سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1955ع

مضمون

صفحو :6

پروفيسر منگهارام ملڪاڻي

ضعيف انسان

(سنڌي ڳوٺاڻو ننڍو ناٽڪ)

پرود پهريون

(جهرڪن جي ڳوٺ ٻاهران، رئيس بخشڻ، خان جي حويليءَ ۾ صفحو، جنهن ۾ ڳوٺاڻو گهرو سامان پيو آهي. هڪ پاسي کان دروازو حويليءَ جي اندريئين ڪوٺيءَ ڏانهن نئين ٿو. سامهينءَ ديوار ۾ ٻاهريون در رستي تي کلي ٿو. ٻئي پاسي دريءَ مان پريان سنڌونديءَ جو نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جي اورئين ڪپ تي ڳوٺ جون جايون ۽ باغات آهي، ۽ پرئين ڪپ تي ٻڌڪو ٽڪر اُڀو آهي.

سج اُڀرئي وقت، رئيس جي ڀائٽي زينت، تڏي تي ويٺي، سپ ۾ چانور صفا ڪري، ۽ هر هر اُلڪي وچان دريءَ ڏانهن پيئي نهاري. نيٺ اُٿي دريءَ وٽ وڃي ٿي، ۽ اُتاوليءَ مان ٻاهر نهاري ٿي. گهر اندران سوءٽس عثمان اچي ٿو ۽ ڏانهنس وڌي ٿو.)

عثمان- ڇو زينت، دريءَ مان ڇا پيئي ڏسين؟

زينت ادا، سج اُڀري ويو آهي، محمد اڃا گهر ڪونه وريو....

عثمان- سموري رات الائجي ڪٿي ڪاٽيائين. مدرسي مان موڪل تي ڳوٺ آيو آهي، ته هن جو مڪو مچي ويو آهي.

زينت- نه ادا، هو ته هميشه قاعدي تي پورو آهي. رات جائي ڪو اتفاق ٿيو هوندس. وڃي چاچي کي چتاءُ ڪر، يا تون ئي ڪو پتو لڳاءِ.

عثمان- تون ڇو نه سوءٽ جو پاسو کڻندينءَ. ڪالهه سانجهن جو ڏٺئي ڪين ته ميڙي تان دارون پي ڪهڙيءَ حالت ۾ موٽيو!

زينت- تنهن تان مون پڻ ڇينڀيومانس، جو مرڳوئي ڪاوڙجي پيو.

عثمان- پر سڌ اٿيئي تنهان پوءِ رات جو ڪيڏانهن هليو ويو؟

زينت- مٿو ڳوءرو سمجهو هوندائين، ويو هوندو ڪجهه هوا کائڻ.

عثمان- هوا کائڻ! هن قبرستان واري ٽڪري پٺيان، غلام ڪمدار جي گهر ڏانهن، برابر هو کائڻ پي ويو!

زينت- پر ادا، تون اُتس جاسوسي ڇا لاءِ پيو ڪرين؟ تنهنجو مطلب؟

عثمان- مطلب ظاهر پيو آهي: غلام جي ڇوڪري حسينا ڪانه ٿي سجهيئي، جنهن سان چڱي لڙهه وچڙ اٿس؟

زينت- نه نه، هوءَ پاڻ سندس پٺيان پوندي آهي. پاڻ ته رخ ئي ڪونه ڏيندو اٿس.

عثمان- اهو توکي ڀنڀلائڻ لاءِ. اندروني طرح اڃا به هن سان ڏيٺ رکندو اچي.

زينت- نه ادا، اها اجائي تهمت ٿو اُتس رکين.

عثمان- هاڻي ”ادا، ادا“ ڪري مونکي وڌيڪ ڏنڀ نه ڏي. توکي مون کا وڌيڪ اهو محمد پسند پيو، جو منهنجو سڱ ريٽي ڇڏيئي.

زينت- هان! تڏهن انهيءَ ڪري تو ساڻس پائي کنئي آهي؟

عثمان- پر سندس افعال به ڏسين ويٺي. مهنو مس توسان مڱئي ٿيو اٿس، ته ڌارين ڇوڪرين پٺيان پوڻ شروع ڪيو اٿس.

زينت- بس، هاڻي وهلور نه وڃ. مان برابر کيس سڀ کان سرس گهرندي آهيان. آبا جي گذرڻ پڄاڻا جئن چاچي مونکي پاليو، تئن اسان ٻنهي جون دليون ٻجهي ويون آهن.

عثمان- هائو، هوني ڪراچي مدرسي جو سڌريل شاگرد آهي، آءٌ وري به ڳوٺاڻو ڪڙمي آهيان!

زينت- انهيءَ ٺٺوليءَ مان هاڻي ڇا ورندو؟ جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو.

عثمان- اهي چاچي بخشڻ خان جا ڪم آهن، جو پنهنجي پٽ کي ورسايائين. ٻانهن به وسن جهڙي وٺي ڏنائينس، ته تنهنجي پيءَ وارو ورثو به سهيڙي پاڻ ڏانهن ڪيائين.

زينت- چاچو اهڙو آهيئي ڪونه. اهو تون آهين جو سڀ ڪنهن تي ڪوڙا الزام رکندو وتين.

عثمان- پر الزام رکڻ مان ڇا وٽيندس؟ هاڻي ته محمد جي موڪلن جي پڇاڙيءَ ۾ توهان جي شادي به ٿي ويندي. پر مان کڻي ڪهڙو به آهيان، توکي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته انهيءَ محمد کي پسند ڪري تو ڀاري ڀل ڪئي آهي.

(نڪري وڃڻ تي آهي ته ٻاهرئين دروازي تي زور مان ڪڙو کڙڪي، ٿو، ۽ آواز اچي ٿو ”رئيس بخشڻ خان!“)

زينت ادا، در ته کولجانءِ.

(عثمان- خارن مان وڃي در ٿو کولي، ته ٻاهران ڪمدار غلام ماڇي، محمد ۽ پنهنجي ڌيءُ حسينا کي اڳيان ڪيو اندر گهڙي ٿو. هنن ٻنهي جا ڪنڌ هيٺ آهن. زينت حيرانيءَ ۾ پوي ٿي.)

غلام- (جوش ۾) رئيس وڏو ڪٿي آهي؟

عثمان- ميان، خير ته آهي جو هيئن گجندو آيو آهين؟ ادو محمد توکي ڪٿي مليو؟

غلام- سائين، ڀلائي ڪري رئيس کي ڪوٺيو، آءٌ سموري ڳالهه ساڻس ڪندس.

(عثمان- حرفت سان مشڪندو اندر وڃي ٿو. زينت، محمد ڏانهن وڌي ٿي.)

زنيت- محمد، هي ڪهڙو قصو آهي؟ تون ساري رات ڪٿي هئين؟

غلام- ڪٿي هو؟ رئيس کي اچڻ ڏيو ته آءٌ ساڻس هڪ هڪاڻي ٿو ڪريان.

(رئيس بخشڻ خان پهچي ٿو، پٺيانئس عثمان.)

بخشڻ خان- ڪمدار، ڇا آهي؟

غلام- حضور، اسين توهان جا تابعدار نوءڪر آهيون، پر عزت غريب کي به پياري آهي.

بخشڻ خان- آخر ڳالهه ڪهڙي آهي؟

غلام- سائين، حضور جن جي فرزند ڪالهه رات اسان مسڪينن جي آبروءَ ۾ هٿ وڌو آهي، تنهن جو فرياد سائينءَ جن وٽ کڻي آيا آهيون.

بخشڻ خان يعني؟ صاف ٻڌاءِ!

غلام حضور، ڪهڙيءَ زبان سان ڳالهه ڪريان! رات، آءٌ ديهه ۾ کري تي ستو پيو هوس. ڀنڀرڪي جو گهر ويس ته ڇا ڏسان جو رئيس ننڍو، ٻنڀي مان ٻاهر پيو نڪري، ۽ هيءَ ڇوري (ڌيءُ ڏانهن اشارو ڪري) کيس اُپرائڻ لاءِ ايوان ۾ اُڀي آهي. بس، وڌيڪ ڇا چوان؟ سائين جن داد ڪن!

بخشڻ خان- (محمد کي) هي سڀ سچ آهي؟

محمد- (ڪنڌ مٿي کڻي) هائو، ابا.

بخشڻ- تون پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪر، تازو مڱايو ٿي مانءِ، توڪئن اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو؟

محمد- ابا، پيشين جو ميڙي تان ڪجهه دارون پي گهر موٽيس، جنهن تان زينت مون تي اچي مٽي.

بخشڻ خان- ڇو نه مٽبي؟ تو تي هن جو هرڪو حق آهي. دارون پيڻ به ڪا شانائتي ڳالهه آهي؟

محمد- مون گهڻوئي سمجهايو مانس ته پئڻ جي ڪا علت ڪانه اٿم. جهونن سنگتين جي سنگ ۾ پي ويٺو آهيان. پر زنيت مون کي نهايت سخت ضربيو!

بخشڻ- ڀلا، پوءِ وري گهر کان ٻاهر ڇو نڪتين؟

محمد- ابا، ڳالهه پوري ڪرڻ ڏيوم: مون چيس مون پڇتايو آهي، توکي مون ۾ ويساهه رکڻ گهرجي. پر مورڳو مون کي سڱن تي کڻي ڏنائين. چي، ’وڏي شهر مان ٻيو به الاجي ڪهڙيون خصلتون پرائي آيو هوندين!‘

بخشڻ خان- سو ڇا؟

محمد- بس، مون کي شراب جي بيخوديءَ ۾ بخيلي وٺي ويئي ۽ گهر ڇڏي هليو ويس.

بخشڻ خان- پوءِ ڪمدار جي گهر پاسي ڪيئن وڃي نڪتين؟

محمد- سڌ ناهي ڪهڙي هوا گهلي ويم، جو انهيءَ گهر مهندان اچي مٽيس. ننڍي هوندي کان آءٌ ۽ حسينا رانديون رونديون ڪندا هئاسون ۽ هوءَ مون کي گهڻو گهرندي هئي. پر مڱڻي کان پوءِ ڪونه مليو هوسانس. ڪالهه رات چانڊوڪيءَ ۾ ڀنڀي ٻاهران بيٺي هئي ۽ مون کي ڪوٺيائين. بس، مان مدهوش ٿي ويس. ساري رات نبري ويئي، مون کي ڪو سماءُ ڪونه رهيو.

بخسڻ خان- پوءِ هاڻي؟

محمد- جيڪو ڏنڊ ٺهرايو سو ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

بخشڻ خان- ڪمدار، تون ڇا ٿو چوين.

غلام حضور، آءٌ انصاف گهرڻ آيو آهيان اسان جي پوتيءَ کي داغ لڳو آهي. تنهن کي مٽائڻ جو هڪڙو ئي علاج آهي.

بخشڻ- هاڻي ڊگهيون ڳالهيون ڦٽيون ڪر.... هيڏانهن اچ (غلام ويجهو وڃي ٿو.) تون اسان جو خادم آهين، تنهنجي عزت سان اسان جي عزت. اسين هيءَ اُگري ڳالهه لئي مٽي ڪري ٿا ڇڏيون. جئن ڳوٺ ۾ ٻاڦ به ٻاهر نه نڪري. (ڳوٿريءَ مان هڪ سوء رپئي جو نوٽ ڪڍي) اچي، هي تنهنجو اُجورو.

غلام- ڇا، توهان سمجهو ٿا ته آءٌ ڌيءُ جي بي عزتيءَ لاءِ رشوت وٺڻ آيو آهيان؟ رئيس ڀلا آهيو انهيءَ نرڄائيءَ جو اُجورو فقط نڪاح آهي. نه ته ڌڪ هڻي بنهه پورو ڪري ڇڏيندوسانس ڄڻ ڄائي ڪانه هئي.

بخشڻ خان- نڪاح! تو نوڪر جي ڌيءُ سان نڪاح! تنهنجو هوش ته جاءِ آهي؟

غلام- غريب ڪمدار ٿيس ته ڇا ٿيو؟ آءٌ به چئن ڀائرن جو پريو مڙس آهيان. ماٺ ڪري ويهڻ وارو نه آهيان.

بخشڻ خان- پر محمد جو مڱڻو ٿي چڪو آهي. جي اهڙي بيهودي طلب ٿو ڪرين، ته نڪري وڃ هتان! جيڪا ڪاهڻي هجيئي سا وڃي ڪاهه!

غلام- رئيس ياد رکجو: آءٌ ساري ڳوٺ ۾ ڳالهه هلائيندس. بلڪ مولويءَ وٽ فرياد وجهڻ کان به ڪين گسندس. توهان جي ڇوڪري منهنجي ڌيءُ کي ڌتاريو آهي. سندس مڱڻو رد ڪرائيندس ۽ حسينا کي حق وٺي ڏيندس.

حيسنا- نه نه ، ابا، محمد مون کي ڪونه ڌتاريو. مون ئي کيس سڏ ڪيو، مان ئي کيس ننڍپڻ کان پيار ڪندي هيس. هو ته اصل کان زينت کي محبت ڪندو هو. آءٌ زينت جو حق ڪانه کسينديس.

غلام- صبر ڪر، بي لڄي! تون ڇو پيئي وچ ۾ ٽپي پوين؟ هاڻي هل ته هينئر ئي مولويءَ وٽان انصاف وٺي ڏيانءِ. (جئن کيس ٻانهن کان وٺي نڪرڻ تي آهي تئن محمد روڪيس ٿو.)

محمد- غلام، مونکي تنهنجو شرط منظور آهي. مون زينت سان شاديءَ جي دعويٰ ڦٽي ڪئي. پنهنجي بدافعاليءَ جو بدلو ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. مون کي حسينا سان شادي ڪرڻ قبول آهي.

بخشڻ خان- ڇوڪرا، تون صبر ڪر. آءٌ پاڻيهي هن معاملي کي منهن ڏيندس.

محمد- نه بابا، هن معاملي جو بار آءٌ پنهنجي مٿي تي کڻندس. پنهنجي خاندان جي گهٽتائي ڪرڻ ڪانه ڏيندس.

بخشڻ خان- گهٽ ذات سان شادي ڪرڻ ۾ توکي خاندان جي گهٽتائي ڪانه ٿي لڳي؟ اهو ڪم ڪيو اٿيئي ته آءٌ لا وارث ڪري ڇڏيندوسانءِ!

محمد- اُن جي پرواهه ڪانهي. آءٌ ڪمائي پيٽ پاليندس، پر پنهنجو فرض بجاءِ ضرور آڻيندس.

بخشڻ خان ته هينئر ئي منهنجي گهر مان نڪري وڃ! تون منهنجي خاندان تي ڪوڙهه جو ٽڪو آهين!

محمد- مون لاءِ به هن گهر ۾ وڌيڪ گهارڻ بڇڙائي آهي، پر مون کي فقط زينت جو خيال ٿو ماري، (ڏانهن وڌي) جنهن کي ئي منهنجي بدڪاريءَ جو نتيجو سڀ کان سخت سهڻو ٿو پوي. زينت، مون کي معاف ڪجانءِ، مان تنهنجي لائق ئي ڪين آهيان. پر منهنجي محبت ۾ مور نه شڪ آڻجانءِ، اها سدائين قائم رهندي.

زينت- نه محمد، حقيقت ۾ ڏوهه مڙيوئي منهنجو آهي، جو توتي اجايو ڏمريس ۽ غير واجبي شڪ شبها آندم، ۽ توکي پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍيم.... برابر، هاڻي حسينا جو توتي وڌيڪ حق آهي، توکي پنهنجو فرض بجا آڻڻ کپي.

محمد- آفرين زينت! شڪر جو تون به انهيءَ قربانيءَ ڪرڻ ۾ مون سان شامل راءِ آهين. هاڻي ساري ڄمار جو وڇوڙو ڪي قدر آسانيءَ سان سهي سگهبو.... هاڻي آسرو الله جو! (عثمان ڏانهن نهاري) ادو عثمان به توکي ننڍي هوندي کان گهرندو آهي، انهيءَ سان شال خوش گذارين. (عثمان سرهو ٿئي ٿو غلام کي) هاڻي هلو ته هينئر ئي مسجد شريف ۾ هلي نڪاح وجهون. (غلام ۽ حسينا کي وٺي نڪري وڃي ٿو. بخشڻ خان روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر اجائي.)

 

پردو ٻيو

(ڏيڍ سال کان پوءِ، ساڳيو رئيس بخشڻ خان جي حويليءَ وارو صفحو. ٻه پهر ٿي ويا آهن، ته به ساوڻ جي سخت برسات سبب ٻاهر اهڙو ڌنڌ آهي جو دريءَ مان ٻڌڪي ٽڪر واري نظاري جو اهڃاڻ مس ٿو پوي. رکي رکي وڄ جا چمڪاٽ ۽ گجگوڙ پيئي ٿئي.

زينت- هڪ ڪنڊ ۾ ويٺي آهي ۽ چوءنڪ تي ڀرت جو ڪم بي دليو ڪري رهي آهي، ته عثمان مينهن ۾ پسندو اندر اچي ٿو.)

عثمان- اسان جو جهڳو جهڻ ٿي ويو آهي، توکي پنهنجو ڀرت مٺو لڳو آهي!

زينت (چؤنڪ ڇڏي) ڇو، خير ته آهي؟

عثمان- ڏسين ويٺي ته ديهه مان ڀڄي ڀت ٿي موٽيو آهيان، ته اُٿي سڪا ڪپڙا ته ڪڍي ڏي.

زينت- (اٿي) پر مان اُٿيس ٿي. (نئين قميص ڪڍي ڏئيس ٿي، جا هو بدلائي ٿو.) ديهه جو ڪهڙو حال آهي؟

عثمان- حال وري ڪهڙو آهي؟ برسات ڪالهه رات کان ٽڪ ٻڌي بيهي ويئي آهي. ڪڙين ۾ گهارا پئجي ويا آهن، ديهه ۾ اڇ لڳي پيئي آهي. مٿان پوٺي تان اوٺ جو پاڻي به اچي بچاءَ بند سان ٽڪريو آهي. هاڻي الله آهي جو فصل بچائي.

زينت- ويچارن مسڪينن ڪڙمين جو ڪهڙو حال ٿيندو!

عثمان- توکي ته انهن مسڪينن جو ئي اُڊڪو لڳو پيو آهي. پنهجي روزيءَ تي ٿي لت اچي، تنهن جو ڪو اونو اٿيئي؟

زينت- اسين ته وري به سهڻ جهڙا آهيون. پر ويچارا مسڪين، اڳيئي قرضن ۾ پيڙيل، تن جي سال جي ڪمائي ويئي ته ڄڻ ٻچورلي ويندن... ڀلا درياهه شاهه جو ڪهڙو حال آهي؟

عثمان- درياهه به اهڙو ڦوڪيو وڃي، جو اڳهڻون ٻڌم ته پراڙ (دريءَ ڏانهن اشارو ڪري) هو ٻڌڪي ٽڪر وارو بند ڦاٽي پيو.

زينت- (گهٻرائجي) تڏهن ته ويچارا مهاڻا ماڇي اڄ وڏي خطري ۾ هوندا.

عثمان- (خار وچان) ته پوءِ سچي ڇو نه ٿي ڪرين ته توکي اُلڪو فقط انهيءَ محمد ماڇيءَ جو آهي، جنهن توسان دغا ڪرڻ کان پوءِ وڃي ماڇڪو ڌنڌو اختيار ڪيو.

زينت- ڇو نه اُلڪو ٿيندو؟ وري به پنهنجو سوءٽ آهي. هن ته پاڻ فراخدلي ڏيکاري جو اباڻو ورثو ڦٽو ڪري، پنهنجو فرض پاليائين. مدرسي ۾ وڌيڪ نه پڙهي سگهيو ته وڃي اهو مسڪيني ڌندو ڪيائين.

عثمان- سؤٽ نه چڱو اٿيئي! ڄڻ ته آءٌ پاءُ اٽو کان ئي ڪونه ٿو. ارڙهن مهينا پرڻئي ٿيا اٿئون ته به اهو محمد دل تان لهيئي ٿو؟

زينت مون ته توکي صاف صاف ٻڌايو، ته منهنجي سچي دل اصل کان هن سان هئي. پر قسمت جڏهن منهن ڦيريو، تڏهن ٻي ڪا واهه نه ڏسي، چاچي ۽ تنهنجي دل وٺڻ لاءِ توسان نڪاح وجهڻ قبوليم. پر منهنجي دل ۾ هن لاءِ هميشہ همدردي ۽ عزت آهي.

عثمان- همدردي ۽ عزت! ڇو نه ٿي چوين عشق ۽ محبت؟

زينت- (ٿڌي سيني) تون ڄاڻين ٿو، ته آءٌ عورتپڻي جا مڙيئي فرض توسان پورا ڪرڻ ۾ ڪانه گٿي آهيان. وڌيڪ طلب ڪرڻ جو توکي ڪو حق ڪونهي، منهنجو توسان اهو شرط هو.

عثمان- بس، گهڻو ٿيو! بي شرم، مرڪي ٿي پنهنجي بي وفائي ظاهر ڪرين، ته زبان نه ڪپي ڪڍانءِ!

(اوچتو وڄ ۽ گجگوڙ جو ڪڙڪو ٿئي ٿو، جنهن جي روشنيءَ ۾ دريءَ مان ڏسجي ٿو ته حسينا برسات ۾ ڊوڙندي ٻاهرئين دروازي وٽ اچي ڪڙو کڙڪائي ٿي. زينت وڃي در کولي اندر وٺي اچيس ٿي.)

زينت- ادي، خير ته آهي؟ ڇو هن برسات ۾ ڌوڪيندي آئي آهين؟

حسينا نه ادي، خير ڪونهي: محمد کي گهڻوئي چيم ته ههڙي برسات ۾ اڄ درياهه تي نه وڃ، پر ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري پيٽ قوت لاءِ هليو ويو. هاڻي مٿان پيشيون اچي ٿيون آهن، ته به برسات هڪ ٽڪ وسندي اچي، ۽ سندس ڪو پتو ڪونهي! وري اڳهڻون ٻڌم ته ٻڌڪن وارو بند به لڙهي ويو، تڏهن ته منهنجو سک ئي ڦٽي پيو. ابو به ديهه جي بچاءَ لاءِ نڪري ويو هو ٽڪريءَ پٺيان. ٻيو ڪو پاڙيسري به ڪونه اٿئون، تڏهن ششدر ٿي توهان وٽ واهر لاءِ ڊوڙندي آئي آهيان.

زينت- مون کي پڻ اهو اُلڪو ٿي بيٺو آهي. هاڻي تون هتي ترس ته اسين ٿا ڪو اُدم ڪريون (عثمان کي) ڀلائي ڪري تون نه ٻه چار واهي ساڻ ڪري محمد جي مدد ڪرين؟ ههڙيءَ برسات ۾، وچ سير ۾ ڪشتيءَ تي، ويچاري جو الائجي ڪهڙو حال هوندو.

عثمان ڇا چيئي؟ آءٌ وڃي انهيءَ ماڇيءَ جي مدد ڪريان! سمهون ٿڌجي ديهه تان وريو آهيان، واهي سڀ تڏا ٽوئا کڻي ويا بند جهلڻ، اسان کي ٻيو ڪم ڪونهي جو ويٺا تنهنجي محمد جي مدد ڪريون.

زينت- پر هڪ انسان جي جان جوکي ۾ آهي، ان کي بچائڻ تنهنجو فرض آهي.

عثمان- مون کي پنهنجي جان وڌيڪ عزيز آهي. توکي ڪهڪاءُ ٿو پوي ته وڃي پاڻ پنهنجي عاشق جي جان بچاءِ.

زينت- (جوش ۾) بس، وڌيڪ بيهودو نه ڳالهاءِ. تون مڙسارو ٿي اهڙو بزدل آهين، ته آءٌ عورت پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به هن شريف انسان کي بچائينديس... حياتيءَ مان اڳيئي کٽي ٿي پيئي آهيان، ويتر جان ويئي ته ڪهڙو ڏڪر پوندو. (حسينا کي) ادي، هل ته اسين ٻئي ٻيڙي ڪري محمد جي واهر ڪريون. الله هٿ ڏيئي رکندس.

(حسينا کي ٻانهن کان وٺي وڃڻ تي آهي.)

عثمان- ڪيڏانهن هلي آهين؟ چپ ڪري هتي ويهي رهه نه ته....

زينت- تنهنجو اڄ کان پوءِ مون تي ڪو اختيار ڪونهي. ڪير آهي جو مون کي روڪي سگهي؟ هلي آءُ، ادي! (حسينا کي وٺي نڪري وڃي ٿي).

 

پردو ٽيون

 (ساڳئي ڏينهن نما شام وقت ٻڌڪي ٽڪر جو هڪ حصو، پريان سنڌونديءَ جون لهرون ڌوڪينديون اچن، پر ٽڪر جي اُتاهينءَ سبب ڪنارو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. مينهن هاڻ بند آهي، پر ڪجهه وقت کان وري طوفان اچي اُٿيو آهي. ڪارا بادل آسمان ۾ پيا ڊوڙن، ۽ کِنوڻ ۽ گجگوڙ لڳي پيئي آهي.

اُتي محمد پٺيان ڪناري تان ٽڪر چڙهندو چوٽيءَ تي پهچي ٿو. ڪپڙا بنهه ڀنا پيا اٿس، ٿڪ وچان سهڪي پيو ۽ ٽڪر تي پئجي رهي ٿو ڪجهه مدت بعد اُٿي اُڀو ساهه کڻي چوي ٿو ”يا خدا!“ پوءِ پٺ ڏيئي، هٿ نراڙ تي رکي درياهه ڏانهن نهاري ٿو.... اوچتو وڄ جو چمڪاٽ ٿئي ٿو، ۽ اُن روشنيءَ ۾ هڪ ٻيڙيءَ جو سڙهه ٽڪر پٺيان ويجهو پوندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نيٺ هڪ ڀاري ڌڌڪو ٿئي ٿو. سڙهه ٽڪر پٺيان ڪري پوي ٿو، ڄڻ ٻيڙي ٽڪرائين ڪناري سان اچي لڳي ۽ پرزا ٿي پيئي. زناني آواز ۾ هڪ چيخ ٻڌجي ٿي، ٿوري وقت بعد ٻي چيخ. جنهن تي محمد ٽڪرن تان ٽپندو موٽي ڪناري ڏانهن لهي وڃي ٿو. ڳچ وقت هوا جي سوساٽن ڌاران ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. آخر محمد زينت کي ٻانهن ۾ کڻندو چوٽيءَ تي پهچي ٿو ۽ هڪ ڇپ تي وهاريس ٿو. پاڻ به ڀرسان وهي ٿو ۽ ٻئي سهڪن پيا. نيٺ محمد چوي ٿو ته:)

محمد- سج لڙئي، منهنجي ڪشتي ته وچ سير ۾ اُٿلي پيئي، ۽ آءٌ ڳچ وقت وهڪري جي آڏو ترندو، اڳهڻون اچي هن ٽڪر تي چڙهيس. پر زينت، توهين ٻئي ڄڻيون اڪيليون ڪئن ٻيڙي هاڪاري هليون؟ ڪناري تان ڪو همراهه به ڪونه کنَيوَ؟

زينت- ڪناري تي ڪا پهرئي ڪانه هئي، ماڻهو ويچارا گهرٻار بچائڻ ۾ ئي پورا هئا. پر اسان کي به ڪجهه مير بحرپ پيٽ ۾ پيل آهي، سو جوش وچان هڪ ٻيڙي هاڪاري هليون سين. پر وچ سير ۾ پهچڻ سان سخت واءُ اچي کڙو ٿيو ۽ اسين سڙهه لاهي ڪين سگهيونسين. ٻيڙي اسان جي قبضي کان نڪري ويئي ۽ ڌوڪيندي اچي ٽڪر سان لڳي ۽ ڇيهون ڇيهون ٿي پيئي.

محمد ۽ حسينا....؟

زنيت- ڌڪاءَ ۾ حسينا اُڇلجي، ڪيڪ ڪندي، وڃي پرئين پاسي درياهه ۾ پيئي ۽ اک ڇنڀ ۾ وهڪري ۾ غائب ٿي ويئي، آءٌ به ڪيڪ ڪري اچي ڪناري پاسي ڪريس، پر منهنجو هٿ ٽڪر ۾ ڦٻجي ويو، ۽ مٿان تو اچي ڇڪي مٿي ڪيو.

محمد- (افسوس ۾) تڏهن ويچاري مون کي بچائڻ آئي هئي، پر منهنجين اکين اڳيان سير ۾ لڙهي ويئي ۽ مون کي سماءُ به ڪونه پيو!

زينت- هن کي بچائڻ ناممڪن هو، مرڳو پنهنجي جان به وڃائڻي هئي. بس، ويچاري توکي درياهه مان بچائڻ آئي ۽ پاڻ درياهه جو بک ٿي. (ماٺ ٿي وڃي ٿي.)

محمد- پر زينت، تو ڇو مون خاطر پنهنجي حياتي خطري ۾ وڌي؟ مبادا، تون به درياهه جو بک ٿي وڃين ها!

زينت- چڱو ٿئي ها جي آءٌ ئي هن بدران توکي بچائڻ ۾ پنهنجي حياتي ڏيان ها. حياتيءَ ۾ هاڻي رهيو ئي ڇا آهي؟

محمد- (کيس ڪلهن کان جهلي) زينت، هي ڇا پيئي چوين؟ مون ته سمجهيو ته تو عثمان سان خوشيءَ جو وقت گهاريو هوندو. مون کي پنهنجي دل جو حال کولي ٻڌاءِ.

زينت- محمد ڇا، ٻڌايانءِ. توکي سهسايم ته سهي، پر تو ڌاران مون نهايت دک ڀريو زمانو ڪاٽيو آهي. عثمان سان اڻ بڻت به منهنجي حياتي زهر ڪري ڇڏي آهي.

محمد- تڏهن آءٌ به ٻڌايانءِ ته مون به تو بنا دکي دم گذاريو آهي. جيتوڻيڪ حسينا مون کي سکي رکڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو، پر افسوس جو آءٌ کيس دل جي محبت ڏيئي نه سگهيس، ۽ ويچاري اهوئي رنج دل ۾ پائي هلي ويئي. ان لاءِ سندس پاڪ روح کان معافي طلب آهيان.

زينت- هاڻي اسان ٻن لاءِ باقي دنيا ۾ ڇا بچيو آهي؟ توکي ته پٺيان ڪو ٻنڌن ڪونهي، پر مان ته.....

محمد- هائو، تون ته هن جي حق ٻڌي زال آهين. هو جائي تنهنجو پتو لڳائيندو ۽ توکي پنهنجي گهر وٺي ويندو.

زينت (محڪم ارادي سان) پر آءٌ انهيءَ دوزخ ۾ وري وڃان ڇوٿي؟ آءٌ ته توسان جنت ۾ هلنديس. ٻڌاءِ، مون کي ساڻ وٺي هلندين؟

محمد (حيرانيءَ ۾) آءٌ سمجهي نٿو سگهان. پر تون جئن چوين تئن ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

زينت تڏهن هيڏانهن آءُ. (اُٿاريس ٿي ۽ ٻئي دوبدو ٿيا ٽڪر تي بيٺا آهن.) ڏس، هينئر واءُ به ماٺو ٿي ويو آهي، آسمان مان غبار به هلڪو ٿيندو وڃي.... اچ ته قدرت جي ماٺائيءَ ۾، هن اونهي عميق ۾ ٽپي پئون ۽ پنهنجي روحاني زندگي هڪ ٻي سان گڏيون. قبول؟

محمد (سندس هٿ هٿ ۾ وٺي) اکين سان. الله گهريو آهي ته قيامت ڏينهن ملنداسون، آخرت ۾ هڪ ٻي جا ٿي رهنداسون ۽ وري ڪڏهن ڪين ڌار ٿينداسون.

زينت- آمين! تڏهن هلي آءُ.

(درياهه ڏانهن منهن ڪن ٿا، هوءَ ٻانهن گلي ۾ وجهيس ٿي ۽ پوءِ ٻئي اُڇانگ ماري درياهه ۾ ٽپي پون ٿا. هيٺان پاڻيءَ جي ڇٽڪا جو آواز ٻڌجي ٿو ۽ ڳچ پاڻي ڦوهاري وانگر ٽڪر تي چڙهي اچي ٿو.)

(اشارو: هيءُ ناٽڪ مصنف جي موڪل بنا ڪوبه اسٽيج تي نه آڻي. موڪل ملڻ ۾ تڪليف ڪانه ٿيندي.)

 

......................

پيش رفتار مسافرو اڳتي وڌو، ۽ زندگيءَ جي جنگي ميدان ۾ عمل جا هٿيار سينگاري باهٿيار لهو! دوستو، ڪوچ جو گهنڊ وڄي رهيو آهي، دير نه ڪريو، اسان روشن چراغ جو ’نور‘ آهيون، ۽ نئين بهار زندگي جا باني ٿينداسيون.

آئرلنڊ، عرب، مصر ڪوريا، چين ناروي، روس (هر جڳهه) ۾ اسان جي خون جا قطرا موجود آهن. اسان سڀ هڪ مسئلي کي کولڻ لاءِ پريشان آهيون. اسان کي شيرين خواب نه گهرجن، ۽ نه وقتي مسرت. اسان چند گهڙين لاءِ راحت، سڪون، مخمل ۽ قالين ۽ سهانگي شهرت نه ٿا گهرون. اهي ته سڙيل ۽ بدبودار چيزون آهن. دوستو اڳتي وڌو اڳتي

(قاضي نذرالاسلام)


 

هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته.....

”دلبر“

جهوڪ شريف جي ميلي جا ڏينهن هجن، ۽ گاڏيءَ م ڏاڍي پيهه هجي. ماڻهن کي بيهڻ جي جاءِ به مشڪل ٿي ملي اصل، ماڻهن جي مٿان ماڻهو سٿيا پيا هجن! تر ڇٽڻ جي به جڳهه ڪانه هجي. اسان سان خيرپور ميرس اسٽيشن تي، ٻهراڙيءَ جو هڪ فقير، صاحبن ڪريمن جو پانڌيڙو ۽ مريد، سانوڻ نالي، سهڪندي سهڪندي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺو. فقير هڪ زنده دل ۽ ساده مزاج ماڻهو ٿي ڏٺو. واقف ماڻهن کان پتو پيو ته فقير ۾ هڪ عجب جهڙي عادت آهي، جنهن ڪري ماڻهو کيس درويش ڪري ٿا مڃين. ٻڌايائون ته فقير صاحب هميشہ ڪنڌ هيٺ ڪري، منهن دل ڏانهن ڦيرائي، پنهنجي ليکي ڳالهائيندو آهي، ۽ پنهنجي مخاطب کي سڏيندو آهي ’دلبر‘!

ان ’دلبر‘ سان ائين پيو ڳالهائيندو آهي، جئن ڪنهن جيئري جاڳندي ماڻهوءَ سان ڪا رهاڻ ڪجي. ’دلبر‘ سان عجيب غريب ڳالهيون ڪندو آهي، ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ کي جواب به پاڻ ئي ڏيندو آهي، پر نمونو اهڙو ڪندو آهي جو ڄڻ ’دلبر‘ ويٺو ڳالهائي. اسان ٻه چار سنگتي حيدرآباد وڃي رهيا هئاسين. ۽ ڊگهي مسافري تان موٽيا هئاسون. ۽ ڏاڍا ٿڪل هئاسون. پر فقير کي ڏسي خدا جو شڪر ڪيوسون. سمجهوسين ته مڙيئي ڪا رهاڻ ٿيندي، فقير کي ڏٺوسين ته ڏاڍو پريشان ۽ ملول، جيءَ جي جنگ ۾ رڌل، ڪنڌ هيٺ ڪيو، ويٺو دلبر سان رهاڻ ڪري.

گاڏي اٿي هلي، فقير جي عجيب غريب نموني ۽ ساده مزاجيءَ کي ڏسي، ساري گاڏي جا ماڻهو ڏانهس نهارڻ لڳا.

اسان به غور سان ويٺي رنگ ڏٺو، ۽ فقير صاحب کي جاچيو. ائين ڪندي، گاڏي اچي نواب شاهه ۾ بيٺي گاڏيءَ مان ڳچ ماڻهو لهي ويا، پر فقير صاحب ويٺو رهيو. اسان به ويٺا رهياسون. ڇا لاءِ ته هيٺ لهڻ جي ڪا ضرورت ڪانه هئي، پليٽ فارم تي اخبار فروش، ۽ ماني چانهه ۽ پان ٻيڙيءَ وارا آواز ڏيندا رهيا، اسان ماني ڪڍي کائڻ شروع ڪئي. فقير صاحب کي به صلاح ڪئيسون، پر فقير ’دلبر‘ جي جهيڙي ۾ متل هو. ائين ڪندي دروازي جي سامهون، ٽي. ٽي اچي لنگهيو. ٽي ٽيءَ تي نظر پوڻ شرط فقير جو رنگ ئي بدلجي ويو! ڪنڌ هيٺ ڪري ۽ دل ڏي منهن ڪري، ’دلبر‘ جي پاران هن طرح ڳالهائڻ شروع ڪيائين:

دلبر- هو ڏسين ٿو؟

فقير- ڪير؟

دلبر- ٽڪٽن وارا!

فقير- پوءِ ڇا آهي؟

دلبر- پوءِ ڇاهي؟ مان ٿو وڃي ٻڌايانس، ته فقير بنا ٽڪيٽ چڙهيو آهي!

اتي فقير نهايت عجز ۽ آزيءَ سان ’دلبر‘ کي چيو:

فقير- ميان! مڙ! قسم ٿي الله جو! نه ڏوڪڙ نه پيسو! اجايو خوار خراب ٿينداسون!

دلبر- وري ڪوڙ!

فقير- ڪوڙ وري ڪيئن! اصل سچ ٿو چوان.

دلبر- ڇو ٿو ايمان ٻوڙين! هي فقير ٿيو آهين؟ آهين ته ڪو وڏو ٺڳ! پيسن هوندي سوندي ويٺو ڪوڙ هڻين نه پيسو ڪونهيم!

فقير- دلبر قسم ٿئي مرشد جو! ميان جند ڇڏ، اجائي بي عزتي ٿيندي! سچ پچ مون وٽ ڏوڪڙ ڪين آهي. نه ته مان ٽڪيٽ ضرور وٺان ها! توکي خبر آهي ته مان بنا ٽڪيٽ گاڏيءَ ۾ اصل ڪونه چڙهندو آهيان. هن ڀيري به لاچار چڙهيو آهيان، سچ پچ ڏوڪڙ ڪونيهم.

دلبر (حيرت سان) هي فقير ٿيو آهين...! ڪڍين ٿو ڏوڪڙ ٻاهر! يا وڃي ٽي. ٽيءَ کي سڏيان! ۽ ڪرايانءِ ڪا تعدي!... چڱو فقير ٿيو آهين......

فقير- نه دلبر! الله جو ٿئي قسم!... بيهه ته سهي... او... او... ائين چئي فقير هيٺ لهي پيو ۽ ’دلبر‘ جي زبان سان وڃي، ٽي. ٽيءَ کي چيائين....

دلبر صاحب! هن گاڏيءَ ۾ هڪ فقير بنا ٽڪيٽ ويٺو آهي!

ائين چئي، موٽي اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو ۽ ٽي. ٽي مٿي چڙهي آيو.

ٽي ٽي هت ڪهڙو ماڻهو بنا ٽڪيٽ ويٺو آهي؟

فقير- (دلبر جي زبان سان پاڻ ڏانهن اشارو ڪري) هيءُ....

ٽي . ٽي عجب ۾ پئجي ويو! ۽ لڳو فقير کي هيٺ مٿي ڏسڻ! ڏٺائين ته هيءُ اهو ساڳيو ماڻهو آهي، جنهن پاڻ گاڏيءَ تان لهي اچي چيو هو ته هڪ فقير، بنا ٽڪيٽ ويٺو آهي! ٽي. ٽي حيرت جي دنيا ۾ غرق ٿي ويو. اسان پنهنجي کل کي روڪيو ويٺا تماشو ڏسون.

ائين ڪندي ”فقير ۽ دلبر“ جي وري جهڙپ شروع ٿي.

دلبر- فقير، اشرافت سان ڏوڪڙ ڪڍي ڪر ٻاهر... نه ته...

فقير- دلبر الله کان ڊڄ، چرچو ڇڏ، مون وٽ ڏوڪڙ آهن ڪٿي؟ جو ڏيان!

دلبر- اهڙو ڪوڙ! تڏهن اڳٺ ۾ ڇا ٻڌل اٿئي؟

فقير ڪجهه شرمندگيءَ سان، آهستي ۽ رازدارانه انداز ۾ چوڻ لڳو:

فقير- دلبر، آهستي چئو متان ٽي. ٽي نه ٻڌي وٺي. ڏوڪڙ برابر اڳٺ ۾ ٻڌل آهن پر انهن جي ته ماني کائينداسون! حيدرآباد ۾ ڀلا ڇا کائينداسون؟ ان کان پوءِ موٽر جو ڀاڙو گهرجي، ۽ ڪجهه ميلي تي خرچي کپي... ۽ پوءِ....

دلبر (شوخ ٿي) نه نه! اهي ڪوڙا بهانا ڇڏي ڏي! ڏوڪڙ ڪڍي ڪر ٻاهر! مانيءَ سان منهنجو واسطو ڪونهي! کائين يا بک مرين.... ڀلا ڏين ٿو ڏوڪڙ يا ڏسيان ٽي . ٽيءَ کي ته ڏوڪڙ اڳٺ ۾ اٿس...!

فقيرنهايت ڪاوڙجي، نرڙ ۾ گهنج وجهي، هٿ اڳٺ ڏي وڌايا ۽ لڳو ڳنڍيون ڇوڙڻ.

اسان کل کي روڪيو ويٺا ڏسون. ٽي. ٽي ويچارو کاڏيءَ تي هٿ رکيو بت بڻيو بيٺو ’دلبر ۽ فقير‘ جي لڙائي ڏسي. فقير ڏوڪڙ ڇوڙي، چڙ مان ڪڍي، کڻي ٽي. ٽيءَ جي هٿ تي رکيا ۽ پوءِ فقير وري ”دلبر“ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.

فقير- هاڻي ته ٿيئي ڪارو منهن! ٿئين خوش!هاڻي حيدرآباد هلي منهنجو آڱوٺو کائجانءِ! هاڻي ميلي تي به ڪونه هلنداسون. هن ڀيري کڻي گامو سچار نه ٿين ها، ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟ هاڻي حيدرآباد ۾ بک به مرنداسون ۽ ميلي تي به ڪونه پهتاسون، تنهنجي گهپيءَ ۽ اجائي ريڙهه پيڙه نه هيڏي ڪيو نه هوڏي!

دلبر- بک مر ته سؤ ڀيرا مر، ميلي تي نه هل ته نه هل ڪومون تي ٿورو ٿو ڪرين ڇا. هلين ٿو پڳ ٻڌي مرشدن جي ميڙي تي، ڏوڪڙ ٿو ٻڌين اڳٺ ۾.... ۽ ٽڪٽ کان جواب!... شرم نه ٿو اچيئي... هي فقير ٿيو آهين.... ڪوڙا ڪنهن جاءِ جا...

فقير (ڪاوڙجي، هڪل ڏني) بند ڪر وات!... اجايو مٿو نه هڻ!... نه ته دلبر.... ڳالهه وڃي پري پوندئي!.... اڄ جيڪا ٻاراڻي ڪئي اٿئي.... ۽ مون تي راڄ کلايو اٿئي.... ان جو داد فرياد ته رب ڪندو... ميلي تي هلڻ لاءِ به منهن گهرجي...تو جهڙن جي سنگت مان اجهو اهو فائدو ٿو پهچي... اڳتي ڏسي رهنداسون. اسان ڏوڪر وڃايا، پر يار پرکيا!

دلبر (فاتحانه انداز ۾ ڪجهه ڪاوڙ سان) هل هل ٺڳ، تنهنجي ميلي جي آ مون کي پرواهه! توجهڙي ڪوڙي ٺڳ سان هلڻ مان ڪهڙو فائدو! سڏائين ٿو فقير ۽ هڻي ٿو ڪوڙ! اندروهاري ڪانءُ ۽ ٻاهر ٻولين هنجهه جان! راڄ تو کلايو آهي، يا مون!... برابر.... ميلي تي هلڻ لاءِ به مهانڊو گهرجي! تو جهڙن ڪوڙن جي اُتي برابر گهرج ڪانهي!

فقير شڪست قبول ڪري، کڻي ماٺ ڪئي.

ٽي. ٽيءَ اهو سارو تماشو بيٺي ڏٺو. سو چيائين، مستن تي ڪهڙي ميار! فقير ڪو خدا رسيدو ٿو ڏسجي، ۽ ويچارو ’جيءُ جي جنگ‘ ۾ مبتلا آهي. ان کان ڀاڙو ڇا وٺجي! مڙس هو لائق ۽ سمجهو، سو ڏوڪڙ ورائي ڏنائين فقير کي.

فقير جو دلبر کان ڪاوڙيو، ڦوڪيو شوڪيو ويٺو هو، تنهن خوشيءَ ۽ رنج جي گاڏڙ ڪيفيت سان ٽي. ٽيءَ ڏانهن هٿ وڌايو.

فقير جو هٿ وڌائڻ ۽ ’دلبر‘ جي وري دانهن ڪرڻ.

دلبر... کلا ٿي ڪوڙا.... ٺڳ. متان ڏوڪڙ وٺين... ۽ ايمان وڃائين!....

فقير، دلبر جي دڙڪي تي هڪدم هٿ پوئتي موٽايو... ۽ پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪجهه ’ڀڻ ڀڻ‘ ڪندو رهيو. شايد ’دلبر‘ کي ڪجهه رازدارانه نموني ۾ پئي نصيحت ۽ وصيت ڪيائين.

اسان اهو بنا ٽڪيٽ تماشو ڏسي حيرت ۾ پئجي وياسين! ڏسون ته ويچارو ٽي. ٽي بيٺو اکيون ٽمڪائي، ۽ حيرت جي نظرن سان ڏسي،..... بيهي بيهي، مشڪندي، نيٺ هيٺ لٿو. فقير ۽ ’دلبر‘ جي رهاڻ جاري رهي، ۽ گاڏي هلندي رهي....

غلام محمد ”گرامي“


 

”اسپرنگ ٽٽي پوندا....“

حيدرآباد وڃڻو هوم. گاڏي پليٽ فارم تي بيٺي هئي. ٽڪيٽ وٺي، اندر ويس ته پهريون ئي سيڪنڊ ڪلاس گاڏو جيڪو منهن پيم، سو خالي ڏٺم، منجهس فقط هڪڙو صاحب ويٺل هو. گاڏيءَ ۾ چار گاديلا هئا ٻه هيٺ ۽ ٻه مٿي. سامهونءَ واري هيٺئين گاديلي تي، هيءُ صاحب بوٽ سميت، ڄنگهون ڊگهيون ڪيو، سگريٽ ڇڪڻ ۽ اخبار پڙهڻ ۾ مشغول، بالم ٿيو ليٽيو پيو هو. گرمي البت غير معمولي هئي سو گاڏيءَ ۾ جيڪي ٻه بجلي پکا هئا، تن ٻنهي جو منهن هن صاحب پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو هو، ۽ پنهنجي مٿان واري گاديلي کي مٿي کڻي ڇڏيو هئائين ته جيئن ٻنهي پکن جي سموري هوا سڌي سئين کيس ملي سگهي. ٻئي مٿئين گاديلي تي، صاحب جو سامان سٿيو پيو هو. ٻه وڏيون لوهي پيتون، چمڙي جي بئگ، نيٽ جي وڏي ڇلي، ٻه ڪاٺ جا کوکا، ميوي جو ٽوڪرو، هڪ انتهائي ڦوڪيل بسترو! مون وٽ سامان خير ڪو هو. فقط هڪڙي ننڍڙي بئگ هٿ ۾ هيم: سا لاچار کڻي هيٺ رکيم. ايندي ايندي، آمريڪي هفتيوار رسالو ”ٽائيم“ ورتو هوم. تنهن کي پڙهڻ ۾ لڳي ويس.

گهڙيءَ کن کان پوءِ هڪڙو ٻيو صاحب پنهنجي بيگم صاحبه سميت گاڏيءَ ۾ اچي چڙهيو. ڪافي سامان هو هن صاحب کي به: ٻه مزور ساڻ هئس سو ڏٺائين جو ته هڪڙو مٿيون گاديلو اڳئي سامان سان ڏٽيو پيوآهي، ۽ ٻيو وري خالي مٿي کڄيون پيو آهي. تڏهن لڳو ان ٻئي گاديلي کي هيٺ لاهڻ، ۽ مزور وڌيا ان تي سامان رکڻ لاءِ. هڪدم اڳواٽ ويٺل صاحب رڙ ڪئي: ”جناب اهي سيڪنڊ ڪلاس جا گاديلا سامان رکڻ لاءِ نه بلڪ مسافرن جي سمهڻ لاءِ هوندا آهن. انهيءَ گاديلي تي سامان نه رکو: ان جا سپرنگ ٽٽي پوندا!“ ويچارو نئون صاحب لڳو ٻئي مٿئين گاديلي ڏانهن نهارڻ ۽ مون ڏانهن نهارڻ. مون هڪدم کيس تسلي ڏني ته اهو سامان منهنجو نه پر هن ٻئي صاحب جو هو! ٻئي صاحب اهڙي ڪن ٽار ڪئي جو ڄڻ اهو منهنجو گفتو هن ٻڌوئي ڪونه! نئين صاحب، ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، نيٺ پنهنجو سامان هيٺ رکائي ڇڏيو.

جنگشاهي اسٽيشن تي لهي، آءٌ پاسي ۾ انٽر ڪلاس گاڏي ۾ هڪ دوست وٽ وڃي ويٺس، ۽ ڪوٽڙيءَ تائين اتي ويٺو رهيس. ڪوٽڙيءَ تي ٻئي دوست هيٺ لٿاسين. جهٽ رکي، پنهنجي گاڏي ۾ جهاتي پاتيم: ڏٺم ته ٻيو صاحب ۽ سندس بيگم صاحبه لهي ويا هئا، ۽ هو پهريون صاحب منهنجي رسالي ”ٽائيم“ جي ورق گرداني ڪري رهيو هو. گاڏي ڇٽي ۽ آءٌ وري به وڃي دوست سان انٽر ڪلاس ۾ ويٺس. حيدرآباد جي سشيشن آئي بئگ کڻڻ لاءِ جو پنهنجي گاڏي ۾ آيس ته ڏٺم ته منهجو همسفر صاحب به لهڻ جون تياريون ڪري رهيو هو. آءٌ بئگ هٿ ۾ کڻي لڳس رسالو ”ٽائيم“ ڳولڻ. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم ڪٿي نظر ڪونه آيو. آخر هن صاحب کان پڇيم، ”جناب، هتي منهنجو رسالوهو؟“ جواب مليو، ”هو صاحب ڪوٽڙيءَ تي لهي ويو، تنهن جي بيگم صاحبہ جي هٿ ۾ هو پڙهيائين پئي: شايد پاڻ سان کڻي ويئي.“ کڻي جو صاحب جي هٿ ڏانهن نهاريان ته سندس اخبار جي وچ ۾ منهنجو رسالو ظاهر ظهور ويڙهيو پيو آهي! ڏسي اهڙي ته تپرس ۾ پئجي ويس جو حرف وات مان نه اڪليم. هو صاحب مزورن کان سامان کڻائي چپ چاپ گاڏي مان لهي هليو ويو: آءٌ ڏانهس ڏسندو ئي رهجي ويس!   م. ا. ج


 

اديب

اڄوڪو اديب انقلاب جو خواب اهڙيءَ طرح سان ڏسي ٿو، جئن هڪ عاشق پنهنجي معشوق جو تصور ڪري ٿو. هن لاءِ مزدور، هاري، سرمايه دار، طبقاتي ڪشمڪش ۽ انقلاب جي اهائي حيثيت آهي، جا غزل گو شاعرن وٽ گل، بلبل، هجر، وصال، ساقي، مئي، رقيب ۽ محتسب وغيره جي آهي.

ڪيترا اديب ۽ شاعر پراڻين ادبي روايتن کي ڇڏي ڪري، هڪ نئين ادبي روايت کي قبول ڪري چڪا آهن، تاهم سندن تخليقات ۾ سندن تجربي جو دخل گهٽ آهي. ان ڪيفيت جو ٻيو پهلو اهو آهي ته هو پنهنجي ڳالهه کي صاف طور بيان ڪري نه ٿا سگهن، هو به تشبيهون ۽ استعارا ۽ ڪنايا استعمال ڪن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو، جو انهن شعرن جو غالب ۽ مير وانگر ڪو صوفيانه تعبير ئي ڪرڻو پوي ٿو. ان ۾ انقلاب پسند ۽ اصلاحي تاثر گهٽ ٿو رهي.

’انقلاب‘ سان اها جذباتي وابستگي قابل قدر ته آهي، پر سماجي زندگيءَ جي عڪاسي جي لاءِ رڳو جذبو به ڪافي نه آهي. بلڪ وسيع مطالع ۽ ڪافي تجربي جي ضرورت آهي. ۽ ان جو امڪان تڏهن آهي جڏهن اديب، سماجي ڪشمڪش کان نه ڀڄي، بلڪ ان کي زندگيءَ جو حصو بنائي، ۽ سماج جي ڏک سک کي پنهنجو ڏک سک ڪري سمجهي ۽ جيسين ”جگ بيتيءَ“ کي ”آپ بيتي“ نه بنائي. ۽ زبان حال سان هينءَ نه چوي:

خنجر لگي کسي کو تڙپتي هين هم ”امير“
ساري جهان ڪا درد هماري جگر مين هي

 

اها مٿين ڪيفيت جيستائين پيدا نه ٿي آهي، تيسين اهڙو ادب نه پيدا ٿي سگهندو، جنهن ۾ خلوص هجي، جو ٻين کي متاثر ڪري سگهي. عمل لاءِ تيار ڪري سگهي، ۽ اصلاح ۽ انقلاب لاءِ صحيح صلاحيتون پيدا ڪري سگهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com