سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1955ع

مضمون

صفحو :8

محمد اسماعيل عرساڻي

ملوڪيت

 

زبان حال سي کهتي هي يه تاريخ انساني
ستمراني مهذب هو تو بن جاتي هي سلطاني.

 

”ملوڪيت“ يا ”شهنشاهي“ درحقيقت انهيءَ ملعون نظام حڪومت جو نالو آهي، جنهن ماتحت ڪمزورن جي آزادي ناس ڪئي ٿي وڃي، ۽ پراون ملڪن تي قبضو ڄمائي، انهن کي ذاتي غرضن خاطر غلام بنايو ٿو وڃي. دنيا جي تاريخ ۾ اهڙن متعدد ظالم شهنشاهن، جابر فاتحن، ۽ جنگجو حاڪمن، جا مثال ملندا، جن صرف پنهنجي اقتدار قائم رکڻ لاءِ، لکن بلڪ ڪروڙن بيگناهن جي خون سان، بر ۽ بحر کي لاله زار ڪري ڇڏيو هوندو، ۽ معصوم عورتن ۽ ٻارن کي پنهنجي نيزن جي نوءڪن سان چيرڻ ۽ ڦاڙڻ ۾ هڪ قسم جي لذت محسوس ڪئي هوندي. اهڙن ظالمن پنهنجي خوني ڪارنامن سان ايتري ته دهشت پکيڙي هوندي جو اڄ به انهن جي شيطاني ڪارگذارين تي نظر وجهڻ سان جسم جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا.

ملوڪيت جي ابتدا

ملوڪيت جي شروعات ڪڏهن کان ٿي؟ انهيءَ مسئلي تي جيڪڏهن اسين تاريخ جو مطالعوڪنداسين، ته اسان کي معلوم ٿيندو ته انساني اجتماعي زندگي واقعي نهايت عجيب غريب مختلف دوءرن مان گذري آهي! ابتدا ۾ انسان جو گذازو فقط جانورن جي شڪار ۽ ڦَل ڦول تي هوندو هو. تاهم جنهن کي جتان جهٽ لڳندو هو، اُتان ڪونه گسندو هو. ان کان پوءِ انسان جانورن کي پالڻ شروع ڪيو، ۽ هر شخص پنهنجي ڌڻ کي پنهنجي ملڪيت تصور ڪندو هو. ان ذاتي ملڪيت هڪ اهم صورت اختيار ڪئي. ڌنار ويچارا موسمن جي حالتن موجب چراگاهن جي جستجو ۾ پنهنجي سر هِتي هُتي ڀٽڪندا رهندا هئا. انهن مان وري ڪن آرام طلب ڌنارن پنهنجي لاءِ سهولت انهيءَ ڳالهه ۾ ڏٺي جو هنن پنهنجو ڌڻ پاڻ سنڀالڻ جي بدران ڪنهن پاڻ کان ڪمزور ۽ ضعيف ڌنار جي زوريءَ حوالي ڪري ڇڏيو، ته اهو سندس ڌڻ کي چاري پياري. اهڙيءَ طرح پهريون دفعو غلام بنائڻ جو رواج شروع ٿيو.

ان بعد جڏهن زرعي دؤر آيو ۽ انسانن صحرائي ۽ وحشانه زندگيءَ کي خيرباد چيو ۽ فصلن جي انتظار ۾ هڪ جاءِ تي رهڻ جو نمونو سکيو، تڏهن افراد ڦري خاندانن ۽ قبيلن جي صورت ۾ ورهائجي ويا، ۽ هر هڪ قبيلي پنهنجي بود و باش لاءِ جدا جدا ملڪ جو ڀاڱو چونڊيو ۽ اهڙيءَ طرح ذاتي ملڪيت جو تصور وسيع ٿيندو ويو، پر جيئن ته زمين کي آباد ڪرڻ جو ڪم بلڪل محنت طلب هو، تنهن ڪري مزورن ۽ ڪمين ڪاسبين جي ضرورت پيش آئي ۽ طاقتور ماڻهن بي پهچ ماڻهن کي زوريءَ جهلي پنهنجو غلام بنائڻ شروع ڪيو ۽ ڪاشتگاريءَ جو ڪم انهن جي حوالي ڪيو. قدرت جا مظاهر ڇاڪاڻ ته هميشہ مختلف آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪڙي زمين زرخيزيءَ جي لحاظ سان ٻيءَ زمين کان بهتر هوندي آهي، تنهن ڪري قدرتي طرح هٿ کس، حق غصبي ۽ دست درازيءَ جو سلسلو به ويو وڌندو، ۽ قبيلا هڪٻئي جي ملڪيت تي قبضو ڪندا، پنهنجي طاقت ۾ اضافو ڪندا رهيا. ٻئي طرف وري بود و باش جا ڪيترائي اهڙا مسئلا پيدا ٿي پيا، جن کي صاف ڪرڻ ڪنهن به هڪ فرد جي طاقت کان ٻاهر هو. مثلاً خانداني جهيڙن جا فيصلا ۽ ٻين قبيلن سان تعلقات قائم ڪرڻ جا مسئلا، اهڙيون ڳالهيون هيون جو هرهڪ قبيلي پاڻ منجهان سڀ کان وڏيءَ عمر واري شخص کي جنهن جي بصيرت ۽ تجربي ۾ ڪنهن کي به شڪ نه هو تنهن کي کڻي پنهنجو امير ۽ روحاني پيءُ تسليم ڪيو. اهڙيءَ طرح ننڍي پيماني تي ”حڪومت“ جي تخيل پهريون دفعو عملي صورت اختيار ڪئي. وري جڏهن قبيلن ۽ خاندانن جو تعداد وڌي ويو، تڏهن هڪ حڪمران يا امير جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي، جو جماعتي ۽ قومي مفاد جي نگرانيءَ کانسواءِ هنن جي قوت ۽ طاقت ۾ به واڌارو ڪري سگهي. اهڙيءَ طرح جڏهن محدود دائري ۾ حڪمرانيءَ جو بنياد پيو، تڏهن اهڙا اصول ۽ قانون پڻ ٺهيا جي اجتماعي حياتيءَ جو توازن برقرار رکڻ لاءِ بلڪل ضروري هئا.

ان وقت انسانن لاءِ اهي سماجي پابنديون بلڪل هڪ نئين ڳالهه هئي، ۽ ڪي انسان ان جي مخالفت ڪرڻ تي پڻ ڪمربسته ٿيا، جيئن اڄ سوڌو ”آئين“ ۽ ”خلاف آئين“ جي درميان اختلاف رهندو ٿو اچي. مگر ”مملڪت جي استحڪام“ لاءِ، زور وارن حاڪمن، افراد کي پنهنجو آلهء ڪار بنايو، ۽ حڪومت کي پنهنجي ميراث ۽ ڏاڏاڻو حق سمجهيو، ۽ اڳتي هلي پاڻ کي پنهنجي ئي ٺاهيل آئين ۽ دستور کان آزاد ۽ خود مختيار بادشاهه سڏايو. اهيئي پهريان شخص هئا جن ملوڪيت يا شهنشاهيءَ جو بناد رکيو.

ملوڪيت جا شروعاتي مرڪز

هاني اسان کي ڏسڻو آهي ته ملوڪيت ڪهڙن ملڪن ۾ پرورش پاتي ۽ اُهي ڪهڙا ڪهڙا مطلب العنان شهنشاهه هئا جن جا خونريز ڪارناما پڙهندي، اڄ به اسان جي بدن کي ڏڪڻي وٺي ٿي وڃي. هونءَ ته دنيا جي تاريخ اهڙن قهار حڪمرانن جي داستانن سان ڀري پيئي آهي، ليڪن هتي اسان فقط مختصر طرح ذڪر ڪنداسين.

مصر

ملوڪيت جو پهريون مرڪز مصر جو ملڪ معلوم ٿئي ٿو، ڇو ته مصرين جو اعتقاد هو ته انهن جي قوم ازل کان وٺي هلندي ٿي اچي جنهن تي پهريائين ديوتائن، پوءِ نيم ديوتائين ۽ ان کان پوءِ فرعون حڪومت ڪندا ٿي آيا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته جڏهن بابل جو برج ٺاهيو ويو ۽ نوح عليہ اسلام جا پٽ هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا، تڏهن سندس ٻيو نمبر پٽ آفريقا جي ملڪ ۾ وڃي نڪتو جتي پيٽرايمن ديو جي نالي سان سندس پوڄا ٿيڻ لڳي. هن جا چار پٽ هئا، جن مان مرزيم مصر جو ملڪ آباد ڪيو ۽ ان جو پٽ مصر جو سڀ کان پهريون بادشاهه ڪوٺيو ويو. انهي کان 2158 ورهيه پوءِ مصر ۾ فرعونن جي ملوڪيت ٿي. مصر ۾ بادشاهه سدائين موروثي ۽ خود مختيار ٿيندا هئا ۽ مطلق العنان هئڻ جي باوجود به اڳين جي اصولن ۽ قانونن جي هڪ وار جيتري به ڀڃڪڙي نه ڪندا هئا.

بادشاهن جي رعونت جي اها حالت هئي، جو فقط تربيت يافته ماڻهو سندن خذمت ۾ حاضر ٿي سگهندا هئا. عوام يا اجنبي ماڻهن کي روبرو اچڻ جي اجازت نه هوندي هئي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ملوڪيت ڪيتري قدر نه بدترين ۽ قابل نفرت چيز هوندي هئي. مصر جي فرعونن پنهنجي رعيت تي ۽ خصوصاً بني اسرائيلن تي جيڪي ظلم ڪيا انهن جي تفصيل بيان ڪرڻ جي هتي جڳهه ڪانهي، تاهم ان جي شدت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جو خدا تعاليٰ هزارن نبين کي انهن ملوڪيت پسند فرعونن جي غرور کي ناس ڪرڻ لاءِ سر زمين مصر ۾ پيدا ڪيو، ۽ آخر حضرت موسيٰ عليہ السلام اچي فرعونن جي تابوت ۾ پڇاڙيءَ جي ڪلي ٺوڪي، جنهن بعد فرعونن جو رعب ۽ دٻدٻي جو ستارو غروب ٿي ويو. انهن کان پوءِ جيڪي به بادشاهي طاقتون مصر ۾ برسر اقتدار آيون، انهن جي زوال جو سبب اسلامي فتوحات آهي. مسلمانن اتي اچي جيڪو نظام قائم ڪيو، ان هڪ قسم جي آئيني ملوڪيت جي شڪل اختيار ڪئي، ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.

بابل

حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڄمڻ کان اڳ، بابل پڻ ملوڪيت جو هڪ وڏو مرڪز هو، جتي نمرود ۽ بخت نصر جون تشدد آميز ڪارروايتون ايترو ته مشهور آهن جن کان گهڻو ڪري ڪوبه تعليم يافته انسان ناواقف نه هوندو. نمرود خدائيءَ جي دعويٰ ڪئي ۽ آخر حضرت ابراهيم عليہ السلام سندس طلسم کي اچي پاش پاش ڪيو. ان کان پوءِ بخت نصر جاڳيو جنهن بابل جي کنڊرن تي ملوڪيت جي ماڙي اچي اڏي، ۽ يهودين سان دشمنيءَ جو ثبوت ڏيندي، هزارين يوهودين کي تهه تيغ ڪري ڇڏيو. يهودين جون عبادت گاهون باهه جو نذرانو ڪيائين ۽ هزارين يهودين کي غلام بنايائين. اهڙي ظلم ۽ ستم کان تنگ اچي بني اسرائيل بغاوت ڪئي، جنهن ڪري هن جي انتقام جي باهه ويتر زياده ڀڙڪي، ۽ هن فلسطين تي حملو ڪري يهودي آبادين کي ساڙائي، قريب ڏهه هزار يهودين کي غلام ڪري، ٻين ملڪن ۾ وڪڻي ڇڏيو.

ايران

سائرن اعظم، هتي پنجين صديءَ ق. م ۾ بادشاهت جو بنياد رکيو، ۽ ميڊيا سيريا، بابل ۽ هندوستان جي ڪن حصن، عرب ۽ ايشيا ڪوچڪ کي تاراج ڪري پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. آخر ان کي قتل ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ ٽن دارائن، ايران تي شهنشاهانه حڪومت ڪئي. ۽ آخري دارا کي سڪندر اعظم شڪست ڏيئي قتل ڪرائي ڇڏيو. ان کان سواءِ ساساني، سلجوقي ۽ قاچاري خاندانن پڻ ايران ۾ شهنشاهانه نظام قائم ڪيو، ۽ خسرو ٻئي، جمشيد ۽ پرويز وغيره بادشاهن ڏاڍي رعب تاب ۽ دٻدٻي سان حڪومتون ڪيون، ليڪن چنگيزي، يوناني ۽ رومي حملن انهن جي ملوڪيت جي ماڙيءَ کي ڊاهي خاڪ ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجي شهنشاهي قائم ڪئي.

يونان

يونان ۾ فلپ ٻئي ۽ سڪندر اعظم جي ملوڪيت خاص طور تي نمايان نظر اچي ٿي. فلپ ٻئي ايران کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر اها حسرت هو سيني ۾ سانڍي قبر جي آغوش ۾ وڃي سکيو ٿيو. ان کان پوءِ سڪندر اعظم سنه 356 ق. م کان 323 ق. م تائين سڄي دنيا جي فتح ڪرڻ جا خواب ڏٺا ۽ ڪيتريءَ حد تائين انهن جو تعبير ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن ايران کي برباد ڪرڻ سان گڏ شام، اتر اولهه هندستان ۽ مصر کي به تلف تاراج ڪيو. آخر بابل ۾ وڃي وفات ڪيائين.

چين

ٻيو ملڪ جنهن کي پڻ ازلي ۽ ابدي هجڻ جي دعويٰ آهي ۽ جنهن جا بادشاهه پاڻ کي ظل الله تصور ڪندا رهيا آهن، اهو چين آهي. هن ملڪ ۾ پهريائين دود مانن جي حڪومت هئي جنهن کي هڪ محدود ملوڪيت جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو. انهيءَ نظام جي ماتحت، مختلف خاندان برسر اقتدار ايندا رهيا، جن پنهنجي قوت ۽ طاقت سان چين جي طول و عرض تي حڪومت ڪئي، مثلاً هسپا جو خاندان شنگ جو خاندان چوء جو خاندان. هان جو خاندان وي جو خاندان، تانگ ۽ منگ وغيره جا خاندان، اهي خاندان آهن جن 3468 ق. م کان وٺي 1614 عيسوي سنه تائين حڪومتون ڪيون. هان خاندان جي دور کان پوءِ چين ۾ طوائف الملوڪي ڦهلجي ويئي، ليڪن وي ۽ تانگ خاندانن وري اچي امن قائم ڪيو ۽ چين جي سلطنت کي زياده وسيع ڪيو. جيستائين چين ۾ ٻڌ ڌرم ۽ اسلام جو مذهب اڃا داخل نه ٿيا هئا تيستائين اتي سج جي پوڄا مروج هئي. آخر چنگيز خان ۽ قبلائي خان جي هڪ ٻئي پٺيان حملن سبب انهن بادشاهن جو زوال آيو، ۽ جڏهن مغرب ۾ جمهوريت ۽ آزاديءَ جا خيالات پکڙڻ لڳا،تڏهن ڊاڪٽر سن يات سين چين کي ملوڪيت جي چنبي مان 1902ع ۾ آزاد ڪرائڻ جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ آخر ۾ مائوزي تنگ عوامي جمهوريت جو نظام قائم ڪيو.

روم

روم پڻ هڪ بدترين ملوڪيت جو مرڪز هو. ملوڪيت کي عروج تي پهچائڻ وارو جوليس سيزر سنه 100 ق. م کان سنه 44 ق. م تائين زندهه رهيو. هن گال ۽ برطانيه تي حملو ڪيو، پومپيءَ کي هڪ گهرو لڙائيءَ ۾ شڪست ڏنائين،۽ سڪندريه جي جنگ ۾ فلوپطره سان مليو، جنهن جي حسن ۽ عشق جي داستان ملڪان ملڪ مشهور آهي آفريقا کان موٽڻ بعد، سيزر کي تاج شاهي پيش ڪيو ويو، جا ڳالهه اميرن جي بر افروختگيءَ جو باعث بني ۽ هن کي قتل ڪيو ويو. جوليس کان پوءِ نيرون ڪنڌ کنيو جنهن پنهنجي چوڏهن سالن جي عرصي ۾ قتل غارت جو رڪارڊ مات ڪري ڇڏيو. ان بعد رومة الڪبريٰ جي واڳ ڏور آگسٽس جي هٿ ۾ آئي، جنهن سڄي يورپ ۽ شمالي آفريقا ۾ ملوڪيت جي بنياد کي پڪو ڪيو. سڀ کان پوءِ هر قل بادشاهه فلسطين تي حملو ڪري ايراني سطوت جي کنڊرن تي رومي ملوڪيت جو ايوان تعمير ڪرايو. ليڪن هن جو ستارو بلڪل جلد غروب ٿي ويو ڇاڪاڻ ته هن طرف اسلام جو آفتاب طلوع ٿي ويو.

مرڪزي ايشيا

تيرهينءَ صديءَ ۾ مرڪزي ايشيا کان هڪ ملوڪانه فتنو پيد اٿيو جو ڏسندي ڏسندي ايشيا جي وڏي حصي تي ڇانئجي ويو. ان کي تاتار جو فتنو چيو وڃي ٿو، جنهن جو باني چنگيز خان هو، جو منگوليا ۾ پيدا ٿيو. سنه 1228ع ۾ تاتارين ايران فتح ڪيو. ان بعد چنگير خان مصرين جي مدد سان شام جي طرف وڌيو ۽ اتان فلسطين ۾ اچي خون جون نديون وهايايئن. پر ترڪن جي مقابلي ۾ ان کي ذلت آميز شڪست آئي. چنگيز خان کان سواءِ هلاڪو خان پڻ آباد بستين کي ويرانن ۽ انساني لاشن جي ڍيرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اتان پوءِ هو بغداد ڏانهن وڌيو، ۽ هن عظيم الشان شهر کي آتش زده ڪري قريبان ڏيڍ ڪروڙ انسانن جو نهايت بي دردي سان خون وهايو. ان کان پوءِ قبلائي خان جاڳيو. هن چين تي حملو ڪيو ۽ پنهنجي سلطنت، ملاڪاسا کان وٺي بحر منجمد تائين وڌائي، ۽ سنه 1280ع ۾ شهنشاهه جو لقب اختيار ڪيائين.

هندستان

هندستان ۾ ملوڪيت جو آغاز آرين جي حملي سان گڏ ٿيو ۽ چندرگپت ۽ اشوڪ اعظم ان کي فروغ ڏنو. تيرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ امير تيمور، جو چنگيز خان جي اولاد مان هو،  پنهنجي مهم شروع ڪئي ۽ ايشيا جي وڏي حقي تي ڇانئجي ويو. ان کان پوءِ بابر هندوستان ۾ پنهنجا قدم ڄمايا ۽ سندس پوٽي اڪبر اعظم فتوحات جو سلسلو وسيع ڪري ملوڪيت جو ايوان کڙو ڪيو. اڪبر کان پوءِ جيڪي مغل شهنشاهه آيا تن جي حڪومت اگرچه شخصي هئي تڏهن به اها استبداد کان اڪثر پري هئي.

 

 

انگلنڊ

نائين صديءَ تائين انگلنڊ ۾ قبائلي جاگيردارن کي علحده علحده حڪومتون هيون. ان کان پوءِ سارو انگلنڊ هڪ بادشاهه جي ماتحت ٿي ويو. سنه 1215ع ۾ عوام بادشاهه جان جي مطالق العنانيءَ جي برخلاف احتجاج بلند ڪيو ۽ کانئس ”آزاديءَ جو پروانو“ لکايائون. ان بعد بادشاهه جا اختيار محدود رهي ا۽ پارليامينٽري حڪومت آهستي آهستي ترقي ڪندي رهيا. ليڪن اسٽوئرٽ گهراڻي استبداد ۽ سامراج کي وري به تازو ڪيو. انهن جي دعويٰ هوندي هئي ته بادشاهت خدا جي طرف کان ملندي آهي. پر جمهوريت پرستن جي آخر فتح ٿي، ۽ سترهينءَ صديءَ ۾ نيٺ پارليامينٽ کي ڪافي طاقت حاصل ٿي. ان کان پوءِ انگلنڊ ۾ مطلق العنانيءَ جو خاتمو آيو. ليڪن جمهوريت جي پس پرده اميرن ۽ ڪارخانيدارن جي حڪومت ئي رهندي آئي، ۽ انگريزن پنهنجي بيٺڪن ۽ غلام بنايل ملڪن ۾ ملوڪانه اقتدار قائم رکيو.

فرانس

سنه 1789ع کان اول فرانس ۾ بادشاهت قائم هئي، ليڪن بربن خاندان جي زبردستين کان ملڪ جي وچولي ڪلاس جو متمول درجو مطمئن نه هو. هوڏانهن جمهوريت پسندانه خيالات پکڙي چڪا هئا، تنهن ڪري سال 1789ع ۾ اُهو هلاڪت پرور طوفان کڙو ٿيو، جنهن لوئي سورهين کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ سنه 1799ع ۾ نيپولين بونا پارٽ هڪ اهڙو دستور مرتب ڪيو جنهن جي مطابقت ۾ دنيا جا پوءِ پيدا ٿيندڙ سڀ دستور ڦرندا رهيا. هن آسٽريا، شام ۽ مصر جي خلاف فوج ڪشي ڪرڻ کان سواءِ، روس ۽ انگلنڊ سان پڻ هٿ ڳنڊيا. دراصل هن سڄيءَ دنيا کي پنهنجي قدمن ۾ سرنگون ڪري هر هنڌ فرانسي انقلاب جا نعرا ”اخوت، مساوات ۽ آزادي“ پکيڙڻ ٿي گهريا، ليڪن انهيءَ ۾ ڪامياب نه ٿيو.

جرمني

نيپولين جي حملي کان پهرين، جرمني سلطنت ذري گهٽ ساڍن ٽن سون رياستن ۾ ورهايل هئي، جن مان پروشيا کي، فريڊرڪ اعظم جي زماني ۾ سنه 1740 کان سنه 1788ع تائين، گهڻو ئي اقتدار حاصل هو. فريڊرڪ، جرمن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پروشيا کي يورپ ۾ اول درجي جي طاقت بنايو، فريڊرڪ گهڻو ڪري روم ۽ اسپين جي اثر هيٺ هو. انڪري ”شهنشاهه روم“ جو لقب اختيار ڪيائين. فريڊرڪ وليم ٽئين جي وقت ۾ نيپولين پروشين پروشيا تي حملو ڪيو، ۽ ان کي نهايت ڪمزور بنائي وڌو. هوڏانهن ماڻهن ۾ فريڊرڪ جي برخلاف بغاوت جا جذبات پرورش پائي رهيا هئا، ڇاڪاڻ جو هو استبداد ۽ آمريت جو قائل هو، ۽ هن جو خيال هو ته بادشاهت خدا جي طرفان مليل آهي. سنه 1861ع ۾ وليم پهرئين پروشيا جي حڪومت جي واڳ سنڀالي. سندس وزير جو نالو بسمارڪ هو جو تقريباً 28 ورهين تائين يورپ جي قسمت جو مالڪ ٿي رهيو. هن جو عقيدو هو ته فوجي طاقت ۽ جنگ کان سواءِ جرمني ڪڏهن به عروج حاصل ڪري نه سگهندي، تنهن ڪري هن پنهنجي فوج ۾ اضافو ڪيو، ۽ ”عالمگيري سلطنت“ جا خواب ڏسڻ لڳو. اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ جڏهن تقسيم آفريقا جو تنازع پيدا ٿيو تڏهن جرمني به ان ۾ ٽپي پيئي ۽ ٽوگولئنڊ، ڪامرون، جنوب مغربي ۽ مشرقي آفريقا جا چند علائقا حاصل ڪري ورتائين. وليم پهرئين کان پوءِ وليم ٻيو تخت تي ويٺو، جنهن قيصر جرمني سڏايو ۽ بسمارڪ کي استعفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو. پر تنهن هوندي به هن جي پروگرام کي جاري رکندو آيو. آخر ۾ هٽلر به بسمارڪ، فريڊرڪ ۽ قيصر جرمنيءَ جي خوابن جو تعبير ڏسڻ ٿي گهريو پر ڏسي نه سگهيو!

روس

سنه 1672ع تائين روس مختلف جاگيرن ۾ ورهايل هو. ان کان پوءِ پيٽراعظم رشيا ۾ مرڪزيت قائم ڪئي، ۽ 1696ع ۾ ”زار روس“ جو خطاب اختيار ڪيائين. پوءِ پنهنجي فوج ۽ بحري طاقت ۾ اضافو ڪيائين ۽ لي وونيا، فنلينڊ ۽ پومرنيا کي فتح ڪيائين. پلٽوا جي جنگ ۾ هن هڪ سويڊش عورت ڪئٿرائين سان شادي ڪئي جا سندس طاقت ۽ قوت جي استحڪام جو سبب بنجي پئي. پيٽر اعظم کان پوءِ نڪولس پهريون تخت نشين ٿيو جنهن ڪن مفيد اصلاحات جو نفاذ ڪيو. بعد ۾ زار نڪولس ٻئي جو دور حڪومت آيو جنهن جي آمرانه اقتدار کان تنگ ٿي ماڻهن بغاوت ڪئي ۽ زار کي قتل ڪري سنه 1918ع ۾ اتي اشتراڪيت جو نظام قائم ڪيو.

مطلق ملوڪيت جو زوال

زار روس جي قتل سان گڏ اُنهيءَ ملوڪيت جو آخري نشان به ميٽجي ويو جنهن حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي ان وقت تائين جنگ و جدال، قتل و خون، غارتگري، قزاقي، جهانگيري ۽ جهانبانيءَ جي روح فرسا ياد کان سواءِ ٻيو ڪوبه يادگار دنيا ۾ نه ڇڏيو هو.

ملوکيت کري غسل آب لطف و رحم سي ليکن
نهين مڻني کا اسا کي ناصيه سي داغ خونريزي.

 

مطلق ملوڪيت جي زوال جو سبب درا اصل اها ارتقا هئي جا انسان جي سياسي نظريي ۾ آهستي آهستي ٿيندي ٿي رهي. انهيءَ نظريي جو بنياد وري اهو صحيح مذهب هو جنهن تي خدا جي نبين ۽ ٻين انسان ذات جي خيرخواه مفڪرن ۽ مصلحن مختلف وقتن ۾ دنيا کي هلائڻ گهريو ٿي. جيئن ته دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به ڪنهن شخص طاقت جي نشي ۾ مخمور ٿي ٻين قومن جي حقن تي دست درازي ڪئي هوندي ته خدا جي طرفان ڪونه ڪو اهڙو ”مرد مومن“ ضرور مبعوث ٿيو هوندو جنهن انهيءَ طاغوتي طاقت جي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو هوندو ۽ پنهنجي قوم کي آزادي وٺي ڏني هوندي: جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته صحيح فطرت جي مالڪ انسان ڪڏهن به غلاميءَ ۽ محڪوميءَ کي برداشت نه ڪيو آهي.

سياسي تاريخ جي نقطي نظر کان يوناني ماڻهو سڀ کان پهريان هئا جن دنيا کي ”عموميت“ سان روشناس ڪيو. يونانين جي سياست جو فلسفو اصل کان اهو هو ته حاڪم کي سندس اقتدار آسمان کان ملي ٿو. ٻين لفظن ۾ بادشاهه کي زمين تي خدا جو پاڇو تسليم ڪيو ويو. يوناني فلسفين اڳتي هلي مذهب ۽ حڪومت جون علحديون علحديون حدون مقرر ڪيون. ان کان پوءِ سوفسطائين جو دور آيو جن مذهب تان بلڪل گهڻي قدر چٿر ڪئي، ايتري قدر جو نظام بلڪل درهم برهم ٿي ويو، مگر سقراط ميدان ۾ اچي ويو ۽ هن سوفسطائين جي نظريي جي خلاف ٻڌايو ته فرد جي مقابلي ۾ قوم زيادهه اهميت رکي ٿي، ان ڪري اسان جو فرض آهي ته قومي نظام کي انفرادي حقوق تي ترجيح ڏيون. افلاطون جو سقراط شاگرد هو، تنهن وري هن نظريي کي وڌيڪ بهتر صورت ۾ پيش ڪيو، ۽ هڪ طرف افراد کي تلقين ڪئي ته هو قوم جا مفيد ۽ نيڪ فرد بنجڻ جي ڪوشش ڪن، ته ٻئي طرف حڪومت تي نڪته چيني ڪري ان کي پنهنجي فرض ڏي متوجه ڪيو: تنهن ڪري سندس سياسي فلسفي جو ملڪ جي سياست تي گهاٽو اٿر پيو جو اڄ تائين هلندو ٿو اچي. سسرو، آگسٽين، سرٽامس مور، روسو، ڪانٽ ۽ هيگل وغيره جي تصانيف ۾ ان جي ئي افڪار ۽ حالات جو روح موجزن آهي.

افلاطون کان پوءِ، ارسطوءَ پنهنجا خيالات پيش ڪيا جن جو مرڪزي نقطو اهو هو ته بهترين حڪومت اها آهي جا افراد جي ڀلائي مدنظر رکي. جڏهن سڪندر اعظم پنهنجي سلطنت وڌائي ته سياسيات جي نقطي نظر ۾ به ڦير گهير ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي، جنهن ڪري اپيغورس، عيش ۽ آرام جو فلسفو پيش ڪيو جنهن جي مقابلي ۾ رواقين جي تحريڪ شروع ٿي. ايتري ۾ عيسائي مذهب نمودار ٿيو، جنهن جي ڪري بادشاهه ۽ پوپ ۾ گهڻو وقت ميلاپ رهيو. آخر آفتاب اسلام طلوع ٿيو جنهن ملوڪيت ۽ استعمار جي مقابلي ۾ ”آزادي، مساوات ۽ اخوت“ جو نعرو هڪ سياسي نعري جي حيثيت ۾ سڀ کان پهريائين بلند ڪيو ۽ ان جو آواز سڀني ملڪن ۾ ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن ڪري شهنشاهيءَ جو ستارو غروب ٿيڻ لڳو.

لاڪ ۽ منٽسڪو ”محدود بادشاهت“ ۽ ”دستوري حڪومت“ جا نظريا پيش ڪيا. روسي، شخصي آزاديءَ جو سوال پيدا ڪيو. هيگل، وري فرد جي آزاديءَ جو راز مملڪت ۾ گم ٿي وڃڻ کي قرار ڏنو ۽ انهي ئي نظريي تي ڪارل مارڪس، پنهنجي نظريي جو بنياد رکيو ۽ دنيا کي اشتراڪيت جو سبق ڏنو. لينن، وري ان کي عملي جامو پهرائي شهنشاهي نظام کي ختم ڪيو. الغرض شهنشاهيءَ جي زوال جو باعث دراصل اهو سياسي نظريو آهي جنهن ۾ افلاطون کان وٺي ڪارل مارڪس تائين ارتقا پيدا ٿيندو رهيو آهي.

معاشي ملوڪيت

هن طرف مطلق ملوڪيت جو ستارو غروب تي رهيو هو، ته هن طرف وري حريت ۽ انسانيت کي تباهه ڪندڙ ٻيا مهلڪ سامان تيار ٿي رهيا هئا. اها نئين مصيبت ۽ لعنت، جا بني نوع انسان تي نازل ٿي، اها هئي ”معاشي ملوڪيت“. ارڙهين صديءَ جي ختم ٿيڻ تي انسان هڪ نئين دور ۾ قدم رکيو، جنهن کي ”صنعت ڪاري“ يا ”مشينن جو دؤر“ چئجي. هن زماني ۾ جديد انڪشافن ۽ سائنس جي ايجادن، انساني اجتماعي حيات جي ڪايا پلٽي وڌي. اهو ڪم جنهن لاءِ پهريائين سون هٿن جي ضرورت هئي، اڄ ان کي ڪلن جي ذريعي سرانجام ڪرڻ آسان ٿي پيو، ۽ جنهن مفاصلي کي طي ڪرڻ ۾ اڳي مهينا لڳي ويندا هئا، هاڻي اهي ڏينهن يا ڪلاڪن ۾ طي ٿيڻ لڳا. جتي جتي مشينن جو رواج پيو اتي انساني جماعت ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويئي. هڪ طرف سرمائيدار هئا ۽ ٻئي طرف مزور. سرمائيدارن پنهنجي پئسن جي زور تي نه فقط مزورن جو خون چوسيو بلڪ انهن کي ذهني ۽ دماغي آزاديءَ کان به محروم رکيو. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو سرمائيدار اڳي کان به وڌيڪ طاقتمند ٿي ويا ۽ هنن پنهنجون حريصانه نگاهون ٻين ملڪن ۾ پڻ وڌيون ۽ دنيا جي هر حصي ۾ تجارتي ۽ وياج جي ڄار پکيڙي ۽ ماڻهن کي محڪوم ۽ غلام بنائڻ شروع ڪيو. ان جو هڪ طريقو اهو هو ته سرمائيدارن پنهنجو مال ڏيساور ۾ وڪيو ۽ اهڙِءَ طرح خريدار ملڪ سندن دست نگر ٿي پيا. ٻيو طريقو جو هنن اختيار ڪيو، اهو هو ته هنن پنهنجو مال سستو وڪڻي، محڪوم، ملڪن ۾ جتي پڻ سرمائيدارن جي حڪومت هئي، اتي شرح مبادله اهڙي ته قائم ڪيائون جو، ٺهيل مال جي حالت ۾، خريد ڪندڙ ملڪ جي نسبت وڪڻندڙ ملڪ کي زياده فائدو پهچي ٿي سگهيو. ان کان پوءِ ڪمزور ملڪن ۾ اهڙيون متعدد نوء آباديون قائم ڪيائون جن جو مقصد فقط شاهي ملڪن کي ڪچو مال مهيا ڪري ڏيڻ ۽ ان جي مصنوعات کي خريد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪين هو. تنهن ڪري شاهي سرمائيدارانه نظام جو سڀ کان بدترين نتيجو اهو ظاهر ٿيو جو ”معاشي ملوڪيت“ ترقي ڪرڻ لڳي ۽ ملوڪيت جو بنياد پاڻ وڌيڪ پڪو ٿيڻ لڳو.

معاشي ملوڪيت جي برخلاف سڀ کان اول جنهن صدائي احتجاج بلند ڪئي، اهو ”ڪارل مارڪس“ هو. هو لکي ٿو، ته انساني تاريخ کي ٺاهڻ ۾ انسان جي مادي احتياجن کي سڀ کان زياده دخل آهي، باقي سڀني اثرن جي ثانوي حيثيت آهي. تنهن ڪري اسان جو مذهب، اسان جي سوسائٽي، اسان جو آرٽ مطلب ته اسان جي زندگيءَ جو هرشعبو گذريل معاشي حالتن جو هڪ قسم جو پاڇو آهي، انهيءَ نظريي کي ”تاريخ جو مادي نظريو“ چيو وڃي ٿو. مارڪس اهو به ثابت ڪيو ته سڀڪا پيداوار محنت ۽ مزوريءَ جو نتيجو آهي ۽ سرمائيدار، مزورن جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن، جنهن ڪر ي”جماعتي ڪشمڪش“ پيدا ٿئي ٿي. انهيءَ ڪشمڪش کي دور ڪرڻ جو هڪڙوئي طريقو اهو آهي ته پيداوار جا سمورا ذريعا عوام جي ملڪيت بنايا وڃن. ڪارل مارڪس کان پوءِ لينن پڻ پنهنجي ڪتاب ”امپيريلزم“ ۾ سمجهايو آهي ته شهنشاهي ٻين ملڪن ۾ ڪهڙيءَ طرح قبضو ٿي ڄمائي. هن جو چوڻ آهي ته شهنشاهيءَ ۾ هميشہ سرمائيداريءَ جو وڏو دخل هوندو آهي. اهيئي سرمايدار آهن جي پوئتي پيل ملڪن کي اقتصادي قانونن جي ڦندي ۾ ڦاسائي سوگهو ڪندا آهن ۽ ”شاهي حڪومت“ کي اهڙي طريقي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن جو محڪوم ملڪن ۽ نوء آبادين کي ابدي غلاميءَ ۽ محڪوميءَ جي لعنت ۾ گرفتار ڪري وٺي ۽ جڏهن ماتحت ملڪن جا مزور پنهنجي حقن جو مطالبو ڪن تڏهن سياسي قوت کان ڪم وٺي انهن جي تحريڪ کي دٻائي سگهي.

 

 

 

عهد حاضر جون ملوڪانه تحريڪون

عهد حاضر ۾ دنيا جي قومن جي دعويٰ آهي ته هو تهذيب ۽ تمدن جي ڪماليت کي پهچي چڪيون آهن، تنهن جي باوجود اهو ڏسندي عجب ٿو وٺي ته هر جاءِ جو نفسي نفسي جو شور متل آهي سو ڇا جي ڪري! مشينن ۽ سائنس جي ذريعي بحروبر کي فتح ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ پنهنجي پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي مفاد کي زور وٺائڻ لاءِ انساني فڪر کي نئين سانچي ۾ وڌو پيو وڃي. ٻين تي غلبي ڪرڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ فسطائييت، نازيت ۽ ”جمهوريت“ جهڙا فلسفا وضع ڪيا ويا آهن، جن جو مقصد فقط ضعيف قومن ۽ ملڪن کي پيرن ۾ لتاڙڻ ۽ انهن کي محڪوم بنائڻ کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪينهي.

هاڻي اسين ڏسون ته عهد حاضر جون سياسي تحريڪون ڪهڙيءَ طرح ملوڪيت ۽ شهنشاهيءَ جي راهه تي گامزن آهن.

جمهوريت

اوڻيهينءَ صديءَ کي ”عموميت جي صدي“ سڏيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هن زماني ۾ جن نون خيالن جو چرچو اٿيو، اهي ”عموميت“ يا جمهوريت متعلق هئا. موجوده جمهوريت جي دعويٰ آهي ته اها دنيا جي قومن کي ملوڪيت جي لعنت کان نجات ڏيارڻ لاءِ وجود ۾ آئي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته جمهوري حڪومتن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق سڀني باشندن کي حاصل آهي، ان ۾ شڪ ڪونهي ته حڪومت جا رڪن ۽ مشير ڪار عوام جا نمائندا هوندا آهن، ۽ عوام کي آخرين اختيار آهي ته جيڪڏهن هي حڪومت چڱيءَ طرح نه هلائين ته انهن کي برخاست ڪري سگهن ٿا، ليڪن اهي اختيارات صرف برائي نام هوندا آهن. اصل اختيار صرف انهن سرمايدارن جي هٿن ۾ هوندا آهن جي ووٽن کي پنهنجي سون ۽ چانديءَ سان خريد ڪندا آهن. ٻيا جيڪي به نمايندگيءَ جا اصول آهن تن کي به ڪنهن لحاظ سان خاطر خواهه چئي نه ٿو سگهجي، جيئن ته ايڇ جي. ويلس لکي ٿو ته ”جمهوريا عوام ۾ اجتماعي ارادي جي قوت موجود هوندي آهي. هڪ وچولي درجي جي شهريءَ ۾ انتهائي بي پرواهي ۽ ذهني ٺلهائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو حقيقي اختيار دراصل فقط ڪن ٿورن هٿن ۾ هوندو آهي، جي پنهنجي ذاتي مقصدن کي تڪميل تي پهچائڻ خاطر عوام جي خوشحاليءَ کي به پس پشت رکڻ کان دريغ نه ڪندا آهن.“

ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اگرچ جمهوريت ۾ نالي ته ڪوبه بادشاهه ڪونه هوندو آهي، ليڪن دراصل، خواهه اهو ڏسڻ ۾ اچي يا نه اچي، ڪيترائي بادشاهه موجود هوندا آهن، جي بعض اوقات خودمختيار بادشاهن کان به وڌيڪ ظالم ۽ مستيد هوندا آهن.

فسطائيت

اٽليءَ ۾ جيڪو نظام حڪومت قائم هو ان کي فسطائيت چيو وڃي ٿو. فسطائيت هڪ سرمايدارانه تحريڪ هئي جنهن جي ڪري فردن جي آزاديءَ کي تسليم ڪيو نه ٿي ويو ۽ ڪل اختيار اسٽيٽ يا حڪومت کي سپرد ڪيا ويا ٿي. فسطائيت ۾ حڪومت جو روح ۽ عقل هڪ جدا شيءِ هوندي آهي، جا افراد جي روح ۽ عقل جو مجموعو نه هوندي آهي، مگر هڪ علحدي ۽ منفرد حقيقت سمجهي ويندي آهي. فسطائي نظام انهيءَ روح جي تحفظ جو دعويدار هو. فسطائيت جو نظام ”معاشي مسرت“ يا عوام جي بهبوديءَ جو قائل نه هو ۽ هن عوام ۾ معاشي مساوات پيدا ڪرڻ نه ٿي گهري. فسطائيت ان ڳالهه کان به انڪاري هئي ته ڪو جماعتي زندگيءَ ۾ سرمايدارن ۽ مزورن جي وچ ۾ جنگ لازمي ۽ اڻ گس آهي، اهوئي سبب هو جو فسطائيت، طبقاتي فرق کي مٽائڻ نه ٿي گهريو، بلڪ قائم رکڻ ٿي چاهيو. مسولني، جو هن تحريڪ جو علمبردار هو سو نه ته عالمگير امن جو قائل هو ۽ نه امن عامه جا فائدا هن جي سمجهه ۾ ٿي آيا. ظاهر آهي ته جنهن تحريڪ جو فلسفو ئي مزور کي ختم ڪرڻ، ضعيف قومن سان جنگ ڪرڻ ۽ فردن جي راءِ کي حڪومت جي حوالي ڪرڻ تي مبني هجي، سا اگر ملوڪيت جي بدترين شڪل نه هوندي ته ٻيو ڇا هوندي! تنهن ڪري جيڪو نظام حڪومت مسولنيءَ جي وقت ۾ اٽليءَ منجهه قائم هو، اهو به ملوڪيت ۽ شهنشاهت جو آئنيدار هو. اٽليءَ جي دستور اساسيءَ جو سڀ کان پهريون جزو بادشاهه هو، جنهن کي ڪوبه سياسي اختيار حاصل نه هو. اهو صرف برائي نام وزير اعظم جي چونڊ ڪندو هو. جڏهن کان فسطائي حڪومت بر سر اقتدار آئي، ان وقت کان وٺي مسولني انهيءَ عهدي تي قابض رهيو ۽ عملي طرح اهوئي ملڪ جي سياهه سفيد جو مالڪ هو. اٽليءَ ۾ قانون سازيءَ جا جملي ٻه ايوان هئا: ”هڪ ”سينيٽ“ ۽ ٻيو ”چيمبر آف ڊيپوٽير“. ليڪن اهي عوام جي اڳيان جوابدار  نه هئا. بلڪ انهن جو مقصد صرف مسولنيءَ جا هٿ مضبوط ڪرڻ هو. فسطايت پڻ پنهنجي مقصد جي لحاظ سان ملوڪيت پسند هئي، ڇو ته ان جي حامين جي مراد اهائي هئي ته يا سڀئي ملڪ سندن ماتحت رهن ۽ هو روم جي شهنشاهه وانگر مرڪزي طور تي سڀني مٿان راڄ ڪن. انهيءَ جذبي جي ماتحت اول حبش کي پامال ڪيو ويو ۽ پوءِ نازيت جي دوش بدوش شمالي آفريقا ۽ يونان تي ڪاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.

نازيت

نازيت جو باني هٽلر هو، جو ان وقت ساري مهذب دنيا سان برسر پيڪار هو ۽ پنهنجي وحشي اعمالن سان ملوڪيت جي بدترين دؤر جي ياد تازي ٿي ڪيائين. نازيت ۾ فردن تي ايتريون ته پابنديون لڳايون وييون هيون جو انهن کي انساني فطرت ڪڏهن به برداشت ڪري نه ٿي سگهي. درحقيقت نازيت جو بنيادئي ان ڳالهه تي هو ته انفرادي مفاد کي ملي مفاد تي قربان ڪري ڇڏڻ گهرجي، ۽ ملي مفاد مان هٽلر جي مراد سڪندر ۽ چنگيز وانگر انسانيت جي قبا کي چاڪ ڪري ڇڏڻ کان سواءِ ٻي ڪابه ڪانه هئي. ڪي ماڻهو ائين سمجهن ٿا ته هٽلر ٿيل عهدنامي جي ماتحت پنهنجا وڃايل علائقا واپس وٺڻ ٿي گهريا، ليڪن هن جا عمل شاهد آهن ته هن به نيپولين ۽ سڪندر اعظم وانگر ”تسخير عالم“ جا خواب پئي ڏٺا، ۽ سندس تحريڪ بسمارڪ، وليم قيصر ۽ فريڊرڪ جي شهنشاهيءَ کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هئي. عالمگيري اقتدار جي خواب کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ هٽلر پهريائين اهي علائقا واپس وٺڻ شروع ڪيا جي ڪنهن زماني ۾ جرمن سلطنت ۾ شامل هئا ۽ جن ۾ جرمني ٻولي سمجهي يا ڳالهائي ويندي هئي. انهن کان پوءِ ٻين ملڪن تي دست درازي شروع ڪيائين، چنانچه سار، رائين لئنڊ، آسٽريا، سوڊاٽين لئنڊ، بوسيميا، پولنڊ، ناروي، ڊينمارڪ، بيلجم، هالنڊ، فرانس، رومانيا ۽ بلگيريا کان پوءِ هو ڀونوچ سمنڊ ۽ انگلينڊ ۾ پڻ اکيون وجهڻ لڳو. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته نازيت جو بنياد سڄو عالمگير اقتدار جي تخيل تي ٻڌل هو ۽ اهائي حقيقت هئي جا هن تحريڪ کي ملوڪا نه سڏڻ لاءِ ڪافي آهي. انهيءَ کان سواءِ هٽلر جو تشدد ۽ صرز حڪمراني پڻ اهڙي نه هئي جنهن جي پيشانيءَ تان ملوڪيت جو داغ مٽجي سگهي. ”طوفاني فوج“ جي ذريعي، قتل ۽ غارتگريءَ کان سواءِ، جڏهن هٽلر آمريت جي تخت تي ويٺو، تڏهن جيڪو حڪومت جو آئين هن تجويز ڪيو انهيءَ کيس زمان ماضيءَ جي ڪنهن به بادشاهت کان گهٽ اختيار ڪين ٿي ڏنا.

جپانيت

جپان ۾ ”محدود ملوڪيت“ قائم هئي ۽ جپان جمهوريت پسند هئڻ جي باوجود هٽلر ۽ مسولني جو هم نوالو ۽ هم پيالو ثابت ٿي پيو، جنهن ڪري ان جو جدا ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سنه 1860ع کان اڳ جپان ۾ ”اقطاعي نظام“ قائم هو ۽ پوءِ اتي جمهوريت جي لهر لڳي، ليڪن بادشاهي بدستور قائم آهي. جپان جي دعويٰ آهي ته سندن بادشاهه سورج ديويءَ جي پوٽي جو اولاد آهي ۽ هن کي سڄي دنيا جي مٿان حڪمراني ڪرڻ جو اختيار آهي. ان ڪري جپانين مشرق بعيد ۾ هڪ ’نئون نظام‘ قائم ڪرڻ ٿي گهريو جنهن جو مقصد خاص طرح ڏکڻ ايشيا تي قبضي ڪرڻ جو هو، اهوئي سبب هو جو ان زماني ۾ جپان جي وزير خارجه صاف صاف چئي ڏنو هو ته جپان مشرق بعيد جي معاملات ۾ ڪنهن به غير ملڪي طاقت جي مداخلت کي برداشت نه ڪندو. پهريائين جپان، صنعت ڪاريءَ جي ذريعي ٻين ملڪن تي قبضو ڄمائڻ گهريو ٿي ۽ پوءِ هن طاقت ۽ قوت جي زور تي انهن کي پنهنجي نوآبادين ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي، ۽ اهائي ڳالهه سندس ملوڪيت پرست هئڻ جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي.

الغرض دنيا جي قومن جي تاريخ جو مطالع ڪيو ويندو ته معلوم ٿيندو ته جڏهن کان سرمايدار وجود ۾ آيا آهن ۽ جڏهن کان وٺي انهيءَ سرمايي تي انسانن جي ڪنهن خاص گورهه قبضو ڪيو آهي، ته انهن تي قوت جو نشو ضرور غالب پيو آهي ۽ هو جهانگيري ۽ جهانبانيءَ جا خواب ڏسي، پنهنجي وطن کان ٻاهر نڪري، ضعيف قومن کي برباد ڪندا ۽ ملڪن کي تاراج ڪندا رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو علامه اقبال فرمايو آهي ته:

اسکندرو چنگيز کي هاتهون سي جهان مين،
سو بار هوئي حضرت انسان کي قبا چاڪ،
تاريخ امم کان يه پيام ازلي هي:
صاحب نظران نشئه قوت هي خرناک.

 

ڪاش! سرمايي کي جيڪر هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ کان روڪيو وڃي، حڪومت جي تشڪيل ۾ عام راءِ کي خيال ۾ رکيو وڃي، تجارت آزاد هجي، ٻين ملڪن ڏي حريفانه نگاهون رکڻ ڇڏي ڏجن، ۽ هر قوم، تهذيب ۽ ثقافت جي امداد سان، ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري: ورنه ٻئي نظام جي جيڪا حالت ٿئي ٿي ان جي بيان ڪري جي ڪابه ضرورت ڪانهي.

هم ملوکيت بدن را فربهي است،
سينئه بي نور او از دل تهي است
مثل زنبوري که بر گل مي چرد،
برگ او بگذارد و شهدش برد،
از طلسم رنگ وبوي او گذر،
ترک صورت کن در معنيٰ نگر،

 

برگ باطن گرچه ديدن مشکل است،
گل مخوان اورا که در معني گل است.

 

”دکايل“

بمبئي جي سنڌي هفتيوار ”هندواسيءَ“

تان شڪري سان، ورتل

ڪڇ جي عوامي شاعر ”ڪاراڻيءَ“ جو ڪلام

ڪڇي شاعريءَ جو سنڌي شاعريءَ سان گهاٽو تعلق آهي. سنڌي شاعريءَ جو اثر هر نقطي نظر سان ڪڇي شاعريءَ ۾ موجود آهي، ۽ اُن ۾ خاص طرح شاهه لطيف جي بيتن ۽ واين جو رنگ نمايان آهي. موجوده زنده شاعرن مان شري ڪاراڻي ڪڇ جي تعليم کاتي ۾ وڏو آفيسر هو. هو هن وقت پيرسن آهي. سندس ڪڇي، گجراتي ۽ هنديءَ ۾ شاعريءَ تي چڱا ڪتاب لکيل آهن.

ڪڇي ٻوليءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو بنيادي فرق ڪونهي. ائين برابر آهي ته جيترو فرق لاڙيءَ، اڀي جي سنڌيءَ ۽ وچولي جي سنڌيءَ ۾ آهي، اُن کان جيڪي سو وڌيڪ فرق ڪڇيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ آهي: پر اها حقيقت آهي ته اهي ”ٻيئي“ ٻوليون ايتريون ته هڪ ٻئي جي ويجهو آهن، جو جيڪڏهن ائين چئجي ته هڪ ڪڇ جي ”سنڌي“ ۽ ٻي سنڌ جي سنڌي آهي، ته غلط نه ٿيندو. هتي اسان انهيءَ ڪڇي ٻوليءَ ۾ شري ڪاراڻيءَ جي شعر جو نمونو (هڪ ڪافي، ڪجهه بيت، هڪ ڀڄن ۽ گيت) پيش ڪري رهيا آهيون. ڪڇيءَ ۽ سنڌيءَ جي لفظن ۾ ٻئي مختصر فرق سان گڏ، اُچارن جو پڻ فرق آهي. انهيءَ ڪري، ڪڇيءَ جي ڪن ضروري اُچارن جي سنڌيءَ سان ڀيٽ ۽ لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني ويئي آهي، ته جيئن پڙهندڙن لاءِ شعر جي معنيٰ سمجهڻ ۽ ان مان خط حاصل ڪرڻ آسان ٿئي. (ادارو)

هوڙي ڪي هنڪار (ڪافي)

ننگر(1) کڻي ني ناکيا! هوڙي ڪي هنڪار،

هوڙي ڪي هنڪار، اسان ڪي پڄڻو پرلي پار- ننگر....

وير لڳي نه وا وريا، اپڙيا نير اپار،

ڌريا ڌڌڪارا ڪري، لهرين جي للڪار- ننگر....

لک(2) ۾ آڇاڙا لگا، نيڻ کڻي ني نيار،

سڻ تان سونساٽا ڪرين، سو کاڻ ڪي سنڀار- ننگر...

ساٿ ڇڏي ني ساٿيڙا اُپڙيا اپر نپار،

ڀگا وڃين تان ڀانورا، ڀري وٺا ڀار- ننگر...

”ڪاراڻي“ چين چان ڪُرو؟ ويرم ڪر تون وار،

مٺڙا منجا مالهي، پرين پگو اُپار- ننگر....

 

ڌکي دل جي ڌان (بيت)

رونڌي(3) کٽي راتڙي، کٽا هيين جا هير،

سبيڻ منهنجا سڙ کٽا، نيڻن کٽا نه نير.

 

آنسوڙا اکيين کٽا، کٽي رات پرڀات،

تن مان توجي تات، کٽي نتي کوٽين سين.

 

آنسوڙا اکيين کٽا، تنهنجي کٽي تڻار،

پرين توجا پار، ڪامل! کٽين نه ڪين ڪنڌي.

 

آنسوڙا اکيين کٽا، رتڙي کٽي رات،

کٽي نتي کٽڪي وٺي، پرين ري پرڀات.

 

ڪٿ رئان ڪين وٽ رئان؟ ڪاران سڻڌو ڪير،

آئيل ٿئي اوير، سونپاٽ پيو سنسار ۾.

 

ڪٿ رئان ڪين وٽ رئان؟ سڻڌڙ ريئا سمي،

گهر گهر گهمر گهمي، سڃ ڏٺي سنسار ۾.

 

ڪٿ(1) رئان ڪين وٽ رئان؟ ماڙي ڏسان نه ماگ،

اندر اُجي نه آگ، بانف نه نڪري بار ڪين.

 

ڪٿ رئان ڪين وٽ رئان؟ رونڌڙ ڀلين رئين،

هينڙي ۾ نه هئين، رونگا جيڪي رت جا.

 

 

رام جو نان (ڀڄن)

من(1) تون رام جو ناءُ رٽ،

رام جو نانءُ رٽ منوا! رام جو نانءُ رٽ.

تو جا ڪرم بنڌن ڪٽ- من تون....

جني بيڙي جاجري ني، واٽ آيه وڪٽ

مست هن مهيراڻ جي، ڪين سڻ جهليندا سٽ- من تون...

چئن ڏيين جي چمڪ توجي، چئن ڏيين ۾ چٽ

اُڇٽ ۾ ويين اُڙي تون! پاڙ آيه نه پٽ- من تون...

بار جيون تون بوُچ اکيون، انڌر جين اُپٽ

انڌر جو اواج سڻ تون، گنجي منجهه گهمٽ- من تون...

ڪڻو ڪڻ ۾ منو من ۾، گهٽو گهٽ پر گهٽ

”ڪاراڻي“ چين وٺو وهالم وٽو وٽ نؤ وٽ- من تون...

 

آجيان (گيت)

اسان(2) جا من مٺا مهمان جي.

من مٺا مهمان اوان ڪي ڪڇ ڏي تومان- اسان جا...

اج اوان جي ساٿ آوئي، سنڌ سجي جي شان جي،

ڪراچي جي ڪم نصيبي، ڪڇ ٿيو ٻلوان- اسان جا...

مٺا ماڻون مٺي من سان مٺا ڏيندا مان جي،

مٺپ ۾ ويندا ملي آنئين مٺپ جا مهمان- اسان جا...

نو لکي ڪٿ سنڌ اوانجي، ڪٿ مٺو مهراڻ جي،

ڀلين آيا ڀاور مونجا، ڪڇ قسمت ساڻ- اسان جا...

مٺي ڌرتي ڪڇ جي ني، مٺا آئين مهمان جي،

”ڪاراڻي“ چين ڪڇڙو، ٿيندو مٺو مهراڻ- اسان جا...

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو

(آخري قسط)

4. سنڌي شاعريءَ جو فن ’سينگار‘

هن مضمون جي گذريل قسط جي آخر ۾، اسان نتيجي طور هيءَ راءِ قائم ڪئي هئي ته غالباً ڪلهوڙن کان اڳ ۽ ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر ۾ سنڌ جي سگهڙ شاعرن هندي شاعريءَ جي ”سنگار رس“ وارن مضمونن ۽ عنوانن ۾ پنهنجي سنڌي تخيل جي آميزش سان نوان نوان نقطا پيدا ڪيا، البته انهيءَ وائلي دؤر ۾ هنن پنهنجن خيالن کي هندي زبان جي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اندازاً، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي ايامڪاريءَ کان سنڌ جي پخته مشق شاعرن، حسن ۽ سينگار جي مضمونن کي نئين سنڌي اسلوب بيان ۾ نباهيو، ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ مستقل طور فن ”سينگار“ جو بنياد رکيائون.

اسان جي مٿئين نطريه جو مدار هن حقيقت تي آهي، ته تاريخي لحاظ سان ’سنڌي سينگار‘ شاعري اسان کي اول اول ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ پوري اوءج ۽ ڪمال تي نظر اچي ٿي، جنهن ڪري ان جي شروعات يقيني طور ڪافي عرصو اڳ ٿي چڪي هوندي. هن مضمون ۾ اسين پهريان تاريخي لحاظ سان سنڌ جي انهن نامور شاعرن جو ذڪر ڪنداسون جي ’سنڌي سينگار‘ شاعريءَ جي ميدان جا شهسوار

 

     راجا   راڳائِي،   هَردوئي  هيڪُ  ٿئا! - شاهه

بنيا ۽ ان فـــن ۾ گــوءِ کـنيائون. ان بعد سنڌي شـاعريءَ جي فن ’سينگار‘ جو مجموعي طور جائزو وٺي، ان جي خاص خصوصيات مثلاً ڳوڙهي اسلوب بيان، بلند تخيل، انوکين ادائن ۽ دلچسپ عنوانن تي قدري روشني وجهنداسون.

(الف) سنڌي سينگار شاعريءَ جا نامور شاعر

سنڌي سينگار شاعريءَ جو اوءج ۽ ڪمال اسان کي سڀ کان پهريائين حضرت جلال رنگريز جي بي بها بيتن ۾ نظر اچي ٿو. جلال غالباً پهريون استاد شاعر هو جنهن پنهنجي انوکي تخيل ۽ جادو بيانيءَ سان ”سنڌي سينگار“ کي اؤج تي پهچايو ۽ ان کي سنڌي شاعريءَ جي دائري ۾ هڪ مستقل فن جي حيثت ڏني. جئن ته هيٺ ذڪر ايندو، جلال، ميان نور محمد جي عهد جو شاعر هو ۽ غالباً ڀٽائي صاحب جو وڏو معاصر يا هم عمر هو. ان وقت جي عام سنڌي شاعري تصوف جي رنگ ۾ رڱيل هئي ۽ مجاز کان زياده حقيقت ڏي مائل هئي: جئن ته ان جو خاص مقصد اصلاح نفس هو ۽ ان جو خطاب عام ماڻهن کي هو، انهيءَ ڪري ان کي نهايت موءثر مگر عام فهم زبان ۾ ادا ڪرڻ ضروري هو. ان جي ڀيٽ ۾ ’سنڌي سينگار‘ شاعري پنهنجي پس منظر جي لحاظ سان هڪ خاص ’فن‘ هو جنهن ۾ محبوب جي حسن ۽ سينگار جي موضوع کي هڪ خاص انوکي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ لازمي هو. سينگار شاعريءَ جي هن ’فني حيثيت‘ سبب، ان کي نباهڻ لاءِ شاعرانه طبع سان گڏ هنرمندي ۽ سگهڙپائيءَ جي به ضرورت هئي. انهي لحاظ سان ”سينگار“ شاعريءَ جا استاد شاعر ساڳئي وقت هنرمند شاعر به هئا: البته هن سلسلي جا ڪافي اهڙا شاعر ٿي گذريا آهن جن جي شاعرانه طبع سندن ’هنرمنديءَ‘ تي غالب هئي، وري ٻيا ڪي اهڙا آهن جن جي ڪلام ۾ ’هنرمندي‘ يا سگهڙپائي زياده نمايان آهي.

بحيثيت هڪ ’فن‘ جي، سينگار شاعري نسبتاً هڪ مشڪل موضوع آهي، انهيءَ ڪري هن ميدان ۾ هر شاعر يا هر هنرمند جو ڪڏي پوڻ مشڪل هو. اهوئي شايد هڪ مکيه سبب آهي جو هن سلسلي جي سڄاڻ شاعرن جو تعداد ڪنهن حد تائين محدود نظر اچي ٿو. حالانڪ هي سلسلو ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دؤر جي شروعات کان وٺي ويندي اڄ کان پنجاهه ورهيه اڳ تائين، يعني ته تقريباً پوڻا ٻه سوء ورهيه، لاڳيتو نظر اچي ٿو. مگر هن تعداد جي ڪمي جا ٻيا ڪي خاص سبب پڻ نظر اچن ٿا. پهريون ته سينگار شاعريءَ جو خاص الخاص موضوع ’مجاز‘ هو. يعني ته محبوب جي ظاهري حسن ۽ سينگار جي تعريف. مگر سنڌ جي سرزمين عالمن، درويشن ۽ صوفين جي اصلاح نفس واري مسلسل تبليغ سبب حقيقت کي هميشه مجاز تي ترجيح ڏني، ۽ ’صورت‘ جي بدلي ’سيرت‘ جي قائل رهي، انهيءَ ڪري سينگار شاعري عالمن ۽ صوفي درويشن جي خاص طبقي ۾ عام رائج نه ٿي. جئن ته ان وقت لکيل پڙهيل طبقو به اهوئي هو، انهيءَ ڪري اهو شعر جنهن جو تعلق فن ”سينگار“ سان هو قلمبند ڪونه ٿيو، ۽ محض سگهڙن جي سينن ۾ ئي محفوظ رهيو. ٻيو ته ڀٽائي صاحب يا ٻين صوفي شاعرن جا بيت عام فهم زبان ۾ چيل هئا ۽ انهيءَ ڪري زبان زد عام ٿي ويا، مگر ’سينگار شاعري‘ بحيثيت هڪ فن جي، ڳوڙهي زبان ۽ انوکي اسلوب بيان ۾ ادا ڪيل هئي، انهيءَ ڪري ان جو ذوق خاص طرح ان فن جي ماهرن جي مجلسن جو ورد وظيفو بنيو. جيتوڻيڪ عوام ۾ ان کي ڪافي مقبوليت حاصل ٿي مگر اها مقبوليت خاص طرح عوام جي سڄاڻ سگهڙن ذريعي پيدا ٿي ۽ انهن فني اشعار جي روايت به گهڻو ڪري انهن سگهڙن جي سينن تائين محدود رهي. ٽيون ته تقريباً گذريل 100 سالن کان وٺي سنڌي ادب جي نئين دوءر جي سنڌي خواه انگريزي پڙهيل اديبن جو توجهه به اڪثر ڪتابي ذخيري تائين محدود رهيو ۽ هو سنڌ جي سگهڙن جي مجلسن کان يا ته بي بهره رهيا، يا ته انهن سگهڙن جي صدري خزانن جو ڪماحقہ قدر ڪونه ڪيائون، جنهن ڪري اهي قيمتي ذخيرا قلمبند ڪين ٿيا ۽ آهستي آهستي جيئن انهن سگهڙن هن دنيا کي ڇڏيو ته اهي صدري خزانا به پاڻ ساڻ کنيو ويا. اهڙيءَ طرح، سنڌي شعر جي ٻئي ذخيري سان گڏ سينگار شاعريءَ جو سرمايو به ضايع ٿي ويو ۽ اڳين استاد شاعرن جي نالن جو به ڪو نشان باقي نه رهيو.

انهن نا سازگار حالتن، ذوق جي ڪمي ۽ پڙهيلن جي ڪوتاهيءَ سبب هن وقت ’سينگار شاعري‘ جي سرمايي مان صرف ٻڏل ٻيڙيءَ واريون هريڙون وڃي باقي بچيون آهن جن جي تحقيق ۽ تلاش اسان تقريباً 1944ع کان شروع ڪئي آهي. مگر موجوده سگهڙن وٽ اها جنس اڪثر ناياب ٿي چڪي آهي. اسان سنڌ جي سگهڙن جي مشهور ماڳن ۽ دڪانن جي کنڊرن تي وڃي ڌوڙ ڌوين وانگر رک ۽ مٽيءَ جا ڍير وائريا آهن ته من ڪي هن مٽيءَ مان سون جا ذرڙا هٿ لڳن! انهيءَ محنت ۽ مشقت سان جو ڪجهه ذخيرو حاصل ٿيو آهي ان ۾ ’سينگار شاعري‘ جي چالهين کان وڌيڪ نامور شاعرن جا ٿورا ڪي گهڻا بي بها بيت، سالم يا ناقص حالت ۾ مليا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي سرزمين در اصل نه معلوم هن فن جا ڪيترا استاد شاعر پيدا ڪيا هوندا! اهي چاليهه کن نالا ته محض خوش قسمتيءَ سان اتفاق طور هٿ آيا آهن، ۽ تنهن هوندي به هندي ’سينگار رس‘ شاعريءَ جي شهسوارن جي مقابلي ۾ اهو ٿورو عدد به گهڻو ۽ وزندار آهي.

حضرت جلا رنگريز:

اسان مٿي چئي آيا آهيون ته حضرت جلال پهريون استاد شاعر هو جنهن پنهنجي انوکي تخيل ۽ جادو بيانيءَ سان ’سنڌي سينگار‘ کي اوءج تي پهچايو ۽ سنڌي شاعريءَ جي دائري ۾ ان کي هڪ مستقل فن جي حيثيت ڏني. افسوس جو هن باڪمال شاعر ۽ درويش جي سوانح توڙي ڪلام تي پوين ٻن سون سالن جي عرصي پنهنجو لٽ وجهي ڇڏيو آهي. اسان کي ڏهه سال کن اڳ سندس هڪ ٻه بيت مليا جن وڌيڪ تلاش جو جذبو جاڳايو. رساله ’نئين زندگي‘، ماه جنوري ۽ فبروري 1953ع، ۾ ’سنڌ جا سگهڙ‘ جي عنوان سان ٻن قسطن ۾ ڏنل مضمون ذريعي، بندي پهريون دفعو حضرت جلال کي اهل سنڌ سان روشناس ڪرايو ته من ذوق وارن کي وڌيڪ شوءق جاڳي ۽ سنڌ جي هن بادشاهه سگهڙ شاعر جو ڪماحقہ قدر ٿئي. ان ابتدائي مضمون بعد به جستجو جاري رهي جنهن ڪري حضرت جلال جي سوانح جا ڪي گوشا وڌيڪ روشن ٿيا آهن ۽ سندس شعر جو به ڪجهه وڌيڪ ذخيرو هٿ آيو آهي، جنهن جي بناء تي اسان حضرت جلال تي هڪ جدا ڪتاب لکي رهيا آهيون جنهن ۾ سندس سوانح ۽ ڪلام تي تفصيل سان روشني وڌي ويندي. البته جلال ڪٿي جو هو، ۽ ڪڏهن هو، ان باري ۾ ڪي تحقيقي نتيجا پيش ڪيا وڃن ٿا، انهيءَ لاءِ ته سنڌي سينگار شاعريءَ جي هن پهرئين استاد شاعر بابت ڪي ضروري معلومات ناظرين ڪرام جي سامهون رهن.

حضرت جلال جي جاءِ سڪونت بابت لس ٻيلي، ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعي جي اڪثر موجوده سگهڙن جي متفقه راءِ آهي ته هو ٺٽي ضلعي جو ويٺل هو، منجهانئن ڪن خاص معتبر رواين جي خيال ۾، هو تعلقي ميرپور ساڪري جي قديم ڳوٺ ’گروڙا‘ جو ويٺل هو. دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي سگهڙن جي متفقہ راءِ آهي ته جلال دادو ضلعي جو رهاڪو هو، منجهانئن اڪثر جي راءِ آهي ته هو دادو تعلقي جي ڳوٺ ’موندر‘ جو ويٺل هو، ۽ ڪن جو خيال آهي، ته هو جوهي تعلقي ۾ ’ڊگهه بالا‘ جو رهاڪو هو. جيتوڻيڪ هن سلسلي ۾ اڃا تائين ڪا يقيني راءِ قائم ڪري نه ٿي سگهجي، ته به هيٺين دليلن جي بناء تي في الحال هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته، غالباً جلال دادو ضلع جي ڳوٺ موندر(1) جو رهاڪو هو:

پهريون ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سپہ سالار شاهه بهاري جهنجهڻ ۽ قلات جي امير عبدالله خان بروهي جي جنگ بابت جلال ۽ جمن چارڻ هڪ ٻئي کي آمهون سامهون بيت چيا آهن(1). جئن ته ميان نور محمد جي گاديءَ جو شهر خداآباد هو جو دادو تعلقي ۾ واقع آهي. جمن چارڻ جا مٽ ۽ مائٽ عزيز به دادو ۽ سيوهڻ تعلقن ۾ رهندڙ هئا، ۽ خود شاهه بهارو به لاڙڪاڻي جو ويٺل هو جتي سندس مقبرو موجود آهي، انهيءَ ڪري جلال جي سڪونت به دادو ضلعي ۾ زياده قرين قياس نظر اچي ٿي. ٻيو ته جلال جو هڪ بيت حضرت مخدوم بلاول رحه جي مدح ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ چيو اٿس ته:

”بلاولي بحرين مان جن پيتا جودي جام“

جئن ته حضرت مخدوم بلاول رحه جي درگاه شهر دادو کان 6 ميل کن اتر طرف قديم شهر ’باغبان‘ ۾ آهي ۽ ڳوٺ موندر کي به ايترو ئي ويجهي آهي، انهيءَ ڪري جلال جي حضرت مخدوم بلاول سان هي عقيدت پڻ موندر ۾ سندس جاءِ سڪونت هجڻ جي تائيد ڪري ٿي. ٽيو ته، دادو تعلقي ۾ هي روايت عام آهي ته جلال، ’پير طرهي‘(2) جي مقام ۾ دفن ٿيل آهي، جو دادو شهر کان 7 ميل کن اتر ۽ ڳوٺ موندر کان اٽڪل ميل ڏيڍ اتر اولهه، موجوده دادو ڪئنال جي لڳو لڳ الهندي طرف واقع آهي. ’پير طرهي‘ جي سجاده نشينن قريشي پيرن، ٻين عام ماڻهن، ۽ خاص طرح اتي جي هڪ عمر رسيده شخص فاضل فقير شيخ توڙي ڀر واري ’ملڪن‘ جي ڳوٺ جي ٻڍڙي سگهڙ سليمان فقير ملڪ (عمر 80 ورهيه) ٻنهي متفقہ طور خبر ڪئي ته: ”اسان وڏن کان ٻڌندا ٿا اچون ته جلال موندر جو ويٺل هو ۽ سندس قبر پير طرهي تي آهي جا اسان ننڍي هوندي صحيح سلامت بيٺل ڏٺي هئي ۽ ماڻهو اچي ختمو پڙهندا هئا، البته درويش پير طرهي جي نالي سببان سندس شهرت ڪانه ٿي. هن وقت سندس قبر واريءَ جاءِ تي فقط هڪ پٿر جو نشان باقي آهي“ ا.هه. اسان سر زمين تي روبرو وڃي ڏٺو ته اهو نشان پير طرهي جي مقبري جي آڏو وڏي صحن ۾ ڏکڻ اوڀر طرف بيٺل وڻن جي هيٺ هڪ جهوني ٻير جي وڻ جي پاڙ ۾ آهي. جيتوڻيڪ سواءِ هڪ پٿر جي نشان جي ٻيو ڪوبه ڪتبو موجود ڪونهي، ته به هن مقامي روايت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

انهن مٿين ٽن قرين قياس دليلن جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته غالباً جلال موندر جو ويٺل هو ۽ سندس مرقد پير طرهي جي مقام ۾ آهي.

جلال جي حياتيءَ واري عرصي جي باري ۾ نسبتاً پڪا اهڃاڻ موجود آهن. جلال ۽ جمن چارڻ جيڪي بيت هڪٻئي کي سوال جواب ۾ چيا آهن تن جو تعلق انهيءَ جنگ سان آهي جا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر ۽ مير عبدالله خان قلات جي واليءَ جي وچ ۾ لڳي جنهن ۾ مير عبدالله خان شهيد ٿي ويو. ميان نورمحمد طرفان شاه بهارو جهنجهڻ سپهه سالار هو جنهن جي تعريف ڪندي جلال پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو ته:

”بازي بهارو شاه، کٽي ويو شير کون“

اها جنگ سنه 1144 هه (1731ع) ۾ لڳي(1) ۽ ان بابت چيليتن مان ظاهر آهي ته جلال ان وقت هڪ بلڪل پخته مشق شاعر هو. جمن چارڻ به پنهنجي وقت جو چوٽيءَ جو شاعر هو جنهن جلال جي بيتن جو جواب ڏنو(2). انهيءَ مان ظاهر آهي ته جمن ۽ جلال هڪ ٻئي جا ساٿياري ۽ همعصر هئا. درويش جمن چارڻ سنه 1150هه (1739ع) ۾ وفات ڪئي، يعني ته شاه عبدالطيف کان 14-15 سال کن اڳ، ۽ انهيءَ لحاظ سان چئي سگهجي ٿو ته جمن توڙي جلال، شاهه صاحب جا وڏا معاصر هئا.

جلال جي زندگيءَ جي حالات جو پورو پتو پئجي نه سگهيو  آهي. سندس باري ۾ روايتون مشهور آهن ته هو پنهنجو موروثي ڌنڌو ڪندو هو ۽ ڪپڙا ڌوئندو هو. پنهنجن بيتن ۾ ’کٽي‘ توڙي ’رنگريز‘ جو تخلص آندو اٿس جنهن مان سمجهجي ٿو ته غالباً جلال دڪان تي ڪپڙن رڱڻ جو ڪم به ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته ڪن بيتن ۾ خاص طرح ’دڪان‘ جو نالو وري وري آندو اٿس مثلاً:

”دؤڙي ونء دڪان تي، ڪَهه پڇ ڪاريگر.“

 

.......

”دؤڙي ونء دڪان تي، هٿ ٻڌي ڪر حال.“

 

......

”دل اُجار دڪان تي، ديک وڃي داناء.“

 

جت قبيلن جا ماڻهو آسپاس رهندڙ هئا جن سان جلال جي تمام گهڻي پريت هئي. پنهنجي هڪ بيت ۾ انهن نيڪ، سادن ۽ مارو ماڻهن کي ساراهيو اٿس ته:

جت بلوچان بابڙا، آهن حلمي هٿوڪا،
ڪنڌيين رهن ڪانهلا هي بر جا بتوڪا،
بوريا بافڻ جن جو، رکڻ داڻا دلوڪا،
کٽو ڏائن کنج جون، پائن پتوڪا،
ڏاچيون چارن ڏيهه جون، ڪن ٽڙن تي توڪا،
گهگهيرين گهر ڄائيا، سي جسماني جوڪا،
آهن آريءَ ڄام جا، اديون آتوڪا،
پنهونء کي پرتل ٿيا هي گنگا گڪوڪا،
جي اهڙا اَلوڪا، تن جتيم جيء جلال چئي.

 

جتن سان جلال جي والهانه محبت هئي مگر مخالفن اهو هلايو ته جلال جتڻين ماين مان ڪنهن تي عاشق آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي جڏهن کاڻ تي ڪپڙا ڌوئڻ ٿو وڃي ته هميشہ جتن جي ڳوٺ ڏانهن منهن ڪري بيهي ٿو ڪپڙا ڌوئي. حقيقت ۾ جلال تي نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو عشق غالب هو ۽ انهيءَ ڪري هميشہ الهندي منهن ڪري بيهي ڪپڙا ڌئندو هو. جئن ته جلال جي سندس ٻئي همصر شاعر صابر موچيءَ سان دوستي هئي، ۽ صابر موچيءَ ۽ سيد محسن شاه پاڻ ۾ ڪين ٺهندا هئا، انهيءَ ڪري سيد محسن شاهه کي شڪ جاڳيو ته شايد جلال جتن مان مائيءَ تي عاشق آهي. چون ٿا ته هڪ دفعي محسن شاهه انهيءَ کاڻ تي آيو جتي جلال بيٺي ڪپڙا سٽيا. کيس ڪلهي تي هٿ هڻي چيائين ته ’جلال! جت ڪٿي!‘ جلال سندس اشارو سمجهي ويو، سو جواب ۾ هيٺيون بيت چيائين، جنهن ۾ عمداَ جتڻين ماين جي تعريف ڪيائين ته:

پيهي ڏس پکن ۾ اٿئي سون چڙيون،
آريٽيون اڱڻ تي، ڪڍن انگ اڙيون،
رئي رتيون، رنگريز چئي، تن پوتيون نيهن نڙيون،
پاڻي ڀرن پتوه جان، اچن گام گِڙيون،
گهگيريون گمڻ ۾ آهن ڳم ڳڙيون،
مهر اٿن منهن تي، پر مِهر مامڙيون،
هو ٿئي ڪل ڪڙيون(1)، هوٿئي جت جلال چئي.

 

چون ٿا ته آخري مصرع چوڻ وقت، محسن شاهه کي ٻانهن مان جهلي الهندي طرف اشارو ڪيائين ۽ محسن شاهه جي نظر وڃي. نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي روضي تي پئي.

جلال کي حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي حقيقي عشق جي چوٽ لڳل هئي. انهيءَ نقطي کي اسان پنهنجي مضمون ”سنڌ جا سگهڙ قسط 2“، رساله نئين زندگي، فبروري 1953ع، ۾ قدري تفصيل سان واضح ڪيو آهي. نموني طور نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي مدح ۾ چيل سندس ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا جن ۾ فڪر جي بلندي توڙي زبان جو ميٺاج ۽ پختگي قابل تعريف آهن.

روشن ٿي سڀ رات، جڏ سپڙ ڄام سِرجيو،
آيو داڙون دين جو، پيئي وائي سڀ ڪنهن وات، سخي ڄام سخاوت جي پلٽ ڪئي پرڀات،
ڏئي ٿو جنگ، جلال چئي، ڏيهن کي نت ڏات،
مير وٺيو ميراٿ، اڀو سواليين سڏ ڪري.

 

.........

ڦئنٽي مٿي ڦُل، سونهي سر سردار جي،
جنُگ ساماڻي جکري، لٿو هيبت هل،
سيد جو سڀ ديس ۾، تور نه آهي تُل،
اچن در عجيب جي ڪيرت وارا ڪُل،
جنين مال نه مل، تنهن ڏئي جنهوار جلال چئي.

 

بيشڪ جلال جي ذاتي طور نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم سان لنوء لڳل هئي ۽ انهيءَ حقيقي محبت کيس آخر نيئي عارفانه منزل تي پهچايو. مگر سندس شگفة طبع، تيز ذهن، سنڌي زبان تي عبور، ۽ ٻين ٻولين جي لغت کان واقفيت شروع کان ئي کيس سنڌي شاعريءَ جي مختلف مضمونن ۽ عنوانن ڏانهن متوجهه ڪيو، جن مان هرهڪ ۾ هن پنهنجا جوهر ڏيکاريا. مطلب ته جلال نه فقط هڪ اعليٰ شاعر هو مگر پنهنجي وقت جي هنرمند شاعرن جو سرواڻ ۽ سرتاج هو ۽ عام سگهڙن جو سر مهرو ۽ سالار هو. سنڌي زبان ۾ ’فن سگهڙپائي‘ جو ته ڄڻ باني مباني هو: فن ”هنر“ به کانئس هليو ته ”ڏهسنامہ“ جي ڏاهپ سان به وٽائنس شروع ٿي جنهن پوءِ هر ڏس ۾ ڏاهه پئجي وئي. ان ڏهسنامہ جي ڏاهپ سان هن سنڌي شاعريءَ جي فن ”سينگار“ کي ويتر وڌيڪ سينگاري اؤج ۽ ڪمال تي پهچايو، جئن اڳتي هلي واضح ٿيندو.

ٻيا شاعر:

ٻين شاعرن جن حضرت جلال واري واٽ ورتي، ۽ خاص طرح سنڌي شاعريءَ جي فن ’سينگار‘ ۾ پاڻ موکيو، تن مان پهريون گروه خود جلال جي همعصر شاعرن جو هو. ڏاتو، خضر ۽ خالو ٽيئي کٽي هئا ۽ غالباًل جلا جا عزيز ۽ همعصر هئا. صابر موچي پڻ جلال جو دوست ۽ همعصر هو. انهن کان سواءِ نه معلوم ٻيا به ڪيترائي استاد شاعر ان وقت هئا جن جا نالا اسان تائين نه پهتا آهن. لس ٻيلي ۽ لاڙ طرف به ’سينگار‘ شاعريءَ جو چرچو هو، ۽ انهن اراضين مان پوءِ جلد ئي فن ’سينگار‘ جا وڏا استاد شاعر پيدا ٿيا. بهرحال ميان نور محمد ڪلهوڙي واري دوءر ۾ ’سينگار‘ شاعري اهڙي ته اوءج کي پهتي جو وڏا درويش صوفي شاعر پڻ ان کان متاٿر ٿيا. سيد ميون شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ان وقت صوفي شاعريءَ جا امام ۽ اڳواڻ هئا ۽ سندن ئي رسالن ۾ اسان کي پهريون دفعو حقيقت سان گڏ خالص مجازي شاعريءَ جي جهلڪ پڻ نظر اچي ٿي، جنهن ۾ محبوب جي ناز ۽ انداز ۽ عورت جي ظاهري حسن ۽ سينگار کي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اهو رنگ کانئن اڳين بزرگن جي ڪلام ۾ اڪثر ناپيد آهي، ۽ جي آهي ته به نسبتاً بلڪل گهٽ آهي. اسان جي خيال ۾ اهو سندن همعصر شاعرن (جلال ۽ ٻيا جن فن ’سينگار‘ ذريعي محبو جي ظاهري حسن ۽ سينگار جي عنوانن کي چمڪايو) جو اثر هو جنهن هنن بزرگن جي ڪلام ۾ به محبوب جي مجازي حسن ۽ سينگار جي جهلڪ پيدا ڪئي. شاهه عبداللطيف محبوب جي حسن ۽ ناز کي پنهنجي هيٺئين بيت ۾ نهايت ئي پاڪيزه ۽ بلند مقام کان حقيقي رنگ ۾ بيان ڪيو آهي ته:

ناز منجهارا نڪري، جڏه پرين ڪري ٿو پنڌ،
ڀونءِ پڻ ’بسم الله‘ چئي، راهه چمي ٿي رند،
اُڀيون گهڻي ادب سين، وٺي حورون حيرت هنڌ،
سائينءَ جو سوڳنڌ، منهنجو ساجن سڀنئان سوهڻو!

 

(سر بروو سنڌي)

سيد ميين شاه عنايت رضويءَ غالباً پهريون دفعو، سر مومل راڻي ۾، مومل ۽ سندس سهيلين جي حسن جي مجازي تعريف زياده کليل الفاظ ۾ ڪئي ته:

گلبدن جون گجريون، ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل مان واسينگ ويڙهيائون،
انهيءَ پر، عنات چئي، راڻو رانيائون،
سو موٽي ڪيئن پاهون، جو گل گجر کي گڏئو!

 

ڀٽائي صاحب انهيءَ مضمون ۾ اڃا به اڳتي قدم وڌايو، ۽ ’سر مومل راڻي‘(1) ۾ هن رنگ جا ٽي بيت چيائين جي پنهنجو مٽ پاڻ آهن:

1. جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيلئا، ها ها، هو، هٻيس،
پسئو سونهن، سيد چئي، نينهن اچن ٿا نيس،
لالڻ جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي.

 

2. جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون،
عطر ۽ عبير سان، تازا ڪئائون تن،
مڙهيائون مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
سونهن رُپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،
ڪيائين لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن،
منجهه مرڪئس من، سُوڍي سين سڱ ٿئو‘.

 

3. سون ورنيون سوڍيون، رُپي رانديون ڪن،
اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن،
اوتيائون عبير جا، مٿي طاق تڙن،
ٻاٽن ٻيلون ٻڌيون، پسئو سونهن سڙن،
ٿيا لاهوتي، لطيف چئي، پسڻ لئه پرين،
اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪورئا ڪاپڙي.

 

انهن ظاهري ساٺن سينگارن کانسواءِ مجازي حسن جي حملي کي پڻ ڀٽائي صاحب واضح لفظن ۾ بيان ڪيو ته، ”مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس“ ۽ پڻ ”مومل کي مجاز جون تارن ۾ تبرون“. مجموعي طور ’سينگار‘ شاعريءَ جي انهيءَ جهلڪ کان سواءِ، خصوصاً ’فن سينگار‘ جي مضمون توڙي اسلوب بيان جو اثر پڻ سيد ميين شاه عنايت توڙي ڀٽائي صاحب جي ڪن بيتن ۾ چٽيءَ طرح نظر اچي ٿو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.

جلال ۽ سندس همعصر گروه بعد، سنڌي ’سينگار‘ شاعريءَ جي نامور شاعرن ۾ هڪ طرف جلال جا پاڙيسري ۽ جمن چارڻ جا عزيز، جان محمد، صدرالدين ۽ گلاب چارڻ هئا ته ٻئي طرف وري سيد ڪبير شاهه، شيخ ابراهيم ۽ سندن ساٿي هئا جن لس ٻيلي ۽ ملير طرف هن شاعرانه فن جو چرچو پيدا ڪيو. سليمان نالي ’فن سينگار‘ جو استاد شاعر به غالباً هن ٻئي گروهه منجهان هو. ان بعد هن طبقي جي ٽئين گروه ۾ هڪ طرف دادو طرف جا سگهڙ شاعر ڪنڀار (نالو نا معلوم)، لونگ، وڌو، مانجهي ڊکڻ، کمڻ چارڻ ۽ چاڪر خان رستماڻي هئا، ته لس ٻيلي ۽ ملير طرف وري ڄام مراد علي، غلام الله جوکيو، قيصر خان ڀنڊ، دوس محمد راڄن شاهه، ۽ شيخ سائينداد جهڙا اعليٰ هنرمند استاد شاعر هئا. نواب شاهه ضلع مان حمل فقير لغاري اڪيلو هن پوئين گروه جي ساٿيارن مان هو جنهن هن فن ۾ طبع آزمائي ڪئي. مينهن وسايو مڱڻهار تازو پوئين وقت جو ڪوهستاني شاعر هو. انهن ٽن گروهن کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي شاعر هن ميدان جا شهسوار هئا جن جي محض نالن ۽ چند بيتن کان سواءِ هن وقت تائين ٻي ڪابه معلومات حاصل نه ٿي سگهي آهي. هيٺيان شاعر هن گمنام طبقي ۾ داخل آهن: ملار، يوسف، غلام، قادر بخش (يا، ۽) قادو، شيرخان، سعيد، نواز، دينڻ، ملان خوشحال، هوندن، بلوچ (نالو نامعلوم)، انڙ (نالو نامعلوم ۽ ٻيا.

(ب) سنڌي سينگار شاعريءَ جون خصوصيتون

سنڌي سينگار شاعريءَ جي مٿين تاريخي پس منظر ۽ هن فن جي سڄاڻ شاعرن جي مختصر واقفيت بعد، اسان ’سنڌي سينگار‘ شاعريءَ جي انهن خاص خصوصيات جو ذڪر ڪنداسون جي ان کي هندي ’سينگار رس‘ کان اسلوب بيان خواه عنوانن ۾ بي نياز ڪري، سنڌي شاعريءَ جي دائري ۾ بطور هڪ فن جي جداگانه ۽ مستقل حيثيت ڏين ٿيون.

1. لغت جي وسعت ۽ بيان جي ڳوڙهائي:

”سنگاررس“ شاعريءَ جا عنوان ۽ مضمون هندي ٻوليءَ يا ان جي ٻين ويجهن محاورن ۾ رچيل هئا. سنڌي سگهڙن ۽ شاعرن لاءِ اهي ٻوليون غير سنڌي ۽ نيون هيون. انهيءَ ڪري غالباً هيءُ خيال پيدا ٿيو ته عورت جي حسن ۽ سينگار جي مضمونن کي انوکي لغت ۾ ادا ڪرڻ ضروي آهي. جڏهن سنڌ جي استاد شاعرن، پنهنجي نئين ’سنڌي سينگار‘ جي فن کي هندي ٻوليءَ ۽ ان جي محاورن جي بدلي سنڌي ٻوليءَ جي قالب ۾ سموهيو، تڏهن اهو لازمي ڄاتائون ته ان ۾ اهڙا انو کا الفاظ استعمال ڪن جو سندن زبان جي ڳوڙهائي، ’سنگاررس‘ جي هندي ٻوليءَ واري انوکائيءَ جو مقابلو ڪري ان جي مٽ ۽ برابر ٿئي، بلڪ ان کان اتم ۽ اعليٰ بنجي.

’سنگار رس‘ لاءِ استعمال ٿيل هندي ٻوليءَ جي لغت محض سنسڪرت ۽ هندي محاورن تائين محدود هئي. سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن پنهنجي ”سنڌي سينگار“ فن لاءِ هڪ طرف پنهنجا انوکا سنڌي الفاظ اختيار ڪيا، ٻئي طرف ’سينگار رس‘ شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل سنسڪرت ۽ هندي اسمن کي پنهنجو ڪيو، ۽ ٽئين طرف وري عربي، فارسي بلوچي وغيره ٻولين مان انوکن اسمن جو هڪ وڏو سرمايو هٿ ڪيو. اهڙيءَ طرح ’سنڌي سينگار‘ شاعريءَ کي انوکي ۽ ڳوڙهي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي لغت ۾ هڪ وڏي وسعت پيدا ڪيائون: بلڪ ائين چئجي ته خاص ’سنڌي سينگار‘ فن لاءِ ڄڻ هڪ نئين لغت تيار ڪيائون جنهن ۾ سنڌي، هندي، سنسڪرت، عربي، فارسي، بلوچي، براهوئي سرائڪي، ٿري، ڍاٽڪي ٻولين جي انوکن اسمن جو سرمايو شامل هو. مختلف ٻولين جي مطلوب اسمن جي واقفيت ۽ ڄاڻ کي سنڌ جي سگهڙن هڪ خاص ’سگهڙ پائيءَ جو فن‘ قرار ڏنو جنهن کي ’ڏهسنامو‘ ڪري سڏيائون.

ڏهسنامو:

سنڌ جي موجوده سڄاڻ سگهڙن جي متفقه نظريي موجب ’ڏهسنامو‘ سنڌي سگهڙ پائي جو آڳاٽو فن آهي، جنهن جو مطلب آهي: لفظن جي اها ڄاڻ ۽ بيان جو اهو نمونو جنهن ۾ ”ڏهه ٻوليون ۽ ڏهه معنائون هجن.“ سندن متواتر روايت موجب ”کٽي ڏهسنامي جا پهريان استاد هئا“. يعني ته جلال کٽي ۽ سندس قريب ساٿي ڏهسنامي جي فن جا پهريان ڄاڻو ۽ ماهر هئا. سنڌ جي هن سيني به سيني هلندڙ روايت مان ظاهر آهي ته ڏهسنامي جي فن جي شهرت جلال جي ڏينهن کان ٿي، ۽ سنڌي سينگار شاعريءَ جو فن به ان وقت اوءج تي پهتو، انهيءَ ڪري سمجهجي ٿو ته ڏهسنامي جو فن، جنهن جي ذريعي مختلف ٻولين جي انوکن اسمن جي ڄاڻ پيدا ٿي، سنڌيءَ سينگار شاعريءَ جي عروج لاءِ بنيادي ڏاڪو هو.

غالباً سنڌ جي سگهڙن ”ڏهسنامي“ جو نالو ان وقت جي فارسي تعليم جي اصطلاحن کان متاثر ٿي اختيار ڪيو. فارسي سکڻ لاءِ ’دووايو‘، ’ٽه وايو‘ ۽ ’آمدنامو‘ مشهور اصطلاحي نالا هئا. سنڌ جي سگهڙن جو معياري نظريو هو گهڻي ۾ گهڻين ٻولين جا انوکا الفاظ سکن، انهيءَ ڪري ’ٻن‘ يا ’ٽن‘ جي بدلي ’ڏهن‘ جو عدد نظر ۾ رکيائون، ۽ ’آمدنامي‘ جي لحاظ سان پنهنجو نئون اصطلاح ”ڏهسنامو“ ايجاد ڪيائون.

سگهڙن جي ذريعي ’ڏهسنامي‘ جا جيڪي مثال اسان تائين پهتا آهن، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ’ڏهسنامي‘ جي ڄاڻ خصوصاً ’سنڌي سينگار‘ شاعريءَ جي خذمت واسطي پيدا ٿي. سنڌ جي سگهڙن خاص طرح انهن اسمن جا هم معنيٰ الفاظ ٻين ٻولين مان ڳولي هٿ ڪيا جن جو تعلق محبوب جي سهڻن عضون ۽ اندامن سان يا انهن جي مشابهات سان هو. مثلاً محبوب جا وار، اکيون، ڏند، چپ، نڪ، چيلهه، پير خاص طرح تعريف جي لائق هوندا آهن، انهيءَ ڪري انهن اسمن جا هم معنيٰ الفاظ ٻين ٻولين مان هٿ ڪيائون. تشبيهات جي دنيا ۾ محبوب جي حسن، چهري جي رونق ۽ بدن جي صفائيءَ جي ڀيٽ سج، چنڊ، کنوڻ، سون وغيره سان ٿي سگهي ٿي، وارن جي ڀيٽ ڪاري رات ۽ ڪارن نانگن سان ٿي سگهي ٿي، اکين جي ڀيٽ هرڻ جي اکين سان ٿي سگهي ٿي، ڏندن جي ڀيٽ موتين سان ٿي سگهي ٿي لبن جي لالائي جي ڀيٽ ’مينهن وساڙي‘ جيت ۽ لعلن وغيره سان ٿي سگهي ٿي، سندس سهڻي هلڻي جي ڀيٽ هاٿي، هنجهه ۽ مور وغيره جي سهڻي لوڏ ۽ ٽور سان ٿي سگهي ٿي، سندس سنهي چيلهه جي ڀيٽ شينهن جي سنهي چيلهه سان ٿي سگهي ٿي. انهيءَ لحاظ سان سج، چنڊ، کنوڻ، سون، مينهن وساڙي جيت، رات، نانگ، موتي، هرڻ، هاٿي، هنج، مور ۽ شينهن جي اسمن جا هم معنيٰ الفاظ مختلف ٻولين مان ڳولي هٿ ڪيائون، انهيءَ لاءِ ته انهن انوکن لفظن جي موءثر ۽ موزون استعمال سان سنڌي سينگار شاعريءَ جي اسلوب بيان ۾ اها ساڳي انوکائي ۽ ڳوڙهائي پيدا ڪري سگهن، جا کين هنديءَ جهڙي ڌاري ٻوليءَ ۾ نظر ٿي آئي.

اسان هت ’ڏهسنامي‘ جا ڪي مثال قلبمند ڪيون ٿا انهيءَ لاءِ ته لغت جو هي مخصوص فن، جنهن تي سنڌي سينگار شاعريءَ جي اسلوب بيان جو دارو مدار آهي، ان جي ماهيت قدري معلوم ٿئي. ’ڏهسنامي‘ جي ڄاڻ ۽ رهاڻ جا عملي مثال اسان جي سگهڙ سيني به سيني سانڍيندا پئي آيا آهن. آڳاٽي ۾ آڳاٽا سگهڙ جن جي ذريعي هي مثال اسان تائين پهتا آهن، سي هي آهن: 1. لس ٻيلي جي سڄاڻ سگهڙ ۽ شاعر نم فقير مڱڻهار (1750/1700-96/1893) جي روايت، جا سندس عزيز صالح محمد کان معلوم ٿي: 2. لس ٻيلي ۽ ڪراچي طرف جا گذريل صديءَ جي نصف جا سگهڙ جن جي زباني ڪي چند مثال آخوند عبدالرحيم ”وفا“ سنه 1273هه ۾ سندس هڪ هٿ لکيل قلمي ڪتاب ۾ ڏنا آهن، ۽ 3. حمل فقير لغاري جنهن پنهنجي عرصه حيات (1225-1296) ۾ ڏهسنامي جا مثال مختلف سگهڙن وٽان ٻڌا، جن کي هن پنهنجي شعر جي قلمي بياض جي چئن پنجن صفحن ۾ تفصيل سان قلمبند ڪيو آهي. غالباً، اوائلي روايتن ۾ هر هڪ اسم جي هم معنيٰ لفظن کي هڪ منظوم مصرع ۾ پوتو ويو، انهيءَ لاءِ ته اهي نالا آساني سان ياد ڪري سگهجن، البته زماني جي گذرڻ سبب ڪن اسمن جون منظوم مصراعون سلامت نه رهيون آهن. هيٺيان مثال عضون جي هم نام نالن جا آهن:

وار = اُڳ، رڌان، ڪيس، ڪَچ، ترنگ، چڪُر، وار(1)
شعر، موءِ، ڦُٽ، زلف، ساجن سَر سينگار.
اکيون
= آنک، اکيان، نيڪ ڪنول، چاه، چشم، بن رين
ڀڀ، کنجن، چڀ، کن اک، پي، لوچت، دونين.

 

يا

آنک، اکيان، نينڪ، ڪنول، نيتر، چاه، چشم،
چتر، چڪس(؟)، پي، درگ، لوچن(؟)، کنجن، ڇم.

 

نڪ = نڪ، بيني، ڦونر، پامس، انف

چپ = هـــونٽ، لــــب، شــفــت، چـَـــپ

هيٺيان مثال تشبيهات وارن اسمن جي هم نام نالن جا آهن.

(الف) ڪاري رات ۽ ڪارا نانگ جن سان محبوب جي ڪارن وارن کي تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي.

رات = تُڳي، تُهاري، تامني، تمهر، تام، تَمَس،
رات، رجني، رين، ليل، پهپ، چنيهر، نِس،
شب، شام، شف، تامسر، تاڳي، پهنب، آنس.

 

نانگ = ڦن، پنيگ، ڀوَنگ، ازگر،

ڪرشن، بدويس، نــانگ، وسيهــر،

مـــــــار، ثعبــــان، الــيهـر، تـالـيـهــر.

(ب) سج، چنڊ، سون ۽ کنوڻ جن سان محبوب جي حسين منهن جي رونق کي تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي.

سج = شارق، شمس، وجون، ويذا، سجبرن، دي سرخي، ديتاب،
اڏت ورن، سج، رڀن، خورشيد، بانا، بانر (يا بانسر؟)، آرن، آفتاب،

چنڊ = پونو، پانو، پنرو، پونم، چاند، چندورو، چَنَد،
درڳ، سسوئو، دڄراج، پورب، سيس، مڪرند(1)
نوخ، قمر، ماهتاب، بدر، ماهه، هلال، هسند.
سون
= ذهب، سوسن(؟)، سهرو(؟)، ڪنچن، سون، ڪُنَدن،
فيم، وِتافر، ٿهنگو، رچي، طلا، رتن.
کنوڻ
= برق، دامني، بج، سمڻه(؟)، جهانڪ(؟)، چي، ڪنگور،
کنوڻ، وڄ، بجلي، ڪروخ، ملارگهنه، چچور.

 

(ج) هرڻ جنهن جي اکين سان محبوب جي اکين کي مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي:

اُدگر، آهو، کرڊبدن(؟)، هرن، ڪرنگهان، ڇيل(2)
جهوڪا(؟)، مرگهه، غزاله، الڪ، اسها، اسهول، نيل.

 

(د) طوطو جنهن جي ڪنڍي چهنب سان محبوب جي ڪنڍي نڪ کي تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي:

ڪيل، اُننگ، تيمر، بدر، سوندله.

(هه) موتي جن سان سهڻن ڏندن کي ڀيٽي سگهجي ٿو.

تنگن، پدماوت، مرواريد، دوڏر(1)،

تــــاهـــــل، سندر، در، موتي احمر،

(و) هاٿي جنهن جي سهڻي رفتار سان محبوب جي سهڻي هلڻي ۽ لوڏ کي ڀيٽ ڏيئي سگهجي ٿي.

ڪُنجل، ڪنجن، هنوت، هاٿي، گج، سنکر، غيدان،
هستي، چنچل، هرنو، فيل، گنير گت گيان.

 

(ز) شينهن جنهن جي سنهي چيلهه سان محبوب جي باريڪ ڪمر کي تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي.

سنگ، ڪُنير، ڪارڌو، قيصر، ليث، مزار(2)،
اَسد، چيٽا، شير، شينهن، اينٽر نانءُ نروار.

 

هن وقت اٽڪل ٻن سون ورهين کان پوءِ به ڏهسنامي جي لغت جي انهن مثالن ۽ مصراعن جو باقي رهڻ ثابت ڪري ٿو ته جلال ۽ سندس ساٿين جي وقت ۾ هن فن جو ڪافي چرچو هوندو. لغت جي هن ذوق ۽ ڄاڻ ذريعي سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن ۽ شاعرن اهي انوکا الفاظ ڄڻ پنهنجا ڪري ڇڏيا، ۽ انهن جي موزون ۽ موءثر استعمال سان پنهنجي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ اها ڳوڙهائي پيدا ڪيائون جو ان جي ڀيٽ ۾ سندن اهل وطن واسطي ”سنگار رس“ جي هندي ٻوليءَ واري انوکائي هيچ بنجي وئي، ۽ هو هندي ’سنگار رس‘ جي بدران، هاڻي ڪلي طور ’سنڌي سينگار‘ ڏانهن متوجهه ٿيا.

هن ڪاميابيءَ جو سهرو يقيني طور حضرت جلال جي سر تي سونهي، جنهن پهريون دفعو ’فن سينگار‘ کي نهايت مؤثر ۽ ڳوڙهي اسلوب بيان ۾ بهترين نموني سان نباهيو، جنهن ڪري انوکو ۽ ڳوڙهو اسلوب بيان سنڌي سينگار شاعريءَ جي هڪ خاص خصوصيت بنجي ويو. اها حقيقت اڳتي آندل بيتن مان پوريءَ طرح واضح ٿيندي، مگر اسلوب بيان جي ڳوڙهائيءَ کي هت ابتدائي طور سمجهڻ لاءِ، جلال جو هڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو(1)

1. تمهر روپ ترنگ، آهن ڪنول ڪيس قريب جا(2)
2. سهه ڳچي، قد سرو سنئون، ڪئونتر نيف نسنگ،
3. ڦوڳر ڦوڳ پريانہ جا، مزگان ڪيس خدنگ،
4. لڪ ليثي، ڏهر ڪپور، ڀروان ڀوءنر ڀونگ،
5. تنهن سسايا سارنگ، جلوي ساڻ جلال چئي.

 

ظاهر آهي ته لغت جي وسيع ڄاڻ کان سواءِ هن بيت جي ڳوڙهائيءَ کي سمجهڻ مشڪل آهي. قابل هنرمند شاعر محبوب جي حسن جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته:

1. ڪاري اونداهي رات (تمهر) مثل، محض محبوب جا ڪارا ڊگها وار (ترنگ) ڪنول گل جهڙا نرم وار (ڪيس) آهن. 2. سندس سهڻي ڳچي ڪونج (سهه) جهڙي، قد سنئون سروء جهڙو، ۽ نڪ (نيف = ع. انف) طوطي (ڪئونتر) جي چهنب مثل نروار ڪنڍو آهي. 3. پرينءَ جا ڳل (ڦوڳر) مينهن وساڙي جيت (ڦوڳ) جهڙا ڳاڙها لال، ۽ سندس پنبڻين (مزگان) جا وار (ڪيس) تيرن (خدنگ) مثل آهن. 4. سندس ڪمر (لڪ) شينهن (ليث) جي چيلهه جهڙي سنهي، ڏند (ڏهر) اڇا ڪافور (ڪپور) جهڙا، ۽ ڀرون اهڙا ڪارا آهن جهڙا ڀونئر ۽ نانگ. 6 بقول جلال، (هن سڀني صفتين سهڻي سڄڻ) سندس حسن جي جلوه ساڻ سانوڻ (سارنگ) جي سهسين رنگ سونهن کي به جهڪو ڪري ڇڏيو آهي!

جلال جي هن بيت ۾ عربي، فارسي، سنسڪرت، هندي ۽ سنڌي زبانن جي لغت سمايل آهي،  غالباً سندس ئي هن سٽا ذريعي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ انوکن لفظن جو استعمال هڪ مڃيل معيار بنجي ويو. نه فقط ايترو مگر هن انوکي اسلوب بيان کان همعصر صوفي شاعر پڻ متاثر ٿيا. ڀٽائي صاحب، جو جلال ۽ سندس ساٿين جو همعصر هو، ۽ جنهن پنهنجي ذاتي فڪر ۽ طبع زاد بيان جي علاوه، ضرورت آهر هر گل مان واس وٺي پنهنجي فڪر کي عالمگير ۽ بيان کي جامع البيان بنايو، تنهن پڻ پنهنجي همعصر شاعرن جي هنن نئين شاعرانه فن ۽ انوکي اسلوب بيان کي قدري پنهنجي زباني ڳايو ۽ چمڪايو.

مثلاً سر ڪوهياري جا هيٺيان ٻه بيت جن ۾ عمداً انوکن عربي لفظن کي استعمال ڪيو اٿس، سي هن معاصرانه سينگار شاعريءَ جي ڳوڙهي اسلوب بيان جو عڪس ڏيکارين ٿا.

1. ’ليل‘ نه جاڳئين لک سين، ڪلي ’نوم‘ ڪياء،
’قم‘ ٿي پهچ قريب کي، ’اجلس‘ تو نه جڳاءِ،
مٺي! مهمانن سين ويهي رات وهاءِ،
جيلا نہ ننڊ ڪياءِ، تيلانہ روز رئين ٿي راه ۾.
2. ’اجلس‘ ڪري اٿيا، تنواريو توڏن،
’نوم‘ نوازي ان کي، مرحبا موڏن،
رڙهي رس روڏن، ’اليوم سيروءا‘ سسئي!

 

نه فقط ايترو پر خود معاصرانه سينگار شاعريءَ جي دلچسپ مضمونن کان متاثر ٿي، ڀٽائي صاحب هيٺيون بيت بلڪل انهيءَ رنگ ۾ چيو ته:

گنير گت سکن، چلڻ جي چاه پئي،
هنڊوا حيرت ۾ پيا، لالي ڪي لبن،
چمڪن چوڏس چنڊ جئن وڄڙيون وهسن،
لوچن ٿيون لطيف چئي، پسڻ لئي پرين،
ڪيسر قريبن، سنباهي ساڻ ڪيا.
                            (سر سارنگ: 7-3)

هن بيت ۾ ’گنير گت‘ (هاٿيءَ جي چال)، هنڊوا (ڳاڙها مينهن وساڙا جيت) ۽ ڪيسر (زعفران جنهن جي ڳاڙهي رنگ ۽ خوشبوءِ سان محبوب جي بدن جي لال ٻهڪندڙ رنگ ۽ هٻڪار کي مشابهت ڏجي ٿي) خاص طرح ڏهسنامي جي لغت جا الفاظ آهن جي سينگار شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل آهن. ساڳيءَ طرح ميين شاهه عنايت رضويءَ پڻ معاصرانه سينگار شاعريءَ کان متاثر ٿي ان جي هڪ خاص عنوان تي بيت چيو آهي جنهن جو ذڪر اڳتي (ص 205) ايندو.

مطلب ته انوکي لغت ذريعي ڳوڙهو اسلوب بيان ’سينگار شاعريءَ‘ جي هڪ امتيازي خصوصيت بنجي ويو ۽ ان جو اثر هن فن جي علمبردارن کان سواءِ ٻين شاعرن تائين پڻ پهتو. ازانسواءِ عام فهم اسلوب بيان ۾ مجازي حسن جي تعريف پڻ ’سينگار شاعري‘ جي زير اثر شروع ٿي، جئن ته هن کان اڳ بيان ڪيو ويو آهي. ميون شاهه عنايت رضوي ۽ ڀٽائي صاحب غالباً پهريان بلند صوفي شاعر هئا جن مجازي حسن کي ابتدائي طور صاف سنڌي زبان ۾ ڳايو. انهيءَ عام فهم اسلوب بيان ۾ محبوب جي مجازي حسن جي موضوع کي ان وقت کان وٺي ويندي موجوده دور تائين مختلف شاعرن مسلسل طور پنهنجي بيتن ۽ ڪلامن ۾ ڳايو آهي، مگر اهو مجازي حسن جي تعريف جو موضوع عام فهم اسلوب بيان سبب ’سينگار شاعريءَ‘ جي مخصوص فن جو جز بنجي نه سگهيو. بيشڪ، ڪبير شاهه، حمل ۽ راڄن شاهه جهڙا استاد شاعر، جي ’سينگار شاعريءَ‘ جي فن ۾ پڻ ممتاز هئا، تن علم فهم اسلوب بيان ۾ مجازي حسن جي موضوع کي واه جو نباهيو، مگر عموماً مجازي حسن جي موضوع تي چيل شعر خاص امتيازي صورت وٺي سنڌي شاعريءَ جي جمهوري ذخيري ۾ ڪا جداگانه حيثيت پيدا نه ڪري سگهيو. اسان هن مسئلي تي ڪافي جستجو ڪئي ته آيا ’سينگار شاعري‘ جي فن کي ڪن شاعرن عام فهم اسلوب بيان ۾ پڻ نباهيو يا نه؟ مگر اهڙا خاص مثال معلوم ٿي نه سگهيا. البته ميين شاهه عنايت رضوي، مومل ۽ سندس مجيجن جي مجازي حسن جي بيان ۾ هڪ دلچسپ عنوان ”گلبدن جون گجريون- الخ“ قائم ڪري بيت چيا جن جي ڀران ڀٽائي صاحب به پنهنجي فصيح ۽ عام فهم اسلوب بيان ۾ بي نظير بيت چيا. انهيءَ عنوان کان متاثر ٿي پوئين دور جي هڪ شاعر، مير دوست نالي، هيٺيون بيت چيو جنهن جو اسلوب بيان پڻ عام فهم آهي مگر ان جون تشبيهون خاص طرح ”سينگار شاعريءَ“ واريون آهن:

گل بدن جون گجريون ڪهڙي رَوَش روَن!
ڏند اڇا، سينڌ سنئين، وار کٿوريءَ وَن،
ڏاڍن ڇوڙي ڇڏيا منهن تي معشوقن،
ڪنڍو نڪ نراڙ ۾، ٻهه ٻهه نيڻ ٻرن،
منهن پوپٽ کؤن پڌرو، لاتي لاس لڱن،
اُره اُلي چنڊ جان، ٿوٿر ناه ٿڻن(1)،
سينو ڪشادو سانول جو، آ سنهي ڪمر قريبن،
پاسريون پرين جون، ڪانجهي جان ڪرڪن،
پسو پسو تنهن نار تي مٿئون آڱرين،
ڇلا منڊيون مانجي يار جا، ٿا ڳوليا ڳوٺ لهن،
مٺڙا، موريون، منگليون، جهومڪ جهالر جن،
هلڻ جن جو هستيءَ جو، ا ڳچي ڪونج ڪرن(2)
ڪرڪن ڪيل پکيءَ جان، لات لطيف لنون،(1)
آهيني کان اُجرا، وڄن جهڙي ون،
هرڻ ڏسي حيران ٿيا، ماٺ لڳي مرگهن،
انهيءَ آرين پارين سپرين، ڇني نه ڇڏجن،
من وجهي ويا مامري، ڏيئي اوجاڳا به اکين،
مانجو پنڌ نه اڄهي، بنا دلبرن،
لهي منجهه لڪن، من محب ملي مير دوست چئي(2).

 

سنڌي سينگار شاعريءَ جي ٻن بنيادي ۽ امتيازي خصوصيتن، يعني ته لغت جي وسعت ۽ اسلوب بيان جي ڳوڙهائيءَ، جي مٿئين مختصر وضاحت بعد، اسين هن فن جي مخصوص عنوانن ۽ مضمونن، خيال جي جدت ۽ تشبيهات جي وسعت وغيره خوبين تي قدري روشني وجهنداسون، جي ’سنڌي سينگار‘ کي هندي ’سينگار رس‘جي ڀيٽ ۾ نه فقط هڪ مستقل امتيازي حيثيت ڏين ٿيون بلڪ ان کي هر نقطه نظر کان امتيازي فوقيت ڏين ٿيون.
 


(1) ننگر- لنگر، هوڙي- ٻيڙي، هنڪار- هاڪار، ڪي، کي، وا- واءُ، اپڙيا- هليا، ڌريا، درياهه.

(2) لک جهٽ پٽ آڇاڙا لوڏا، نيار، نهار، سڻ، سڙهه، سو کاڻ، سکاڻ، اپر نپار، هن نپار، ڀگا، هليا، ڀانورا، پيارا، ڀار، بار، ڪرو، ڪيئن يا ڇا؟ منجا، منهنجا، پگو، پڳهه.

(3) ڌکي، دکي، ڌان، دانهن، هيين دل، سبيڻ، سبندي،سڙ، سڙهه، ميان، اندر، ۾، توجي، تنهنجي، نتي، نه ٿي، کوٽئين، کٽڻ، تڻار، تنوار، کٽڪي، اوسيڙي، وٺي، ويٺي، ڪين وٽ، ڪنهن وٽ، ڪاران، دانهون، سونپاٽ، اوندهه، سمي، سمهي، گهمر، پڙهو، منادي.

(1) اُجي اُجهي، بانف، ٻاڦ، بار، ٻاهر، ڪين، ڪيئن، رونڌڙ، رئندڙ.

(1) نان،نانءُ، توجا، تنهنجا، جني، جهوني، آي، آهه، وڪٽ، اوکي، سڻ، سڙهه، ڏيين، ڏينهن، ويين، ويندين، بار، ٻاهر، جيئون، جيئن، بوچ، ٻوچ، انڌر، اندر، آواج، آواز.

(2) اوان کي، اوهان کي، آوئي، آئي، آئين، آهن، ڀاور، ڀائر، مونجا، منهنجا، آئين، اوهين.

(1) هي ڪافي جهونو ڳوٺ، داود شهر کان اٽڪل 6-7 ميل کن اتر، موجوده دادو ڪئنال جي ويجهو اوڀر طرف واقع آهي.

(1) ڏسو اسان جو مضمون ”سنڌ جا سگهڙ“ قسط 2 رساله ”نئين زندگي“ ماه فيبروري 1953ع.

(2) مقامي روايت موجب پير جو اصل نالو ”ابو طره“ آهي.

(1) مرزا قليچ بيگ: تاريخ سنڌ (انگريزي)، ڪراچي 1902، جلد 2 صفحو 147.

(2) ڏسو ”ٻيلاين جا ٻول“ ص ص 93-95 ۽ رساله ”نئين زندگي“ ماه فيبروري 1953ع ۾ ڏنل مضمون ’سنڌ جا سگهڙ‘.

(1) ر: ”هو ٿئي ڪيچ ڪڙيون - الخ“.

(1) رسالي جي اڳين ڇاپن جي داستان 2 ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي جي داستان 2 جي شروع ۾.

(1) ٻيءَ روايت ۾ ’رڌان‘ جي بدران ’ريڌا‘ آهي. حمل جي روايت ۾ ’چڪر‘ جي بدران لکيل لفظ صاف ناهي، مگر اندازا ’چين‘ (؟) معلوم ٿئي ٿو.

(1) ٻي روايت ۾ ’درڳ‘ جي بدران ’برگ‘، ۽ ’مڪرند‘جي بدران ’ڪرنت‘ آهي.

(2) ڏهسنامي جي هن روايت موجب لفظ ’ڇيل‘ آهي، مگر عام طرح سينگار شاعريءَ ۾ ’چيهل‘ استعمال ٿيو آهي.

(1) حمل فقير ’دوڏر‘ لکيو آهي مگر عام طرح سينگار شاعريءَ ۾ ’ڏوڏر‘ استعمال ٿيل آهي.

(2) ڪن ٻن روايتن ۾ ’ڪارڌو‘ جي بدران ’سارڌو‘ ۽ ’قيصر‘ جي بدران ’ڪئنٽر‘ يا ’ڪئنٽل‘ آهن.

(1) ر (يعني ٻي روايت): 1. ’تمهر روپ ترنگ، وڌ سورج کان سهڻا پرين‘ 2. ’ڪنول نيڪ نسنگ‘ يعني اکيون (= ڪنول نيڪ) سهڻيون نروار آهن. 3. ٻونگر سر ٻراء جي، مزگان ڪيس خدنگ.‘

(1) ر: اُره کڙي ٿو چنڊ جان- الخ.

(2) هستي = هاٿي

(1) ڪيل = طوطو

(2) ر: لهي منجهه لڪن، محب گڏيو مير دوست چئي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com