گذارش
ٻولي
”ٻوليءَ جي مفهوم ۾ ان جو ڳالهائجڻ ۽ لکجڻ ٻيئي
شامل آهن. ظاهر آهي ته ٻوليءَ جي انهن ٻن حيثيتن ۾
وڏو فرق آهي. ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾، ٻولي ڦرندي
گهرندي ٿي رهي: سندس اواز، اُچار، لهجو، لفظ ۽
انهن جون معنائون ڪي قدر هميشه بدلجنديون ٿيون
رهن. هي جو چوندا آهن ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي“
سو به ٻوليءَ جي انهيءَ ڳالهائجڻ واريءَ حيثيت کي
خيال ۾ رکي ائين چوندا آهن. هڪڙيءَ ٻوليءَ جا هڪ
کان وڌيڪ مقامي روپ، انهن مقامي روپن مان اڳتي هلي
جدا جدا ٻولين جو ٺهڻ، ۽ اهڙيءَ طرح شروعات ۾ دنيا
جي بنهه ٻن چئن ٻولين مان وڌي، اڄ جي صدها ٻولين
جو وجود ۾ اچڻ- اهي سڀيئي، ”ٻوليءَ“ جي ڳالهائجڻ
واريءَ حيثيت جا ڪرشما آهن. برخلاف ان جي، ٻولي،
جي لکجڻ واري حيثيت، ٻوليءَ جي انهيءَ ڦيرگهير کي
ڪافي حد تائين روڪي ٿي، ۽ ان ۾ هڪ قسم جي هڪجهڙائي
۽ دائميت پيدا ٿي ڪري. هڪ دفعو، ٻوليءَ جي
صورتخطي، سندس لفظن جي هجي ۽ معنيٰ، جملن جي ترتيب
۽ ان جا اصول، تحريري صورت ۾ قائم ٿي ويا، هڪ دفعو
ڪنهن ٻوليءَ پنهنجو ادبي سرمايو تحريري صورت ۾
محفوظ ڪري ورتو، هڪ دفعو ڪنهن ٻوليءَ جي
ڳالهائيندڙن ان جي آئينده علمي ۽ ادبي ترقيءَ جا
سامان، ۽ ان جي عام سکڻ ۽ سيکارڻ جا وسيلا پيدا
ڪري ورتا- ته پوءِ ان ٻوليءَ گويا پنهنجو مستقبل
دائمي طور محفوظ ڪري ورتو، ۽ پڻ چئبو ته پوءِ ان
ٻوليءَ ۾ ڪنهن بنيادي تبديل يا بگاڙي اچڻ جا امڪان
بنهه ختم ٿي چڪا.
سنڌي ٻولي، ۽ ان جا ڳالهائيندڙ
اسان جي موجوده سنڌي پنهنجي سر هڪ قديم ٻولي هجي
يا نه، پر هوءَ هڪ قديم النسل ٻولي آهي، تنهن کان
ڪنهن کي به انڪار ڪونهي. عيسوي سن کان ٻه اڍائي
هزار ورهيه اڳ سنسڪرت ٻولي سنڌ (۽ هند) ۾ داخل ٿي.
تنهن کان اڳ موهن جي دڙي جي سڀيتا جي ڪهڙي ٻولي
هئي، ۽ ان سان اسان جي موجوده سنڌيءَ جو ڪهڙو ۽
ڪيترو لاڳاپو ثابت ٿي سگهي ٿو، ان متعلق فقط تڏهن
ئي ڪي ڪجهه چئي سگهبو جڏهن موهن جي دڙي مان لڌل
مهرن تي جيڪي حرف لکيل آهن تن جي پڙهڻ ۾، ۽ اهي
حرف ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل آهن ان ٻوليءَ جي سمجهڻ
۾ دنيا جا عالم ڪامياب ٿي سگهن. بهرحال، سنڌيءَ جو
سڌو سنئون بنياد، سنسڪرت کي ئي شمار ڪيو ٿو وڃي.
اوائلي سنسڪرت بدلجي، وچولي درجي واريءَ سنسڪرت ۽
پوءِ آخرين قسم جي سنسڪرت جو روپ اختيار ڪيو: ان
کان پوءِ پراڪرت جي مختلف قسمن مان هڪ قسم يعني
اپڀرنش پراڪرت جي بگڙيل صورت، جنهن کي وراچڊ
اپڀرنش چيو ٿو وڃي، وجود ۾ آئي: وراچڊ اپڀر نش ۾
وڌيڪ جو بگاڙو ۽ ڦيرو آيو، تنهن، اٽڪل يارهين صدي
عيسويءَ ۾، اسان جي موجوده سنڌيءَ کي جنم ڏنو. اڄ
خود سنڌيءَ جا ڇهه ست (نهايت هلڪا) مقامي روپ آهن،
جهڙوڪ: اتراڌي، (ڪنهن حد تائين) سرائڪي، وچولي،
لاڙي، لاسي، ٿري ۽ ڪڇي، ۽ سندس ڪل ڳالهائڻ وارن جو
تعدا سٺ لک کن آهي، جيڪي پاڪستان ۾ سنڌ، خيرپور ۽
لس ٻيلي جي رياستن ۾، ۽ هوڏانهن هندستان ۾ بمبئي ۽
اجمير جي شهرن ۽ راجستان جي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ جهونا
ڳڙهه وارن ڀاڱن ۾ پکڙيا پيا آهن.
سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا
”ملڪ“ جي ورهاڱي کان پوءِ، اٽڪل اٺ لک سنڌي هندو،
سنڌ کي ڇڏي، هندستان ويا، ۽ اتان اٽڪل ٽي لک ڪڇي،
ڪاٺياواڙي ۽ جهوناڳڙهي ميمڻ ۽ ٻيا جن جي مادري
ٻولي (فقط ڳالهائجڻ جي حيثيت ۾) ڪڇي سنڌي آهي، سنڌ
۾ لڏي آيا آهن. انهيءَ دوطرفي لڏ پلاڻ، سنڌي
ٻوليءَ لاءِ ڪي نهايت اهم ۽ مشڪل مسئلا پيدا ڪيا
آهن، جن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ اسان جو فرض آهي. ڪڇ جي
هڪ عوامي شاعر شري ڪاراڻيءَ، هتان کان اوڏانهن لڏي
ويل سنڌين جي آجيان ۾، پنهنجي ڪڇي سنڌي ٻوليءَ ۾
هڪ گيت چيو آهي، جيڪو اسان ”مهراڻ“ جي هن پرچي جي
صفحي ( 000) تي شايع ڪري رهيا آهيون. ساڳيءَ ريت،
جيڪڏهن ڪڇ کان هيڏانهن لڏي آيل پنهنجن سنڌي ڀائرن
جي هتي اسين به اهڙي ئي قسم جي آجيان ڪيون، ۽ ان
نموني سنڌ توڙي هند جا سڀ نوان ۽ پراڻا سنڌي گڏجي
پنهنجي پنهنجي منهن، پنهنجي مادري ٻوليءَ جي خدمت
۾ لڳي وڃون، ته هوند سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ساهتيه جو
مستقبل نهايت شاندار ٿي سگهي ٿو. جيئن هتي پاڪستان
جي لس ٻيلي رياست جي ماڻهن جي جيتوڻيڪ مادري ٻولي
سنڌي آهي، تنهن هوندي به تعليم کين اردو ٻوليءَ ۾
ڏني ٿي وڃي، تيئن هتي هندستان ۾ جيڪي ڪڇي ۽
ڪاٺياواڙي ”سنڌي“ آهن، تن کي تعليم گجراتيءَ ۾ ڏني
وڃي ٿي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو هيڏانهن لس ٻيلي جي
سنڌي ڀائرن کي ۽ هوڏانهن ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي ڀائرن کي
پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم ملي. ان مان نه رڳو هنن
جي تعليم سهنجي ۽ سڦلي ٿي پوندي، پر سنڌي ٻوليءَ
کي به ڪي لک ماڻهن جا وڌيڪ لکڻ پڙهڻ وارا ملي
پوندا، ۽ ٻوليءَ جي ادب ۾ به اضافو ٿيندو. اهو
اسان جوئي فرض آهي ته ان لاءِ ڪو اهڙو آواز
اٿاريون، جو اهي لاسي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ جهوناڳڙهي
ڀائر، هت ۽ هت، انهيءَ ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪري،
اسان سان ساٿ ڏين ۽ پنهنجي مٺڙيءَ مادري زبان لاءِ
ڪجهه ڪن!
”ورهاڱي“ جي ڪري، جيڪي سنڌي سڄڻ ڀارت ۾ وڃي آسودا
ٿيا آهن، سي به اسان وانگر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت
ڪاڻ ادب ۽ ساهتيه کي ميدان ۾ آڻي رهيا آهن. هنن جو
نئون ماحول، جو گهڻو ڪري گجراتي، مرهٽي ۽ هندي
ٻولين جو ماحول آهي، ضرور هنن جي ٻوليءَ تي،
ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾، پنهنجو اثر ڪندو. اسان وٽ به
اردوءَ جو وايو مندل اسان جي ٻوليءَ ۽ ادب تي اثر
ڪري رهيو آهي. انهيءَ ڪري ٻوليءَ جي گهڻگهرن لاءِ
اهو به هڪ مسئلو آهي ته اهو اثر متان ڪن سالن جي
عرصي کان پوءِ اهڙو گهرو ۽ اونهو ٿي وڃي، جو هتي
جي سنڌي ٻولي، اردو، فارسي ۽ عربي لفظن جي گهڻي
ٽنبجڻ ڪري، ڀارت جي سنڌي سڄڻن لاءِ ماڳهين اوپري
ٿي پوي ۽ هتي جي سنڌي، هندي، مرهٽي ۽ ٻين ٻولين جي
غير مانوس لفظن جي ڪري هتي اسان سنڌين لاءِ سمجهڻ
کان ڳري ٿي پوي. ٻنهي طرفن جي سنڌي اديبن ۽ ليکڪن
تي اهو فرض آهي ته ٻولي اهڙي لکن، جنهن ۾ ڌارين
ٻولين جو اڻ سهائيندو، غير ضروري ۽ اجايو استعمال
نه هجي، ۽ منجهس سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي سوڀيا ۽
سلوڻائي قائم رهندي اچي. نه رڳو اهو، پر هينئر
ڀارت ۾ جو مسئلو اٿيو آهي ته ٻوليءَ جي لپي ڪهڙي
رکجي- عربي يا ناگري؟ سو اسان سڀني لاءِ ڌيان جوڳو
مسئلو آهي. اسين ته پنهنجن ڀائرن کي منت اهائي
ڪنداسين ته هو پنهنجي ٻوليءَ جي صدقي ان جي لپي
اهائي قائم رکن، جنهن ۾ اسان جو گڏيل علمي ۽ ادبي
خزانو ۽ صدين جي سڀيتا محفوظ ٿيل آهي. لپيءَ جي
هاڻوڪي صورت، جئن به آهي، اسان جي ادبي ضرورتن
سارو آهي ۽ لپي کي ڦيرائڻ مان هِتي ۽ هُتي جي
سنڌين ۾ جو ويڇو پئجي ويندو، تنهن جو مٽجڻ پوءِ
محال ٿي پوندو.
انهن سمورين ڳالهين سان گڏ، ٻوليءَ جون ٻيون به
ضرورتون ڌيان جوڳيون آهن- مثال طور، اسان جي لفطن
جي صورتخطي يا هجي يا گرامر جي صورت سڀ ڪنهن هنڌ
ساڳي هئڻ گهرجي. جيتوڻيڪ لکجڻ جي حيثيت ۾، اسان جي
ٻوليءَ ۾ ڪافي هڪجهڙائي ۽ دائميت پيدا ٿي چڪي آهي،
تنهن هوندي به ڪيترائي لفظ آهن جيڪي مختلف هنڌن تي
مختلف ماڻهو جدا جدا لکن ۽ ڪم ۾ آڻين ٿا. مثال
طور: (1) ”نون غني“ وارا لفظ (چڱو، چنڱو، چڱون
چنڱون، وغيره)، ”ء، و ۽ ي“ وارا لفظ جن ۾ اهي حرف
علت، حرف صحيح طور ڪم ٿا اچن، ۽ هڪ ٻئي ۾ پيا مٽجن
سٽجن (هئا، هوا، هيا، وغيره)، ”اِي يا اُو“
پڇاڙيءَ وارن لفظن جون اهي صورتون جن ۾ ”الف همزو“
پٺيان استعمال ڪرڻو آهي (ڇوڪريءَ رنو، ڇوڪري رنو،
مٺوءَ کي، مٺو کي، وغيره)، ”هاي ساڪت“ پڇاڙيءَ
وارا فارسي لفظ (زمانه، وغيره) جن کي سنڌي صورت م
آڻڻ گهرجي (زمانو، زمانا، زماني، وغيره)، الڳ الڳ
معنيٰ ۽ وجود رکڻ وارا هڪ ٻئي سان لاڳاپيل لفظ
جيڪي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري لکجن (مون کي، مونکي،
تنهن کان سواءِ، تنهنکانسواءِ، ٻيءَ طرح، ٻيئطرح،
وغيره)، لفظ جيڪي گڏي لکڻ گهرجن (منهنجو، منهن جو،
پنهنجو، پنهن جو، تنهنجو، تنهن جو)، وغيره. ٻوليءَ
۾ وزن، اثر ۽ سونهن پيدا ڪرڻ لاءِ بيهڪ جي نشانين
(، ؛ : ! ؟ ” “ ’ ‘ -- .) جو استعمال نهايت ضروري
آهي. دنيا جي سڌريل ٻولين جي حالت ۾، صورتخطي يا
هجي جي چڪن، بيهڪ جي نشانين جي غلط واپرائڻ، ۽
لفظن جي غير موزون، نامناسب يا غير ضروري استعمال
۽ اهڙين ٻين خالص فني خامين کي نهايت عيبدار ڳالهه
سمجهيو ويندو آهي. انهن چيزن کي نظر انداز ڪرڻ سان
اسان جا اديب ۽ ساهتيه ڪار، پنهنجي ٻوليءَ جي
هڪجهڙائيءَ ۽ دائميت کي وڏو ڌڪ ٿا هڻن. انهيءَ طرح
جي مسئلا ويهي ڳولبا، ته بيشمار اهڙيون ڳالهيون
ملنديون، جي اسان جو ڌيان ڇڪائينديون. هنن جزوي
مثالن جو مقصد رڳو اهو آهي ته انهن سمورين ڳالهين
تي سوچي، ويچاري اسين اهڙي ڪوشش ڪريون جو ٻوليءَ
جا اهي مسئلا ڪاميابيءَ سان حل ٿيندا رهن، ۽ اسان
جو ادبي ۽ علمي خزانو مفاصلي، ماحول ۽ زماني جي
ڦيرين گهيرين هوندي به سدائين وڌندو ويجهندو رهي.
سنڌي ريڊيو اسٽيشن
ٻوليءَ ۽ سڀيتا کي قائم رکڻ لاءِ ٻوليءَ جي لکجڻ
واريءَ صورت سان گڏ، ڳالهائجڻ وارو پهلو به مکيه
آهي. ڳالهائجڻ ۾ اچڻ وقت، ٻولي جدا جد هنڌن تي جدا
جدا صورتون وٺندي آهي. مفاصلو ۽ ماحول جڏهن به
مَٽبو، تڏهن ڳالهائجڻ واري صورت به هري هري ٿي
مَٽجڻ شروع ڪندي. اسان جي سنڌي به ائين ڪيترين
صورتن ۾ مٽجندي رهي آهي. اتر ۾ ٻوليءَ جي،
ڳالهائجڻ ۾، صورت هڪڙي آهي، لاڙ ۾ ٻي، ٿر ۾ ٽي- ته
ڪڇ ۾ وچئون چوٿين. اهو صرف انهيءَ ڪري ٿئي ٿو، جو
ماڻهن جا ماحول جدا جدا آهن. جيئن جيئن ماڻهن جي
پاڻ ۾ ملڻ جا ذريعا گهٽ هوندا، تيئن ٻوليءَ جون
صورتون مٽبيون رهنديون آهن، لهجي ۽ اُچار ۾ فرق
پوندو ويندو آهي. انهيءَ جو علاج لکڻ جي صورت ۾
ڪرڻ کان سواءِ، ڳالهائجڻ ۾ هڪجهڙائي ۽ مرڪزيت پيدا
ڪرڻ سان به ٿي سگهندو آهي. هاڻ ته ملڪ ۾ ماڻهن جي
پاڻ ۾ ملڻ جلڻ جا ذريعا به عام جام آهن. پر ان
هوندي به ماڻهن جي تعليمي طرح پوئتي پيل حالت
انهيءَ جي اثر کي زائل ڪريو ڇڏي. انهيءَ ڪري ماڻهن
جي تعليم عام ڪرڻ سان ئي ٻوليءَ جي دائمي مرڪزيت
قائم رهي سگهندي. ٻوليءَ ۾ اها هڪجهڙائي ۽ مرڪزيت
پيدا ڪرڻ ۾ ريڊيو به ڏاڍي ڪارائتي چيز آهي. ريڊيو
ذريعي، ٻولي دنيا ۾ هرهنڌ پنهنجي صحيح ۽ مرڪزي
صورت ۾ ماڻهن تائين پهچي سگهي ٿي. ان کان سواءِ،
سڀيتا جون مکيه ضرورتون ۽ ڪيفيتون ماڻهن تائين
پهچائڻ ۾ ريڊيو جو وڏو هٿ آهي. اسان جي سنڌ، هيل
تائين انهيءَ کان محروم هئي، پر تازو حيدرآباد ۾
ريڊيو اسٽيشن کولي ويئي آهي. اهو سنڌي ٻوليءَ ۽
سنڌي تهذيب لاءِ ڏاڍو سٺو سوڻ آهي. سچ پچ ته
ريڊيو، ٻوليءَ جي مختلف اُچارن ۽ صورتن، ۽ سڀيتا
جي مختلف پهلوئن ۾ هم آهنگي، هڪجهڙائي ۽ دائميت
پيدا ڪرڻ جو ڪارائتو وسيلو آهي. اسان کي اميد آهي
ته حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن انهيءَ ڏس ۾ ڪارائتا قدم
کڻندي.
”مهراڻ“
”مهراڻ“ جو هيءُ پرچو اوهان جي هٿن ۾ ڪجهه دير سان
پهتو آهي. پنهنجي بچاءَ ۾ ڇا عرض ڪجي! ڪي ته سبب
واقعي هئا، جن مهراڻ کي ميدان ۾ آڻڻ ۾ دير ڪرائي!
پر اسين انهيءَ دير جي پورائي ڏيڍوڻي مواد پيش ڪرڻ
سان ڪري رهيا آهيون. اميد ته انهيءَ نذراني کي
اسان جا عزيز پرهندڙ ضرور قبول ڪندا.
”مهراڻ“ جي اڳئين پرچي ۾ اسان اعلان ڪيو هو ته
”مختصر افسانن“، ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي...“ واري
عنوان جي مضمونن ۽ ”سنڌي نثر جي مثالي ٽڪرن“ جي
چٽا ڀيٽي ڪئي ويندي، پر هڪ ته هن ڀيري اسان جي
لکندڙن کان افسانا يا اهي مضمون ايتري انداز ۾
مليائي ڪونه، جو انهن کي چٽا ڀيٽيءَ ۾ آڻي سگهجي،
۽ ٻيو ته ڪن عالمن ۽ اديبن اهي صلاحون ڏنيون ته
”مهراڻ“ جهڙي رسالي لاءِ اهو مناسب ڪين ٿو لڳي ته
انعام طور اديبن کي اهي ”پيسڙا“ آڇيا وڃن. انهيءَ
مشوري تي عمل ڪري انعامي سلسلو واپس وٺي، بند ڪري
رهيا آهيون. پر ان سان گڏ لکندڙ صاحبن کي عرض آهي
ته هو مهرباني ڪري پنهنجا افسانا، مضمون يا مثالي
نثر جا ٽڪرا دستور موجب ڏياري اماڻيندا رهن- جئن
اهي عنوان قائم رهندا اچن. اسان کي اميد آهي ته
اسان جا اديب اسان کي پنهنجون قلمي ڪاوشون موڪلي
احسانمند ڪندا رهندا، ۽ پنهنجي ”مهراڻ“ کي ساڳيو
آب تاب بخشيندا رهندا، جهڙو هن کان اڳ ان کي
بخشيندا رهيا آهن.
شڪرگذاري
”مهراڻ“ جي اڳين ٻن پرچن لاءِ سنڌ ۽ ڀارت جي
چوٽيءَ جي اديبن ۽ ليکڪن اسان جي همت افزائي ڪرڻ
فرمائي آهي ۽ رسالن ۽ اخبارن به حوصلي افزا تبصرا
۽ سمالو چنائون لکيون آهن. انهيءَ لاءِ اسين انهن
سڀني سڄڻن جا تهدل سان شڪرگذار آهيون. درحقيقت اها
عزت افزائي رڳو، انهن مدبرن، اديبن ۽ شاعرن جي
طفيل نصيب ٿي اٿئون، جن پنهنجي دماغي ڪاوشن ۽ ادبي
شهپارن سان اسان جي جهوليءَ کي جرڪايو آهي. لک
ٿورا ۽ احسان آهن، انهن اديبن ۽ شاعرن جا، جن
پنهنجي مٺڙي سنڌيءَ کي اجارڻ ۽ جرڪائڻ ۾ اسان جو
ساٿ ڏنو آهي. اسين انهن ساٿين جا به بيحد ٿورائتا
آهيون. جن ڪي مفيد مشورا ڏيئي اسان جي رهبري ۽
رهنمائي ڪئي آهي.
اسان جي مهربان ۽ مشفق پڙهندڙن ۾ ڪي دوست اهڙا به
آهن جن کي اسان ۾ خامين ۽ ڪوتاهين، اوڻاين ۽ عيبن
کان سواءِ ٻيو ڪي به نظر ڪونه ٿو اچي- ايتري قدر
جو هو اسان جي ناچيز خدمتن متعلق پنهنجي هڪ طرفي
راءِ ۽ فيصلي تي نه فقط نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار نه
ٿيا، پر پنهنجي جذباتي ۽ انتها پسند اختلافن کي
شايع ڪرڻ کان به نه گٿا. انهن کي حق آهي ته هو ڀل
پنهنجي عمل کي حق بجانب سمجهن، يا ادبي ۽ علمي
خدمت تصور ڪن- پر کين اهو يقيناَ معلوم هوندو ته
علمي ۽ ادبي حلقن ۾ هنگامه آرائي ۽ اتنهائي
پسنديءَ کي سخت معيوب سمجهيو وڃي ٿو. سنجيده طبقو
ڪڏهن به هنن جي انهيءَ انتها پسنديءَ کي سٺيءَ نظر
سان نه ڏسندو. ڪاش! اهي حضرت پنهنجن انهن ”ادبي
خذمتن“ تي افادي نقطي نظر سان ٻيهر غور به ڪن ۽
ڪجهه سوچين به!
گذارش
آخر ۾، اسين پڙهندڙن، اديبن ۽ ليکڪن کي هڪ نئين
گذارش ڪريون ٿا: جيڪڏهن هنن وٽ اسان جي سنڌڙيءَ جي
جدا جدا شهرن، ڳوٺن، ٻهراڙين، درياءَ، واهن، ٻيلن
۽ ٻنين جي نظارن جا فوٽا موجود هجن ته مهرباني ڪري
”مهراڻ“ ۾ ڇپجڻ لاءِ اماڻي ڏين. اسان جي پرهندڙن ۽
اديبن مان ضرور ڪي ساٿي اهڙن نظارن جي فوٽن ڪڍڻ جو
ذوق رکندا هوندا. اهي مهرباني ڪري اهڙا فوٽا اسان
کي عنايت ڪن، ته اسين سندن شڪريي سان ”مهراڻ“ ۾
شايع ڪنداسين. انهيءَ مان، اسان جي پياري سنڌڙيءَ
جي سونهن ڀرين نظارن کي ڏسي نه رڳو هر سنڌيءَ جون
اکڙيون ٺرنديون ۽ دل کي فرحت ملندي، پر هنن کي
پنهنجي وطن مبارڪ جي جدا جدا هنڌن متعلق معلومات
به حاصل ٿيندي. اميد ته اسان جا اهي مهربان سڄڻ
اسان جي هن وينتيءَ کي ضرور قبول ڪندا. (م. ا. ج)
حيدربخش جتوئي ”حيدر“
درياه شاه
آيا سنڌ جا ساهه فضل الله، آيا هند جا حسن زيور ۽
جاه،
آيا فخر دنيا، خدا جي نگاهه، تونگر ۽ مسڪين جي پشت
و پناه،
توئي ابر رحمت، توئي رنگ شفقت،
سندم جان تو ۾، ۽ ايمان تو ۾،
چوي توکي دم دم محبت ۽ چاه، ڀلي آئين جي آئين
درياه شاه!
سندءِ پاڙ ساري جهان جو آ تخت، جتي مينهن موتين
سندو آ سخت،
وهي ٿو هتان هر هميشہ جو بخت، هي دنيا ۾ آهي بهشتي
درخت،
جو چاهي لهي ٿو، ڪٿي ڀي رهي ٿو،
فرنگي ۽ هندي، جپاني ۽ سنڌي،
منجهان اهڙي سندر سخي بارگاه، ڀلي آئين جي آئين
درياه شاه!
هتان پاڪ گنگا جو آغاز ٿئي، ۽ جمنا جو ڀي ناز
انداز ٿئي،
ٿي بنگال برهما سان دمساز ٿئي، هتي ڪشف الله جو
راز ٿئي،
زمين آسمان سان، عرب گلستان سان،
پيا هتڙي گڏجن، مخالف به سڏجن،
هتي فرق مغرب ۽ مشرق ۾ ناه، ڀلي آئين جي آئين
درياه شاه!
اچين مانسرور مان ڪشمير ۾، ۽ باغ عدن واري تصوير
۾،
ڀرين تنهن کي خوشبوء اڪسير ۾، مفرح کڻي سنڌ لئي
سير ۾،
ڏئين دل کي فرحت، ڏئين روح راحت،
۽ ڪيلاش پربت، منجهان شير شربت،
ٿو گلزار گلشن جا آڻين اٿاهه، ڀلي آئين جي آئين
درياه شاه!
ٽڪر ٽاڪي پهچين ٿو پنجاب ۾، وجهي توکي پنجاب ٿو
خواب ۾،
ڀرين ملڪ کي خواب ۾ آب ۾، وجهين آب کي ڪين گرداب
۾،
ويون چاڙهيون لاهيون، نيون واهه واهيون،
ڇڏي گوڙ گهمسان، هلين ٿو مزي سان،
اي روح روان، صاحب عزوجا، ڀلي آئين جي آئين درياه
شاه!
ٿي راوي اچي تنهنجي ديدار تي، ۽ ستلج ۽ جهلم
نمسڪار تي،
ٿين مست ٿيون، تنهنجي للڪار تي، ڪرن تنهنجي قدمن
جي آڌار تي،
ٿين توتان قربان، فنا پنهنجي ڪن جان،
ڏين پاڻ پنهنجو، لهن وصل تنهنجو،
جو ميلو سمايل فنا اندر آهه، ڀلي آئين جي آئين
درياه شاه!
تون داخل ٿئين سنڌ ۾ ٿو آخير، جا آعشق تنهنجي ۾
اصلاَ آسير،
سحر وقت، سنڌي، اچي ٿي حقير، ڪري تنهنجي پوڄا، مڃي
توکي پير،
اي ”سنڌو“ سدائي، تون ڪر ”سنڌ“ سائي،
تون همنام سان رهه، وفا سان هميشہ،
جو سنڌو سوا سنڌ ٻي ڪجهه به ناهه، ڀلي آئين جي
آئين درياه شاه!
ٿو آخر وڃين سمنڊ ۾ گم ٿئين، ٿو ٽڪرن ۽ جبلن کان
بي غم ٿئين،
۽ بي انت ساگر سان همدم ٿئين، رموز خوديءَ جو ٿو
محرم ٿئين،
ابد ذات تنهنجي، همہ بات تنهنجي،
تون هر شي جو مايو، سندءِ سڀ تي سايو،
تر ۽ خشڪ کي بخشين نئون رنگ ۽ ساه، ڀلي آئين جي
آئين درياه شاه!
هو اول ۾ تنهنجو سمندر ۾ گهر، تپش عشق جي پر
ڪرايئي سفر،
گهمئين ملڪ سهسين، ڏٺئي شهر و بر، هماليه تي ورتي
تو شڪل گهر،
ٿيو پاڻي گوهر، پيو سمنڊ اندر،
سمندر مان ڄائين، وري تنهن ۾ آئين،
هي دنيا آ چرخي سندي چاڙهه لاهه، ڀلي آئين جي آئين
درياه شاه!
ٿي سانوڻ ۾ توکي بهاري ٿئي، بهاريءَ ۾ خوش خلق
ساري ٿئي،
ٿي ساري ڌرتي به ڪاري ٿئي، ٿي هرڪا زمين برک واري
ٿئي،
ٻنيون ريج کائن، سگهو ان اُپائن،
ڀرن واهه ريلا، ڪري جهنگ ٻيلا،
ٿئي جهنگ جهر پاڻي ٿو چار ماهه، ڀلي آئين جي آئين
درياه شاه!
دم عيسيٰ ڦوڪين ٿو هر واهه ۾، ڪسي سڀڪا سهڪي پئي
چاهه ۾،
ڪڻس آب حيوان اچي گاهه ۾، قدم خضر جو آهه هر راهه
۾،
ٿئي جهنگ گلشن ۽ هر باغ روشن،
ٿي هر ٻوٽي ٻهڪي، پکي تنهن تي چهڪي،
ڌتاري ٿو اکين کي هر گاهه، گاهه، ڀلي آئين جي آئين
درياه شاه!
خوشيءَ مان نه ماپين ٿو اونهاري ۾، پڄي تنهنجو
ڀاڪر ڪچي ساري ۾،
ڪرين تنگ تون بند کي گهاري ۾، اچي شل نه ڪو گهاري
لهواري ۾،
ٿئي بحر بر مان، مڃي تنهنجو فرمان،
سڙن پوکون سايون، ٿين غرق جايون،
تون بيحد خوشيءَ مان نه ماڻهن تي ڪاهه، ڀلي آئين
جي آئين درياه شاه!
ڀلا ٻيڙي تنهنجي ڇهي آسمان، چڙهن مٿس ”حيدر“ مثل
آس مان،
هي سچ نوح جي ڪشتي جي آسمان، جنهين جي سڙهن آ چٽيو
آسمان،
ڀلا اوج تنهنجي، ڀلا موج تنهنجي،
عجب تنهنجون ڇوليون، ڏين دل کي لوليون،
هي لوليون ٿيون ٻوليون ڪري نين ساهه، ڀلي آئين جي
آئين درياه شاه!
سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چَئي، لعلون مان لَهرَن،
ڪانهي قيمت تَنِ، ملهه مهانگو ان جو.
آڇارا عميق جا، گڏيا غواصن،
جهڙيون جهاڳي آئيا، ڪارونڀار ڪُنَن،
سمنڊ سوجهي جن، آڻي اَمُلَ اوليا.
ويا جي عميق ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي،
تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتارا پيهي،
پسندا اُهي ئي، اَمُلَ اکڙين سين.
شاهه
شعر
بيت
شيخ مبارڪ ’اياز‘، صاحب ڏنو شاهه مرحوم، مصري شاهه
رحه، ”برده“ سنڌي.
ڪافيون
حافظ محمد ”احسن“، عبداڪريم ”گدائي“، محمد خان
”غني“، شيخ مبارڪ ”اياز“، ”سرشار“ عقيلي، علي بخش
”رضا“، حسين بخش ”خادم“، مير محمد ”ميرل“، طفيل
احمد ”طفيل“.
مصري شاهه مرحوم،پير حسن بخش جيلاني رحه، فقير
رمضان واڍو، غلام شاهه مرحوم، محمد فقير کٽياڻ،
جهان شاه رحه، زمان شاهه ”ساقي“، محمد عالم شاهه
”عالم“.
گيت
”برده“ سنڌي، شيخ مبارڪ ”اياز“، هري ”دلگير“
”نياز“ همايوني، ”تنوير“ عباسي، ”بشير“ مورياڻي،
هوندراج ”دکايل“، سريچندر ڇاٻڙيا ”راهي“.
نظم
نواز علي ”نياز“، ڊاڪٽر ”خليل“، همايون بيگ
”فائق“، محمد خان ”غني“، اسدالله شاه ”اسد“،
”اياز“ قادري.
غزل
عبدالله ”خواب“،همايون بيگ ”فائق“، ”اختر“ رضوي،
نارائڻ ”شيام“، محمد علي ”جوهر“، ۽ ”راز“ بلڙائي.
قصيده رباعيون آزاد نظم
”ساجد“ سرشاري نارائڻ ”شيام“ شمشير
الحيدري
ادب لطيف
جهامنداس ڀاٽيا، شيخ حفيظ ۽ تاج صحرائي.
اسان جي شاعر جي خط
هي ادبي خط، شيخ مبارڪ ”اياز“ جا آهن، جي پاڻ وقت
به وقت ’اداراه مهراڻ‘ ڏانهن پئي لکيا اٿن. هنن
خطن جي افاديت، ادبي ۽ فڪري نقطه نظر سان نهايت
بلند ۽ وسيع آهي. هنن ۾ جتي زندگيءَ جون تلخ ۽
شيرين حقيقتون، نهايت دلنشين پيرايي ۾ بيان ٿيل
آهن، اتي دلدوز ۽ جانسوز حڪايتون ۽ شڪايتون به
آهن. پنهنجي فن، پنهنجي شخصيت، ۽ زندگيءَ جي عام
مسئلن کان سواءِ، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ متعلق ”اياز“
صاحب پنهنجا ذاتي تاثرات ۽ مشاهدا فلسفيانه انداز
۾ بيان ڪيا آهن.
هيءَ ادبي رهاڻ، ’مهراڻ‘ جي وساطت سان ناظرين ڪرام
۽ ٻين اهل نظر بزرگن تاين پهچائڻ هڪ ادبي فرض هو:
لهذا شايع ڪري، پنهنجي فرض کان سبڪدوش ٿيون ٿا. ان
سان گڏ سنڌ جي شاعرن ۽ ادبين کي مؤدبانه التماس
آهي ته جيڪڏهن ڪوبه اديب يا شاعر اهڙي قسم جا علمي
خط، جن ۾ ’زندگي ۽ ادب‘ متعلق سندن ذاتي تاثرات
بيان ٿيل هوندا، يا جن خطن ۾ پنهنجي فن ۽ شخصيت جو
تعارف ڪرايل هوندو، اُهي اسان شڪريي سان قبول ڪري،
”مهراڻ“ ۾ شايع ڪنداسون. اداره.
”ادا...، تنهنجو خط پهتو. خط جي بلڪل توقع نه ئي.
اڳ سمجهندو هوس ته اڻ- ڄاتو، اڻ- ڳاتو مري ويندس:
پر هاڻي ته دوستن ايتري حوصله افزائي ڪئي آهي، جو
دماغ جو توازن سنڀارڻ مشڪل ٿي پيو آهي. تو منهنجي
زندگيءَ ۽ شخصيت جي باري ۾ وڌاءَ کان ڪم ورتو آهي.
ممڪن آهي ته تنهنجو خيال، منهنجي ادب ۽ آرٽ جي
باري ۾ صحيح هجي. ڪيئن به هجي، پر مان تنهنجي
ايتري قدرشناسيءَ ۽ محبت لاءِ احسانمند آهيان.
منهنجي زندگي ۽ شخصيت ايتري محبت جي لائق نه آهي.
ڪنهن به انسان کي ان جي ادبي تخليق مان پرکڻ ۽
پرجهڻ نهايت غلط آهي. منهنجي نظر ۾، آرٽ ۽ ادب
”حسن جي تلاش“ آهي- ڪڏهن اديب جي ماحول ۾، ڪڏهن
سندس ذاتي جذبات ۽ احساسات ۾ ان ڪري جي ڪنهن به
شاعر جي زندگيءَ ۾ ڪي قبيح ڪمزوريون آهن، ته اُهي
سندس شعر ۾ نه ڳولي سگهبيون. اهو لازمي نه آهي ته
هر شاعر جي زندگي به ايتري حسين هجي، جيترو سندس
شعر. ڪيترا شاعر ته پنهنجي زندگيءَ جي قباحت کان
ڀڄي، شعر و شاعري جي حسين دنيا ۾ پناهه وٺندا آهن.
باقي ائين برابر آهي ته شاعر جي اک ۽ دل ٻين
انسانن جي اکين ۽ دلين کان مختلف آهي. هو پنهنجي
ماحول ۽ روح ۾ جي ڳالهيون محسوس ڪري سگهي ٿو، سي
ٻين جي احساس کان مٿڀريون آهن، ۽ جنهن طرح هو انهن
ڳالهين کي لفظن جو جامو پهرائي سگهي ٿو، ان طرح
ٻيو ڪوبه انسان نه ٿو ڪري سگهي.
ان ڪري ائين بهتر آهي ته تون منهنجي تخليق کي ڏس.
جي منهنجو شعر پڙهندي توکي سچ پچ ائين محسوس ٿيو
آهي ته بيخوديءَ جي عالم ۾ مون ازلي حسن جون ڪجهه
جهلڪون جهٽي ورتيون آهن، جي سچ پچ توکي ائين لڳو
آهي ته منهنجو آرٽ سچائيءَ ۽ سونهن جي مسلسل جستجو
آهي، ته مون لاءِ اهو ڪافي آهي- ۽ منهنجي زندگيءَ
جي ڄاڻ تو لاءِ ضروري نه آهي. منهنجي زندگي هڪ
ڪوڙي ڪهاڻي آهي: اها ٻڌي ڇا ڪندين؟ منهنجي گهڙي
گهڙي فريب آهي، پل پل دوکو آهي. مان ساري عمر رڃ
پٺيان ڀٽڪيو آهيان، ڪڏهن به اڃ نه لٿي اٿم. شايد
باقي زندگي به ڀٽن ۾ ڀٽڪندي گذرندي. توکي ان سراب
کي سمجهڻ جو سوداءُ ڇو ٿيو آهي. شعر، جي واقعي شعر
آهي ته اهو حسن جي بي پناه بارش آهي. تون ان مان
پياس ٻجهائي سگهين ٿو. مان ڳائڻ مهل خالق آهيان،
جيئڻ مهل مخلوق آهيان: بهتر آهي ته تون منهنجي
تخليق کي ڏس: مون ۾ ڇا رکيو آهي! تنهنجو....“
* * * * *
”ادا...، تو پنهنجي خط ۾ عجيب تفاضا ڪئي آهي ته
مان توکي چانڊوڪيءَ ۾ ويهي خط لکان. توکي شايد خبر
نه آهي ته مونکي چانڊوڪيءَ کان چڙ آهي. چانڊوڪي
منهنجي نيڻن کان ننڊڙي کسي وٺندي آهي، ۽ مان راتين
جون راتيون چنڊ پٺيان چارا رلندو وتندو آهيان.
توکي شايد خبر نه آهي ته چنڊ ۽ ننڊ ازل جا ويري
آهن. چانڊوڪي، اکڙين کي اوجاڳا ڏيندي آهي، دلين جا
دکڙا دکائيندي آهي. مان ڪيئي راتيون نور ڀريءَ
نيراڻ ۾ نهاريندو رهيو آهيان- ڪيئي ڀيرا سنسار جي
سيني ۾ گهوري ڏٺو اٿم. چانڊوڪيءَ ۾ مونکي هيءَ
ڪائنات ڪنهن خوش طبع ڪوريئڙي جو مها ڄار لڳندي
آهي، جنهن ۾ انسان ڪنهن جيتڙي وانگر ڦاسندو،
ڦٿڪندو نظر ايندو آهي. چنڊ آسمان ۾ ائين هلندو نظر
انيدو آهي، گويا کيس ڪوئي ڪنڍي وجهي، ڪنهن ازلي
منزل ڏانهن ڇڪي رهيو آهي. مان به پنهنجي منزل جي
تلاش ۾ هن جي پٺيان ڪيئي منزلون طي ڪري ويندو
آهيان. ساري رات انهيءَ سفر ۾ طي ٿيندي آهي، ۽
منهنجن ڇپرن جي ڇانو ۾ پرهه ڪر موڙيندي نظر ايندي
آهي.
ادڙا، چنڊ مون کي ڪائنات جي ازلي اک وانگر لڳندو
آهي جا مون ڏانهن گهوريندي رهندي آهي، ۽ مان
پنهنجي خوف ۾ تارن ڀرين راتڙين جو سهارو وٺندو
آهيان. اڄ به اڻٽيهين اونداهي آهي ۽ مان توکي
بتيءَ جي ڌيميءَ جوت ۾ هي خط لکي رهيو آهيان. شايد
تنهنجي زندگيءَ ۾ مان پهريون شاعر آهيان، جنهن کي
چانڊوڪيءَ کان چڙ آهي. پر ان هوندي به منهنجي
شاعريءَ ۾ هرجڳهه چانڊوڪيءَ جو ذڪر آهي! ڇو؟ شايد
مون کي چانڊوڪي بيحد پياري آهي! شايد چانڊوڪيءَ ۽
ننڊ ۾ رقابت جو جذبو آهي- تنهن ڪري! ادڙا، مان هڪ
خسته تن ۽ خسته دل انسان آهيان: مون کي ننڊڙي وڌيڪ
پياري آهي- مون کي ننڊڙي وڌيڪ پياري آهي: مون کي
چانڊوڪي نه گهرجي- مون کي روشني نه گهرجي! تنهنجو
پنهنجو ....“
* * * * *
”ادا...، هاڻي معاشي مصروفيتن مان مس مس فراغت ملي
آهي، سارو ڏينهن زندگيءَ جو ڳاهه ڳاهي آيو آهيان.
نس نس ٽٽي رهي آهي. معلوم نه آهي ته سارو ڏينهن
ڪير ڳرڪائي ويو! وقت، هن ماحول ۾ ڪنهن ازلي ديو
وانگر ٿو لڳي. هينئر شام، چانهه وانگر نيرا نيرا
پر پکيڙيا آهن. چانهه، اسان جي تر جو مشهور پکي
آهي، ۽ ان متعلق ڏند ڪٿا آهي ته هو هميشہ ڪنهن
پارس جي تلاش ۾ هوندي آهي. مان جڏهن به شام کي
چانهه سان تشبيهه ڏيندو آهيان، ته نه فقط ان جي
اڪيلائيءَ جو احساس ۽ نيراڻ مائل رنگ ذهن ۾ هوندو
اٿم، پر مان محسوس ڪندو آهيان ته منهنجي هر شام به
ڪنهن پارس جي تلاش ۾ هوندي آهي- ڪنهن نامعلوم،
نارسا هستيءَ جي جستجو ۾، جا منهنجي ساهه کي سارو
سون ڪري سگهندي!
اها جستجو ئي منهنجو مذهب آهي. وهمن وسوسن ۾
ويڙهيل مذهب، منهنجي لاءِ من گهڙت، جڙتو ڪهاڻيون
آهن. فرقه بنديون ۽ ظاهرداريون مون لاءِ خود
فريبيءَ ۽ خدا فريبيءَ کان گهٽ نه آهن. خشڪ
اخلاقيات جي ڳالهه منهنجن چپن تي هڪ شرارت ڀري مرڪ
آڻيندي آهي. بهشت دوزخ، گناه ثواب، حرام حلال جي
بحث تي ئي مون کي کل ايندي آهي- کِل جا مرڪ ۾
اُسرندي، ٽهڪ ۾ ڦهلندي، ۽ ساري ڪائنات کي وڻ-
ويڙهيءَ وانگر وچڙندي ويندي آهي، ۽ پوءِ ڪائنات هڪ
ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين گونجندي رهندي آهي: منهنجا
ٽهڪ زمان ۽ مڪان جي سرحدن تي وڃي پڄندا آهن، ۽
منهنجا ازلي سوال آسمان کان کنوڻين وانگر کلندي
پڇندا آهن، ”اي راز ازل! مون تنهنجي پراسرار هستي،
چرندي، پرندي محسوس ڪئي آهي. مون توکي مکڙين جي
خوشبوءِ ۾ سنگهيو آهي، چنگ جي آواز ۾ ٻڌو آهي، شفق
جي ڀنل رنگن ۾ ڏٺو آهي، معصوم حسينائن جي ملايم
ڳلن ۾ ڇهيو آهي، شراب جي ڪوڙيءَ ڳيت ۾ چکيو آهي.
اي راز ازل! تنهنجو احساس منهنجي وجود جي معنيٰ
آهي، ۽ تنهنجو وجود مون لاءِ معنيٰ جو احساس آهي.
هي منهنجا همذات، هي انسان، توکي ڇو نٿا محسوس ڪن!
هنن کي ڪير ٿو برغلائي؟ هيءُ ڪوڙين ڪهاڻين جو تاڃي
پيٽو ڪنهن بڻايو آهي، جن ۾ هنن جو ذهن منهنجي پيو
آهي؟ هي اڻ واقف مونکي پنهنجي واقف سان واقفيت
ڪرائي رهيا آهن! اي راز ازل! تون ڪيترو نه حسين
آهين، پر هنن انسانن، جو جامو توکي پهرايو آهي،
تنهن ۾ ڪيترو نه قبيح ٿو لڳين! اي راز ازل! تنهنجي
ڪنواري، بي نقاب صورت ئي حسن ۽ حق جي معياري پسند
آهي.“ ۽ پوءِ ٽهڪ جهڪا ۽ ڦڪا ٿيندا ويندا آهن،
منهنجي منهن تان مرڪ گم ٿيندي ويندي آهي ۽ منهنجو
سر جهڪي ويندو آهي، ٽاهه ٽاهه ڳوڙها منهنجين اکين
مان وهندا آهن، ۽ مان هڪ گهڙيءَ ۾ ساري انسان ذات
واسطي صدين جي عبادت ڪري ڇڏيندو آهيان. منهنجا
مٺڙا ڀاءُ، اهو آهي منهنجو مذهب جنهن جي ڄاڻ لاءِ
توکي ايتري چورا کورا هئي، ۽ جنهن لاءِ بار بار تو
پنهنجي گذريل خط ۾ لکيو هو. انهيءَ ئي منهنجي
شاعريءَ کي جرڪايو آهي. انهيءَ جي ڪري مان پاڻ کي
ماڻهوئڙن جي ميڙ ۾ اڪيلو ڀائيندو آهيان، ۽
اڪيلائيءَ ۾ پاڻ کي ساري مخلوق سان گڏ پرستش ڪندو
ڏسندو آهيان. ان منهنجي مذهب جا نبي يا ولي، اوتار
يا رشي ڪونه آهن، ان جا مصحف ڪتاب، پوٿيون پستڪ
ڪونه آهن: اهو فقط ٻن جهاتين، ٻن جهلڪن تي بڻيل
آهي- شايد تون سمجهي سگهين ته هر جهاتيءَ ۽ جهلڪ ۾
ڪائنات جا ڪيترا راز آهن! تنهنجو پنهنجو....“
* * * * *
”ادا...، تنهنجو خط پهتو. تو لکيو آهي ته تون
منهجي نه، منهنجي شعر جي شخصي زندگي ڄاڻڻ ٿو
چاهين. تو پڇيو آهي ته مان گونا گون مصروفتين
هوندي شعر ڪهڙي وقت ٿو لکان، ۽ شعر لکڻ وقت منهنجن
جذبن ۽ احسان جي ڪهڙي حالت آهي؟ عشقيه ڪلام لکڻ
وقت منهنجي تصور ۾ ڪي خاص شخصيتون هونديون آهن ڇا؟
مان شعر موقعي تي في البديهه چوندو آهيان، يا پوءِ
گذشته حالات جي تصور کان متاثر ٿي چوندو آهيان؟
ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جي ڪلام منهنجي شاعريءَ تي اثر
وڌو آهي؟ منهنجي شاعرءَ ۾، هر صنف سخن سان بيوفائي
ڇو آهي؟ ۽ آخري سوال- جو سڀ کان ڏکيو آهي ته مان
شعر چوندو ڇو آهيان؟
مان ڀانيا ته پوئين سوال جو جواب اول ڏيان ته بهتر
ٿيندو. ما شعر ڇو چوندو آهيان ۽ مان زنده ڇو
آهيان: انهن ٻنهي سوالن ۾ ڪوئي خاص فرق نه آهي.
ٻئي لازم ملزوم آهن. مان زنده آهيان تنهن ڪري شعر
چوندو آهيان، ۽ مان شعر چوندو آهيان تنهنڪري زنده
آهيان. هر انسان کي پنهنجي ذريعهء معاش مهيا ڪرڻ
واسطي محنت لازمي آهي: شعر و ادب جي تخليق تي به
محنت ڪئي ٿي وڃي، پر شعر و ادب کي هن ماحول ۾
ذريعهء معاش بنائڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي. ان ڪري مون
قانون کي ذريعهء معاش بڻايو آهي. قانون جو مطالعو
پنهنجي جاءِ تي دلچسپيءَ کان خالي نه آهي، پر
منهنجو فطري لڳاءُ شاعريءَ سان آهي. مان محسوس
ڪندو آهيان ته قدرت مون کي انساني جامي ۾ آندو ئي
ان واسطي آهي ته مان پنهنجا پراوا ڏکڙا ڳايان،
ڳوڙهن کي ڳالهڙين ۾ ڦيرايان، ٻوليءَ جي ڦلواڙيءَ
مان رنگ برنگي گل ڇنان، گلدستا ٺاهيان، گلدان
سجايان! گيت ئي منهنجي جيت آهن: انهن کان سواءِ
منهنجي زندگي هار آهي. انهن کان سواءِ منهنجي
زندگي بي معنيٰ آهي انهن کان سواءِ مان انهيءَ
سوال کان ڪڏهن به پيڇو نه ڇڏائي سگهندس ته مان
زنده ڇو آهيان؟
باقي سوالن جو جواب آسان آهي. مون ڪڏهن به پنو
پينسل کڻي، شعر لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. شايد هاڻي
ان واسطي فرصت به نه آهي. مان شعر ڪڏهن ڪڏهن چوندو
آهيان. بعضي بعضي ته ٻه ٻه ، ٽي ٽي سال هڪ سٽ به
نه چوندو آهيان، ۽ پوءِ جڏهن طبعيت مائل ٿيندي
آهي، ته منهنجي روح ۾ ڪوئي درياه اُٿلي ايندو آهي
۽ گهمندي ڦرندي منهنجي ذهن ۾ سوين سٽون جڙي
وينديون آهن. لفظ ستارن وانگر منهنجي دل جي اکين
اڳيان ايندا آهن، ۽ مان اهي ستارا چونڊي ڪهڪشائون
ٺاهيندو ويندو آهيان. ان وقت مان بلڪل وائڙو لڳندو
آهيان، ڪيئي واقف رستي ملندا آهن، پر مان انهن کي
بلڪل سڃاڻڻ کان سواءِ سندن ڀرسان لنگهي ويندو
آهيان: گويا منهنجون جسماني اکيون کليل هونديون
آهن، پر ڏسنديون ڪجهه به نه آهن، باقي منهنجون
روحاني اکيون ڀونرن وانگر ٻوليءَ جي گلزاريءَ ۾
ڦرنديون وتنديون آهن، ۽ مان مکڙيون ۽ ماڪ ميڙيندو
وتندو آهيان. منهنجا ادا، ان طرح رستي ويندي مون
ڪيئي بيت، گيت، غزل ۽ نطم جوڙيا آهن، جي مهينن جا
مهينا منهنجي حافظي جي خزاني ۾ موتين وانگر
جهرڪندا رهندا آهن، ۽ فرصت وقت انهن کي لکي ڇڏيندو
آهيان. جنهن وقت شعر ڏانهن طبيعت مائل هوندي آهي،
ته مان محسوس ڪندو آهيان ته منهنجي روح ۾ چانڊوڪي
وسي رهي آهي، مان خاڪ ۽ خون مان بڻيل انسان نه
آهيان، مون ۾ فطري ڪمزوريون ۽ ڪچايون نه آهن، مون
کي ذريعهء معاش لاءِ ڪائي محنت ڪرڻي نه آهي: مان
فقط محسوس ڪندو آهيان ته مان لفظن جو صراف آهيان،
مان انهن کي صاف ڪري ڇلي، گهڙي، ادبي زيور بڻائي
رهيو آهيان. ان وقت منهنجي جندڙي- جنهن کي هونءَ
ته ناسازگار ماحول بلڪل نستو ۽ اُٻاڻڪو بڻائي
ڇڏيندو آهي- اٿاهه خوشيءَ سان موجون ماريندي آهي،
۽ مان پاڻ کي نهايت خوش نصيب انسان سمجهندو آهيان.
اهو جنون، اهو شاعريءَ ڏانهن لونءَ لونءَ جو لاڙو
مهينو ٻه هلندو آهي ۽ پوءِ چانڊوڪيءَ ۾ چڙهيل وير
وانگر هٽندو ويندو آهي، ڇوليون ڇر ۾، بدلبيون
وينديون آهن ۽ جڏهن روح بلڪل ماٺو ٿي ويندو آهي ته
مان دنيوي ڪاروبار ۾ مشغول ٿي ويندو آهيان- ايتري
قدر جو شايد ڪوئي سمجهي سگهندو هجي ته هيءُ قانوني
مهاڄار ۾ ڦاٿل انسان ڪو شاعر به آهي! سو ادڙا،
منهنجي روح جو پکيئڙو تمام ٿورو وقت انهن ازلي
آکيرن ۾ گهاريندو آهي. سندس باقي سارو وقت پڃري ۾
پلندي گذرندو آهي. شايد هيٺيان ٻه بيت منهنجي
انهيءَ قلبي واردات جو اظهار آهن:
پڃري ۾ پاڇا پيا، چمڪي ٿي چوڏس،
پکيئڙا پروس، ڦٿڪڻ لڳا ڦند ۾.
پڃري ۾ پيهي، آئي بوءِ بسنت جي،
پکي پرڏيهي، پرڙا پتوڙڻ لڳا.
عشقيه ڪلام لکڻ وقت، منهنجي ذهن ۾ ڪي خاص شخصيتون
هونديون آهن ڇا؟ اهو سوال منهنجي شخصي زندگيءَ سان
تعلق ٿو رکي: پر، مان بنا تفصيل ۾ وڃڻ جي، تنهنجي
حيرت مٽائي ٿو سگهان. ادا، اها ڪا نئين ڳالهه نه
آهي ته ”محبت گناه نه آهي.“ محبت، جسماني خواه
روحاني، شرعي خواه غير شرعي. منهنجي نظر ۾ عبادت
جو درجو رکي ٿي. هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا
انسان اچن ٿا، جن سان هو محبت ڪري ٿو. منهنجي
زندگيءَ ۾ به ڪي اهڙا انسان آيا آهن، ۽ عشقيه ڪلام
چوڻ وقت منهنجي روح تي ڪنهن نه ڪنهن پرينءَ جا
پاڇا ضرور پوندا آهن. سنڌ جي جاگيرداري زمينداري
دور جو ماحول، مشرق جو وهمن ۾ ويڙهيل جنسي اخلاق
جو تصور، مجبور ٿو ڪري ته زندگيءَ ۾ انهيءَ واردات
تي پردو پيل رهي، جي منهنجي عشقيه شاعريءَ جون
محترڪ آهن. منهنجي ”محبت“ سان وفا آهي: ”وفا“ سان
محبت نه آهي. ان جو تفصيل شايد تنهنجي حساس طبيعت
کي ڪجهه ڀاري لڳي، ان ڪري ان متعلق ڪجهه زياده نٿو
لکان.
مان موقعي تي شعر بلڪل ورلي چوندو آهيان. منهنجو
ان نظرئي سان اتفاق آهي ته ”شعر اطمينان ڀريل
خاموشيءَ ۾ ياد آيل جذبات جو اظهار آهي.“ پر مان
راتين جو رولاڪ آهيان، چاندوڪين ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي،
ڪڏهن ڪڏهن منهنجو روح چڪورن سان چلولايون ڪندو
آهي، ۽ ڪجهه شعر رات جي منظر متعلق جڙي ويندو آهي.
ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جي ڪلام منهنجي شاعريءَ تي اثر
وڌو آهي، ان جو جواب ڪافي لنبو آهي ۽ ٻئي خط ۾
ڏيندوسانءِ. باقي اهو سوال ته ”تون ڪنهن به صنف
سخن سان وفا ڇو نه ڪئي آهي.“ ٻيءَ طرح ساڳي قسم جو
آهي ته منهنجي فطرت جيئن آهي تيئن ڇو آهي! ان جو
جواب ته ڪوئي نفسيات جو ماهر ئي ڏئي ٿو سگهي. باقي
اهو صحيح آهي ته مان ڪئي نظم سانده لکندو آهيان،
ته انهن مان دل کٽي ٿي پوندي آهي، ۽ ڪيترا سال
انهن جو پيڇو ڇڏي ڏيندو آهيان، ۽ پوءِ غزل لکندو
آهيان. ڪجهه وقت کان پوءِ غزل به نه آئڙندا آهن، ۽
گيت لکندو آهيان ۽ نيٺ گيتن مان به ڪڪ ٿي پوندو
آهيان ۽ ڪيتريءَ مدت تائين شاعريءَ کان ئي روح
پلجي ويندو آهي. اڄ ڪلهه بيت لکي رهيو آهيان.
”بيت“ ۾ اسان جي ڏات جي يگانگت آهي. ان ۾ اها
تخليقي انفراديت آهي جا گيت، غزل ۽ نظم ۾ نه آهي.
بيت، پنهنجن مختلف نمونن ۾، سنڌي شاعر جي جذبات
خيالات ۽ احساسات، جو بهترين آئينه دار آهي ۽ سندس
موجوده شڪل به سرزمين سنڌ جي ئي تخليق آهي.
هاڻي راتڙي ڀني آهي. آسمان ۾ قطب تارو گهوري رهيو
آهي. گويا کيس تعجب آهي ته هي سودائي ابن آدم ڇا
ڪري رهيو آهي. ساري ڪائنات ڪنهن راڳ سان گونجي رهي
آهي، جنهن کي ستارن جو ساهه سانت ۾ سڻي رهيو آهي.
مان به انهيءَ راڳ جي لهرن ۾ لڙهي رهيو آهيان.
اوجاڳو اکڙين کي چميون ڏئي موڪلائي رهيو آهي.
ننڊڙي پنهنجي گودڙيءَ ۾ جذبن ۽ احساسن کي ويڙهيندي
ٿي وڃي. چڱو خدا حافظ! تنهنجو پنهنجو........“
* * * * *
”ادا...، اڄ ”سنڌو“ رسالو نظر آيو. ان ۾ کيئلداس
”فاني“ جو نظم ”او منهنجا وطن“ پڙهيم. ڇا ٻڌايانءِ
ته نظم پڙهي ڪهڙي حالت ٿي! گويا مون کي ڪنهن
کنڀڙاٽين کان وٺي وچ سمنڊ ۾ ڦٽي ڪيو، ۽ مان ڇولين
جي ڇوهه ۾ اُڏامندو ويس. ڪيئي ڪشتيون نظر آيون، ڪن
جا سڙهه ڦاٽي ويا هئا، ڪن جا تختا اُڏامي ويا هئا،
ڪي ڇتين ڇولين ڳڙڪائي ڇڏيون هيون، ڪي طوفانن سان
ٽڪر کائي رهيون هيون، ڪن جا همسفر هڪ ٻئي کي چنبڙي
قدرت جي انڌاڌنڌ حملن کي هراسجي ڏسي رهيا هئا، ۽
ڪي دلشڪسته مسافر، ڪوئي چاڙهو نه ڏسي، خود سمنڊ ۾
ٽپي رهيا هئا ۽ درندن جي ڏاٺن ۾ ڏڪي رهيا هئا.
اکين ۾ ڳوڙهن جهل نه ڏني. آلا! اهي منهنجا پنهنجا
هم وطن سنڌي هئا، جن جو مان ساحل تان بيهي نظارو
ڏسندو رهيو آهيان. انهن مان هڪ هو سنڌڙءَ جو
لاکيڻو شآعر کيئلداس ”فاني“، جو فاني فقط پنهنجي
نهٺائيءَ ڪري سڏائيندو آهي، جيتوڻيڪ هو شعر جي
دنيا ۾ باقي آهي. هو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چڪو آهي ۽
اسان جا آئينده نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گداز سان
پڙهندا رهندا. ادڙا، کيئلداس ”فاني“ منهنجو استاد
هو. نه فقط هن مون ۾ ڏهين يارهين ورهئين جي عمر ۾
شاعريءَ لاءِ شوق پيدا ڪيو، پر، هن ئي مون کي سنڌي
شاعريءَ جو روح ڏيکاريو. ”فاني“ لفطن جو سنگ تراش
آهي: انهن کي گهڙي، ڇلي، مهٽي، سهٽي هڪ خوبصورت
نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي. ”فانيءَ“ جون ڪي ڪي
سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون. سندس لفظ خوبصورت
ڄار آهن، جن ۾ هو اُڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان
ڦاسائي ٿو. ”او منهنجا وطن“ ۾ لکي ٿو:
”چاهي ٿو هرڻ، واريءَ ڏي ورڻ،
سمجهي ٿو سٺو، بک اڃ ۾ مرڻ“.
ڪيتريون نه پر گداز آهن هي سٽون! انهن ۾ اسان جي
سنڌي هندن جي وطن لاءِ نهوڙيل نينهن لڇي رهيو آهي.
اهي سٽون فقط هڪ استاد ئي لکي سگهندو، جنهن ساري
عمر، شعر جي ديويءَ جي ڀيٽ چاڙهي هجي. مٿئين نظم ۾
لکي ٿو:
”سرديءَ جي سٽن، گرميءَ ۽ گهٽن،
ڪجهه ڪين ڪيو، ٻوڏن ۽ ٻٽن“.
”فاني“ ساري عمر شڪارپور ۾ رهيو هو. اتي، پهريون
ماستر هو، پوءِ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو، ۽ حالات جي
ناساز گاري سبب هندوستان هليو ويو. مٿين سٽن ۾، هن
شڪارپور جي روح کي سمايو آهي مون کي اڃا تائين اهي
سرديءَ جي سٽن، گرميءَ ۽ گهٽن، ٻوڏن ۽ ٻٽن جا
زمانا ياد اچي رهيا آهن، جي مون هن سان شڪارپور ۾
گذاريا آهن. ادڙا، تون مٿين سٽن مان محسوس نه ٿو
ڪرين ته ”فانيءَ“ لفط گهڙيا ۽ ڇليا آهن! هن جي فن
جي عظمت کان انڪار ڪرڻ وڏي بيقدري ۽ ناشناسي
ٿيندي. مٿئين مسدس جو پويون بند ته ساهه ۾ بڙڇيون
ٿو هڻي:
”ڀڄي جن آ ڀڄايو، مون کي وطن،
ڇڏي جن آ ڇڏايو، مون کي وطن،
لڏي جن آ لڏايو، مون کي وطن،
جن روهه رلايو، مون کي وطن،
”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دکي،
سالن ۾ ٿيا ساعت نه سکي!“
اي ڪاش! ڪوئي منهنجو نياپو هن تائين پهچائي!
استاد، مان هتي تنهنجي دل جي ڌڙڪ ٻڌي رهيو آهيان.
مان هتان تنهنجا ڳوڙها ڏسي رهيو آهيان: نه فقط هرڻ
واريءَ لاءِ ٿي تڙڦي- پر واري به هرڻ لاءِ ٿي
تڙڦي- اها باهمي تڙڦ هڪ ڏاريندڙ سوال آهي، جو
تاريخ جي ڪنن ۾ وڄندو رهندو، ۽ تاريخ لاجواب ٿي،
تاقيامت شرم ۾ ڪنڌ جهڪائي رهندي! تنهنجو
پنهنجو.....“
بيت
شيخ مبارڪ ”اياز“
وري چوريان چنگ، صدا ڪريان سنڌ ۾،
ڪونهي اڄ ڪلام ۾، سُر جو سِر سان سنگ،
ڀريان آءٌ اُمنگ، ڪريان لات لطيف جي!
ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي، جهلي بيٺس جهول،
ڏنئي ٻه ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي!
ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنهنجا کيت،
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آهن آيتون!
ٽانڊن تي ٽليا، پانڌي تنهنجي پريت جا،
وچڙيا هرڪنهن وڄ سان، کِنوڻين تي کليا،
تو سان نيٺ مليا، سَٽون ڏئي ساهه جون.
پيتي ڙي پيتي، پيالي اسان پريت جي،
بدلي نشي نينهن جي، نيت ۽ نيتي،
هارائي جيتي، بازي اسان برهه جي.
جلي ڪيسين جوت، واچوڙا ويڙهي ويا،
ڳاراڻا، ڳڻ ڳوت، لتاڙي ويا لاٽ کي.
آيو نيڻين نير، ڳوڙها ڳڙيا ڳجهُه ۾،
هارايو مون هٺ اَلا! دکن ڪيو دلگير،
دل کي آيو ڌير، ڳائي تنهنجون ڳالهڙيون.
جئن مکڙيءَ کي ماڪ، چمڻ اچي چاهه مان،
آيا سي تئن دور کان، اورانگهي افلاڪ،
خوشبو آ خوراڪ، سائل آهيون سڪ جا.
الا، اڄ ته اُڏام! ڀڙڪو ڏئي بند مان،
آيو اُتر واءَ تي، پرينءَ جو پيام،
ڪيئي ڪيئن قيام، پکيئڙا پرڏيهه جا.
ڏئي مون کي ڏات، سک کسي وئين ساهه جا،
سوچيندي مون سپرين، رڙهندي رهي رات،
پڌري ٿي پرڀات، نيڻ نهوڙيا ننڊ ۾.
سارو عالم پيو سمهي، جَلي منهنجي جاڳ،
ازل جي آواز مان، روح بڻايا راڳ،
ڀڙڪيا اُلا آڳ، ڄرڪڻ لڳي ڄندڙي.
ڪوڪي ٿي ڪويل، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي،
ڄڻ ساري سنسار کي، پئي ڏاري ڏکويل،
پرينءَ سان پُويل، شل رهي ساهه سڀن جو!
ڦٽڻ لڳو ڦاڳ، آئي بوءِ بسنت جي،
سڄڻ منهنجي ساهه کي، ويڙهي ويو ويراڳ،
ڪٿي منهنجو ماڳ، ڪٿي منهنجون منزلون!
رهي منهنجي روح ۾، سدا تنهنجي سونهن،
ورهين لاءِ ورونهن، پلڪ تنهنجي پيار جي.
او منهنجي منزل! رلائين ٿي روح کي،
ويجهو اچي واٽ تي، ڪڏهن مون سان مل،
دکڙن ڀري دل، پيرين پڄان ڪيئن مان!
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ- رليل آڪاس،
رتين رتيون راتڙيون، اُڏاڻا احساس،
چت ۾ چوڏهينءَ چنڊ جئن، اُڀري ڪائي آس،
پريات پريان پاس، آيون ڳالهيون ڳجهه جون!
چَنڊُ لُڙهي لس- ليٽ ۾، جهاڳي جهُڙ جي جهاڳ،
مينهوڳيءَ جي رات آ، وسن پيا ويراڳ،
ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون؟ اچ ورائي واڳ،
مٺڙا، منهنجا ماڳ، سڄڻ منهنجي ساهه جا!
ڳالهيون هن جون ڳاءِ، ڳوڙها آڻي ڳائڻا!
رک ۾ منهنجي روح جي، ڄڀيون ڪي ڄرڪاءِ،
رتين رتيون راڳڻيون، سازن سان سرچاءِ،
تن ۾ پوئين پهر جو، سارو سوز سماءِ،
راتين منجهه رچاءِ، رمزون پنهنجي روح جون!
موڙي ڪيو ميڻ مون، پهڻن جهڙو پاڻ،
سڄڻ اڄ تو ساڻ، اوڙهي آيس عاجزي!
اوڙهي آڌيءَ رات جي، شال سموري شهر،
سارو عالم پيو سمهي، اُڏاڻا پل پهر،
سيرون ڪيون ساهه ۾، لڳي تنهنجي لهر،
نيڻين وهي نهر، ڳاتم تنهنجون ڳالهڙيون!
اوندهه تي اولا پيا، لڇندي رات لڙي،
ساهه نهوڙيو سوچ ۾، تارن ننڊ تڙي،
جنهن ۾ اک اڙي، سامهون آ سو سوجهرو.
طرز پراڻي- نياپو نئون
اندر منجهه اٿاهه، محبت ماڻهوئڙن جي،
پاڇو آهه، پرينءَ جو، تن جو سهڻو ساهه،
جيڪر چميون چاهه، ڏيان ساري ڏيهه کي.
ڏئي ڪوڙهئي کي ڪير، چميون ٻه ٽي چاهه مان،
سڄڻ توسان سير، ڪري ڪير ڪنڊن تي.
وڌم ڏکن ڏاڻ، سک نه سنڀران سپرين،
سوچي هن سماج تي، ڪڍي ڄڀيون ڄاڻ،
ڊاهي ڪريان ڍيرهي، بي معنيٰ مانڊاڻ،
سڄڻ اچ مون ساڻ، ته اٽڪون اڄ انياءَ سان.
ڪڻا ڪني ۾ ڏسي، رني، ڪونه ڪڇي،
لوليءَ منجهه لڇي، ممتا ساري ماءُ جي.
سانڍيا منهنجي ساهه، ڏکڙا ساري ڏيهه جا،
عالم! تنهنجي آه، لڇندي منهنجي لات ۾.
ڏنيون مون کي ڏات، ڳوڙهن ڀريون ڳالهڙيون،
لنوي منهنجي لات، ڏکڙا ساري ڏيهه جا!
آهي اڄ اڻاٺ، پرينءَ پانڌيئڙن جي،
جاڏي تاڏي جبر جي، ڏڪي پئي ڏاٺ،
ڪوڙ بڻايا ڪاٺ، سوريءَ سِري سچ جي.
نئين نه منهنجي ننڊڙي، چانڊوڪيءَ کي چؤ،
جاڳي جلندي جندڙي، تن من ايندو تؤ،
سور اسان ليءِ سؤ، آندا جاڳ جهان ۾!
اسان تي لازم، آندا جڳ جيئڻ جا،
جن جي روز جواب ۾، جرڪيا منهنجا جام،
الا، ڪڏهن عام، رسندا منهنجي روح کي!
”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“
صاحب ڏنو شاهه مرحوم
نفي ڪري جن نفس کي ”الف“ ڪيو اثبات،
هر هر پڙهن، حج سي، اندر ان عرفات،
”موتوا قبل انت موتوا، ”برهه پڙهاين بات،
قرب ڪٺا هو ڪات، ”صاحب ڏنا“ سي سڪ سين.
”هو هو“ ڪري حق ٿيا، ٻوڙيئون ”ٻيائي“،
”هل هلاچا“ ڄاڻن هو، ”وحدت“ جي وائي،
”من عرف الله ڪل لسانہ“، چٽي چٽائي،
وادي وسائي، ”صاحب ڏنا“ تن سڪ جي.
ڪڏنهن سڪن سلام کي، ڪڏهن هو سلطان،
”ان اوليائي تحت قبائي،“ مردن لڌا مان،
”صاحب ڏنا“ سامان، ٻاريائون ”ٻيائيءَ“ جا.
ڀينر آءٌ ڀلياس، ستيس پير ڊگها ڪري،
ڏاگهن ۽ ڏيرن کي، ڏونگر ڏوريندياس،
ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان!
هوتن سان نه هياس، جيڪس سڱيڻي سڱ ۾،
وينديس، وهنديس ڪينڪي، سنديس جا سياس،
ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان!
پٿون ٿي پياس، پرزا پب وڻن ۾،
ڪندا ڪمينن جو، ڪوهيارا ڪو قياس،
ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان!
هئي هئي هيئن ياس، ويراڳڻ وندر ۾،
ويو ٻاروچو نڪري، ڏکن آءٌ ڏڌياس،
ملي ته ملندياس، نه ته گهوريس ٻاروچن تان!
مصري شاهه مرحوم
نه ڪا مند مرڻ جي، نه ڪا جيئڻ جاءِ،
”الدنيا ساعہءٌ“، سا توتي آئي آءِ،
ڀورا ائين ڀانءِ، ته ڪوڙي ڇانو ڪڪر جي.
نه ڪا مند مرڻ جي، نڪو جيئڻ جال،
هئڻ حياتيءَ هن جي، موتيءَ ماڪ مثال،
رهگزر رنج راحتون، منصب توڙي مال،
فنا سڀ في الحال، رهندو نالو رب جو.
نڪا مند مرڻ جي، نڪو جيئڻ جام،
ويندو مثل واءَ جي، هيءُ طلسم ترت تمام،
آهه حياتي حرام، ريءَ يادگيريءَ يار جي.
هن مند هيڪاندا، هُتي سانگهيئڙا سرتيون،
لڱين لاکيون لوئيون، ڳوڙهي رنگ رتيون،
وتن ويجهيون ويڙهه ۾، جهڙيون ڪر ڪتيون،
سدائين ساڻيهه ۾، سَرهي سيل ستيون،
ڇنن منجهه ڇتيون، منهنجون ڳُتيون مارئين.
پهرينءَ وس پٽن ۾، ٿيا ڳم ڳنڍير،
سٿا ٿئڙيون سرتيون، مرڪن منجهه ملير،
گهر- کٿيري کير، اُٺن مينهن اگوندرا.
مون من ماروءَ ڄام سين، جڙيو آهي جيءُ،
قضا آنديس ڪوٽ ۾، قسمت قيد قويءُ،
موڪل ڏي ته ملير وڃان، راجا راضي ٿيءُ،
ته لهي سنگهارن سيءُ، اُڊو عمر ڄام جو.
اُڊو عمر ڄام جو، لٿو لويارن،
سنبهي جي سانگ ويا، سي پائر نت پسجن،
واري واڳ ورائيا، وطن ويڙهيچن،
”لاتقنطوا من الرحمة الله“، آسون اباڻن،
”مصري“ چوي ملير ۾، موٽيو ميڙاڪَنِ،
جهوپا جهانگيڙن، واري اڏيا ويڙهِه ۾.
واري اڏيا ويڙهه ۾، ويڙهيچن وٿاڻ،
”فاد ڪروني اَذڪر ڪم“، اباڻن اهڃاڻ،
پري اڏيائون ڀاڻ، نوان نجهرا نانهن ۾.
نوان نجهرا نانهن ۾، اڏيا اباڻن،
”اذاتم الفقر فهو الله“، سڃ ۾ سانگ سندن،
پلر پوچ پياريا، ڌڻ کي ڌراڙن،
سچا ست سندن، ٿوري قُوت قراريا.
ٻاروچاڻي ٻاجهه سين، لنگهي ويندين لڪ،
”فاذ ڪروني اذڪرڪم“، سسئيءَ لٿا شڪ،
جهڙ، جهولا ۽ جهڪ، رهبر ٿيندئي راهه ۾.
رهبر ٿيندءِ راهه ۾، پرين اچي پاڻ،
متان ساهين سسئي، سينو سائينءَ ساڻ،
ڪيچي لهندءِ ڪاڻ، پسي پهر پنهونءَ جي.
پهرئين ڏينهن پهي، سامين سفر چتائيو،
آڻي الوهيت ۾، جوڳين جاٽ هنئي،
وحدت جي ولات ويا، ويراڳي وهي،
تن مهيسين ”مصري“، ڪيو سوجهي رام سهي،
ڪنوتيا ڪهي، پرئا پورب پار ڏي.
ٻئي ڏينهن هنيا ٻاڻ، جوڳيڙن جبروت ۾،
ناسوتي نانهن ٿيا، ٻيا ڇڏي ٻانڌاڻ،
ملڪوتان ”مصري“ چئي، ماڻيئون محبت ماڻ،
”ترڪ الدنيا راس ڪل عبادة“، هَنئين لاهوتين لاڻ،
ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پرئا پورب پار ڏي.
سرائڪي بيت
”برده سنڌي“
خَم خَم زلف دي پيچ رچاڪر، آيا مست خماري،
ڌار ڪجل دي، ڌار ڪيتا، سر جان ڪَنُون سو واري،
گهول ٿيوان، تنهن ڍول اُتون، لک وار ٿيوان ٻلهاري،
ٿيا ”بردا“ بخت سوايا، آيا، آن ڏتس دلداري.
آڪانگ تيڪون، لک ڪانگ ڏيوان،
اي ڪانگ ڏيين وڃ يار ڪون اچ،
هڻ سانگ تيڏي، بي سانگ ٿيم،
ڪر سانگ ملو بيمار ڪون اڄ،
لنگهه مانگهه ڳيا، نان مانگهه ڀريم،
بٺ مانگهه ڌڙي سينگار ڪون اَڄ،
اي تانگهه نه ”بردا“ تانگهه ڏيندي،
هووي تانگهه وڃان لنگهه پار ڪون اڄ.
تانگهه تيڏي ڪش، سانگ ماري،
بن مانگهه ڏهيلي گهمان،
رت ڳئي ياڳ، سهاڳ دي ساري،
درد لايا دل ڌمان،
مونجهه تيڏي، سو مرض بڇائي،
رو رو منهن ڌو سمهان،
ڪل ”بردي“ دي، ول نان لڌڙءِ،
هڪ پل سؤ سؤ سمان.
ثابت رهه، اقرار تي سهڻا، ڪيتي قول، وسار نهين،
هار سنگار، حرام ٿئي سڀ، تئين بن پلڪ، قرار نهين،
دلڙي لُٽ ڳيون، سهُڻا سٽ ڳيون، ڏون ڏون ڌاڙي
مارنهين،
لاوڻ توڙ نڀاوڻ ”بردا“، ٽوڙڻ ريت پيار نهين.
ڪافيون
حافظ محمد ”احسن“
عشق وڃائي آرام، سبق سورن جا ياد ڪرائي!
1. عشق اچي جتي پير ٿو پائي، عقل اتان سامان
کڻائي،
عشق اصل کان امام، ڪفر جا ڪلما ڪوڏ پڙهائي!
2. عشق ڪڍي ڪنهن جي ڪات نه ڪنهن پر، شاهن کي ڪري
گولو گداگر،
برهه ڪري بدنام، خواري ملامت خلق کلائي!
3. عشق نه ڄاڻي شان شريعت، ڪونه رکي ٿو مذهب ملت،
ڪفر نه ڪو اسلام، پڙهيل پنڊت پير ڀلائي!
4. عشق اسان وٽ ”احسن“ آيو، سور سيني ۾ سرس سوايو،
نينهن بنا ناڪام، محبت ريءَ ڪو مان نه پائي.
عبدالڪريم ”گدائي“
هر هر وچ يار سمايا، من موهن من نون ڀايا!
مسجود ڪٿان، ڪٿ ساجد، مشهود ڪٿان، ڪٿ شاهد،
ڪٿ رند، ڪٿان ول زاهد، ڪيا رنگ نيرنگ وکايا!
من موهن من نون ڀايا...
ڪٿ طور تي نور وکا ڪر، بيهوس ٿيا غش کا ڪر،
ڪٿ يوسف نام ڌرا ڪر، خود آڪي بزار وڪايا!
من موهن من نون ڀايا...
ڪٿ آري نال چرا ڪر، ڪٿ پيٽ مڇي دي آڪر،
وچ آڙهه جان جلا ڪر، ول آتش باغ بنايا!
من موهن من نون ڀايا...
وه يار دي ويس مٽاوڻ، بن شڪل محمد آوڻ،
نروار ٿي نينهن نڀاوڻ، مختار لقب چا پايا!
من موهن من نون ڀايا...
وه يار دي الٽي بازي، ٿيا ٻول انا الحق غازي،
ول آپ ٿي آيا قاضي، منصور نون دار چڙهايا!
من موهن من نون ڀايا...
اهين سهڻي يار ”گدائي“ وچ ديدان ديد رلائي،
واه واه جو چوٽ چلائي، سانون برها ساڙ جلايا!
من موهن من نون ڀايا...
محمد خان ”غني“
ووءِ ووءِ ويٺي پرت پچاريان،
هر هر هوت هنجون ٿي هاريان!
لوڪ کي آهن پر جون پچارون،
مونکي تن ۾ تنهنجون تارون،
ٻي ڪا ناه مقال،
ٽاڻون هڪڙو ڪونه ٿي ٽاريان.
نڪريو روز ٿي ڪريان نهارون،
ڪير اچي ٿو پرين پارون،
ڏي ڪو هُتي جا حال،
جان مٿس سؤ وارون واريان.
سيگهه ڪري لهه ساجن سارون،
موٽ مٺا تون موڙ مهارون،
جان تان لاه جنجال،
ٻاڦ ڪڍيو ٿي ٻيلا ٻاريان.
عشق ڪيون هيئن مون تي اُلارون،
دهشت دريا آر اوڀارون،
رانجهن ٿي رکپال،
سار بدن ۾ ڪانه ٿي ساريان.
ڪانوءن کي ٿي ڪريان ڪارون،
پيش پرين جي ڪريو پڪارون،
سڪندي گذريا سال،
”غني“ گنگهر ۾ گهڙيون ٿي گهاريان.
شيخ مبارڪ ”اياز“
ڪر ڪير ٿو هي پکن مان پڪارون،
نه منهنجو ملير، آ، نه ڪي منهنجا مارون.
اچن پار کان ٿيون پرينءَ جون پڪارون،
متان دير سببان ڏين هو ميارون.
وڃون ٿا پيا سير جي اڄ سهاري،
نه ترهوئي تاڻيون نه ڪي آهيون تارون.
ورهه تنهنجي وستي ورهيه ٿيا وساڻي!
کڻي چڻنگ چوليءَ هليو ڪير پارون؟
رهي گونجندي ڪوڪ ڪائي فضا ۾،
اُڏامي ويون ڪونجڙين جون قطارون! |