باب چوٿون
ڪاتبن جي زندگيءَ جو احوال
مسلمانن جي وچئين دور واري معاشري ۾ ڪاتبن جو وڏو مان مرتبو
هوندو هو. سڀئي فنڪار ۽ هنر مند، جيڪي مسلمان
حڪمرانن جي سرپرستيءَ هيٺ پنهنجي فن ۽ ڪاريگريءَ
جي ڪمال جو مظاهرو ڪندا هئا، تن سڀني ۾ ڪاتبن جي
حيثيت اهم ۽ اُتم سمجهي ويندي هئي. اسلامي تصنيفن
۾ ڪاتبن جو ذڪر به تمام گهڻو ملي ٿو. عباسي دور جي
ڪاتبن جي بيان جي ماهر ابن النديم پنهنجي زماني جي
مشهور ۽ ناميارن ڪاتبن جا نالا ۽ سندن حياتيءَ جو
مختصر احوال قلم بند ڪيو آهي1. ڏٺو وڃي ته عرب
تاريخ دانن جي لکيل هر تاريخ ۾ ڪاتبن بابت ٿورو يا
گهڻو ذڪر ضرور ملندو. ڪتابن جي فهرست وارين تصنيفن
۾ ڪاتبن ۽ خطاطيءَ جي فن بابت گهڻو ڪجهه احوال
لکيل ملندو.2 ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ ادب جي اهڙي
شاخ جو بنياد پيو، جنهن جو مول مقصد ڪاتبن جي
حياتي ۽ سندن فن تي کوجنا ڪرڻ هو. هن قسم جي کوجنا
سان لاڳاپيل وڌ ۾ وڌ آڳاٽو ڪم فارسي ٻوليءَ جي
ڄاڻو ۽ ايراني عالم ابن درستويه (258 هه /871ع -
347 هه/959ع) شروع ڪيو هو ۽ هن قسم جي فن کي مشهور
معروف ڪاتبن جهڙوڪ: ابن مقله، ابن بواب ۽
المستصيمي ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي3.
ايران ۾ جيڪي به ڪتاب لکيا ويا، سي عربي نموني لکيا ويندا هئا.
فارسي ٻوليءَ ۾ جيڪا به تاريخ لکي وئي، تنهن ۾ هڪ
يا ٻه باب ڪاتبن جي احوال لاءِ ضرور مخصوص ڪيا
ويندا هئا. الراونديءَ جو ڪتاب ”راحت الصدور“ تمام
پراڻي فارسي تصنيف آهي، سا به هن قسم جي موضوع تي
ڄڻ ته ڄاڻ جي هڪ کاڻ آهي. مير خوند، خواند مير،
دوست محمد، حافظ آبرو، عالم آرا ۽ فاضل دين
رشيديءَ پنهنجن ڪتابن ۾ ڪاتبن لاءِ هڪ هڪ باب الڳ
مخصوص ڪيو آهي4.
هند - پاڪ، ننڍي کنڊ جي مسلمانن خطاطيءَ کي ان جهڙي ساڳي اهميت
ڏني آهي. مغل دور جي تاريخ دان ابو الفضل پنهنجي
تاريخ آئين اڪبريءَ ۾ ڪاتبن جي ڪم تي هڪ نجو باب
لکيو آهي. ساڳيءَ ريت، هن ننڍي کنڊ جي ٻين تاريخ
لکندڙن به ڪاتبن جي حياتين بابت پنهنجون يادگيريون
لکيون آهن. ڪيترا اهڙا تذڪره مليا آهن، جيڪي سندن
حياتيءَ جي احوالن کي قلم بند ڪرڻ لاءِ وقف ٿيل
هئا ۽ انهن مان ڪيترن کي عالمن اڳيئي مشهور
ناميارو ڪري ڇڏيو هو5. پر انهن مان ڪي اڃا به گهڻا
هوندا، جيڪي هن ننڍي کنڊ جي مختلف لئبررين ۾
کنڊڙيا ۽ پکڙيا پيا آهن، جيڪي هڪ جائتا ٿيڻ جي
انتظار ۾ آهن. يورپي ۽ مشرقي عالمن پاران هن
اسلامي خطاطيءَ جي فن ڏانهن دلچسپيءَ وٺڻ لاءِ
مهرباني آهي، جو اسان وٽ هن قسم جي موضوع تي گهڻو
ذڪر موجود آهي6.
گهڻن تذڪرن تي ڪم ۽ جاچ پڙتال ڪرنل هارٽ
(Col: Huart) پنهنجي مشهور هاڪاري ڪتاب
“Les Calligraphes et les Minaturistes du L'
orient Musulman" ۾ ڪيو آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ اعليٰ درجي جي خطاط
قاضي احمد جو ڪتاب هٿ اچي ويو، جيڪو انهيءَ موضوع
تي نئون مواد فراهم ڪري ٿو، جنهن کي فارسي مان
وي.منورسڪي
(V. Minorsky) انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو7.
تاريخي ذريعن کان سواءِ هند - پاڪ، ننڍي کنڊ جي تاريخي يادگارن
جون لکتون آهن، جن تي مشهور ۽ ناميارن خطاطن جون
صحيحون ٿيل آهن. اهو به ضروري آهي، ته انهن تاريخي
جڳهن ۽ قبرن تي لڳل ڪتبن جي لکتن کي گڏ ڪري ۽ انهن
حقيقتن مان استاد خطاطن جي زندگي تي ڪجهه لکيو
وڃي. ڪجهه وقت ٿيندو جو اسلامي دنيا جي اهڙن
تاريخي ڪتبن مان معلومات ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي
وئي هئي، پر ننڍي کنڊ ۾ هن ڏس ۾ ڪنهن خاص طريقي ۽
ترتيب سان ڪابه جاچ ۽ پرک ڪانه ڪئي وئي آهي.8 هيٺ
ٺٽي جي خطاطن جو احوال ڏجي ٿو. جن سڄيون ساريون
چار صديون علم سان لاڳاپيل هن هنر جي خدمت ڪئي آهي
۽ سندن حياتيءَ جو اهو مختصر احوال ڪـَـتبن تي
صحيح ٿيل خطاطيءَ جي نمونن تان وٺي قلم بند ڪيا
ويا آهن.
قطب الدين پٽ محمود
هيءُ سما دور جي سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي ڏينهن ۾
وڏي مرتبي وارو ڪاتب هو. سندس دستخط وارن نمونن جي
خطاطيءَ مان معلوم ٿئي ٿو، دولهه دريا خان عرف ڄام
مبارڪ خان جي مقبري جي ساريءَ لکت جو ڪم سندس ذمي
ڪيو ويو هو. ان مقبري جو ڪجهه حصو دولهه دريا خان
جي حياتيءَ ۾ 898هه / 1492ع ۾جڙي راس ٿيو هو. سڄو
ڪم سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ احمد ولد دريا خان
تڪميل تي پهچايو. هيءَ مذهبي ۽ تاريخي لکت قطب
الدين پٽ محمود 898 هه / 1492ع کان شروع ڪري 928
هه / 1521ع ۾ پوري ڪئي. خط مان اهو ظاهر ٿئي ٿو،
ته هو نسخ ۽ ثلث جي طرز جي ڪتابت ڪرڻ ۾ وڏي مهارت
رکندو هو. (پليٽ
XIII)
حافظ محمد رشيد صديقي
اسان جي ڄاڻ موجب هن استاد خطاط حافظ محمد رشيد صديقي جو ذڪر
ڪنهن به تذڪره ۾ ڪونه ٿو ملي. سندس پيءُ سلطان ڄام
نظام الدين عرف ڄام نندي (866
هه/1461ع-914هه/1508ع) ۽ ڄام فيروز الدين
(914هه/1508ع-926هه/1519ع) جي زماني ۾ ٺٽي جو
ناميارو خطاط هو9 ۽ معاشري ۾ سندس بي انتها عزت
ڪئي ويندي هئي. مرزا شاهه بيگ ارغون جڏهن ٺٽو فتح
ڪيو ۽ جڏهن فاتح فوج ٺٽي کي لٽي ڦري تباهه ڪري رهي
هئي، ته اهو حافظ محمد رشيد صديقي خطاط ئي هو،
جنهن وچ ۾ پئي ٺٽي کي مڪمل تباهيءَ کان بچائي
ورتو هو. بدقسمتي اها آهي جو اسان کي خبر ڪانه ٿي
پوي، ته هن ڪڏهن وفات ڪئي ۽ ڪهڙي سن ۾ سندس پٽ
عبدالرحيم جو جنم ٿيو.*
(پليٽ
XIV)
حافظ عبدالرحيم پٽ حافظ محمد رشيد صديقي
هيءُ مشهور ڪاتب ٺٽي جي معزز ڪاتب حافظ محمد رشيد صديقيءَ جو پٽ
هو، هن جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال گهڻي ڳولا بعد
به ملي نه سگهيو. سندس خطاطيءَ جي نمونن تي صحيح
مان پتو پوي ٿو ته هو، 961هه /1553ع ۾ مرزا عيسيٰ
ترخان جي ڏينهن ۾ به زندهه هو. ڪاشيءَ جي سرن تي
سندس ٻي به هڪ لکت آهي، جيتوڻيڪ ان تي ڪابه تاريخ
لکيل ڪانه آهي، پر عام حالتن جي شاهديءَ جي بنياد
تي چئي سگهجي ٿو، ته هيءَ لکت مٿي ذڪر ڪيل لکت کان
ٿورو اڳ جي آهي. تحرير جي طرز مان معلوم اهو ٿئي
ٿو، ته هـَـو خطاطيءَ جي فن ۾ وڏو استاد هو ۽ ثلث
۽ نسخ جي خط تي سندس پورو ضابطو هو. (پليٽ
XV، XVI
۽
XXXV)
احمد انصاري
احمد انصاريءَ، سلطان ابراهيم جي مقبري جي چئن راهه دارين تي
خطاطي ڪئي آهي. هن مقبري جي تاريخي لکتن مان معلوم
ٿئي ٿو، ته هيءُ قبو مرزا عيسيٰ ترخان
II
961 هه/1553ع ۾ جوڙايو هو. اهڙي ٻي ڪابه لکت
ڪانهي، جنهن ۾ هن ڪاتب پنهنجي تحرير ۾ تاريخ لکي
هجي، پر عربي قلمي ڪتاب جي هڪ نسخي تي احمد
انصاريءَ جي صحيح ٿيل آهي10. ان ڪتاب جي ڪتابت مصر
۾ ٿي هئي. ڪتاب جو نالو ”ڪتاب البحر المؤرود في
المواسق المشهود“ آهي ۽ سندس مصنف جو نالو
عبدالوهاب پٽ احمد الانصاري آهي. گهڻو ڪري اهو ٺٽي
جو احمد انصاري آهي. (پليٽ
XIX)
حسن پٽ رڪن الدين
حسن پٽ رڪن الدين، ترخان دور جو مشهور خطاط هو. عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري تي قرآني آيتن جي خطاطيءَ جو ڪم سندس
حوالي ڪيو ويو هو. قلم ڪاريءَ جي فن ۾ پنهنجي وقت
جو بي مثال فنڪار هو. مڪليءَ تان تاريخ جي حوالي
سان، جيڪا سندس پراڻي تحرير لڌي آهي، سا 973هه /
1566ع جي آهي. مڪليءَ جي قبرن جي پٿرن تي گهڻيون
تحريرون هن سان لاڳاپيل آهن. سندس آخري خطاطي ٺٽي
جي شاهه جهان مسجد جي قبي جي ڇت تي ڪيل آهي، جيڪا
1068هه/1658ع جي آهي. اهڙيءَ ريت اسان کي معلوم
ٿئي ٿو، ته هن پورا 90 سال خطاطي ڪئي. ٻئي ڪنهن
تاريخي حوالي جي عدم موجودگيءَ ۾ سندس ڄم ۽ موت جي
تاريخ جو تعين ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ڪـَـتبن جي
شاهديءَ پٽاندر اهو معلوم ٿئي ٿو، ته سندس عمر هڪ
سو ورهين کان مٿي هئي.
امڪان اهو آهي، ته استاد خطاط حسن، تاريخ طاهريءَ جي مولف طاهر
نسيانيءَ جو پيءُ هجي. مٿي ڄاڻايل ذريعن مان ڄاڻ
ملي ٿي، ته هو تمام پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هو ۽ ترخانن
جي دور ۾ سندن فوج ۾ شامل ٿيو. سندس پٽ طاهر جڏهن
تاريخ طاهري لکي رهيو هو، تن ڏينهن ۾ به هو زندهه
هو.
طاهر پٽ حسن
مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي بيان مطابق، طاهر پٽ حسن هڪ منفرد
ڪاتب هو،خطاطيءَ جي ستن طرزن تي هڪ جهڙي مهارت
هئي11. طاهر جي صحيح ڪيل خطاطيءَ جو نمونو سندس
پيءُ جي خطاطيءَ جي ڀرسان، شاهه جهاني مسجد ٺٽي ۾
موجود آهي. (پليٽ
XXVIII).
سندس اُڪيريل خطاطيءَ جا نمونا به مڪليءَ تي موجود
آهن. حالتن جي شاهدين جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو،
ته هيءُ ساڳيو طاهر بن حسن آهي، جيڪو تاريخ
طاهريءَ جو مؤلف آهي. سندس تصنيفن ۾ سندس شعرن جي
موجودگي ڏيکاري ٿي، ته ادب ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو.
زاب حيات قلم هرکه زيست - نميرد، بود زنده تا زند گيست
ولي مرده از زندگاني کسي ست - که در نامه نامش ندا
نند کسي ست
“جنهن به قلم جي آب حيات کي پي زندگي گذاري،
جيستائين ڌرتي تي زندگي آهي، مري ڪونه ٿو سگهي!”
“حقيقت ۾ حياتيءَ کان اهو وانجهيل آهي،
جنهن جو نالو اکرن جي سلطنت ۾ ڪوبه نه ٿو ڄاڻي.”12
قبر تي نصب ٿيل ڪتبي مان سندس وفات 1051هه/1641ع
معلوم ٿئي ٿي.13
ڀنڀو پٽ حسن
ڀنڀو، حسن جو پٽ ۽ طاهر جو ڀاءُ هو ۽ مشهور خطاط هو. سندس صحيح
ٿيل لکت فقط ٺٽي جي شاهي مسجد جي محراب مان ملي
آهي، جنهن جي تاريخ 1068هه/1657ع آهي. هن مان اهو
معلوم ٿئي ٿو، ته حسن جو ڪاتبن جي خاندان سان
لاڳاپو هو.
شيخ محمد
خطاطيءَ جي نموني جي صحيح مان اسان کي پتو پوي ٿو، ته شيخ محمد
حسن جو پٽ هو14. هن بابت ڪنهن به تذڪري ۾ ڪوبه
حوالو ڪونه ٿو ملي. شاهجهان جي ڏينهن ۾ هن خطاطيءَ
جي فن ۾ امتياز حاصل ڪيو. ٺٽي جا گورنر ۽ شهزادا
سدائين سندس ڪتابت جي خواهش رکند اهئا. هو نسخ،
نستعليق ۽ ثـُـلثُ خطاطيءَ ۾ هڪجهڙي مهارت رکندو
هو. شرفا خان (1048هه/1638ع) ۽ مرزا عيسيٰ ترخان
II
(1062هه/1652ع) جي مقبرن تي سندس تحرير ۾ قرآن
شريف جون آيتون اُڪيريل آهن. معلوم ٿئي ٿو، ته
اورنگزيب جي حڪمرانيءَ واري شروعاتي دور ۾ هو
زندهه هو. (پليٽ
XXX).
سيد علي
سيد علي، ثلث، طغريٰ ۽ نستعليق جي طرزن جي خطاطيءَ جو استاد
ڪاريگر هو. هو 1097هه/1685ع کان 1111هه/1699ع
تائين ٺٽي خطاطيءَ واري هـُـنر ۾ مشغول رهيو. مير
علي شير قانع ٺٽوي جي بيان مطابق خطاطيءَ ۾ ڇهن
طرزن جو ماهر خطاط هو ۽ اورنگزيب جي حڪمراني جي
ڏينهن تائين زندهه رهيو. سندس صحيح سان خطاطيءَ جو
نمونو، جنهن تي 1114هه / 03-1702ع جي تاريخ لکيل
آهي، سو جامع مسجد ٺٽي ۾ موجود آهي، جيڪا اورنگزيب
جي زماني ۾ تعمير ٿي هئي. هيءُ مخدوم الياس جو
شاگرد هو، جيڪو وڏي رتبي وارو خطاط هو. عام طور تي
صحيح سعيد عليءَ جي نالي سان ڪندو هو، شاهي مسجد ۾
هن پنهنجي صحيح ۾ سعيد علي بن عبدالقدوس لکيو آهي،
(پليٽ
XXI
۽
XXIV)
سلام الله فاروقي
قبر جي پٿر تي، سلام الله فاروقيءَ جي خطاطيءَ جي نموني تي فقط
هڪ صحيح آهي (پليٽ
XXXVII). قرآني آيتن واري هن خطاطيءَ تي ڪابه تاريخ لڳل ڪانه
آهي. ڀرسان، تاريخ وارو قبر جو پٿر اسان کي يارهين
صدي هجريءَ جو شروعاتي دور ڏيکاري ٿو. مير علي شير
قانع ٺٽويءَ جي بيان مطابق سلام الله لکيءَ جو
رهاڪو هو ۽ شاعر هو15.
شيخ محمد فاضل
شيخ محمد فاضل شهنشاهه اورنگزيب جي حڪمرانيءَ واري ڏينهن ۾ ٺٽي
جو وڏي مرتبي وارو خطاط هو. سندس پيءُ جو نالو شيخ
محمد هو، جيڪو پاڻ به خطاط هو، جنهن جي زندگي ۽
شغل تي اڳ ۾ بحث ڪري آيا آهيون. مير علي شير قانع
ٺٽويءَ جي بيان مطابق، هيءُ ثلث خط جو ماهر استاد
هو ۽ ٺٽي کان دهليءَ ڏانهن هليو ويو هو ۽ وڃي شاهي
نوڪريءَ ۾ گهڙيو. عالمگير کيس مير منشيءَ جي درجي
تي ترقي ڏني هئي14. سندس خطاطيءَ جي هڪ نموني تي،
جيڪا بادشاهي مسجد ٺٽي ۾ آهي، صحيح آهي جيڪا تاريخ
1114هه/03-1702ع جي آهي (پليٽ
XXIX)
عبدالغفور
خطاط عبدالغفور، ٺٽي جي مشهور ڪاتب عبدالواسع جو پٽ هو، جيڪو
شاهجهان جي حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ منشي هو.
عبدالغفور به پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هليو ۽
خطاطيءَ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين. سندس خطاطيءَ جو
نستعليق نمونو شاهي مسجد ۾ موجود آهي جنهن تي
1068هه/1657ع جي تاريخ لکيل آهي (پليٽ
XXV)
عبد الله
هن خطاط جي صحيح سان جامع مسجد ٺٽي ۾ هڪ نموني جي لکت آهي، جيڪا
1068هه/1657ع جي تاريخ ڏيکاري ٿي. سندس هيءَ
تاريخي لکت، نستعليق جي خط تي سندس مهارت ڏيکاري
ٿي. مسجد جي لکت اها حقيقت ڏيکاري ٿي، ته کيس ٺٽي
جي گورنر سيد جلال مرتضويءَ جي سرپرستي حاصل هئي،
جيڪو ان زماني ۾ شاهجهان پاران سنڌ جو گورنر هو.
اهو به بيان ڪيو وڃي ٿو، ته هو منشي هو ۽ ڪلهوڙا
دور تائين زندهه رهيو. (پليٽ
XXVI)17
درويش علي
درويش علي به انهن مشهور خطاطن مان آهي، جنهن پنهنجي خطاطيءَ جي
فن جو شغل ٺٽي ۾ جاري رکيو ۽ ٺٽي جو پهريون خطاط
هو، جنهن سڀ کان پهرين نستعليق جي خط ۾ قرآن شريف
جون آيتون لکيون. سندس لکت جو تاريخ وارو حصو
ڏيکاري ٿو، ته اها 1111هه/ 1699ع ۾ لکي وئي هئي.
مير علي شير قانع ٺٽوي جي بيان مطابق درويش علي ۽
علي بيگ ٻئي خطاطيءَ جي فن ۾ ڏاڍا ماهر هئا. (پليٽ
XVII)18
محمد حسن
محمد حسن هڪ شاعر هو، هو خطاطيءَ جو ايڏو ماهر ڪونه هو. سندس
خطاطيءَ جو نمونو تاريخ 1144هه/33-1732ع ڏيکاري
ٿو، جنهن مان محسوس ائين ٿئي ٿو، ته خطاطيءَ جو فن
ان وقت زوال پذير ٿي چڪو هو. (پليٽXXXII
)19
حبيب الله
حبيب الله، سيد عليءَ جو شاگرد هو ۽ خطاطيءَ جي ستن نمونن جو
ماهر هو20. سندس صحيح سان خطاطيءَ جو نمونو تاريخ
1155هه/ 1742ع ڏيکاري ٿو ۽ معلوم ٿئي ٿو، ته هو
نسخ، ثلث ۽ نستعليق خط جو ماهر هو. هيءُ پهريون
خطاط آهي، جنهن پنهنجي نالي پٺيان ٺٽويءَ جي نسبت
لڳائي هئي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته پنهنجي همعصر ڪاتبن ۾
وڏي درجي وارو خطاط هو، ڇاڪاڻ جو سندس شهر ٺٽي کان
اٽڪل 200 ميل دور دادو ضلعي ۾ ڪلهوڙا حاڪمن جي
مقبرن تي خطاطيءَ جي ڪم لاءِ کيس ئي مقرر ڪيو ويو
هو. (پليٽ
XXXIV)
|