نستعليق جي ايجاد جو سهرو مير علي تبريزي جي سر تي رکيو ويندو
آهي. حقيقت به اها آهي، ته هيءُ عربي صورتخطي کي
خوبصورت شڪل ڏيڻ لاءِ سڀني کان اڳڀرو هو. انتها
درجي جو متقي ۽ پرهيزگار انسان هو ۽ امير تيمور جي
درٻار ۾ نوڪريءَ ۾ هو20. سندس ڪمال جي درجي جي قلم
ڪاريءَ جي سبب کيس قبلة الڪتب جو لقب ڏنو ويو هو،
جنهن جو مطلب هو ”خطاطن جي لاءِ نمونو“ سندس اسلوب
جي تڪميل ۽ مقبول بنائڻ ۾ سندس پٽ عبدالله وڏو ڪم
ڪيو. عبدالله جي مشهور ۽ معروف شاگردن مان، مولانا
جعفر التبريزي، مولانا اظهر التبريزي هئا. مولانا
جعفر التبريزي چاليهه خطاطن جو مهتمم هو، جيڪي
شهزادي بئسنغور
(Baysunghur)
جي لاءِ خطاطيءَ جو ڪم ڪندا هئا، جنهن جهڙو ڪتابن
جو شائق دنيا ۾ پيدا ٿي ڪو نه سگهندو. مولانا اظهر
التبريزي (880هه / 76-1475ع) استادِ استادان
(استادن جو استاد) سڏيو ويندو هو. اڻ ٿڪ سياح هو،
ان ڪري هن خطاطيءَ جي اسلوب کي نه رڳو ايران ۾ پر
بغداد، بصري، مڪي، دمشق، يروشلم ۽ اليپو
(Aleppo)
تائين پکيڙيو ۽ يروشلم ۾ وفات ڪئي21.
هرات ۾ عاليشان علمي روايتن موجب ڪتابن جي اشاعت جاري رهي ۽
صفوي خاندان به ان ڏس ۾ گهڻو هٿ ونڊايو، پر سورهين
صديءَ جي وچ ڌاران ان ۾ زوال اچي ويو. مير عماد
(1024هه / 1615ع) ۽ علي رضا عباس، شاهه عباس
صفويءَ22 جي درٻار جا مشهور ۽ معروف خطاط هئا.
انهن کان پوءِ هند - پاڪ ۾ مغل اچن ٿا، جن ننڍي
کنڊ ۾ خطاطيءَ جي کليل دل سان سرپرستي ڪئي.
ظهير الدين محمد بابر پاڻ به ڪو گهٽ درجي جو خطاط ڪونه هو. هڪ
قسم جي خطاطيءَ جي طرز هن ڏانهن منسوب ڪئي ويندي
آهي، جنهن جو نالو ”بابري خط“ آهي. همايون جي
سرپرستيءَ جي ڪري ايران جا ڪيترا خطاط سندس درٻار
۾ ڇڪجي آيا.
محمد حسين ڪشميري، جنهن کي اڪبر بادشاهه ”زرين ڪلام“ جو خطاب
ڏنو هو، پنهنجي وقت جو بي مثال خطاط هو. عبدالصمد
خطاط، شاهي ٽڪسال (ضرب خاني/ پئسا گهڙڻ) جو اعليٰ
آفيسر هو. انهن مان وڌيڪ مشهور آغا عبدالرشيد ۽
عبدالباقي حداد هئا. خطاط عبدالباقيءَ کي ياقوتِ
رقم جو خطاب ڏنو ويو هو. شهزادن واسطي به خطاطيءَ
جي لياقت پڻ اهم هوندي هئي. مغل شهزادا جهڙوڪ:
دارا شڪوه ۽ اورنگزيب سٺا ڪاتب ۽ قلمڪار هئا. مغل
شاهيءَ جو آخري تاجدار بهادر شاهه ظفر پڻ بهترين
خطاط هو22.
جيئن مٿي بحث ڪري آيا آهيون، ته چوڏهينءَ صدي عيسويءَ ۾ ٺٽو
پنهنجي همعصر شهر هرات جيان عظيم شهر جي حيثيت وٺي
چڪو هو. هرات جي زوال ۽ صفوي ايران جي ترقي وٺڻ
ڪري گهڻا خطاط لڏپلاڻ ڪري، اچي سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي
ٻين ڀاڱن ۾ وڃي آباد ٿيا. بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها
آهي، ته ٺٽي جي خطاطيءَ جي تاريخ تي همدرد ذريعا
ذري گهٽ خاموش رهيا آهن. اسان ٺٽي جي خطاطيءَ تي
لکيل ڪتاب جو ڪٿان به پتو لڳائي ڪونه سگهيا آهيون.
پر انهن خطاطن متعلق هـِـتان هـُـتان ڪي حوالا
پڙهيا آهن، جيڪي ٺٽي جي شهزادن ۽ بادشاهن وٽ وڏيءَ
حيثيت، مان ۽ مرتبي جا مالڪ هئا. پنهنجي موجوده
ڄاڻ پٽاندر، رڳو بياني وسيلن جي بنياد تي خطاطي جي
تاريخ جوڙڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. اها هڪ حقيقت آهي،
ته سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي حڪمرانيءَ دوران
ٺٽي شهر ۾ خانگي ۽ سرڪاري، تمام گهڻيون
لئبريريون24 قائم ٿيون هيون. اسان ڄاڻون ٿا، ته
هر هڪ لائبريريءَ ۾ ڪيترائي خطاط، مصور ۽ جلد بندي
ڪندڙ، ڪم ڪندا هوندا.
سنڌي ادبي بورڊ جيڪي قلمي نسخا گڏ ڪيا آهن ۽ حيدرآباد ۾ ٽالپر
لئبريري يا سنڌ ۾ ٻيون ڪيتريون ئي خانگي لئبريريون
قائم آهن، انهن ۾ موجود قلمي نسخن تي خطاطن جي
صحيحن سان لکيل ڪتاب به ٺٽي شهر جي خطاطن جو هڪ
اندازو پيش ڪري سگهن ٿا. هن ڏس ۾ اسان کي رڳو قلمي
نسخن کي ناهي وٺڻو، پر صحيح نموني سان تحقيق ڪرڻي
پوندي.
خير ڪيئن به هجي، بياني ذريعن جي بنيادن تي ملندڙ، ٺٽي جي خطاطن
بابت معلومات به اهميت جوڳي آهي. تاريخ معصوميءَ
جو مؤلف، جيڪو پاڻ به مشهور خطاط هو، سو به ٺٽي جي
خطاطن بابت ڪا گهڻي معلومات فراهم ڪو نه ٿو ڪري.
هن ٺٽي جي فقط هڪ خطاط حافظ محمد رشيد صديقيءَ جو
ذڪر ڪيو آهي، جيڪو سما ۽ ارغون حڪمرانن وٽ وڏي
مرتبي جو صاحب هو. ماثر رحيميءَ مان به اهو پتو
پوي ٿو ته شجاع ٺٽوي نالي هڪ ٻيو خطاط به مشهور ۽
ناميارو ٿي گذريو آهي. جڏهن عبدالرحيم خانِ خانان
سنڌ فتح ڪئي هئي، ته شجاع ٺٽوي کي سندس روبرو پيش
ڪيو ويو هو. عبدالرحيم خانِ خانان سندس خطاطيءَ
واري ڪم کي گهڻو پسند ڪيو هو ۽ کيس ڪتب خاني جي
منتظم جي عهدي تي ترقي ڏني هئائين25.
مغل دور جي ذريعن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو، ته ٺٽي جي خطاطن جو
چڱو تعداد آهي، جن مغل حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾
بلند مرتبو حاصل ڪيو، انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
ابو الفضل پٽ شخ محمود، اسد الله، تاج محمد پٽ ميان حبيب الله،
درويش علي بيگ مغل، سيد رحمت الله پٽ سيد
عبدالقاسم بيگلار، خواجه مير شريف، جيڪو سيد علي
جو شاگرد هو، عبدالجليل پٽ مخدوم عثمان، عبدالحق
پٽ شيخ عبدالواسع، عبدالغفور شيخ پٽ شيخ
عبدالواسع، عبدالرؤف، عبدالسميع پٽ عبدالواسع شيخ،
مخدوم عثمان، عبدالواسع پٽ مير علي، سيد علي پٽ
عبدالقدوس، محمد شيخ، ميان محمد شيخ، محمد شاهه پٽ
شيخ محمد، محمد اشرف پٽ محمد يعقوب، محمد شريف پٽ
شيخ عبدالواسع، محمد عالم پٽ محمد پناهه، پٽ شيخ
محمد، پٽ شيخ محمد علي، محمد فاضل پٽ محمد سيد
علي، محمد معين پٽ محمد قاسم، محمد معين پٽ شيخ
عبدالواسع، خواجه مير مرتضيٰ محمد مڪرم، سيد نعمت
الله ۽ سيد مير محمد وغيره26.
بياني ذريعا مٿين مان ڪنهن به خطاط جي زندگيءَ جي حالتن ۽ سندن
علمي ڪردار تي روشني ڪو نه ٿا وجهن. انهن جو فقط
ايترو ڪجهه ذڪر آهي، ته اهي شاهه جهان ۽ اورنگزيب
جي ڏينهن ۾ پنهنجي خطاطي واري فن جو مظاهرو ڪندا
هئا.
ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ خطاطيءَ جي روايت برقرار رهي.
خطاطن مان ڪي مشهور ناميارا قلم ڌڻي اُن دور ۾
بلند مرتبي تي پهتا. انهن سڀني مان محمد عالم پٽ
محمد پناهه ٺٽوي اعلي درجي جو خطاط ٿي گذريو آهي،
جيڪو پنهنجي دور ۾ خوش نويسيءَ جي فن ۾ بي مثال
هو، پر هو پنهنجي سرپرست جي مهربانين کان وانجهيل
رهجي ويو ۽ نتيجي ۾ سندس هٿ به وڍيا ويا هئا. مير
علي شير قانع ٺٽوي جو بيان آهي، ته هن پنهنجي اکين
سان ’ديوان حزين‘ جو نسخو ڏٺو هو، جيڪو محمد عالم
نقل ڪيو هو. ان ڪتاب تي سندس صحيح سان هيٺئين لکت
ڏٺي هئي:
*
"محمد عالم ڪپيل هٿن سان نقل ڪيو".27
هن ٻيا به ڪيترائي ڪتاب نقل ڪيا. مثنوي غنيمت ۽ ديوان محسن سندس
فنڪاراڻي صلاحيت جا مثال هئا. هن ڪيترائي قرآن
شريف نقل ڪيا، جيڪي ٽالپر لئبريريءَ ۾ محفوظ آهن.
سندس آخري خطاطي مناقب مرتضوي آهي، جنهن تي 19
ذوالقعد 1225 هجريءَ جي تاريخ لڳل آهي. هن حقيقت
مان اهو معلوم ٿيندو، ته هن انهيءَ سال يا ٻئي سال
وفات ڪئي هوندي.28 سندس ٻيو فارسي ديوان، جنهن تي
سندس صحي ٿيل آهي، تنهن تي تاريخ 1187هه لکيل آهي.
ٽالپر حڪمران به علم جي دل کولي سرپرستي ڪندا هئا. هر هڪ شهزادي
وٽ هڪ لئبريري هوندي هئي ۽ لئبريريءَ جي اداري ۾
ڪيترن ئي پيشور ڪاتبن جي ضرورت هوندي هئي. ڪيترائي
خطاط سندن درٻار ۾ آيا. سنڌي خطاطن کان سواءِ
ايران ۽ هندستان جي ٻين حصن مان ڪيترا خطاط سندن
درٻار ۾ ڪهي اچي گڏ ٿيا هئا. ايراني ڪاتبن مان سيد
علي شيرازي، مير حسين علي نقاش، علي باب شيرازي،
غلام احمد خطاط، علي مراد خطاط ۽ سيد محمد راض
حسيني ۽ مشقين قلم، سڀني کان اعليٰ درجي جا قلم
ڪار هئا.29 ڄاڻايل معلومات جيڪا اسان ڪٺي ڪئي آهي
۽ ان کي مـِـلائي پرکي ڏٺو آهي، سا تمام پوئين دور
جي ذريعن سان واسطو رکي ٿي. جڏهن ٺٽي جو شان ۽
شوڪت ماضيءَ جا داستان بڻجي چڪا هئا. خطاطيءَ جو
فن، ٺٽي ۾ پنهنجي پوري عروج تي پهتو، پر اسان کي
انهن باڪمال استاد خطاطن جي عملي زندگيءَ جي وڌيڪ
ڪا به خبر پئجي ڪا نه ٿي سگهي، ان جو سبب اهو آهي،
ته انهن جي حياتيءَ بابت حقيقي، ڄاڻ جا ذريعا اڻ
لڀ آهن.
اسان جي لاءِ اها خوش قسمتيءَ جي ڳالهه آهي جو ٺٽي اندر يادگار
۽ هزارين قبن جا پٿر آهن، جن تي قرآن شريف جون
آيتون تمام نفيس نموني سان اُڪيريل آهن ۽ ڪن تي
تاريخي لکتون آهن، جنهن مان اسان کي شجري جي سلسلي
جيان پتو پوي ٿو، ته ٺٽي شهر اندر ڪيترن ئي قسمن
جا خط استعمال هيٺ هئا. هن ڪتاب جي مصنف 1962ع ۾
ٺٽي جي يادگارن جي جاچ ۽ پرک ڪئي، مختلف خطاطن جي
گهڻي تعداد ۾ سندن صحيح ٿيل خوشخطي کي ڳولي لهڻ ۾
ڪامياب ويو، جن پنهنجي سڄي زندگي قلم ڪاري ڪندي
ٺٽي ۾ گذاري ڇڏي. جيتوڻيڪ انهن خطاطن جي زندگيءَ
بابت ڪو به بنيادي معلوماتي ذريعو موجود ڪو نه
آهي، پر اهي خوشخطيءَ جا نمونا جن تي تاريخ لکيل
آهي، سندن آتم ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪنهن حد تائين مددگار
ثابت ٿيندا.
اها به هڪ حقيقت آهي، ته لکتن مسلمانن جي يادگار اڏاوتن کي
خوبصورت بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ساڳيءَ
ريت انهن جو مثالي لکتن جي حوالي سان به مطالعو
ڪري سگهجي ٿو. جڳهن جي خوبصورتيءَ ۾ لکتن جو
استعمال تمام گهڻو پوئتي بني اميه جي دور تائين
پهچي ٿو. ان جو آڳاٽو مثال فلسطين ۾ موجود هڪ مسجد
جو پٿرانهون قبو آهي. ان وقت کان پوءِ جڳهن کي
سينگارڻ لاءِ ڪوفي رسم الخط کي ڏاڪي به ڏاڪي آرائش
لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. عباسي دور ۾ هن روايت
کي برقرار رکيو ويو ۽ ترقي ڏني وئي. اهڙيءَ ريت
مصر جي فاطمي دور ۾ اها روايت ساڳيءَ رنگ ۽ ڍنگ
سان قائم رهي. انهن ٻنهي دورن ۾ خطاطي وڏي اهميت
واري بڻجي وئي. پن وَلِ واري گڏوچڙ پس منظر ۾ گلن
واري ڪوفي رسم الخط جي ناياب ۽ خوبصورت خطاطيءَ،
يادگار جڳهن ۾ پنهنجي لاءِ اعليٰ مقام ڳولي ورتو
هو. سلجوقي سلطانن جا ٻارهين صديءَ سان لاڳاپيل
يادگار، بي مثال خوبصورت خطاطيءَ سان ڀريا پيا
آهن، جن جهڙو مثال اڳ ۾ ڪٿي ڪو نه ٿو ملي.
ڪـُـنڊائين ۽ گولائين ڪوفي خط کان سواءِ هن وقت
يادگارن ۾ نسخ خط به ظاهر ٿيڻ لڳو. نسخ جا ڦرندڙ
گهرندڙ لفظ ڪوفي خط کان گهٽ موهيندڙ نه آهن.
پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ ۾ ايران جي يادگار
عمارتن تي گهڻي حد تائين، نسخ جي جاءِ تي نستعليق
پنهنجي جڳهه والاري. گهڻا مشهور خطاط، هرات ۾
پنهنجي ڪتابت جا اڻ مٽ اهڃاڻ ڇڏي ويا آهن. ميرزا
بايسنغر مشهد جي عمارتن ۾ پنهنجي خطاطيءَ جا
خوبصورت نشان ڇڏي ويو آهي. مشهد جي مراد باغ ۾،
مولانا سلطان علي مشهديءَ جو خوبصورت خط موجود
آهي. هرات ۾ تيموري شهزادن جي مقبرن تي مولانا
ميرڪ جون لکتون موجود آهن30.
ڪاتبن، سون کي پاڻي ڪرڻ ۽ ان کي سـَـنڌيِ رکڻ جو هنر به سکي
ورتو هو. گهڻو ڪري هرات جي ۽ خاص طور تي گرديز جي
عمارتن تي مولانا عبدالله طباخي هراتيءَ جي خطاطي
موجود آهي. سلطان حسين بايقراه جي تيار ڪرايل
عمارت جنهن جو نالو "اغچي بيگم" آهي، ان تي به
سندس خوشخطيءَ جا نشان موجود آهن.31
پاڪستان ۾ قديم آرائشي ڪوفي رسم الخط جي موجودگيءَ جي ثابتي ملي
آهي، جنهن ۾ ڪوفي خط جي خوبصورت طرزن جو پتو پوي
ٿو، سا ضلعي ٺٽي جي ڀنڀور مان ملي آهي. ان لکت جي
تاريخ 294هه / 906ع آهي، جنهن ۾ ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو،
ته ت، م، ن ۽ و جي اکرن مان ڄڻ ڪي تاندورا نڪرن
ٿا. ل ۽ الف اکرن جي وچ واريءَ وٿيءَ ۾ ڄڻ گـُـل
ول واري مصوري ڪيل آهي. مصوريءَ جي طرز ڪجهه کجيءَ
جي پن جهڙي آهي، جن مان ڪي ٻه سانگا ۽ ڪي ٽهِ
سانگا پنکڙا آهن(پليٽ
XI).
ڪوفي گلزار واري رسم الخط، جيئن ته موجود خطاطيءَ ۾ واضح آهي،
سا مصوري طرز ۾ گـُـل ول واري طرز ڏيکاري ٿي ۽
اکرن جي پڇاڙين وٽان موڙ شروع ٿين ٿا يا وري وچ
وارين جاين تان ڦٽن ٿا. جڏهن ته ڪوفي گلزار خط جي
خاص خوبي اها آهي، ته ان جا موڙ ۽ پن ول هڪ قسم جي
اکرن مان ٻوٽا نوان ايڪا جوڙين ٿا ۽ زير بحث لکت
ان جي بيان جو جواب آهي.
ٽين صدي هجريءَ جي وچ ڌاران ڪوفي گلزار
(Floriated Kufic) خط مصر ۾ مضبوط پير ڄمايا. جڏهن ته ڀنڀور وارو ڪوفي خط بيحد
دلچسپيءَ وارو مثال آهي، جيڪو هند - پاڪ جي ننڍي
کنڊ ۾ اڪيلو مثال آهي32.
ٺٽي شهر ۾ ڪوفي خط جي ٻن قسمن جي خـَـطَ جي اُڪير ٿيل آهي، جيڪي
پنهنجي فطرت ۾ آرائشي آهن. اهي سورهين صدي عيسويءَ
سان واسطو رکن ٿا. ان وقت ڪوفي خط پوري عروج تي
هو. انهن مان هڪڙو ليڪ دار طرز تي علي جي نالي جي
ورجاءَ جي ڍنگ ۾ لکيل آهي.(پليٽ
X) ٻيو گولاين وارو ڪوفي خط، جنهن ۾ الله، رسول ۽ علي جي نالن کي
وڪڙ ڏئي لکيو ويو آهي. (پليٽ
XII).
ان طرز کي گـُـل ول جي پس منظر ۾ تحرير ڪيو ويو
آهي. انهن اکرن جون خاصيتون ڪنڊائتيون آهن، شڪل
صورت ۾ بريڪيٽ وانگي ۽ هڪ جاءِ تي مرڪوز آهن. هن
کي ڪوفي اڏاوتي
(Architectural Kufic)
سڏيو وڃي ٿو، اهو خط ٻارهين ۽ تيرهين صدي عيسويءَ
۾ ايجاد ٿيو ۽ گهڻو وقت پوءِ تائين قائم رهيو.
هرات جي مقبرن جا ڪـَــتبا هوب هو اسان جي هن خط
جهڙا ملندا، جيڪي چوڏهين ۽ پندرهين صدي عيسويءَ ۾
ٺاهيا ويا هئا.
اکرن واري وِٿي، حقيقي ۽ تجريدي اسلوب جي خطاطيءَ سان ڀري وئي
آهي ۽ اُڪير جي جيڪا ڪاريگري آهي، سا پوئين تيموري
خاندان جي ڏينهن واري هرات جي فني مڪتب واري مقبرن
جي پٿرن جي اُڪير واري طرز جي بلڪل ويجهو آهي33.
ٺٽي جي يادگار عمارتن تي نسخ ۽ ثـُـلثُ جا ڪيترائي نمونا آهن،
جيڪي پٿر تي اُڪيريا ويا آهن يا ڪاشيءَ جي سرن تي
نقش ڪيا ويا آهن. نسخ ۽ ثـُـلثُ جو پراڻي ۾ پراڻو
قسم دولهه دريا خان عرف مبارڪ خان جي مقبري تي ڏسي
سگهجي ٿو. مقبري جو ٻاهريون دروازو ۽ قبر جا پٿر،
قراني آيتن ۽ تاريخي لکتن سان نفيس نسخ ۾ اُڪيريل
ڏسبا. ڪاتب قطب الدين محمود، آخر ۾ پنهنجي نالي تي
صحيح ڪئي آهي. مٿس جمادي الاول 895هه جي تاريخ
هنيل آهي.
سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري تي چٽي نسخ خط ۾
قرآني آيتن جون ٻه قطارون اُڪيريل آهن. اهي عربيءَ
جي هن اهميت واري خط ۽ ان جي آرائشي جو نمونو هڪ
يادگار مثال آهن. ٻاهرئين دروازي ۾ محراب تي ننڍڙي
نسخ جو خط استعمال ڪيو ويو آهي. ان جي نفاست سان
اُڪير ۽ اکرن جي فني خوبصورتي ٻڌائين ٿا، ته ان خط
جو نقشو ۽ لکت ڪنهن ماهر ۽ استاد خطاط جي ٿيل آهي.
بدقسمتي اها آهي، ته هن تي ڪنهن به خطاط جو نالو
ڪونهي. اها هڪ حقيقت آهي، ته شاهي مقبري تي اُڪير
جو ڪم عام طور تي هميشه وقت جي باڪمال خطاط کان
ڪرايو ويندو آهي. سلطان ڄام نظام الدين ۽ سندس پٽ
ڄام فيروز الدين جي زماني ۾ حافظ محمد رشيد صديقي
باڪمال خطاط هو. گهڻو ڪري ڄام نظام الدين جي مقبري
جي خطاطي به حافظ محمد رشيد ئي ڪئي هوندي. (پليٽ
XV).
شيخ حماد جماليءَ جي مقبري تي تعليق خط جي طرز تي
841هه هلڪي کوکيءَ اُڪير
(Low relief)
۾ ڪنهن گم نام خطاط جي لکت موجود آهي جنهن تي
تاريخ 841هه لکيل آهي.
ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾، وچ ايشيا ۽ ايران ۾ سياسي انتشار
جي ڪري، ٺٽي اندر خطاطن ۽ ڪاريگرن جي ڪلهي گس لڳي
پئي هئي. جيتوڻيڪ ارغون دور سان لاڳاپيل ڪي خاص
قديم آثار ٺٽي ۾ موجود ڪونه آهن. سـَـون جي تعداد
۾ مقبرن جا پٿر آهن، جن تي نازڪ ۽ نفيس قسم جي
قرآني آيتن جي اُڪير ٿيل آهي، ڪن پٿرن تي تاريخي
نوعيت جي ٽـُـڪ ٿيل آهي. نسخ خط جي مختلف نمونن
کان سواءِ هن دور ۾ پهريون ڀيرو نستعليق جو خط ٺٽي
۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن قسم جو خط ٺٽي جي فرخ مسجد تي
نظر آيو، جيڪو تمام اعليٰ نموني جو آهي ۽ پاڪستان
۾ نستعليق جي قسم جو وڌ ۾ وڌ قديم خط آهي. جيتوڻيڪ
نستعليق خط پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ترقي ڪري ڪمال
تي پهتو ۽ ان جو استعمال فقط قلمي ڪتابن ۽ سرڪاري
لک پڙهه تائين محدود هو. نسخ ان وقت يادگارن جي
ڪتبن تي لکڻ ۾ ڪم ايندو هو. تيموري گهراڻي جون
شروعاتي لکتون، ته گهڻو ڪري نسخ خط ۾ هونديون
هيون. هرات جي پوئين تيموري گهراڻي جون لکتون
ثـُـلثُ ۽ نسخ ۾ ٿينديون هيون. ايراني ڪـَـتبن ۾
نستعليق خط جو واهپو فقط سورهين صدي عيسويءَ ۾
شروع ٿيو. هند - پاڪ ۾ نستعليق ڪتابت جو استعمال
ڏهين صدي هجريءَ جي پهرينءَ چوٿائيءَ ۾ شروع ٿيو.
ان لحاظ کان هيءَ نستعليق خط جي پهرين خطاطي واري
هڪ يادگار ۽ تاريخي لکت آهي. ان ڪري نستعليق جي
ترقيءَ جي تاريخ ۾ وڏيءَ اهميت جي لائق آهي.(پليٽ
XII)34.
تـَـرخانن جو دور، خطاطيءَ جي نقطئه نگاهه کان گهڻو ڪجهه اڳتي
آهي. قبر جي هڪ مستطيل ڪتبي واري پٿر تي، نسخ جي
نفيس اُڪير ٿيل آهي، جنهن تي عبدالرحيم پٽ حافظ
محمد رشيد خطاط جي صحيح ٿيل آهي. پٿر تي ٿيل
خطاطي، خوبصورتيءَ جو بهترين نمونو آهي. ٻيو ثلث
جو خط آهي. خطاط ساڳيو حافظ عبدالرحيم پٽ حافظ
محمد رشيد صديقي آهي. پس منظر ڪارو ۽ خطاطي سفيد
رنگ ۾ ٿيل آهي. چوڌاري حاشيو آهي، جيڪو ڪاشيءَ جي
سر جي گل ول سان سينگاريل آهي. اهڙي قسم جي ساڳي
نموني جي خطاطي سلطان ابراهيم جي اٺ ڪنڊي خوبصورت
مقبري جي راهه دارين تي به ٿيل آهي. خطاط احمد
انصاري آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو ماهر استاد، ڪاتب
هو. حسن پٽ رڪن الدين به باڪمال قلم ڪار هو. هن به
ڪيترين ئي قبرن جي پٿرن تي خطاطيءَ جا اڻ مٽ نشان
ڇڏيا آهن، انهن مان خاص مرزا باقي بيگ ترخان جو
مقبرو آهي. سندس پٽ طاهر پٽ حسن ۽ ڀنڀو پٽ حسن،
جيڪي ثلث ۽ نسخ خطِ جا ماهر هئا، جن ٺٽي اندر شاهه
جهان واريءَ شاهي مسجد جي مکيه قبي جي اندرئين
پاسي، مٿان ڪاشيءَ جي سرن تي سفيد رنگ ۾ خطاطي ڪئي
هئي، ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو، ته هن مسجد ۾ گهڻن خطاطن
ڪتابت وارو ڪم ڪيو آهي. پٿر تي جيڪا تاريخي
نستعليق خط ۾ اُڪير ٿيل آهي، سا عبدالغفور ۽
عبدالله خطاطن جي ڪيل آهي ۽ انهن جي صحيح به ٿيل
آهن. مسجد جي اوڀر ۽ اولهه وارين مهاڙين تي محمد
فاضل ۽ عبدالقدوس جون صحيحون ٿيل آهن. هرهڪ خطاط
قرآني آيتن جي، خطِ نسخ ۾ اُڪير ڪئي آهي.
مغل دور ۾، ٺٽي شهر ۾ خطاطن جو ڪافي تعداد هن فن سان لاڳاپيل
هو. جن مان سيد علي ۽ شيخ محمد سڀني کان مٿاهان ۽
نالي وارا خطاط هئا. هنن ٻنهي مان سيد علي انهيءَ
ڪري اهم شخصيت جو مالڪ هو، جو هو طغرا ڪتابت سان
گڏ ثـُـلثُ جو به مها ڄاڻو هو. پوراني
(Purani)
خاندان جي مقبرن تي ُطغرا خطاطيءَ سان گڏ ثـُـلثُ
ڪتابت جو نهايت اعليٰ نمونو نظر اچي ٿو، جيڪو سيد
علي جي ڏانءَ ۽ ڏات سان لاڳاپيل شاهڪار آهي. هنن
مقبرن تي خط - طغرا سان گڏ ثـُـلثُ خط به ڏسجي ٿو،
سو به سيد علي جي هٿ جو ڪمال آهي. خطاطيءَ سان
لاڳاپيل اهو فن سندن خاندان ۾ پيڙهي درپيڙهي
لاڳيتو هلندو آيو آهي. اهو به معلوم ٿي رهيو آهي،
ته شرفا خان ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
واري مشهور مقبرن تي نسخ نستعليق جي خط ۾ قرآني
آيتن ۽ تاريخن جي تحرير به شيخ محمد ڪئي آهي. جنهن
کان پوءِ هٿوڙي ۽ ڇيڻيءَ جي ماهرن، اُڪير جي فن
جو اعليٰ مظاهرو ڪيو آهي. هنن ٻنهي مان شرفا خان
شهنشاهه جهانگير پاران ۽ مرزا عيسيٰ ترخان
II
شاهجهان پاران سنڌ جا گورنر مقرر ٿيا هيا. خطاطيءَ
جو فن شاهجهان جي زماني ۾ عروج تي وڃي پهتو. تاج
محل به هن مغل فرمان روا جي دور جو هڪ بي مثال
شاهڪار آهي. مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
پنهنجو مقبرو پنهنجي زندگيءَ ۾ تيار ڪرايو هو. هن
قسم جي ڪاريگريءَ جو اعليٰ نمونو سندس هي مقبرو
سنڌ اندر پٿر جي ڪاريگري جو هڪ شاندار نمونو آهي.
هن تعمير ۾ وڏا وڏا پٿر ڪتب آندا ويا آهن. جنهن ۾
پن ول
(Arabesque)
۽ بيضوي طرز
(Medallion)
جي اُڪير ڪئي وئي آهي. هڪ اُڪيريل تحرير جي پٽي هن
مقبري جي اوچين ديوارن جي چوڌاري ڦري اچي ٿي. سا
به گل
ول
(Floral Design) واري اُڪير جو هڪ نادر نمونو آهي. هن تعمير جا مرڪزي حصا
ونگائين درن جي
(Arched Pylon)
جي طرز تي آهن، جيڪي هر پاسي جي وچ ۾ ڏسڻ ۾ اچن
ٿا، جن تي شيخ محمد جي نسخ خط ۾ اڀريل طرز جي
اعليٰ تحرير اُڪيريل ڏسجي ٿي.
نواب سيف الله جي مقبري تي خط نستعليق جي تحرير موجود آهي، جيڪا
خطاطيءَ جي فن جو هڪ اعليٰ نمونو آهي. هن نواب ٺٽي
۾ 1143هه ۾ وفات ڪئي هئي. سندس گورنريءَ جي زماني
ڪيترن شاعرن ۽ خطاطن ٺٽي ۾ ڪهي اچي سڪونت اختيار
ڪئي هئي. سندس مقبري جي خطاطيءَ جو ڪم اسد الله
ڪيو هو.
جڏهن ڪلهوڙن جي دور ۾ نگر ٺٽي پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏي ته خطاط ۽
هنر مند ماڻهو اتان لڏي پلاڻي خدا آباد ۽ حيدرآباد
وڃي ويٺا. اهي ٻئي شهر ڪلهوڙن جي حڪمراني واري دور
جي سنڌ جا راڄ
ڌاني وارا ماڳ هئا. تازو پير حسام الدين راشديءَ
دادو ضلعي ۾ واقع خدا آباد مان ميان يار محمد
ڪلهوڙي جي مقبري اندران هڪ اهڙي لکت ڳولي لڌي آهي،
جنهن جهڙي تحرير ٺٽي ۾ به موجود آهي. ان خطاطيءَ
طرز تي ٺٽي جي ”حبيب“ خطاط جي صحيح ٿيل آهي. اها
لکت ڪاشيءَ جي ڪارين سرن جي تـَـرَ تي اڇي رنگ ۾
ٿيل ڏسجي ٿي، جنهن ۾ قرآن شريف جون آيتون، ٻارهن
امام سڳورن جا نالا ۽ درود شريف لکيل آهن. مذڪوره
لکت ثـُـلثُ خط ۽ نسخ خط جو هڪ بهترين ۽ املهه
نمونو آهي. ڪلهوڙن جي دور سان لاڳاپيل ٺٽي جي ٻن
خطاطن جهڙوڪ: احسن ۽ عبدالڪريم اصفهاني جي خطاطيءَ
جا نمونا به هتان مليا آهن. پر اهي لکتون هن فن جي
زوال جون نشانيون آهن.
|