 

”نياز“ همايوني

ڀيڃ ڀني رات پُني، تون نه آئين دادلا!
هيج ٽٽي آس رني، تون نه آئين دادلا!

 

تو بنا منهنجا پرين، هو منهنجي ڪاڻ هڳاء،
هيڪلائيءَ هانءُ کاڌو، سڃ وڃايم، ساک،
گهات وڌم گهاء، مونجهه مانارا ڪيا:
سيج سڃي، ننڊ ڊني، تون نه آئين دادلا!

 

سانگ ساٿي ڪين ٿين، وندر لئي وڦلي رهيس،
گود ۾ گوندر نپائي، تانگهه ۾ اهلي رهيس،
دانهن مان دهلي رهيس، آهه اکيرا ڪيا:
ماڪ اُٺي ميس مٺي، تون نه آئين دادلا!

 

ساهه سيبانا الا، ڇو نه آئين ڇا ٿيئي؟
ڪنهن پڇايو پنڌ تنهنجو، ڪنهن مسايئي ڪنهن جهليئي؟
پاڻ ڇو مونکان پليئي، وهم واهيرا ڪيا:
لڙڪ کليا، مرڪ رني، تون نه آئين دادلا!

 

هيج ٽٽي آس رني، تون نه آئين دادلا!
ڀيج ڀني رات پني، تون نه ائين دادلا!

 

”تنوير“ عباسي

صبح نه آهي دور، ساٿي!

صبح نه آهي دور.

لنبي رات وهامي ويندي، دک جي آگ اجهامي ويندي،

 

آس نه لاٿي، جي تو ساٿي!

اونده مان ئي باکون ڦٽنديون، ڪاريون راتيون نيٺ ته کٽنديون،

 

ڇو ٿو وڃين وهلور، ساٿي!

صبح نه آهي دور.

رات ٿي پنهنجو دم ٻوساٽي، اونداهين جو هانء ٿو ڦاٽي،
ڪارن پردن مان پرڀاتيون، اوڀر کان ٿيون پائن جهاتيون،

 

صبح ٿئي ٿو، نور وسي ٿو،

ڄاڻ لٿا هي سور، ساٿي!

صبح نه آهي دور.

ڏس ته شفق مان صبح سڀاڳو، ڪر موڙي آ ننڊ مان جاڳي،

 

صبح جو پهريون پهريون ڪرڻو،

اونداهيءَ جا پردا چيري، وڌندو اچي ٿو ڌيري ڌيري،

 

ڄاڻ وسي ٿو نور، ساٿي!

صبح نه آهي دور.

اچ ته رفيقن کي جاڳايون، صبح سان گڏجي جوت جلايون،

 

منهنجا سنگتي، منهنجا ساٿي!

آءُ ته ڳايون گيت سحر جا، اچ ته ڪريون دنيا ۾، اُجالا،

 

ٿيندا هي دک دور، ساٿي!

صبح نه آهي دور.

 

”بشير“ مورياڻي

نيڻن نير وهايو تو بن نيڻن نير وهايو،
تنهنجي ياد ستايو هردم، تنهنجي ياد ستايو!

 

دل ۾ تنهنجو رنگ روپ ۽ صورت آهي سمائي،
تنهنجو نالو آهي زبان تي، ناهي ٻي ڪا وائي،
اکيون آليون ٿي ويئون، جو ڌيان آ تنهنجو آيو:

 

نيڻن نير وهايو تو بن نيڻن نير وهايو،
تنهنجي ياد ستايو هردم، تنهنجي ياد ستايو!

 

ڏينهن ڏينهن جو کسجي ٿي، مون کان منهنجي سرهاڻي،
رات رات جو ارتو اوتيان، اکين آءٌ سدائي،
ڏنگ هڻي ٿي روح کي منهنجي، تنهنجي هيءَ جدائي،
تنهنجي پريت منهنجان اي سپرين، مون غم آهه پرايو:

 

نيڻن نير وهايو تو بن، نيڻن نير وهايو،
تنهنجي ياد ستايو هردم، تنهنجي ياد ستايو!

 

هوندراج ”دکايل“

ڳوٺاڻو گيت

1. پٻن کڙي پيهي تي بيهي، پل پل ڪريان پڪار،
ڪانوَ تڙي تو طرف منجان ٿي، من ڪو پهچئي پار،
پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...

 

2. رونبا نڪتا، اوٻر نڪتا، نڪتو پئي ڄڻ ساهه،
ساون مان پيلا ٿيا تيلا، لاب، پيا، ٿيو ڳاهه،
تڏهن به تون آئين نه مسافر، ڪهڙي ڏيانءِ ميار؟
پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...

 

3. وائر ۾ ڇڄ ويهه ويهه ڀيرا، ڄڻ ٿي هٿ مان ٿڙڪيو، پيارو پورهيو بار لڳو پئي، تو رئي هڏ هڏ ٽڙڪيو،
تن ميرو ٿيو ڌوڙ وسائي، چيڙهه وڃايم وار،
پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...

 

4. ديرا ميرا لڳن، مسافر! تو نه ڪيو جي ديرو،
اوطاقن ۾ اوندهه ڀانيان، پيو نه جي تنهنجو پيرو،
من منهنجي کي ڪين وڻن ٿا تو ريءَ اَن انبار،
پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...

 

5. اُکريءَ ۾ منهن پائي ويٺي، مهري ٿي کڙڪايان،
آهٽ پائي، ڇرڪ ڀري، اک ور ور در ۾ پايان،
مايوسيءَ کان ان ڪڻن کي ڏيان ٿي ڪيڏي مار،
پٻن کڙي ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...

 

6. آس وڃائڻ واري ناهيان، ڇو ته ڳهيلي آهيان،
تڏهن ته دم دم دڳ واجهائي پئي ٿي دل پرڀايان،
نيٺ ته هڪ ڏينهن ايندين ”دکايل“، پاڙيندين اقرار،
پٻن کڙي پيهي تان بيهي پل پل ڪريان پڪار.

 

 

 

سريچند ڇاٻڙيا ”راهي“

جيون راڳ

ڇيڙ مڌر ڪو راڳ، سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو راڳ.

 

ڇاتي ڦولي ڪين سمائي، جذبن ڌوم مچائي،
باغن ۾ سرهاڻ کڻي، آ هوا پکيڙڻ آئي،
تن من ۾ جهنڪار لڳي آ، جاڳي ڀاڳ سهاڳ،

 

سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو راڳ.

 

تون مان مشڪون، جڳ پڻ مشڪي، مشڪي دنيا ساري،
آشا مشڪي، جيون مشڪي، مشڪي من ڦلواڙي،
ڀُلجون ساري جڳ جي چنتا، ڀُلجون منزل ماڳ،

 

سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو راڳ.

 

اجهو هلڻ جي ويل به آئي، مکڙي پڻ مرجهائي،
اجهو وڄي ٿو ڪال نغارو، جيون ۾ سڃ ڇانئي،
تڙڦي ٿو اڄ گيتن لاءِ ئي، من جو سمنڊ اجهاڳ،

 

سکي ري! ڇيڙ مڌرڪو راڳ.

 

ڪير چوي هن ويلا کان، پو، ڇاهي آخر ٿيڻو،
پراڻن تي آ ڪين ڀروسو، ڪنهن کي جئڻو مرڻو،
گيتن جي سٽ سٽ ۾ ”راهي“، ڀر جيون جو راڳ،

 

سکي ري! ڇيڙ مڌر ڪو راڳ

 

(”سئنا“ تان شڪريي سان)

 

نظم

نواز علي جعفري ”نياز“

گلاب جي گل کي خطاب

اي سدا سهڻا، گلستان جي گلن جا تاجدار،
آهه توتي هر چمن جي، حسن جو دارو مدار،
سال سرو، باغبان، تنهنجو ڪڍي ٿو انتظار،
ڇا چوان تولئي فقط بلبل نه آهي بي قرار،

 

تنهنجي لئي هر تار سنبل جي پريشان ٿي رهي،
چشم نرگس جي ڏسي توکي ته حيران ٿي رهي.

 

ماڪ ڀي مئي ٿي ٿئي، تنهنجو ئي پيمانو ڏسي،
ٿو پيڻ کان ئي اڳي ٿئي، سڀ ڪو مستانو ڏسي،
ڪين ٿيو بي هوش جو، هرگز پريخانو ڏسي،
ٿو ٿئي گلشن ۾ سو، دانا به ديوانو ڏسي،

 

عطر بڻجي وئي صبا، جا آئي تنهنجي روبرو،
جنهن کي پهتي تنهن کي ٿي، تنهنجي ڏسڻ جي آرزو.

 

تازگيءَ ۽ پنهنجي خوش رنگيءَ تي توکي ناز آهه،
ناز ۾ ويتر غرور ۽ حسن جو انداز آهه،
سچ ته چؤ هي ناز يا انداز يا اعجاز آهه،
سربسر جنهن ۾ سڄو قدرت جو مخفي راز آهه،

 

حسن سڀني کان نرالو تون وٺي پيدا ٿئين،
تنهنجا سڀ شيدا مگر ڪنهن جو نه تون شيدا ٿئين.

 

ٿي ٿئي توکي ڏسي هيءَ دل جي بلبل باغ باغ،
تنهنجي خوشبو سان معطر ٿو ٿئي سڀ جو دماغ،
ناهه لاله تنهنجو همسر، اُن جي آهي دل ۾ داغ،
توکي ٿا هر باغ و بستان جو چون چشم و چراغ،

 

ٿي ٺهي تو ساڻ ئي هر بزم ۽ هر انجمن،
ڪئن نه پوءِ هر هر ڪندين تون ناز اي نازڪ بدن!

 

جنهن کي هٿ قدرت جو ٺاهي، ڇو نه سڀ کان سر ٿئي،
ماڪ جي سو ڪئن نه موتين ساڻ زيباور ٿئي،
پرتوي خورشيد جي سان، ڇو نه سارو زر ٿئي،
ڪئن نه سو خورسند و خندان خورم و خوشتر ٿئي،

 

سو چمن جي تخت تي پوءِ ڪئن نه ٿئي جلوه فگن،
ڪئن نه سڏجي گل اهو ٻهڪي نه ان سان ڪئن چمن!

 

نسترن توڙي هجي سوسن، سنوبر، ياسمين،
آهين تون سڀني چمن جي نونهالن کان حسين،
ڇا لطفت تنهنجي ۽ ڪهڙو نه آهين نازنين،
هي عجب ناهي جو آهين خار جو تون همنشين،

 

دور ڪر هن خار کي رک، پاڻ کان بلڪل پري،
ڏس ته ڪئن منحوس دامن تنهنجي پرزا ٿو ڪري!

 

تنهنجي دامن چاڪ ٿئي، بلبل جي دل ٿئي چور چور،
خار پاسي ۾ ڪري، هن کي چوين ”ٿي دور دور“،
ٿي چوي بلبل ته هي، سيني ۾ آهي سخت سور،
جي کلين ڪنهن سان نه ٿو، مرڪين ته ٿو ڪنهن سان ضرور!

 

جي ائين مون سان به مرڪين، سو دفعا صدقي وڃان،
عمر ساري ڳڻ به ڳايان مهربانيون ڀي مڃان!

 

روز شب هر وقت ٿو، تون گڏ گذارين خار سان،
باغبان صياد، گلچين سان، هلين ٿو پيار سان،
ٿي مري بلبل، جا تنهنجي درد ۽ آزار سان،
ڇو نه الفت ٿو رکين، ان برهه جي بيمار سان،

 

توکي بلبل جي سفارش ٿي ڪري ڪيڏي صبا،
ڇو ٿو سر ڌوڻي ڪرين، انڪار تون اي بيوفا!

 

ٿو ٿئي سرهو گهڻو، توکي ڏسي بيمار ڀي،
تنهنجي تحفي تي ٿئي، راضي ٿو شاهوڪار ڀي،
مثل زيور توکي پائي، مفلس ونادار ڀي،
زيب تون آهين ڪنن جو، ۽ ڳچيءَ جو هار ڀي،

 

تنهنجي مٽ هرگز نه چانديءَ سون جو زوير ٿيو،
تنهنجي ڏانيءَ تي سدا خوش سڀڪوئي افسر ٿيو.

 

هئي اڳي پوشاڪ تنهنجي سبز تون هئين پارسا،
خون ڪنهن جي ۾ ڪئي تو، سرخ هيءَ پنهنجي قبا،
ڪنهن جي هيءَ ڳاڙهن ڳلن ڏس ته سرخي آهه ڇا،
يا هٿان ڪنهن حسن واري جي لڳي توکي حنا،

 

خير جي ڪئن ڀي کڻي تو پاڻ کي ڪيو سرخرو،
ڪر مونکي ڀي خوش ٻڌائي پنهنجي رنگين گفتگو.

 

آهين بيشڪ دل ڌتارڻ لاءِ ڀي چالاڪ تون،
ٻيو خزان جي خوف کان ڀي ٿو رهين بي باڪ تون،
پر ٻڌائيندين ته آهين ڪنهن جي لئي غمناڪ تون،
ڪنهن جي غم ۾ ٿو ڪرين پنهنجو گريبان چاڪ تون،

 

ٿو هنجون هي ماڪ جي صورت ۾ هارين ڇو ڀلا،
آهه توکي ڀي محبت جي مرض ڪيو مبتلا!

 

تنهن جي دل ۾ شوخي ۽ نرمي برابر ٿو ڏسان،
ڪو نياز ۽ ناز ۾ تنهنجو نه همسر ٿو ڏسان،
گهوٽ جي سهرن ۾ توکي ئي سراسر ٿو ڏسان،
لاش تي ڀي قبر تي ڀي قبر توکي اڪثر ٿو ڏسان،

 

موت ۽ شاديءَ ۾ آهين تون شريڪ اي مهربان،
ڪئن نه توکي، آفرين، صد آفرين، هر هر چوان!

سڀ حسين دنيا جا تنهنجي ئي رکن ٿا آرزو،
ٿا رکن توکي اکين تي، مهجيبن ۽ ماهرو،
ڪوبه نازڪ، ناهه نازڪ، تنهنجي نازڪ روبرو،
مان اڃا تعريف ڪيان، تنهنجي گهڻي اي خوبرو،

 

پر ٿئي ٿو خوف هي سمجهي متان پنهنجو رقيب،
ڪا ڪري ڪنهن سان شڪايت منهنجي بلبل بدنصيب!

 

تون جيئن جڳ جي چڱائيءَ لئي ٿو شل هردم جئين،
مهربان هڪ جهڙو دشمن ۽ سڄڻ تي ٿو ٿئين،
منهن ڏسڻ پنهنجو سدا جي باغبان کي ٿو ڏئين،
ڪين گلچين کان به هرگز منهن لڪائي تون وئين،

 

توکان هڪ جهڙي ٿا هو خوشبو به حاصل ڪن ٻئي،
هئن ڪندي احسان ٻين تي عمر سڀ تنهنجي وئي.

 

هي ٻڌي سڀ گل چيو مونکي زبان حال ۾،
”هر حسين جو حسن ڪم ٿيندو وڃي هر سال ۾،
”پائداري ناهه ڪنهن سهڻي جي خط و خال ۾،
”ڇو ٿي بلبل پنهنجو جيءُ ناحق وجهي جنجال ۾،

 

”جي خزان آئي ته مان لحظي ۾ ٿي ويندس فنا!
”ڇا انهيءَ سان لائجي دل حسن جنهن جو بي بقا!

 

”دل رکڻ ان ساڻ گهرجي آهه جيڪو لازوال!
”ذات جنهنجي پاڪ آهي هر صفت ۾ باڪمال!
”ڪين موسيٰ ڀي ڏسي جنهن جو سگهيو حسن و جمال!
”ڇا نه آهي پارسيءَ واري جو هي سهڻو مثال

 

هر کجا نقش نکوبيني بر او مائل مباش
نقش را از دل رهاکن عاشق نقاش باش،“

 

اي ”نياز“ اڄ گهر دعا ان کان جو آهي بي نياز،
گل هجي خندان هميشه عمر ٿئي گل جي دراز،
نازل بلبل، گل تي ۽ گل ڀي ڪري بلبل تي ناز،
تن جي صدقي يار توسان ڀي ملائي ڪار ساز،

 

ڏس ته ڪئن تنهنجي دعا جلدي ٿئي ٿي مستجاب،
جو اسانجي رب جي رحمت به آهي بي حساب!

 

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“

ڪعبهء دل

ڪناري آب دريا جي، ٻڍو هڪ هو گلستان ۾،
وڌائين ٿي نظر عبرت جي هر سو گل ۽ ريحان ۾.
عجب راحت ڏياريندڙ، هو منظر ڪوهسارن جو،
سردو آميز ٿي آواز آيو آبشارن جو.
تجلي ماه تابان ۾ ٿي شوخي موج دريا جي،

 

هئي پڻ گلشن آرائي، نسيم ڪيف افزا جي.
گلن جي ٿي نظر آئي بهاري سبزه زارن ۾،
لڪل پڻ مرڪ بجليءَ جي نظر آئي ٿي تارن ۾.
ڏسي هو اهڙي منظر کي، نظر مغموم آيو ٿي،
چپن ۾ پنهنجي آهستي، چئي هن هي ٻڌايو ٿي.
اچي ٿي صاف، دريا! تنهنجي موجن جي روانيءَ ۾،
نظر شورش اُها جا گڏ، هئي مون سان جوانيءَ ۾.
دل رعنا تون سهڻيءَ شڪل سان بيشڪ درخشان ٿئين،
مگر منهنجي جوانيءَ مثل تون ڪٿ حشر سان مان ٿئين.
ڪڏهن نيرنگ عالم هاءِ هيءَ ساعت به آڻيندو،
ڪري مون جهڙو توکي نيٺ پرمزده بنائيندو.
ڏسي منظر ته ياد آيو اٿم دل جو سيه خانو،
ڪٿي هو حسن جي دنيا، ڪٿي هي تنگ ويرانو.
مگر هن دل شڪسته کي صدا هيءَ غيب مان آئي،
اڃا تو ڪين آهي ڪجهه ڏٺي هن دل جي گهرائي.
دل مغموم کي سمجهيو تو آهي هڪ سيه خانو،
غضب آهي اڃا آهين حقيقت کان تون بيگانو.
سراسر نور ٿو هت ”ڪعبهء دل“ ۾ رهي سارو،

 

تجليءَ جو اٿئي مرڪز جو سمجهين ٿو تون گهر ڪارو.
ڪٿي سو مهر ۾ جلوو، ڪٿي سو ماه ڪامل ۾،
”خليل“ آهي ٿيو پنهان جو تنهنجي غمزده دل ۾.
همايون بيگ مرزا ”فائق“

 

درد دل

نعمت دل آهي ٿي هر ڪنهين انسان کي عطا،
بحر هستيءَ ۾ صرف جسم ۽ دل در صفا،
نور عرفان جو انهيءَ دل ۾ رهي ٿو به ضيا،
ٿا ٿين ان جي ڪري نيڪ عمل توڻي برا،

 

دل ۾ احساس جي قوت جو اثر ڀي آهي،
ڪي چون ٿا ته هي ”الله جو گهر“ ڀي آهي.

 

دل گناهن کان مبرا ، جا صفا ٿيندي آه،
سا ٻڌون ٿا ته گذرگاهه خدا ٿيندي آه،
درد کان خالي ڪڏهن دل به ڀلا ٿيندي آه؟
دل نه چئو تنهن کي، اُها ٻي ڪا بلا ٿيندي آه!

 

دل کي بيدرد جي بي درد بنائي رکيو،
گوشت جي ٽڪري کي سيني ۾ لڪائي رکيو.

 

ڪو بر همڻ هجي، يا شيخ هجي، شب بيدار،
روز شب سجدي ۾ سر پنهنجو نمائي سوء بار،
درد جي دل ۾ نه آهي، ته عبادت دشوار،
درد جي دل ۾ نه آهي ته رياضت بيڪار،

 

نه ڪڏهن رحمت باري کان جزا پائيندو،
دل ڪنهين جي ڏکائيندو، سزا پائنيدو.

 

آهه جو تير ٿئي ڪڏهن خطا، نا ممڪن!
ڪو ٿئي تنهنجي نشاني کان رها، نا ممڪن!

 

ڪوئي ظالم نه ڪري مڪر و دغا، نا ممڪن!
راضي تنهن شخص منجهان ٿئي پو خدا، نا ممڪن!

 

ظالم جي خُو کي ڌڪاري ٿو خدا ڀي دائم،
”ظلم قائم آهي، ظالم نه ڪڏهن ٿيو قائم.“

 

ڪائي دل سيني ۾، شيشي جي برابر آهي،
ڪنهين سيني ۾، ته پٿر کان به ابتر آهي،
درد جنهن دل ۾ سمايل، اُها بهتر آهي،
موم فرياد سان ٿئي ڪين، سا پٿر آهي،

 

رحم جنهن دل ۾ نه آهي، نه تنهين ۾ ايمان،
آهي حيوان کان بدتر، نه آهي سو انسان.

 

دل بيدرد وٺي ڪونه بشر پيدا ٿئي،
اهڙي انسان کان بهتر ته حجر پيدا ٿئي،
ڪوئي بيمار جي ڪسڪي ته اثر پيدا ٿئي،
ڪوئي ڦٿڪي جي ڪڏهن، درد جگر پيدا ٿئي،

 

ڪوئي بيڪس جي هجي سينه سپِر ٿي تنهنجي،
جي ڏکيو ڪوئي ڏسي، چشم به تر ٿي تنهنجي.

 

جي مقابل ۾ اچي شينهن، نه سا گهٻرائي،
سامهون توب جي ويندي، نه اُها ٿرائي،
سا سوَن تي ۽ هزارن تي به غلبو پائي،
زخم جي کائي ته سيني تي هميشہ کائي،

 

ٿي وڃي پرزا مگر جان لڙائي پنهنجي،
جوهر اصل شرافت هي بتائي پنهنجي.

 

دانهن ڏکياري ٻڌڻ جو نه تنهن تاب هجي،
۽ نه چهري تي غم غير کان ڪجهه آب هجي،
نه ڪڏهن تنهنکي خيال خورش و خواب هجي،
چين جو لحظو نه تنهن، صورت سيماب هجي،

 

پيش مشڪل جي هجي ڪنهن کي، ڪري سا آسمان،
طالب سر جي اچي ڪوئي، ڪري سر قربان.

 

بحر غم ۾ جي ٻڏي ڪوئي، بچائي تنهن کي،
زندگيءَ کان جي رسي ڪوئي، منائي تنهن کي،
ڪار بگڙي جي ڪنهين جي ته، بنائي تنهن کي،
۽ شرافت ڪري، احسان نه جتائي تنهن کي،

 

ٿو حمايت ڪري مظلوم جي، ظالم سان لڙي،
۽ غم غير جي لئه جان ڪري پننجي ڪڙي.

 

جي بکيو ڪوئي سجهي، تنهن کي وڃي کارائي،
ڪو اگهاڙو جي هجي، تنهن کي وڃي پارائي،
بي گنه ڪوئي نه جاندار ڪڏهن ايذائي،
رحمتون اهڙو جوانمرد خدا کان پائي،

 

گلشن دهر ۾ سو شال ٽڙي، شاد رهي!
آهي ”فائق“ جي دعا هيءَ ته سو آباد رهي!

 

محمد خان ”غني“

”يارن جو ههڙو حال آه“

سڻ سڄڻ، پنهنجي وطن وارن جو ههڙو حال آه،
عاشق و معشوق، مہ پارن جو ههڙو حال آه.
زندگي آهي، مگر زنده دلي ٿي ڪانه آهه،
يعني ٿيو تنهنجي طلب گارن جو ههڙو حال آه،
هو به ڪنهن معشوق وانگر، لڪ لڪوٽي ڪن پيا،
آسمان ۾، چنڊ ۽ تارن جو ههڙو حال آه.
ٿا پين، پر ڪوبه ماڻي ڪونه ٿو، ڪيف و سرور،
پنهنجي ميخانن ۾، ميخوارن جو ههڙو حال آه.
هن خزان جي دور ڪيو، تاراج آهي باغ کي،
گل به ڪومايل، ۽ گلزارن جو ههڙو حال آه.
ٿا وهن واهڙ، اڳوڻا، پر اُمنگ ٿي ڪانه آه،
ٿا رهن مايوس، ٿيو يارن جو ههڙو حال آه.
منهنجي دل جي بحر غم جيئن، موجزن ”مهراڻ“ آه،
اڄ به اُن جي آر، اوڀارن جو ههڙو حال آه.
سانوڻيءَ جي يار، ڪنهن کي سار هرگز ڪانه آه،
درد دل کان، چشم جي لارن جو ههڙو حال آه.
سي رهن ٿا دور ديرا جن جا دلين ۾ ٿيا،
هاءِ! صد افسوس! دلدارن جو ههڙو حال آه.
اڄ به ڳائين ٿا، اڳوڻي ساز تي، وڌ سوز سان،
جهنگ ۾ ٿيو، پنهنجي ٻڪرارن جو ههڙو حال آه.
سنگ سونهري پڪو، ڳاهيو، ڪڻا وٽڙي ويا!
پنهنجي کيتن جو، ۽ لابارن جو ههڙو حال آه.
اڄ به چارا ٿيا اُهي، پر بند ٻيا چارا ٿيا،
ڇا چوان اي يار! بيچارن جو ههڙو حال آه.
سنڌ جي صوفين جي سينن ۾، ڪدورت ڪانه آه،

 

نيڪ مردن، ۽ مڻيادارن جو ههڙو حال آه.
جو کلڻ کائڻ خوشي جو دور، سو ويندو رهيو،
ملڪ جي مفلوڪ، نادارن جو ههڙو حال آه.
منهنجي پيغامن پڄائڻ کان ڏنو قاصد جواب،
هاءِ هي منهنجي ڳچين ڳارن، جو ههڙو حال آه.
گنج گوهر علم جو، اڄ قدردان ڪو ڪو رهيو،
پنهنجي دل جي يار شهه پارن جو ههڙو حال حال آه.
سنڌ جو هر آدمي، تنهنجي سلامن تي رنو،
تنهنجي تن يارن، ۽ دلدارن جو ههڙو حال آه.
غمزدن جو ڪوبه ٿيو، غمخوار ناهي اي ”غني“،
هاءِ! صد افسوس! غمخوارن جو ههڙو حال آه.

 

”اسد“ ٽکڙائي

هلي آ مون ڏي دلربا

هو ياد ڪر ڪي راتيون، هو مٺڙيون مٺڙيون باتيون،
جي تنهنجي منهنجي وچ ٿيون، نه دل تان منهنجي سي ويون
هو عيش و ڪيف جو مزو، هو منهنجو تنهنجو چچهٽو،
هو تنهنجو مون تي ڀرسو، هو منهنجو توتي آسرو،
هو ناز سوز ساز جو، اٿيل دلين ۾ ولولو،
نه هوش جنهن ۾ ڪو رهيو، هو ڏينهن جو ۽ رات جو.
ٿئين نه مون کان دم پري، نه تنهنجا پيچ و خم پري
هو رنج و غم الم پري، ۽ غير جو قدم پري:
هي ڇا ڪيئي جو وئين ڇڏي، غمن ۾ مون کي تون گڏي،
سڏي ٿي توکي دل سڏي،
هلي آ مون ڏي دلربا!
سدا رهي ٿي جستجو، رلان ٿو تو لئي ڪوُبڪُو،
حرام عيش ۽ طرب، مدام رنج ۽ تعب.
جڏهن کان توسان اک اڙي، نه چين ڪيم ڪوپل گهڙي،
هي زخم دل جو پيو ڇڙي، ٻڌي نه ٿو بنهه ڪَڙي،
حريم دل جو نور تون، تجلي گاه طور تون،
غيوب تون حضور تون، مجسمئه سرور تون.
دل حزين کي ڇا ڪيان! ڪري وجهي نه ڪو زيان،
هي راز آهه جو نهان، ٿئي نه خلق تي عيان:
مڃان ٿو مون ڪئي خطا، گهڻي آ تنهنجي پر عطا،

 

نَفَس نَفَس ڪري صدا،
هلي آ مون ڏي دلربا!

 

جتي ڪٿي بهار آ، بغل ۾ سڀ جي يار آ،
هٿن ۾ سڀ جي جام ڏس، خوشي به عام جام ڏس.
وسي ٿو قرب جو ڪڪر، هوا به بُو سان تربتر،
چمن ڏي ڪر ذرا نظر، ڄمي ويو رنگ آدگر،
رسي جتي به ديد ٿي، اتي گلن ۾، عيد ٿي،
زمين به سبز پوش ڏس، پيرو جوان ۾ جوش ڏس.
صبا جون مٺڙيون لوليون، گلن جون ڏس هي هوليون،
هي بلبلن جون ٻوليون، هي آب جوُ جون ڇوليون،
۽ هي چمن ۾ چهچها، وڻن نه مون کي ٿا صفا،

 

بغير تو اي مہ لقا:
هلي آ مون ڏي دلربا!

 

اي مہ لقا ،اي دلبرا، ملي ٿو توکي ڇا ڀلا،
رهين ٿو مون کان جو جدا، چوان ٿو توکي برملا
وفا جفا جي ڳالهه ڇڏ، عطا خطا جي ڳالهه ڇڏ،
سزا جزا جي ڳالهه ڇڏ، فنا بقا جي ڳالهه ڇڏ،
رهين ٿو موج ۾ مگن، اي سيم تن اي گلبندن،
اکيون اهي نه ننڊ ڪن، لڳي آ تنهنجي جن لگن،
لڳي آ جن کي تار ڏس، سي روڪش هزار ڏس،
سي وقف انتظار ڏس، سي چشم اشڪبار ڏس،

 

نه ڪر تون هاڻ ردوڪد، آ سڱ در سندئي ”اسد“،
تون جان هو سندئي جَسد،
ڀلي ته غير ڪن حَسد،
هلي آ مون ڏي دلربا!

 

اياز قادري

”شاعر“

اي خداي عشق، اي پروردگار رنگ ويو،
تون زمين تي ٿو ڪرين ڪون و مڪان جي گفتگو،
تنهن جو مرغ فڪر اڏري ٿو جهان ۾ چار سو،
تنهن جي لفظن ۾ سمايل آهه دل جي آرزو،
تون ئي ڇيڙين ٿو سدائين پيار الفت جو رباب،
پنهنجي نغمن سان زماني ۾ ٿو آڻين انقلاب.

 

آسمان کان دور پهچي ٿي وڃي تنهن جي نظر،
جت ملائڪ ڀي هلائي ٿو سگهي پنهنجو نه پر،
تنهنجي اکين جي اڳيان سارو ڦري ٿو بحر و بر،
تون زمين و آسمان جي ٿو ڏئين ساري خبر،
هرد و عالم کي جو جڪڙي، آهين سو زنجير تون،
انقلاب و عشق جي خوابن جو آن تعبير تون.

 

تنهنجي نظرن جي اڳيان آه جلوهء لوح و قلم،
تنهنجي آڏو هر دو عالم جي سدا گردن آخم،
تون ڏسين ٿو آه ڪٿ تخت سليمان، جام جم،
جذبهء انسان کي ڪاغذ تي ڪرين ٿو تون رقم،
عڪس گلشن جو وجهين ٿو، تون خس و خاشاڪ تي،
عرش جون مهرون هڻين ٿو تون جبين خاڪ تي.

 

تنهنجي لفظن ۾ سمايل، آ تخيل جو شباب،
تنهنجي معنيٰ ۾ سمايل، آه بيحد آب و تاب،
شهد تنهنجي گفتگو، تنهن جي زبان آهي شراب،
تنهنجي جذبن جو فرشتن وٽ به ناهي ڪو جواب،
تنهنجي شعرن کان ٿو ڄڻ، طاري ٿي جادوءَ جو اثر،
پنهنجي نغمن سان ڪرين بيهوش کي ٿو هوش ور.

 

حسن جي مغرور دل کي جيڪو بخشي ٿو غرور،
عاشق ناشاد کي جو سوز ۾ ڏئي ٿو سرور،
جيڪو روشن ٿو ڪري ظلمات ۾ قنديل نور،
جو خيالن ۾ اڏائي ٿو وڃي دنيا کان دور،
جنهن کان مستي موج ۾ دائم رهي ٿو هر بشر،
تنهنجي نظمن ۾ سمايل آه ڪو اهڙو اثر.

 

تنهنجي آهُن کان پريشان، ٿو ٿئي بيحد نگار،
تنهنجي نغمن تي ٿو سوچي پنهنجي دل ۾ بار بار،
ٿو عمل جي راه تي راهي ٿئي غفلت شعار،
۽ عمل سان ٿي وڃي ٿو هو گدا مان شهريار،
شعر تنهنجي، جا ستل دل کي جڳائي آه آهه،
سنگدل سهڻن کي جا تڙپائي اهڙي باه آهه.

 

تنهنجي لئي روشن ٿئي ٿو، آسمان ۾ ماهتاب،
تنهنجي لئي ئي ابر تارن تي وجهي ٿو پيو نقاب،
تنهنجي لئي ئي ٿا ٽڙن بلبل جي دل، رنگين گلاب،
تنهنجي لئي ئي ٿي هلي باد صبا، با صد حجاب،
صبح جي رنگينن ۾ تون آهين نغمه نواز،
شام جي محفل کي گرمائي ٿو تنهنجو سوز، ساز،
درهم و برهم جڏهين تارن جي ٿئي ٿي اجمن،
پنهنجا ڪَرَ آهسته موڙي ٿو جڏهن برگ سمن،
گل سنا شبنم جي زبان جنهن وقت آ محو سخن،
مست جڏهن خواب غفلت ۾ پيو آهي زمن،
تنهنجي دل جو ساز اهڙو ٿو اچي پو جوش ۾،
حسن تارن مان اچي ٿو تنهنجي جهٽ آغوش ۾.

 

غزل

”خواب“ حيدرآبادي

ٿيو وقت نمودار اچي رنج و محن جو،
قسمت جو نڪو ڏوهه نڪو چرخ ڪنهن جو.

 

ٿيو فتنه فسادن ڏي جڏهن قوم جو لاڙو،
ٿيو عضوو جدا عضوي کان قومن جي بدن جو.

 

ٿيا ڏار جدا، وڻ کان ڪريا، پٽ تي اچي پَنَ،
برباد ٿيو باغ سڄو قومي ڪمن جو.

 

دريا جي اٿل ٻوڏ سڄي ملڪ کي ٻوڙيو،
ٻوڙن نه ٻڌو مور مگر ڪڙڪو ڪُنن جو.

 

اڄ قلب و نظر ۾ نه رهي آهه بصرت،
پوءِ فيض ڪٿان پهچي سگهي شيخ قرن جو.

 

مسجد جي جڳهه تي ته خرابات ٿي ڏسجي،
نيرنگ تون ڏسندين ڇا، اڃا چرخ ڪهن جو.

 

ناموس ۽ ننگ دين جو، دنيا کان رهيو دور،
نائب نه رهيو، دين يا دنيا جي، ڪمن جو.

 

هر شاخ شجر، گل ۽ ثمر، تازا ۽ شيرين،
شاداب رهي شال، هي گلزار وطن جو.

 

ڏئي ٽهڪ کنوڻ ٿي، ۽ ڪڪر ڪن ٿا دعائون،
رحمت سان، ڪکن کي ٿا بنائين لکن جو.

 

ڪر ڪين ڪڏهن ”خواب“ جي دنيا تي خوشي تون،
گهر آهه مسافر، هي سدا رنج و محن جو.

 

همايون بيگ ”فائق“

محبت جو پينگهي ۾ پهريون اوراڻو،
ڏنو پيار مان مونکي آيل اوراڻو.

 

پڙهايو محبت جو مادر هو منظق،
پدر کان مليو ٿم، مزاج عاشقاڻو.

 

محبت کان محروم جو ابن آدم،
سو علم ۽ ادب هوندي آهي اياڻو.

 

محبت آهي علم ۽ پڻ عبادت،
محبت آهي مال، دولت ۽ ناڻو.

 

جهان سارو معشوق، عاشق اهوئي،
سڏائي ڪٿي قيس، ۽ ڪٿ ٿو راڻو.

 

ڪو مالها تي نالو جپي رام جو ٿو،
ڪو رحمان چئي سوري تسبيح جو داڻو.

 

وسائي جنهين لاءِ ملا ٿو مسجد،
تنهن لئي وسائي برهمڻ ٽڪاڻو.

 

جيئڻ ٿيو جدائي، مرڻ وصل آهي،
مرڻ ۽ جيئڻ کي ڪو سمجهي سياڻو.

 

آهي ”احد“ عاشق، ته معشوق ”احمد“،
محبت جو ٿوَ ”ميم“ سياڻا سڃاڻو.

 

محبت، شريعت، حقيقت جو مرڪز،
محبت، طريقت، معرفت، جي ڄاڻو.

 

ذڪريا ڪپيو ڪرٽ سان ڪاڻ ڪنهن جي،
بلاول قبوليو محبت مان گهاڻو.

 

ٿيا مست موسيٰ ۽ عيسيٰ جنهين تي،
”محمد“ به تنهن جي ئي در تي وڪاڻو.

 

محل، طعام، ماڙيون، زهر مارئيءَ کي،
محبت وڻايو للر، لنب، لاڻو.

 

ڪرشمو محبت جو ڪافي اهو ٿيو،
جو درگاهه مومل ۾ ڪاڻو اگهاڻو.

 

پنهل جي محبت پٿون پير ڪيئڙا،
جبل، جهنگ، جرسڀ سسئيءَ کي سيباڻو.

 

”همايون“ ابن ”قليچ“ آهيان آءٌ،
اٿم عشق ۽ شعر ورثو اباڻو.

 

”اختر“ رضوي

سڏي زمانو ٿو، رهه وقف انتظار اڃان،
خيال يار نه ڪر دل کي بي قرار اڃان.

 

گلن جي جاءِ تي پيدا ٿين ٿا خار اڃان،
بهار آهي چمن کي نه سازگار اڃان.

 

وري به ڪو نئون طوفان، اچڻ تي آ شايد،
وڌي رهيو آ فضائن ۾ انتشار اڃان.

 

زماني ساز کان دنيا ڦري وئي، ليڪن،
چوي ٿو پاڻ کي دنيا جو رازدار اڃان.

 

رڳو جلوس ڏسي ڪين ڪي تون ٿي حيران،
گهڻائي قافلا هوندا پس غبار اڃان.

 

مزو خراب ڪيو فڪر روز و شب ”اختر“،
مليو حبيب مگر دل آ بيقرار اڃان.

 

نارائڻ ”شيام“

باهه ”مجبور جي محفل“ کي لڳايون، ساٿي!
جوت جا دل جي وساڻي، سا جلايون، ساٿي!

 

ڇا ٿيو ساز ڀڳل آهه، تون ڇيڙينس کڻي،
ڪنهن طرح، ڌيان ته محفل جو ڇڪايون، ساٿي!

 

ڪيسين تون راهه جي ڪنڊن کان بچائيندين قدم،
خون سان تن کي به رنگين بڻايون، ساٿي!

 

داغ انسان جي سر تي آ غلاميءَ جو لڳل،
صاف سو داغ غلاميءَ جو مٽايون، ساٿي!

 

جنهن اڳيان چنڊ ۽ سورج به لڳن ”شيام“ ڦڪا،
جوت سنسار ۾ اهڙي ڪا جڳايون، ساٿي!

 

محمد علي ”جوهر“

فريب جلوهء رنگين ۾ مبتلا آهيان،
حدود شوق جي دنيا جي انتها آهيان.

 

هزار رنگ حقيقت کان آشنا آهيان،
مگر هي علم نه آهي، ته ڇا ۽ ڇا آهيان؟
زمانو جنهن کي ٻڌي ڪين، سا صدا آهيان،
اثر نصيب نه آ جنهن کي، سا دعا آهيان.
ٻڌائي ٿو پيو انداز، وعددء فردا،
جا هر قدم تي ٿي زائل، سا مدعا آهيان.
فريب زيست نه ڏي، اعتبار زيست مون کي،
طلسم عالم هستيءَ کان آشنا آهيان.
توهمات جو ڪهڙو بيان ڪيان ”جوهر“،
خدا ٿيان ها! مگر بندهء خدا آهيان.

 

”راز“ بلڙائي

هڪ ڏک جو ڏڌل، مسڪين مئل، آرام پرائڻ ڇا ڄاڻي،
ڪنڊن ۾ گذارڻ وارو ڀلا، دامن کي بچائڻ ڇا ڄاڻي.
جو عمر سموري آهه رهيو، آغوش بحر آفت ۾،
طوفان مان پنهنجي ٻيڙيءَ کي، سو پار لڳائڻ ڇا ڄاڻي.
تقدير جو دم هڻندي هڻندي، موت جي منهن ۾ ويندڙ ڪو،
تدبير سان پنهنجي مشڪل کي، آسان بڻائڻ ڇا ڄاڻي.
بس جوش تڪلم لب تي ۽ سيلاب تمنا اکين ۾،
سرشار محبت ديوانو، احوال ٻڌائڻ ڇا ڄاڻي.
هو ۽ تسليءَ جون ڳالهيون اي ”راز“ ڪو ايندو ڪنهن کي يقين،
کلندڙ کي رئارڻ وارو ڀلا رئندڙ کي کلائڻ ڇا ڄاڻي؟

 

قصيدو

مهراڻ

ساجد ”سرشاري“

 

وه واديء سنڌ آهي ٿي سبزه زار، مهراڻ تنهنجي دم سان،
۽ باغ علم و ادب ۾ ايندي بهار، مهراڻ تنهنجي دم سان.

 

اسانجي عزت، اسانجي دولت، اسانجي ناموس جو سبب تون،
جهان ۾ حاصل ٿيو اسانکي وقار، مهراڻ تنهنجي دم سان.

 

بگهاڙ، نارو، پڃاري، جمڙائو ميرواه، کيرٿر، ڦليلي،
وهن ٿا هت واهه اهڙا ڪئي بيشمار، مهراڻ تنهنجي دم سان.

 

هو پاڪ چوٽيون هماليي جون ڳري رسن ٿيون جي سنڌ تائين،
سو پاڪ پاڻي، اسين ٿا پيون آبدار، مهراڻ تنهنجي دم سان.

 

جهان مڃي ٿو ته سنڌ آهي جهان ۾ بيشڪ سکي ستابي،
ٿيو آب وارو وطن سندم آبدار، مهراڻ تنهنجي دم سان.

 

ڏسڻ جي چاهي، ڏسي وڃي ڪو، ته منڍ جمڙاؤ جا نظارا،
هي سنڌ ۾ ٿيو بهار اندر بهار، مهراڻ تنهنجي دم سان.

 

قدم قدم تي هزارين ٻيلا، هزارين پوکون، هزارين غنچا،
ٿيو گلشن سنڌ سارو ئي لاله زار، مهراڻ تنهنجي دم سان.

 

انهيءَ چوڻ ۾ وڌاءُ تر جو ڪڏهن به ”ساجد“ ڪيو نه آهي،
اسان جو سرسبز شاد آهي ديار، مهراڻ تنهنجي دم سان.

 

رباعيون

نارائڻ”شيام“

جو اسم وڻي تنهنجو، ٿو توکي سڀ کان،
ان اسم سان توکي ٿي مخاطب، ٿو چوان،
رک دور بديءَ کان، ڀلي گهرندو سا هجان،
ڪر مائل نيڪيءَ ڏي، گهران يا نه گهران.

 

هِن هُن کي جهڪي، ڇو ڪرين هِت هُت سجدو؟
ڪي سمجهين به ٿو، نيٺ ڪرين هي ڇا ٿو؟
آداب عزازيل کان سک سجدي جا،
هڪ جو رڳو هڪ جو، ۽ نه هِن جو، هُن جو!

 

گل پن مان وجهي واجهه، پريشان ٿين ڇو؟
خورشيد مان، شبنم مان نمايان ٿين ڇو؟
ڇالاءِ هِتان هُتان، ليا پيو پائين؟
پنهان نه رهي سگهين، ته پنهان ٿين ڇو؟

 

اکڙين ۾ ڀريل لڙڪ، ۽ ساجن به پري،
سانوڻ جو نظارو، هي اثر ڇا تي ڪري؟
وڃ، وڃ، وڃي ٻئي هنڌ ڪٿي وس بادل!
موتين سان ڌڻي شال، سندءِ جهول ڀري!

 

ڀلجي به مصيبت ۾ نه فرياد ڪندس،
خودداري ڪڏهن پنهنجي نه برباد ڪندس،
جو عيش طرب ۾ نه ڪڏهن ياد ڪيم،
ڇا رنج الم ۾ سو هينئر ياد ڪندس.

 

مغرور ٿيس، توڙي ڪ خود دار ٿيس،
دم آءٌ خدائيءَ جو هڻي خوار ٿيس،
بس غرق ٿيس ”نيل“ ۾ فرعون“ بڻي،
منصور ٿي سوريءَ جو سزاوار ٿيس.

 

اڄ آئي محبت سندي برڪات جي رات،
برسات جي سا رات، ملاقات جي رات،
اي ڪاش، اها رات ٿئي ها ڪي وڏي،
اف اهڙي رهي رات، فقط رات جي رات.

 

جيڪر نئين دنيا هجي خورشيد نئين،
هر روز نئون جلوو هجي، ديد نئين،
هستي ٿئي سچ پچ ته نئين هستيءَ جي،
هر روز نئين دل هجي، اميد نئين.

 

آزاد نظم

شمشير الحيدري

اي هم سفرو

چو چاپ هلو،

هوشيار هلو،

اي هم سفرو!

ماحول ڀيانڪ ٿو ڏسجي،

ڪٿ راه جا خطرا آهٽ تي جاڳي نه پون:

اي همر سفرو! چپ چاپ هلو.

خاموش!

ذرا هوشياريءَ سان.....

اڄ رات ڪٺن آئي آهي،

هي راه گذر،

منزل جي سفر ۾ سڀني کان دشوار گذر آئي آهي:

اي هم سفرو، هلندا ته هلو!

اڄ رات اچانڪ پئجي وئي

ان دشت مصائب ۾ پهچي،

جو دشت مصائب

ٻڌجي ٿو- بي رحم درندن جو مسڪن!

جنهن جهنگل ۾،

هن کان اڳ ۾،

ڪئي قافلا ڦرجي لٽجي ويا....

۽ ڪيئي مسافر- پنهنجو متاع ۽ مال لٽيرن

کي بخشي،

هن جهنگل جي

خنزيرن جي خوراڪ بنيا!

اي هم سفرو!

هڪ ٻئي کي سنڀاليندي گذرو!

رستي جي ڪنارن ۾ ئي هتي

اونداهن، گهرن غارن ۾.....

ڪيئي لنڊيون، ٽڪلا، ڳوراهون،

هڻ کڻ ۽ هزارين ازدهائون،

- ڪيئي ڪوراڙ بلائون،

خوراڪ جي لئي

چالاڪ بنيون

ڦڻ ڦهلائي- گهمنديون هونديون!

چپ چاپ هلو.....

هن جهنگل جي

پرهول وڻن جي پاڇولن ۾ ”ڀوت“ آهن!

خاموش! هوا کي ڪن آهن!

- جاڳي نه پون.

پاڇولن جا خون خوار بگهڙ!

- ڀڙڪي نه اٿن،

تاريڪ فضائن جي گهرن غارن ۾ لڪل

بگهڙن جي نگاهن جا شعلا!

هوشياريءَ سان.....

اي هم سفرو!

هن جهنگل ۾،

- چيتا ۽ ببر ۽ ڳورپٽون،

۽ گجر رڇن جا ڪئين ٽولا،

۽ ٺڳ لٽيرا ٽولن جا ٽولا،

هر وقت شڪارن جي پويان

ڦرندائي وتن ٿا چڪر ۾!

هلندا ته هلو!

اي هم سفرو!

اڄ رات ڪٺن آئي آهي،

هوشيار رهو! ۽ دم سانڍي،

هلندائي هلو.....

ليڪن هي ڇا......؟

ڪجهه ساه جي تيزيءَ جا هلڪا آواز ڪنن کان

گذرن ٿا!

۽ قدمن جي آهٽ به قريب ئي ٻڌجي ٿي!

شايد، ڪئي رهزن

موقعي جي ڳولا ۾ ڊوڙون پائن ٿا.....

هيءَ راهزنن، نانگن ۽ مرن، پر خوف انڌيرن

جي دنيا؟

ڀلجان ته نٿو- اي هم سفرو؟

ها ياد آيو.....

ها ها- هي اُهوئي رڻ آهي......

خوش ٿيو ۽ عيد ملهايو!

ان دشت مصيبت مان ئي هينئر گذرون ٿا اسين،

جنهن جي پريان

- ٿورائي قديم-

منزل جي حسين ديويءَ جو

اُهو اسٿان آهي،

جت شوخ حسين، شفاف بدن

ڪنواريون، ۽ نازڪ ڪنيائون

سفيد ۽ صاف لباسن ۾ هردم

- مصروف تبسم ۽ رقصان

شيدائي بنيون

منزل جي ويرن کي ٿيون سڏن!

ڪجهه ٻڌجي ٿو!

اي همراهو، ڪن لائي ٻڌو.....

منزل جي مندر جي گهنڊ جو آواز،

ٻڌو ٿا- اي ساٿيو؟

بس چند قدم منزل آهي،

اڳتي ئي هلي منزل ٿيندي.....

هلندائي هلو!

وڌندائي هلو!

تاريڪ فضائن جا سينا، همت جي چراغن سان

چيري،

وڌندائي هلو:

ڪجهه عزم سفر کي تيز ڪريو!

هيءَ رات اجها گذري ويندي،

۽ صبح جي ظاهر ٿيندي ئي، منزل تي پڄاڻي ٿي ويندي.....

اي هم سفرو!

- بس جاڳ رکي،

- هن جهنگل مان- بي خوف و خطر،

- هوشياريءَ سان،

هلندائي هلو،

بس چند قدم!

هلندائي هلو- هلندائي هلو- اي هم سفرو!!

 

ادب لطيف

جهامنداس ڀاٽيا

(1)

آزاديءَ جي ديويءَ جي درشن لاءِ، هو صدين کان سڪي رهيا هئا، مگر ظالم کين اهڙو ته چوکنڀو کڻي ٻڌو هو، جو واهي وانگي به کين پلڪ جي جهلڪ پلئي پوندي نه هئي.

هو به پنهنجو جاپ جاڳائيندا، گيت ڳائيندا رهيا. امنگن سندن مان سپنا جڙندا رهيا. اهي صورت وٺندا ويا. انهيءَ صورت جو هو ڌيان ڪندا، ڌن انهي ۾ آلاپ آلاپيندا، اڳتي وڌندا رهيا روز بروز.... اڳتي.... اڃان اڳتي.... ڪونڌرن جون قربانيون، معصومن جون جانيون، عورتن جون مرم شرم جون نشانيون- هنن مڙيئي ڀيٽ رکيون، ته به درشن اڃا به نصيب کين نه ٿي ٿيو.

نيٺ ترانو آدي انادي آزاديءَ جو وَڳو. نر خواهه ناريءَ، ٻار خواهه ٻڍي، بند ڀڃي، ٽپي پڙ ۾ پير پاتو!

جوانن ۾ جوانڙين، جان جي بازي لڳائي، آزاديءَ جي ديويءَ جي اُڃ اُجهائي.

پوءِ نيٺ هوءَ آئي، ميتن جي ڍير مٿان سندس جهنڊو جهولڻ لڳو. هڪڙو ٻڍو هي حال ڏسي چوڻ لڳو: ”ڇا صدين کان هن بياباني سڃ لاءِ سڪي رهيا هئاسين؟“

جوان هڪ سندس ڀر ۾ بيٺو هو، تنهن کان رهيو نه ٿيو هن چيو: ”نئين دنيا جي عمارت اڏبي جهونيءَ جي جنازي تي.“

ٻالڪ تڏهين پنهنجي راند جي ساٿين سان گڏجي چيو: ”هيءُ کيل کلاڙيءَ جو آهي، ڪي آزادي دلاريءَ جو؟“

عورت اُڦري اُٿي ۽ چوڻ لڳي: ”هيءُ افسانو آهي عورت جي دل جو!“

ڪلاڪار، هيءُ موت جي مورت بنائي، اکنڊ جوت جڳائيندو، جڳان جڳ نپائيندو ٿو رهي پنهنجي ڪلا سان.

(2)

تون آئينءَ آزاديءَ جي ديوي، مگر ترڪي وئينءَ الاجي ڪئن؟ مون ته تنهنجي سواگت لاءِ گهڻيئي مٿان مونا هنيان، جاکوڙون ڪيون، مگر مون ڏٺو ته تنهنجي لهر ۾ لکين لڙهي ويا. ٻنڌن سڀئي ٽوڙي، هو بي لغام ٿي، بي راهه ۽ بي گاهه وڃي رهيا آهن.

ڪيڏي نه قابليت آهي تنهنجي ڇڙواڳ بنائڻ ۾ وس کي! واءُ اهڙو ڪو اڻائو کڻي کوليو اٿئي، جو هرڪو وهه پنهنجيءَ ويندو ٿو رهي.

هر روز، لقاءُ سموريءَ ليٽ جو، تنهنجي ڪوٺڙيءَ جي آڳنڌ اڳيان بيهي، ڏسندو ٿو رهان.

تنهنجي آئي، وائي هر ڪنهن جي وات ايهائي ”آزادي آهي آئي“: ۽ هرڪو من ماني ڳالهه ڪرڻ، هلت هلڻ ۾ هوشيار ٿيڻ لڳو.

مون کان به رهيو نه ٿيو. مون چيو، ”واهه ڙي مائي تنهنجو ’حسن‘، جنهن هزارين حيران ڪري، کين گهلي هنيو آهي گار ۾! حسن ته هميشه حسين بنائي حسين دڳ ٿو لائي. اهو حسن ڪهڙو جو بي راهه، بي گاهه بنائي! سارو سٽاءُ الٽ پلٽ! وسند ويرانيءَ ۾ ڦري وئي!“

ٿوري وقت پڄاڻان تنهنجا پريمي چوڻ لڳا: ”متان ڪو لفظ ڪڍيو اٿئي!“

ساهه سوڙهو ٿيڻ لڳم ۽ چوڻ لڳس: ”ڇا هيءَ آهي آزاديءَ جي آمد؟“

گهٽ ۽ سوڙهه پسي، ڀؤ ۽ ڊپ ڏسي، وسهڻ ائين لڳس ڄڻڪ آزادي ديس کي ديوانو ڪري، ملڪ مان ڪوچ ڪري وئي هلي.

هيءَ غلاميءَ جي تصوير، هوءَ پنهنجي حيرت انگيز ڪلا سان بنائي، ڪامل ڪلاڪار جي ڪلا جو ثبوت ڏئي، ٺٺوليءَ ۾ کلندي، وئي هلي دور- تمام دور!

(3)

طوفانن مٿان طوفان، زندگيءَ جي مٿان لهرا ڏيندا، اوندهه انڌڪار آڻيندا پئي رهيا آهن. انهن طوفانن ۾ تهه خانا آهن. انهن تهه خانن ۾ لڪل رهي ٿو ”راڻو“.

جيسين نه نيون راهون، نوان رستا اکين اوڏو ٿين، تيسين الاجي ڪهڙي ڪرڙي گهاٽي ٿي سڄي!

زندگيءَ جي دور ۾ غور به ڪو اسراري آهي، مگر مام سنديس ملي ئي تڏهين ٿي، جڏهين جهام کائي جهول جهلجي. توائي طوفان، جي ڪنبيو، ته ڪنبائيندو ۽ ڪانئر بنائيندو، پر جي کيس ڇاتيءَ سان لڳائبو، ته اُن جي دل جي ڌمال ٻڌي، ٻل پائبو.

پوءِ تڏهين انڌاري ۾ ٻارڙن جيان ريهان ۽ ڪيهان ڪرڻ مان وٽ ونڪ ڪهڙي وٽبي؟

طوفان جي آسمان ۾، آهي برقي طاقت جي جهلڪ، جنهن جي فلڪ جهلي، فرعون آڏو به انسان بيهيو وڃي!

سندس ماپو ڪيئن ڪري ڪيئن ڪريان؟

محبت جو طوفان به طوفان آهي، مگر ان جو اندازو بي انداز آهي- اهوئي آهي راز ۽ ساز طوفان جي توائيءَ جو!

ڪن ڏئي ڪو ٻڌي، اک کولي ڪو ڏسي، ته حسن حيرت سندو آهي عجيبن جي آواز ۾!

 

از شيخ حفيظ

”منهنجو متاع حيات“

(اپر سنڌ ادبي ڪانفرنس جيڪب آباد ( تاريخ...... 1955ع) ۾ هڪ ادب پاره پڙهيو ويو هو، جنهن ۾ مرد خلاف عورت جي شڪايت بيان ڪئي ويئي هئي. هي تاثرات انهيءَ شڪايت جي جواب ۾ پيش ڪيا ويا آهن.)

ها..... اي غريب..... مون توکان بيک پني..... بيک!.... تو ڇا ڏنو؟..... تنهنجو متاع حيات!.... تنهنجو سڀ ڪجهه.... دل، دماغ، ايمان، اعتقاد.... سڀ ڪجهه.... تو سڀ ڪجهه ڏنو..... منهنجي مڪر ۽ فريب جي صدقي ۾... سکڻي خوشامد جي صدقي ۾.... منهنجي برپا ڪيل طلسم جي صدقي ۾... تو سڀ ڪجهه ڏنو.... ها، اي غريب، تو متاع حيات ڏنو.

مک ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاسندي آهي، ته ڪوريئڙو ماٺ ڪري ڪين وهندو آهي.... ڪوريئڙو سک ڪين سمهندو آهي، بلڪ پنهنجي ڄار جي تارن کي وڌيڪ اڻڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.... تارون گهاٽيون ٿينديون وينديون آهن.... مک کي چرڻ جي جاءِ ڪين جڙندي آهي.... ويچاري ڦٿڪڻ کان به لاچار ٿي پوندي آهي، ۽..... ۽ پوءِ ڪوريئڙو کيس پنهنجي پيٽ ۾ پوري، سندس وجود ئي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.

مون نياز ۽ نمرتا جو ڄار وڇايو، تو لاڙو کاڌو....

مون صدا ورجائي، توکي جهڪڻو پيو....

مون ڪشتو وڌايو، تنهنجو متاع حيات اچي منجهه پيس..

مون ڪوڙين خوشين جا خزانا لٽايا، تنهنجي عقل تنهنجو ساٿ ڇڏيو....

مون توکي پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي سڏيو، تنهنجي خود اعتمادي موڪلائي هلي.... مون خدا ۽ مذهب جو ذڪر ڪيو، تو مڪمل غلامي قبول ڪئي....

پکي پڃري ۾ قيد ٿي چڪو هو.... مون چيريو.... مون ڦاڙيو.... ماس ڪوريو ۽.... ۽ چوسيل هڏيون راهه تي اڇلائي، ڪنهن ٻئي پکيءَ جو تلاش ۾ نڪري پيس.... منهنجو ڏوهه ڪهڙو؟.... مون ته ڪنهن کي ڪين چيو ته منهنجي ڄار ۾ ڦاسي!.... پنهنجي خود اعتماديءَ جو ساٿ ڇڏي!.... عقل کي خيرباد چوڻ جي صلاح به ته مون ڪنهن کي ڪين ڏني هئي!....

خدا ۽ مذهب جون مرليون مون وڄايون، ٻيو ڪو ڄاڻي ٻجهي انڌو ڇو ٿي پوي؟ مون پنهنجو پورهيو ڪيو.... منهنجي محنت کي ته ڏس! ۽.... ۽ مليو ڇا اٿم؟ تون،.... ۽ توجهڙا ٽي ٻيا پکي.... منهنجو ”متاع حيات“.... منهنجي فهم.... منهنجي عقل.... منهنجي طلسم جو حاصل!

غريب،..... خدا سان شڪوو نه ڪر.... قسمت جو ماتم نه ڪر....

تو وٽ عقل هو، تو ڪوڙين خوشين تي اُهو قربان ڪري ڇڏيو....

تو وٽ خود اعتمادي هئي، تو منهنجي ساٿ تي اها صدقو ڪري ڇڏي....

او هاريل رانديگر!.... منهنجا منتر ڪم ڪندا رهيا.... منهنجو جادو ڇانئيو رهيو.... تون ستو رهئين... سمهيل آهين... ستو رهندين..... ۽ جيسين ستو رهندين...... تيسين..... او هاريل جواري!....

منهنجي طلسم جا شڪار!.... منهنجو ”متاع حيات“.... مون کان ڪوئي ڇو کسي؟

 

خليل جبران

سنڌيڪار ”تاج“ صحرائي

جمال

اي جدا جدا مذهبن جي رستن ۽ راهن ۾ ڀٽڪندڙ انسانو! متضاد عقيدن جي ديوارين ۾ سرگردان ڀٽڪڻ وارؤ!

اچو ”جمال“ جي مذهب تي ايمان آڻيو، ۽ ان کي، خدا سمجهي، ان کان حجاب کائو. هيڏيءَ ساريءَ ڪائنات ۾ ”جمال“جي خدائي ڇانيل آهي. توهان جي سڀني علمن جو سرچشمو اهوئي ”جمال“ آهي. انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو، جي مذهب کي بيڪاريءَ جو مشغلو سمجهدا آهن. جي زندگيءَ جي ڏينهن کي دولت جي حرص، ۽ راتين کي عيش ۾ بسر ڪن ٿا. توهان ”جمال“ جي خدائيءَ ۾ يقين رکو. توهان ”جمال“ کي ڏسڻ بعد ئي زندگيءَ سان پيار ڪري سگهو ٿا. ۽ پوءِ وڏيءَ سعادتمنديءَ سان ”محبت“ جي طرف خيال ڏيو.

هو عورت جي معرفت توهان کي عقل جو آئينو ڏيکاريندو، ۽ توهان جي سرڪش روحن ۾ زندگيءَ جا جوهر ڀريندو.

.... ۽ بي ڪار لفاظين جي اوندهه ۾ پنهنجي زندگيءَ جي گهڙين کي ضايع ڪرڻ وارؤ! فضول فڪرن ۾ غرق رهڻ وارو! ”جمال“ توهان کي اهڙيءَ حقيقت جو رستو ڏيکاريندو، جو توهان جي شڪن کي زائل ڪندو. ”جمال“ اهڙي روشني آهي جا باطل جي تاريڪين ۾ توهان کي رستو ڏيکاريندي. بهار جو اچڻ ڏسو، ۽ سج جي اڀرڻ تي غور ڪريو- ”جمال“ سوچيندڙن جي حصي ۾ آهي. پکين جي گيت، ٽارين جي آواز، ۽ نديءَ ۾ وهندڙ پاڻيءَ جي لهرن جي شور تي ڪن ڏيو. ”جمال“ ٻڌندڙن جي قسمت ۾ آهي. معصوم جي بي فڪري، جوان جي دل، شباب جي قوت، ۽ پيريءَ جي عقل کي ڏسو- ”جمال“ ڏسڻ وارن کي عزت جي نگاهن سان ڏسي ٿو. نرگس جهڙين اکين، گلاب جهڙن ڳلن، ۽ مکريءَ جهڙي منهن جي ثنا جا گيت ڳايو- ”جمال“ اهڙن گيتن ڳائڻ وارن جو قدر ڪري ٿو. سروَ قد محبوبه جي رات جهڙن ڪارن زلفن جي، ۽ هاٿيءَ جي صفيد ڏندن مثل گردن جي تعريف ڪريو- ”جمال“، اهڙيءَ ساراهه ڪرڻ وارن جو ساٿي آهي.

حسن کي سامهون وهاري، ان جي ساراهه جا ڍڪ ڀريو، دل کي محبت جي قربانگاهه تي ذبح ڪريو ”جمال“، اهڙيءَ ساراهه ۽ قربانيءَ ڪرڻ وارن کي سٺو بدلو ڏيندو آهي.

اي! ”جمال“ جي آيتن، ۽ ”جمال“ کي تسبيحن تي پڙهڻ واروء، خوش ٿيو غم جو فڪر نه ڪريو: توهان کي ڪوبه خوف نه آهي، ۽ نه توهان کي مايوس ٿيڻ گهرجي.

 

........................

 

تون هميشہ ’بزم وصل‘ ۾ رهيو آهين، توکي ”درد هجران“ جي ڪهڙي خبر! ۽ ”غم جان“ جي ڪهڙي خبر؟

سڄي عمر، راحت کان سوا تو ڪابه چيز ڪانه ڏٺي آهي، ان صورت ۾ مزدور ۽ دهقان جي زحمت ۽ محنت ۽ مصيبت جي توکي ڪهڙي خبر؟

تنهنجي دل ۽ دماغ، جذبات ۽ وجدان تي ”رپيو“ طاري آهي، توکي حقيقي جذبات ۽ وجدان جي ڪهڙي خبر؟

تنهنجي زندگيءَ جو سارو خرچ، عيش جو سامان، محصول، ۽ ڏيتيءَ ليتيءَ جي رقم، ڪباب ۽ شراب جو مصرف ته ”هارين جي انبار“ مان نڪري ٿو. ان صورت ۾ توکي، ”هڪ مانيءَ جي قيمت“ ڪهڙي خبر؟

تون ريشم، مخمل، سنجاب ۽ ڪيمخواب ۾ ملبوس ٿو رهين، توکي ان ”تن عريان“ جي ڪهڙي خبر جو گرميءَ ۽ سرديءَ ۾ ”اگهاڙو“ رهي ٿو؟

تون ’انساني احساسات‘ کان خالي آهين، ان صورت ۾ مزدوري ڪندڙ، اهل ڪمال ۽ اهل هنر ماڻهن جي مصيبتن جي توکي ڪهڙي خبر؟

(ابوالقاسم- لاهوتي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com