آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!
(اداره)
مرحومه روشن آرا مغل
سنڌ جي مشهور تعليمي ۽ اصلاحي ڪم ڪندڙ، محترمه
روشن آرا مغل، 25 مئي 1955ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات
ڪئي. (اِنالله و انا اليہ راجعون) مرحومه روشن آرا
علم ۽ عمل، ادب ۽ اخلاق جي زيورن سان آراسته هئي.
هڪ غريب خاندان ۾ ڄائي ۽ پنهنجي محنت ۽ ڪشالي سان
اعليٰ درجي تي پهتي.
مرحومه ”روشن“ جي ابتدائي
تربيت پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ ٿي، جنهن زناني اسڪول
۾ ماستري ڪندي، ۽ بيواهه هوندي پنهنجي ٻچن کي
پاليو ۽ تاتيو. ”روشن“ پرائمري تعليم پوري ڪري،
سيڪنڊري تعليم ڪاميابيءَ سان حاصل ڪئي. پاڪستان
کان اڳ 1947ع ۾ بمبئي مان بي. ايس سي. پاس ڪيائين،
1951ع ۾ بي. ٽي.، 1952ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم. اي، ۽
1954ع ۾ ايل. ايل بي. جو پهريون سال پاس ڪيائين.
1955ع ۾ ٻئي سال جو امتحان ڏيڻو هوس، ۽ اڃا پي.
ايڇ. ڊي، ۽ ٻين علمي ۽ ادبي ڊگرين حاصل ڪرڻ جو
خيال هوس، تعليمي مشغولين ۽ امتحانن جي ڪاميابين
سان گڏ، قومي ۽ وطني ۽ اصلاحي ڪمن ۾ کيس چڱو اعزاز
حاصل هو.
1947ع کان 1948ع تائين ميونسپل سڪولبورڊ شڪارپور
جي برک ميمبرياڻي ٿي رهي آهي. 1947ع ۾ سنڌي
پرائمري تعليم جي صوبائي بورڊ جي ميمبر هئي. 1948ع
کان ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ انسپيڪٽريس گرلس سڪولس جي
عهدي تي فائز رهي. آڪٽوبر 1952ع کان اپريل 1953ع
تائين آمريڪا ۾ زرعي، تعليمي ۽ سماجي طريقن جي
سکيا لاءِ سرڪاري خرچ تي ويئي، ۽ آمريڪا جي وڏن
وڏن عالمن کان پنهنجي علم ۽ صلاحيتن جو داد حاصل
ڪيائين، ان سان گڏ جپان، هانگ ڪانگ، برما ۽ اوڀر
پاڪستان ۽ سيلون جو به سير ڪيائين. ”روشن“ سچ پچ
ته هر اعتبار سان ”روشن“ هئي. ۽ سنڌي عورتن لاءِ
هڪ ”مثالي عورت“ هئي. علم ۽ ادب ۾ ڀڙ، طبع ۾ سليم
۽ حليم، نياز ۽ نوڙت واري ”روشن“، سنڌ جو روشن
تارو هئي.
سندس ڪابه تصنيف ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل ڪانه آهي،
البت سندس مضمون آهن، جي رسالن ۽ مخزنن ۾ محفوظ
آهن، ۽ سندس اٽڪل 150 کن تقريرون موجود آهن جي هن
ريڊيو پاڪستان جي ڪراچي اسٽيشن تان نشر ڪيون، جن
سڀني کي گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي.
هن تعليم يافته ۽ روشن دل خاتونءَ جي بي وقت وفات،
نهايت صدمو پهچايو آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ
کيس جوار رحمت ۾ جاءِ عطا ڪري، ۽ سندس پسماندن،
خاص طور سندس ساهه صدقي ڪندڙ ماءُ، غمزده ڀيڻ
”بادام“، سندس شريف النفس وفادار شوهر مسٽر اسحاق
کي صبر جميل عطا ڪري.
افسوس
”هوءَ هير گهلي، هوءَ رت بدلي،
گل گل جي منهن تي، مرڪ ملي،
افسوس انهيءَ مکڙيءَ تي جا،
نه کڙي نه ٽڙي، نه کلي نه کلي!“
سيد محمد عالم شاهه ”عالم“
سيد محمد عالم شاهه ”عالم“ ٽکڙائيءَ، تازو 28 مئي
1955ع تي وفات ڪئي آهي. (انالله و انا اليہ
راجعون) مرحوم ٽکڙ جي مردم خيز شهر ۾ 30 جمادالاول
1306 هه ۾ ڄائو، مرحُم علامه اسد الله شاهه ”فدا“
۽ سيد محمد حافظ شاهه سندس چاچا هئا. شاهه صاحب
ننڍپڻ کان وٺي نهايت
ذهين سليم طبع هو. سندس تعليم جي ابتدا ديني مڪتب
۾ ٿي. ان زماني ۾ ٽکڙ، علم ۽ ادب جو مرڪز هو. ۽
حافظ محمد يوسف جي ”مڪتب“ جي شهرت وڏن وڏن علم
دوست ماڻهن کي ڇڪي آڻيندي هئي. آخر سندس عزيزن کيس
سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي ميٽرڪ تائين تعليم
ورتائين، ۽ ان کان پوءِ مرحوم نورمحمد وڪيل، ۽
مسٽر دين محمد عليگ جي صلاح تي علي ڳڙه ويو. پر ڪن
گهرو معاملن ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، ۽
ڳوٺ موٽي آيو، ۽ اچي شادي ڪيائين. شعر و شاعري جو
شوق ”فدا“ ۽ ”حافظ“ جي صحبت مان پيدا ٿيس. سندس
ڪلام جو زياده ذخيرو ”ڪافين“ جي صورت ۾ آهي. سندس
ڪافيون نهايت پر سوز، رقت انگيز 7 روحانيت سان
ڀريل آهن.
مرحوم شاهه صاحب محفل جو مور، گفتگو جو سهڻو،
معلومات سندس وسيع، سياست، مذهب، علم ۽ ادب تي
رهاڻ ڏاڍي رس ڀري ڪندو.
سندس ڪافي ڪلام موجود آهي، جو شايع ٿيڻ جهڙو آهي.
سندس پسماندن کي گهرجي ته ڪلام کي جمع ڪرائين ۽
شايع ڪرائين. ”مهراڻ“ جو ادارو شاه صاحب جي
پسماندن ۽ عزيزن سان شريڪ غم آهي. دعا آهي ته رب
ڪريم کيس مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي!
قاضي احمد ميان اختر جهونا ڳڙهي
اسلامي تاريخ جي وڏي ڄاڻوءَ ۽ مورخ، قاضي احمد
ميان اختر جهونا ڳڙهي مرحوم، 6 آگسٽ 1955ع رات جو
8 بجي، سنڌ يونيورسٽيءَ حيدرآباد سنڌ ۾ انتقال ڪيو
(اِنالله و انا اليہ راجعون).
مرحوم قاضي صاحب جو اصل نسل سنڌ سان تعلق رکي ٿو.
سندس وڏا ٺٽي جا رهاڪو هئا، پر زماني جي انقلاب
سبب ڪلهوڙن جي دور ۾ جهونا ڳڙه ڏانهن لڏي ويا هئا.
سندس مادري ٻولي اڃا تائين ڪڇي سنڌي آهي. قاضي
صاحب وچولي طبقي جو فرد هو. سندس ابتدائي زندگي
’سفيد پوش‘ نموني ۾ شروع ٿي، اهوئي سبب آهي، جو
قاضي صاحب ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي تعليم ۽ ڊگرين
کان محروم رهيو. ذوق سليم ۽ ذاتي مطالعي کيس معراج
ترقيءَ تي پهچايو.
قاضي صاحب، شعبهء تاريخ اسلام ۾ وڏي مقام جو صاحب
هو. ان کان سواءِ دينيات، فقہ، لسانيات، فلسفي،
ادب ۽ تنقيد ۽ ٻين فنن ۾ به وڏيءَ دسترس جو مالڪ
هو. باوجود ايڏي ڪمال جي، قاضي صاحب مرحوم نهايت
نهٺو، ساده دل ۽ شريف الطبع شخص هو.
سندس تحقيقي مقالن جو وڏو انداز هندستان جي معياري
رسالن ۾ محفوظ آهي. سندس هر مقالو، تحقيق ۽ مطالعي
جو نچوڙ آهي. سندس لکڻي رنگين، انداز بيان شيرن
آهي. اهوئي سبب آهي جو تاريخ جهڙن خشڪ مضمونن ۾ هڪ
قسم جي ڪشش پيدا ڪئي اٿس. قاضي صاحب پاڪستان کان
اڳ واري زماني ۾، جهوناڳڙهه جي نوان جي پرائيويٽ
سيڪريٽري هو. ”ورهاڱي“ جي لڏ پلاڻ ۾ قاضي صاحب
هجرت ڪري پاڪستان آيو. ڪراچيءَ ۾ اچي ”انجمن ترقي
اردو“ جو سيڪريٽري ٿيو، ۽ ان سان گڏ انجمن جي سه
ماهي رسالي ”اردو“ جي ادارتي بورڊ ۾ به اعزازي طور
ڪم ڪندو رهيو.
سندس تصنيفات ۾ هڪ زبردست معياري ڪتاب علامه اقبال
جي فلسفي، ڪلام ۽ شخصيت تي لکيل، اقبال ايڪيڊميءَ
شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ قاضي صاحب اقبال جي هر پهلو
کي واضح ڪيو آهي.
پوئين دور ۾، ڊسمبر 1953ع ۾، قاضي صاحب مرحوم سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ شعبه تاريخ اسلام جو هيڊ ٿي آيو.
مرحوم سنڌ يونيورسٽيءَ جي علمي تقريب لاءِ ”سنڌ ۾
اسلام جي اشاعت“ تي هڪ بهترين تحقيقي مقالو لکي
رهيو هو.
قاضي صاحب جهڙي محقق ۽ عالم جي جاءِ ڀرجڻ مشڪل
آهي. سندس وفات، علمي ۽ تاريخي دنيا ۾ ناقابل
تلافي خال ڇڏيو آهي. الله تعاليٰ شال مٿس رحمت
ڪري!
تبصرا
غ . گ
ڪتاب جو نالو مثنوي اشرف العلوم دفتر 4: لکندڙ
مولانا دين محمد ”اديب“ فيروزشاهي، صفحا 240، قيمت
5 رپيا، ڪاغذ اُچو، ڇپائي، سهڻي، ڇپائيندڙ، آر،
ايڇ، احمد برادرس، حيدرآباد سنڌ.
مثنوي مولانا روم جو ترجمو، مولانا ’اديب‘
فيروزشاهي، ڳچ وقت کان ڪري رهيو آهي. ”مثنوي روم“،
تصوف، فلسفي، اخلاقيات جي کاڻ آهي. سنڌي ادب ۾
ههڙي معياري ڪتاب جو ترجمو ٿيڻ هڪ ڪرشمو آهي.
”مثنوي روم“ جي هن ترجمي تي سنڌي زبان کي فخر حاصل
آهي. مولانا اديب صاحب جو سنڌي ترجمو، اردو ترجمن
کان به معياري آهي. مولانا روميءَ جي خيالات کي
سنڌي زبان ۾ نهايت ڪامياب نموني ۾ پيش ڪرڻ مان
ثابت آهي ته سنڌي زبان ۾ ايترو استعداد آهي، جو
هوءَ اهڙن ڪتابن کي پاڻ وٽ جذب ڪري سگهي ٿي.
ڪتاب جو نالو ڪليات مسافر: مصنف ماستر محمد صديق
”مسافر“، ڪاغذ سفيد، صفحا 225، قيمت 5 رپيا:
ڇپائيندڙ آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد سنڌ.
”ڪليات مسافر“ سنڌ جي مشهور شاعر ۽ اديب ماستر
ميان محمد صديق ”مسافر صاحب محتاج تعارف نه آهي.
هن دور ۾ هو صاحب هڪ قادرالڪالم استاد جي حيثيت
سان تسليم ٿيل ۽ جهونو اديب آهي. اول پورن 56 صفحن
۾ ”مسافر“ جي زندگيءَ تي تبصرو ڪيل آهي، ان کان
پوءِ غزلن جو پورو ديوان الف بي وار ڏنل آهي. ان
کان پوءِ مسدس، قطعا، مفردات، مثنيون ڏنل آهن.
”مسافر“ صاحب جو اهو ڪلام جو سنڌي پرائمري تعليم
لاءِ ستن درجن ۾ آيل آهي، اهو آخر ۾ ڏنل آهي.
”مسافر“ صاحب جي ڪلام ۾ سادگي ۽ سلاست، روانيءَ ۽
تاثر موجود آهي. ساري عمر علم و ادب جي خادم جي
حيثيت سان گمناميءَ ۾ گذاري اٿس. علم دوست ماڻهن
کي گهرجي ته هو ههڙي علمي چيز کي ضرور مطالع ڪن.
ڪتاب جو نالو موتين مٺ: لکندڙ محمد علي دائود پوٽو
”عيان“ دادو: ڇپائي صاف، ڪاغذ اڇو، صفحا 131 قيمت
0-8-1 رپيو، مصنف کان ملي سگهي ٿو.
”موتين مٺ“، ”شاهه“ جي رنگ ۽ تشبع ۾ چيل بتين جو
مجموعو آهي. جنهن ۾ گهڻو ڪري خيال به ”شاهه“، جا
آهن. پر لفظي قالب سو لکندڙ جو آهي. ”شاهه“ جي
شاهاڻيءَ صنعت کي نباهڻ نهايت مشڪل ڪم آهي. ”شاهه“
جي ڪلام ۾ اصليت، جدت، حقيقت، سوز ۽ رقت، انداز
بيان جي شگفتگي ۽ تازگي آهي. اهڙي طرز واري ڪلام
کي نباهڻ ڏکيو ڪم آهي. هن مختصر ڪتاب ۾ ”ڪلياڻ“
کان ”رامڪليءَ“ تائين بيت چيل آهن. هر سُر ۾
”شاهه“ جي خيالن جي پلٽ آهي. مصنف لاءِ لازمي آهي
ته هو اڃا به ”شاهه“ جي اسلوب بيان، ۽ ڏوهيڙن جي
ساخت جو مطالعو ڪري، ۽ هن فن کي فني حيثيت سان
ڪمال تي پهچائي. جيڪڏهن مسلسل محنت قائم رهي ته
پوءِ اميد ته هو صاحب هن صنع کي چڱيءَ حد تائين
حاصل ڪري سگهندو.
ڪتاب جو نالو سنڌي صحافت: لکندڙ مسٽر ڪريم بخش
خالد: ڇپائي چڱي، پنو اڇو، صفحا 225، قيمت 0-4-2
رپيا. ڇپائيندڙ، حبيب پبليڪيشنس، سکر سنڌ.
حبيب پبليڪيشنس جي علمي ۽ ادبي سلسلي جو ڪتاب آهي،
۽ سنڌ جي مشهور اهل قلم نوجوان ڪريم بخش خالد جي
عرق ريزيءَ ۽ مطالعي جو نتيجو آهي. ڪتاب جو پيش
لفظ جناب اي، ڪي بروهي صاحب لکيو آهي، جو معلومات
افزا آهي. اول فن صحافت تي بحث ڪيل آهي، جنهن ۾
ٻڌايو ويو آهي ته صحافت ڇا آهي؟ ”خبر“ ۽ ”نامه
نگار“ جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ اخبار جي ڪاميابيءَ جا
ڪهڙا اصول آهن. ان کان پوءِ سنڌ جي صحافت جي تاريخ
آهي، جنهن ۾ سنڌي صحافت جي ابتدا ۽ ارتقا تي مفصل
تبصرو ڪيل آهي. آزاديءَ کان پوءِ واريءَ سنڌي
صحافت تي الڳ بحث ڪيل آهي. آخر ۾ پريس جا فرائض
ٻڌايا ويا آهن. طول طويل غلط نامو نهايت معيوب
آهي. ڪتاب افاديت جي لحاظ سان معياري آهي. اهل علم
لاءِ هڪ معلوماتي ذخيرو آهي.
ڪتاب جو نالو تاريخ اندلس: لکندڙ مسٽر لطف الله
بدوي: ڇپائي صاف، پنو سٺو، صفحا 326 قيمت 0-8-3
رپيا. ملڻ جو هنڌ: آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد
سنڌ.
هيءُ ڪتاب ’اسپين جي تاريخ‘ ۽ بنو اميه خاندان جي
حالت ۽ واقعات ۽ ڪارنامن تي مشتعمل آهي. اسپين تي
هڪ هزار سال ورهيه ساندهه مسلمانن جي حڪومت رهي.
ان دور ۾ علم ۽ حڪمت، فلسفي ۽ سائنس جي وڏي خدمت
ڪئي وئي آهي. ڊوزي لکي ٿو ”جڏهن لنڊن ۽ پيرس جي
رستن تي ڌوڙ اڏامندي هئي. تڏهن قرطبه جي گهٽين جي
سنگ مرمر جو فرش هوندو هو.“
هي ڪتاب تاريخ جي معتبر ڪتابن جي آڌار تي لکيو ويو
آهي، ۽ خاص بي اي جي شاگردن لاءِ مفيد آهي. افسوس
آهي جو اهڙي ضخيم ڪتاب جي مضمونن جي شروعات ۾ ڪا
فهرست ڪانه ڏنل آهي. مجموعي طور ڪتاب مطالعي لائق
آهي. اميد ته بدوي صاحب باقي حصا لکي هن سلسلي کي
مڪمل ڪندو.
ڪتاب جو نالو: سريمد ڀڳوت گيتا عرف مرغ بهشت: مؤلف
۽ مترجم، مولانا محمد صادق صاحب، راڻيپور، خيرپور
ميرس: ڪاغذ اڇو، ڇپائي، چڱي، صفا 25، قيمت لکيل
ڪانه، مصنف وٽان ملي سگهي ٿو.
هي ڪتاب ”سريمد ڀڳوت گيتا“ جو منظوم ترجمو آهي. هن
حصي ۾ سري ڪرشن جي چيل اپنشد (فلسفي) ۽ برهم وديا
۽ علم روحاني تي پنجين اڌياءَ ۾ ڪيل ارجن سان
گفتگو جو ترجمو آهي. منڍ ۾ تمهيد ۽ مقدمو آهي.
مقدمي ۾ مهاڀارت جي جنگ متعلق تاريخي ۽ تحقيقي بحث
ڪيل آهي. ان کان پوءِ ٻڌايو ويو آهي ته مهاڀارت جي
جنگ خود انسان جي اندر ۾ به آهي، ۽ نيڪ ۽ بدخيالن
جي جنگ جي صورت ۾ چالو آهي. ”عدل“ يڌشٽر آهي.
”عقل“ ارجن آهي، ”همت“ ڀيم سين آهي، ”رحم“ نڪل
آهي، ”سخاوت“ شوديو آهي. ”بدخيالات“ جو راجا، دريو
ڌن آهي. ڌرتراشٽر کي ”جهل“ سڏجي ٿو. ”روح“ ڪرشن
آهي! افسوس آهي جو ڪتاب جي ڇپائي سٺي نه آهي. اميد
آهي ته فاضل مترجم اهڙي شاندار ڪتاب جا باقي حصا
پڻ جلد شايع ڪرائيندو.
ڪتاب جو نالو ضياء العروض: لکندڙ، حڪيم شاهه محمد
”صوفي“ جتوئي: ويٺل يار محمد جتوئي، تعلقو ميهڙ،
ڪاغذ سٺو، ڇپائي صاف، قيمت هڪ رپيو.
هي هڪ ننڍو رسالو علم عروض تي آهي. اگرچه مختصر
آهي، تاهم جامع آهي ۽ مبتدي ۽ سيکڙاٽ شاعرن لاءِ
ڪار آمد آهي. تمام آسان ۽ دلنشين نموني ۾ لکيل
آهي. ڪتاب اندر هڪ نقشو ڏنل آهي، جنهن ۾ بحر ۽ وزن
۽ مثال ڏنل آهي. ان کان سواءِ تقطيع ۽ بديع ۽
معاني متعلق به بحث ڪيل آهي. ڇاپي جون غلطيون رهجي
ويون آهن، تاهم هي ننڍڙو ڪتاب مطالعي ڪرڻ جهڙو
آهي.
مصنف، مرحوم ”بلبل“ جو شاگرد آهي، تنهن ڪري پنهنجي
جليل القدر استاد جي فرزند رئيس ”ضياء“ جي نالي
پٺيان ڪتاب جو ”ضياء العروض“ نالو رکيو اٿس.
ڪتاب جو نالو آئين زندگي (2 حصا): مترجم محمد حافظ
شاهه ٽکڙائي، بي. اي، ايل، ايل، بي، ڪاغذ اڇو،
ڇپائي صاف، صفحا 213، قيمت 3 رپيا: ملڻ جو هنڌ آر.
ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد سنڌ.
”آئين زندگي“ در اصل ڊاڪٽر ماڊرن جي مشهور ڪتاب
”لائف اينڊ ائڪشن“ جو ترجمو آهي. ڪتاب ۾ زندگيءَ
کي خوش گذارڻ جا اصول ٻڌايل آهن. مترجم ”پيش لفظ“
۾ لکي ٿو ته ”آئين زندگي“ مڪمل زندگيءَ جو مثال
آهي، خوشيءَ جو خزانو آهي، ڪاميابيءَ جو راز آهي،
صحت جو ڀنڊار آهي، ڏکن ڏولاون، دردن ۽ سورن،
بيمارين ۽ پريشانين، ناڪاميءَ ۽ نامراديءَ جو مڪمل
علاج آهي“!
اسان جي راءِ آهي ته پريشان ۽ ناڪامياب انسان
پنهنجي پنهنجي سمجهه موجب ڪتاب مان ڪنهن قدر فائدو
حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڪتاب جو نالو زندگي جي راهه تي: لکندڙ بشير
مورياڻي، 68 صفحا، پنو سادو، ڇپائي موچاري، قيمت
0-0-1 رپيو، ڇپائيندڙ پبليڪيشنس، شڪارپور سنڌ.
اسان جي نوجوان اديب بشير مورياڻيءَ جي افسانن جو
هي پهريون مجموعو آهي، جنهن ۾ 4 افسانا آهن، نئون
موڙ‘، ’تنهنجي ياد منهنجا آنسو‘، ’سريت‘، ’زندگيءَ
جي راهه تي.‘
افسانن ۾ موجوده سماجي مسئلن کان سواءِ ٻين اهم
معاملن امن، جنگ، بک، بيڪاري ۽ اخلاقي پستيءَ جا
به چڱا خاڪا پيش ڪيا ويا آهن. ’تنهنجي ياد منهنجا
آنسو‘ طويل مختصر افساني جي صورت ۾ ڏنل آهي.
افسانا سڀ طبع زاد آهن، جن جي لکڻ تي بشير مورياڻي
يقيناً تحسين جو مستحق آهي. سنڌي افسانوي ادب ۾ هي
مجموعو هڪ خاصو اضافو آهي، ڪتاب جي ڪن ڪن هنڌن تي
ڇپائي تمام خراب آهي. اميد ته ڇپائيندڙ پنهنجن ٻين
ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ آئنده احتياط ڪندا.
ڪتاب جو نالو’نئون افق‘: لکندڙ، غلام علي کوکر،
ڪاغذ اڇو، ڇپائي صاف، صفحا 90، قيمت 0-12- اَنا،
ملڻ جو هنڌ سنڌي ادبي سنگت، سکر.
”نئون افق“ ستن افسانن جو مجموعو آهي، ۽ مسٽر غلام
علي کوکر جي پهرين ڪوشش آهي. ’مني آرڊر‘
’شهنشاهه‘، ’جيل جو پکي‘، ’ٽانگي والا‘
’مجبوريون‘، ’برده فروش‘، ’سمرتا‘، زندگيءَ جي
گونا گون پهلوئن سان واسطو رکنندڙ آهن، جن ۾ جيلر،
وڪيل، جج ۽ زندگيءَ جي ٻين انيڪ ڪردارن جي حقيقي
تصوير چٽيل آهي. ڪتاب جي ٻولي سليس ۽ سلوڻي آهي ۽
عربي، فارسي لفظن جي ڀرمار ۽ ثقيل لفظن کان پاڪ
آهي. افسانا فني حيثيت سان چڱا ڪامياب آهن. بقول
شيخ ’اياز‘، ’جيل جو پکي‘ ڪافي دلڪش آهي، ۽ سنڌي
ادب ۾ هڪ الڳ جاءِ والاري ٿو.
ڪتاب جو نالو سنڌي ڊراما ۽ ناول: لکندڙ محمد
اسماعيل عرساڻي، ڊپٽي ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر،
حيدرآباد سنڌ، ڪاغذ اڇو، صفحا 61، ڇپائي صاف، قيمت
0-12 آنا، مصنف وٽان ملي سگهي ٿو.
مسٽر عرساڻيءَ سنڌي زبان ۾ ’ناول‘ متعلق مقلاو
ادبي ڪانفرنس هالا (1952) ۾، ۽ سنڌي ’ڊراما‘ تي
مقالو، ادبي ڪانفرنس ڪراچيءَ (1954ع) ۾ پيش ڪيو
هو. هن مختصر ڪتاب ۾ اهي ٻئي مقالا گڏ شايع ڪيا
ويا آهن. اول ڊرامي جي فني حيثيت، مختصر تاريخ ۽
ارتقا ۽ فني اصول بيان ڪيا ويا آهن، ۽ پوءِ سنڌي ۾
ڊرامو ڪيئن شروع ٿيو، ۽ اڄ تائين ڪهڙا مشهور ڊراما
اسٽيج تي اچي چڪا آهن، تن جو ذڪر ڪيل آهي. ٻئي
مقالي ۾ ناول جي فني حيثيت سان گڏ سنڌي زبان، ادب
۽ لٽريچر تي تبصرو ڪيل آهي. آخر ۾ مشهور ناول ۽
ناول نگار اديبن ۽ مشهور رسالن جو ذڪر ڪيو ويو
آهي، ۽ اڄ تائين جيڪي سٺا سٺا ناول شايع ٿيا آهن،
تن جو سن وار تفصيل ڏنو ويو آهي.
ڪتاب جو نالو مثنوي عقل و عشق: مصنف مخدوم محمد
زمان صاحب ”طالب الموليٰ“، ناشر اداره ”روح ادب“،
هالا نوان، ڪاغذ اڇو، 28 صفحا، قيمت 0-12-آنا.
هي ڪتاب اداره ”روح ادب“ سنڌ جي پهرين پيشڪش آهي،
سنڌي زبان ۾ فن مثنوي تي ڪلام تمام گهٽ ملي سگهي
ٿو. هيءُ مختصر ڪتاب ان فن ۾ هڪ علمي اضافو آهي.
موضوع جي لحاظ سان به هي ڪتاب انوکو آهي، هن ۾
”عقل ۽ عشق“ متعلق فلسفياڻي ۽ صوفياڻي انداز ۾
لکيو ويو آهي، ۽ ارباب عشق و وجدان جي پوري پوري
ترجماني ڪئي وئي آهي، ۽ ٻڌايو ويو آهي ته ”عقل“
غير محسوس عالم متعلق خاموش آهي، پر ”عشق“ جي
رسائي ماديات کان مٿي، غير محسوسات واري عالم
تائين آهي. ڪلام رنگين، پختو ۽ معياري آهي، اهل
علم لاءِ مطالعي جي قابل چيز آهي.
ڪتاب جو نالو تحقيق لغات سنڌي: مصنف عبدالڪريم
سنديلو، سائيز 8-18x23،
صفحا 496، پڪي جلد سان ڪاغذ اڇو، قيمت ڏهه رپيا،
غلام اڪبر شير محمد بلوچ (سفيد بلڊنگ، نزديڪ پاور
هائوس، لاڙڪاڻو، سنڌ) وٽان ملي سگهندو.
هيءَ سنڌي لغت بنام ”تحقيق لغات سنڌي“ تبصري لاءِ
پهتل آهي. ڪتاب تي، مصنف جا محنت ڪئي آهي، سا قابل
صد تحسين آهي. ڪتاب ۾ آيل سنڌي لفظن مان هرهڪ لفظ
جو ڌاتو يا بنياد ڏيئي، معنيٰ کي واضح ڪيو ويو
آهي. جيڪڏهن ڪو متروڪ ۽ انوکو لفظ آهي ته بنياد
سان گڏوگڏ مشهور شاعرن، جهڙوڪ شاهه ڪريم، شاهه
ڀٽائي، جلال، سچل، سامي وغيره جي ڪلام مان سَنَدَ
طور مثال ڏنا ويا آهن، تا ته لفظ جي معنيٰ صحيح
طور روشن ٿئي. ڪتاب ۾ اٽڪل پنج هزار لفظ آندا ويا
آهن. هونءَ ته سنڌي ٻولي وسيع آهي، جنهن ۾ اڪيچار
لفظ آهن، ليڪن فاضل مصنف فقط اُنهن خالص سنڌي لفظن
کي پنهنجي لغت ۾ جاءِ ڏني آهي، جن جي ڌاتوءَ يا
اُچار کي هو خاطريءَ سان ڳولي سگهيو آهي.
تنهن کان سواءِ ڪيتريون ڳالهيون، جي هن کان اڳ
ڪنهن به سنڌي لغت ۾ نه آيون آهن، تن جي اپٽار لغوي
خيال کان ڪئي ويئي آهي. مثلاً: ”نولکو هار“ تي
نالو ڪيئن پيو، ”انسان جا ٻٽيهه يا ڇٽيهه“ لڇڻ
ڪهڙا آهن، عورت جا ”سورهن سينگار“ ۽ ”ٻارهن ڳهڻا
يا زيور“ ڪهڙا آهن، ”چوڏهن طبق“ ڪهڙا آهن، وغيره.
سچ پچ، اڄڪلهه جي علمي ماحول ۾ هي ڪتاب هڪ منفرد
جاءِ والاري ٿو.
ڪتاب جو ديباچو 17 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ قابل
مصنف سنڌي لفظن جي نحوي بناوت جي ڀيٽ پراڪرت ۽
سنسڪرت لفظن جي نحوي بناوت سان ڪئي آحي. هن کان اڳ
جيڪي سنڌي لغات ۽ اشتقاقي ڪتاب شايع ٿيل آهن، انهن
تي پڻ عالمانه تبصرو ڪيل آهي. مطلب ته ڪتاب ڪافي
محنت بعد تيار ڪيل آهي. ڇپائي، سفيد پني تي ۽
اعرابن سان آهي، جنهن ڪري هرهڪ لفظ جو اچار صحيح
نموني ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي شائقن لاءِ هي
ڪتاب هڪ تحفو آهي، جو کين پنهنجي لاکيڻي ٻوليءَ جي
عظمت، بلند مرتبي، ۽ قديم شاهاڻي نسل سان روشناس
ڪرائيندو. اسين چاهيون ٿا ته هر تعليم يافته
سنڌيءَ جي هٿ ۾ هيءُ ڪتاب هجي، تان ته ٻوليءَ جي
معموليءَ کان معمولي لفظن جي تهه ۾ جيڪي تاريخي
راز لڪا پيا آهن، سي مٿن روشن ٿين.
اسان وٽ هيٺيان ڪتاب پڻ تبصري لاءِ پهتل آهن: پر
افسوس آهي، جو جڳهه جي گنجائش نه هئڻ سبب، هن
موقعي تي، فقط انهن جي نالن ۽ ٻئي ضروري تفصيل ڏيڻ
تي مجبوراً اڪتفا ڪريون ٿا:
گل ۽ مکڙيون: مرتب، مقبول صديق: ناشر، حبيب
پبليڪشنس، سکر، صفحا 145، قيمت 0-8-1 رپيو.
جيون ساکي: ڪوڙو مل سنڌي ساهتيه منڊل، اجمير: صفحا
58، قيمت 0-4-
لطيفي سير (نئون ڇاپو): ڀيرومل مهر چند: ناشر،
سنڌي ڪتاب گهر حيدرآباد سنڌ، صفحا 160: قيمت 0-0-2
رپيا.
همدرد صحت: (ماهوار طبي رسالو) همدرد صحت، ناظم
آباد ڪراچي، ساليانه 0-0-2رپيا، في ڪاپي 4 آنا.
سنڌو: (ماهوار رسالو): مسٽر بولچند راجپال، پيپل
منڊي، آگرو، يو پي: ساليانو چندو 0-0-5 رپيا: في
ڪاپي 0-8-0 آنا.
سئنا: (ماهوار رسالو) ”آزاد هند سئنا“ چيمبور
ڪالوني، بمبئي: ساليانو چندو هڪ رپيو ۽ في ڪاپي هڪ
آنو.
سهڻي: (ماهوار ڪتابي سلسلو) ڪهاڻي پبليڪيشن، هسلي
روڊ بمبئي 28، قيمت 0-8-1 ڏيڍ رپيو.
پڙهندڙن جا پيغام
”ڀاءُ ايڊيٽر، ’مهراڻ‘،....... سوچيان ٿي، هي جيڪي
افسانه نگار اديب آهن، سي ڪيئن افسانا ٿا لکن!
ادا، مان ته افسانن لکڻ لاءِ سڪان ٿي! هنن جي عقل
جو واقعي داد ڏيڻو ٿو پوي، جيڪي اهڙا نازڪ خيال دل
۾ پالين ٿا، پر جن ويچارن کي اهڙو عقل نه هوندو، ۽
چاهيندا به ته ’اسان به ڪجهه لکون‘، تن جو ڀانيو
ٿا ته ڪهڙو حال ٿيندو هوندو! جذبو ته هر انسان جو
ڄڻ عضوو آهي، پر ڇا ڪجي، جو من جي اونهن خيالن جي
پل ئي نٿي ٺهي، مٿان وري اها ڳڻتي ته ’مهراڻ‘ جي
مڻيا دار موتين اڳيان ڪنهن سيکڙاٽ جو مٿاڇري تان
ميڙيل مٺ آخر ڪيئن ساب پوندو! پوءِ صبر جو ڍڪ ڀرڻو
ئي ٿو پوي. انسان ڦٿڪي ته گهڻوئي ٿو! بس منهنجي پڻ
اها حالت آهي: خيالن جو طوفان آهي دماغ ۾، پر خيال
گڏ ئي نٿا ٿي سگهن. ڇڙوڇڙ ٿي پيا ٿا اڏامن، ۽ دل
کي موڳو ڪري، هيڪاري پيا ٿا منجهائين. لاچار خار ۾
اچي خيالن کي تڙي ڪڍي ڇڏڻو ٿو پوي پر خيالن جهڙي
ضدي به ڪا ٻي شي ٿي سگهي ٿي! رکي رکي، ڇار ۾ ڍڪيل
ٽانڊڙن وانگر، هوا جي جهوٽي لڳڻ سان، ٽمڪاٽ پيا
ڪڍن. هيڏانهن هوڏانهن جي ٺريل رک ميڙي، مٿان وجهي،
وري کين ڍڪي ٿي ڇڏيان. ٻيو انهن کي مان ڇا ڪيان!
”اٺن نون سالن جي هڪڙي ننڍڙي معصوم ڌيءَ اٿم. آهي
سا ننڍڙي پتڪڙي، پر سمجهندي پاڻ کي وڏي کان وڏي
آهي. ضدي، هيٺيلي، شل نه ڪنهن ڳالهه تي بيهي، مائي
پوءِ بس ڪندي. ڪنهن جي به واتان ڪا ڳالهه نڪتي
ناهي، ۽ هن اڌ ۾ ٽڪي ناهي وچ ۾ پنهنجي ڪهات ڪڍي
بيهي رهندي! تنهن ڏينهن، مانيءَ تي، ٻارن جي پيءُ
سان ’مهراڻ‘ جي افسانن جي کڻي ٿي ڳالهه ڪڍان، ته
بس ڇوڪريءَ کڻي ڳچيءَ کان ورتم. چي، ’ڪهڙي وڏي
ڳالهه آهي افسانا لکڻ؟ مان جو لکندي آهيان افسانا!
آکاڻيون لکڻ به ڪي مشڪل آهن ڇا؟ پرين جون، ديون
جون، بادشاهن جون، جانورن جون، جنهن جون چئو لکي
ڏيکاريائوَ!‘ پڻس لڳس سمجهائڻ ته ’مائي وڏي! اڄ
اهو زمانو نه آهي جو پرين، ديون ۽ بادشاهن جون
آکاڻيون لکجن. اهڙيون واهيات ڪين جهڙيون آکاڻيون
اڄ ڪلهه نٿيون هلن.‘ ٺهه پهه جواب ڦهڪايائين،
’واهه، واهه، بابا! مان کي به لنوايو ٿا! هي جو
ننڍڙيون ننڍڙيون ڪتابڙيون، ٻارن جي آکاڻين جون،
ٿين ٿيون. انهن ۾ اهي ته آهن سڀ آکاڻيون!‘ پڻس کلي
کڻي چپ ڪئي. پر هيءَ ارسطوءَ جي ڌيءَ چپ ڪري ته به
ٺهيو! چوڻ لڳي، ’هون! اها ڳالهه آهي؟ اڳتي مان
ناولن جهڙا وڏا ڪتاب نه لکيا ته مان کي چئجو، پوءِ
ڏسنديس ته ڪيئن نه ٿا پڙهو!‘
”ٻئي ڏينهن، ادا، سچ پچ هن جيتامڙيءَ آکاڻي لکي
ڏيکاري ’هڪڙو هو بادشاهه بادشاهه پاڻ خدا آهي، پر
هي اسپتالن جو بادشاهه هو. هڪڙي ڏينهن چمڙا پوش
ڪري نڪتو گهمڻ. ڏسي ته هڪڙو بيمار رستي تي پيو
آهي. ڇا ڪيائين جو کڻائي اچي پنهنجي اسپتال ۾
سمهاريائينس. ٿوري گهڻي ڏينهن، هو اٿي کڙو ٿيو، ۽
ڪالهه ڏٺم ته هو کلندو خوش ٿيندو رستي تان پئي
ويو!‘ بس پوءِ ته لڳي پاڻ پڏائڻ ’مان هي لکنديس،
مان هو لکنديس. اسڪولن جي بادشاهن تي لکنديس، جي
ٻارن کي ڀائيندا آهن، باغن جي بادشاهن تي لکنديس،
جيڪي ڳاڙها، اڇا، نيرا گل ورهائيندا آهن، اڏامندڙ
پرين تي لکنديس جيڪي ٻارڙن کي مٺايون، ٽول ۽
رانديڪا ڏينديون آهن....... چين، روس، آمريڪا،
هندستان، پاڪستان ملڪ آهن، جيڪي، انهن جي بادشاهن
تي لکنديس.... توهان ڏسجو!‘ هاڻي، هن اڄاڻ
نينگريءَ کي ڪير سمجهائي ته اڄ ڪلهه ملڪن ۾ خود
مختيار حڪومتون آهن، بادشاهه ڪي ورلي ٿا ٿين، ۽ سي
به رڳي نالي ۾!
”نيٺ وڏي ڀاءُ چيس، ’آئي آهي وڏي افسانن لکڻ واري!
اڳ ۾ بادشاهه ڪاٿي ٿا ٿين!‘ اهو ٻڌي، هو بنهه چپ
ٿي ويئي. حيرت وچان لڳي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ،
ڀاڻس کي لڳو رونشو سو چوڻ لڳس، ’چري ڇوڪري، اهو
اڳيون زمانو هاڻي ڪونهي، هيءُ نئون زمانو آهي! اهي
اڳيان تنهنجا چمڙا پوشي حاتم طائي، نوشيروان، راءِ
ڏياچ، دودا ۽ عمر سومرا ويا مري کپي: سندن نالو
نشان به هاڻي ڪونه ٿو ملي سمجهيئي!‘ ٻارن جي پيءُ
جي دل تي الائي ڪهڙيون ڳالهيون تري آيونر سو هٿ
جهلي، ڏورانهن نگاهه کڻي، ڳري آواز ۾ چوڻ لڳو: ’اڄ
گهرجائن جي گهرجن پوري ڪرڻ وارا ڪٿي؟ انصاف لاءِ
سالن جا سال پيا ٿا ماڻهو اسڙڪن، ڪو ٻڌڻ وارو ڪونه
اٿن. ملڪ جا راڳيندڙ، اديب ۽ فنڪا بکن ۾ پيا ٿا
پاهه ٿين، ڪو پڇڻ وارو ڪونه اٿن. وطن ۽ قوم جي
بچاءَ لاءِ سر ساهه جي بازي لڳائڻ وارا ڪٿي، هتي
ته هرڪو پاڻ هٿ سان کڻي ڏيڻ لاءِ تيار ويٺو آهي.
ڪير ٿو اڄ معصومن ۽ بي زورن جي عزت ۽ عصمت جي
امانت ۽ رکوالي ڪري!‘ هوڏانهن هوءَ افسانن رچيندڙ
منهنجي معصومڙي، وڏن جون اهي ڪڙيرڙيون ڳالهيون
ٻڌي، هيڪر ته اصل سهمجي ويئي. کن پلڪ کان پوءِ ڀنل
آواز ۾ چوڻ لڳي، ’پوءِ هينئر، ملڪ جو ڪو ڌڻي سائين
ڪونهي. چمڙاپوش ڪري ملڪ جو واءُ سواءُ ڪوبه نٿو
لهي!‘ سڀني کان ننڍو ڪڪڙو تنهن کي جو لڳو وجهه، سو
تاڙيون وڄائيدو چوڻ لڳو: ’آءٌ ڀاڇا ٿيندس تمرا پوش
ڪندس!‘ ويچارا ابهم ٻارڙا! ڇا ڄاڻن خيالن جي رڻ پٽ
۾ رلڻ مان، ماحول کي تورڻ مان، فضائن کي جاچڻ ما:
جيئن هڪ طوطو چيل لفظ ٻڌي واپس اچاريندو آهي، تيئن
هنن جي خيالن ۾ به ڀيانڪ جن ديو، قربائتيون پريون،
رحم دل ۽ مهربان بادشاهه، ۽ انهن جون آکاڻيون وسيل
هيون. کين ڪهڙي ڪل ته اڄ ڪلهه نه آهي ڪو بادشاهه ۽
نه آهي ڪا رعيت اڄ ڪلهه ته هڪ طرف آهن گورنر، وزير
۽ ميمبر صاحب ۽ ٻئي طرف آهن ويچارا ووٽر: ووٽر
ويچارا رهن ميمبر صاحبن جي کيسي ۾، ميمبر رهن وزير
صاحبن جي کيسي ۾، وزير ٿيا گورنرن صاحبن جا ٻانهن
ٻڌا خادم، ۽ گورنر صاحب ٿيا بنگلن، موٽرن، ريل
گاڏين ۽ هوائي جهازن جي بلي: سو ڪنهن کي ڪهڙي گتي
پيئي آهي جو ويهي ڏسي ۽ ويچاري ته ملڪ جو مردو سرڳ
وڃي رهيو آهي يا نرگ!
”سو، ادا! ان ڏينهن کان وٺي ته هيڪاري دل م اڌاما
اٿڻ لڳا ته ڪجهه لکان. پر لکان، سو ڇا لکان؟ ٻاهر
مردن جي دنيا ۾ ڇاٿو وهي واپري، تنهن جي ته مون
جهڙين گهريتڙين کي ڪل ئي ڪانه ٿي رهي. باقي گهرن
جي چوديوارين ۾ پاڻ جهڙين ’ضعيفائن‘ جي حالت زار
کان سو ڪي قدر واقف آهيان! چوان ٿي ته انهن پائبند
پورهيت روحن تي ئي کڻي ڪي به چار افسانا جوڙيان.
من ڪي چڱا موچارا جڙي پون جي ’مهراڻ‘ جي منهن تي
پئي سگهن!
”اڳوپوءِ، اوهان کي هڪڙي خوشخبري سڻائي ڇڏيان! مان
هتان جي ’اپوا‘ ڪلب جي ميمبرياڻي آهيان. ’اپوا‘
پاڪستان جي زالن جي جماعت آهي، ۽ ان جو مقصد،
اوهان ڄاڻو ٿا ته ڇا آهي ’پنهنجي ملڪ جي زالن جو
ڀلو ڪرڻ‘. هڪ دفعي ڪلب ۾ فيصلو ڪيوسين ته ڪلب جي
جلسن ۾ ڪي ڪارائتيون تقريرون ڪجن، پر سوال اٿيو ته
ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۾ اردوءَ ۾، ڪين سنڌيءَ ۾؟ هرڪا
پيئي نالو اردوءَ ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ لکائي چي
’سنڌيءَ ۾ شرم ٿو ٿئي!‘ ادا، ڏٺو! اڃا ’مهراڻ‘ ۾
لکيو اَٿوَ ته ’جيستائين سنڌي مائرون، پنهنجن
معصوم مٺڙن ٻارن کي، پنهنجي محبت ڀرين هنجن ۾
سٻاجهڙي سنڌي ٻوليءَ جون مٺيون مٺيون لوليون
ڏينديون رهنديون، تيستائين اها اسان جي سهڻي سلوڻي
ٻولي، ۽ ان جي ادب جا پربهار گل ٻوٽا ۽ ڦلدار وڻ،
جيئن پوءِ تيئن زياده اڀرندا ۽ اسرندا، وڌندا ۽
ويجهندائي رهندا.‘ ڪيترو نه اسان سنڌ جي مائرن
ڀينرن ۾ اوهان جي دل ڀڄائيندڙ ڀروسو ۽ ايمان آهي!
پر جن سنڌي مائرن جا ٻار پڙهن ڪرستانن جي انگريزي
اسڪولن ۾ جتي پنجن سالن جي پڙهائيءَ کان پوءِ وڃي
مس مس سنڌيءَ جي ’الف ب‘ اکئين ڏسن، جن جا مڙس گهر
۾ رڳو انگريزي ۽ اردو ڪتاب آڻين ۽ پڙهن، ۽ ٻارن کي
به انهن ئي ٻولين ۾ ڳالهائيڻ تي زور ڏين، جن جي
گهرن ۾ ريڊيا، اردو راڳ ۽ تقريران ٻڌائيندا رهن،
جي سئنيمائون ڏسن تڏهن به اردو سڻن، ۽ جي ’اپوا‘
ڪلبن ۾ گڏ ٿين ته به اردو ٻڌن ۽ ڳالهائين گهٽ ۾
گهٽ اهڙين سنڌي مائرن تي ته ايترو ڀروسو رکڻ بنهه
بيڪار اَٿوَ. هان غريب ۽ وچولي طبقي جي گهرن جون
ٻهراڙيءَ جون توڙي شهرن جون سنڌي مائرون ۽ ڀينرون
برابر اوهان جي اميدن کي پورو ڪنديون. سو، ادا!
ڳالهه ٿي ڪيم ته ’اپوا‘ ڪلب جي جلسي ۾ سڀڪا سنڌيءَ
۾ ڳالهائڻ کان پيئي نٽائي، ان تي مون کي جولان اچي
ويو. چيم ’سنڌيءَ ۾ شرم ڇاجو، پنهنجي ماءُ جي ٻولي
آهي، اسان کي هٿون خوشي ٿيڻ کپي، سو مان سنڌيءَ ۾
تقرير ڪنديس!‘ ’اپوا‘ وارين پناهه گيرياڻين چيو،
’ها، ڀلي ڪريو، خوشيءَ سان ڪريو، اسان پاڻ چاهيون
ٿيون ته ڪا ’نئين‘ ڳالهه ٿئي. اردوءَ ۾ ڪيتريون
ڪيون اٿسي: ڪا ته سنڌيءَ ۾ هجي!‘ ادا، اها ته هئي
ٺٺوليءَ جي ٺٺولي، ۽ همتائڻ جو همتائڻ، پر مان به
سنڌيءَ ۾ تقرير ڪرڻ جي صحيح وجهي، آيس گهر. صحيح
ته وجهي آيس، پر اچي ڳڻتين ورايم. سوچيم ته خسيس
خط لکڻ لاءِ به دماغ ڪونهيم. افسانا ته پري رهيا.
هاڻي هلي آهيان تقرير ڪرڻ! نيٺ سوچي سوچي، هڪڙي
انڌي منڊي تقرير لکي ورتيم چيم ته ڳالهائڻ لاءِ جي
همت کپي، ته پڙهڻ ته پنهنجي وس آهي! بس، اسيمبليءَ
جي اڻ پڙهيلن ميمبرن وانگر اها هئي منهنجي ”ميڊن“
تقرير پر مون، ادا، مڙيئي ڪجهه سمجهداريءَ جون
ڳالهيون ڪيون، ۽ اهڙيون ته ٺيڪ ٺيڪ ٻڌايونمان جو
سنڌياڻيون ته چپ ٿي ويون، پر اردياڻين کي به ڄڻ
نانگ منڊي ويوهو. ڪڇيون ئي ڪين. اوهان کي خوشي
ٿيندي ته ان ڏينهن کان وٺي، هاڻي سنڌياڻيون ته
سنڌي سڏائڻ ۽ سنڌي ڳالهائڻ ۾ لڄي ڪين ٿيون ٿين، پر
ڪيتريون اردوياڻيون به اسان سان سعيو ڪري سنڌيءَ ۾
ڀڳل ٽٽل گفتا پيون ڪن. هاڻي ارادو اٿئون ته ڪلب ۾
سنڌي ساهيڙين جي هڪڙي خاص ٽولي ٺاهيون جيڪي پاڻ به
سنڌي اخبارون، سنڌي افسانا ۽ سنڌي ڪتاب پڙهن، پر
پنهنجن ارديانين ساهيڙين کي به پڙهي ٻڌائين خبر ته
هنن کي به پوي ته سنڌيءَ ۾ به ڪي شاعر آهن، سنڌيءَ
۾ به ڪو ادب آهي...... ادا، هاڻي خط به بند ٿي
ڪيان ڏاڍو وڏو لکيو اٿم، توهين به پڙهي ڪڪ ٿي پيا
هوندا. چوندا ته هيءَ مائي به ڪهڙي، جو نه ڳالهه
نه مهاڙ، وٺي کڻي ڪهات کنئي اٿس، جيڪا کٽيس ئي
نٿي! چڱو، ادا، ڪڪ نه ٿيو. بس ٿي ڪيان! هاڻي
موڪلاڻي پرتو رب کي! ’مهراڻ‘ کان ته موڪلاڻي
ڪانهي، اميد ته اهو مخموري سنڌ هميشہ پيو مند مند
تي اڃايلن جون اڃون لاهيندو ۽ سڪل دلين کي سائو
سرهو ڪندو. ادا اکرن تي کلجو نه! ڏنگا ڦڏا آهن ته
ڇا! پوءِ به سنڌياڻي آهيان، سنڌي لکيا اٿم، ويندي
ٽپال جي ائڊريس تائين!
اوهان جي ڀيڻ، ساجده عالم سکر (سنڌ)“
”مهربان سمپادڪ، ’مهراڻ‘، حيدرآباد، سنڌ، اڄ
پنهنجي جنم ڀومي، سنڌڙيءَ کي ڇڏئي ذري گهٽ اٺ سال
ٿي چڪا آهن، پر ان ڀوميءَ جو ڪوبه سماچار، ڪنهن
ننڍي هوندي جي يار به ڪونه ڏنو. ڪيترن ڏينهن کان
اندر ۾ اُڪير هيم ته من ڪو دوست ٻه اکر لکي دل کي
ٿڌو ڇنڊو وجهي ۽ پنهنجي مٺي ملڪ جو ڪو حال سڻائي،
جيتوڻيڪ ٻه ٽي ڀيرا هن بندي شخصي خط، جهونن مترن
کي لکيا ته ’اي يارو، جي ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته ڇا،
پنهنجي دلين جو به ورهاڱو ڪرڻ جڳائي؟ هيءَ ته
راڄنيتيءَ جي ريت آهي، اُن ۾ ڇا پنهنجي پراڻي پريت
ڪو ڀلائڻ گهرجي؟ پر ڏسڻ ۾ ائين ئي آيو ته انهن
يارن کان ياراڻي موڪلائي پر ڪري اُڏامي ست سمنڊ
پار ڪري چڪي هئي ۽ اُن جي جڳهه ڀري هئي اچي
راڄنيتيءَ! اُنهن کان ننڍي هوندي وارا واقعا به
شايد وسري ويا آهن. اسڪول ۾ گڏ پڙهڻ، شام جو
رانديون ڪرڻ، ڪاليج جا سکي ڏينهن، جيڪي مستيءَ سان
گذاريا هئا، پروفيسر کي چيڙائيندي چيڙائيندي مطلب
ته سڀ وسري ويا اُنهن يارن کان گذريل مٺڙا واقعا.
اوهه! وري عجب اهو جو ڪا اهڙي سنڌي اخبار يا
هفتيوار يا ماهوار يا ڪا اهڙي ٻي مئگزن يا رسالو
به ڪونه نڪتو جو کڻي وڇڙيلن کي سنڌڙيءَ جو حال
سڻائي! خير، جيڪي ڪجهه آهن سي آهن سڀ راڄنيتيءَ جي
ڄار ۾ ڦاٿل ڪنهن کي ڪو اونو ڪونه آهي پنهنجي سنڌين
جو! نه آهي ڪو ويچار پنهنجي مٺيءَ ٻولي جو!
پر سالڪن سچ چيو آهي ته ڏينهن پٺيان راتيون ۽
راتين پٺيان ڏينهن اچن پيا. زندگي هروڀرو رڳو
نراشا جو بوتو ڪونه آهي. جيڪڏهن باريڪيءَ سان ڏسبو
ته آشا جو ترورو به ان ئي زندگيءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو،
جنهن زندگيءَ کي انسان ڌڪاري ٿو. ٻه ڏينهن اول جئن
ڪلياڻ کان بمبئيءَ، لوڪل ٽرين ۾ وڃي رهيو هوس ته
ڀر ۾ ويٺل شخص جي هٿن ۾ ”مهراڻ“ جو بهار وارو پرچو
هو! هو جوان به ڪو سريلو ٿي ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ڪو
منهنجي اندر جو حال ڀانپي ورتو هو، ڇو جو آءٌ هڪ
نئين پتريڪا هن جي هٿن ۾ ڏسي ڪجهه واجهائي رهو هوس
يا هن کي اڳيئي خبر هئي ته آءٌ ڪو ساهتيه جو شائق
آهيان! مون ڏانهن منهن ڪندي، چپن تي مشڪ آڻيندي،
هن جوان چيو، ”توهان هيءُ رسالو ڏٺو آهي، جو
’پنهنجيءَ‘ حيدرآباد مان نڪرندو آهي؟“ مون ٿورو
ڇرڪ ڀريو، هن جي ’پنهنجيءَ‘ اکر چوڻ تي! چيومانس
ته ”ڇا حيدرآباد سنڌ مان هيءُ رسالو ڇپجندو آهي؟“
ورندي ڏنائين، ’ها!‘ ائين چوندي هن ”مهراڻ“ جو انڪ
مون ڏانهن وڌايو. خبر نه آهي. ڇو، منهنجي من ۾
الائي ڪهڙو اُڌماند اچي ٿي. وڏيءَ اُڪير سان
”مهراڻ“ ورتم. اندر ۾ سانڍيل سڪ ڀڀڪو کائي اُٿي ۽
اکين اڳيان حيدرآباد جا نظارا تري آيا. ڇا منگهن
جون قطارون، جيڪي سڄي پاڪستان ۽ هندستان ۾ ته ڇا
پر سڄي جڳت ۾ به ڳولڻ سان نه لڀنديون، جن جي خوبي
ئي پنهنجي! وري اهو ڪاليءَ وارو رستو اکين اڳيان
ترڻ لڳو، جيڪو پنهنجي شانتيءَ واري ڀاو سان يا
ترين جي آجيان ڪندو هو. ڇا گنجي ٽڪر ۾ گهٽ سونهن
هئي! هو به پنهنجو پارٽ واهه جو خوب ادا ڪندو هو!
پنهنجي ڪک مان چيڪي ميٽ جا چاپوڙا لاهي ڏيندو هو
سنڌڙيءَ جي رهواسين کي! ڀلا اهو سڀ هتي ڪٿان ملي
آنند! شام جي ٿڌي هير جيڪا ٽڪريءَ تي کائبي هئي،
سا به ڪا وسرڻ جي آهي! ان جي پاسي ۾ سينٽرل جيل جي
قيدين جي پگهر مان بنايل باغيچي ۾ ڪيڏي نه سونهن ۽
سڳنڌ هئي! ڇا وري حيدرآباد جون چاڙهيون هيون تلڪ
چاڙهي، جنهن تان سائيڪل تي چڙهي وٺي جو ڇڏبو هو سو
سڌو وڃي هيٺ پئبو هو بنا ڪنهن پئڊل هڻڻ جي! ٻئي
طرف وري ٺوڙهي چاڙهي به ڪا وسرڻ جي آهي! مطلب ته
هڪ هڪ ڳالهه دل تي تري آئي، صرف ”مهراڻ“ جي ڪاپي
ڏسي!
”مهراڻ“ هڪ ئي رسالو هو جو هيل تائين منهنجي هٿن ۾
آيو هو، جنهن مان راڄنيتيءَ جي بوءِ ڪانه ٿي آيم
آيم ٿي ته خوشبوءِ پنهنجي مٺيءَ ٻوليءَ جي! پنهنجي
سنڌي اتهاس جي! آيم ٿي سڳنڌ ان سنڌڙيءَ جي ڦٽندڙ
ڪليءَ جي! لوڪل گاڏي پنهنجي تيز رفتار سان هلندي
هلي، پر منهنجو من ان کان به تيز رفتار ۾ اُڏامڻ
لڳو هو. ڄڻ ته اڄ گاڏيءَ سان شرط پڄائي رهيو هو.
گاڏيءَ اڃا ٻه چار ميل پنڌ مس ڪيو هوندو ته
منهنجون من سوين ميل پار ڪري چڪو هو. هن کي نه هئي
سگنل جي ضرورت ۽ نه وري ڪا پيچري جي پرواه. جبل
ڏونگر ڪاٽيندو سڌو اچي حيدرآباد ڀيڙو ٿيو، ۽ پريان
منگهن جي قطار ۽ قلعي واري تيز هوائي جهازن کي راه
ٻڌائيندڙ لائيٽ ڏسي، بهار بهار ٿيڻ لڳو. ”مهراڻ“
جا ورق ورائيندو ويس. هڪ هڪ سٽ مان آنند پيو اچي.
”مهراڻ“ سچو مهراڻ هڪ درياه ساهتيه جو سچو درياه
آهي. ”مهراڻ“ جي پهرئين صفحي ئي منهنجو من ڀڄائي
ڇڏيو. منڍ ۾ ئي لکيل هو ”مينهن وسندا، ته چڪون به
ضرور ٿينديون“. تنهن وانگر، آزاديءَ جي بارش،
پنهنجي مڙني رحمتن سان، اسان جي مٿان ٿي، ته
ظاهريءَ طرح حالتن اهڙو وٺي ڦيرو کاڌو، جو
ڀانيونسين ته اسان جي علم ادب جون ڪچڙيون مکڙيون
جيڪي مس مس ٽڙڻ تي هيون، سي، انهي سيلاب ۾، ڪي
لٽجي، ۽ ڪي پٽجي، اسان جي هٿان هيڪر ته بنهه ختم
ٿي لڙهي هليون وينديون ۽ سندن سهڻيون سڳنڌ ڀريون
پنکڙيون، چوندڻ چپوٽڻ سان به، ٻيهر شايد اسان جي
پلئه ڪڏهن به پئجي ڪين سگهن!“
بس منهنجي به من جي اول اها ساڳي حالت هئي، اهي شڪ
شبها دل ۾ اٿندا هئم ته ڇا ٿيندو اسان جي اتهاس جو
ڇا ٿيندو ٻوليءَ جو؟ پر..... پر جڏهن اڳتي هلي
”مهراڻ“ جي پهرئين ئي صفحي جي ٻي پئرا پڙهيم ته
ملي ويم جواب ”پر چڪن سان گڏ نئين زندگيءَ جو نئون
پيغام به ته مينهوڳي موسم ئي دنيا کي پهچائيندي
آهي!“
”مهراڻ“ به هڪ اهو قاصد آهي جو اسان کي پنهنجو
پيغام ٿو پهچائي ته ’اي سنڌيو‘ ڇو ٿا گهٻرايو!
جيستائين سنڌ ماتا زنده آهي تيستائين هن جو ٻچو
ٻچو سنڌيءَ ٻوليءَ جو باغ بهار ڪندو!
ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن پيڙهين جون پيڙهيون
گڏ رهندڙ اسين سنڌي هڪ ٻئي کان وڇڙي وياسين،
تڏهانڪر صرف اهي مٺيون مٺيون يادگيريون وڃي باقي
رهيون آهن. اڄ اهو ڏينهن ياد ٿو اچي، جڏهن منهنجو
هم ڪلاسي عبدالله، جنهن کي عبدو به ڪري چوندا
هئاسين. اسان جي گهر ايندو هو ۽ منهنجي ماءُ لسيءَ
جو ڪٽورو ۽ ڦلڪي جو ٽڪر ٻنهي کي گڏ هڪ ٿالهيءَ ۾
ڏيندي هئي (ڍوڍو به ڪڏهن ڪڏهن کائبو هو)، ۽ ٻئي
گڏجي ان ٿالهيءَ جي صفائي ڪري اُٿي راند ڪرڻ ويندا
هئاسين. اهڙوئي پريم ملندو هوم هن جي گهران به! پر
هينئر اهي آهن صرف ڪويءَ لاءِ ڪلپنا ڪندڙ
گهٽنائون.
هتي اچڻ سان پهرين ته اسان کان سڀ ڪجهه وسري ويو.
رڳو هئي ڳڻتي پيٽن ڀرڻ جي ۽ اونو هو مٿي ڍڪڻ جو.
ساهتيه ڏانهن بلڪل بي خبر. پر ان ۾ به ڀلا اسان جو
ڪهڙو ڏوه؟ اهو ته سڀاويڪ ئي آهي! ڪبير صاحب ڪونه
چئي ويو آهي ته ”بو کي ڀڄن نه هوءِ“، سو ڀلا
جيستائين ڪٿي ٿانيڪا نه ٿياسين، تيستائين ڀلا ٻيا
ڪٿي ٿا ويچار اچن؟ پر آخر ٻوجهه پئي. هينئر سڄي
ڀارت اندر، جتي جتي سنڌي آهن، اتي جدا جدا
سنسٿائون ٺاهي سنڌيءَ ٻوليءَ کي بچائڻ جي، وڌائڻ
جي ڪوش پيا ڪن. سنڌي ساهتيه کي پيا زور وٺائين،
هرهڪ جوان پنهنجي وت آهر ڪوشش ڪري رهيو آهي.
اسان جي به هڪ ننڍڙي سنسٿا، ”سنڌوينگ مينس
ائسوسيشن“ نالي آهي. هيءَ سڀني سنڌي سوشل ڪم ڪندڙ
جوانن جي هڪ سنسٿا آهي، ۽ ڪلياڻ ڪئمپ، جتي سڄي
هندستان ۾ ڪنهن به هڪ شهر ۾ وسيل سنڌي ڀائرن کان
وڌ ۾ وڌ آدم رهي ٿو، اٽڪل هڪ لک کان به وڌيڪ آبادي
آهي هن ڪئمپ جي (ڪئمپ جيڪر چوڻ نه جڳائيم ڇو ته
هينئر هيءَ هڪ شهري صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽
سرڪاري طور نالو به ”الهاس نگر“ رکيو ويو اٿس.
”الهاس“ معنيٰ ”خوشي“ وري پاسي ۾ به الهاس ندي اٿس
جا به هن نگريءَ کي چئون ”سنڌو نگر“ ڀلا اسين به
ته سنڌيت جي ڪا ته يادگيري رکون مطلب ته سڀ نالا
مشهور آهن: سنڌونگر، يا ڪلياڻ ڪئمپ، يا الهاس نگر)
انهيءَ وشال نگريءَ ۾ اسان جي ائسوسئيشن جا نوجوان
وڏي اُتساهه سان سنڌي قوم جي شيوا ڪري رهيا آهن.
جيتوڻيڪ هتي ٻيون به ڪيتريون ئي وڏيون خواهه
ننڍيون سنسٿائون آهن، پر پنهنجو ڪم نرالو آهي.اسين
ٻاهرين پروپئگنڊا مان نه ڄاڻون. پنهنجي وت آهر
ننڍي پئماني تي پيا ڪم ڪريون. آءٌ هن ائسوسيئيشن
جو سڪيريٽري آهيان.
اسان کي هڪ ننڍڙي فري لئبرري آهي، جنهن ۾ جدا جدا
پبلشر پنهنجو پنهنجو رسالو ڏيئي اسان کي همتائي
رهيا آهن، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن توهان جو ”مهراڻ“ به
پنهنجي عنايت ڪندو ته سچ لئبرريءَ جي سونهن ڪيڏي
نه وڌي ويندي؟ جيڪڏهن ”مهراڻ“ جا سڀ پرچا لئبرريءَ
جي سونهن وڌائين ته ڪيترو نه سٺو ٿئي! سڀ ڀائر
هوند پڙهي اُن جو رس وٺن. سمجهان ٿو ته توهان لاءِ
به ڪٺن آهي، پر چوندا نه آهن ته پريم هڪ ٻي چيز
آهي! اميد ته توهين ضرور اسان کي ساٿ ڏيندا.
هتي اسان وٽ به سٺا سٺا ڪتاب پيا ڇپجن. پر جيئن
اسان لاءِ هتي مشڪل آهي جو اوهان جا ڇپيل ڪتاب ۽
رسالا خريد ڪري سگهون، تيئن اوهان لاءِ اتي به
اوتروئي ڪٺن آهي، جو جيڪي ڪتاب ۽ رسالا هتي اسان
وٽ ڇپجن ٿا، سي ڪي وٺي سگهو. تنهن ڪري، اوهان جي
چوڻ کان اڳ ئي، آءٌ به اوهان ڏانهن ٿورڙن ئي ڏينهن
۾ هتان هڪ ٻه ڪتاب سوکڙي ڪري موڪليندس! بس ائين ئي
ته وڇڙيل دليون ملنديون! شيوا ۾، هريرام جي. جڳت،
ڪلياڻ ڪئمپ 2 بمبئي.“
”مهراڻ“ متعلق عالمن ۽ اديبن جا رايا
”مهراڻ“ |
پنهنجي صوري ۽ معنوي لحاظ سان نهايت معياري
رسالو آهي، ۽ هر طبع وارو ان کي پڙهڻ کان
پوءِ دلي سرور حاصل ڪري سگهي ٿو.
”عارف الموليٰ“. |
”مهراڻ“ |
سنڌ ۽ هند جي ادبي رسالن جو سرموڙ آهي.“
”اختر“، ٽکڙائي. |
”مهراڻ“ |
جي هر اشاعت، علمي ۽ فني لحاظ سان مثالي ۽
زنده جاويد چيز ٿئي ٿي. هن دور ۾، ’مهراڻ‘،
ادب جو مهراڻ آهي.
حافظ شاهه ”حسيني“، ٽنڊو محمد خان. |
”مهراڻ“ |
جون ٻئي اشاعتون ڏسي، محبوب سنڌ کان جدائيءَ
جا قدري مڙيل ڦٽ کلي پيا! پر مرهم به پورو
مليو، جو ”مهراڻ“ ۾ ئي روح جي راحت ۽ دل جو
سرور لڌم. ”مهراڻ“ سنڌ ۽ هند جي سنڌي ۽ اردو
رسالن ته ڇا دنيا جي بهترين مخزنن ۾ ڳڻي
سگهجي ٿو. شڪر آهي، جو پنهنجي ’مادر سنڌ‘ جي
محبت جو ماڻ ”مهراڻ“ پيدا ٿيو آهي.“
گوبند ايل. ڀاٽيا، الور، راجستان. |
”مهراڻ“ |
ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ”مهراڻ“ جي موج جي، جيتري
تعريف ڪجي اوتري ٿوري! ”مهراڻ“ جي اراڪين جي
محنت قابل داد آهي. الله تعاليٰ شال هنن کي
خضري عمر عطا ڪري، جيئن ”مهراڻ“ جي ذريعي
سنڌي علم ادب جي آبياري ڪندا رهن!“
حافظ غلام قادر ”صدائي“، پير جهنڊو. |
”مهراڻ“ |
مطالع ڪري بيحد مسرور ٿيو آهيان. سندس مضمون
۽ صوفيانا ڪلام، موجوده غير اطمنان بخش دنيا
لاءِ آب حيات جو ڪم ڪن ٿا.“
سيد غلام شاهه، ”ڪريمي“، بي. اي. |
”مهراڻ“ |
ادب شناس حضرت لاءِ هڪ نعمت آهي.“
حيسب علي ”سانگي“، ايڊيٽر ”سنڌڙي“، ميرپور
خاص. |
”مهراڻ“ |
جي ٻن پرچن جي مطالعي کان پوءِ ان جي بلند
معيار کان ڪير ناڪار ڪندو؟ ”مهراڻ“ جي
ڪارڪنن جي ڪاوش قابل قدر آهي.“
علي محمد ”مجروح“، ڪراچي. |
”مهراڻ“ |
ادب ۽ آرٽ جو اهو حسين مجموعو آهي، جنهن
سنڌي ادب ۾ خاص امتيازي حيثيت پيدا ڪئي
آهي.“
”بشير“ مورياڻي، شڪارپور. |
”مهراڻ“ |
نهايت عمدو پرچو آهي، ۽ سانڍڻ جي لائق آهي.
پڙهڻ کان پوءِ سچ پچ ’دل نچيو اٿي، ۽ من
ڳايو اٿي‘“
واسديو، ”نرمل“، بمبئي. |
”مهراڻ“ |
نهايت معياري ادب پيش ڪري، سنڌي زبان ۽ ادب
۾ نئين زندگي پيدا ڪئي آهي.“
مولابخش ”سانگي“، لاڙڪاڻو. |
”مهراڻ“ |
تمام گهڻي انتظار کان پوءِ مليم. پڙهيم ڏاڍو
پسند آيو آهي. ’مهراڻ‘ روح جي راحت آهي.“
منشي محمد پريل، درگاهه پير پاڳارو. |
”مهراڻ“ |
علمي ۽ ادبي دنيا ۾ جنهن مقام جو رسالو آهي،
ان جو صحيح اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. ’مهراڻ‘
قديم ۽ جديد، علوم ۽ فنون، ادب ۽ شاعريءَ کي
زنده ڪيو آهي.“
محمد علي ”جوهر“، لاڙڪاڻو. |
”مهراڻ“ |
واقعي سنڌ جو ”ادبي مهراڻ“ آهي، جو سنڌ جي
هر فرد کي ادب سان سيراب ڪري ٿو. سرفراز
شهيد جي شهره آفاق ’دعا‘، خاص ڪري سنڌ جي
ڳوٺاڻي طبقي ۾، مقبول آهي، ليڪن اها دعا
ناياب هئي، جنهن کي دوباره شايع ڪري، سنڌي
ادب تي وڏو احسان ڪيو ويو آهي.“
جوکيو رحيم خان ”جرس“ ڪوهستاني، جهرڪ. |
|