اصل انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر س. پ. ڇٻلاڻي جو
سنڌيڪار: سراج الحق
سنڌ جي اقتصادي تاريخ
(قسط پهرين)
”اسي في صدي لکيل تاريخ، مصر جا اشڪال نويس وانگر،
رڳو مذهبي اڳواڻن ۽ بادشاهن جي عظيم ڪارنامن جي
ساراهه سان ڀري پئي آهي“(1).
تاريخ مان اڪثر مراد هيءَ ورتي ويئي آهي ته ان ۾،
هڪ روزنامچي طور، رڳو سياسي ۽ فوجي واقعن جي وچور
ڏني وڃي، ۽ منجهس، محض بادشاهن ۽ وزيرن، جنگين ۽
حڪومتن جا داستان ۽ افسانا بيان ڪيا وڃن. هر ڪنهن
تاريخ نويس پنهنجيءَ پر ۾، گذريل زماني کي سمجهائڻ
۽ ان جي تعبير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ان جي ڪن
خاص صورتن تي زياده زور ڏيڻ سبب، هنن هميشہ ان جا
ٻيا ڪيترا پهلو نظر انداز پئي ڪيا آهن. جامع تاريخ
لاءِ، ”تحقيق ۽ کوجنا جا، جيڪي علمي ۽ ادبي طريقا
۽ صلاحيتون لازمي آهن، سي سڀيئي ڪنهن هڪ مورخ کي
هڪ ئي وقت، بدرجهءِ اتم ميسر هجن: زندگيءَ ۾، اهو
حسن اتفاق تقريباً ناممڪن آهي.“(2)
مشهور تاريخ نويس گبن کي، هڪ حيثيت ۾ ’ڪامل مورخ‘
سڏيو ويو آهي، پر ڪٿي ڪٿي، خود هن به تاريخي
حقيقتن کي ظاهر ظهور غلط انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ۽
سندس باري ۾ اڪثر عالمن جو رايو اهوئي آهي ته هن
”بادشاهن جا، ضرورت کان زياده، ويهي بيان ڪيا
آهن.“(1).
گذريل زماني جي مري کپي ويل بادشاهن جي تاريخ جو
مطالعو واقعي هڪ بي سود مشغلو ٿيندو، جيڪڏهن ان
مان رڳو هي به معلوم نه ٿي سگهي ته حال ۽ ماضيءَ
جو پاڻ ۾ ڪهڙو رستو آهي، ڪيئن حال پيدائش آهي
ماضيءَ جو، ۽ ماضي سبب آهي حال جو جيڪو ان جو لازم
نتيجو آهي! تاريخ جي صحيح اڀياس مان ئي معلوم ٿيڻ
گهرجي ته گذريل زماني جون بادشاهتون، حڪومتون ۽
مختلف انساني سماج ڪيئنءَ ۽ ڇو آهستي آهستي نٻل ۽
نستا ٿيندا، آخر ڊهي وڃي پٽ پيا، ۽ پوءِ ڪيئن انهن
”ڊٺل دڙن“ مان انسانيت جا تازا ۽ خوشبوءِ دار گل
نئي سر ڦٽي نڪتا! زندگيءَ جي جدا جدا ”تصويرن جي
هڪ بي جوڙ مجموعي“ کي صحيح تاريخ نٿو سڏي سگهجي:
تاريخ ته زندگيءَ جي هڪ جامع ۽ لاڳيتي فلم آهي،
جيڪا انسانن جي گذريل ڪارگذارين کي اسان جي
سامهون، اهڙيءَ سچيتائيءَ سان آڻي ٿي پيش ڪري، جو
اُن کي ڏسڻ سان چئي سگهون ٿا ته ”انسانن جون اهي
سموريون ڪارگذاريون ڪيئن نه هڪ ٻئي سان، سبب ۽
نتيجي جي رشتي ۾، ڳنڍيل ڳتيل پئي رهيون آهن، ۽
ڪيئن انهن، اسان جي زندگيءَ جي هن رنگا رنگي حسين
پوش لاءِ، هميشه تاڃي پيٽي وارو ڪم پئي ڏنو آهي“(2).
تاريخ نويس جو مکيه ڪم اهو آهي ته هو انساني ادارن
جي تشريح ڪري ۽ انهن قوتن جو پورو پورو اندازو
لڳائي جيڪي انسان ۽ سندس ماحول تي، وقت بوقت، اثر
انداز پئي رهيون آهن، انسانن جي جملي حاصلات جو
مناسب ڪاٿو ڪري، ۽ انسان جي موجوده ڪماليت جو آڳو
۽ پيڇو مفصل طرح سمجهائي. زندگيءَ جي ڳاهيل ٻار کي
وائري، تهُن کان اَنَ الڳ ڪري، ٻڌائي ته انساني
زندگيءَ جي هن عظيم داستان ۾ جنگ ۽ امن، ماڻهو ۽
سندسن تحريڪون، اوچا آدرش ۽ ڪوڙا ويساهه، عادتون ۽
رسم و رواج، جن ان داستان کي، هڪ نه ٻئي طرف،
هميشہ پئي اڳتي نيو آهي، تن جي اصل حقيقت ۽ اهميت،
هر منزل تي ڪهڙي پئي رهي آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ملڪ
جي صحيح تاريخ جو مقصد فقط هيءُ ٿي سگهي ٿو ته
سندس جملي رهواسين جي سماجي، اقتصادي، سياسي،
مذهبي ۽ ذهني حالتن جو ڳوڙهو اڀياس ۽ پوري ڇنڊ ڇاڻ
ڪئي وڃي، جدا جدا وقتن جي عام رجحانن ۽ تحريڪن جي
دريافت ڪئي وڃي، مختلف انساني ادارن جي لاهن چاڙهن
جا سبب معلوم ڪيا وڃن! حاصل مطلب ته سڌريل ۽ مهذب
انسانن جي اصلي زندگيءَ جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش
ڪئي وڃِ ته جيئن انسان جي گذريل آزمودن ۽ تجربن جي
حاصلات جو صحيح ملهه مقرر ٿي سگهي.
تايخي کوجنا جي هاڻوڪي رخ مان ڏسجي ٿو ته ”تاريخ
جو بنيادي محرڪ، هر زماني ۾ فقط اقتصادي معلوم پئي
رهيو آهي“
(1). مارشل جو چوڻ واقع درست آهي ته انسان جي
زندگي، جن به قوتن جي زير اثر رهندي پئي آئي آهي،
تن سڀني ۾ ”مذهب ۽ اقتصاديت کي هميشه ابتدائي ۽
بنيادي جڳهه حاصل پئي رهي آهي، ۽ مذهب ۽ اقتصاديت
جا اثر، ٻين سڀني قوتن جي جملي اثر کان، هر حالت
۾، گهڻو زياده اهم پئي ثابت ٿيا آهن“(1)،
ساڳي طرح، جان مارلي جو پڻ رايوآهي ته تاريخ ۾
جيڪي ڳالهيون سڀ کان وڌيڪ اسان جو ڌيان ٿيون ڇڪين،
سي آهن، سماج جي اقتصادي قوتن جون عظيم تحريڪون، ۽
ٻيو انسانن جا مذهبي عقيدا ۽ مذهبي تنظيمو(2).
موجوده زماني ۾ ته اقتصادي مسئلن کي، ويتر زياده
اهميت حاصل آهي، بلڪ انهن کي، انسان جي زندگيءَ ۽
سندس تاريخي ارتقا جو واحد بنياد تسليم ڪيو ويو
آهي. اقتصادي تاريخ جو، سڌيءَ طرح، انسان جي
اجتماعي زندگيءَ سان تعلق آهي. اهوئي سبب آهي جو،
علمي دنيا ۾ اڄ ڪلهه جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ان جي
مطالعي ڏانهن ڌيان ڏنو پيو وڃي(3).
سنڌ جي ڪابه لاڳيتي اقتصادي تاريخ هيستائين ڪانه
لکي وئي آهي. هن ڪتاب ۾، سنڌ جي فقط اڍائي صدين
(1592ع کان 1844ع تائين) جي اقتصادي تاريخ کي پيش
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. زراعت، صنعت، ڪاريگري،
۽ واپار سنڌ جي رهواسين جا هميشه خاص ڌنڌا پئي
رهيا آهن. اهي ڌنڌا ئي آهن ،جي سنڌ جي اقتصادي
تاريخ جا مکيه جزا آهن ۽ اسان جو مقصد به اهوئي
آهي ته انهن تنظيمن ۾ سندن هڪ ٻئي سان ڳانڍاپي جو
اڀياس ڪجي، جن هن پرڳڻي کي تضاد جي زمين بنائي
ڇڏيو آهي. اها زمين، جا انهيءَ ڪشمڪش جي دور ۾،
مختلف مرحلن تي، ڪڏهن جنگ ته ڪڏهن امن، ڪڏهن ٺاپر
ته ڪڏهن فساد، ڪڏهن آسودگي ته ڪڏهن مفلسيءَ جو گهر
پئي رهي آهي. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ اڻويهين
صديءَ جي اوائل جي جڏهن انگريز واپارين ۽ سياسي
ايجنٽن هن پرڳڻي ۾ پير پاتو، تڏهن هنن هڪ اهڙو ملڪ
ڏٺو، جو پوئتي پيل ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل هو، جنهن تي هڪ
ٻئي سان وڙهندڙ جهيڙاڪ شهزادن ۽ بدنيت جاگيردارن
جو راڄ ۽ قبضو هو، ۽ جنهن جي قديم سوڀيا ۽ دولت ڄڻ
ته ڪو چورائي ويو هو. اها سنڌ برٽن جي لفظن ۾
”سنڌو دريا جي ڏکويل وادي“ بنجي ويل هئي. انهن
انگريزن جي تحريرن هڪڙو عام پر گمراهه ڪن اثر
پکيڙي ڇڏيو ته سنڌ، هميشه کان، هڙين ۽ شڪار گاهن،
ٻيلن ۽ جهنگن سان ڍڪيل هڪ ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪو نالي
ماتر واپار، صنعت ۽ ڪاريگري به نه پئي رهي آهي، ان
۾ ڪنا ۽ گندا شهر آهن، جن ۾ فقيرن ۽ پينن جي ٽولين
کان سواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪين ايندو(1)،
ان جا حاڪم سواءِ وڙهڻ، شڪار ڪرڻ، ۽ پنهنجي عقيدن
جي پرچار ڪرڻ کان سواءِ ڪو ڌنڌو ڪين ڄاڻن، هڪ اهڙو
ملڪ، جنهن جا ماڻهو، ”جاهل، ڄٽ، مغرور، بي صبر،
جهيڙاڪ ۽ پوئتي پيل آهن.“(2)،
جن ۾ نه تهذيب جا ڪي گڻ آهن، ۽ نه ڪي وحشپئي جا ئي
ڪي اوصاف منجهن آهن، جنهن جا هاري ناري اڌ بکيا ۽
مظلوم آهن، جن حياتيءَ ۾ غلاميءَ ۽ مفلسيءَ کان
سواءِ ڪي به ڪين ڏٺو آهي.
پر، حقيقت ۾، سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صديءَ جي سنڌ
هڪ سکيو ستابو ۽ آسودو ملڪ هو، جنهن جي ماضيءَ جا
سهڻا آثار اڃا تائين، عوامي آکاڻين ۽ گيتن ۾، سندس
قديم شهرن جي کنڊرن ۽ ڦٽل دڙن ۾ سدا جئرا آهن. ان
جي کيتي اوج تي هئي، صنعت ۽ ڪاريگري ترقي يافته
هئي، ان جا شهر سکيا ۽ آباد هئا، سندس واپار گهڻي
انداز م پري پري ڏيهن تائين هلندو هو. ان جا
واپاري ۽ تاجر، هندوستان ۽ يورپ جي جدا جدا ڀاڱن
تائين واپار سانگي ويندا هئا. ان جي عيوض وري سنڌ
۾ حملا ڪندڙ دشمن، سياح ۽ سيلاني، واپاري ۽ تاجر
وقت به وقت پيا ڀيرا ڪندا هئا. انهيءَ طرح، سنڌ جي
تاريخ، سنڌونديءَ جي اڻ ڪٿ وهڪري وانگر، هميشہ ورن
وڪڙن واري پئي رهي آهي، ۽ اهائي ساڳئي حقيقت سنڌ
جي اقتصادي زندگيءَ سان به لاڳو آهي.
کوجنا جو دوءر ۽ مقام
هن ڪتاب ۾ جنهن پرڳڻي جو اڀياس ڪيو ويو آهي، سو
آهي سنڌ اها سنڌ، جنهن انسانيت جي قديم ترين
تهذيبن کي پنهنجي جهوليءَ ۾ جاءِ ڏني ، اها سنڌ،
جا انسان ذات جي قديم ترين پناهن مان هڪڙي پانهه ۽
اجهو پئي رهي آهي، جنهن مان ڀانت ڀانت جي ذاتين ۽
رنگن جون بي شمار قومون لنگهيون آهن، ۽ هتي جي
رهواسين جي زندگيءَ، ٻوليءَ ۽ ريتن رسمن تي اهڙِون
لهرون ڇڏي ويئون آهن، جن جا نشان ڪڏهن مٽجي نه ٿا
سگهن.
سنڌ جون حدون، هميشہ اهي نه رهيون آهن، جيڪي اڄ
آهن(1)
چچ نامي
(2) مان اسان کي خبر پوي ٿي ته راءِ گهراڻي جي
راڄ ۾، سنڌ هڪ طرف اوڀر ۾ ڪشمير تائين(3)
۽ اولهه ۾ مڪران تائين پکڙيل هئي، ته ٻئي طرف
ڏکڻ ۾ سمنڊ هوس ۽ اتر ۾ ڪاردان ۽ ڪيڪنان جون
ٽڪريون هئس. تحفة الڪرام موجب وري، اڀرندي واريون
سرحدون قنوج تائين هيون، ۽ اتر واريون حدون قنڌار،
سيستان ۽ سليمان جبلن تائين هيون، ڏکڻ ۾ سورت جو
بندر هوس. سنڌ صوبي جي ٻوليءَ جو لاڳاپو، پنجاب،
ڪشمير ۽ سرحد صوبن جي ٻولين سان ايترو ته ويجهو
آهي، جو اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته سنڌ جون
حدون ڪنهن وقت، اڄوڪن حدن کان گهڻو وڌيڪ وسيع
هيون. الور جو پراچين شهر، جو هينئر ڦٽل حالت م
موجود آهي، تنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾
نه رڳو سنڌ، پر خود سموري هندستان جي گاديءَ جو
هنڌ پئي رهيو آهي.(4)
اهائي ’وڏي سنڌ‘ هئي، جنهن جو هڪ حصو ’هاڻوڪي سنڌ
سڏيو وڃي ٿو ۽ سندس اهو نالو ”سنڌ“ اڃا تائين
هلندو اچي. پوءِ جڏهن اڪبر جي شاهي فوجن 1592ع ۾
صوبي سنڌ کي دهلي شهنشاهت سان ملائي ڇڏيو، تڏهن
سنڌ جون اهي ئي حدون وڃي رهيون، جي گهڻو ڪري اڄ
آهن، يعني اهو ملڪ، جو
%35-
30 اتر ويڪرائي ڦاڪن
%66-
42 ۽
%70-
10 اوڀر ڊگهائي ڦاڪن ۾ اچي ٿو وڃي. ۽ جنهن ۾ فقط
سنڌونديءَ جي هيٺين ماٿري شامل آهي. اهوئي ٽڪرو
آهي، جنهن جو اڀياس هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي، ۽
انهيءَ ڪري، هن اڀياس جو دائرو، سنڌ ۾ مغلن جي
ڪاهه (1592ع) کان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ سان، سنڌ جو
اوائلي وچون دور پورو ٿئي ٿو ۽ نئون دور شروع ٿئي
ٿو. انهيءَ دور ۾ جيڪو اڍائي سوء سال جو عرصو اچي
وڃي ٿو، سو صوبي جي تاريخ جو هڪ مکيه دور آهي. ان
دور ۾، سياسي جهيڙن فسادن جي باوجود، سنڌ جي اصلي
معاشرتي توڙي اقتصادي جوڙجڪ تبديل نه ٿي، بلڪ ان
سموري عرصي ۾ ان جي بنيادي وحدت قائم رهندي آئي.
انهيءَ دور جو خاتمو تڏهن ٿيو جڏهن انگريزن 1843ع
۾ سنڌ تي ڪاهيو، ۽ صوبي کي پنهنجي حڪومت سان ملائي
ڇڏيائون. تنهن کان پوءِ وري سنڌ جي زندگيءَ جو هڪ
نئون باب شروع ٿيو. ان وقت کان وٺي، سنڌ جي ارتقا
بلڪل مختلف بنيادن تي ٿي آهي. اهوئي عرصو، جو
1592ع کان 1843ع جي وچ ۾ اچي ٿو، سنڌ جي مٽجندڙ
سٽجندڙ تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ روشن باب آهي، ۽ هن
ڪتاب ۾ انهيءَ دور جو ئي اڀياس پيش ڪيو ويو آهي.
معلومات جا ذريعا ۽ سندن خاميون:
انهيءَ دور جي اقتصادي زندگيءَ جي صحيح تصوير چٽڻ
لاءِ ضروري مواد گڏ ڪرڻ ڪنهن به طرح سولو نه آهي.
سنڌ جي انهن ڏينهن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي
حالتن جو اعتبار جوڳو رڪارڊ تمام ٿورو آهي. ۽ اها
ساڳي حالت هندوستان جي ٻين صوبن سان به لاڳو آهي.
انهيءَ دور سان لاڳاپو رکندڙ، سنڌ جون ست مشهور
تاريخون آهن: ”تاريخ معصومي“، ”تاريخ طاهري“،
”بيگلار نامو“، ”ترخان نامو“، ”تحفة الڪرام“ ”فتح
نامو“ ۽ ”فريئر نامو“. پر سنڌ جي تاريخ نويسن
هميشه حاڪمن جي درٻار جي سرپرستيءَ هيٺ لکيو،
انهيءَ ڪري، انهيءَ طبقي جي ذهنيت مطابق، هنن فقط
حڪومت ڪندڙ خاندان جي ڪارنامن ۽ مشهور معروف
درويشن جي ڪرامتن کي لکيت ۾ آڻڻ کي ئي ترجيح ڏني.
هنن ڌرتيءَ جي اصلوڪن سپوٽن، هارين نارين، ڪمين
ڪاسبين، استادن ۽ ڪاريگرن جي غريباڻين زندگين ۽
ڌنڌن سان ڪو واهپو نه رکيو. انهن غريبن جا سادا ۽
مختصر احوال، جيڪڏهن ڪٿي ڏسجن ٿا، تڏهن به اڻپورا
۽ غير اطمينان بخش آهي.
ان دور جي تاريخن مان، ”آئين اڪبري“ به سنڌ جي
تاريخي لحاظ کان ڏاڍي اهم آهي، ڇو ته ان مان اسان
کي سنڌ جي سياسي ورهاڱي، زمين جي ڍلن جي سرشتي
وقت جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي ڄاڻ، پوءِ اڻپوري
ئي سهي، ٻين تاريخن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ملي ٿي.
معلومات جي ٻئي حصي کي اسين ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون
ٿا:
(الف) ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا اهي رڪارڊ، جي سنڌ ۾
(62ع-1625ع ۽ 75-1758ع ۾) سندس ڪوٺين ۽ ڪارخانن
قائم ٿيڻ وقت، سندس واپاري لاڳاپن ۽ حيثيت متعلق
آهن.
(ب) انهن سيلانين جا احوال، جن سترهين صديءَ ڌاري
سنڌ جو سير سفر ڪيو، جن مان هيٺيان مشهور آهن:
نڪولس وٽنگٽن (1616ع)، فادر مانرڪ (1640ع)، نڪو
لاءِ منوسجي (1655ع) ۽ ڪئپٽن اليگزينڊر هئملٽن
(1699ع).
(ج) انگريزي حڪومت کان اڳ ۽ پوءِ جي سياسي ايجنٽن
۽ سفيرن جون اهي تحريرون، جن ۾ سنڌ جي سماجي،
اقتصادي ۽ سياسي حالتن تي ڪافي معلومات ۽ مواد
آهي. انهن مان مشهور لکندڙ هي آهن: ڪرو، ايلس،
پاٽنجرس، ڊيل هوسٿ، مڪمرڊو، ڊاڪٽر برنس، برٽن،
اليگزينڊر برنس ۽ ٻيا.
برٽش حڪومت جي وقت جا رڪارڊ، ۽ مٿي ٻڌايل سيلانين
۽ ٻين ماڻهن جون تحريرون، جيتوڻيڪ سنڌ جي صنعتي ۽
تجارتي آسودگيءَ تي ڪافي روشني وجهن ٿيون، تڏهن به
انهن ۾ اها خامي آهي، جو انهن، ان وقت جي زراعت جي
طريقن ۽ سرشتن، ۽ عام ماڻهن جي حالتن، ۽ صنعتي ۽
تجارتي جوڙجڪ ۽ تنظيم تي پورو ڌيان نه ڏنو آهي. ان
هوندي به انهن مان چڱي معلومات ملي ٿي ۽ اهي لکندڙ
پنهنجي تيز ۽ دوربين نگاهه ۽ يادگيرين جي خزاني
مان سنڌ جي اهڙي تصوير چٽي ويا آهن، جا مٽجي نه
ٿي سگهي.
انگريز سياسي ڪامورن ۽ اڻويهين صديءَ جي ٻين مصنفن
جا واضح بيان سڀ کان وڌيڪ اعتبار جوڳا آهن.
جيتوڻيڪ ائين صحيح آهي ته هو سنڌ ڏانهن مڙيوئي غير
همدرد پئي رهيا آهن، ۽ گهڻو ڪري سندسن تحريرون
سطحي آهن، ان هوندي به هو پنهنجي نقطهء نگاهه ۽
نظرين ۾ سائنٽيفڪ ۽ علمي هجڻ جي دعويٰ ڪري سگهن
ٿا. اهي سموريون تحريرون گڏ ڪرڻ کان پوءِ به، سنڌ
جي تاريخي مواد ۾ خال رهجي وڃن ٿا، جن لاءِ ڪو به
ڏس پتو ڪونه ٿو ملي. اها ڳالهه اسان جي اڀياس کي
مڙيو ئي وڌيڪ ڏکيرو بنائي ٿي. ان هوندي به، جئن ته
هيءُ اڀياس گهڻو تڻو، سنڌ جي اقتصادي حالتن ۽
رجحانن سان لاڳاپو رکي ٿو، ان ڪري انهيءَ سڄي مواد
مان مختلف حقيقتون، جي زندگيءَ جي مختلف دورن مان
لنگهي اسان تائين پهتيون ۽ جن جي وچ ۾ اسين اڃا به
رهون ٿا، گڏ ڪري، هڪ چڱي ۽ اعتبار جوڳي تصوير چٽي
سگهجي ٿي. هر قوم جون سماجي ۽ اقتصادي حالتون
تبديل ٿينديون رهنديون آهن. اها تبديلي لاڳيتي سال
بسال نه هوندي آهي، پر آهستي آهستي ڪن پيڙهين
تائين اها تبديلي جاري رهندي آهي. انهيءَ ڪري اسين
موجوده صورتحال جي روشنيءَ ۾، هٿ ڪيل مواد ۽
حقيقتن مان، ڪيترين ئي گذريل سماجي ۽ اقتصادي
حالتن ۽ حقيقتن جي ماهيت ۽ ارتقا کي ڳولي لهي
سگهون ٿا.
مٿين مصنفن کان سواءِ، چند جديد اعتبار جوڳا ليکڪ
به آهن، جن هن صوبي تي خاص ڌيان ڏنو آحي. انهن مان
ائبٽ ۽ سورلي مکيه آهن. سنڌ کي پنهنجي پراچين
سڀيتا ۽ قديم عظمت تي بجا ناز آهي. ائبٽ، ’ڏکويل
واديءَ کي نئين سر سمجهائيندي‘ سنڌ جي انهيءَ جائز
دعوا جي پٺڀرائيءَ ۾ نهايت معقول دليل پيش ڪيا
آهن، ۽ ڊاڪٽر سورلي وري ارڙهين صديءَ جي سماجي
تاريخ جو احوال ڏنو آهي، جنهن ۾ هن تڏهوڪي صورتحال
کي سمجهڻ ۽ پيش ڪرڻ م انتهائي همدرديءَ ۽ صحيح فهم
کان ڪم ورتو آهي. هو اسان کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
جي ڪارخانن بابت ڪجهه ٻڌائي ٿو، ۽ سنڌ جي ان وقت
جي صنعت ۽ تجارت جون مکيه ڳالهيون به بيان ڪيون
اٿس. پر هن جي انهيءَ ڪوشش ۾ به هن نڪتي تي تمام
گهٽ بحث ٿيل آهي ته انهيءَ دور ۾ صوبي جي زرعي
حالتن ۾ ڪهڙيون ڦيريون گهيريون ٿيون ۽ هتي جي
رهواسين جي آباديءَ ۽ آدمشماريءَ ۾ انهن ڦيرين
گهيرين جي ڪري ڪهڙيون تبديليون آيون. درحقيقت اهي
ئي ڳالهيون آحن، جي سنڌ جي اقتصادي زندگيءَ ۽
حالتن جي مکيه پهلوئن کي صحيح طرح سان واضح ڪري
سگهن ٿيون.
انهيءَ کان سواءِ، مورلينڊ ۽ پلي، مڪرجي ۽ ونسينٽ
سمٿ، بالڪرشن ۽ شفاعت احمد خان جون بهترين تصنيفون
به هن ڏس ۾ ڪافي مدد ڏين ٿيون. جيتوڻيڪ انهن جو
تعلق، سنڌ سان تمام گهٽ آهي، ان هوندي به انهن
مان، وقت جي اقتصادي حالتن کي سمجهڻ ۾ ڪافي مدد ۽
رهبري ملي ٿي.
سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي رڪارڊن مان به هن ڏس ۾
ڪافي قيمتي مواد ملي ٿو. انهن مان گهڻو حصو ته
خالص تاريخي اهميت ٿو رکي، تڏهن به انهن مان صوبي
جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن تي به ڪجهه روشني پوي
ٿي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مغلن ۽ مغلن جي جاءِ
نشين ڪلهوڙن(1)،
۽ پوءِ ٽالپرن جي وقت ۾ به ڪيترائي مصنف هئا، پر
انهن جو گهڻو ڪم گم ٿي ويل ٿو ڀائنجي. ان هوندي به
جيڪي ڪجهه مواد موجود آهي، ان مان اهو ممڪن آهي ته
انهيءَ دور جي سنڌ جي بنيادي اقتصادي صورتحال جو
گهڻي قدر اعتبار جوڳو احوال پيش ڪري سگهجي.
2. سنڌ جي جاگرافي
(انسان ۽ ماحول)
تايخ ۾ جاگرافيءَ جي اهميت
اها ڳالهه هاڻ سڀ تسليم ٿا ڪن ته انساني تاريخ ۽
سندس سماجي ۽ اقتصادي زندگيءَ تي جاگرافيءَ جي
حقيقتن جو تمام گهڻو اثر آهي. جنهن طبعي ماحول جي
اندر انسان هلي گهمي ٿو، پنهنجا ڪم ڪاريون ڪري ٿو،
ان جو، ملڪ جي سماجي، اقتصادي، سياسي ۽ اخلاقي
ارتقا تي ڪو گهٽ اثر نه ٿو ٿئي، بلڪ هاڻ ته گهڻو
ڪري اهو پيو محسوس ڪيو وڃي ته جاگرافيءَ جي پس
منظر ۾، ڪنهن قوم جي سماجي ۽ اقتصادي تاريخ پاڻ
وڌيڪ جامع لکي سگهجي ٿي. انڪري، ڪنهن ملڪ جي
اقتصادي تاريخ کي سمجهڻ، ۽ انهن قوتن، جن انسان جي
ڪارگذارين تي پنهنجو اثر ڄمايو آهي، هن جي شخصيت
کي ٺاهيو آهي، ۽ هن جي تنظيمن کي ڪا صورت ڏني آهي،
تن جي اندازي لڳائڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين ان
ملڪ جي ’انساني جاگرافيءَ‘ جو اڀياس ڪيو وڃي.
انسان ۽ ماحول
انسان ماحول جو ٻالڪ آهي ۽ ڏاهن سچ چيو آهي ته
انسان جي سموري تقدير جي تشڪيل به انهيءَ خاموش،
اڻ لکي پر اڻ ٽر ۽ بي ترس ماحول جي هٿان ٿي ٿئي(1).
ڪنهن ملڪ جي قدرتي پيداوار مان ئي، ان جي ترقيءَ ۽
واڌاري جو اندازو لڳائي سگهبو آهي ۽ اتي جي
رهواسين جي ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڄاڻ پئجي سگهندي آهي.
ٻين ملڪن سان سندس لاڳاپن ۽ انهن جي نوعيت جو دارو
مدار به سندس طبعي بيهڪ تي ئي آهي.
هر ڪنهن قوم جي ماڻهن جي جسماني بناوت ۽ مزاج تي،
ملڪ جي آب و هوا جو وڏو اثر آهي. نه رڳو ايترو، پر
آب هوا سندن ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ اورچائيءَ تي به
وڏو اثر ڪري ٿي. مثال طور، ٿڌن ملڪن جا ماڻهو
جانٺا ۽ اورچ ٿين ٿا ۽ گرم ملڪن جا ماڻهو وري
سانتيڪي ۽ آرام پسند زندگي گذارين ٿا.
جيتوڻيڪ ماحول جي اثر کي ريٽي نه ٿو سگهجي، ان
هوندي به اهو وسارڻ نه گهرجي ته انسان وٽ به ارادي
۽ عزم جي قوت آهي، ۽ هو هميشہ انهيءَ ڪوشش ۾ رڌل
رهيو آهي ته جئن پنهنجي ماحول جي قوتن تي قابض ٿي
وڃي. جن تڪليفن ۽ رنڊڪن هن جي اڳتي وڌيل قدم کي
روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن تي قابو پائڻ لاءِ
انسان هميشہ کان اڻٿڪ ۽ اورچ ٿي قدرت سان وڙهندو
رهيو آهي. جئن جئن انسان ماحول تي قابو پائيندو
وڃي، تئن تئن زندگيءَ جي واقعن تي ٻاهرين طبعي
حالتن جو اثر گهٽبو وڃي(1).
هندوستان جا رهواسي اڃا تائين ماحول تي ايڏي قدرت
حاصل نه ڪري سگهيا آهن، جيتري مغربي ملڪن جا ماڻهو
حاصل ڪري چڪا آهن. انڪري، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾،
هندوستان جي تاريخ تي سندس طبعي بيهڪ ۽ بناوت جو
اثر گهڻو وڌيڪ پئي رهيو آهي. هندوستان جي جبلن ۽
دريائن جو، سندس اقتصادي زندگيءَ تي ڪافي گهرو اثر
آهي. هتي جي ماڻهن جي اقتصادي زندگيءَ تي هماليه
جبل ڇانيل آهن، هتي جون زبردست نديون، سنڌو ۽
برهمپترا، گنگا ۽ جمنا، جي هندوستان جي وسيع ميدان
کي زرخيز بنائين ٿيون، انهن جبلن مان ئي نڪرن
ٿيون. ملڪ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ، زمينن جي درجيوار
زرخيزيءَ، ڍلن جي سرشتي، زراعت جي نمونن،
آدمشماريءَ جي ورهاست ۽ ماڻهن جي درجيوار آسودگيءَ
تي انهن ندين جو وڏو اثر آهي(1).
سنڌ جي جاگرافي
سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ تي سندن ماحول جي اثر جو
اڀياس ڏاڍي دلچسپي ۽ اتساهه پيدا ڪندڙ آهي. سنڌي
جي طبعي ماحول جو هتان جي حالتن تي خاص ضابطو پئي
رهيو آهي ۽ سنڌ جي سياسي توڙي اقتصادي زندگيءَ کي
ٺاهڻ ۽ ڦٽائڻ ۾ گهڻيءَ حد تائين طبعي حالتون ئي
جوابدار آهن. سنڌ جي طبعي طور مرڪزي بيهڪ، سندس اڻ
ٿڪ ۽ دائمي طرح گهرجائو پاڙيسري، سندس نديون، سندس
آب و هوا، سندس سمنڊ، سندس رڻ پٽ، سندس ڊيلٽا ۽
سندس زرخيز ميدان انهن سمورن جو سنڌ کي ”سنڌ“
بنائڻ ۾ وڏو هٿ آهي.
طبعي حصوصيتون
سنڌ، بيهڪ ۾ ٽڪنڊي جي شڪل جي آهي. اولهه ۾ خشڪ ۽
ويران کير ٿر جبلن جي قطار اٿس، اوڀر ۾ هندوستان
جو وڏي ۾ وڏو رڻ پٽ ”ٿر“ اٿس، اتر ۾، سندس سوڙهي
چوٽي پنجن دريائن جي ديس سان وڃي ٿي ملي ۽ ڏکڻ ۾
ڪڇ جو رڻ ۽ عربي سمنڊ اٿس. سامونڊي ڪنارو تراکڙو ۽
اڻ ڀڳل اٿس، ان ڪري ڪي قدرتي بندر ڪين اٿس. ان
هوندي به سمنڊ جون اهي کاريون، جتي سنڌوندي ڪيترن
ئي وهڪرن ۾ ورهائجي، ڇوڙ ٿي ڪري، اهڙي نموني جون
آهن، جو اتان، گذريل زماني ۾، دهلي شهنشاهت جي
مرڪز دهليءَ، ملبار جي اڀرندي گهاٽن ۽ ڀونوچ سمنڊ
جي ڪنارن تائين سندس ٻيڙا ۽ غوراب هلندا هئا.
اهڙيءَ طرح جيتوڻيڪ، سندس مکيه ندي ’سنڌو‘ ان وقت
جي آمدرفت جو هڪ مکيه ذريعو هئي، جنهن سندس طبعي
اڪيلائي کي ٽوڙي، کيس ٻين ملڪن سان ٿي ڳنڍيو، تنهن
هوندي به سنڌ جي قدرتي پناهن جبلن جي قطارن، سمنڊ
۽ رڻ پٽ- وري سياسي سرحدن جو ڪم ٿي ڏنو. انهن
قدرتي حدن ئي سنڌ کي هميشہ هڪ الڳ ۽ جداگانه ملڪ
جي حيثيت ڏني آهي.
مرڪزي بيهڪ
ائين کڻي چئجي ته سنڌ، ايشيا ۽ يورپ جو مرڪز آهي،
ته به غلط نه ٿيندو. اڄ به سندس سامونڊي بندر
ڪراچي، هندوستان کان مغرب ڏانهن وڃڻ لاءِ ويجهي ۾
ويجهو بندر آهي. اها ڳالهه تسليم ڪئي وڃي ٿي ته
پراچين سمي ۾ تهذيب يافته دنيا سان سنڌ جا تمدني
توڙي واپاري لاڳاپا تمام قريبي ۽ گهٽا هئا. ويدن
جي زماني ۾ سنڌ، تهذيب جي وڏن مکيه مرڪزن مان هڪڙو
مرڪز هئي. اها سنڌ ئي هئي، جتان سڪندر اعظم
هندوستان تي ڪاهڻ کان پوءِ پنهنجي وطن ورندي اچي
لنگهيو هو، ۽ اها سنڌ ئي هئي، جتي عرب پهرين پهرين
واپار سانگي آيا ۽ پوءِ جڏهن مسلمان ٿيا، تڏهن ان
تي ڪاهه ڪيائون ۽ حڪومت ڪيائون. سنڌ، هر ڪنهن حمله
آور کي حملي ڪرڻ لاءِ هرکايو آهي. يونانين، عربن،
مغلن، افغانن، ايرانين ۽ راجپوتن سڀني ان تي قبضي
ڪرڻ ۽ ان کي آڻ مڃائڻ لاءِ پنهنجا ڪرتب ڪيا. ان تي
حملا به بي انداز ٿيا، وڏي پيماني تي ڪاهون ٿيون،
پر حمله آور ۽ ڪاهيندڙ ڪڏهن به سنڌ تي ڪو گهڻو
عرصو پنهنجو وارو ڄمائي نه سگهيا ۽ نڪي هتي جا
ماڻهو، انهن جنگين ۽ ڪاهن کان پيسجي پيڙجي هميشہ
لاءِ ۽ مڪمل طرح ڪو نابود ئي ٿي سگهيا! برعڪس
انهيءَ جي، پاڻ اهي قومون، جي سنڌ کي فتح ڪرڻ يا
واپار سانگي هت آيون، زماني گذرڻ تي، انهن مان
ڪيتريون، سنڌ ۾ رهي، سنڌ ۾ ملي جذب ٿي ويون، ۽ سنڌ
نواسي ٿي ويون. انهن ڀانت ڀانت جي قومن جي ماڻهن ۾
پنهنجي اصل نسل جا منهن مهانڊا اڃا تائين ظاهر
بيٺا آهن ۽ اها ”رلي ملي هڪ ٿي وڃڻ“ جي حقيقت نه
رڳو هنن جي ظاهري شڪل شبيهه، رسمن رواجن، عادتن
اطوارن، اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولائڻ مان ظاهر ٿي
ٿئي، پر سندن مکيه مذهبي تحريڪن ’تصوف‘ ۽ ’سک ڌرم‘
۾ به موجود آهي.
آب هوا
سنڌ جي آب هوا جو به، سنڌ جي اقتصادي زندگيءَ کي
تشڪيل ڏيڻ ۾ ڪو گهٽ هٿ نه آهي. سنڌ جي ميداني حصي
جي آب هوا اونهاري ۾ سخت گرم ۽ خشڪ آهي، ۽ سياري ۾
سخت سرد ٿئي ٿي. مينهن تمام ٿورو ۽ نالي خاطر پوي
ٿو، انهيءَ ڪري گرميءَ جو، هتي جي رهواسين جي صحت
۽ جسماني بناوت تي وڏو اثر آهي. فارسيءَ جي چوڻي
آهي:
’سيون‘ ’سبي‘ چون ساختي، دوزخ چرا پرداختي!
يعني، اي خدا، جيڪڏهن توکي سيوهڻ ۽ سبيءَ جا شهر
خلقڻائي هئا ته پوءِ دوزخ وري ڇا لاءِ ٺاهيئي!
جيڪب آباد ته اڄ تائين هندستان جي گرم ترين شهرن
مان هڪڙو آهي. انهي جو اثر اهو ٿيو آهي ته هتي جا
رهواسي نستا ۽ سست آهن. جيتوڻيڪ بلوچي قبيلا اڃا
تائين پنهنجي جنگجو خصوصيتن جي ڪري مشهور آهن. سنڌ
جي اڪثر ماڻهن ۾ پهنجي پاڙيسري صوبي پنجاب جي
رهواسين جي ڀيٽ ۾ ڦڙتائي ۽ اورچائي قدري گهٽ آهي.
4. سنڌوندي ۽ سندس اثر
صوبي جي اقتصادي ۽ سياسي زندگيءَ تي هن نديءَ جو
تمام گهڻو اثر آهي. سچ پچ ته سنڌ، سنڌونديءَ جو
سوغات آهي. سنڌونديءَ جا زرخيز ڪنارا، هن رڻ پٽ ۾
خيابانن مثل آهن. ريگستانن ۽ جبلن مان لنگهندي،
اها ندي تقريبا ’S‘
شڪل وڃي ٿي اختيار ڪري، ۽ سندس ان شڪل ۾ وهڻ سان،
پاڻ صوبي جي زياده ايراضيءَ کي پاڻي پهچي ٿو
جيڪڏهن اتر کان ڏکڻ ڏي سڌوئي سڌو وهڪرو هجيس ها،
ته تمام ٿوري ايراضيءَ کي پاڻي پهچي سگهي ها. سنڌ
ٻنهي چوماسن جي اثر جي دائري کان ٻاهر آهي، انڪري
سچ پچ ته جيڪڏهن اها سنڌوندي جا هماليه جبلن جي
برفن مان مالا مال ٿي، سڄو سال وهي ٿي، مينهن جي
اڻاٺ جو پورائو ڪندي زمين کي پوک لائق بنائي ٿي.
نه هجي ها ته اڄ سنڌ ۾ رڳي سڃ ئي سڃ پئي واڪا ڪري
ها ۽ ڪو بني بشر رهي به نه سگهي ها.
جنهن دور جو اسين اڀياس ڪري رهيا آهيون، ان دور ۾
اها سنڌوندي، پرڏيهي واپار ۽ تجارت جو ذريعو هجڻ
ڪري، سنڌ جي آسودگيءَ جو مکيه وسيلو هئي. سنڌو
نديءَ ئي ملڪ جي قدرتي اڪيلائيءَ کي ٽوڙي، کيس هڪ
اهڙي تجارتي اهميت بخشي ڇڏي، جنهن لاءِ ڪنهن وقت
سنڌ ديسان ديس مشهور هئي. انهيءَ نديءَ جي ڪناري
تي ئي، سنڌ جي مختلف تاريخي دورن ۾، الور ۽
منصوره، برهمڻ آباد ۽ بکر، ديبل ۽ لهري بندر،
سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جهڙا ناميارا شهر آباد ٿيا.
انهن شهرن مان گهڻا جيڪڏهن سنڌونديءَ جي ڪري ئي
ايڏا مشهور ٿيا، ته انهن جي اجڙڻ ۽ ڦٽي وڃڻ لاءِ
به سنڌونديءَ جو سدا ڦرندڙ گهرندڙ وهڪروئي جوبدار
آهي!
5. ٻوڏون
سنڌو نديءَ، جيترو گهڻو پنهنجي ڪپرن کان اٿلي آهي
۽ پنهنجو وهڪرو بدلايو اٿس، اوترو شايد هندستان جي
ڪنهن ٻي نديءَ ورلي بدلايو هوندو(1).
ائين هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪيو اٿس.
درياءَ جي انهيءَ طرح وهڪري ڦيرائڻ ۽ پائڻ جي ڪري
ملڪ جي اقتصادي زندگيءَ تي ٻه مکيه اثر ٿيا آهن:
هڪ طرف ته جبلن تان لهندي وقت، درياءُ پاڻ سان
رءُ، واري ۽ ريتي کڻيو ٿو اچي، اهو رءُ، جتان جتان
درياءُ وهي ٿو، اتي جي زمينن کي زرخيز بنائي ٿو.
انهيءَ ڪري هن رڻ پٽ ۾، درياءَ جي انهيءَ سڀاڳي
پاڻيءَ، پوک قابل ۽ زرخيز ميدان پيدا ڪري وڌا آهن.
ٻئي طرف وري، درياءُ ڪيترن ئي آباد ۽ آسودن شهرن
کي پائي، سندن بنيادن کي ئي ٻهاري ويو، جن جا کنڊر
اڃا به انهن وارياسن ٽڪرن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن کي
ساڳيو درياءُ پوءِ وري ڪوهن تي ڇڏي ويو! سچ پچ ته
سنڌ جو ڀاڳ اڀاڳ اها سنڌوندي ئي آهي.
وبائون
پاڻيءَ جي مند جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن ٻوڏ جو پاڻي لهڻ
لڳندو آهي، تڏهن مليريا، ڪالرا ۽ ٻيون وچڙندڙ
بيماريون ڦهلجڻ لڳنديون آهن. گذريل زماني ۾، اڄ
ڪلهه جهڙين طبي سهوليتن جي نه هجڻ ڪري، انهن آفتن
جي لپيٽ ۾ اچي ماڻهن جي حالت رحم جوڳي هوندي هئي.
مئڪڊونالڊ 1857ع ۾ انهيءَ جو نقشو هن طرح چٽيو آهي
۽ ان بيان مان ان زماني جي حالتن جو اندازو چڱيءَ
طرح لڳائي سگهجي ٿو: ”جڏهن درياءُ سڪي ويندو آهي ۽
سيلاب هٽندو آهي، تڏهن هڪ عجيب قياس جوڳي حالت
پيدا ٿي پوندي آهي. گهر گهر جا ماڻهو بي چاق ۽
بيمار گهٽين ۾، ڳوٺن ۾ ۽ شهرن ۾ تپن ۽ بيمارين جا
ماريل انسان، منهن پيلا، چپ سڪل ۽ اڇا، جسم ڏٻرا ۽
ڏڪندڙ مطلب ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته مڙدا
پيا ريڙهيون پائين. سال بسال اها حالت ٿيندي آهي ۽
ڀريا ٻه مهينا سڄو ملڪ انهيءَ نحوست ۽ آفت ۾ گهريل
هوندو آهي!“(1).
ان دور ۾، سنڌ ڏڪرن، وبائن ۽ بيمارين ۾ جيڪي سٺو،
ان جو احوال ڏاڍو درد ڀريو آهي. صوبي جي انهن غير
صحتمند حالتن جا وستار ته گهڻائي آهن، پر انهن مان
ٽن واقعن جا احوال وڌيڪ ڌيان ٿا ڇڪائين، ڇاڪاڻ ته
انهن ۾، نه رڳو سخت وبائن ۽ ڏڪرن ملڪ جي اقتصادي
زندگيءَ جا بنياد اکڙي ڇڏيا، پر ماڻهن جي ڳچ حصي
جي به تڏا ويڙهه ٿي ويئي! انگريز واپاري انهن
60-1659 بابت لکن ٿا ته: ”سنڌ ۾ ڏڪر ۽ پليگ ايتري
ته زور تي آهي، جو ماڻهن جو ڳچ حصو انهن جو بک ٿي
چڪو آهي. هن کان بچڙو ڏڪر ڪنهن به هنڌ نه آيو
هوندو ايتريقدر، جو جيڪي ماڻهو اڃا جيئرا آهن، سي
مري ويلن کي دفن ڪندي نه ٿا پوري پون“(2).
ساڳيءَ طرح، 1699 ۾ اليگزينڊر هئملٽن اسان کي
ٻڌائي ٿو ته هن جي اچڻ کان ٽي سال اڳ ٺٽي ۾ ”هڪ
اهڙي سخت پليگ اچي پئي هئي، جنهن ٺٽي جي شهر ۽ ان
جي پسگردائيءَ تي ايڏو ته اثر ڪيو، جو رڳو ٺٽي جي
شهر جا، سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي جا 80000 ڪاريگر مري
ويا“(3).
وري 1764ع ۾ انگريز واپاري ايجنٽ لکن ٿا ته ”سنڌ ۾
هڪ اهڙي موتمار وبا ڦهليل آهي، جنهن هزارين جانيون
ختم ڪري ڇڏيون آهن. انهن مان ڪيترا اوني ڪپڙي جا
واپاري هئا. اڃا تائين اها وبا خطرناڪ صورت اختيار
ڪريو بيٺي آهي“(1)
حاصل مطلب
سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ طبعي حالتن، صوبي جي سماجي،
اقتصادي ۽ سياسي زندگي ٺاهڻ ۾ وڏو حصو ورتو آهي.
سنڌ، هندستان جي الهندي ڪناري تي هڪ خاص جڳهه تي
واقع آهي، جتان سندس ٻاهرين ملڪن سان لاڳاپو ۽ اچ
وڃ سمنڊ وسيلي نهايت آسان ۽ لازمي آهي. هڪ پاسي
ويران جبلن جون قطارون اٿس، ٻئي پاسي نيم گرم نيم
خشڪ ميدان اٿس: ۽ سڀ کان وڌيڪ، سندس وچون ئي وچ،
پنهنجي هوڏ تي هلندڙ سنڌوندي آهي. سنڌ جون اهي ئي
خصوصيتون آهن، جن هاڻوڪيءَ سنڌ کي ٺاهيو آهي اها
سنڌ، جنهن ۾ پراچين، وچين ۽ جديد دور جي سنڌ گڏجي،
جذب ٿي هڪ ٿي ويئي آهي. هندستان ۾ اهڙا ڪي ٿورا
حصا آهن، جتي تاريخ جي هڪ شاگرد کي اڀياس جو ايڏو
وسيع ۽ روشن ميدان ملي سگهي!
----------
’انسان‘ هن زمين تي، بلڪ ساري ڪائنات ۾، جوابدار ۽
باشعور هستي آهي. اهوئي هن ڪائنات جي تخليق ۽ رنگ
رونق کي سمجهي سگهي ٿو. اهوئي سمجهي سگهي ٿو ته
ڪائنات جو رخ هينئر ڪاڏي آهي، ۽ ڪاڏي وڃي رهي آهي،
۽ ’انسان‘ کي ڪهڙي اوڙاهه ۾ اڇلائڻ گهري ٿي. ٻئي
ڪنهن به مخلوق کان ان قسم جي اميد نه ٿي رکي
سگهجي. هڪ طرف ’انسان‘ جي اها نمايان حيثيت آهي، ۽
ٻئي طرف هو نهايت ذليل ۽ پست خيالن ۾ مبتلا آهي،
جتان سندس نڪرڻ جي لاءِ اڃا ته ڪا ظاهري اميد نظر
نه ٿي اچي.
انهن حالتن ۾ انسان جي آخري اميد ”علم جي حڪومت“
آهي. پر هن دور ۾ ”فطرت جا عالم“ (سائنسدان ۽
فيلسوف) به آزاد نه آهن. انهن کي هرهنڌ ”گنديءَ
سياست“ جو آله ڪاربنايو وڃي ٿو، اهي ماڻهو جن
هزارين ورهين جي لاڳتي جاکوڙ سان، ايجادن ڪري،
زمين کي سينگاري، ڪنوار بنائي ڇڏيو آهي، اهي تمام
ٿورين پگهارن تي ملازم رکيا ويا آهن، ۽ ان طرح
سندن زبانون بند ڪيون ويون آهن. هيءُ اهڙو ڏوهه
آهي، جنهن کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڏوهه ٿي نه ٿو سگهي. ذي
شعور عالمن جي طبقي تي فقط ذي شعور انسان ئي حڪومت
ڪري سگهن ٿا. ”دين فطرت“ جي تقاضا اها آهي. ٻيءَ
طرح انساني معاشري جي ڀلائي ممڪن نه آهي.
علامه مشرقي
سنڌي نثر مان مثالي فقرا
”ڪنهن به قوم جو علم ادب، سندس تاريخ جي جدا جدا
عرصن موافق، سندس خيالن ۽ جذبن جو آئينو آهي. ڪنهن
به خاص عرصي جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي
پهريائين اُن عرصي جي علمي خزاني کي کولڻو پئي ٿو.
سن ۽ حقيقتون تاريخ جو فقط بوتو ٺاهين ٿيون، پر
انهن جي رڳن ۾ روح تڏهن پوندو، جڏهن سندس ادبي
تاريخ جو زخيرو موجود هوندو، جنهن جي رستي اسان کي
خبر پئي، ته قوم جي قديم فردن جا ڇاڇا خيال ۽ جذبا
هئا، سندس علم جي مراد ڇا هئي، ۽ سندس رهڻي ڪهڻيءَ
جا ڪهڙا چشما هئا. مطلب ته هر ڪنهن قوم جي هستي
سندس عملي ۽ علمي ذخيري تي مدار رکي ٿي.“ (سنڌي
بورڊ آف اسٽڊيز جي ڇپايل ڪتاب ”سنڌي نثر ۽ نظم جو
انتخاب“ جي صفحي 28 تي درج ٿيل، ڊاڪٽر ع. م. دائود
پوٽي جي مضمون ”سنڌيءَ جي ادبي تاريخ“ مان ورتل.
چونڊيندڙ. م. د. سونيجي، 11، پارک نگر، گوڍ بندر
روڊ، ڪنڊيولي، بمبئي)
* * *
”گهڻي کڻت کنئي اٿيئي؟“
”سا ته شاهوڪار کي خبر. ٻه چار سوء ڏيڻا هوندا. ڇا
ڪريون؟ فصل لهي، ته زميندار کري تي اچي اڌ کڻي
وڃن، ٻج به ڏيڍو ڪري وٺن. شاهوڪار بنا به ڪين سري.
ان جو منهن جنڊ ڏي. ڏک ۾ ڏين، سک ۾ ڏين. اسان کي
کاڌ لاءِ کپي، انگ لاءِ کپي. مال مويشي ڳنهون،
جڳهو جهوپڙو اڏيون. ڪاڏي وڃون. فصل ته ٻيٺي ضبط.
آهر کٽي آيو اوبڻي، رن وڃايو رنبو. وهن ٿا ڍڳا،
کائن ٿا گهوڙا. پر سائين ڪاٺ جو ديڳڙو باهه تي
گهڻو وقت هلندو؟ هن سال ته مري ويا آهيون. وري به
پيا چئون ته ٻيلي گذريءَ کي ياد نه ڪجي، جا گذري
سا چوکي.“
(نارائڻداس رتمل ملڪاڻيءَ جي ڪتاب ”اناردانه“ ص ص
30-31، تان ورتل. چونڊيندڙ: ابوبڪر محمد بخش نئون
آباد ڪراچي 2)
* * *
”قدرت جو ڪتاب جيتوڻيڪ آهي وسيع، ۽ انساني سمجهه
کان ٻاهر، تڏهن به قادر، اهڙو ڪجهه نه آهه، جو
لڪايو هجي. جيڪڏهن ڪو گهرائيءَ ۾ ٽٻي ڏيئي ٿورو
غور سان جاچيندو ته کيس جهرڻي جي جهيڻي وهڪ اعليٰ
درجي جو سنگيت معلوم ٿيندي. مهراڻ جي موجن ۾ گجگوڙ
جي گرجنا کيس معنيٰ واري ڀاسندي. چنڊ جي چانديءَ ۾
هو ماه لقا محبوب جو مشاهدو ماڻي ٿو سگهي. گلن جي
سرهاڻ سڳند مان انڀوي انسان سهڻي سائينءَ جي حسن
جو هڳاءُ ٿو وٺي.“
(گوبند ڀاٽيا جي ڪتاب ”ورق“ جي پهرئين مضمون ”شاعر
جي ضرورت“، ص 2 تان ورتل. چونڊيندڙ: چنا شبير
”ناز“ شڪارپوري پنج پير شڪارپور سنڌ)
چوٿون سنڌي ساهتيه سميلن
گذريل 21 ۽ 22 مئي 1955ع تي، چوٿون ڪل ڀارت ساهتيه
سميلن پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي صدارت هيٺ بمبئي
شهر جي ڪاما هال ۾، ۽ جئه هند ڪاليج ۾ ٿي گذريو.
اوائل ۾، سميلن ڪميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ، شري گوبند
مالهيءَ، هندستان ۽ پاڪستان جي، ڪن ساهتڪارن وٽان
آيل سنيها پڙهي ٻڌايا.
آسام جي گونر، شري جيرامداس دولترام، پنهنجي سنيهي
۾ لکيو ته ”سنڌي ٻوليءَ کي، ڀارت جي ٻين ٻولين سان
گهاٽو سنٻڌ آهي.“
شري هيرانند ڪرمچند، ايديٽر، ”هندوستان“ (سنڌي)
ڊيليءَ لکيو ته، ”مون کي خاطري آهي ته ڪانفرس
چڱيءَ طرح ڪامياب ٿيندي ۽ سڀئي گڏجي، سنڌي ٻوليءَ
کي تسليم ڪرائڻ لاءِ يڪراءِ، ڪو عملي پروگرام رٿي
اٿندا. لپيءَ جي باري ۾، جيڪي به متڀيد آهن، سي في
الحال پاسيرا رکي، اسان کي سنڌي ٻوليءَ جي تسليم
ڪرائڻ تي ئي زوردار ۽ گهڻي ۾ گهڻي ڪوشش ڪرڻ
گهرجي.“
سنڌ مان ، مسٽر جي ايم سيد جو پيغام جذبي سان ڀريل
هو. پيغام جي شروعات، شاهه جي هيٺئين بيت سان هئي.
”ڪي ويجها به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
جيئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين!“
اڳتي هلي، سيد صاحب لکيو ته، ’سنڌين جو ظاهري
وڇوڙو، ذرا پست همت بنائي ٿو، پر سنڌ جو جيئرو
”شاهه“، وڏي واڪي پڪاري چوي ٿو ته:
”متان ٿئين ملور آءٌ آڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، پر حد ٻنهي جي هيڪڙي“.
ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب، پنهنجي پيغام ۾ سنڌين جي
وڇوڙي جو احوال ڪيو. چي: ”سنڌي هندو اسان کان جدا
آهن، تڏهن به، اسان جون دليون، هڪ ٻئي سان ڳنڍيل
آهن.“
سروري اسلاميه ڪاليج، هالا (سنڌ) جي پرنسپال،
پروفيسر محبوب علي چنا صاحب، ”شاهه“ جو هيٺيون بيت
سنيهي طور موڪليو هو:
”چرڻ چڻڪن چت، سدا منجهه سرير،
لڏي ڪہ لوءِ ويا، مارو منجهه ملير،
ويٺي پوڄان پير، مان ملان ڪڏهن!“
سنڌ مان ٻيا پيغام، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس
چانسيلر، مسٽر آءِ آءِ قاضيءَ، رجسٽرار، آغا تاج
محمد خان، سنڌ جي ٻين اديبن، موسوي عبدالحسين،
پروفيسر لطف الله بدوي، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم
خليل، مسٽر مولائي شيدائي، پروفيسر احسان بدوي،
مسٽر برڪت علي آزاد، شيخ حفيظ، عبدالغفور انصاريءَ
وٽان آيل پڙهيا ويا.
انهيءَ بعد، سميلن جي سڀاپتيءَ، پروفيسر رام
پنجواڻيءَ پنهنجي تقرير پڙهي. پروفيسر صاحب تقرير
ڪندي چيو ته:
”پاڪستان کان پوءِ، اسان جي سنڌي ساهتيه کي، وڏن
لوڏن مان لنگهڻو پيو آهي. پر، انهيءَ ڳالهه ۾،
ڪوبه شڪ شبهه نه آهي، ته اسان هيڏين تڪليفن هوندي
به، سنڌي ادب جي جهنڊي کي، بلند رکندا آيا آهيون
هنن اٺن سالن ۾، هتي ڀارت ۾، اسان جي سنڌي ساهتيه،
جيڪا ترقي ڪئي آهي، سا هرطرح تحسين جوڳي آهي. هيءُ
نوجوانن جو دور آهي ۽ جيتوڻيڪ، بزرگ ليکڪن، پنهنجي
قلم توڙي زبان سان، نوجوانن جي ڪافي رهنمائي پئي
ڪئي آهي، ته به، سنڌي ساهتيه کي مالا مال ڪرڻ جي
گهڻي شاباس نوجوان ئي لهڻي. ساهتيه جي، هر شاخ ۽
هر ڏس ۾“ اسان جي ليکڪن، چستيءَ ۽ قابليت سان، قلم
جاري رکيو آهي. جنهن وقت سنڌي ساهتيه جو اتهاس
لکبو، تنهن وقت، هي اٺ سال، ان اتهاس جو ’سونو
دور‘ ڪري ليکيا ويندا.
”مان ڳائيندو آهيان يا ڪجهه لکندو آهيان، ته
سڀاويڪ، مون کي خوشي ٿيندي آهي. پر جڏهن، منهنجا
ٻار ڳائيندا يا ڪجهه لکندا آهن، تڏهن مون کي فخر
ٿيندو آهي. بزرگ اديب، جيڪڏهن ڪجهه لکن ٿا ته اها
سندن عادت ٿي ويئي آهي، پر، نوجوان اديب، جڏهن
اتهاس ۾ اچي، ڪجهه به پيدا ڪن ٿا، سو ڏسي، اسان جي
دلين ۾ فخر پيدا ٿيندو آهي. مان، هنن نوجوانن جي
ڪيترن جلسن ۾ شريڪ ٿيو آهيان، ۽ مان دعويٰ سان چئي
سگهان ٿو ته سندن مشاعرا ۽ ادبي تبصرا نهايت اوچي
معيار جا هوندا آهن. سندن ٽيڪائون عالماڻيون، سندن
ڪهاڻيون دلچسپ ۽ حقيقت نگاريءَ سان ڀريل هونديون
آهن. سندن ٻوليءَ ۽ عبارت ۾ اڃا ڪجهه کپي، پر،
سندن اتساه، کوجنا ۽ نواڻ اڳيان، هن وقت، مان انهن
ڳالهين کي گهٽ اهميت ڏيان ٿو. هن اڻانگي دور ۾،
ڪيترا قصا، ناول، آکاڻين جا ڳٽڪا، شعرن ۽ مضمونن
جا ڪتاب، ٻيا رسالا ۽ مخزنون ڇپچي شايع ٿيون آهن.
انهن لاءِ، اسان جي اديبن کيرون لهڻيون.
جنهن وقت، مون کي جديد دور جي، سنڌي ساهتيه جي ابن
۽ ٿنڀن، ديوان ڪوڙومل چندنمل، مرزا قليچ بيگ،
پرمانند ميوارام، ليلا رام پريمچند، ڪاڪو ڀيرومل
مهرچند، ادو ڄيٺمل پرسرام، لالچند امرڏنو مل،
ڊاڪٽر گربخشاڻي، سائين ڪشنچند بيوس ۽ سندن ادبي
خدمتون ٿيون ياد اچن، ۽ جنهن وقت، مون کي زنده
بزرگ اديبن، اين. آر. ملڪاڻي، لالسنگ اجواڻي،
منگهارام ملڪاڻي، آسانند مامتوراءِ، ڪلياڻ آڏواڻي،
جهمٽمل ڀاوناڻي، نارائڻ ڀمڀاڻي، چيتن ماڙيوالا،
ليکراج ’عزيز‘، ڀوڄراج ناگراڻي، تيرٿ وسنت، تيرٿ
سڀاڻي، شيوڪ ڀوڄراج، سوڀراج نرملداس ’فاني‘، امرو
هنڱورانيءَ جون ساهتڪ شيوائون نظرن اڳيان ڦري اچن
ٿيون، تنهن وقت، مون کان، گوبند مالهي، پرسرام
’ضيا‘، نارائڻ شيام، پرڀو ’وفا‘، پوپٽي
هيراننداڻي، سندري اتمچنداڻي، ايشور آنچل، ارجن
’شاد‘، موتي پرڪاش، ڪلا ريجهسنگاڻي، سڳن آهوجا،
گوبند پنجابي، آنند گولاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪلا
پرڪاش، نارائڻ ’ڀارتي‘، ليکو تلسياڻي، تارا
ميرچنداڻي، اتم، ڪرشن ’راهي‘، موهن ڪلپنا، شيوو
رامناڻي، ’گمنام‘، ’داس‘،’طالب‘ ۽ ٻين نوجوانن
جون، اڻٿڪ ۽ تحسين جوڳيون ادبي ڪوششون، ڪڏهن به،
وسري نه ٿيون سگهن.
”اديب لکن ٿا، پر، انهن جي امنگن جي اظهار جا
ذريعا، جن به صاحبن، اسان کي ميسر ڪري ڏنا آهن، تن
جا به، اسان آڀاري آهيون. هندستان ساهتيه مالا،
سندر ساهتيه، ڪهاڻي ناول مالا، ڀارت جيون، سرگم،
ڀارت پبليڪيشن، نئي دنيا، ڦليلي، هندواسي، سئنا،
سنڌو، راڻي پبليڪيشن ۽ ٻين رسالن ۽ مخزنن به جس
لهڻو، جو وڏا نقصان سهي به، ساهتيه جي شمع روشن
رکي اٿن. شابس آهي سنڌي ساهيته منڊل، سنڌي ساهت
سنگت، سنڌي ساهت سڀا (سنڌو نگر)، ينگ ڪاسماپوليٽن
گروپ، ۽ دهليءَ، احمد آباد، اجمير، جئپور، ڀوپال،
گانڌي ڌام ۽ بڙودي وغيره شهرن جي ادبي جماعتن کي،
جن ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، سنڌي ساهتيه جي حفاظت ۽
ترقيءَ لاءِ، چڱو پاڻ پتوڙيو آهي.
”ڀارت جو خيال ڪندي، اسين، سنڌ جي اديبن کي به،
پاڻ کان الڳ نٿا سمجهون. هت يا اُت ڪوشش اهائي آهي
ته ان جي ماتر ڀاشا زنده رهي ۽ اسان جو ساهتيه ڦري
۽ ڦولي! اسين، وڏيءَ دلچسپيءَ سان، بزرگن ۾، ڊاڪٽر
دائود پوٽي، آءِ. آءِ قاضي، جي. ايم. سيد، عثمان
علي انصاري، افضل بيگ مرزا، عبدالحسين موسوي،
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، غلام محمد گرامي،
محمد ابراهيم جويو، عبدالواحد سنڌي، حسام الدين
راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، آغا تاج محمد
پٺاڻ، مولائي شيدائي، محمد صديق مسافر، لطف الله
بدوي، موتي رام رامواڻي، برڪت علي آزاد، شيخ حفيظ
۽ ٻين اديبن جا ليک، ’مهراڻ‘، ’نئين زندگي‘، ٻين
ڪاليجي مخزنن ۾ پڙهندا آهيون ۽ حظ حاصل ڪندا
آهيون.
’ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.‘
”ايترن سنڌي اديبن هوندي به، ڇا، ائين چئي سگهبو
ته سنڌي ادب جو آئندو اونداهو آهي؟ ڪير ٿو چوي ته
اسان کي ساهتيه ڪونهي؟
”هڪوار، ڪو اسان جو شاهه پڙهي ڏسي، ۽ سچل، سامي،
دلپت، بيڪس، بيدل، روحل، سانگي، گل، خاڪي بيوس کي
پڙهي ڏسي، ته ڪپاٽ کلي وڃنس ۽ کيس انڀو ٿئي، ته
اسان جو ادبي ورثو، هندستان جي ڪنهن به ٻيءَ
ٻوليءَ جي ادبي ورثي کان، ڪنهن به ريت، گهٽ ناهي.
وقت پري نه آهي، جڏهن، شاهه، سچل، سامي ۽ بيوس
جهڙن عاليشان شاعرن کي، ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري،
سڄيءَ دنيا کي مڃرائينداسون ته هو عالمي شاعر آهن،
۽ هن جي بلند پروازي ۽ باريڪ بيني، دنيا جي ڪنهن
به ٻئي شاعر کان گهٽ نه آهي.
”ايتري ساهتيه هوندي به، اسان جي ٻوليءَ کي وڌان
(دستور) ۾، تلسيم نه ڪيو ويو آهي. اها ٻولي، جا
سنسڪرت ۽ پرا ڪرتن کي ويجهي ۾ ويجهي ٻولي آهي،جنهن
۾ ستر سيڪڙو لفظ، ڊڪشنري طرز سان، سنسڪرت مان ورتل
آهن، ۽ جا نئين وڌان جي اصول مطابق، راشٽر ڀاشا کي
مالا مال ڪرڻ ۾، وڏي هٿي ڏيئي سگهي ٿي، تنهن
ٻوليءَ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي! آخر، اسين گهرون
ڇا ٿا؟ اسين فقط اهو ٿا گهرون ته هندستان جي ٻين
ٻولين سنئون، اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي به پورو وجهه
ڏنو وڃي، ته اسين، راشٽر ڀاشا کي وڌائڻ ۾ هڪ جهڙو
ڀاڳ وٺون، جيئن، اسين به، فخر سان چئي سگهون، ته
راشٽر ڀاشا جي شاندار عمارت اڏڻ ۾، اسان جون به ڪي
چار سرون لڳل آهن. عجب اهو آهي، جو اسان وٽ ڏيڻ
لاءِ گهڻو ڪي آهي ۽ اهو، اسين ڀيٽا ڪرڻ لاءِ تيار
آهيون، پر، اڄ، اسان جي پنهنجي سرڪار، اها ڀيٽا
سويڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هر نڪتي نگاهه کان،
اسين مدد ڪرڻ ٿا چاهيون ۽ ڪنهن تي به، ڀري بار نٿا
ٿيڻ چاهيون. فقط، اسان کي، مدد ڏيڻ جو اڌڪار ڏنو
وڃي.
”جيڪڏهن، هندستان جي فلم انڊسٽري، اسان جي لوڪ
گيتن مان، ڪي گيت کڻي، جدا جدا فلمن ۾ آندا آهن،
ته انهيءَ ۾، فلم انڊسٽريءَ کي فائدو ٿيو آهي يا
نقصان؟ ’بڙي ڀول هئي‘ (ڪوهيارا وي يار)، ’جائوگي
ڪهان دل توڙڪي‘ (رهي وڃ رات ڀنڀور ۾)، ’بگڙي بناني
والي‘ (سوڍل سائين، سمجهه سياڻا)، ۽ ڪيترائي ٻيا
سر، راڻي، حسيني، ڪوهياري ۽ خاص سنڌي ڀيرويءَ تي
ٻڌل آهن ۽ مشهوري حاصل ڪري چڪا آهن.
”جيئن، سنگيت جي کيتر ۾، اسان، هندستان کي ڪجهه
ڏنو آهي، تيئن، ساهتيه جي کيتر ۾، اسين، ڪي نوان
خيال ۽ نيون ڳالهيون ڏيئي سگهون ٿا. ادب بجاءِ
خود، پر ڪلا جي ويچار کان، شري پرمانند سڳني مل
واريءَ ’چترن گيتا‘ سان ٻي ڪهڙي گيتا ڀيٽ کائي
سگهي ٿي؟ اسان وٽ دماغ آهي، دل آهي، ڪم ڪرڻ جو
اُتساه آهي، اُتساه کي عملي جامو اوڍائڻ جي چاهنا
آهي، پر، اسان جي حوصلي افزائي ٿئي ۽ اسان جي
ڪارنامن جو قدر ٿئي.
”قبول ٿو ڪجي، ته ورهاڱي کان اڳ، هندستان جي هڪ
پاسيري ڪنڊ ۾ هجڻ ڪري، پنهنجي ساهتيه ۽ سنسڪرتيءَ
جو، ٻين ڀارت واسين اڳيان پورو پردرشن ڪري نه
سگهياسون. اها به حقيقت آهي، ته ان ڏس ۾، اسين پاڻ
۾ ئي پورا هئاسين، ۽ پنهنجي موج ۾ ئي مست هئاسين.
پر، هاڻي جڏهن اسان کي، قدرت سان، هندستان ۾ اچي،
هندواسي ٿيڻ جو وجهه مليو آهي، تڏهن ٻين ساهتين جي
ساءَ وٺڻ سان گڏ، اسان کي به گهرجي، ته اسين به،
هنن کي پنهنجي اعليٰ ادب ۽ اوچ تهذيب جو فيض ڏيون.
”اسان تمام وڏي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻولي تسليم
ٿئي. اسان جي هڪ ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي سڀا‘ اهو
تحريڪ هلايو آهي، پر انهيءَ سان گڏوگڏ، شايد، هاڻي
ڪي ٻيا اثرائتا نمونا پڻ وٺڻا پوندا، جئن، اسان،
وس وارن جو ڌيان، پنهنجي لياقت ۽ پريم سان، پاڻ
ڏانهن ڇڪائي سگهون. هن وقت تائين، هن قسم جا جلسا،
صرف مڪاني طرح، پئي ٿيا آهن. هاڻ رٿيو ويو آهي، ته
هن سميلن جو دائرو وڌائي، ان کي ’اکل ڀارت سنڌي
ساهتيه سميلن‘ جي پدوي ڏجي، ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
شاخون قائم ڪجن ۽ گهٽ ۾ گهٽ، پنجاهه هزار ميمبر
داخل ڪري، يڪمشتيءَ سان، سنڌي ساهيته ۽ ڪلائن جي
اُنتيءَ لاءِ، جوڳا قدم کڻجن. مون کي، سورهن آنا
خاطري آهي، ته يڪمشتيءَ، سهڪار، ادم ۽ اوچائيءَ
سان اسين، پنهنجون سموريون منشائون پوريون
ڪنداسون.“
سڀاپتيءَ جي تقرير بعد، سميلن ڪميٽيءَ جي
سيڪريٽريءَ، شري گوبند مالهيءَ، ’ٽين سميلن بعد
ڪمن جي رپورٽ‘ پيش ڪئي.
سيڪريٽريءَ جي رپورٽ بعد، بمبئي ۽ ٻاهر جي ساهتڪ
سنسٿائن وٽان آيل، سندن ڪاروبار جون رپورٽون، پڻ
پڙهيون ويون. انهيءَ بعد، آيلن مان، ڪن بزرگن
پنهنجون شڀ ڀاونائون ظاهر ڪيون.
آخر ۾، ماستر چندر، ماستر پريم ساگر، پروفيسر رام
پنجواڻي، بي بي نرملا، بي بي سلوچنا ۽ ٻين، سنڌي
ڪلام سان، حاضرين کي وندرايو.
* * *
ٻئي ڏينهن، آرتوار 22 مئي، صبح جو سميلن جي
ڊيليگيٽن جو جلسو جئه هند ڪاليج ۾ ٿيو، ۽ ان ۾
هيٺان ٺهراءَ بحال ٿيا:
1. ”هي سميلن، سنڌي ساهتيه جي ابي، شريمان لالچند
امرڏني مل جڳتياڻي ۽ جديد سنڌي ناٽڪ جي آرنڀڪ، شري
خانچند شامداس دريانيءَ جي مرتيي تي، شوڪ ٿو ظاهر
ڪري ۽ سندن پوين سان تهدل همدردي ظاهر ٿو ڪري.“
2. ”هي سميلن، سخت افسوس ٿو ظاهري ڪري، جو ڀارت جي
وڌان ۾، سنڌي ٻوليءَ کي، ڀارت جي ٻين ڀاشائن سنئين
جڳهه نه ڏني ويئي آهي. هي سميلن، انهيءَ باري ۾،
جيڪي به عريضا، سنڌي ٻولي ڪاميٽي، ديوناگري سنڌي
سمتي ۽ ٻين سنسٿائن طرفان، ڀارت سرڪار کي موڪليا
ويا آهن، تن جي پٺڀرائي ٿو ڪري.
”وڌيڪ، هيءُ سميلن، ڀارت جي هرهڪ سنڌيءَ ۽ هرهڪ
سنڌي سنسٿا ۾ اها اميد ٿو رکي، ته سنڌي ٻوليءَ کي
تلسيم ڪرائڻ لاءِ جيڪا ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي سڀا‘
جوڙي ويئي آهي، تنهن جي دل وجان سان مدد ڪئي
ويندي.“
3. ”هي سميلن، ڀارت سرڪار جي خبرچار ۽ چوڏس ڦهلاءَ
وڀاڳ کي وينتي ٿو ڪري، ته آل انڊيا ريڊيو جي
دهليءَ، بمبئي ۽ ٻين مکيه اسٽيشنن تان شايع ٿيندڙ
پروگرامن ۾، سنڌي پروگرام کي به مناسب جاءِ ڏني
وڃي.
4. ”هن سميلن جي ڌيان تي آيو آهي ته ڀارت جي ڪن
پرانتن ۾، جتي به سنڌي ڪافي تعداد ۾ رهندڙ آهن،
اتي يا ته ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي ٻين ديسي ٻولين جيان
تسليم ڪيل نه آهي، يا ته سنڌي سڪولن کي ضروري
گرانٽ نٿي ڏني وڃي. تنهن ڪري، هيءُ سميلن، اهڙين
پرانٽڪ سرڪارين ۽ يونيورسٽين کي عرض ٿو ڪري، ته
سنڌي شاگردن ۽ سنڌي ڪاليجن ۽ سڪولن کي، هن باري ۾
مناسب تسليمي ۽ امداد ڏني وڃي.
5. ”جئن ته، اسان جا سنڌي ڀائر، ڀارت اندر، گهڻن
پرانتن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن ۽ جئن ته، اهو ضروري آهي
ته ڀارت اندر سڀ رهندڙ سنڌي، يڪمشتيءَ سان، سنڌي
سنسڪرتي، سنڌي ساهتيه، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ڪلائن
جي حفاظت ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪوشش ڪن، تئن هيءُ ميڙ
فيصلو ٿو ڪري ته:
(الف) ’هڪ اکل ڀارت سميلن‘ برپا ڪيو وڃي.
(ب) اڄوڪي ميڙ ۾ حاضر ڊيليگيٽ، سميلن جا اوائلي
ميمبر سمجهيا وڃن.
(ٻ) اڄوڪو ميمبرن جو ميڙ، سميلين جو، هڪ عارضي
وڌان بحال ڪري، جو ايندڙ سالياني اجلاس تائين چالو
رهي ۽ جنهن تي، ايندڙ سالياني اجلاس ۾ وري ويچار
ڪيو وڃي.
6. ”هيءُ سميلن، ڀارت توڙي ڀارت کان ٻاهر رهندڙ،
هرهڪ سنڌي مرد توڙي زال کي، وينتي ٿو ڪري ته سميلن
جي ڪاريه کي سوڀارو ڪرڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ، سميلن جي
ڪاروبارين کي دل و جان سان مدد ڏين“
مٿين ٺهرائن کان سواءِ، هند ۽ پاڪ وچ ۾ ساهتيه جي
مٽا سٽا ۽ ڪلچرل سفارتن جي آمدرفت جي باري ۾ ۽
قومي اڪاڊمين تي، سنڌين کي عيوضي ڏيڻ جي باري ۾
ٺهراءُ بحال ٿيا.
انهيءَ بعد، نئين سال لاءِ چونڊون ڪيون ويون. شري
گوبند مالهي، جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، ۽ هيٺيون
ست ڪاميٽيون مقرر ڪيون ويون.
1. سنگٺن ڪاميٽي: پروفيسر ايل. اڇ. اجواڻي
(چيئرمن)، ۽ ست ميمبر.
2. ساهتيه ڪاميٽي: پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻي
(چيئرمن)، ۽ چار ميمبر.
3. ڪلا. سنسڪرتي ڪاميٽي: پروفيسر رام پنجواڻي
(چيئرمن)، ۽ ڇهه ميمبر.
4. هند پاڪ ساهتيه سهڪار ڪاميٽي: پروفيسر جهمٽمل
ڀاوناڻي (چيئرمن)، ۽ ٽي ميمبر.
5. انتر ڀاشا سهڪار ڪاميٽي: پروفيسر بي. ايڇ.
ناگراڻي (چيئرمن)، ۽ ٽي ميمبر.
6. راشٽر ڀاشا ڪاميٽي: پروفيسر تاراچند گاجرا
(چيئرمن)، ۽ پنج ميمبر.
7. ناري ڪاميٽي: ڪماري ڄيٺي سپاهيملاڻي (چيئرمن)،
۽ ست ميمبر.
8. مالي ڪاميٽي: پروفيسر گهنشام شوداساڻي
(چيئرمن)، ۽ پنج ميمبر.
’اکل ڀارت سنڌي ساهتيه سميلن‘ جي ڪاروباري
ڪاميٽيءَ تي، مٿين ڪاميٽين جا چيئرمن، سملين جو
جنرل سيڪريٽري ۽ هيٺيان ڇهه ميمبر کنيا ويا: شري
آسانند مامتورا، شري پرمانند سڳنومل، پروفيسر
ليکراج ”عزيز“، شري ڪيرت ٻاٻاڻي، شري پراسرام
”ضيا“ ۽ ڪماري پوپٽي هيراننداڻي.
* * *
شام واري ميڙ، ساهتيه جلسي ۾، شعرن ۾ ادبي مضمونن
پڙهڻ جو پروگرام رٿيل هو. پروفيسر آيم. يو،
ملڪاڻيءَ ”ورهاڱي بعد سنڌي شعر جي ترقي“ تي پنهنجا
عالماڻا مضمون پڙهيا.
شاعرن ۾، شري پرسرام ’ضيا‘، ارجن ’شاد‘، موتي
پرڪاش، ڪرشن ’راهي‘، سڳن آهوجا، جيٽلي، ڪمل، مهر،
آنچل، سريچند، ’گمنام‘ ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ
بهرو ورتو.
آخر ۾ ماستر چندر، ماستر پريم ساگر، پروفيسر رام
پنچواڻي بيبي نرملا، بيبي سلوچنا ۽ ٻين پنهنجي مڌر
سنڌي بيتن ۽ ڪلام سان حاضرين کي وندرايو، اهڙيءَ
ريت ٻن ڏينهن جي ڪاروبار سان، چوٿون سنڌي ساهتيه
سميلن نهايت ڪاميابيءَ سان ختم ٿيو.
”هونءَ ته سڀ ڪنهن کي خوف اچي ٿو، مرڻ کان ۽ زخمي
ٿيڻ کان هرڪو ڊڄي ٿو. پر جن جون دليون سچيون آهن،
اهي سڀني خوفن ۽ خطرن کي هٽائي، هٿن کي هٿيار
بنائي، ميدان ۾ ٽپي ٿيا پون. ائين آهي ته وحشي
جانورن سان لڙڻ لاءِ جذبي واري دل گهرجي!
جن جون دليون سچيون آهن، سي دشمن کان نه ڊڄن، ۽ جن
ڳالهين کي سچو ٿا سمجهن، اهي دنيا کان نه لڪائن، ۽
فوراً ميدان ۾ اچن: ڇو ته ظالم به ته وڌندو ٿو
وڃي!
هونءَ ته سڀ ڪنهن کي خوف ٿئي ٿو، مرڻ کان ۽ زخمي
ٿيڻ کان هرڪو ڊڄي ٿو. پر جن جون دليون سچيون آهن،
تن کي ڏسو، جڏهن سندن وارو ٿو اچي، تڏهن سر تريءَ
تي رکي، سڀ خطرا پاسي ڪري، پنهنجو فرض پورو ٿا ڪن.
بيشڪ سڀ کي خوف به اچي ٿو!“ (زيڪوسلوويڪيا جو هڪ
شاعر)
|