سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا ڪاتب

باب: 1

صفحو :4

 

دولهه دريا خان هڪ وڏي فوج وٺي وڃي ساڻس مهاڏو اٽڪايو. وڏي رتوڇاڻ کان پوءِ دولهه دريا خان کي ٺڳيءَ سان پڪڙي ٻين سمن سان گڏ شهيد ڪيو ويو. ڄام فيروز گجرات ڏانهن هليو ويو. فاتح ارغون ساڳئي محرم جي مقدس مهيني جي 20 تاريخ تائين ٺٽي جهڙي سکئي ستابي شهر کي ڦريندا لٽيندا ۽ ماڻهن کي ماريندا رهيا. ڪيترن اميرن ۽ نوابن کي قيد ڪيو ويو. سمن جي  شاهي گهراڻي جي به ڦرلٽ ڪئي وئي. شهر جو اهڙو گهر رهيل ئي ڪونه هو، جيڪو ارغونن جي ڦرلٽ ۽ قتل کان بچي سگهيو هجي. چيو وڃي ٿو، ته شاهه بيگ ارغون شخصي طور سما گهراڻي جي عزت ۽ ناموس رکڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي هئي. شهر ۾ هوريان هوريان ٺاپر ايندي وئي. سنڌ جي مفتوح حڪمران ڄام فيروز، شاهه بيگ ارغون آڏو آڻ مڃڻ ۾پنهنجي سلامتي سمجهي ۽ رحم جي درخواست ڪئي. شاهه بيگ ارغون هڪ هوشيار ماڻهو هو. جيڪو گجرات کان ٿيندڙ حملن جي خطري کي اڳواٽ ئي سمجهي ويو هو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سما ڄامن ۽ گجرات جي حڪمرانن وچ ۾ مٽي مائٽيءَ جا اڻٽٽ لاڳاپا قائم هئا. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي، شاهه بيگ ارغون، ڄام فيروز سان هڪ عهدنامو ڪيو، جنهن تحت اتر سنڌ وارو علائقو شاهه بيگ ارغون جي حوالي ٿيو ۽ ڏکڻ سنڌ واري ايراضيءَ ۾ ڄام فيروز کي حاڪم تسليم ڪيو ويو27.

شاهه بيگ ارغون جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شاهه حسن ارغون هن جو جانشين ٿيو28. هن کي سمڪ پئي ته ڄام فيروز سڄيءَ سنڌ تي قبضو ڪري کيس بي دخل ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري هن سندس پيءُ ۽ ڄام فيروز وچ ۾ طئي ڪيل عهدنامو ختم ڪري ڇڏيو ۽ وجهه وٺي هڪ ڏينهن وڏو ڪٽڪ ساڻ ڪري اچي ٺٽي کي ڪڙو  چاڙهيو. ڄام فيروز کي جڏهن پتو پيو، ته شاهه حسن ارغون وڏو لشڪر وٺي مٿس ڪاهي اچي رهيو  آهي، ته هو ٺٽو ڇڏي هليو ويو ۽ ڪڇ جي راءِ وٽ وڃي پناهه ورتائين. بعد ۾ گجرات جي حڪمران مظفر شاهه کان مدد ورتي ۽ هڪ وڏي فوج وٺي ٺٽي کي هٿ ڪرڻ واسطي شاهه حسن تي ڪاهي ويو29. پر وري به سندس ڀاڳ ڪونه ڀڙايو. هن وڏي جوش ۽ جذبي سان جنگ جوٽي، پر پوءِ به جهيڙي ۾ هارائي ويٺو. شڪستن جي اڳين سلسلن هن کي ڀڃي ڀورَي رکيو هو، پر پوءِ به سندس دل ۾ آس اميد جو ڪرڻو اڃا بـَـکي رهيو هو، تنهن ڪري هو موٽي وري گجرات هليو ويو.

شاهه حسن ارغون پاڻ کي وقت جي گهرجن مطابق ۽ حالتن سان مڙس ٿي منهن ڏيڻ جهڙو لائق انسان ثابت ڪيو، جنهن وقت هو پنهنجي پيءُ جو جانشين بڻيو، ته سنڌ جو سياسي وايو منڊل وڳوڙي هو. اختلاف ۽ تتل ڌرتي کيس پيءُ پاران ورثي ۾ مليا هيا. هن پنهنجي حڪمرانيءَ وارن ڏينهن ۾ ڀاڱا ٿيل سنڌ کي ملائي هڪ ڪيو هو. هن پنهنجي سياسي تدبر ۽ مصلحت پسند طبعيت ڪري بابر ۽ همايون جي طاقت کان پاڻ کي بچائي رکيو هو. هن ملتان وارو علائقو فتح ڪري دهليءَ جي مغل بادشاهه بابر کي تحفي طور ڏئي پنهنجي جند ڇڏائي هئي. اهڙيءَ ريت همايون جي سياسي طاقت کي ورهائڻ لاءِ سندس ڀاءُ مرزا ڪامران کي پنهنجي ڌيءُ جي سڱ ڏيڻ ۾ به دير ڪانه ڪيائين30.

همايون، شير شاهه هٿان شڪست کائي سنڌ ۾ پير کوڙڻ پئي چاهيا، انهيءَ لاءِ ته جيئن سياسي حالتن جو فائدو وٺي، دهليءَ جي تخت تي ٻيهر قبضو ڪري سگهي، پر سنڌ جي ارغون حڪمران شاهه حسن ارغون، همايونءَ جي انهن ارادن کي سڃاڻي ورتو هو، تنهن ڪري سندس اهڙن ارادن کي عملي ويس ڍڪائڻ خلاف سندرو  ٻڌي بيهي رهيو. هن جي مرضي هئي، ته همايون ڪن شرطن تي سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر نڪري وڃي، ته ڏاڍو چڱو ٿئي. همايون هنن شرطن سان سنڌ کان نڪري وڃڻ قبوليو: هڪ ته درياءَ پار اڪرڻ لاءِ شاهه حسن ارغون، همايون کي ٽيهه ٻيڙيون ڏيندو. ٻيو - هڪ لک مثقال نقد، ٽي سو اُٺ ۽ ٻه هزار مڻ ان به کيس ڏنو ويندو. شاهه حسن سندس اهي سمورا مطالبا پورا ڪيا، پر کيس اُٺ اهڙا، ته ٽاهڙ ڏنا ويا هئا، جو همايون ۽ ساڻس گڏ ماڻهو اچي روهه ٿيا. نيٺ سڀ مسئلا حل ٿي ويا ۽ 10 جولاءِ 1543ع تي همايون سنڌ ڇڏڻ تي راضي ٿي ويو31.

شاهه حسن ارغون ڪيترين ئي متضاد خوبين جو مالڪ هو. پوئين دور ۾، ته هو تيموري روايتن جو ڄڻ ته زندهه مجسمو ٿي پيو هو. ادب جي شاعري واري صنف تي طبع آزمائي ڪندو هو. پاڻ هڪ سٺو شاعر هو ۽ تخلص ”سپاهي“ هئس. عالمن ۽ فاضلن جي محفلن ۾ ويندو هو ۽ سندن گهڻي سرپرستي به ڪندو هو. ڪيتريون ئي مشهور معروف علمي شخصيتون سندس درٻار جو سينگار هيون. ٻئي پاسي هن لاڙ جي حدن اندر ٿيندڙ جنگين ۾ فوجي جنرل جي حيثيت ۾پنهنجي سر پاڻ حصو ورتو هو. جن ۾ ٺٽي تي حملو به شامل آهي. ان وقت فتح ٿيل ٺٽي کي لٽي ڦري تباهه ڪرڻ ۾ انساني اخلاق جون سڀ حدون پار ڪري چڪو هو، وٽس ٺٽي شهر جي معصوم ماڻهن جي عزتن ۽ ملڪيتن لاءِ ٽڪي جيتري به عزت ڪانه هئي.32

شاهه حسن - ارغونن ۽ ترخانن جي مختلف قبيلن کي متحد رکڻ ۾ سوڀارو ڪونه ٿيو هو. ٻنهي گروهن جي اختلافن سنڌ جي سانتيڪي وايو منڊل کي وڳوڙي بنائي ڇڏيو هو. پهرين محرم 962هه/26 نومبر 1554ع تي ٺٽي شهر جا سڀئي ارغون هڪ جاءِ تي ڪٺا ٿيا ۽ يڪ مشت ٿي مرزا عيسيٰ خان ترخان I کي پنهنجو حڪمران چونڊيائون ۽ سندس اطاعت ڪرڻ جو اعلان ڪيائون. ان کان پوءِ مرزا عيسيٰ خان ترخان I، مرزا شاهه حسن ارغون جا اعتبار جوڳا ماڻهو قتل ڪيا ۽ انهن جي سنڀال هيٺ رکيل خزانو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. هن واقعي کان پوءِ هن نئين حڪمران پنهنجي فوجي سپاهين کي انعام اڪرام ڏنا. هن واقعي جي خبر جڏهن شاهه حسن ارغون کي پهتي، ته ڏاڍو ڏمرجي ويو. هو ڄاڻايل واقعي جي ڏوهين کي جوڳي سزا ڏيڻ واسطي ٺٽي تي حملي جي ارادي سان ڪاهي ويو33. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ مرزا عيسيٰ خان ترخان I جا گهڻا ماڻهو مارجي ويا. تن ڏينهن ۾ ٺٽي جو شيخ الاسلام عبدالوهاب پوراني هو، جنهن هن قسم جي جهيڙي واري ٻنهي ڌرين جي تباهي کي تاريخ 1 ربيع الاول 962هه/24 جنوري 1555ع تي ٺاهه لاءِ ٽياڪڙ بڻجي وڳوڙي وايو منڊل ۾ ماٺار آندي. شهر ۾ به ٺاپر ٿي وئي. شاهه حسن هن جهيڙي کان ٻارهن ڏينهن کان پوءِ 12 ربيع الاول 5 فيبروري 1555ع تي وفات ڪئي34.

شاهه حسن ارغون جي وفات کان جلد ئي پوءِ بکر جي حاڪم سلطان محمود ڪوڪلتاش اتر سنڌ ۽ ٺٽي جي حاڪم مرزا عيسيٰ خان ترخان I سنڌ جي لاڙ واري حصي تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي. اتر ۽ لاڙ سنڌ جي هنن ٻنهي حڪمرانن ۾ پراڻي دشمن هئي، جنهن جي ڪري گهڻو ڪري سندن فوجي ٽڪراءُ پيا هلندا هئا. ٺٽي جو مشهور شهر ترخان گهراڻي جي راڄ ڌاني هو35. مرزا عيسيٰ خان ترخان I جي ڏينهن ۾ پورچوگيزن ٺٽي کي ڦري لٽي ۽ بي هٿيار ماڻهن کي قتل ڪري شهر کي باهه ڏئي ساڙي تباهه ڪري ڇڏيو هو. قصو هيئن ٿيو، جو مرزا عيسيٰ ترخان I بکرجي حاڪم سلطان محمود ڪوڪل تاش تي حملو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ اهڙي فوجي امداد پوچوگيزن کان به طلب ڪئي هئائين. پورچوگيز وقت تي ڪونه پهتا، تنهن ڪري مرزا عيسيٰ خان ترخان I پنهنجي ساري فوج وٺي وڃي محمود ڪوڪل تاش تي هلان ڪئي. پويان پورچوگيزن ٺٽي کي بيواهو سمجهي وڏي ڦرلٽ ڪئي. اهو واقعو 963 هه / 57-1556ع ۾ ٿيو. پورچوگيزن ٺٽي ۾ ڪاشيءِ ڪانه ڇڏي. جاين مان ڪاشيءَ جون خوبصورت سرون به پٽائي کڻي ويا. ان ڦرلٽ بابت پورچوگيزن به هڪ رپورٽ لکي هئي، جيڪا هتي ورجائجي ٿي36.

“پيڊرو بئريٽو جي ڪمانڊ هيٺ ايڪيهن ٻيڙن ۾ ست سؤ جنگي سپاهي ٺٽي ڏانهن روانا ڪيا ويا. جڏهن پيڊرو بئريٽو ٺٽي پهتو، ته ٺٽي جو حڪمران اتي موجود ڪونه هو. سندس پٽ، پورچوگيز فوج جي پهچڻ جو کيس اطلاع ڏياري موڪليو. حڪمران جي پٽ سندس پيءُ وٽان جواب اچڻ تائين پيڊرو بئريٽو کي ترسڻ جي گذارش ڪئي. جنهن ڪري هو ٺٽي ۾ ترسي پيو. اتي کيس اها به سڻس پئي، ته ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي ۽ اهڙي ٺاهه جو پيڊرو بئريٽو کي ڪو اطلاع ئي ڪونه ڏنو ويو هو. ان ڪري هن حڪمران جي پٽ کان وڃڻ جي اجازت ۽ سنڌ جي سفير جي ٿيل عهدنامي موجب کانئس فوجي خرچ جي گُهرَ ڪئي. ترخان شهزادي پيڊرو بئريٽو کي مناسب جواب ڪونه ڏنو، تنهن ڪري هن پنهنجي فوج کي ٻيڙن مان هيٺ لهڻ جو حڪم ڏنو. ڏمريل لشڪر شهر ۾ ڪاهي پيو ۽ ڪاوڙ ۾ اچي اٺ هزار ماڻهو قتل ڪري ڇڏيا ۽ ٻن ملين پاؤنڊن (20 لک پائونڊ) جيترو قيمتي سامان لٽيو ويو. ان کان پوءِ شهر کي باهه ڏيئي ساڙي خاڪ ڪيو ويو. ايشيا جي ملڪن ۾ ايڏي وڏي ڦرلٽ اڳي ڪڏهن ڪانه ٿي، جنهن ۾ ڪنهن کي ايترو ججهو ڌن دولت هٿ لڳو هجي. هن واقعي ۾ پيڊرو بئريٽو جو ڪوبه ماڻهو ڪونه مئو”.

مرزا عيسيٰ خان ترخان I37 جي ٻن پٽن: مرزا باقي بيگ ۽ مرزا صالح جي وچ ۾ سنه 967هه مطابق 1559ع ڌاران جهيڙو شروع ٿي ويو، اهو جهيڙو اڃا ڳنڍيو پيو هو، جو سنه 970 هه/ 63-1562 ۾ مريد بلوچ خنجر هڻي مرزا صالح کي قتل ڪري ڇڏيو38. مرزا عيسيٰ خان ترخان I سنه 973 هه/ 1565ع ۾ پنهنجي فطري موت مئو، کيس مڪليءَ تي ان مقبري ۾ دفنايو ويو، جيڪو هن پاڻ جيئري تعمير ڪرايو هو39. سندس جانشينيءَ جي معاملي تي هن جي ٻن پٽن: مرزا باقي بيگ ۽ سندس ڀاءُ مرزا جان بابا جي وچ ۾ ڏاڍو جهيڙو شروع ٿي ويو. آخر شوال 993هه/ 1585ع ۾ مرزا باقي بيگ، پنهنجي پيءُ جي مسند سنڀالي ۽ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جو حڪمران ٿيو40. هن جي حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ سنڌ ڏاڍي ڏچي ۾ رهي. سياسي وايو منڊل به گهڻو ڊانوان ڊول ٿي ويو. اڪبر اعظم جي ملڪ گير هـَـوسَ واري خطرناڪ سياسي حڪمت عمليءَ سنڌ جي اندروني خلفشار کي ڄڻ، ته گهڻو زور وٺايو هو. مرزا عيسيٰ خان ترخان I، سنڌ جي اندروني بدنظميءَ کي پنهنجي ڏاهپ وسيلي منهن ڏئي رهيو هو. مرزا باقي بيگ جي ڏينهن ۾ وري اهي ساڳيامسئلا ڪاريهر جيان ڪر کڻي سامهون اچي بيٺا هئا. ارغون سمجهي رهيا هئا، ته ترخان الهه تلهه ٻهاري هڙپ ڪري رهيا هئا. اهڙيءَ ريت شاهه بيگ ارغون جي گڏ ڪيل دولت کي به پنهنجو ورثو سمجهڻ لڳا هئا، منجهن ويڇا ايترا وڌي ويا هئا، جو ڳالهه وڃي ترارون کڻڻ تي پهتي هئي. سنڌي قبيلا مرزا جان بابا جي امداد ڪري رهيا هئا، جيڪو مرزا باقي بيگ خلاف پيءُ جي تخت جو دعويدار هو. اهڙن اندروني اختلافن ڪري مرزا باقي بيگ کي ڪي نهايت سخت قدم کڻڻا پيا. هن ڪوڙن واعدن تي سڀني ارغونن کي پنهنجي محلات اندر گهرايو، ته “اچو، اوهان کي شاهه بيگ ارغون واري دولت ورهائي ڏيان!” اهي جڏهن شاهي محلات اندر پهتا، ته تلوار سان سندن سر ڌڙن کان ڌار ڪيا ويا41. هن پنهنجي رعيت ۾ ويساهه ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ حڪومت هلائڻ لاءِ جاسوسيءَ جو هڪ ڄار وڇائي ڇڏيو هو. کاڌي خوراڪ سان لاڳاپيل سڀ شيون پاڻ وٽ ذخيرو ڪري ڇڏيون هئائين. ان ريت ملڪ ۾ هٿرادو ڏڪار ڪاهي پيو ۽ غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو42.

اهڙيون خراب حالتون هجن ۽ ويچارا مسڪين ماڻهو ظالم حڪمران کي ختم ڪرڻ کان بيوس هجن، تڏهن صوفين فقيرن وٽ وڃي، سندن محبت وارين محفلن ۾ ويهي دلي سڪون حاصل ڪرڻ کان سواءِ ٻيا سڀ رستا بند هوندا آهن. ان زماني ۾ عبدالوهاب پوراني هڪ اهل دل ۽ صوفي بزرگ هو. روحاني راحت لاءِ ڪيترا مسڪين ۽ مظلوم ماڻهو سندس محفل ۾ اچي شريڪ ٿيندا هئا. مرزا باقي بيگ کي شڪ جاڳيو، ته هو بغاوت لاءِ ماڻهو گڏ ڪري رهيو آهي. هن ڇا ڪيو جو سندس پٽ محمد صادق تي ڪيئي تهمتون هڻي پيءُ ۽ پٽ ٻنهي کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. ٻين به ڪيترن ئي صوفين کي سنڌ ڇڏي وڃڻ لاءِ گهڻو مجبور ڪيو ويو. سنڌ جو هي حڪمران ڌارين ماڻهن کي سنڌ وچان گذرڻ ئي ڪونه ڏيندو هو.

مرزا باقي بيگ جي قهري ڪارواين جو ڪو سنڌو سيڙهو ڪونه هو. تاريخ طاهريءَ جي ليکڪ جي لکڻين مطابق هندو پنهنجي مندرن ۾ ۽ مسلمان مسجدن ۾ ٻئي هٿ کڻي کيس پٽيندا هئا. هـُـو ڪـِـيس ۽ ڪلور سبب رعيت جون همدرديون وڃائي چڪو هو، تن ڏينهن ۾ سندس پٽ شاهه رخ، نصرپور جو گورنر هو، جيڪو اوچتو وفات ڪري ويو. سندس دل کي ايڏو، ته صدمو رسيو جو سنه 993هه/ 1585ع ۾ آپگهات ڪري ڇڏيائين43.

مرزا باقي بيگ جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ مرزا پائنده خان گاديءَ تي ويٺو، پر هو چريو هو. ان ڪري سندس پٽ مرزا جاني بيگ حڪومت هلائڻ لڳو. مرزا جاني بيگ جي اچڻ ڪري سنڌ کي ڪجهه سک ۽ سانت نصيب ٿيا. هو ملڪ ۾ امن امان ۽ ماڻهن ۾ ويساهه پيدا ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو، پر منجهس دهليءَ جي مغل فوج خلاف وڙهڻ جيتري ته ڏاهپ ڪانه هئي. تڏهن به هن اڪبر سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪيترائي ماڻهو موڪليا، پر اهڙو ڪو معاهدو عمل ۾ اچي ڪونه سگهيو44.

ان زماني ۾ قنڌار جون سياسي حالتون بگڙي ويون هيون. اڪبر جي مرضي هئي، ته قنڌار تي سندس مستقل قبضو رهي. قنڌار تي اهڙي مضبوط ضابطي رکڻ لاءِ سنڌ جي فتح، لازمي ڳالهه سمجهي وئي هئي. دهليءَ درٻار طرفان مرزا عبدالرحيم خانِ خانان کي قنڌار جي مهم لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، جنهن هڪ وڏي فوج وٺي وڃي مرزا جاني بيگ تي حملو ڪيو. ٻنهي ڌرين ۾ گهڻي وقت تائين جهيڙو هلندو رهيو. نيٺ صفر 999هه /نومبر 1590ع ۾ سيوهڻ فتح ٿيو ۽ مرزا جاني بيگ ٻاهڙي واري جنگ ۾ هارايو. اهڙيءَ ريت بحري ۽ خشڪيءَ جي جنگ به تمام گهڻو وقت هلي. نيٺ سنڌ جو تخت گاهه ٺٽو به مغلن جي حوالي ٿيو. سنه 1593ع ۾ مرزا جاني بيگ اڪبر جي درٻار ۾ پيش ٿيو ۽ اڪبر جي ڄمڻ واري جڳهه، عمرڪوٽ ۾ ساري سنڌ سان گڏ مغل شاهيءَ ۾ گڏ جي ويو. کيس ٽه هزاري منصب دار بنايو ويو، پر کيس پنهنجي وطن جي وڻن ڏسڻ جي موڪل ڪانه هئي. هن 27 تاريخ رجب سنه 1009 هه / مطابق 2 فيبروري 1601ع ۾ اسير ڳڙهه45 ۾ وفات ڪئي،* سندس مڙهه اتان کڻائي ٺٽي ۾ پنهنجي خانداني قبرستان مڪليءَ ۾ دفنايو ويو.

سنڌ کي فتح ٿيڻ کان پوءِ ملتان سان ملايو ويو، ان ريت ٻن سرڪارين ۾ ورهايو ويو هو. اتر سنڌ ۾ بکر سرڪار ۽ لاڙ ۾ ٺٽو سرڪار هئي. هرهڪ سرڪار جي انتظام لاءِ گورنر مقرر ٿيل هو. هجڪان، سيوستان، نصرپور، ٺٽو ۽ چڪرا هالا جا پرڳڻا ٺٽي سرڪار ۾ هوندا هئا. ٺٽي جو شهر صدر مقام هجڻ سان گڏ سـِـڪن ڍالڻ (ضرب خانو) جو ماڳ به هوندو هو46.

ترخان ٺٽي جا گورنر فقط نالي ماتر رهندا هئا. جڏهن سن 1022 هه / 1614ع ۾ مرزا غازي بيگ وفات ڪئي، ته اهو نالي ماتر وارو سلسلو به ختم ٿي ويو.** کين پنهنجي صوبي سنڌ ۾ رهڻ جي ته موڪل ئي ڪانه هوندي هئي. باقي مرڻ پڄاڻا سندن لاش اچي، پنهنجي وطن جي مٽيءَ ڀيڙا ٿيندا هئا. ترخان گهراڻي مان مرزا جاني بيگ نهايت اهل انسان هو، سندس پٽ مرزا غازي بيگ به عالم، فاضل ۽ شاعر هو. سندس تخلص ‘وقاري’ هو. سندس مجموعه ڪلام جو نالو ”ساقي نامه“ آهي. هـُـو پنهنجي شاعريءَ سبب پڻ گهڻو مشهور هو. هن جا فقط 83 شعر محفوظ آهن. کيس موسيقيءَ جي به وڏي ڄاڻ هئي ۽ گائڪيءَ واري وڄت جو به ماهر هو. پاڻ به سٺو ڳائيندو هو. تنبورو به ماهراڻي انداز ۾ وڄائي سگهندو هو. عالمن فاضلن سان گهڻو اٿندو ويهندو هو. سندس درٻار ۾ ڪيترائي فارسي ٻوليءَ جا شاعر هئا، جن مان مير مرزا نعمت الله وصلي، ملا اسد، قصه خواني، حڪيم فغفور گيلاني، طالب ۽ شيدا اصفهاني مشهور هئا47.

سندس حڪمرانيءَ واري عرصي دوران هڪ قسم جي نئين ثقافت جنم وٺي رهي هئي. سنڌ جي تاريخ به مڪاني طرح هن دور ۾ لکي وئي. مير محمد معصوم بکري پنهنجي تاريخ معصومي 1600ع ۾ لکي پوري ڪئي، جيڪو پنهنجي نقطئه نگاهه کان هڪ وڏو ڪتاب آهي. هيءَ تاريخ مسلمانن جي دور کان وٺي اڪبر جي زماني تائين لکي وئي آهي. ٺٽي جي مير محمد نسياني جي تاريخ طاهري آهي. اها هن 1030هه/1621ع ۾ لـِـکي پوري ڪئي، جيڪا سنڌ جي حڪمرانن ترخانن جي اصليت جي ڄاڻ ڏئي ٿي. هن تاريخ ۾ڪتب آيل ٻولي، ان جو اسلوب ۽ انداز ڏاڍو سهڻو آهي. ٺٽي جي سيد محمد ڪتاب ترخان نامه نالي تاريخ سن 1065 هه/ 56-1655ع ۾لکي پورو ڪيو. اها تاريخ ترخان گهراڻي جي سياسي ۽ ثقافتي طور معلومات فراهم ڪري ٿي. امير سيد قاسم بيگلار سنه 1628ع ۾ بيگلار نامه نالي هڪ تاريخ لکي پوري ڪئي. هن تصنيف جي تاريخي اهميت گهٽ آهي، پر اها سنڌ جي شروعاتي مغل دور جي حڪمراني بابت اهم معلومات سان لاڳاپو رکي ٿي48.

سنڌ ۾ مغل حڪمرانيءَ وارو دور ان ڪري گهڻو مشهور آهي، جو هن علائقي ۾ مقرر ڪيل گورنر گهڻو عرصو رهي ڪونه سگهندا هئا. سوا صدي (1612ع-1737ع) تائين واري ٿوري عرصي ۾ پورا 38 گورنر هتي آيا. انهن گورنرن جي مقرري اڪبر پاڻ ڪندو هو. شروعاتي دور ۾ صوبي جي گورنرن کي فوجي سپهه سالار به سڏيو ويندو هو. امن امان بحال رکڻ سندن منصبي فرض ۾ شمار ٿيندو هو. مغل دور واري حڪومت مضبوط مرڪز جي طرز واري سرڪار هوندي هئي، تنهن ڪري  گورنرن جي مقرري به ان ترتيب کي نظر ۾ رکي ڪئي ويندي هئي ۽ سندن اختيارن کي مڪمل طور بيان ڪيو ويندو هو. پر مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ تڪڙو مواصلاتي رابطو ڪونه هوندو هو، تنهن ڪري گورنر پنهنجي حيثيت جو تمام گهڻو ناجائز فائدو وٺندا هئا. گهڻا گورنر  مرڪزي حڪومت جي منظوريءَ کان سواءِ محصول مقرر  ڪري ڇڏيندا هئا. ان ڳري ۽ ناجائز محصول جو آزار ايترو، ته گهڻو وڌي ويو هو، جو شهنشاهه جهانگير کي اهڙي قسم جي محصول کي ختم ڪرڻ لاءِ فرمان جاري ڪرڻو پيو هو.49 ڪيترائي گورنر ڏاڍا خود غرض ۽ لالچي هوندا هئا ۽ پنهنجن انتظامي عهدن کي ذاتي مفادن لاءِ ڪتب آڻيندا هئا. نتيجو اهو نڪرندو هو، جو سارو انتظام هيٺ مٿي ٿي ويندو هو. سرڪاري انتظاميه لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ نفرتون گهر ڪري وينديون هيون. جاڏي ڪاڏي دوکو، دولاب، کوڙ ۽ فريب کان سواءِ ڪا شيءِ نظر ڪانه ايندي هئي. ڌاڙن ۽ ڦر لٽ جون وارداتون ته عام ٿي ويون هيون. پليگ جهڙين وبائي بيمارين ماڻهن جا کنڌا کڻي ڇڏيا. مٿان وري هر سال جي ڏڪار ڏيهه کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو.

شاهجهان جي حڪمرانيءَ واري ڏينهن ۾ ٽيورنيئر (Tavernier) ٺٽي آيو هو. جنهن ٺٽي جي ان وقت جي گورنر جو هڪ مثال بيان ڪندي لکيو آهي، ته ان زماني ٺٽي جو گورنر مرزا احمد بيگ هو، جنهن کي اتي رهي چار سال گذري چڪا هئا. سندس گورنريءَ وارو سارو دور عوام سان ڪـِـيس ڪلور، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان ڀريل نظر ايندو. نيڪي ڪرڻ کان نفرت ڪندو هو. هن جي خلاف ڪيتريون ئي شڪايتون ڪيون ويون هيون. سندس واپس گهرائڻ تي ماڻهو ڏاڍو خوش ٿيا. پر کين اهو ٻڌي به سخت صدمو رسيو هو، ته شهنشاهه سنڌ کي پنهنجي ذاتي انتظام هيٺ رکيو آهي. هن کان علاوه دهلي پهچڻ تي شهنشاهه طرفان هن گورنر جو شاندار استقبال ڪرايو ويو. ان جو ڪارڻ اهو ڄاڻايو ويو، ته هن آگري پهچي شاهي گهراڻي جي عورتن ڏانهن نهايت قيمتي سوکڙيون اماڻيون هيون50. سيهوڳي ذريعا به ٽيورنيئر جي پيش ڪيل هن حقيقت جي مڪمل تائيد ڪن ٿا. “تاريخ مظهر شاهجهاني” جو مصنف يوسف ميرڪ ان ئي زماني ۾ ٺٽي ۾ رهندو هو. جڏهن مرزا احمد بيگ اتان جو گورنر هو. هن مٿي بيان ڪيل تاريخ 35-1634ع ۾ لکي پوري ڪئي هئي. ڄاڻايل ڪتاب ۾ هن حڪومتي ڪارندن جي ڏاڍ ڏهڪاءَ جي چڱيءَ ريت تصوير چٽي وئي آهي. هو راڻي ممتاز محل جو سڳو سؤٽ هو. يوسف ميرڪ جي بيان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو، ته ان زماني ۾ مرزا احمد بيگ بدران ڪنهن ڏهڪاءَ جي  حڪمراني هئي51.

مغل دور ۾، ٺٽي جي انسان دوست گورنرن جو به خاصو تعداد آهي. انهن فن ۽ ادب جي قدرداني ڪئي. ڪيترن شاعرن، عالمن ۽ فاضلن ان زماني ۾ سنڌ ديس جي ڌرتيءَ تي پنهنجو وارو وڄايو، جن مان ڪيترا پنهنجي امتيازي ڳڻن ڪري ذڪر ڪرڻ جوڳا آهن. شهنشاهه شاهجهان جي ڏينهن ۾ مرزا محمد عيسيٰ خان ترخان II جيڪو مرزا غازي بيگ ترخان جو سؤٽ هو، ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. هو عمارتن بنائڻ جو ڪوڏيو هو ۽ پنهنجي ڌرتي، سنڌ سان بي انتها محبت ڪندو هو. اتي دفن ٿيڻ لاءِ پنهنجي حياتيءَ ۾ ٺٽي ۾ هڪ مقبرو تعمير ڪرايو هو52.

شاهجهان جي ڏينهن ۾ نواب امير احمد خان ٺٽي جو گورنر ٿي آيو هو. ٺٽي شهر جي ترقيءَ ۽ تعمير ۾ سندس وڏي دلچسپي هئي. هن ٺٽي جي ڀرسان امير پور نالي هڪ وستي ٺهرائي هئي. هو عالمن جي گهراڻي مان هو ۽ پاڻ به عالم هو. هن شهر ۾ ڪيتريون ئي جايون جوڙايون53. نواب ظفر خان، جيڪو سن 1062هه/1652ع ۾ ٺٽي جو گورنر ٿي آيو، سو به ڏاڍو روشن خيال انسان هو. اورنگزيب جي ڏينهن ۾ سندس مامون ابو نصرت خان ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو هو. هيءُ صاحب متقي پرهيزگار ۽ اعليٰ درجي جو شاعر هو. سن 1691ع ۾ نواب حفيظ الله پٽ سعد الله خان جيڪو شاهجهان جو وزير به هو، ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. هيءُ ڏاڍو سخي ۽ انسان دوست ماڻهو هو. هن ٺٽي جو نئون قلعو اڏائڻ شروع ڪيو هو، پر ناڻي جي اڻ هوند سبب ان کي پورو ڪري ڪونه سگهيو.

نواب امين الدين خان حسين پٽ عبدالمڪرم 1702ع ۾ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو. هيءُ وڏو عالم شخص هو ۽ سندس گهڻو وقت عالمن جي صحبت ۾ گذرندو هو. هن ٻه ڪتاب تصنيف ڪيا: هڪ فن ۽ سائنس تي ۽ ٻيو دنيا جي عام معلومات بابت هو. نواب سيف الله جيڪو ٺٽي ۾ سن 1724ع تي گورنر مقرر ٿي آيو هو، تنهن تعليم ۽ تجارت جي ڏس ۾ به وڏا سڌارا آندو هئا، هڪ بهترين گورنر جي حيثيت سان ڏاڍو مشهور ۽ معروف هو54.

ڪجهه مغل شهزادا به ٺٽي تي گورنر مقرر ٿي آيا هئا. 13 آڪٽوبر 1625ع تي شهنشاهه جهانگير، شهزادي شهريار کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو هو. نواب شريف الملڪ، شهزادي جو نائب ٿي ٺٽي جو انتظام سنڀاليو هو. سن 1654ع ۾ دارا شڪوه جو پٽ شهزادو سپهر شڪوه هفت هزاري منصب سان ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو هو.

مغلن جي دور ۾ سنڌ، يورپي واپارين خاص طور تي پورچوگيزن ۽ انگريزن لاءِ ڄڻ ته هڪ شڪار گاهه بڻيل هئي. عيسائي مذهب جا مشنري ٺٽي شهر ۾ جلدي جلدي پيا ايندا هئا، انهن ولايتي سياحن جون تحريرون مغل دور سان لاڳاپيل سنڌ جي اقتصادي ۽ معاشرتي تاريخ لکڻ لاءِ ڏاڍيون اهم آهن.

انگريزن پنهنجي پهرين واپاري ڪوٺي، ٺٽي ۾ سن 1635ع ۾ قائم ڪئي هئي. انگريزن ۽ پورچوگيزن پاڻ ۾ امن امان سان رهڻ جو عهدنامو ڪيو هو. ٺٽي ۾ تجارتي ڪوٺي قائم ڪرڻ ۾ انگريزن جا ٽي مقصد هئا: (1) لنڊن جي مارڪيٽ لاءِ سنڌ جو ڪپڙو خريد ڪرڻ، (2) نير (Indigo) حاصل ڪرڻ ۽ (3) ايراني نار ۾ پنهنجو واپار برقرار رکڻ.

سنڌ ۾ ٺٽي اندر لاهري بندر ڀرسان سندن تجارتي ڪوٺي واپاري پيڍي (Out Post) سن 1662ع تائين ترقي ڪندي رهي. اهو شهنشاهه اورنگزيب جو زمانو هو. تجارتي ڪوٺيءَ جو رڪارڊ ٺٽي جي تجارتي خوشحالي ۽ معاشرتي زندگيءَ تي ڪافي روشني وجهي ٿو، جيڪو ان زماني ۾ صنعت جو دُن (Commercial Prosperity) ۽ سنڌ جي واپار جو مرڪز هو. ٺٽي جو سوٽي ڪپڙو ڏيساور ۾ ايڏو، ته مشهور هو، جو فريملن 1636ع ۾ ڪمپنيءَ کي اطلاع ڏنو، ته جيڪو به هندستان جو مال آهي، ان سڀ مان سنڌ جي مال جي گهرج تمام گهڻي آهي55.

مانرڪ (Manrique) سن 1641ع ۾ ٺٽي ۾ آيو، تنهن لکيو آهي، ته هي شهر ڏاڍو خوشحال آهي. کاڌي خوراڪ جي شين جا ڍير لڳا پيا آهن، جن مان ڪڻڪ ۽ چانور ذڪر ڪرڻ جوڳا آهن. ڪپهه ججهي انداز ۾ پوکي وڃي ٿي. شهر ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ آڏاڻا آهن، جن تي مختلف قسمن جو تمام قيمتي ڪپڙو تيار ٿئي ٿو، جيڪو ايشيا جي گهڻن ملڪن ڏانهن واپاري مقصد سان برآمد ڪيو ٿو وڃي، انهيءَ سان گڏ، اهو ڪپڙو پورچوگال ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو 56.

ڪچي چمڙي جو وڏو مقدار ٺٽي کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو. چمڙي رڱڻ جا ڪيترا ڪارخانا هئا، جتي بهتر ۽ نفيس قسم جو چمڙو تيار ٿيندو هو. پورچوگيز ان کي سنڌي چمڙي جي نالي سان سڏيندا هئا، جن مان گهوڙن جا سنج تيار ٿيندا هئا. مختلف نمونن ۽ رنگن جي ريشمي ڪپڙن جا ٽڪرا انهيءَ نازڪ ۽ نفيس چمڙي تي هڻي، اُن مٿان ڀرت ڀريو ويندو هو ۽ ڪيترن ئي نمونن جي گلڪاري ڪئي ويندي هئي، مٿن ڀرت جون ليڪون ڪڍي ڇيڙن تي پـَـٽَ واري ٻاندڻن جي جهالر هنئي ويندي هئي.

ڪئپٽن اليگزينڊر هئملٽن سن 1699ع ۾ ٺٽي آيو هو، سندس سفر جو احوال سنڌ جي ان دور سان لاڳاپيل ڏاڍي چٽي تصوير چٽي ٿو. ان زماني ۾ مغل طاقت زوال پذير ٿي چڪي هئي ۽ ڪلهوڙن جي سياسي سگهه پنهنجا پير پختا ڪري رهي هئي. هن پنهنجي اکين سان ڏٺو، ته دهلي حڪومت وٽ واپارين ۽ مسافرن جي قافلن کي تحفظ ڏيڻ جيتري به طاقت ڪونه هئي. ٺٽو جڏهن ته وڏو ۽ شاهوڪار شهر هو ۽ سڄي سنڌ جي صنعت جو مرڪز هو. هئملٽن صاحب ٺٽي جي دريائي اچ وڃ جي طريقي کان ڏاڍو متاثر هو.

پنهنجي عروج واري ڏينهن ۾ ٺٽو علم ۽ عرفان جو مرڪز هو. هئملٽن چوي ٿو، ”ٺٽو مذهب، فلسفي ۽ سياست جي علم ۾ ڏاڍو مشهور آهي، جتي چئن سون کان به وڌيڪ ڪاليج آهن، جيڪي نوجوانن کي انهن علمن جي شعبن ۾ سکيا ڏين ٿا57“.

سترهين صديءَ جا تاريخ دان پڻ ٺٽي جي آرام، آسائش، خوشحاليءَ ۽ خوبصورتيءَ جو ذڪر ڪن ٿا. تاريخ طاهريءَ مطابق، هن شهر ۾ دولت ۽ خوشيءَ جي فراواني آهي.58 ”ذخيرڏ الخوانين” جي مؤلف ٺٽي کي ”ڌرتيءَ تي بهشت“ جو لقب ڏنو آهي.“

پرڏيهي سيلانين جي بيانن ۽ سترهينءَ صديءَ جي مڪاني مصنفن جي لکتن مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته ٺٽو هڪ تمام وڏو شهر هو. دنيا جي مختلف ملڪن جا جهازران هن بندر تي ضرور ايندا هئا. هن شهر ۾ يورپي ماڻهن جو وڏو تعداد رهندو هو. مسجدون، مندر ۽ عيساين جون ديولون امن امان سان پنهنجي جاين تي موجود هيون. شهر خوش ذوق ماڻهن کي خوشين فراهم ڪرڻ ۾ پٺتي ڪونه هو. مانرڪ (Manrique) جيڪو هڪ عيسائي مشنري هو، جنهن کي ٺٽي جي بازارن ۾ آزاد ماحول ڏسي ڏاڍو ذهني جهٽڪو رسيو هو. هو لکي ٿو، جتي دولت جي ججهائي هوندي آهي، اتي چڱائي ۽ سـُـٺائيءَ کي ڪا به اهميت ناهي هوندي، ايمان، صداقت، حليمت ۽ تقدس هوندا ئي ناهن60.

اورنگزيب جي وفات کان پوءِ، مغلن جي وڌندڙ ڪمزوريءَ مان سنڌ جي اصلي رهاڪو ڪلهوڙا خاندان ڀرپور فائدو ورتو. هنن سن 1737ع ڌاران ذري گهٽ سڄيءَ سنڌ تي پنهنجي آزاد حڪمراني قائم ڪري ورتي. پر کين 1740ع ۾ ايران جي نادر شاهه جي طوفاني فوج کي به منهن ڏيڻو پيو هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي کي وڏي جنگي تاوان ۽ خراج ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو. ڪلهوڙا حڪمرانن ٺٽي کي سندس قسمت تي ڇڏي، خدا آباد کي سنڌ جو تخت گاهه بنايو. جڏهن پاٽنجر 1840ع ۾ ٺٽي ۾ آيو، ته ان کي تباهه ۽ برباد ڏٺائين61.

ڪلهوڙن جي حڪمراني، اندروني خلفشار ۽ ٻاهرين حملن سبب سنڌ جيتوڻيڪ ٿوري گهڻي هيٺ مٿي ٿي هئي، پر ان هوندي به زراعت ۽ ادب جي ميدان ۾، سنڌ تمام گهڻي ترقي ڪئي. ڪلهوڙن سنڌ ۾ آبپاشيءَ جي نظام کي ترقي وٺرائڻ واري عمل کي اهميت ڏني. هن دور ۾ ڪيترائي واهه کوٽيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ زراعت جي ڏس ۾ خوشحالي ڪمال تي رسي وئي.

ڪلهوڙا دور جو چٽو ڳڻ اهو آهي، ته هن زماني ۾ عظيم سنڌي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي دور جي ٻين شاعرن جي روايت  کي ڇڏي عام ماڻهوءَ جي ٻولي، سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي، ته جيئن سندس سونهن ۽ تصوف جي فلسفي کي چڱيءَ پر سمجهي سگهجي. سنڌي هڪ پراڻي زبان آهي پر ان کي شاهه عبداللطيف جي جادو صفت شاعريءَ ادبي اظهار جو وسيلو بنائي تمام اُتاهين مقام تي پهچايو. هن شاعريءَ ۾ عام ماڻهوءَ جي سوچ ۾ هڪ انقلابي تبديلي پيدا ڪئي. مذهبي تعليم، سمجهڻ جوڳي بنجي وئي. هن کان پوءِ گهڻن عالمن مذهبي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا.

فارسي ادب ۾، خاص طور تي شاعريءَ ۾، ٺٽي جو حصو گهٽ اهميت جوڳو نه آهي. ٺٽي جي جيتوڻيڪ سياسي اهميت نه رهي هئي، پر سندس علم ۽ ادب ۾ غير معمولي اهميت برقرار رهي. مير علي شير قانع ٺٽوي جهڙو مشهور عالم، تحفہ الڪرام جو مؤلف ۽ مقالات الشعرا جو مصنف ڪلهوڙن جي سونهري دور جي پئداوار آهي. عظيم ٺٽوي ۽ رياض ٺٽوي رڳو فارسي اساسي شاعريءَ جا نقال نه هئا، پر پنهنجي شاعريءَ جي تصنيفن جي اصلي قلم ڌڻين کان به خاص ۽ پڌري حيثيت جا مالڪ هئا، اهي به هن ئي دور جي پئداواText Box: 20
ر هئا62.


*  مرزا جاني بيگ تاريخ 27 ماه رجب 1009هه ۾ احمد نگر ۽ اسير ڳڙهه جا قلعا فتح ڪرڻ کان پوءِ سرسام جي بيماري ۾ مبتلا ٿي اسير ڳڙهه ۾ وفات ڪيائين. (سنڌيڪار)

**مرزا غازي بيگ کان پوءِ سندس سوٽ مرزا محمد عيسيٰ ترخان II به ٺٽي جو غير حاضر گورنر رهيو. (ڏسو صفحو 17) (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org